ميان معروف
سندس قبو. مزار مشهور آهي، سندس پٽ ميان مقبول برابر مقبول هو.
سيد هارون
هيءُ اصل متعلوي هو. ڳوٺ ڌوڙيو هنڱورجا ۾ رهندڙ هو. شهر کان
ٻاهر مدفون آهي. فقر ۾ ڪامل هو. سندس بيت سندس
حالت جي شاهدي پيش ڪن ٿا. شاهه عنايت الله صوفي جو
آخري زمانو ڏٺو هئائين.
درس اسحاق سکريه
هيءُ فقيري ۾ ڪامل هو. فقرآء ۾ عام ۽ خاص جو مرجع هو. سندس
قبيله کي سکريه سڏيندا هئا. سيد قادرڏنو رهندڙ
ڳوٺ ڦتو جا مريد هئا، جيڪو پنهنجي وقت جو معروف
بزرگ ٿي گذريو هو. ميان غلام شاهه به سندس ڪافي
ارادتمند هو.
ميان ڇُٽو
هي ڳوٺ سميجي جو رهندڙ هو، برگزيده بزرگ هو. ڪيترائي ماڻهو سندس
معتقد هئا.
اسحاق سکريه جو ڏهٽو هو. جيڪو تازو گذاري ويو آهي.
سندس پٽ درويش ڏاتر ڏنو ۽ ان جو پٽ اسحاق فقير ٻئي پنهنجي
اڪابرين جي نقش قدم تي هلندا رهيا ۽ منجهن اسلاف
جا پورا اوصاف موجود هئا.
سيد سعدالله
ولد سيد نيڪ محمد ۽ مير طاهر جو ڏهٽو. سندس جانشين هو. پنهنجي
وقت جو باڪرامت بزرگ هو. ڳوٺ ٻٻرلائي ۾ رهندو هو.
سومره قوم جا ماڻهو سندس ارادتمند هئا. انهيءَ جي
وفات کان پوءِ سندس قائم مقام اهي ئي ٿيا. تقويٰ ۽
پرهيزگاريءَ ۾ ڪامل ۽ مجرد هو. اسي سال جي عمر ۾
سال 1167هه ۾ گذاري ويو.
جيئن ته سندس ڪوبه وارث ڪونه هو، انهيءَ ڪري مرزا ڪريم بيگ نالي
جيڪو سندس مريدن ۾ لائق هو سندس قائم مقام ٿيو، ۽
فتوحات جو به اهوئي متصرف ٿيو.
شيخ عبدالرّحمٰن حقاني نصرپوري
صاحب ڪماليت هو. انساني خوبين جو جامع هو. بيخودي ۽ تقويٰ جي
صفتن سان سينگاريل هو. سندس پٽ حامد خان هڪ بزرگ
شخصيت هو.
شيخ ابوالحسن
هيءُ پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ ۽ صاحب علم و عمل هو. هڪ سنڌي نظم
۾ ڪتاب لکيو اٿس ۽ جن بيتن ۾ اسلام جا عقيدا،
فرائض، ايمان، نماز، زڪواة، فطرو وغيره فقہ جا
ضروري مسائل بيان ٿيل آهن. اهو سندس يادگار آهي.
ميان عبدالله
عرف ميان موريو واعظ، شيخ ابوالحسن جي گهر واريءَ جو ڀاڻج هو.
صاحب سلوڪ ۽ نهايت متقي هو. ٻارهين صدي هجري جي
آخري حصي ۾ گذاري ويو.
ميان عبدالقادر
هيءُ ابوالحسن شيخ جو سؤٽ هو. نهايت پرهيزگار ۽ متبرڪ شخصيت هو.
هي ٻئي بزرگ هڪ ٻئي جا سنڍو به هئا.
ميان محمد حفيظ
هيءُ ميان عبدالقادر جو فرزند هو. هيءُ صالح ڪامل پرهيزگار ۽
برگزيده بزرگ متقي هو. جيڪو به ذمي هندو کيس ڏسندو
هو ته اهو ان وقت ئي مسلمان ٿي ويندو هو. اهڙي طرح
بيشمار انهيءَ قوم جا ماڻهو مسلمان ٿي ويا مسجد
اسلام پور، ڪالڪان جي ڀرسان جيڪو گمراهه هندن جو
مندر هو، اتي سندن ميلو لڳندو هو، ۽ مڪليءَ جي
دامن وارو مندر به ڦِري مسجد ٿي ويو، ان مسجد جو
بنياد هن ئي رکيو هو.
خليفه شيخ زين العابدين
ولد خليفه دائود بن خليفه شيخ ايوب بن شيخ دائود بن شيخ زين
العابدين بن شيخ دائود بن خليفه شيخ عبدالرشيد.
چون ٿا ته ٺٽي ۾ حضرت پير عليہ الرحمة جي خليفن مان اول هو. ان
خاندان مان ڪافي صاحب ڪمال ٿيا آهن. ڪيترن ئي لائق
ماڻهن کي خلافت ڏني هئائون. هڪ ٻئي سان فقر ۽ فنا
جي طريقي جو سلوڪ رکندا هئا. اوصاف انسانيت ۾ ڪامل
هو. ڪماليت جي عروج تي هوندي به پاڻ کي هميشه
پوشيده رکندو هو. سال 1148هه ۾ فوت ٿي ويو.
حاجي حافظ دوٻه
هن جا وڏا اصل ڳوٺ دوٻه علائقي بکر جا رهندڙ هئا. هيءُ پنهنجي
وقت جو ڪامل فقير ٿي گذريو آهي. سندس فرزند ميان
شيخ محمد ساري عمر سير ۽ سفر ۾ گذاري ۽ هر علم جي
تحصيل ۾ ڪمال جي درجي تي پهتو. علم طبابت ۾ بوعلي
سينا جي همسريءَ جي دعويٰ ڪرڻ ۾ حق بجانب هو. اکين
جي بيماري ۾ مرض جي تشخيص، تشريح بابت سندس وڏو
ڪتاب آهي. انهن مرضن بابت نسخا به ترتيب ڏنا
اٿائين.
ميان نورمحمد
هيءُ شيخ محمد ولد حاجي حافظ دوٻه جي سوٽن مان هو. علم تقويٰ،
انڪساري ۽ نفس ڪشيءَ ۾ ڪامل ۽ عارف هو. ٻارهن سال
ميان ملوڪ شاهه جي مسجد جي خدمت ۽ ان ۾ ذڪر
ڪرائيندو رهندو هو. ميان عبدالله عرف موريو واعظ
جو شاگرد هو. سال 1176هه ۾ فوت ٿي ويو.
سيّد محمد
هيءُ سيد صدر لڪعلوي جي پوٽن مان هو. پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ
هو. هميشه نماز، وظيفه ۽ درود ۾ مشغول هوندو هو.
سندس وفات جي تاريخ جو عدد هن مصرع مان ڪڍيو ويو آهي. ان کي
سندس ڪرامتن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي.
مصرع
”درود خدا بر محمد بود“ يعني سن 1125هه
مخدوم محمد امين
هيءُ ڪامل مؤحد هو. ڳوٺ پٽ باران ۾ رهندو هو. ان جي ويجهوئي
گذاري ويو. مخدوم ميڏنه طالبعلم نصرپوري، منجهس
عقيدت رکندڙ هو ۽ سندس عقيدت ۽ ارادت جي ڪري وٽس
زيارت ڪرڻ ويندو هو.
مخدوم عبدالرؤف
ولد مخدوم عمر بن مخدوم عبدالحميد بن مخدوم احمد ثاني بن مخدوم
فتح الله بن مخدوم احمد. هيءُ پنهنجي وقت جو ڪامل
عارف هو. برگزيده مشائخ ۾ شمار ٿيندو هو، شعور
يعني سمجهه واري وقت کان وٺي وفات واري وقت تائين
هيءُ سهڻن اخلاقن. هميشه عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف
هوندو هو.
ميان نورمحمد ڪلهوڙو سندس ڏاڍي عزت ڪندو هو. هيءُ سن 1166هه ۾
گذاري ويو. هالن جي قاضي زاده شيخ ابراهيم، هن جي
تاريخ هنن لفظن مان ڪڍي آهي. ”کَانَ وليًا رَؤف
الخلق“ (يعني هو خلق جو مهربان دوست هو) هيءَ
تاريخ سندس حال جي موافق هئي، کانئس پوءِ ڪوبه
فرزند ڪونه رهيو.
مخدوم عبدالحميد
ولد مخدوم فتح محمد بن مخدوم ابراهيم بن مخدوم عمر، هيءُ صاحب
اوصاف حميده هو. برگزيده مشائخ ۾ شمار ڪيو ويندو
هو. مخدوم عبدالرؤف سندس تربيت خاص طور ڪئي. بعد ۾
حرمين شريفين هليو ويو. مدينہ متبرڪ ۾ مدفون آهي.
مخدوم نعمت الله
ولد مخدوم عبدالحميد ثاني، مخدوم عبدالرؤف کانپوءِ هدايت وارو
ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪماليت رکندڙ هو. پنهنجن وڏن
جي گاديءَ کي سينگاريو ويٺو هو. فقرآئن جي تربيت ۽
هدايت جو ڪم سنڀالي ويٺو هو. ٻارهين صديءَ هجري ۾
گذاري ويو.
سندس فرزند مخدوم ابراهيم جوانيءَ ۾ ئي پنهنجي اسلاف جو صالح
جانشين ٿيو. وڏن جي اوصاف سان آراسته هو.
مخدوم محمد يوسف
هيءُ مخدوم محمّد جي پوٽن مان هو. مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق
جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، سندس ڀاءُ هو. صاحب
ڪرامت هو. مخدوم عبدالرؤف جو همعصر هو.
مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب
مخدوم محمد جي اولاد مان هئا. پنهنجي وقت جا ڪامل بزرگ ٿي گذريا
آهن.
نهال شاهه مداري
هيءُ ٻارهين صدي هجري جو صاحب ڪمال بزرگ ٿي گذريو آهي. هندستان
کان سنڌ ۾ آيو. گنجي ٽڪر جي ڪنڊ ۾ پنهنجو خلوت
خانو جوڙي، اتي عبادت ڪندو رهيو. اتي ئي فوت ٿي
ويو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. سيد جاندو شاهه ويٺل ڳوٺ
خانوٽ سندس مريدن مان هو.
مظفر شاهه
هيءُ باڪمال فقير هو، سندس سلوڪ جي نسبت سيد شاهه مرتضيٰ سان
هئي. هيءُ پورا 12 سال هميشه درياء جمنا ۾ بيٺو
هوندو هو، سردي هجي يا گرمي ڳچيءَ تائين پاڻيءَ ۾
لهي بيٺو هوندو هو. جڏهن درياء ۾ چاڙهه ايندو هو
ته قدرتي طور هن جو قد به ڊگهو ٿي ويندوهو، يعني
ڳچيءَ تائين هميشه پاڻيءَ ۾ بيٺو هوندو هو. انهيءَ
ڪري سندس بدن جي کل ۽ گوشت ڳري ويو هو. صرف رڳون ۽
هڏا سندس بدن تي بچيا هئا، مگر سندس چهرو صاف ۽
سالم هو. مقصود مدت پوري ڪري پوءِ درياء کان ٻاهر
نڪري آيو.
12 صدي هجريءَ جي شروعات ۾ هندوستان کان سير ڪندو، سنڌ ۾ اچي
روهڙيءَ ۾ وارد ٿيو. شهر جي اُلهندي پاسي کان هڪ
ٽڪريءَ تي پنهنجي ويهڻ جي جاءِ ڪيائين، هڪڙي پڪي
روايت سان ٻڌڻ ۾ آيو ته هفتي ۾ هڪ دفعو سندس ڀرسان
هڪ کڏو پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو. رستو ٻهاريل ۽
صاف ٿيل نظر ايندو هو. جيئن ٻئي ايندڙ هفتي تائين
پاڻيءَ جي حاجت نه رهي ۽ واٽهڙو آسانيءَ سان
گذرندي پاڻي جو استعمال ڪندا هئا. پاڻ سان کڻي به
ويندا هئا.
هڪڙي جهوپڙي اڏي ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو هو. شهرت نه ڪندو هو.
چون ٿا ته هڪ دفعي هڪ جوڳين جي جماعت وٽانئس ٽڪريءَ تان لنگهي.
انهن مان هڪ جوڳي سندس هي حال تنهائي ۽ بيڪسي ڏسي،
کانئس پڇيو ته هن جاءِ تي هن حال ۾ ڇو ويٺو آهين!
ڪٿي وڃي آرام جي جڳهه وساءِ. چيائين ته طاقت ڪونه
اٿم. پوءِ ان جوڳي هڪ ڪاغذ ڪڍي کيس نسخو لکي ڏنو
ته هيءُ ڪيميا جو نسخو اٿئي ۽ لوهه تي هڻندين ته
اهو سون ٿي ويندو. پوءِ ڇت جي ڇانوَ ۾ پنهنجي مٿي
کي لڪاءِ. زندگي عيش سان گذار، جوڳي هليو ويو.
فقير ان ڪاغذ ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو بلڪه ياد
ئي نه رکيائين. ڪافي مدت کان پوءِ ساڳيو ئي جوڳي
انهيءَ جڳهه تان لنگهيو، ڏٺائين ته فقير ته ساڳي
حالت ۾ ويٺو آهي. پڇيائينس ته انهيءَ نسخي جو ڇا
ڪيئي! فقير چيو ته مون کي ياد ئي ڪونه رهيو. ڏس ته
اتي پيو آهي يا نه! پوءِ جوڳيءَ ڏٺو ته اهو ڪاغذ
انهيءَ ئي حالت ۾ موجود پيو آهي. فقير جوڳي کي چيو
ته اهو مون کي ڪم ۾ ڪونه آهي، جنهن کي ڪم ۾ اچي
انهيءَ کي وڃي ڏي.
محب شاهه
سندس اصل وطن چغتا هو، پوءِ دنيا جو سير ڪندي هتي آيو. گذاري به
اتي ئي ويو.
مشهور آهي ته مظفر شاهه کيس گاريون ڏئي پڇيو ته تون ڪيڏانهن ويو
هئين؟ اسان تنهنجو هت انتظار پيا ڪريون. هي
فقيريءَ جي جيڪا توکي دولت نصيب ٿي آهي، سان هاڻي
ختم ٿي وئي اٿئي. هاڻي ڪنهن فقير جي خدمت ۾ ويهه،
پوءِ توکي جيڪي نصيب ٿيڻو هوندو سو نصيب ٿيندئي.
پوءِ معاشي دولت کي ڇڏي فقيرن جي خدمت ۾ ويهي سڀ ڪجهه پرايائين،
۽ هڪ بزرگ جو جانشين ٿيو. ڪافي هدايتون ڪيائين.
وڏيون عمارتون جوڙايائين. باغات پوکيائين. سال ۾
ٻه دفعا فقيرن جي اوتاري تي ويندو هو. هڪ دفعو
عاشورن جي ڏينهن ۾ ۽ ٻيو دفعو گدائي ڪرڻ وقت. وقت
جي علمائن اهڙيون غير شرعي منجهس ڳالهيون ڏسي،
سندس خلاف فتويٰ جاري ڪئي. لاهور کان وٺي، ٺٽي
تائين فتويٰ تي علمائن کان تصديق جون مُهرون
هڻايون ويون. ٺٽي جي مخدوم حاجي محمد قائم ۽
مخدوم محمد معين انهيءَ فتويٰ تي دستخط نه ڪيو ۽
انهن چيو ته هن تي مخدوم روح الله جي مهر لڳل ڪونه
آهي، جيستائين اهو مُهر نه هڻندو، اسين مُهر ڪونه
هڻنداسون. ڇو ته اسين ٻاهر آهيون. هو حضور ۾ آهي.
جيئن ته مخدوم روح الله باطني ڄاڻ رکندو هو،
انهيءَ ڪري ان تي تصديق جي مُهر نه لڳايائين ۽
عالمن سان اتفاق نه ڪيائين.
فقير هڪ دفعي قلندري وضع رکيو، ڏاڙهي ۽ مڇن کي ڇڏي ڏنائين، جڏهن
ڪجهه وڏيون ٿيون ته هڪ جبو پائي ۽ پڳ ٻڌي پٺيان
تُرهي کي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ علمائن سڳورن جي
مهماني ڪيائين. انهن جي لباس ۾ انهن جي دعوت
ڪيائين. پوءِ وري ٻئي ڏينهن سادات جي دعوت ڪيائين.
ٽئين ڏينهن تي فقرآئن جي سندن طريقي تي يعني گندي
۽ ميري لباس لنگوٽي ٻڌل سٿر اگهاڙي جي حالت ۾
ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙي دعوت ڪيائين. انهن قلندري فقيرن
سان ويهي مجلس ڪيائين. چوٿين ڏينهن عام خلق کي
طعام کارايائين.
چون ٿا ته احمد شاهه ابدالي شاهه افغان سن (1166هه) ۾ جڏهن
روهڙي پهتو ته جهان خان سردار وٽس آيو. فقير جي
اها غير شرعي حالت ڏسي کيس چيائين ته پنهنجي ڏاڙهي
مڇون ڪوڙي، اهڙي بد شڪل ڇو بڻائي اٿئي؟ فقير کيس
جواب ۾ چيو ته پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڪوڙيو اٿم، ليڪن
ڪنهن جي دل کي نه ڏکويو اٿم. تنهن تي جهان خان هٿ
ٻڌي، توبہ ڪري سندس آڏو ادب سان گوڏا ڀڃي ويٺو.
خرقه جي طلب جو عرض ڪيائين ۽ سندس صحبت به اختيار
ڪري فيض ڏيڻ جي التماس ڪيائين. درويش کيس چيو ته
تون شاه مشغول جي ساڄي ٻانهن آهين شايد ڪافر سکن
سان جهاد ۾ انهيءَ سان گڏ گذارين. بهرحال هزار
حيلن کان پوءِ کيس مريد ڪيائين. جامه پهرائي کيس
رخصت ڪيائين.
چون ٿا ته مربشاهه نالي هڪ فقير درويش سندس خاص خدمت لاءِ رهندو
هو. هڪ کٽ تي سمهندو هو. گرميءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجي
کٽ کڻي ڇت تي رکڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته ڏٺائين ته
اهو تمام ڏٻرو نظر پيو اچي، پڇيائينس ته اهڙو ڏٻرو
ڇو ٿي ويو آهين؟ هڪ ٻئي فقير چيو ته ٽي سال ٿي ويا
آهن طعام کي ڇڏي ڏنو اٿائين، مگر ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙو
کائيندو آهي ته ڪاوڙجي کيس گاريون ڏئي چيائينس ته
ڇا پنهنجي بُتَ تي مٺاڻ ٿو ملين ته جيئن مکين جو
ميڙ اچي ڪٺو ٿئي ۽ اسان انهيءَ کي دوست نه رکندا
آهيون، جيڪو مکين جي ميڙ کي ڪٺو ڪندو آهي. چيائين
ته وڃ هليو! ۽ عاقبت خراب ٿيڻ جي ڌمڪي ڏنائينس.
مربشاهه روئندو موڪلائي هليو ويو. مربشاه جي عمل
مان اها مراد هئي ته هو شهرت طلب پيو ڪري، پوءِ
اتان هو روانو ٿي پتڻ تي آيو. ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي
سکر اچي پهتو، اتفاق سان مير محمد ڪاظم معصومي
جيڪو برگزيده بزرگ هو، پالڪيءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ
ٻاهر نڪتو. درويش کي ڏسي چيائين ته ڪيڏانهن وڃڻ جو
ارادو اٿئي؟ چيائينس ته شڪارپور. پوءِ درويش کي
پالڪيءَ ۾ سوار ڪري شڪارپور پهچايائونس. پوءِ
شڪارپور کان اتان جي حاڪم خواجه مامون خان کيس
مشهد مقدس رسايو، پوءِ هرجاءِ تان فيض حاصل
ڪيائين. امامن عليهم السلام جن جي خوب زيارت
ڪيائين. اتان وري دکن رياست ۾ آيو. اتان جي سلطان
سندس ڪافي آدرڀاءُ ڪري کيس رهايو. مشائخ ۾ شمار
ٿيڻ لڳو.
آخرڪار محب شاهه کان پوءِ مربشاهه سندس جانشين ٿيو. ان کان پوءِ
”سوي فقير“ نالي اتان جو جانشين ٿيو.
شاهه عبداللطيف
هيءُ ڪامل شخص هو، امرڪس نهرجي پل تي ويٺو هوندو هو. اتي ئي
ڀرسان پنهنجي جهوپڙي اڏي هئائين. محب شاهه جو
همعصر هو. فقرآئن مان هر اچڻ وارو ۽ هر وڃڻ وارو
منجهد ۽ شام وٽس في سبيل الله طعام کائيندو هو.
شيخ ورو
هيءُ به صاحب ڪمال هو، تازو فوت ٿي ويو آهي. گجرات جي ويجهو
مدفون آهي. سندس پٽ احمد شاهه پنهنجي نيڪيءَ سان
پنهنجي پيءُ جو نالو زندهه رکيو.
مير لطف الله عرف شاهه لڌو
ولد سيد ڪرم الله بلگرامي. ابتدا ۾ سندس زندگي اميري هئي. ويهن
سالن جي عمر جو جڏهن ٿيو ته فقر جي واديءَ ۾ پير
رکيائين. علائقا گهمندو ڦِرندو، سيد احمد ولد سيد
محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿي، سندس بيعت ڪيائين مرشد جي
نالي جي مناسبت سان پنهنجو تخلص ”احمد“ رکيائين.
سندس مرشد کيس لڌو جو لقب ڏئي خلافت جو خرقه
ڏنائينس. مرشد جي وفات کان پوءِ به ستر سال انهيءَ
ئي جاءِ ۾ گذاريائين. صاحب مقامات عاليه هو.
بيشمار سندس مريد هئا.
سن 1143هه ۾ فوت ٿي ويو. جيئن ته سندس پُٽ مير عظمت الله بيخبر
ان جي حياتي ۾ ئي گذاري ويو. تنهنڪري سندس پوٽو
نوازش علي سندس جانشين ٿيو.
سيد محمد شاهه
سندس تخلص شاعر هو. مير عبدالجليل بلگراميءَ جو فرزند هو،
پنهنجي پيءُ جي طرفان بکر ۽ سيوهڻ جي سوانح نگاري
کيس حاصل آهي. شاهه لڌو جو مريد هو.
شاهه رحمت الله
هيءُ سيد حبيب الله واسطي بلگراميءَ جو فرزند هو. شاهه لڌو
موصوف جي مريدن مان هو، سن 1153هه ۾ فوت ٿي ويو.
مير عظمت الله
عرف ميان صاحب، سندس تخلص ”بيخبر“ ۽ شاهه لڌو جو فرزند هو.
پنهنجي پيءُ جوئي مريد هو. جهان آباد ۾ مرزا بيدل
سان ڪافي صحبتون ڪيون هئائين.
قاضي سليم بلگرامي
هيءُ صاحب حال ۽ صاحب ڪمال و ذوق هو. شاهه لڌو جو مريد هو. سن
1114هه ۾ فوت ٿي ويو.
سيد محمدي
هيءُ سيد دراب بلگراميءَ جو فرزند هو، ظاهري ۽ باطني علوم ۾
جامع هو. شاهه لڌو جو مريد هو. تصوف ۾ کيس ڪلي
مهارت هئي.
قاضي حافظ بلگرامي
هيءُ صوري ۽ معنوي فضائل ۾ جامع هو. شاهه لڌو جو مريد هو. تصوف
۾ ڪلي مهارت رکندڙ هو.
سيّد نورالدين
هيءُ سيد خيرالدين بلگراميءَ جو فرزند هو. نهايت ڪيفيت جي حالت
۾ رهندو هو. شاهه لڌو جو مريد هو.
سيد اسد الله
هيءُ شاهه لڌو جو سڳو پوٽو. سندس مريد هو.
سيد غلام مصطفيٰ
هيءُ شاهه لڌو جو ڀائٽيو ۽ مريد هو. نواب سر بلند خان سان گڏجي
راجا اڀي سنگهه مارواڙ سان جنگ ڪرڻ لاءِ سن
1174هه ۾ ويو، ۽ اتي شهيد ٿي ويو. سندس نعش کي
ڪونه لڌو ويو.
سيد نورالله
هيءُ سيّد لطف الله شاهه عرف شاهه لڌو جو سڳو ڀاءُ هو. پنهنجي
ڀاءُ جي گهڻي خدمت ڪندو هو. اڪثر روئندو رهندو هو.
صاحب حال هو. قرآن مجيد جا پنجويهه سيپارا ياد
بيٺي پڙهندو هو. گهڻي قيام ۽ رڪوع سبب سندس پير
سُڄي ويندا هئا. سن 1114هه ۾ فوت ٿي ويو.
سيد حبيب الله شاهه
هيءُ سيد عبدالڪريم متعلويءَ جي اولاد مان هو. صاحب ڪمال ۽ سلوڪ
هو. پنهنجي وڏن جي پيرويءَ ۾ رهي گذاري ويو، هميشه
وجد ۾ هوندو هو. سندس وفات تي محمد صادق نقشبنديءَ
چيو ته الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب،
سن 1155هه ۾ وفات ڪيائين.
قدوة العارفين شاهه عبداللطيف تارڪي
ولد سيد حبيب شاهه موصوف. ٻارهين صدي هجري ۾ سنڌ جي مشائخ ۾
هيءُ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو، ڪيترو ئي زمانو ائين رڻ
پٽن ۾ رياضتون ڪندو رهيو. سُڪر ۽ جذب ۾ رهندو هو.
انهن ۾ ڪمال حاصل ڪري بزرگيءَ جي تخت تي اچي ويٺو.
ساري عالم کي پنهنجي ارادت هيٺ آندائين. ملڪ جي
سفيد ۽ سياهه جي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ کيس وهبي علم مليل
هو.
سندس وفات واري ڏينهن سندس ڪيترن ئي مريدن فراق سبب روئي روئي
پنهنجو دم ڏنو. سندس مزار مشهور آهي. عام خاص جي
فيض جو چشمو آهي. جيسلمير جي راجا سندس مزار تي
روح پرور قبو ٺهرايو. ان جي سلسلي جا فقير ڪماليت
کي رسيل آهن.
سندس وفات سن 1161هه ۾ ٿي، پوءِ سيد جمال شاهه سندس مسند ٿي
ويٺو.
محمد عالم
هيءُ مخدوم بايزيد ولد مخدوم عربي هالاڪنڊي جي پوٽن مان هو. سيد
شاهه عبداللطيف سان منسلڪ هو. سندس ممتاز فقرآء
مان هو.
مخدوم محمد معين
هيءُ مخدوم امين جو فرزند هو. مخدوم امين جو ذڪر اچي چڪو آهي.
مخدوم عنايت دانشمند معروف جو شاگرد هو. مختلف
علوم ۾ بحر هو. ان وقت ٺٽي ۾ سندس مثال ڪونه هو.
ان کان سواءِ کيس علم دنيا ۽ علم معرفت ۽ علم
باطني ۾ کيس ڪماليت حاصل هئي.
نقشبندي سلسلي ۾ حافظ ابوالقاسم نقشبندي جو پڪو مريد هو. انهيءَ
کان ئي باطني فيض حاصل ڪيو هئائين. آخر ۾ قدوة
العارفين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي خدمت ۾ پهچي
سندس ارادت ۾ داخل ٿيو. شاهه صاحب موصوف ٺٽي ۾ اچي
ساڻس مجلس ڪندو هو. اها ان کي ڏاڍي پسند هوندي
هئي. گهڻو ڪري ٺٽي شهر ۾ انهيءَ جي ملاقات لاءِ
ويندو هو. آخري ڏينهن ۾ مخدوم ۽ شاهه موصوف ويهي
راڳ جي مجلس قائم ڪندا هئا، مخدوم جڏهن راڳ ٻڌندو
هو ته منجهس وجد واري ڪيفيت قائم ٿي ويندي هئي.
سيد جي ڪرامتن مان هڪ هيءَ به ڪرامت هئي، ته جنهن ڏينهن سندس
جنازو مڪليءَ ڏانهن کنيو ٿي ويا ته سيد موصوف به
جنازي جي پُٺ ۾ جنازي سان گڏ هلندو پئي ويو. جڏهن
شهر جي وچ ۾ پهتا ته سيد، جنازي جي پويان پري ٿي
بيٺو. هلندي جنازي خود پاڻ کي ڦيري پنهنجو منهن
سيد موصوف ڏانهن ڪيائين ته جيئن سيد موصوف ڏانهن
پُٺي نه ٿئي، منهن هجي. سندس فوت ٿيڻ جو سن
1161هه آهي.
”قطره در ببحر واصل شد“ (1161هه) موافق سال آهي.
چون ٿا ته جڏهن شاهه صاحب جنازو دفنائي موٽيو ته پنهنجي زبان
مبارڪ سان فرمايائين ته ٺٽي کان اسان جي موڪلاڻي
آهي. پوءِ پاڻ به انهيءَ سال ۾ ترت وفات ڪري ويو.
حاجي شاهه فقيرالله نقشبندي
هيءُ شيخ سعدالدين لاهوري بنوري جو مريد هو. شڪارپور ۾ نهايت
ڪامل ۽ صاحب فيض مهمانواز هو، سندس وقت ۾ فيض ۽
مهمانوازيءَ ۾ ڪوبه مثل ڪونه هو. احمد شاهه افغان.
سندس فرزند افغاني امراء سندس بيحد ارادتمند هئا،
ٿورڙو وقت ٿيو آهي جو هو وفات ڪري ويو آهي.
سيد پير شاهه
ولد مير صلاح الدين لڪعلوي ۽ مخدوم لعل شهباز جي مزار جي متولين
مان هڪ هو. نهايت سخت رياضت ڪندڙ ۽ اهل ڪمال هو.
ميان نورمحمد حاڪم سنڌ، سندس ملاقات لاءِ ڪافي آرزومند هو. هزار
التماس ۽ حيلن وسيلن کان پوءِ ساڻس ملاقات ڪرڻ
لاءِ آماده ٿيو. سيّد کي جڏهن سندس دوست ٻاهر ڪڍي
نورمحمد جي ملاقات لاءِ آيا، تڏهن ان جي سامهون
آيو سيد صاحب فرمايو ته هاڻي اسان جي ڪم جو پردو
کُلي ويو ته هاڻي وڌيڪ جيئڻ نه گهرجي. پوءِ تمام
جلد وفات ڪري ويو.
سندس فرزند، سيد نورشاهه، جو ظاهري نمونو رندن جهڙو هو، پر
حقيقت ۽ معرفت کان ايڏو ته بهرمند هو جو جيڪي به
سندس زبان مان نڪرندو هو، سو تقدير سان ٺهڪي ايندو
هو، مرشد جي مٿس ڪافي شفقت ۽ مهرباني هوندي هئي ۽
هفتي ۾ هڪ دفعو نڪرندو هو. پيئڻ ۽ کائڻ جو سامان
پاڻ سان گڏ کڻندو هو. ماڻهو ايڏا ڀاري خرچ ڏسي
حيران ٿي ويندا هئا. مٿس ڪيميا ٺاهڻ جو شڪ رکندا
هئا.
شيخ مکڻ
قديم شيوخ مان هو. مخدوم لعل شهباز جي درگاهه جو متولي ۽ ڪنجي
بردار هو. سادات سندس ڏهٽاڻ هئا. سي لالچ ۾ اچي
کانئس ڪنجي کسڻ لڳا ته درگاهه کي پنهنجي قبضي ۾
رکون. پوءِ شيخ کان ڪنجي کسي دروازو کولڻ لڳا ۽ هر
حيلو هلايائون، مگر کانئن درگاهه جو دروازو نه
کُليو مجبور ٿي ڪنجي مالڪ کي موٽائي ڏنائون.
سيّد بالشاهه
هيءُ پنهنجي وقت جو معروف بزرگ زاده هو. لڪعلوي سادات منجهان
هو، ڪامل بزرگ هو روزانو چند هزار درود شريف پڙهڻ
پنهنجو وظيفو بڻائي ڇڏيو هئائين. جڏهن فوت ٿي ويو
”ع“ درودِ ﷴ تي هجي“ موافق سن 1125هه ٿئي ٿو.
اهو حسن اتفاق سيد صاحب جي ڪرامتن ۾ شمار ڪيو وڃي
ٿو. سندس فرزند: سيداول شاهه، سالڪ ۽ مجذوب هو.
سيد ابوالحسن، ٻيو نمبر فرزند هو، جيڪو حضرت مخدوم
نوح جي سلسلي جي ارادتمندن مان هو.
سيد محمد شجاع
هيءُ سيد جي پوٽن مان هو. طريقه نقشبنديءَ جو پيرو هو. ان ۾
نامور هو.
سيد محمد فاضل
ولد سيد عبدالرزاق بن سيد لطف الله بخاري رهندڙ ڳوٺ ”رانيو“
هيءُ اصل اولاد سيد محمود جو آهي. شاديءَ کان پوءِ
هي مجذوب ٿي ويو. انهيءَ حالت ۾ کانئس وڏيون وڏيون
ڪرامتون صادر ٿينديون هيون. هن راقم الحروف (قانع)
جو ماسات آهي.
زباني ارباب بولو رانيه کان ٻڌو اٿم، جيڪو هن وقت به انهيءَ ڳوٺ
”رانيو“ ۾ رهي ٿو ته؛ مون هڪڙي وقت پوک ڪئي هئي.
مخدوم نوح جي فقيرن مان هڪ ٻيو سيد ساجن نالي
اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. آءٌ هڪ حصو پوک منجهان ان
کي به ڏيندو هئس ۽ هڪ حصو پير ميان محمد فاضل کي
ڏيندو هئس. ٻئي حصا منهنجي پوک ۾ گڏجي پيا ۽ سوچ
ڪرڻ سبب مون کي ادائيگيءَ ۾ دير ٿي وئي. اهي ٻئي
سيد مون کان پنهنجو پنهنجو حصو طلب ڪري رهيا هئا،
نيٺ هڪ ڏينهن عين سجاڳيءَ ۾ هڪ نوراني پير مون کي
فرمايو ته محمد فاضل جو حصو ڇو نه ٿو ادا ڪرين؟ ڇا
پنهنجي ڀلائي جو خيال ڪونه اٿئي ڇا؟ هڪدم ان وقت
ئي اهو حصو جيڪو مبلغ پنج رپيا ٿئي پيو، سو پنهنجي
پڳ جي ڪنڊ ۾ ٻڌي روانو ٿيس ۽ واٽ تي سيد ساجن
مليو، جنهن چيو ته مون پنهنجي دعويٰ ڇڏي، سيد محمد
فاضل جو حق ادا ڪر، پوءِ آءٌ سيد محمد فاضل جي گهر
ڏانهن روانو ٿيس. ڏٺم ته سيد محمد فاضل اڳي ئي گهر
کان ٻاهر نڪري بيٺو آهي. پوءِ پنهنجي جذبي جي
تقاضا موجب مون کي گار ڏئي چيائين ته: هاڻي ته
دلجاءِ ڪيئي ۽ هاڻي پنهنجي پڳ کول ۽ مون کي پنهنجو
حصو ڏي.
هيءُ سيد سن 1140هه ۾ فوت ٿي ويو.
شيخ محمد صابر
بن شيخ عبدالله سنڌي دانشمندي، مشرب صافي، ٺٽي ۾ ميان ولي نعمت
جي مسجد ۾ امامت به ڪندو هو. پڙهائيندو به هو. هو
علم ظاهري ۾ ماهر هئڻ جي باوجود علم باطني جي به
ڄاڻ رکندو هو. قادريه طريقه سان وابسته هو. سندس
طريقي قادري جي نسبت هن ريت آهي:
هن جي نسبت محمد اشرف بن شيخ ڪڪو جيڪو شيخ فريد شڪرگنج جي اولاد
مان هو. ان سيد عبدالله ۽ ان وري پنهنجي والد سيد
علاؤالدين علي ۽ هن وري پنهنجي والد سيد يوسف حسن
کان. ان وري پنهنجي والد سيد علاؤالدين کان. هن
وري پنهنجي والد سيد شرف الدين قاسم کان. هن وري
پنهنجي والد شرف الدين ابي زڪريا يحيٰ الشهيد کان.
هن عبدالله الحسين بدرالدين کان. هن وري پنهنجي
والد سيد علاؤالدين کان. هن وري پنهنجي والد سيد
شمس الدين محمد کان. هن وري پنهنجي والد سيد شيخ
شهاب الدين احمد قادري کان فيض حاصل ڪيو جيڪو شيخ
عبدالرزاق ولد پيران پير غوث الثقلين شيخ محي
الدين عبدالقادر جيلاني قدس سره جو پوٽو هو.
مذڪوره شيخ طريقه صاحب فيض ڪثير هو. سماع ۽ راڳ جو
ڪلي شغف رکندڙ هو. بزرگي وغيره جي ڏيکاءَ کي هرگز
پسند نه ڪندو هو.
سن 1184هه کان پوءِ حج تي ويو. اتي ئي وفات ڪري ويو.
ميان مخدوم محمد زمان
ولد ميان ڪبير محمد نقشبندي جنهن جو ذڪر مٿي آيل آهي، هيءُ
پنهنجي پيءَ جي بزرگي جو جانشين ٿيو. ان جي طريقي
کي زندهه رکيائين.
آخوند محمد باقر
هيءُ فقہ جي علم ۾ مشهور هو. ذات جو اصل عباسي هو، ۽ شيخ ڪبير
محمد جو مريد هو. مريديءَ جي لحاظ کان، پنهنجي
مرشد جي پُٽ ميان محمدزمان کي سندس خانقاه ۾ درس
ڏيڻ ويندو هو، آخرڪار مخدوم زاده، استاد جو بار
لاهي پاڻ تي رکيو جيڪو خود آخوند محمد باقر جي
خدمت ۾ سندس جڳهه تي وڃي سبق وٺندو هو. ظاهري علوم
جي تحصيل به ڪيائين. پنهنجي پيءُ جي خانقاه تي
طلبه حق جو حلقو ٻڌي ذڪر جي مجلس قائم ڪندو هو.
انهن کي فيض رسائيندو هو. اهڙي طرح کانئس ڪافي
ارادتمندن فيض حاصل ڪيو. جن ۾ مکيه درس عبدالرحيم
هو، هن بزرگ جو ظاهري وضع ملامتي هو. اڪثر طور
ٻارن سان راند ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو. باطني طور
پنهنجو ڪم ڪندو رهندو هو. اڪثر ماڻهن جا مشڪل
مسئلا ۽ حاجتون حل ڪندو هو. چيو وڃي ٿو ته: هڪ
ڏينهن مڪلي ۾ عام رستي تي ٻارن سان چوپڙ راند کيڏي
رهيو هو، چهرو نوراني ۽ منهن تي سونهاري ۽ ڏسڻ ۾
هڪ بزرگ شخص ۽ هر دفعي جڏهن به چوپڙ ۾ هٿ پئي
وڌائين ته ”صلّ عليٰ ﷴ“ جو ورد ڪري رهيو هو. ان
وقت هڪ ٻيو بزرگ، پالڪيءَ ۾ پنهنجي بزرگي واري شان
سان قبرن جي زيارت ڪرڻ وڃي رهيو هو. هن درويش وٽان
جڏهن لنگهيو ته سندس چهرو. سونهاري ۽ بزرگي جا
آثار ڏسي، چوڻ لڳو ته: عجب شيطاني صورت آهي، هن
صورت ۾ ڏاڙهيءَ سان ڪهڙي نه بيهوده ڪم ۾ مشغول
آهي. ائين چئي چند قدم سندس پالڪي اڳتي وڌي ته
اوچتو کيس پيٽ ۾ درد جاڳيو. سخت مبتلا ٿي ويو.
پوءِ سمجهيائين ته اهو ڪٿان ۽ ڇو ٿيو؟ پوءِ
پالڪيءَ کي واپس ڦيرايائين. درس درويش وٽ اچي
معافي ورتائين. درس کيس چيو ته جنهن کي تو ”شيطان“
سڏيو، اهو ڪهڙو حيلو هلائي سگهندو. پوءِ درد سبب
اهو بزرگ جڏهن موت جي قريب ٿيو. درس کي بيحد التجا
ڪيائين. تڏهن سندس لاءِ دعا گهريائين، ۽ درد دفع
ٿي ويس.
سومار ڀٽارو
يعني گل ڪش، صاحب شهود ۽ معرفت هو. ڪامل فقير هو. مير حيدرالدين
ابوتراب ڪامل اميرخاني کي ڏٺو هئائين. سندس
نيازمندي ڪافي ڪندو هو. ميان نورمحمد ڪلهوڙو کانئس
دعا گهرائيندو هو. ڏيکاء ۽ شهرت هرگز پسند نه ڪندو
هو. پنهنجي ڪم ۽ شغل ۾ مخفي رهندو هو. ڪافي خلق
الله کانئس بهرمند ٿي هئي.
آخوند محمد شفيع، جيڪو صاحب باطن مرد ڪامل هو، اهو به سندس ڪافي
ارادتمند هو. حاجي بولو جيڪو سندس ظاهري علمن جو
استاد هو، سو به سندس ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندو هو.
ملا ابراهيم
هيءُ ديره جام علائقي ڪڪراله جو رهندڙ ۽ زميندار هو. پنهنجي وقت
جو مشهور صاحب ڪمال هو. سيد محمد رضا مهدوي رضويءَ
جو مريد هو. اهل بيت سان گهڻي محبت رکندڙ هو.
چيو ٿو وڃي ته سندس عمر 100 ورهيه هئي ۽ بلڪل نابين ٿي ويو هو.
ٻنهي گوڏن تي ٽيڪ ڏئي اُٿندو هو. کيس اُٿڻ ۾ دير
۽ مشڪل پيش ايندي هئي. هڪ ڏينهن مسجد ۾ انهيءَ
حالت ۾ ويٺو هو ته هڪ ٻه دفعا ٿورو اٿي وري ويهي
رهيو. حالانڪ ائين ڪندي کيس اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو
ويو هو، پوءِ جڏهن سندس خادم ڏٺو ته مسجد کان ٻاهر
چند ٻارَ راند ڪري رهيا هئا ته انهن ٻارن ۾ هڪ
سيدزاده به موجود هو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڀڄندي مسجد
جي در تي پئي آيو. بزرگ انهيءَ جي تعظيم لاءِ
اُٿيو ويٺو پئي. آخر انهيءَ ٻار کي پاڻ وٽ گهرائي
چند شيون ڏنائين ته هو خوش ٿي هليو ويو.
سندس وفات ٻارهين صدي جي آخر ۾ ٿي آهي.
هاڻي سندس پٽ ملا عثمان نالي آهي، جيڪو وقت جو بزرگ ۽ ڪامل آهي.
اهو به سيد موصوف محمد رضا مهدوي، رضوي جو فيض
يافته آهي. پنهنجي پيءُ جو قائم مقام آهي. صاحب
منزلت عالي آهي. سلسله سلوڪ کي زنده رکيائين.
درس عبدالڪريم
هيءُ مرد ڪامل ۽ مستجاب الدعوات هو. صاحب صلاحيت هو.
ملا محمد رضا
هيءُ پنهنجي وقت جو صاحب ڪلام هو. پنهنجو وقت پنهنجي صلاحيت کي
اجاگر ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو. وقت جا ڪافي بزرگ سندس
ڪماليت جو اعتراف ڪندا ۽ اعتقاد رکندا هئا. سندس
خدمت ۾ اچي فيض حاصل ڪندا هئا.
سيد فخرالدين
هيءُ مير عزت الله شڪر الٰهي شيرازيءَ جو فرزند هو. هن ڪتاب جي
جامع (قانع) جو وڏو ڀاءُ ۽ رهبر هو. علم جي حصول ۽
قادري سلسلي جو بزرگ هو ۽ شيخ محمد صابر جو شاگرد
مجاز هو. سندس نسبت به شيخ جي احوال ۾ ئي بيان ٿيل
آهي. شروعات ۾ سندس برڪت ڀري نسبت پنهنجي پيءُ ۽
ڏاڏي سان هئس، جنهن جي شهرت هرگز نه ڪئي هئائين.
مڪليءَ جي پاسي ۾ ”هوت خرادي“ نالي هڪ شخص رهندڙ آهي، جيڪو تازو
حرمين شريفين جي زيارت ڪري موٽي آيو آهي. جنهن
پنهنجي پڪي شهادت سان بيان ڪري ٻڌايو ته آءٌ مڪہ
مڪرمہ ۾ هئس، منهنجو خرچ پکو جلدي ختم ٿي ويو. ٻيو
ڪوبه مددگار ڪونه هو. جيئن ته سيد موصوف اتي
پنهنجي شهر ۾ منهنجي دڪان تي اڪثر ويهندو هو.
جيڪڏهن ڪو ڏک ۽ مشڪل پيش ايندي هئي ته سندس آڏو
پيش ڪندا هئاسين. هڪ رات خواب ۾ مون کي اها ڳالهه
آئي پوءِ تصور ۾ نهايت انڪساريءَ سان پنهنجي مشڪل
کي سندس آڏو پيش ڪيم ۽ پوءِ سمهي رهيس. پوءِ خواب
۾ مون کي سيد صاحب فرمايو ته فڪر نه ڪر ۽ هن طرح
ٽوڪرا ٺاهي وڪڻ ۽ خواب ۾ مون کي نمونو به
ڏيکاريائين. پوءِ ٻئي ڏينهن مون اهي ٽوڪرا ٺاهي
رکيا ته الله تعاليٰ غيب مان ڪافي خريدار موڪلي
ڏنا ۽ هر ٽوڪري جي مقرر قيمت کان به وڌيڪ ٻيڻا،
ٽيڻا مون کي پيسا ڏيڻ لڳا. اهڙي طرح ڏک ڦري سک ٿي
ويو. جڏهن مون کي ڪافي استطاعت حاصل ٿي وئي ته
پهريون حج سيد صاحب جي نالي ادا ڪيم ۽ ٻيو حج
پنهنجي نالي تي ڪيم ۽ اڃاتائين انهن جي برڪت جو
نصيب هلندو ٿو اچي.
سندس وفات جو سن 1184هه آهي.
مير غلام اوليآء
ولد سيد عنايت الله عرف سيد بولو. هيءُ سيد عبدالرّحمٰن پوٽو
قاضي شڪر الله بزرگ شيرازي جي اولاد مان هو.
پنهنجي ابتدائي دور ۾ ئي ظاهري علم جي تحصيل ۽
باطني سلوڪ ڏانهن متوجه ٿيو. استاد ميان سومار
ڀٽارو، جيڪو ڳجهو فقير ۽ صاحب حال هو، سو سندس
متعقد هو. هر روز مڪلي ڏانهن حضرت شاهه عبدالله
قادري حسيني جي وڃڻ جو معمول ٺاهي ڇڏيو هئائين ۽
وقت به مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. اشراق کان پوءِ
پنهنجي گذران لاءِ محنت ڪندو هو. زوال کان پوءِ
اول وقت ظهور جي نماز پڙهي مڪلي ڏانهن هليو ويندو
هو. شام ۽ مغرب جي نماز پنهنجي استاد آخوند محمد
شفيع سان طالب علم ٿي گذاريندو هو. پاڻ روز افطار
ڪندو هو. عربيءَ جا سبق پڙهندو هو. عشا مسجد ۾
گذاريندو هو. پوءِ ٿورڙو کاڌو کائيندو هو. ساري
رات مطالعو ڪرڻ ۾ گذاريندو هو، پوءِ حجري ۾ هليو
ويندو هو. ٿوري دير ليٽي چيلهه سڌي ڪندو هو. وري
اٿي ويهي رهندو هو. شايد ننڊ مراقبي ۾ ڪندو هو،
اهڙي طرح سالن جا سال ڏينهن جو روزو رکي، رات جو
عبادت ۾ گذاري ڪماليت جي اعليٰ درجي کي وڃي پهتو.
اگر چند سال ٻيا به زندهه هجي ها ته دنيا ڄاڻي ها
ته هيءُ ڪهڙي شيءِ آهي. جڏهن پنهنجي وڏن جي سنت کي
جاري ڪيائين. هر ڪنهن ڏٺو ته منجهس بزرگي جو ظهور
ٿيو آهي، تڏهن هيءُ پنهنجي جوانيءَ ۾ گذاري ويو.
سندس عمر اٽڪل ٽيهه سال هئي جو گذاري ويو، هر مهيني جي اڪويهين
تاريخ سندس وفات جي مطابق سندس سڀ مريد ان جي قبر
تي اچي ختم ڪڍندا ۽ تبرڪاً طعام ورهائيندا آهن.
سيّد محمّد امين
عرف نانڪه، اصل متعلوي سادات مان آهي. سندس سلسله جي نسبت مخدوم
نوح عليہ الرحمة جي هڪ خليفه سان وابسته آهي،
پنهنجي ساري عمر رياضت ۾ گذاريائين، تازو گذاري
ويو آهي.
وقت جا حڪام سندس ڏاڍي عزت، مروت ۽ فرمانبرداري ڪندا هئا، ۽ هو
هر حاجتمند ۽ ضعيف ۽ مظلوم جي مدد ڪندو هو. جيڪو
به سندس شفقت جي ڇانوَ هيٺ آيو سو حوادث کان محفوظ
رهيو.
پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي ڀائٽي سيد جمن شاهه کي پنهنجو
جانشين ڪيائين. اهو به خالي ڪونه هو. تازو گذاري
ويو آهي.
سيّد سمهابه
سيد امين محمد جو ڀاڻج هو. روپاهه ۾ ڳوٺ ڀتيو ۾ رهندو هو. صاحب
ڪرامات هو.
ميان احمد عطائي
هيءُ بزرگ ڳوٺ نصرپور تعلقي سماوتي ۾ رهندو هو. صاحب ڪمال عمده
مشائخ مان اهل حال ٿي گذريو آهي، ۽ بعد ۾ هو مخدوم
هارون جو ناٺي ۽ سندس قائم مقام ٿيو.
سيّد يونس
پاڻ ۽ سندس پُٽ نالي ”عبد“ ٻئي، اهل ڪمال ۽ اهل حال آهن. عمرڪوٽ
۾ رهندڙ آهن. هن صديءَ جا الله جي مخلوق جي توجه
جا مرڪز آهن.
درس ڇَتو
هيءُ درويش بدين ولد راهو جو پوٽو هو. گنجي ٽڪر تي آرامي آهي.
پير جي دعا جي برڪت سان سندس اولاد جي پوکيءَ ۾ ۽
کير ۾ ڪافي برڪت هوندي آهي.
سندس پٽ موليڏنو، پيءُ جو قائم مقام آهي.
حبيب شاهه مجذوب
هيءُ قوم جو اصل ڏاهري هو. صاحب سلوڪ، ديوانن جي پوش ۾ هو.
چون ٿا ته هڪ دفعي سيد عبداللطيف ڀٽائي، مير محمد عطا امير خاني
جي جڳهه تي بالاخانہ ۾ ترسيل هو. اتي ٻڌائين ته
حبيب شاهه، ٻن ڏينهن کان وٺي، ڏوڍيءَ تي سُتل آهي.
پاسو به نه ڦيرايو اٿائين. شاهه عبداللطيف هيٺ لهي
وٽس آيو ۽ سندس سيرانديءَ کان بيهي چيائينس ته:
اي ديوانا! جيڪو توکي ننڊ ۾ حاصل آهي. اهو اسان کي سجاڳيءَ ۾
ڳولهيندي به حاصل نه ٿو ٿئي. اها ننڊ ڪٿان سِکيو
آهين.
سيّد قاسم
هيءُ بيخودي جو سالڪ هو. ڪافي زمانو جامع فرخ جي محراب کي ٽيڪ
ڏئي ويٺو هوندو هو. اهوئي پنهنجو آشيانو بڻايو
هئائين. سندس عجيب حالات ٻڌڻ ۾ ٿا اچن.
سناسي مجذوب
هيءُ عمده مستن مان هو. مغلن جي دور کان وٺي نادريه دور تائين
موجود هو، پوءِ غائب ٿي ويو.
نور شاهه هندي پنجابي
مستانن جي پوش ۾ عجيب صاحب ڪمال هو. ڪافي مدت کان وٺي ٺٽي ۾ هو.
جنهن ڏانهن به متوجه ٿيندو هو ته اهو جذبي ۾ اچي
ويندو هو.
محمد حسن ولد شيخ محمد باقر واقع نگار شهر ٺٽي ۽ مير عطاء الله
ولد سيد احمد اولاد سيد شڪر الله شيرازي اهي سڀ
منجهانئس آهن.
جڏهن فوت ٿي ويو ته کيس محله مسڪين باغ جي مسجد وٽ دفن ڪيو ويو.
معتقدين لاءِ زيارتگاهه آهي.
ميان عبدالقدوس مجذوب
هيءُ عدلائي جي خادمن مان هو. دائمي خاموشي واروهو. گهڻو ڪري
مسڪينن جي آسائش گاهن کي گندگيءَ کان پاڪ، صاف
ڪرائڻ لاءِ ڀنگين جي خدمت حاصل ڪري کين اجرت ڏيندو
هو. اڪثر حاجي سڳورا حج جي ڏينهن ۾ کيس حرمين
شريفين ۾ ڏسندا رهندا هئا، حالانڪ ڪڏهن شهر کان
ٻاهر ڪونه نڪتو هو.
ڇتو، لونگ، بولو کڏو، لائق ڏنو، الهڏنه ۽ حسني هرهڪ مجذوب سالڪ
۽ پنهنجي وقت جو صاحب مشاهده، مڪاشفه هو. سندن
زبان جي اها ڪرامات هوندي هئي. جو ڪجهه به چوندو
هو ته ائين ٿي ويندو هو.
درويش محمود
سندس لقب باکوڙي، رهندڙ ڳوٺ کوڙو لٻاڻ قوم آريسر لڪعلوي ۾ شاهه
صدر جي درگاهه تي پنهنجي عمر گذاريائين. رڻ پٽن ۾
ڪافي رياضتون ڪيائين. ملڪ جا ڪافي ماڻهو سندس
معتقد هئا. سنڌ جو حاڪم ميان نورمحمد به سندس
ڏاڍو معتقد هو.
اهڙي طرح سير ۽ سفر جي ذريعي ڪافي بزرگن جون زيارتون ڪندي وڃي
دهلي ۾ رسيو. ابراهيم شاهه ڪموره سنڌي جو اتي
مشائخ جي زمره ۾ مشهور هو. پنهنجي نياڻي جو سڱ هن
کي ڏنو. شاديءَ جي ستاوڙي کان پوءِ پنهنجي (گهر
واري وٺي) شاديءَ جو سامان کڻي هڪ جڳهه تي
رکيائين. پاڻ پوءِ مٿي ۽ پيرن اگهاڙو قديم معاش
(ڪاروبار) ۾ لڳي ويو. چند ڏينهن کان پوءِ سنڌ
ڏانهن موٽي آيو. غلام شاهه جي دور حڪومت کان اڳ ۽
سرائي سردارن کان پوءِ محمد مرادياب خان جڏهن
اقتدار ۾ آيو ته هن کي به کنيائين. کيس حڪومت
ڏنائين. پوءِ پورا پنج ڏينهن وٽس ويو. کيس ان ۾
ڪامراني ۽ ڪاميابي نظر ڪونه ٿي آئي ته آخر ان کي
به ڇڏي ڏنائين. شايد بزرگن جي طعن سبب ائين ڪيائين
پوءِ پنهنجن ٻين ڀائرن کي رياست جو اقتدار حوالي
ڪري ڇڏيائين. پوءِ بيمار ٿي پيو. ستت ئي گذاري
ويو.
شاهه ابراهيم ڪموره سنڌي
هيءُ جهان آباد ۾، درويشن جي جماعت ۾ مدت تائين رهيو، مشائخن ۽
بزرگن جي جماعت سندس معتقد هئي ۽ محمد شاهه جي
زماني ۾ پڻ موجود هو، ليڪن سندس آخري زماني ۾
گذاري ويو.
شاهه حسين نيلپوش
گهوڙي سوار سنڌي ڳوٺ وريام جو رهندڙ هو. نيل پوش کيس انهيءَ ڪري
سڏيندا هئا، جو سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارا ماڻهو نيري
رنگ جون چادرون ڍڪيندا هئا. نيرو لباس ڍڪي گهوڙي
تي سوار ٿيندا هئا. ڪافي ماڻهو سندس معتقد هئا.
سندس بزرگي ۽ ڪماليت روز روشن وانگر ظاهر هئي.
شاهه ابراهيم ڪموره جو همعصر هو.
شاهه لطف الله ٺٽوي
هيءُ فقيري وضع ۽ درويشي طبيعت وارو هو. وڏا وڏا ماڻهو سندس
معتقد هوندا هئا. سندس ڀاءُ ٺٽي ۾ ”پنج صدي“ عهدي
تي فائز هو. سندس خطاب حامد يار خان هو.
درس امين ساند
هيءُ به سنڌ جي درويشن. فقيرن مان هڪ هو. ميان نورمحمد سندس
ڏاڍو معتقد هو.
ميان محڪم الدين
هيءُ سيلاني بزرگ هو. ڦري، گهِري سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۾ رهائش اختيار
ڪيائين. ڪڇ ۾ بزرگن جي زيارت لاءِ ويندو رهندو هو،
صاحب ڪمال بزرگ هو. اصل پنجاب جو هو. طريقت جي فيض
لاءِ آيو.
سيد محمود
اصل پنجاب جو هو. ڄام نگر سورٺ جي علائقي ۾ رهندو هو. وقت جي
مشائخ، اهل الله ۽ صاحب ڪمال جي رجوع جو مرڪز هو.
شيخ مولوي خيرالدين
ولد شيخ محمد زاهد هاشمي طريقه قادري، نقشبندي، صاحب فيض ۽ علم
حديث ۾ ڪامل ٿي گذريو آهي. حاجي محمد قائم ٺٽوي
سنڌي جو شاگرد هو. عجيب ذات جو مالڪ هو. سندس طبع
۾ ڀلائي ڪرڻ جو غلبو هو. سخي، پرهيزگار هو ۽ سلوڪ
۾ ڪامل هو.
شاهه ولي الله واعظ
هيءُ صاحب ڪمال بزرگ هو. بندر سورت ۾ رهندو هو. 1197هه ۾ حضرت
جن جي زيارت ميسر ٿي.
الياس فقير
جواني، سياحت ۽ مجاهدات ۾ بسر ڪيائين. 1103هه ۾ ٺٽي شهر ۾ آيو.
جبل تي رهيو. هاڻي ويهه سال اڳ گذاري ويو آهي.
سندس اولاد لائق ۽ پرهيزگار اٿس. هيءُ اڳوڻي بزرگن
۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ظاهري طور سيد علي بزرگ
انجوي جو همعصر آهي.
شيخ عمر افغان
هيءُ حضرت مجدد الف ثاني جي خاندان مان هڪ بزرگ جو مريد هو.
ڳوٺ جمڪلي تعلقي پشاور ۾ هزارين مريدن وارو هو. جڏهن مخدوم زادن
جي لياقت جي پرک ڪرڻ جو مسئلو پيش ايندو هو. ان جي
نکيڙ ڪرڻ لاءِ حضرت شاهه صفي جي خادمن جي خدمت ۾
معتقدانه پيش ٿيندا هئا ته اهو کين قبول نه ڪندو
هو. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس فرزند ڳوٺ موصوفه
مان تيمور شاهه جي طرفان تڪليف ۽ ايذاء پهچڻ سبب
پنهنجي معتقد جماعت سميت خروج ڪيو.
شيخ غلام محمد
ولد حاجي غلام محمد معصوم جنهن جو ذڪر اچي چڪو آهي، پنهنجي پيءُ
کان پوءِ پنهنجي وڏن جي مسند تي خلق جي ارشاد لاءِ
ويٺو. پوءِ پنهنجي پيءُ جي امانت ۽ ولايت پنهنجي
ننڍي ڀاءُ جي حوالي ڪري فوت ٿي ويو.
شيخ شيخان شيخ صفي الدين
سندس نالو ابوالبشر هو. پنهنجي وڏن جي ورثي ۽ وراثت جو ننڍپڻ ۾
ئي مالڪ ٿيو. ان کان پوءِ حضرت مجدد الف ثانيءَ جي
خانداني فيض جو سلسله ختم ٿيو. بس. سندس فيض جا
خليفا تمام گهڻا رهيا ۽ سندس مريد بي حساب آهن.
شيخ عبدالاحد
هيءُ شيخ صفي الدين علائيءَ جو وڏو ڀاءُ هو. ميان غلام شاهه جي
دور حڪومت ۾ ٺٽي ۾ تشريف فرما ٿيو. ساري جهان جي
خلق کي پنهنجي ارادت جي رتبي هيٺ آندائين. هي مؤلف
(يعني مير علي شير قانع) حضرت جن جي توسل جي
انهيءَ جماعت جو تمام ادنيٰ اميدوار آهي.
اَللّهُمَّ احشرنا في زمرتهم وارزقنا من ڪمالات موالهم آمين،
آمين ثم آمين.
|