معيار ڏهون
ڏهين صدي هجريءَ جو ذڪر
شاهه قاسم فيض بخش
هيءُ سيد محمد نوربخش جو سچو جانشين ۽ سندس خليفو هو. سلطان
حسين جي زماني ۾ خراسان ويو. کيس ڏاڍي تعظيم حاصل
ٿي ۽ وري موٽي آيو. شاهه اسماعيل ماضي کيس پڻ تمام
سادات کان ممتاز ڄاتو آهي. سن 981هه ۾ فوت ٿي ويو.
کيس ٻه گوهر فرزند پيدا ٿيا: (1) شاهه شمس الدين ۽
(2) شاهه بهاؤالدوله.
شاهه بهاؤالدوله
هيءُ علم ۾ پوري سادات خاندان ۾ وڌيڪ مرتبو ۽ فوقيت رکندڙ هو.
ابتداء ۾ هرات ۾ تشريف فرما ٿيو. سلطان حسين ميرزا
جو منظور نظر بڻيو. ان کان پوءِ شاهه اسماعيل ماضي
جي سلوڪ سان منسلڪ ٿيو.
شاهه قوام الدين
هيءُ سيد محمد نوربخش جو پوٽو ۽ شاهه شمس الدين جو پُٽُ هو.
پنهنجي ڏاڏي جي وفات کان پوءِ سندس مسند تي متمڪن
ٿيو. پنهنجي اڪابرين جي روش ۽ رتبي کي قائم
رکيائين. ڪافي خلق بتدريج سندس مريد ٿي.
سيد يعقوب و سيد اسحاق
هي ٻئي بزرگ سڳورا، مشهد مقدس جا هئا. سن 901هه ۾ سلطان نظام
الدين جي زماني ۾ سنڌ ۾ وارد ٿيا. يعقوب ڪمالات
سلوڪ جو صاحب ۽ برگزيده مشائخ وقت هو. آڪر ۾ رهندڙ
قوم اڪريه لوهارڪي ڪم ۽ فن جي مهارت رکندڙ هئي.
سندن ذريعہ معاش اهوئي هو. اهي ماڻهو اڃا تائين
سيد يعقوب جي اولاد جي خدمت تي ڪاربند آهن.
سيد صاحب الله جي امر تحت سن 922هه ۾ گذاري ويو.
سندس قبر، ساموئي جي قبرستان ۾ مشهور زيارتگاهه آهي ۽ سندس
اولاد مان ڪي ماڻهو ڳوٺ ”واريءَ“ تعلقي ڪڪراله ۾
مقيم آهن، ڪي ٻين مختلف جاين تي رهن ٿا، جن مان
ٿورا آڪر ۾ به وقت پاس ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪي
وچولي ٺٽي ۾ رهندڙ آهن. سيد اسحاق جي اولاد مان
ڪافي بزرگ ۽ صاحب ڪمال گذريا آهن. پنهنجي وقت ۾
سهڻين خصلتن وارا هئا.
شيخ ڀريو
سندس اصل نالو ويرداس هو. هيءُ اصل برهمڻ هو، مگر مجذوب مؤحد
هو. هو هميشه جهنگن ۽ جبلن ۾ ڳائيندو ۽ جهنگلي
جانورن سان گڏ گذاريندو هو. ماڻهن کان ٽهندو هو.
پوئين وقت ۾ اچي گنجي ٽڪر جي پاسي ۾ رهيو. ماڻهو
هڪڙو هڪڙو ٿي سندس زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ هو هرهڪ
جو دلي مطلب ٻڌائڻ کان سواءِ معلوم ڪري وٺندو هو.
ان جو شافي جواب ڏيندو هو.
حديقة الاولياء جي ليکڪ روايت ڪئي آهي ته آءٌ سندس خدمت ۾ حاضر
ٿيو هئس. هو هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو هو. دل ۾ خيال
آيم ته خبر نه آهي ته هيءُ بيت سندس آهي يا ڪنهن
ٻئي جو چيل آهي. منهنجي پڇڻ کان سواءِ ئي مون کي
چيائين ته هيءُ بيت اسحاق آهنگر لوهر جو چيل آهي ۽
ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون دل ۾ آندم، انهن جو
جواب حاصل ڪيم.
نقل آهي ته هڪ ماڻهو سندس زيارت لاءِ وٽس ويو. هو بکايل ٿي لڳو.
کيس چيائين ته فلاڻي ٿوهر جي وڻ وٽ پيل ديڳ کي کڻي
اچ ۽ ان کي چلهه تي رک. انهيءَ ائين ڪيو ۽ شيخ
ڀريي پٿرين جي هڪ مُٺ ڀري، ديڳ ۾ وجهي مٿانئس ڍڪڻ
ڏئي ڇڏيو. ايتري ۾ جهنگ مان هرڻين جو هڪ ولر آيو ۽
انهن مان کير ڏهي، ديڳ مان نهايت عمدو طعام ڪڍي
کيس کير سان کارايائين.
سندس وفات جو سن 913هه آهي.
سيّد احمد و سيّد محمّد
هي ٻئي سيد عابد مشهدي نقويءَ جا فرزند هئا. سن 910هه ۾ شهر
ساموئي سنڌ، ٺٽي ۾ منزل انداز ٿيا ۽ مغل واڙه ۾
حرمين شريفين جي زيارت جي ارادي سان، درياء جي
موسم جي انتظار ۾ ترسي پيا. قضا الاهيءَ سان سندس
ڀاءُ سيد محمد جيڪو ظاهري ۽ باطني ڪماليت سان
سينگاريل هو، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پٺيان
پنهنجو اولاد ڇڏي ويو. سندس ڀاءُ سيد احمد دل
شڪسته ٿي پيو، جو پاڻ اڪيلو رهجي ويو هو. ان وچ ۾
شاهه بيگ اچي ٺٽي تي قبضو ڪيو. سيد کي لائق ڏسي
سندس عزت ڪيائين. دل شڪسته سيد فوتي ڀاءُ جو مدفن
جو هت هجڻ، سندس اولاد جي بار سبب ۽ سهولتن جي
ميسر ٿيڻ سبب هميشه لاءِ هت رهي پيو. هڪ جماعت جو
ڪامل مرشد بڻجي ويو. پوءِ پنهنجي عمر گذاري لاڏاڻو
ڪري ويو. کيس ڪافي اولاد ٿيو، جنهن بعد ۾ مختلف
هنڌن تي سڪونت اختيار ڪئي.
قاضي محمود هيرپوري گجراتي
هيءُ صاحب سڪر ۽ صاحب ذوق هو. عشق ۽ محبت سندس مشرب هو. جلالت
سندس ڪيفيت هئي. هندي زبان ۾ هن ڪافي بيت ۽ ڪافيون
چيون آهن، جن کي ان علائقي جا اڪثر قوال ڳائيندا
آهن.
روايت آهي ته هيءُ ابتدائي زماني ۾ سلطان مظفر بن سلطان محمد جي
عهد حڪومت ۾ ڏاڍي ٺاٺ باٺ سان رهندو هو. گجرات جي
علائقي ۾ سندس آبائي وطن ڳوٺ هيرپور هو، اتي مستقل
سڪونت اختيار ڪيائين ۽ سنه 920هه ۾ انهيءَ ئي ڳوٺ
۾ وفات ڪري ويو.
روايت آهي ته کيس دفن ڪرڻ وقت جڏهن سندس والد سڳوري ان جي چهري
تان ڪفن جو ڪپڙو هٽائي ديدار ڪيو ته پاڻ اکيون پٽي
مرڪڻ لڳو. اها حالت ڏسي سندس والد فرمايو ته بابا
محمود! هيءُ ته ٻاراڻي ادا آهي، اهو ٻڌي پنهنجيون
اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
سيد قاضي شڪرالله شيرازي
ولد سيد وجہ الدين بن نعمت الله بن سيد عرب شاهه بن امير نسيم
الدين محمد ميرڪ شاهه محدث بن امير جمال الدين
عطاء الله محدث شيرازي باقري.
هيءُ هرات کان قنڌار آيو. اتان شاهه بيگ پنهنجي عقيدت سبب سن
901هه ۾ کيس ٺٽي ۾ گهرايو. جڏهن سمن حاڪمن کان
علائقي کي آزاد ڪرايو ويو، تڏهن شاهه بيگ جي پُٽَ
سيد موصوف کي ٺٽي علائقي جو قاضي مقرر ڪيو. پوءِ
تمام جلد هن قضا جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي ته
مبادا هن اهم ذميداري ۾ مون کان ڪا ڪوتاهي ٿي نه
وڃي. پوءِ سندس عيوض ۾ شيخ احمد اچي هروي کي
گهرائي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويو. شيخ احمد اُچ
جي علمي طبقي ۾ پنهنجي وقت جو معروف دانشمندن مان
هڪ هو، اهو هي عهدو ڇڏي، مسڪيني واري حالت ۾ گذارڻ
لڳو. مگر تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي لباس کي هرگز ترڪ
نه ڪيائين ۽ علم جي طلب ۾ رهيو. آخر ٺٽي جي هڪ
انصار قبيلي جي هڪ بزرگ شخص جي نياڻيءَ سان نڪاح
ڪيائين. انصار قبيلو هن کان اڳ ٺٽي جي محلي سادات
۾ رهندڙ هو، جيڪو هن وقت سيد شڪرالله جي اولاد جو
مسڪن آهي. سيد موصوف به اتي رهڻ لڳو ۽ ڪافي عرصي
گذارڻ بعد، الله جي سڏ تي لبيڪ چوندي، هن دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويو. شاهه عبدالله جي مزار جي الهندي
پاسي کان ٿوري پنڌ تي کيس دفن ڪيو ويو.
روايت آهي ته لاڏاڻي کان اڳ وصيت ڪئي هئائين ته جتي منهنجا
خدام، رشتيدار ۽ گهر واري جيڪا اڳ گذاري وئي آهي،
دفن آهن. مون کي به اتي دفن ڪجو. پر سندس پٽ
پنهنجي پيءُ کي سندس وصيت جي خلاف انصار جي
قبرستان ۾ دفن ڪيو. اهو قبرستان بعد ۾ سندس اولاد
جي نالي ٿيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين آهي. پوءِ ٻئي
ڏينهن ڏٺائون ته ان جاءِ تي قبر جو نشان موجود آهي
مگر قبر نه آهي، پڇا ڪرڻ تي ڪمال وارن مان ڪنهن
ٻڌايو ته هن جاءِ تي اها قبر هئي پر ڪنهن کي ڄاڻ
نه آهي ته سيد صاحب جو مدفن ڪٿي آهي. انهيءَ ڪري
زيارتي ڪابه دلچسپي ان ۾ ڪونه ٿا وٺن. سندس وفات
کان پوءِ سندس مشهور فرزند مير ظهيرالدين والاسلام
عرف مير جادم، سندس جانشين ٿيو. پر جيئن ته سندس
وفات جو سال معلوم ڪونه آهي، انهيءَ ڪري صرف
انهيءَ تي اڪتفا ٿا ڪريون ته سندس وفات انهيءَ ئي
صدي کان ٻاهر ڪونه آهي.
چيو وڃي ٿو ته هن سيد صاحب سان گڏ چار ٻيا باڪمال بزرگ ۽ مشائخ
ٺٽي ۾ آيا هئا. جن جو پاڻ ۾ ڏاڍو اتحاد، پيار ۽
دوستي هوندي هئي، جن جو ذڪر جدا جدا ايندو.
(1) شاهه عبدالله گجراتي قادري حسني ۽
(2) سيد شاهه منبه قادري حسني
(3) سيد ڪمال
(4) سيد جمال
انهن مان ٻه ڀائر شيرازي آهن. مير شڪرالله عليہ الرحمة پنهنجي
اولاد کي وصيت فرمائي هئي ته ضرورت وقت انهن بزرگن
کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن به هرگز نه واجهائجو.
پوءِ سندس اولاد جو اهوئي معمول رهيو. سندن ارادت
۽ اخلاص به انهن ئي بزرگن سان وابسته رهيو.
مخدوم اسحاق
هيءُ اصل هاله ڪنڊي جي ڀٽي قوم مان هو. شيخ بهاؤالدين زڪريا
ملتاني جي خاندان جي مريدن مان هو. پنهنجي وقت جو
برگزيده ولي الله ۽ فضيلت ۽ ڪمال جو بي مثال بزرگ
هو. سندس وفات جي سن جي ڄاڻ نه هئڻ سبب سال تعين
نٿو ڪري سگهجي، البت اهو چئي سگهجي ٿو ته نائين
صدي هجري جي اندر آهي. سندس ٻه پُٽَ نالي مخدوم
احمد ۽ مخدوم محمد پيدا ٿيا.
مخدوم احمد
هيءُ بزگزيده ولي الله هو. اڪثر گوشئه نشيني ۾ رهندو هو، پر
ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي حلقي ۾ به ويهندو هو. مٿس
بيحد وجد ۽ حال طاري ٿي ويندو هو. سندس ڪرامتون هي
آهن:
روايت آهي ته اتان جي هڪ رئيس جو پٽ سخت مهلڪ مرض ۾ مبتلا ٿي
ويو. دعا لاءِ مخدوم صاحب ۽ سندس اهل الله واري
ساري جماعت کي دعوت ضيافت ڪيائين ته جيئن سندس پٽ
جي شفا لاءِ دعا ڪن.
قضا سان جنهن وقت فقرآء طعام کائڻ لاءِ حاضر ٿيا ته سندس پٽ فوت
ٿي ويو. رئيس به الله جو پيارو ٻانهو هو. فقرآء جي
احترام ۽ عزت خاطر ڪنهن به بي صبري ۽ بيقراريءَ جو
اظهار نه ڪيائين ۽ پنهنجي پٽ جي وفات جو به هرگز
اظهار نه ڪيائين. گهر وارن کي به منع ڪري ڇڏيائين
ته جيستائين فقرآء طعام کائي هليا نه وڃن،
تيستائين ڪوبه روڄ راڙو هرگز نه ڪري. متان مهمانن
لاءِ دعوت، مصيبت جو سبب نه بڻجي. اوهان جو روڄ ۽
پريشاني ٻڌي، اهي دعوت ئي نه کائيندا.
دعوت جي طعام کي اڳيان رکڻ بعد مخدوم احمد چيو ته هڪ طبق طعام
تي ٻه ٻه ڄڻا ٿي ويهو. پوءِ ٻه ٻه ٿي کائڻ ويٺا،
ليڪن پاڻ اڪيلو رهجي ويو، پوءِ پنهنجي خادمن مان
بهرا نالي هڪ درويش کي اشارو ڪري چيائينس ته
ميزبان جي پُٽُ کي سڏي اچ ته هو مون سان گڏجي ماني
کائي. چيائون ته هو ته تمام سخت تڪليف جي حالت ۾
آهي. طعام کائڻ ۽ اچڻ جي منجهس قوت ئي ڪونه آهي.
مخدوم چيو ته ان کانسواءِ هرگز نه کائيندس. آخر
حڪم موجب بهرا اوڏانهن ويو ۽ ڏٺائين ته هو زندهه
ويٺو آهي. پوءِ هو اٿي مخدوم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو،
ساڻس گڏجي طعام کاڌائين ۽ اها حقيقت بيان ڪيائين
ته سندس روح کي قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا
هئا. پوءِ مخدوم اتان موٽائي هت آندو آهي.
روايت آهي ته حياتيءَ جي آخري وقت ۾ هو نيرون ڪوٽ ويو. اتفاق
سان هڪ سوناري مجلس سماع ۾ سوز ۽ گداز سان هڪ بيت
پڙهيو. مخدوم اهو ٻڌي بي خودي ۾ اچي دم ڏنو. سندس
لاش کي هالاڪنڊي نيو ويو. نقل آهي ته رستي ۾ سندس
جنازي مان ذڪر جلي جو آواز صاف صاف ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.
هن مخدوم صاحب ظاهري ۽ برزخي علم ۽ باطني علم
مخدوم عبدالرشيد کان حاصل ڪيا هئا.
سندس وفات 936هه ۾ ٿي هئي.
سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ مخدوم فتح الله پنهنجي پيءُ جي گادي
سنڀالي. منجهس به ساڳيون ئي صفتون هيون. وقت جي
اڪابر مشائخ کان فيض حاصل ڪيائين ۽ ارشاد ۽ هدايت
جا سڀئي دروازا کولي ڇڏيائين. هر طبقي جي فيض جي
طالب کي فيض رسائيندو رهيو. پنهنجي طبعي عمر پوري
ڪري گذاري ويو. پوءِ سندس هدايت واري پٽ مخدوم
احمد ثاني سندس گادي وسائي. اهو به سندس اولاد مان
برگزيده بزرگ ۽ صاحب ڪرامات هو.
مخدوم محمّد
هيءُ مخدوم اسحٰق جو ٻيو نمبر فرزند هو. علوم ظاهري جي تحصيل
کان پوءِ باطن جي تصفيه ڏانهن متوجه ٿيو. پنهنجو
اڪثر وقت خلق الله جي خدمت ۾ صرف ڪندو هو. شريعت
جي خلاف ورزي هرگز برداشت نه ڪندو هو.
روايت آهي ته هڪ دفعي ڪنهن ضرورت سبب ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين کيس
چيو ته تنهنجي ڀاءُ احمد جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم ۽
ان جي زيارت ڪرڻ جو به بيحد شوق اٿم. هاڻي تون به
هت رهي پئه ۽ ان کي به گهراءِ هتي رهو. فرمايائين
ته منهنجي ڀاءُ کي نه منهنجي پرواهه آهي ۽ نه وري
تنهنجي پرواهه رکندو. اڃا اها گفتگو هلي رهي هئي
ته ايتري ۾ مخدوم احمد به اچي، ان مجلس ۾ وارد
ٿيو. ڄام کيس ڏسي ڏاڍو متاثر ۽ معتقد ٿيو. سندس
ڪافي خدمت ڪيائين اتان واپسي وقت مخدوم احمد
پنهنجي ڀاءُ کي احوال ٻڌايو ته آءٌ زمين جو سير و
سفر ڪندو هالاڪنڊي ۾ پهتس. ٽپهريءَ نماز اتي ادا
ڪيم. مخدوم محمد کيس چيو ته اوهين مختار آهيو.
منهنجو سلوڪ ۽ خدمت في سبيل الله آهي. آءٌ اوهان
مان هٿ نه ڪڍندس. پوءِ ان بزرگ جو اولاد سلوڪ جا
سالڪ ۽ عرفان جا عارف ٿيا.
مخدوم عبدالرشيد
هيءُ هڪ وڏو عالم ۽ ڪامل متقي شيخ هو. ڪيترن ئي بزرگن کي سلوڪ ۾
تڪميل ڪرائي هئائين. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جي
طريقت تي هلندو هو.
درويش زڪريا
هيءُ مٿي ذڪر ڪيل مخدوم اسحاق جو ڀائيٽو هو. هدايت ۽ سلوڪ ۾
ڪامل ولي الله هو.
مخدوم يوسف طبويہ
هيءُ سنڌ جي زاهدن ۾ ڪامل زاهد هو. سنڌ جي معروف عارفن کان سلوڪ
جو فيض حاصل ڪيو هئائين. سندس وفات جو سال 938هه
آهي.
جمالي
سندس نالو جلال ۽ تخلص جمالي هو. مولانا سماء الدين جو مريد هو.
مولوي جاميءَ جي به صحبت حاصل ڪئي هئائين. سندس
وفات جو سال 942هه آهي.
شاهه جهانگير هاشمي
هيءُ شاهه حبيب جي اولاد مان هو. شاهه حبيب جو اڳتي بيان ايندو.
پنهنجي پيءُ جي طرف کان سندس نسب چئن واسطن سان
شاهه قاسم انوار سان وڃي ملي ٿو ۽ ماءُ جي طرف کان
شاهه نعمت الله نوربخش سان ملي ٿو. مرزا شاهه حسن
جي ابتدائي دور ۾ هيءُ خراسان کان سنڌ ۾ آيو ۽ بکر
۾ اقامت پذير ٿيو.
مظهرالآثار، جواب تحفة الاحرار ۽ مخزن الاسرار سندس ئي ڪاوشن جو
نتيجو آهن. سن 946هه ۾ حجاز جي سفر لاءِ اُسهيو ۽
ڪيچ مڪران جي رستي ۾ شهادت حاصل ڪيائين.
شيخ عبدالله متقي
هيءُ مولانا سعد جو فرزند هو. هيءُ علم حديث ۾ بينظير ۽ طريقت ۾
مشهور هو. هيءُ سنڌ کان لڏي گجرات هليو ويو، جتان
قاضي عبدالله سان گڏجي حرمين شريفين هليو ويو ۽
پنهنجا پويان پساهه اتي پورا ڪري گذاري ويو. هر
علم ۾ سندس ڪتاب آهن.
سندس وفات جو سال 947هه آهي.
سلطان شاهه جلال الدين قريشي
هيءُ عجيب حالات، ڪيفيت ۽ مقامات جو مالڪ ۽ مجذوب هو. هميشه
پيرن ۽ مٿي اگهاڙو رهندو هو. صرف اُوگهڙ ڍڪجڻ
جيتري پوشاڪ پائيندو هو. جهنگن ۽ بيابانن ۾ گهمندو
ڦِرندو رهندو هو. بيشمار علمن جو ڄاڻو هو. علوم
عقلي، نقلي، رسمي ۽ حقيقي جو ذڪر بخوبي ڪندو هو.
روايت آهي ته هڪ ڏينهن سندس آڏو ڪيميا جو ذڪر ڪيو ويو.
فرمايائين ته ٿُڪ آهي ڪيميا تي. جيئن جو ٿُڪ
اُڇلايائين ته اها ٿُڪ هڪ ٽامي جي ٿانوَ ۾ وڃي
پئي، جيڪو ڀرسان رکيل هئس. پوءِ اهو سارو ٿانو سون
ٿي ويو.
چند سال دهلي ۽ آگري ۽ ان جي آسپاس گذاريائين. سندس عمر پنجويهه
سال هئي ۽ انهيءَ ٿورڙيءَ عمر ۾ ايڏي وڏي علم جو
حاصل ٿيڻ هڪ غيبي امداد جي عنايت آهي.
سندس وفات جو سن 918هه آهي ۽ سندس قبر مندو جي هڪ ڳوٺ ۾ آهي.
مخدوم رڪن الدين(1)
هيءُ مخدوم متو جي نالي سان مشهور هو. مخدوم بلاول ٽلٽي واري جي
خليفن مان هڪ هو. سنڌ جي اعليٰ مشائخ ۾ شامل هو.
بلند همت هو، هميشه عبادت ۽ وظائف ۾ مشغول هوندو
هو. زهد ۽ تقويٰ جي راهه جا شائق، هدايت ۽ ارشاد
جي طريقي جا طالب سندس ڏاڍا مريد ۽ معتقد هوندا
هئا ۽ حديث جي علم ۾ کيس ڏاڍي مهارت حاصل هوندي
هئي. شرح اربعين، شرح گيلاني ۽ ڪي ٻيا سندس تصنيف
ڪيل رسالا مشهور آهن.
همايون بادشاهه جي دور ۾ ٺٽي ۾ سال 949هه ۾ گذاري ويو ۽ مڪلي
ٽڪري تي کيس دفن ڪيو ويو.
مخدوم ميران
هيءُ مولانا يعقوب جو فرزند هو. علوم منقول ۽ معقول ۾ جامع هو.
راهه سلوڪ ۾ مڃيل هو. مرزا شاهه حسن ارغون کي به
چند مفيد سبق ڏنا هئائين. اڪثر طلباء سندس علم جي
ٻاريل شمع مان روشني حاصل ڪندا هئا.
سندس فوت ٿيڻ جو سن 949هه آهي، ”علامه وارث الانبياء“ جي عدد
مان تاريخ ڪڍي وئي آهي ۽ سندس مدفن مڪلي ٽڪري تي
آهي.
سيد عالم علي قوام جونپوري
هيءُ صاحبِ وجد و سماع ۽ ڪرامات عاليه جو به مالڪ هو. خواجه
معين الدين چشتي جي سلسلي سان مربوط هو. شيخ
بهاؤالدين جونپوري جو مريد هو. ٽن واسطن سان شيخ
نصيرالدين محمود سان وابسته هو.
هو پنهنجي ڳالهه ٿو بيان ڪري ته مون سيد الانام عليہ الصلوٰة
والسلام جن کي خواب ۾ ڏٺو. فرمايائون ته علي! نعمت
جو اظهار ته علي الاعلان ڪندو رهين ٿو، ليڪن خلق
الله جي خبرگيري نه ٿو ڪرين. عرض ڪيم يارسول الله
ﷺ اگر نعمت عطا ٿيل آهي ته به اوهان جي طفيل آهي ۽
اگر اظهار باعلان آهي ته به اوهان جي ذات آهي. علي
ويچاري جي ڪهڙي حيثيت. فرمايائون ته دعا ڪر،
تنهنجي دعا انهن جي حق ۾ قبول ٿيندي.
هيءُ سال 951هه ۾ فوت ٿي ويو.
مولانا يونس سمرقندي
ارباب علم و عرفان جو پيشوا هو. سنڌ ۾ شاهه حسن مرزا وٽ آيو ۽
شرح مواقف ۽ ٻين علمن جو درس ڏيندي پنهنجي حياتي
پوري ڪيائين. هيءُ سال 951هه ۾ فوت ٿي ويو.
سيد ابراهيم ايرجي قادري
هيءُ پنهنجي وقت جي مشهور دانشمندن مان هو. علوم عقلي ۽ علوم
نقلي جو حامل هو. دهليءَ جي تمام دانشمندن جو
پيشوا هو. طريقت ۽ سلوڪ ۾ حضرت نظام الدين اولياء
کان خرقه حاصل ڪيو هئائين.
سندس مدفن، امير خسرو دهلوي جي مزار جي پوين پاسي ۾ آهي. سندس
وفات سن 953هه ۾ ٿي.
سيد ابراهيم ايرجي قادري جو نسب شيخ عبدالقادر جيلاني سان هن
ريت ملي ٿو: هو شيخ بهاؤالدين حسني شطاري قادري ۽
هو شيخ احمد حلبي قادري ولد سيد موسيٰ ۽ هو سيد
موسيٰ قادري ۽ هو سيد عبدالقادر ولد سيد موسيٰ ۽
هو سيد حسن ولد ابي نصر قادري ۽ هو شيخ عبدالرزاق
۽ هو وري پنهنجي والد سڳوري حضرت غوث الثقلين قدس
اسرارهم.
شيخ امان پاڻي پتي
سندس نالو عبدالمالڪ ۽ لقب امان الله هو. پاڻ هڪ صوفي ۽ توحيد
پرست عالم هو. شيخ ابن عربيءَ جي پوئلڳن مان هو.
توحيد جي مسئلي ۾ شافي ۽ توحيد جي بيان ڪرڻ ۾ ماهر
هو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عدل ۽ انصاف موجود هجي ها ته آءٌ هن علم
توحيد کي منبر تي چڙهي اهڙيءَ طرح وضاحت سان بيان
ڪريان ها، جو ڪنهن کي به انڪار ڪرڻ جي گنجائش نه
رهي ها. هن هڪ رسالي نالي ”اثبات الاحديه“ لکيو
آهي ۽ مولانا جامي جي ڪتاب لوائح جي ڪافي مفصل شرح
لکي آهي.
روايت آهي ته نماز ۾ بيهڻ وقت سوره فاتحه جي آيت اِيَّاکَ
نَعۡبُدُ وَاِيَّاکَ نَسۡتَعِيۡنُ پوريءَ طرح هرگز
نه پڙهي سگهندو هو. ان کي بار بار دهرائيندو رهندو
هو. نماز شروع ڪرڻ سان ئي سندس چهري جو رنگ ڦري
پيلو ٿي ويندو هو. منجهس قيام ڪرڻ جي طاقت نه
رهندي هئي.
شيخ محمد حسين جو مريد هو. شيخ مودود لياريءَ جو شاگرد هو. اڪثر
سلسلن سان تعلق رکندو هو. سندس مشرب قلندريه هو.
قادري مسلڪ ۾ ٻن واسطن سان شيخ نعمت الله قادري
تائين پهچي ٿو. سڀني مسلڪن مان مسلڪ قادري مٿس
غالب هو. سال 957هه ۾ گذاري ويو.
سندس شاگرد ۽ مريد ڪافي هئا، جن مان خاص هي آهن:
شيخ تاج الدين زڪريا
هيءُ اجوڌني هو. حسن اخلاق، معرفت ڪتب تصوف ۽ توحيد ۾ پنهنجي
شيخ جي طريقي تي هو. آخر ۾ شيخ محمد اسلم سگزي جي
صحبت ۾ رهيو.
شيخ حسين چشتي
هيءُ خوشخطي، مزاج جي سخاوت ۽ شعر گوئي ۾ امتيازي حيثيت رکندڙ
هو.
مولانا حسين
هيءُ اجوڌن جو رهندڙ هو. مهرن تي نقش نگاري ۽ خطاطي ۾ ماهر هو.
جيتوڻيڪ هيءُ مريد شيخ بهلول جو هو، ليڪن پنهنجي
شيخ ۾ به ڀرپور اعتقاد رکندڙ هو.
قاضي قاضن(1)
هيءُ قاضي ابوسعيد بن قاضي زين الدين جو فرزند هو.
بيشمار فضيلتن جو مالڪ هو.
”پاڻ علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، رسمي علمن کان دل برداشته ٿي
ويو هو. منجهس دنيا جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڳولا
لاءِ تڙپ پيدا ٿي. تزڪيه نفس ذريعه ان راز کي به
سمجهي ورتائين ۽ شين جي حقيقت کي پاڻ ڄاڻي
ورتائين. هي چند جملا سندس فڪر جو حاصل مطلب آهن.
جن کي سندس زبان ۾ پاڻ پنهنجي ملڪ جي طرز تي
جوڙيائين.
(1) پاڻ فرمايائين ته ڪنز ۽ قدوري پڙهڻ سان معرفت جي مهڪ ذري
برابر به منهنجي دماغ ۾ نه آئي، هن عالم کان هٽڻ
کان پوءِ ئي مطلب حاصل ٿيو.
(2) ”لا“ ڪنهن جي نفي ٿو ڪري جڏهن ماسويٰ حق جي ڪابه هستي نه ٿو
رکي.
(3) اسان اجايو محتاج آهيون، اگر غور سان ڏٺو وڃي ته اهي انسان
اسان ئي آهيون.
ان جهڙيون ٻيون به سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي لکڻ کان
گهڻيون آهن. ڪنهن به ڳالهه جو اصل لطف ان جي زبان
سان ئي مخصوص آهي. جنهن زبان جي اها ڳالهه آهي،
ترجمي ڪرڻ سان اهو لطف حاصل نه ٿو ٿئي. شيخ
ابراهيم ابن عمر سنڌي جنهن جي قبر جو قبو برهانپور
جي اتر ۾ آهي. سندس عقيدتمندن مان آهي.
سندس شعرن جي مقبوليت جو اندازو هڪ ٻئي واقعي مان به ٿئي ٿو.
جنهن مان گمان غالب آهي ته حضرت مسيح اولالياء و
مسيع القلوب شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم
برهانپوري خواب ۾ پنهنجي والد محترم شيخ قاسم محدث
سنڌي پاٽائي کي جيڪو شعر پڙهندي ٻڌو. اهو قاضي
قادن جوئي هو. ڇو جو قاضي قادن جي باب ۾ بيان ڪيل
شعر جو مفهوم ۽ ان ڪتاب ۾ هيٺين واقعي جي مفهوم ۾
يڪسانيت معلوم ٿئي ٿي. غوثي گلزار ابرار ۾ شيخ
قاسم محدث پاٽائي جي احوال ۾ لکي ٿو:
”نيز مسيح القلوب (شيخ عيسيٰ) چوندو هو. جڏهن شهنشاهه اڪبر
منهنجي مرضيءَ جي خلاف ازلي مشيئت موجب برهانپور
کان درالسلطنت آگره وٺي ويو. ته ڪجهه ڏينهن
کانپوءِ مون پنهنجي پيءُ کي خواب ۾ ڏٺو. جنهن سنڌي
زبان ۾ هڪ شعر پڙهيو. جنهن جو مفهوم هي هو:
”اي فرزند توکي لفظ ”لا“ سان گڏ وچان هٽائي نيست ڪري ڇڏيو آهي.
مگر تون اڃان پنهنجي ذات ۾ پنهنجي وجود جو گمان
رکين ٿو.“
جڏهن آءٌ جاڳيس ته ان اشاري سان دل ۾ خيال پيدا ٿيو، ته پنهنجي
رهائي لاءِ تفڪر جي ذريعي سان تدبير ڪندي زبان سان
بيان ڪرڻ، ان سان فنا جو مقصد حاصل نه ٿو ٿئي.
بلڪه ائين ڪرڻ دراصل تسليم ۽ رضا جي مرتبي کان پاڻ
کي شڪوه ۽ شرڪ جي هستي ۾ وجهڻ آهي. ان ڪري اهو
رستو ئي ڇڏي ڏجي. اهڙي طرح دل کي سڪون حاصل ٿيو.
هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ وطن ورڻ جي اجازت ملي
وئي.“
جيئن ته گمان غالب آهي ته مٿي بيان ڪيل بيت قاضي قادن جوئي آهي
ته پوءِ ان سنڌي بيت جي پڙهڻ سان حضرت مسيح
الاولياء جي قلب کي تسڪين ميسر اچڻ ۽ اڪبر جي
رفاقت سبب دل تي جيڪو بوج ٿي پيو هو. ان جو هڪدم
ختم ٿيڻ هڪ طرف پڙهڻ واري بزرگ جي روحاني تصرف کي
ثابت ٿو ڪري ته ٻئي پاسي بيت جي تاثير ۽ معياري
هجڻ لاءِ دليل بڻجي ٿو. اصل شعر آهي:
توکي توڙ ائين ”لا“ سين لاٿائون
اڃان پڻ ”آئون“ واريو وجهين وچ ۾.
سنڌ ۾ قاضي قادن جي موجودگيءَ جو ثبوت محرم 926هه ۾ ملي ٿو،
درياهه خان جي شهادت کان پوءِ شاهه بيگ ٺٽي شهر تي
قابض ٿيو. مغل به 20 محرم تائين شهر ۾ لُٽ مار
ڪندا رهيا. ماڻهن جا اهل و عيال اسير ٿيا. پر قاضي
قادن جي ڪوشش سان اها غضب جي باهه سرد ٿي. ٿيو
ائين جو قاضي جو پنهنجو اهل و عيال پڻ اسير ٿي
ويو. جنهن کي هو پاڻ ٺٽي جي ڳلين ۾ تلاش ڪري رهيو
هو، جڏهن انهن کي ڪٿي به نه لڌائين، ته حالات کان
متاثر ٿي شهر جي حالت زار کي هڪ عريضي ۾ قلمبند
ڪيائين. اهو خط امام حافظ محمد شريف، شاهه بيگ جي
خدمت ۾ پيش ڪيو. ان خط سان قاضي قادن جي تحريري
صلاحيتن جو اندازو ٿئي ٿو. ڇو جو اهو خط پڙهي شاهه
بيگ جي دل تي گهرو اثر ٿيو. جنهن منادي ڪرائي ته
هاڻي ٺٽي جي ماڻهن کي ڪير به هٿ نه لائيندو. ان
کان پوءِ پنهنجي ترڪش مان هڪ تير ڪڍي قاضي قادن جي
حوالي ڪيائين ۽ پنهنجا همراهه ساڻس گڏي حڪم صادر
ڪيائين ته هو جنهن جي طرف به اشارو ڪري اهو همراهه
هن جي حوالي ڪيو وڃي.
قرآن ڪريم جو حافظ ۽ قرائت جي علم جو ڄاڻو هو. فقہ،
تفسير حديث، تصوف ۽ انشاء پردازيءَ ۾ ڪافي مهارت
حاصل هئس. سلوڪ جي راهه ۾ ڏاڍيون رياضتون ڪيون
هئائين. حرمين شريفين جي زيارت ڪري پوءِ ڏاڍو سير
۽ سفر ڪيو هئائين. آخر سيد محمد مهدي جونپوري جي
مريدن جي جماعت ۾ داخل ٿيو، جنهن ڪري ظاهر جا
علماء مٿس طعن ۽ تنقيد ڪرڻ لڳا. مرزا شاهه حسن
ارغون کان بکر قضا جو عهدو وٺي وڃي، پنهنجي ڏاڏي
جي اباڻي جاءِ تي پهتو ۽ جڏهن وڏي عمر ۾ پهتو ته
پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي، پنهنجي ڀاءُ قاضي
نصرالله جي حوالي ڪري ڇڏيائين ۽ سن 958هه ۾ گذاري
ويو.
927 جي آخر ۾ جڏهن شاهه بيگ بکر پهتو ته قاضي قادن پنهنجي
ڀائرن کي وٺي استقبال لاءِ حاضر ٿيو. شاهه بيگ هڪ
سال بکر ۾ ترسيو. ان دوران قاضي قادن بحيثيت اهم
مشير ڪم ڪيو، جيئن ته هو بکر جي قلعي ۽ شهر ۾ وڏي
حيثيت رکندڙ هو. ان ڪري آسپاس جي علائقي جا فيصلا
پاڻ ئي ڪندو هو. مير معصوم لکي ٿو ته شاهه حسن کيس
انهيءَ علائقي جو قاضي مقرر ڪيو، هو وڌيڪ لکي ٿو:
”ان کان علاوه هو سيد محمد جونپوري جيڪو ميران جي لقب سان مشهور
هو، جي عقيدتمندن ۾ شامل هو. انڪري ڪجهه علماء کيس
تنقيد جو نشانو بڻايو. شاهه بيگ جي هن دارالفنا
مان لڏڻ کان پوءِ مرزا شاهه حسن جو منظور نظر ٿيو
۽ آسپاس جي علائقي جي قاضي جا فرض سرانجام ڏيندو
رهيو. آخر ان عهدي تان استعفا ڏنائين. جنهن کان
پوءِ اهو عهدو سندس ڀاءُ قاضي نصرالله جي حوالي
ٿيو. قاضي قادن جي وفات سن 958هه ۾ ٿي.“ (تاريخ
معصومي)
قاضي قادن جي بيتن جا ماخذ:
قاضي قادن ٺٽي ۾ ڪجهه عرصو مقيم رهيو. سندس شعرن کي اُتي وڏي
مقبوليت حاصل ٿي. جتان شاهه عبدالڪريم بلڙي واري ۽
شاهه عبداللطيف ڀٽائي تائين سندس شعر پهتا. جن مان
ڪجهه بيان العارفين ۽ شاهه جو رسالي ۾ موجود آهن.
هڪ عرصي تائين عام پڙهندڙن تائين اهو تاثر قائم رهيو ته سنڌي
شاعري اوچتو ظاهر ٿي ۽ هڪ خاص منزل تائين عروج
حاصل ڪيائين. پر ويهه پنجويهه سال اڳ هريانه جي هڪ
ڳوٺ جي ”مٺ“ مان مليل سؤ کان وڌيڪ شعر هيرو ٺڪر جي
ذريعي منظر عام تي آيا. قاضي قادن جي انهن شعرن جي
طرز حضرت شاهه عبدالڪريم ۽ شاهه عبداللطيف جي
رسالن جي بنيادن کي واضح ڪري ڇڏيو.
گلزار ابرار ۾ قاضي قادن جي شعرن جو نثري ترجمو انهن جو
هندستاني علائقن ۾ شهرت جو هڪ ٻيو واضح دليل آهي،
قاضي قادن جي انهن 116 ناياب بيتن (جيڪي هيرو ٺڪر
جي تحقيق کان پوءِ 112 آهن). هريانوي ۽ هندي
زبانن، جي مصنف شري راجا رام شاستري کي هريانه
صوبي ۾ روهتڪ شهر جي ويجهو رانيلا نالي ڳوٺ جي هڪ
”مٺ“ (مندر) مان ”سنتون کي واني“ ڪتاب ۾ نظر آيا.
جنهن کان پوءِ هيرو ٺڪر انهن شعرن کي ديوناگري مان
سنڌي رسم الخط ۾ آڻي اهل سنڌ لاءِ وڌيڪ تحقيق جون
بنيادون وڌيون.
درويش دادو ديال جيڪو قاضي قادن کان پوءِ احمد آباد ۾ پيدا ٿيو،
هن پنهنجي گرنٿ ۾ قاضي قادن جي ڪيترن ئي بيتن کي
شامل ڪيو آهي، ان کان پوءِ ٻين به ڪيترن ساڌن ائين
ڪيو. هينئر تائين ڪل چار گرنٿ مليا آهن، جن ۾ قاضي
قادن جا شعر موجود آهن. انهن گرنٿن کي ملائي ڪل 10
اهڙا ماخذ حاصل ڪيا ويا آهن، جن ۾ قاضي قادن جا
بيت يا ذڪر موجود آهي:
(1) تذڪره قطبيه، (2) گلزار ابرار، (3) بيان العارفين، (4) شاهه
جو رسالو، (5) حڪايات الصالحين، (6) ملفوظات خزانة
المعرفت، (7) جيپور گرنٿ، (8) سنتون کي واني، (9)
ڪتاب ورڌ، (10) جيپور گرنٿ.
سيد عبدالاوَّل
هيءُ علاءالحسنٰي جو فرزند هو. سيد محمد گيسودراز جي
اولاد مان ڪنهن جو مريد هو. ان کان سواءِ سڀئي علم
عقلي، نقلي، رسمي ۽ حقيقي علمن ۾ ڪامل ۽ وڏو
دانشمند هو. اڪثر علمن جي ڪتابن جي پاڻ تصنيف ڪئي
اٿائين. وڏي عمر جو ٿي چڪو هو. سندس وڏا اصل ڳوٺ
زيدپور علائقي جونپور جا ويٺل هئا. هيءُ دکن ۾
ڄائو. آخري عمر ۾ گجرات ويو ۽ اتان حج تي ويو ۽
موٽي اچي وري به گجرات ۾ رهيو. بيرخان جي استدعا
تي دهلي هليو ويو. دهليءَ ۾ تقريباً ٻه سال زندهه
رهيو. آخر سن 968هه ۾ گذاري ويو. سندس قبر قلعي
اندر ڪسڪ نور وٽ قبرستان ۾ آهي.
سيد سلطان شاهه برقع پوش
سندس لقب لوڌي هو. ڳوٺ هاله، واقع علائقي ساڪرو ٺٽي جو رهندڙ
هو. وقت جو برگزيده بزرگ ۽ معروف مشائخ مان هو.
سندس اصل وطن جي معلومات نه آهي. البته سندس وفات
970هه کان پوءِ آهي. سيد بدرالدين مازندراني جڏهن
هت وارد ٿيو ته سيد سلطان کيس اتي ئي رهايو. سيد
سلطان کي پُٽَ جي اولاد نه هئي. کيس صرف هڪ نياڻي
هئي، جنهن جو نڪاح سيد بدرالدين سان ڪرائي کيس گهر
ناٺي بڻايائين. لوڌي خاندان سندس ئي ڏهٽن مان آهي.
شاهه طبيب
هيءُ سادات مان صاحب ڪرامات هو. شيخ زين الدين خوافي جو مريد
هو.هرات ۾ سال 959هه ۾ وفات ڪري ويو.
شيخ علي متقي
هيءُ سلوڪ ۾ قادري، شاذلي، مدني ۽ چشتي طريقو رکندڙ هو. سندس
وڏا جونپور ۾ گذاري ويا ۽ سندس والد برهانپور ۾
گذاري ويو. سندس والد ننڍپڻ ۾ ئي کيس شاهه باجن جي
خدمت ۾ دعا لاءِ کڻي آيو هو. پوءِ جلد هو فوت ٿي
ويو هو.
شيخ علي متقي پنهنجي جوانيءَ جي وقت ۾ مندو شهر ۾ آيو. ڪجهه وقت
شاهه جي خدمت ۾ رهي سلوڪ جا سبق سکيائين. آخر پاڻ
ئي سلوڪ تي ڪاربند رهيو پوءِ منجهس هدايت جي جذبي
جا آثار نمايان نظر آيا. شيخ عبدالحڪيم ابن شاهه
باجن جي خدمت ۾ حاضر ٿي نئين سر سندس مريد ٿيو ۽
کائنس چشتي سلسلي ۾ خرقه خلافت حاصل ڪيائين. ان
کان پوءِ ملتان ۾ اچي شيخ حسام الدين متقي سان
ملاقات ڪيائين. ٻه سال سندس خدمت ۾ رهي تفسير
بيضاوي ۽ ڪتاب عين العلم جو دور سندس آڏو ڪيائين.
انهيءَ وچ ۾ حرمين شريفين ڏانهن وڃڻ جو سندس نصيب
کلي ويو. اتي اوليآء زمان شيخ ابوالحسن بکري جي
صحبت اختيار ڪيائين ۽ ان جوئي شاگرد بڻيو. ٻين به
ڪيترن ئي اوليآء ۽ علماء سان مجلسون ڪيائين ۽ شيخ
محمد بن محمد بن سخاوي کان سلسله قادريه جو خرقه
خلافت ورتائين. شاذليه طريقه جي خلافت جو خرقه
نورالدين علي شاذلي کان حاصل ڪيائين. سلسله مدينته
جو خرقه خلافت ابو مدين مغربي کان ورتائين. مڪہ
مڪرمہ ۾ ئي اقامت پذير ٿيو.
اطاعت ۽ مجاهده جي وسيلي ديني علوم جي روشني کان مستفيض ٿيو.
سندس تصانيف مان ڪتاب جامع صغير ۽ ڪتاب جمع
الجوامع قابل قدر آهن. شيخ جمال الدين سبوحي جي گڏ
ڪيل احاديث کي حروف تهجي سان ترتيب ڏئي، پاڻ سڳورن
ﷺ جي اقوال ۽ سنتن جي رونمائي ۾ ان کي سلسليوار
بڻائي سنڌ جي علماء طبقي جي آڏو پيش ڪيائين. انهن
مان مڪرر احاديث کي ڪڍي ڇڏيائين. پڻ ٻيا به
ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب تصنيف ڪيائين، جيڪي سالڪان
طريقت لاءِ سَنَد ۽ طالبان آخرت لاءِ دستور آهن.
سندس پهرين تصنيف رسالہ سنن الطرق آهي، جنهن جي
تصنيف لاءِ کيس غيبي الهام ٿيو هو. سندس ٻيو
مجموعه حِڪم ڪبير آهي، جيڪو امام نافع جي تصوف جي
ڪتابن جو خلاصو آهي. شيخ ابن حجر مڪي، باوجود علم
حديث ۾ استاد هجڻ جي پنهنجون مشڪلات ان ڪتاب مان
ئي حل ڪندو هو. آخر ان کان خرقو پاتائين. سندس
وفات سال 965هه ۾ ٿي.
درويش راجه ستيه دل
هيءُ مطلق مجذوب ۽ واصل بحق هو. سندس مٿو ۽ پير سدائين اگهاڙا
رهندا هئا ۽ ڪڏهن به هڪ جاءِ تي ٽڪاء ڪونه ڪندو
هو. جيڪو به سندس زبان مان نڪري ويندو هو سو بلڪل
ٿي ويندو هو.
روايت آهي ته هڪ دفعي ڪيچ جي علائقي ۾ پهتو، ڏٺائين ته ڳئن جو
ڌڻ بيٺو آهي، پوءِ مالڪن کان ٿوري کير جي طلب
ڪيائين. ڌنار مرد ڪونه هئا زالون هيون، اهي زالون
درويش سان بي ادبيءَ سان پيش آيون. درويش جوش ۾
اچي هڪ نعرو هنيو ۽ هليو ويو. اتفاق ٿيو جو اهي
ڳئون جيڪي گابن سان گڏ بيٺل هيون، ڇوڙائي غائب ٿي
ويون پورو هڪ سال سندن ڪوبه نشان يا ڏس پتو نه
پيو. پورو سال گذرڻ بعد درويش وري ساڳي جاءِ تان
اچي لنگهيو. انهن عورتن کيس سڃاتو ۽ ڊوڙي وڃي
پنهنجن مردن کي ٻڌايائون. مرد ڀڄندا انهيءَ وٽ آيا
۽ زاري ۽ توبہ ڪيائون. درويش کي پيرن تي هٿ رکي
کيس پنهنجو حال زار ٻڌايائون. کين چيائين ته اوهان
وڃو ڳئن جي لاءِ ڪلن کي کوڙڻ ۽ رسن ٻڌڻ جو بندوبست
ڪيو ۽ شام جو سارو ڌڻ اوهان وٽ موٽي ايندو. پوءِ
سموريون ڳئون موٽي آيون. ڌنارن کان پڇيو ويو ته
ايتري مدت اوهان ڪٿي هئا؟ چيائون ته اسين معمول
مطابق صبح جو ويندا هئاسون ۽ شام جو موٽي ايندا
هئاسون. سندس وفات جو سال 977هه آهي ۽ سندس مدفن
ڳوٺ رايدان علائقي لندان ۾ آهي.
شاهه قطب الدين محمّد
هيءُ شاهه محمود بن شاهه طيب جو فرزند هو. خراسان جي اڪابرين ۽
معزّز سادات مان هو.
عهد ترڪمانيه کان پوءِ هيءُ بکر شهر ۾ ساڪن ٿيو. هر جمعي تي
مخلوق کي پنهنجي واعظ ۽ نصيحت سان بهرمند ڪندو هو.
نهايت متقي ۽ پيرهيزگار هوندو هو. شرع جو ڏاڍو
پابند هوندوهو. سلوڪ ۾ به ڪامل هو. ميرزا شاه حسن
کيس بکر جي شيخ الاسلام جو عهدو ڏنو، جنهن تي مدت
تائين قائم رهيو.
آخر سن 977هه ۾ موت جي پرواني کي لبيڪ چئي گذاري ويو، سندس
تاريخ وفات ”واعظ“ جي عدد مان حاصل ڪيائون.
مخدوم عربي ڌياڻو
پير آسات جو ڀاءُ هو، جيڪو مڪليءَ ۾ مدفون آهي. سندس ذڪر هن ريت
آهي:
چيو وڃي ٿو ته هن هڪ هنڌ ويهي، قرآن شريف جا 140 ختم ڪڍيا هئا.
ايڏو ته خوش الحان هو، جو جڏهن قرآن شريف پڙهڻ
شروع ڪندو هو ته پکي اڏامڻ کان ۽ پاڻي وهڻ کان بس
ڪري بيهي رهندا هئا. هڪ ڏينهن پنهنجي خانقاه ۾
ويٺو هو ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گج سان ڀرجي آيو
۽ انهيءَ مان چند پاڻيءَ جا قطرا به ٽمندا رهيا.
پوءِ هڪ حال محرم، خادم، عاجزيءَ سان هن راز جي
کانئس حقيقت پڇي. فرمايائين ته منهنجو پٽ بايزيد
حجاز جي سرزمين ۾ منهنجي معتقدن جي ٽولي سان گڏ
ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي، اوچتو ٻيڙي ڪُنَ ۾ غرق ٿيڻ
لڳي. انهيءَ جماعت منهنجي پُٽَ کي سفارشي بنائي
دعا لاءِ عرض ڪيو، پوءِ مون انهيءَ ٻيڙيء کي ڪُنَ
مان ڪڍي ڪناري تي صحيح سلامت پهچايو. ٿوري وقت کان
پوءِ اُهي ماڻهو پهتا ۽ نذر کڻي آيا ۽ ٻڌايائون ته
جڏهن اسان ٻيڙي مان آسرو پليوسون، تڏهن هڪڙي غيبي
هٿ، اسان جي ٻيڙيءَ کي ڪُنَ مان ٻاهر ڪڍي ڪناري تي
پهچايو.
هيءُ آخر سن 980هه ۾ گذاري ويو ۽ هالاڪنڊي شهر ۾ مدفون آهي.
مخدوم بايزيد
مخدوم عربيءَ جو فرمانبردار فرزند هو. پنهنجي پيءُ جي سنت تي
هليو ۽ ان کان پوءِ سندس سلوڪ ۽ ارشاد واري گاديءَ
تي نيڪ نامي سان فوت ٿي ويو.
شيخ ڪمال پائيلي
هيءُ سرهند علائقي جي شهر پائيلي جو رهاڪو هو. اهو ڳوٺ سرهند
کان تقريباً چئن ميلن جي پنڌ تي هو. هيءُ الله
تعاليٰ جي محبوب بندن مان هڪ هو، ۽ سندس مشرب
اُويسي هو. ظاهري نسبت شيخ فضل سان هئس. سندس آخري
واسطو سيد الجن والانس شيخ عبدالقادر جيلاني قدس
سره تائين پهچي ٿو يعني:
سندس نسبت شيخ فضل سان ان جي شيخ گدا رحمٰن اول سان، ان جي شمس
الدين عارف سان ۽ ان جي گدا رحمٰن ثاني سان ۽ ان
جي سيد ابوالحسن سان ۽ ان جي سيد شمس الدين صحرائي
سان ۽ ان جي سيد بهاؤالدين سان ۽ ان جي سيد
عبدالوهاب سان ان جي سيد شرف الدين سان ۽ ان جي
سيد عبدالرزاق سان ۽ ان جي نسبت حضرت پيران پير
شيخ عبدالقار جيلاني، قدس الله اسرارهم سان آهي.
پاڻ نهايت صاحبِ ڪمالات هو. حضرت سرهندي نقشبندي
کان روايت آهي ته فرمايائين ته حضرت غوث الثقلين
قدس الله اسرارهم جن کان پوءِ هن شيخ کان وڌيڪ
ڪنهن کي به صاحب تاثير نه ڏٺم.
اسي ورهين کان وڌيڪ عمر ۾ سن 981هه ۾ ڳوٺ ڪيتل نواح سرهند ۾
گذاري ويو.
شيخ عبدالقدوس گنگوهي
هيءُ هندوستان جي مشهور مشائخ مان هو. شيخ صفي الدين مصنف
”انوار العيون“ جي اولاد مان هو.
عالي مقام ۽ بلند درجي جو مالڪ هو. سندس مزار ڳوٺ گنگوهه ۾
ڪرنال جي قريب جمنا نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي.
کيس ست فرزند هئا، جن ۾ فرزند اول شيخ حميدالدين ۽
فرزند نمبر ٽيون شيخ احمد، ڪماليت، سلوڪ ۽ معرفت ۾
ڪامل هئا. ۽ هي سن 973هه ۾ گذاري ويو. سندس مدفن
شاهه آباد ۾ آهي.
شيخ رڪن الدين
هيءُ شيخ عبدالقدوس جو ٻيو نمبر فرزند ۽ خليفه اول هو. سندس
نسبت ابراهيم ايرجي قادري سان هئي. سندس سلسلو
قادري طريقو هو. سندس تصانيف مان ”مرج البحرين“
شايع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ عجيب ۽ غريب اسرار ۽ رموز
سمايل آهن.
سندس وفات سن 983هه ۾ ٿي. کيس والد سڳوري جي قبي ۾ ان جي پاسي ۾
دفن ڪيو ويو. شيخ عبدالقدوس جي نسبت شيخ فريدالدين
اجوڌنيءَ سان هن ريت آهي:
هيءُ شيخ محمد عارف ولد شيخ احمد عبدالحق سان منسوب هو. هو
پنهنجي والد شيخ احمد عبدالحق سان ۽ هو شيخ جمال
پاڻي پتيءَ سان ۽ هو شيخ شمس الدين ترڪ پاڻي پتيءَ
سان ۽ هو شيخ علي احمد صابر سان ۽ هو فريدالدين
سان منسوب هو.
مولانا قاسم ڪاهي
هيءُ سادات جي هڪ معروف خاندان مان هو. سندس نالو نجم الدين
محمد هو. ڪنيت ابوالقاسم هئس.
پندرهن سالن جي عمر ۾ اچي مولوي جاميءَ جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان کان
پوءِ بکر ۾ هاشمي ڪرماني، جنهن جو لقب شاهه
جهانگير هو، ان جي صحبت ۾ اچي رهيو ۽ کانئس ڪافي
فائدو حاصل ڪيائين. هن کي عوام ۾ ڪافي مقبوليت
حاصل هئي. جو ڪجهه به ڪندو هو ته عوام کي ناپسند
نه لڳندو هو. ظاهري علوم سان آراسته هئڻ سان گڏ هڪ
وڏو بهادر نوجوان به هو. پنهنجي فن سان ويهن ڄڻن ۽
ان کان وڌيڪ ماڻهن سان اڪيلو مقابلو ڪري ڪاميابي
حاصل ڪندو هو. ڊوڙڻ ۾ سڀ کان گوءِ کڻي ويندو هو.
سندس هلت چلت ۾ کيس هڪجهڙائي هرگز ڪونه هوندي هئي.
جيڪڏهن بت اگهاڙو ٿيو ته بت اگهاڙو ئي رهندو هو.
جيڪڏهن پوشاڪ پاتل هوندي هئس ته پوشاڪ ۾ ئي رهندو
هو.
روايت آهي ته رياست بدخشان ۾ ميرزا عسڪري پنهنجو ڏهه ڪروڙ خزانو
سندس حوالي ڪيو، مگر هن خزاني ڏانهن نهاريو به
ڪونه سمورو مسڪين ۽ غريب مستحق ماڻهن ۾ تقسيم ڪري
ڇڏيائين.
طريقه خواجها جو پيرو هو، جنهن جا هيءُ چار ڪلمات آهن: (1) هوش
در دم، (2) نظر بر قدم، (3) خلوت در انجمن، (4)
سفر در وطن. اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ هيءُ بکر کان
سفر ڪري هندوستان ويو، جتي سندس لاءِ ڪافي سلطاني
قدرداني ٿي.
هڪ قصيده جي عيوض هڪ لک ٽڪو کيس انعام طور ڏنو ويو. سرڪاري حڪم
ٿيو ته جڏهن به مولانا هت اچي ته کيس هڪ هزار
روپيا استقباليه نذرانو پيش ڪيو وڃي. ان کان سواءِ
ٻي مجلس ۾ وارد نه ٿيو. پوءِ خان زمان جي ڀاءُ
بهادر خان جي محبت ۾ بنارس ويو ۽ ڪجهه وقت کان
پوءِ وري اتان آگره ۾ پهتو. باقي عمر اتي
گذاريائين.
سندس مدفن عام ماڻهن جي قبرستان جي دروازي جي ڀرسان آهي. سندس
عمر 110 سال هئي.
مولانا قاسم بخاري سندس شاگرد هو مير يوسف استرآبادي لفظ ”خوش
طبع“ چيو، جنهن جي عدد مان سندس ماده تاريخ 987هه
نڪري ٿي. هيءُ پنهنجي وقت ۾ موسيقي فن جو ماهر ۽
نادر طبع جو مالڪ هو. سندس گايڪي ۽ موسيقي جا سُرَ
يادگار موجود آهن.
درويش رڪن الدين
هيءُ درويش ڏيٿي جو فرزند هو. مالڪ جي مقبول ٻانهن مان هو. سنڌ
جي مشائخ ۾ سلوڪ ۽ طريقت جي رستي ۾ ڪامل ۽ اڪمل
هو. ظاهري طور اڪثر اوقات، رياضت ۽ عبادت ۾
گذاريندو هو. مخفي طور مراقبن ۾ هوندو هو.
روايت آهي ته هڪ ڏينهن مسجد ۾ سُتو پيو هو. امام مسجد پنهنجي
نوافل جي ادائيگي کان پوءِ پنهنجي گهر جلدي وڃڻ
لاءِ تڪڙ ۾ پنهنجي چادر ڇنڊي اُٿڻ لڳو ته اتفاقاً
ڪجهه ڪک درويش جي چهري تي وڃي ڪريا. ان وقت امام
جا پير شل ٿي پيا ۽ هلڻ کان عاجز ٿي ويو.
سمجهيائين ته اها سزا منهنجي هن عمل چادر ڇنڊڻ جي
ڪري ملي آهي. پوءِ درويش جي پيرن تي ڪِري پيو.
درويش کي خبر ڪونه هئي، پوءِ هوشيار ٿيو ۽ سندس
ٽنگن تي هٿ گهمايائين، ته انهيءَ وقت ئي صحيح ٿي
ويو.
روايت آهي ته آخري عمر ۾ سندس عجيب حالت هئي ته ڪنهن جو به آواز
سندس ڪَنَ تي پوندو هو ته ان وقت آهه ڪڍندو هو. ان
جي آهه ڪڍڻ سان آواز ڪندڙ جو ساهه نڪري ويندو هو.
سن 988هه ۾ فوت ٿي ويو.
شيخ جلال ٿانيسري
هيءُ شيخ عبدالقدوس جي اڪابر خليفن مان هو. خاص ۽ عام ڪافي
ماڻهو سندس ارادتمند هئا. 95 ورهين جي عمر ۾ سن
989هه ۾ گذاري ويو.
شيخ عبدالنبي شهيد
”سنن هدايہ“ ڪتاب جو مصنف هو. شيخ احمد بن شيخ عبدالقدوس جو
فرزند هو. سن 991هه ۾ شهادت حاصل ڪيائين.
سيّد صفايي
هيءُ سيد مرتضيٰ ترمذيءَ جو فرزند هو. سيد شير قلندر بن بابا
حسن ابدال سان نسبت رکندڙ هو. علم ۽ عمل جو گوهر
هو. وقت جي فاضلن جو پيشوا هو. شاهه قطب جي وفات
کان پوءِ سلطان محمود خان هن کي بکر جي ”شيخ
الاسلام“ جو منصب ڏنو. سن 991هه ۾ فوت ٿي ويو.
مير معصوم جو تخلص ان جي پٽ جي نالي جو هو. بکر جي سادات جو
شجره هن ريت آهي:
مير مرتضيٰ بن مير تقي بن خوارزم شاهه بن قلندر شير بن مير علي
۽ اهو سترهن واسطن سان حضرت موسيٰ ڪاظم عليہ
السلام سان ملي ٿو. والعلم عندالله
شيخ وجيہ الدين گجراتي
هيءُ شيخ محمد غوث جو مريد هو. پنهنجي وقت جو ڪامل ولي الله ۽
عارف هو. سندس درگاهه الله جي نيڪ بندن جي
زيارتگاهه آهي.
روايت آهي ته وقت جي فاضلن مان ڪنهن شيخ کان پڇيو ته توهان جي
اها ڳالهه توهان جي شان کان پري آهي ته اوهان امي
شخص کي پنهنجو مرشد ڪيو آهي. چيائين ته الحمدلله!
جو منهنجو مرشد پيغمبر ﷺ جن جي مثل ”اُمِّي“ آهي.
سندس وفات سن 996هه ۾ ٿي.
ان کان پوءِ سندس پٽ شيخ عبدالله جانشين ٿيو. مريدن کي پنهنجي
پيءُ وانگر راهه حق جي هدايت ڪندو رهيو ۽ کين سلوڪ
جا سبق به سيکاريندو رهيو. جڏهن هيءُ فوت ٿي ويو
ته سندس پٽ شيخ اسدالدين سندس جانشين ٿيو ۽ اهو به
تمام جلد فوت ٿي ويو. پوءِ ان جو قائم مقام سندس
ڀاءُ شيخ چندر ٿيو، جنهن اصلاح جي واٽ ۾ مريدن جي
غير معمولي تربيت ڪئي. سن 1026هه ۾ جهانگير
بادشاهه شيخ وجيهه الدين جي زيارت جو شرف حاصل
ڪيو، جيڪو سندس ارادت موجب ان جي زيارت ڪرڻ آيو
هو.
مخدوم نوح عليہ الرحمة
ولد نعمت الله، صديقي نسب آهي. پنهنجي نسب کي پاڻ هن طرح بيان
ڪيو اٿائين: نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب
الدين بن مخدوم سرور بن شيخ فخرالدين صغير جو
هالاڪنڊي شهر ۾ مدفون آهي. اهو ابن شيخ عزالدين بن
شيخ فخرالدين ڪبير، جيڪو شيخ ابوبڪر جي مقبري ۾
مدفون آهي ۽ اهو ابن شيخ ابوبڪر ڪتاني، ساڪن ڪوٽ
ڪروڙ بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن نصرالدين
بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابونجيب ضياء الدين
عبدالقاهر سهروردي. مخدوم موصوف جو طريقو سهرورديہ
هو.
روايت آهي ته هيءُ اڃا ستن ڏينهن جو ڄاول ٻار هو ته نماز جي
بانگ ٻڌائين. بانگ پوري ٿيڻ بعد صاف صاف زبان ۾
ڪلمه طيبهّ ادا ڪيائين. سندس چوڻ آهي ته آءٌ جڏهن
چوڏهن ورهيه جي عمر کي پهتس ته امام المشارق
والمغارب حضرت علي بن ابي طالب کي ڏٺم ۽ ساڻس
ملاقات ڪري کانئس فيضياب ٿيس.
روايت آهي ته جڏهن مخدوم سترهن سالن جي عمر جو ٿيو ته هڪ ڏينهن
مخدوم عربيءَ سان گڏ خلوت خانه ۾ ويٺو ته مراقبہ
ڏانهن توجہ ڪندي، تلاوت قرآن شروع ڪيائين.
اٺاويهين سيپاري تي پهتو ته هن کي عالم بالا جي
سير ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. مخدوم عربي جي تلاوت کي
ادب هيٺ ظاهري جسم سان، ان جاءِ تي ڇڏيائين ۽ پاڻ
افلاڪ جو سير ڪرڻ ويو. اڃا مخدوم عربي ختم پورو نه
ڪيو ته هو موٽي آيو.
فقير بهاؤالدين گودڙي کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن سيد جلال ولد
سيد علي انجوي جي گهر دالان ۾ ويٺا هئاسون. مخدوم
نوح فرمايو ته حضرت ابوبڪر ۽ حضرت علي عليہ
السلام لنگهيا. حضرت علي عليہ السلام تڪڙو تڪڙو
مون وٽ آيو ۽ فرمايائين ته ”اُٿُ“ توکي محمّد رسول
الله ﷺ جن سڏايو آهي. حضرت ابوبڪر به پٺيان پيو
اچي. آءٌ حڪم موجب اوڏانهن روانو ٿيس، ڏٺم ته حضرت
عيسيٰ عليہ السلام ويٺو آهي. اوچتو منهنجي هٿ ۾ هڪ
لکيل تختي آئي. حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان ان مان
سبق ورتم. جڏهن ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته حضرت رسالت
پناهه ﷺ جن بيٺا آهن. گوڏا کوڙي سندن اڳيان ويٺس،
منهن پاڻ سڳورن ﷺ ڏانهن ڪيم. سبق جي تجديد ڪيم.
حضرت ابوبڪر رضي الله عنه جن عرض ڪيو ته يارسول
الله ﷺ هيءُ منهنجي اولاد مان آهي.
روايت آهي ته مخدوم نوح، جنهن وقت ٺٽي ۾ آيو ظاهري عالمن ٻڌو ته
ڪجهه به پڙهيل ڪونه آهي. قرآن ڪريم جي آيتن جي
معنيٰ خوب بيان ٿو ڪري. پوءِ ان کي ڏسڻ آيا ته
مخدوم صاحب آيت جي تفسير بيان ڪرڻ ۾ مشغول هو.
راوي ٿو چوي ته ان وقت منهنجي هٿ ۾ تسبيح موجود
هئي. آءٌ هرهڪ معنيٰ تي هڪ داڻو ڦيريندو رهيس.
جڏهن مخدوم صاحب خاموش ٿي ويو، تڏهن اهي مڻيا شمار
ڪيم ته اسي مڻيا (داڻا) هئا.
سندس وفات جي تاريخ 27 ذوالقعد ڏينهن خميس ۽ سال 998هه آهي.
مصرع
آفتاب منير صديقي (998)
مان بزرگن تاريخ ڪڍي آهي.
چون ٿا ته اڪبر بادشاهه جڏهن عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ جي
تسخير لاءِ مقرر ڪيو هو ته هو سنڌ ۾ آيو ۽ شروعات
۾ ناڪامي جو منهن ڏسي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، جتي به
ڪو فقير ٿي ڏٺائين ته ان کان فتح جي لاءِ دعا
گهرائيندو ٿي رهيو. پوءِ کيس ڪنهن اهل الله ٻڌايو
ته تازو مخدوم نوح هالا ڪنڊي ۾ رحلت فرمائي ويو
آهي. پوءِ جيڪو به سندس مزارتي فاتحه پڙهڻ لاءِ اڳ
۾ ويندو، اهو سنڌ جو مالڪ ٿيندو. اتفاق سان مرزا
حاجي(1) فاتحه خواني لاءِ نه وڃي سگهيو ۽ خان خانان
اتي پهچي عذرخواهي ڪري مخدوم جي مزار تي فاتحه
خواني ڪئي، جنهن ڪري سندس فتح جا دروازا کلي ويا.
مخدوم صاحب جي اولاد تمام گهڻي هئي. بعض جي قول موجب کيس سترهن
فرزند هئا ۽ بعض جي چوڻ مطابق کيس پندرهن پٽ هئا.
مخدوم صاحب کان پوءِ سندس جانشين مخدوم محمد امين ٿيو. سندس
وفات سن 1015هه ۾ ٿي ۽ اها تاريخ ”شرف الابرار“ جي
اعداد مطابق آهي.
ان کان پوءِ سندس فرزند نالي مخدوم ابوالقاسم گاديءَ تي ويٺو،
جيڪو ميان اَبل جي نالي سان مشهور هو.
پوءِ سندس فرزند مخدوم عبدالخالق ۽ ان کان پوءِ مخدوم محمد زمان
جانشين ٿيو، جيئن ته کيس نرينه اولاد نه هو، تنهن
ڪري سندس ڀاڻيجو ۽ ناٺي مخدوم مير محمد سجاده نشين
ٿيو. ان کان پوءِ سندس پُٽ مخدوم محمد زمان ثاني
گادي نشين ٿيو. ان جي وفات کان پوءِ مخدوم مير
محمد ثاني گادي نشين ٿيو.
هاڻي سن 1202هه ۾ سندس خلف يادگار مخدوم مير محمد ثاني ۽ مخدوم
محمد زمان ثالث (ٽيون) صاحب سجاده نشين آهي. ۽
مخدوم عليہ الرحمة جي ٻي اولاد مخدوم سلطان ۽
مخدوم ميران جن شهر ڪاٺياواڙ ۾ خاص ۽ عام جو
زيارتگاهه بڻيل آهي ۽ سندن اولاد کي ”پيرزاده“ جي
نالي سان سڏيو پيو وڃي.
ميان جلال ۽ ميان ابراهيم
هنن مان هرهڪ بزرگ پنهنجي وقت جو صاحب عزت ٿي گذريو آهي.
ميان عبدالملڪ، مخدوم محمد امين جانشين اول جو پوٽو ۽ فرزند
مخدوم عليہ الرحمة آهي، جيڪو ”اراضي ميان
عبدالملڪ“ جي لقب سان معروف آهي. سندس مزاراهل
الله جي زيارتگاهه آهي.
هن خاندان ۾ بيشمار بزرگان دين، خدام ۽ خليفا ٿي گذريا آهن، جن
مان ٿورڙن جو ايندڙ سٽن ۾ ذڪر ڪيو ويندو.
ميان لطف الله
هيءُ مخدوم مغفور قدس سره جي فرزندن مان هڪ هو. جهڪريجي ڳوٺ وٽ
سندس مزار خاص ۽ عام جي زيارتگاهه بڻي آهي ۽ سندس
اولاد ڳوٺ پنو، شال ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪافي رهندڙ
آهي.
سيد ظهيرالدين والاسلام
عرف جام، هيءُ قاضي سيد شڪرالله شيرازيءَ جو فرزند هو، جنهن جو
ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. هي پنهنجي وقت ۾ ظاهري ۽
باطني علمن ۾ ڪامل هو. پنهنجون اڪثر برڪت ڀريون
گهڙيون ظاهري ۽ باطني علمن جي تدريس ۾ گذاريندو
هو. انصار قبيلي جو بزرگ هو. سيد شڪرالله جي اچڻ
کان اڳ محله سادات ۾ رهندو هو. سندس اولاد جي
رهائش به اتي ئي آهي. جڏهن هو فوت ٿي ويو ته سندس
پٺيان ٻه ناميارا فرزند سندس قائم مقام رهيا.
سندس ذڪر تاريخ معصومي ۾ موجود آھي، هيءُ بزرگ
حضرت سيد الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله جو جد
هو، واضع رھي ته ”متو“ لفظ هڪ راءِ موجب ”مٺو“
آهي، پراڻي سنڌي لکڻي ۾ ڪيترن ئي نسخن ۾ ”مٺو“
لفظ ”متو“ جي انداز ۾ لکيل ڏٺو ويو آهي،
جيڪڏهن لفظ متو کي متو جي طرز سان پڙهبو ته
پوءِ اهو جلال ۽ جلالي جي معنيٰ ۾ استعمال
ٿيندو شيخ الاوليا و شيخ عيسيٰ کان وٺي شيخ
رڪن الدين تائين پيڙهيون هن طرح بيهن ٿيون؛
مسيع الاوليا شيخ عيسيٰ بن شيخ قاسم بن شيخ
يوسف بن شيخ رڪن الدين.
قاضي قادن درٻيلي ۾ رهندو هو. بعد جي تذڪره
نگارن سندس نالو قاضي قادن لکيو آهي. جڏهن ته
قريبي تذڪرن مان تاريخ معصوميءَ ۾ سندس اهوئي
نالو درج آهي. طبقات اڪبري جي مصنف نظام الدين
بخشي قاضي قادن لکيو آهي. بيان العارفين جي
فارسي نسخي ۾ قاضي قادن تحرير آهي، جيڪو ”د“
کي ذال ڪري لکيو ويو آهي. ان جي برعڪس هندستان
جي ديوناگري تحريرن ۾ ’کاجي کادن‘ تحرير آهي.
جنهن سان قاضي قادن هجڻ جوئي گمان ٿئي ٿو.
مهدوي تحريڪ سان لاڳاپيل مصنفن به قاضي قادن
تحرير ڪيو آهي.
قاضي قادن جي والد جي ڏاڏي جو نالو پڻ قاضي
قاضن هو، اهوئي ڪارڻ آهي جو ممتاز محقق ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ”قاضي قادن جو رسالو“ ۾
طبقات اڪبري ۾ بيان ڪيل قاضي قادن جي ذڪر ۾ شڪ
ظاهر ڪيو آهي، ته ڪاٿي مذڪوره قاضي قادن
زيربحث قاضي قادن جو پڙڏاڏو ته نه آهي. ٻنهي
جي نالن جي هڪجهڙائي سبب احوال خلط ملط ته نه
ٿي ويو آهي. اهو اختلاف سندس بيتن متعلق پڻ
موجود آهي، ته شايد ڪجهه بيت قاضي قادن جي
ڏهٽي ميان مير جا آهن، يا ان سان منسوب ٿي ويا
آهن، بهرحال مختلف رايا ۽ تحقيق جا سلسله سست
سهي جاري آهن. سندس شعر نه رڳو سنڌ ۾ بلڪ ان
سان گڏيل هندستاني علائقن ۾ پڻ يڪسان مقبول
هئا. ان جو اندازو گلزار ابرار جي هن تحرير
مان پڻ ٿئي ٿو:
|