پهريون معيار
پهرين
صدي هجريءَ جو بيان
بسم الله الرحمٰن الرحيم
هن مضمون ۾ اول چئن خليفن جو ذڪر آهي. بعد ۾ مشاهير بني هاشم ۽
قريشي(1) نسب ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي چاچن ۽ سؤٽن جو بيان
درج آهي. ان کان سواءِ حضرت ولايت جي ظاهري
ڪمالات، شان و شوڪت ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وسلم جي خاص صحبت ۾ رهڻ سبب حاصل ڪيل فيض جي برڪات
جو به ذڪر ٿيل آهي ۽ پڻ اهڙا صحابي جيڪي پاڻ سڳورن
صلي الله عليہ وسلم جي خاص صحبت ۽ محبت ۾ رهي،
ظاهري ۽ باطني فيض کان خصوصيت سان مستفيد ٿيا، تن
جو مختصر ذڪر ٿيل آهي. ان کان پوءِ ٽن اڪابر پاڪ
امامن، حضرت ولايت جي ڪل اولاد حسنين ڪريمين صلوٰة
الله عليهم اجمعين ۽ سندن مشاهير جو به ذڪر آهي.
ان کانسواءِ بزرگ تابعين، تبع تابعين، آزاد ڪيل
غلامن ۽ انصار جو پڻ احوال تحرير آهي.
والله ولي التوفيق حسبي وکفيٰ.
فائده: بموجب حديث شريف ته الخلافة بعدي ثلاثون(2)
معنيٰ: مون کان پوءِ خلافت ٽيهه ورهيه هلندي.
اهڙي طرح سلسله ظاهري جي نگاهه سان اها مدت چئن خليفن جي
ابتدائي دور کان ذات قدسي حضرت امام حسن عليہ
السلام تي خلافت جي مدت پوري ٿئي ٿي. البته بنگاه
سلسله باطني، قيامت تائين فيض جاري رهندو ۽ اهو
پاڪ امامن تي منحصر آهي ۽ هر ولي ڪامل پاڪ امامن
جي اصلي ظهور جي هڪ شاخ آهي.
فائده: وضاحت هن ريت آهي هي ”معيار“ انهيءَ ڳالهه تي مشتمل آهي
لائق بيان آهي ته حضرت آدم عليہ السلام صفي الله
جي زماني کان آهي، جو پاڻ شريعتن ۽ دينن جا فاتح ۽
شروع ڪندڙ آهن ۽ اسان جي پيغمبر خاتم الرسل صلي
الله عليہ وسلم جن تائين ڇهه پيغمبر (يعني رسول
سڳورا) آهن، جن تي سنت الهٰي لازم ٿيل آهي ۽ انهن
منجهان هرهڪ کي ٻارهن وصي آهن، جيڪي شريعت جي
حفاظت ڪندڙ آهن ۽ مڪلّف شريعت يعني جن کي شريعت
ڏني وئي آهي، سي ڇهه پيغمبر هي آهن: آدم عليہ
السلام، نوح عليہ السلام، ابراهيم عليہ السلام،
موسيٰ عليہ السلام، دائود عليہ السلام ۽ عيسيٰ
عليہ السلام. جيتوڻيڪ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وسلم جن جي ظهور بعد سڀني نبين جون شريعتون منسوخ
ٿي ويون، ڇو ته اسان جا پيغمبر خاتم الرسل آهن
ليڪن وصي جو تعداد سنت الهٰي موجب ساڳيوئي رهيو.
سُنَّةَ اللهِ الَّتِيْ قَدۡ خَلَتۡ مِنْ قَبْلُ وَلَنۡ تَجِدَ
لِسُنَّةِ اللهِ تَبْدِيْلاۡط.
(1)
ترجمو: اهو الله جو طريقو آهي جيڪو اڳ ۾ گذري چڪو آهي ۽ الله جي
طريقي ۾ هر گز تبديلي نه لهندين.
ڪتاب جامع الانوار ۽ تاريخ جهان آرا ۾ هرهڪ نبي عليہ السلام جي
ٻارهن وصين جا تفصيل ۽ نالا موجود آهن، ساڳي طرح
عالم علوي ۽ عالم سفلي جي باهمي مطابقت ڪندي مثال
ڏجي ٿو ته ست ئي انبيآءَ ستن ستارن وانگر آهن ۽
هرهڪ سيّاره کي ٻارهن برج آهن جن جي مدار تي هو،
پنهنجي منزل ڏانهن گردش ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙي طرح
ستن ئي انبيآء کي ستن سيارن وانگر ولايت جا ٻارهن
برج آهن، مگر انهن جو ڪم ستارن وانگر محور تي ڦرڻ
گهرڻ، يعني گردش ڪرڻ نه آهي (جامد آهن) اهڙو واضح
مثال صوفي مشائخن مثلاً شيخ اعظم محي الدين ابن
عربي ڏنو آهي.(2)
هو پنهنجي ڪتاب فتوحات ۾ لکي ٿو ته بين الفلک الثامن والتاسع
مقرلہ اثني عشر برجا عليٰ مثال النبي والائمة
اثنيٰ عشر: يعني اٺين ۽ نائين فلڪ جي درميان ٻارهن
برجن جو محور آهي. اهڙي طرح نبي سڳوري صلي الله
عليہ وسلم جن جا به ٻارهن امام آهن ۽ شيخ نورالدين
آذري رحمة الله عليہ ان مضمون کي پنهنجي نظم ۾ هن
طرح بيان ڪيو آهي:
ترجمو:
اهڙي طرح فلڪ آهي جنهن جون ٻارهن شڪلون (محور) آهن،
۽ سج انهيءَ محور تي مهيني ۽سال ۾ پنهنجي گردش ڪري ٿو۽
ولايت جي آسمان کي به ٻارهن برج آهن،
جنهن تي نبوت جو سج به اوج ۽ ڪمال سان (قائم) آهي.
آئينه روح احمدي ۾ تصوير قائم آهي
۽ هر آئينه تصوير جون ٻارهن تصويرون آهن.
مثال ٻارهن مهينا ۽ ٻارهن ستارا.
آفتاب نبوت جو شان سان استقبال ڪن ٿا.
ستارن جي آسمان تي شرف ولايت سان مزين آهن،
سڙڻ ۽ وبال کان بعيد آهن.
شيخ ڪامل سعدالدين حموي قدس سره پنهنجي بعض تصانيف ۾ ذڪر ٿو ڪري
ته ٻارهن امامن کان سواءِ وليءَ جو نالو نٿو ٿي
سگهي، ڇو ته انهن کان سواءِ ولي ۽ امام هرگز نه ٿا
ٿي سگهن، بلڪ ابدال ۽ اوتاد ٿي سگهن ٿا ۽ ان مضمون
کي سندس شاگرد عزيزالدين نسفي پنهنجي اڪثر رسائل ۾
نقل ڪيو آهي ۽ چيو اٿائين ته صوفيه جي ڪتابن جو
مطالعو ڪرڻ سان ان بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي
ٿي. بعض وڏن انصارن ۽ اوصياءَ کان مذڪوره عدد بابت
مناسب وضاحت ۽ بيان پيش ڪجي ٿو:
اول ته اسلام جو بنياد ٻن شهادتن تي ٻڌل آهي. پهرين شهادت
وحدانيت ۽ ٻي شهادت رسالت ۽ انهن ۾ هرهڪ ٻن اصل
مرڪبن جا ٻارهن حرف آهن ۽ ان جا اصل محافظ ٻه امام
آهن. پوءِ مناسب اهو چوڻ آهي ته گهڻائي جي عدد مان
اصل صرف ٻه آهن، باقي ٻارهن انهن ٻنهي اصل جو عدد
آهن. لهٰذا اهي ٻارهن امام، پاڻ سڳورن جي صلواة ۾
شريڪ آهن. بخلاف انهن نبين جي آل و اولاد جي جن جو
دين منسوخ ٿي چڪو آهي ۽ اهي صلوٰة ۾ شريڪ نه آهن،
جو جڏهن پيغمبر سڳوري تي صلوٰة پڙهجي ته مٿن به
صلواة پڙهڻ واجب ۽ مستحب هجي يا کڻي هيئن چئجي ته
ڪلمي لا اِلہ اِلا الله محمد رسول اللهِ ۾ ٻارهن
حرف آهن. انهيءَ ۾ اهو خفيہ اشارو آهي ته ايمان ۽
اسلام جي تڪميل لاءِ انهن ٻارهن امامن جو ذڪر
ضروري آهي، يعني انهن مٿان سلام ۽ صلوٰة پڙهڻ سان
ئي ايمان جي تڪميل ٿئي ٿي.
ٻيو قرآن مجيد جي نص مطابق بني اسرائيل جي نقيبن جو عدد به
ٻارهن آهي. پوءِ مناسب اهو آهي ته امت ﷴي جي امامن
۽ نقيبن جو ڪل عدد به ٻارهن هجي. اهڙي طرح ليلة
العقبة ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي بيعت
ڪندڙ به ٻارهن نقيب هئا.
ٽيون بني اسرائيل ۾ به ٻارهن ٽولا هئا. پوءِ اهو مناسب آهي ته
پاڻ سڳورن جا امام سڳورا به ٻارهن هجن.
چوٿون ته ولايت جي نور سان سڌي واٽ ڏيکارڻ ۽ دلين کي حق ڏانهن
متوجہ ڪرڻ، اهڙي طرح جيئن سج ۽ چنڊ جي روشني ماڻهن
کي واٽ ڏيکاري ٿي ۽ اهي حضرات به پنهنجي نور ولايت
سان سالڪ ۽ طالب حق کي واٽ ڏيکارين ٿا. نوراني
شيون جيڪي اکين کي روشني عطا ڪندڙ آهن ۽ انهن جا
به ٻارهن برج آهن، پوءِ انهن ۾ مطابقت اها آهي ته
محال نوري جيڪو اکين کي روشني عطا ڪندڙ آهي، ائين
ئي هجڻ گهرجي. اتان هڪ بهترين نُڪتو معلوم ٿيو ۽
اهو آهي (زمين جو) قرار وٺڻ. جهڙي طرح حديثن مان
معلوم آهي ته زمين مڇيءَ (حوت) تي بيٺل آهي ۽ حوت
آخري برج آهي. يعني هن حديث جي معنيٰ ائين بيٺي ته
زمين کي کڻندڙ آخري برج امامت آهي، جيڪا قيامت
تائين زمين وارن جي ديني مصلحتن جا بار کڻي ٿي ۽
اهو امام مهدي عليہ السلام آهي.
پنجون تمهيد جو بنياد ٻن جزن تي مشتمل آهي، اول ته پاڻ سڳورن
صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته:
الائمة من قريش
(1)
ترجمو: امام قريش مان ٿيندا
ظاهر آهي ته ”الائمة من قريش“ جا حرف پڻ ٻارهن آهن، ان مان
معلوم ٿيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جا
ٻارهن امام ۽ اولياء قريشي هوندا ۽ غير قريشي نه
هوندا. ٻيو ته نسب جي ماهر علمائن ٻڌايو آهي ته
نضر بن ڪنانہ جو اولاد قريشي آهي، غير قريشي نه
آهي. پوءِ پهريون شخص جنهن جي صفت قريشيہ آهي ۽ ان
کان هيڏي هوڏي نه آهي، سو مالڪ بن ڪنانہ آهي،
قريشي نسبت جو شرف ان کي نصيب ٿيو، ان کان پوءِ
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم کي مليو، جيتوڻيڪ در
اصل پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم کان اهو شرف
انهن کي نصيب ٿيو. ڇاڪاڻ ته پيغمبر پاڪ جي حيثيت
قريشي نسبت جي شرف لاءِ هڪ مرڪزي دائره وانگر آهي.
قريشي امامت جي سلسلي جي ڀيٽ کان سواءِ هر هڪ جي
نسبت ٻه سلسلا رکي ٿي، جن ۾ ٻه لڪيرون آهن ۽ اهي
مرڪزي دائري تي ختم ٿين ٿيون.
هڪ لڪير جي انتها مالڪ بن نضر آهي ۽ ٻي لڪير تي انتها پاڻ سڳورن
صلي الله عليہ وسلم جن جا امام ۽ اولياء آهن ۽ هر
حالت ۾ اها لڪير پنهنجي مرڪز ﷴ صلي الله عليہ وسلم
کان ڇڪجي مالڪ تائين ٻارهن واسطن سان هن طرح پهچي
ٿي.
ﷴ بن عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبد مناف بن قصي بن ڪلاب
بن مره بن ڪعب بن لوئي بن غالب بن فهر بن مالڪ.
لهٰذا مرڪز شريف جي لڪير جون منزلون به ٻارهن آهن.
ٻارهون ۽ آخري امام محمد بن الحسن صاحب الزمان عليہ السلام آهي.
لهٰذا اهو محال آهي ته دائره مرڪز کان واٽون نڪرن
۽ انهن جي دائره منزل ۾ فرق اچي. الغرض ته جهڙي
طرح پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم شرف جا منبع ۽
قريشي نسب جي شرافت جو مرڪزي نقطو آهن ۽ شرافت جو
سلسلو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي ذات تائين
مرڪوز آهي ۽ تهڙي طرح پاڻ شريعت جو سرچشمو به آهن،
ڇاڪاڻ ته امامت جي شرف جي بلنديءَ جي شروعات سندن
ذات سڳوري کان ٿئي ٿي. مٿين حقيقت موجب ظاهر ٿيو
ته امامن جو تعداد به ٻارهن هئڻ گهرجي. نه رڳو اهو
پر بعض متاخرين جو چوڻ آهي ته آفاق ۽ انفس جون
اڪثر عمده شيون ٻارهن جي عدد تي مشتمل آهن ۽ خدا
تعاليٰ جي اڪثر اسمآء الحسنيٰ جي حرفن جو عدد به
ٻارهن تي مشتمل آهي. انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ائمہ
هديٰ جو عدد به ٻارهن آهي ۽ جن اسمآء الحسنيٰ جي
حرفن جو عدد ٻارهن آهي. انهن جي ترتيب ۽ تفصيل هن
ريت آهي:
(1) لا اِلہ اِلا اللهُ ٻارهن حرفن تي مشتمل آهي ۽ بسم الله
الرحمٰن الرحيم. الحميد المجيد. الرؤف الرحيم.
الخالق الباري. الواحد القهار. التواب الوهاب.
الفتاح الرزاق. النعم المضل. المحسن المحمل. ديان
يوم الدين وغيرهم ۽ ازانسواءِ انبيآء ڪرام، اهل
بيت ۽ اوليآء ڪرام جابه اهي نالا درج ٿيل آهن جن
جي حروف جو عدد به ٻارهن آهي جهڙوڪ:
آدم خليفة الله، نوح خالص الله. ابراهيم خليل الله. موسيٰ ڪليم
الله. عيسيٰ مسيح الله. ﷴ رسول الله. ﷴ حبيب الله.
البشير النذير. اميرالمؤمنين علي ابن ابي طالب.
عروة الوثقيٰ. فاطمة بنت ﷴ. الحسن المجتبيٰ و
الحسين الشهيد. الامام الڪاظم. علي بن الڪاظم.
محمد بن رضا. علي بن الجواد. الحسن العسڪري.
القائم المهدي.
محبهم في الجنة وعدوهم في النّار. اها مڃيل حقيقت بلڪ ايمان آهي
ته پاڻ صلي الله عليہ وسلم جن خاتم الانبيآء آهن.
کانئن پوءِ رسالت ختم آهي. ليڪن وصايت ۽ امامت
جاري آهي. لانبي بعد احمد ۾ ٻارهن حروف آهن. مؤلف
جو چوڻ آهي ته احد کان پوءِ وصايت ۽ احمد کان پوءِ
امامت يعني بعد احد وصايت ۽ بعد احمد امامت. هرهڪ
۾ ٻارهن حروف جو عدد آهي.
قطعہ جو ترجمو
”جيئن ته خاتم الرسل محمد صلي الله عليہ وسلم عربي آهي. برگزيده
۽ شفاعت ڪندڙ الله جي درٻار ۾ آهي. ﷴ صلي الله
عليہ وسلم اهو آهي، جنهن جو لقب سدا قائم آهي. ان
کان پوءِ ختم نبوت جي شعاع جون لاٽون تجلي ڪندڙ
آهن. امامت ۽ وصايت جو شعاع آهي، جو سندن ذات
سڳوري جي مهر سان گردش مدار آهي. سندس والد جي
ڪنيت ابومحمد آهي. ٻين روايتن ۾ ڄاڻايل هڪ قول
مطابق صدوق آهي. ذاتِ نبي، امامت جو اواخر آهي.
سندن مهر جي نور سان زمين جي دل انوار آهي. روز
قيامت تائين سندن نبوت قائم آهي. سندن امامت به هن
جهان ۾ پائدار آهي. جهان محبت کان خالي نٿو ٿي
سگهي. محب ان جو سندن رضا کي ئي خدا جي رضا شمار
ڪندو آهي. آهي مؤلف ”معيار“ بنده عاجز دائم سندن
ديدار لئه منجهه انتظار آهي. حساب ۽ روز جزا ۾
سندن حق جي طفيل نجات جو اميدوار آهيان، نه رکي
مون کي محروم مولا ڪريم پنهنجي دولت ديدارکان.“
جيئن گذريل مضمون فاتحه الڪتاب ۾ چئن خلفاء جي قطبيت، غوثيت
عطاء ڪلاه ۽ سندن خاص دستار بندي بابت مجمل تذڪره
ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي معيار اول جي مضمون ۾ سندن
ولايت، شان ۽ ولايت بعد از نبوت ۽ نبي ڪريم صلي
الله عليہ وسلم جن جي ظاهري جانشيني ۽ چار خلفاءِ
جي اخلاص، شان وصف بابت انهيءَ معيار ۾ ڪجهه مفصل
تذڪره ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ابتدا خليفه اول جي
بيان سان ڪئي پئي وڃي.
بيت جو ترجمو
پيغمبر جا جانشين اهي ئي آهن تون کين بيگانو نه ڄاڻ، اهي سندن
پنهنجا آهن.
حضرت بيبي عائشہ صديقہ رضه کان روايت آهي جڏهن پاڻ سڳورا صلي
الله عليہ وسلم رحلت فرمائي ويا ته بمقتضائي حديث.
اصحابي ڪالنجوم بايهم اقتديهم اهتديتم.(1)
جيئن ته پيري ۽ مريدي واري صحبت وارو طريقو پاڻ سڳورن صلي الله
عليہ وسلم کان وٺي جاري هو.ڪم و بيش ٻن صدين گذرڻ
بعد ڪوبه اصحابي سڳورو حيات نه رهيو. تابعين سڳورا
علم يقين معرفت جي جستجو ۾ لڳي ويا ۽ حضرت خواجہ
حسن بصري جيڪو حضرت امير المؤمنين کان فيضياب
ٿيل هو. پيري مريدي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ۽ اهو
ٻڌايو ويو آهي ته حضرت امير المؤمنين علي سڳورن جن
کان چئن شخصن کي خلافت معنوي مليل هئي، جيڪي هي
آهن:
(1-2) حسنين سڳورا (3) حسن بصري (4) ڪميل بن زياده قدس الله
اسراره.
تصوف ۾ چار پير حقيقت آهن:
(1) آدم صفي الله عليہ السلام (2) موسيٰ ڪليم الله عليہ
السلام، (3) ابراهيم خليل الله عليہ السلام ۽ (4)
سيدنا ﷴ مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم.
تصوف ۾ چار پير معرفت آهن:
(1) جبرائيل عليہ السلام، (2) ميڪائيل عليہ السلام، (3) اسرافيل
عليہ السلام، (4) عزرائيل عليہ السلام.
۽ چار پير طريقت آهن:
(1) حسنين عليهما السلام، (2) حسن بصري (3) وڪميل بن
زياد رضي الله عنهما.
چار پير شريعت:
چار خلفآءَ راشدين رضي الله عنهم.
سيدنا ابوبڪر بن ابي قحافہ رضي الله عنہ
هن سڳوري جي اها خصوصيت آهي ته پاڻ سندن پيءُ ۽ ماءُ
گهر واريون، پٽ ۽ ڌيئر سڀ مسلمان ٿيا هئا. سندن
نسب، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن سان ”مره“
وٽ ملي ٿو. اسلامي دور ۾ کين صديق ۽ عتيق جي نالي
سان سڏيندا هئا ۽ اسلام کان اڳ دور جاهليت ۾ سندن
نالو عبدالڪعبہ هو. اسلام آڻڻ کان پوءِ سندن نالو
ڦيرائي عبدالله رکيو ويو.
سيد سعد الله سورتي سلسلہ طريقت طيفوريہ ۾ پنهنجي خود لکيل شجرہ
طريقت ۾ بيان ڪندي طريقہ نقشبندي کي حضرت علي ۽
حضرت صديق ڏانهن منسوب ڪندي لکي ٿو ته انهيءَ
طريقن جي انتها انهن ٻنهي بزرگن تائين آهي.
حضرت صديق نهايت متواضع ۽ متقي پرهيزگار هو. دور خلافت ۾ اُن
جي ڪپڙن جي سادي پوشاڪ پهريندو هو. ساري زندگي
انهيءَ تي قائم رهيو ۽ سندس عمّال به متابعت ڪندا
هئا. اهل سنت جي چوڻ موجب ته اول ۾ ايمان آڻڻ وارو
حضرت صديق هو ۽ اهل شيعت وارن جو چوڻ آهي ته سابق
الايمان حضرت علي هو. اهڙي طرح سندن چوڻ آهي ته
ايمان آڻڻ وارن ۾ اول حضرت خديجه رضه، بعد ۾ حضرت
علي ۽ ان کان پوءِ زيد بن حارث ۽ ان کان پوءِ
حضرت ابوبڪر هو. درحقيقت مردن ۾ اول ايمان آڻڻ
وارو حضرت ابوبڪر ۽ ٻارن ۾ حضرت علي ۽ عورتن ۾
حضرت خديجه ۽ غلامن ۾ حضرت زيد بن حارث هئا.
فائدو: هڪ بزرگ کي چيو ويو ته ابوبڪر ۽ علي رضي اللہ عنهما ۾
ڪهڙو فرق آهي؟ انهيءَ فرمايو ته اها ڳالهه فضول ۽
اجائي آهي، ڇو ته جڏهن حضرت علي رضي الله عنہ، پاڻ
سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي تجهيز ۽ تڪفين ۾
مشغول هو ته ان وقت سقيفہ بني ساعد اصحابيءَ جي
گهر ۾ اصحابن باتفاق حضرت ابوبڪر کي خليفو
چونڊيو ۽ عمر بن خطاب اول بيعت ڪئي. سعد بن
عبادہ بيعت نه ڪئي، اماميہ فرقي جو چوڻ آهي ته
حضرت علي سان گڏ، سلمان فارسي، عمار بن ياسر،
ابوهريره سلمي.
(1) ابوايوب انصاري، حذيفه يماني، قيس بن سعد بن عباده ۽
عباس بن عبدالمطلب، عبدالله بن عباس، ابوذر غفاري،
مقداد، خالد بن سعيد، ابيّ بن ڪعب، سهل بن حنيف،
خزيمه ثابت ذوشهادتين ۽ ابوالهشم بن الهان پڻ بيعت
ڪونه ڪئي هئي.
ڪن جو چوڻ آهي ته حضرت علي سڳورن جن بي بي فاطمہ جي وفات کان
چاليهه ڏينهن پوءِ بيعت ڪئي هئي ۽ ڪن جو چوڻ آهي
ته بيعت ڪونه ڪئي هئائون
(2) ۽ سندن خلافت جو مدو جمله ٻه سال ٽي مهينا ۽ اٺ ڏينهن
رهيو ۽ سندن عمر ڪل ٽيهٺ سال هئي. سندن وفات جو
سال 13هه مطابق 634 ع هو.
سند قادريه طريقو: حضرت امير عه جن کان حضرت سلمان فارسي
تائين پهچي ٿو ۽ حضرت سلمان کان قاسم بن محمد بن
ابي بڪر تائين اچي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته: حضرت ابوبڪر صديق جن جيڪو پيراهن پهريندا هئا،
سو خلعت طور کين حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن
کان عطا ٿيل هو، بعد ۾ ڦرندو ٻاويهن واسطن بعد
حضرت ابوالسعيد ابوالخير کي رسيو ۽ ان کان پوءِ
شيخ الاسلام جامي کي مليو. حضرت ابوبڪر جي اولاد
۾ بي شمار بزرگ، اوليآء ۽ مشائخ ٿي گذريا آهن جن ۾
شيخ شهاب الدين سهروردي، شيخ بهاؤالدين ملتاني(1)
۽ مخدوم نوح هالڪندي به سندس ئي اولاد منجهان
آهن.
سيدنا عمر بن الخطاب رضي الله عنہ
حضرت عمر جو شجره نسب، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن سان
”ڪعب“ وٽ ملي ٿو. سندن لقب فاروق هو. نبوت جي ڇهين
سال ۾ هن سڳوري اسلام قبول ڪيو. هن جي ايمان آڻڻ
وقت تقريباً چاليهه شخص مسلمان ٿيا هئا. جنهن
ڏينهن هن ايمان آندو، انهيءَ رات جو رسول الله صلي
الله عليہ وآلہ اصحابہ وسلم جن الله تعاليٰ جي
درگاهه ۾ اها دعا گهري هئي ته: اللهم اعز الاسلام
بابي جهل بن هشام او عمر بن الخطاب
(2)
ترجمو: اي الله! ابوجهل يا عمر بن خطاب سان اسلام کي تقويت بخش.
چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻڻ کانپوءِ حضرت عمر چيو ته مشرڪين، لات
۽ عزيٰ (بتن) جي اعلانيه پوڄا ڪن ٿا ۽ اسين خدا
تعاليٰ جي لِڪي عبادت ڪريون؟ پاڻ سڳورا صلي الله
عليہ وسلم پوءِ ان ڳالهه کي پسند ڪندي (عبادت)
لاءِ ڪعبة الله جي طرف روانا ٿيا. سندن ساڄي پاسي
کان حضرت عمر تلوار کڻي ساڻن گڏ روانا ٿيا ۽
سندن کاٻي پاسي کان حضرت علي تلوار کڻي روانا
ٿيا. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم جن اڳيان هلڻ
لڳا ۽ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين پٺيان ۽
جڏهن اها ماجرا قريش ڏٺي ته حضرت عمر کي چوڻ لڳا
ته ”تون ته ﷴ جي قتل جي ارادي سان نڪتو هئين ۽
هاڻي هن ڪهڙي حالت ۾ آهين؟“ چيائين ”اوهان منجهان
ڪنهن به ڪا حرڪت ڪئي ته اهو قتل ڪيو ويندو.“ رسول
الله صلي الله عليہ وسلم جن (جماعت سميت) خانه
ڪعبہ ۾ آيا ۽ نماز ادا ڪيائون ۽ آيت ڪريمہ نازل
ٿي.
ياايها النبي حسبک الله ومن اتبعک من المؤمنينط
(3)
ترجمو: اي نبي صلي الله عليہ وسلم ! تنهنجي لاءِ الله ۽ مؤمن
ڪافي آهن.
تاريخ جو قول آهي ته آيت انهيءَ ئي وقت ۾ نازل ٿي هئي.
تاريخ جي ڪتاب ۾ درج آهي، حضرت عمر جي خلافت جي دور ۾ هڪ هزار
۽ ٽيهٺ شهر تابع ۽ فتح ٿيا ۽ چار هزار مسجدون
تعمير ٿيون ۽ چار هزار ڪنيسائون ختم ٿيون ۽ هڪ
هزار هڪ سو منبر کڙا ٿيا. والعلم عندالله.
چيو وڃي ٿو ته جڏهن حضرت ابوبڪر پنهنجي حياتي کان نا اميد
ٿيو، تڏهن حضرت عمر جي خلافت جي حق ۾ هڪ عهدنامو
لکي هڪ شخص کي ڏنائين ته اصحابن کان بيعت وٺي.
گهڻن قبول ڪيو ۽ گهڻن جواب ڏنو ۽ انهن مان طلحه
بن عبدالله، حضرت ابوبڪر وٽ ويو ۽ چيائين ته عمر
خلافت جي لاءِ مناسب نه آهي. چيائين ته آءٌ ان
کي ئي بهتر سمجهان ٿو. پوءِ لکيل عهدنامو اصحابن
رضـي الله عنهم وٽ آندو ويو ۽ بيعت ورتي وئي. پوءِ
حضرت علي جن وٽ آيا ۽ بيعت طلب ڪيائون. حضرت علي
فرمايو: بَايُعْتُ بِمَنْ فِيْهَا وَاِنْ کَانَ
عُمَرًا. (مون انهيءَ عهدنامي مطابق بيعت ڪئي،
پوءِ ڀلي کڻي عمر هجي.)
حضرت عمر پنهنجي خلافت واري سموري دور ۾ ڪمال استقلال سان
عدالت ڪئي ۽ آخر چوڏهين ذوالحج 23هه جي رات جو
مغيره بن شعبہ جي غلام ابولولو جي ڪاري زخم سبب
پنهنجي حياتي کان نا اميد ٿي ويو، تڏهن خلافت جي
تعيّن جو مسئلو شوريٰ جي اڳيان رکي پاڻ وفات ڪري
ويا. سندن فرزند عبدالله بن عمر زهد ۽ تقويٰ ۾
مشهور ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي.
حضرت فاروق جي اولاد ۾ اڪثر اهل ڪمال، بزرگ ۽ مشائخ پڻ گذريا
آهن جن مان ڪابل ۾ فرخ شاهه ان جي نسب مان شيخ
فريدالدين مسعود اجوڌني ۽ امام رفيع الدين، جنهن
جو اولاد حضرت مجدد الف ثاني، شيخ احمد سرهندي
نقشبندي ٿي گذريا آهن.
خليفو ٽيون سيدنا عثمان بن عفان رضي الله عنہ
سندن نسب پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن سان عبدالمناف وٽ ملي
ٿو. حضرت عثمان رضي الله عنہ، نهايت مالدار غني
هئا ۽ شرم و حيا جا پيڪر هئا. چيو وڃي ٿو ته کين
هڪ هزار زرخريد غلام هئا. يقال لہ ذوالنورين لانہ
تزوج رقية و اُم کلثوم بنتي رسول الله صلي الله
عليہ وسلم
ترجمو: کين ذوالنورين جي لقب سان سڏيو ويندو هو، ڇو ته هن پاڻ
سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي ٻن نياڻين سان هڪ
ٻئي پٺيان نڪاح ڪيو. پاڻ پهرين محرم سن 24هه ۾
خليفا ٿيا ۽ سن 35هه ۾ شهيد ڪيا ويا.
سيدنا علي بن ابي طالب عليہ السلام
سندن والده جو نالو فاطمہ بنت اسد بن هاشم هو. هجرت کان پوءِ
مدينہ ۾ وفات ڪري وئي. سندن ولادت ڪعبة الله ۾ ٿي،
سندن لقب اسد الله ۽ مرتضيٰ هو. ڪنيت ابوالحسن ۽
ابوتراب هئي. شيعا، کين بلاواسطه وصي رسول الله
صلي الله عليہ وسلم شمار ڪن ٿا ۽ خيرالبشر سمجهن
ٿا ۽ اهل سنت خلافت جي ترتيب سان کين چوٿون خليفو
شمار ڪن ٿا.
علاؤالدوله سمناني چوي ٿو ته علم باطنيت ۽ وراثت علم ظاهر ۽
امامت حفظ سلسلئه باطن ۽ خلافت سلسلئه ظاهر جو
رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن کان پوءِ علي ،
ولي وارث، امام ۽ وصي هو. امام خليفو نه ٿيندو
آهي. عثمان کان پوءِ خليفو ٿيو. ان جي وضاحت اها
آهي ته حضرت علي جي خلافت ڏانهن ڪابه رغبت ڪونه
هئي. مگر صحابه ڪرام کي ڪو مستحق ماڻهو نه ملڻ ڪري
۽ صحابه جي اصرار سبب بضرورت خلافت قبول ڪيائون.
حضرت علي سڳورن جون فضيلتون بيشمار آهن. جيڪي
سندن اعليٰ رتبو بيان ڪن ٿيون. خبر بيان ڪئي ٿي
وڃي ته معراج جي رات رسول الله صلي الله عليہ وسلم
جن آسمان ۾ هڪ قفل لڳل حجرو ڏٺو، جنهن مان نور
نڪري رهيو هو، بموجب استدعا ان کي کوليو ويو ته ان
مان ست صندوقون هڪ ٻئي جي پٺيان نڪرنديون آيون،
آخري صندوق ۾ پوشاڪ هئي، جيڪا پاڻ سڳورن صلي الله
عليہ وسلم کي باري تعاليٰ جي درگاهه مان اُمت لاءِ
عنايت ٿيل هئي. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم فڪر
۾ پئجي ويا ته هيءَ نعمت منهنجي اُمت منجهان ڪهڙي
شخص جي قسمت ۾ آهي. خطاب ٿيو ته هيءَ انهيءَ لاء
آهيِ جيڪو خلائق کان پرده پوشيءَ جو شعار اختيار
ڪري. ان رات جي صبح جو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وسلم جن حضرت ابوبڪر کي فرمايو ته هن طرح خلعت
عطا ٿي آهي. اگر توکي اها ڏيان ته ڪهڙو عمل ڪندين.
چيائين صدق و نثار پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم
پنهنجو منهن مبارڪ ورائي عمر ۽ عثمان کان دريافت
فرمايائون. انهن مان هڪ چيو عدل ۽ ٻئي چيو حياء ۽
جڏهن حضرت مظهر ولايت جي نوبت آئي ته انهيءَ
فرمايو ته پرده پوشي خلق الله کان پنهنجو شعار
بڻائيندس، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم خلعت انهن
کي عطا فرمائي ته الله تعاليٰ جو امر به ائين ئي
آهي.
لمؤلفہ
اين خلعت ولايت برقامت توزيبا
بعد از نبي کسي نيست بارتبهء توهمتا
معراج مصطفيٰﷺرا دانيم اصل مقصد
بهر علي رساندن اين خرقه بود حقا
بعد ۾ اها خلعت ورثي ۾ حضرت امام موسيٰ ڪاظم کي عطا
ٿي. انهيءَ کان پوءِ امام علي موسيٰ رضا ۽ شيخ
بازيد بسطامي کي ملي. ان کان بعد شيخ معروف ڪرخي
کي ملي ۽ ان بعد سري سقطيءَ کي ملي قدس الله
اسرارهم.
سندن خاندان ۾ بيشمار مشائخ ۽ اولياء آهن ۽ حضرت ولايت جا چار
خليفا آهن، حسن ۽ حسين عليهما السلام، حسن بصري ۽
ڪميل بن زياد ۽ کانئن فيض حاصل ڪرڻ وارا لاتعداد
آهن.
امام اول جو مثال حضرت عيسيٰ عليہ السلام وانگر آهي. پاڻ سڳورن
صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته جيئن بني اسرائيل جي
هڪ جماعت حضرت عيسيٰ سان بغض ۽ عناد رکي ڪفر ۾ پئي
۽ ٻي جماعت حب ۾ حد کان تجاوز ڪري ڪفر ۾ پئي،
اهڙيءَ طرح علي سان عناد رکي هڪ جماعت گمراهي
حاصل ڪئي ۽ ٻي جماعت حب ۾ حد کان تجاوز ڪري ڪفر ۾
هلاڪ ٿي. حضرت علي جن سن 40هه مطابق 661هه ۾
شهيد ٿيا.
سيّد الشهداء حمزه بن عبدالمطلب الهاشمي
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جا چاچا ۽ رضاعي ڀاءُ هئا. پاڻ
سڳورن صلي الله عليہ وسلم کين سندس آخري عمر ۾
ڀلائي ۽ چڱائي ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ حضرت ولايت جي دوستي
۾ علم تفوق ۾ بلندي حاصل ڪيائين ۽ احد جي لڙائي ۾
سن 3هه بمطابق سن 624ع ۾ شهادت جو درجو حاصل
ڪيائون.
جعفر بن ابي طالب هاشمي
هي حضرت پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي صورت مبارڪ سان
مشابهت رکندڙ هئا. خَلق ۽ خُلق ۾ سندن جهڙوئي هو.
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن حضرت جعفر کي
سندن شان ۾ فرمايو ته :
اَشْبَهْتُ خَلْقِيْ وَ خُلُقِي (الحديث)
ترجمو: تون بناوٽ ۽ اخلاق ۾ مون سان مشابہ آهين.
حضرت جعفر، حضرت علي کان عمر ۾ وڏو هو ۽ عقيل، حضرت جعفر کان
عمر ۾ وڏو هو ۽ وري طالب عقيل کان به وڏو هو. حضرت
جعفر مهاجرين اوّل مان هو. فتح خيبر جي ڏينهن ۾
پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پاڻ ڪريمن سندن
شاندار استقبال ڪيو. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم
حضرت جعفر کي ڀاڪر پائي فرمائڻ لڳا ته ”خبر نه اٿم
ته ڪهڙي ڳالهه جي خوشي مون کي وڌيڪ آهي، جعفر جي
اچڻ جي يا خيبر جي فتح ٿيڻ جي.“
موتہ جي جنگ ۾ حضرت جعفر کي اسلامي جهنڊو هٿ ۾ هو، مشرڪن سندن
هٿ کي ڪپي ڇڏيو. وري پاڻ ٻئي هٿ سان جهنڊو بلند
ڪيائون، ڪافرن سندن ٻئي هٿ کي به ڪپي ڇڏيو. وري
پاڻ جهنڊي کي پنهنجي بازو سان بلند رکيائون. ڪافرن
سندن بازو کي جدا ڪري ڇڏيو. وري فوراً نيزي جي
سهاري سان جهنڊو بلند رکيائون. ان وقت پاڻ سڳورا
صلي الله عليہ وسلم مدينہ شريف ۾ منبر تي تشريف
فرما هئا. پردو پري ٿي ويو، پاڻ سڳورا صلي الله
عليہ وسلم جنگ جو روبرو مشاهدو ڪري رهيا هئا. جڏهن
حضرت جعفر کي زمين تان نيزو کڻندي ڏٺائون ته آسمان
ڏانهن پنهنجو منهن مبارڪ ڪندي عرض ڪيائون:
يا الله! منهنجي سؤٽ کي رُسوا نه ڪج! حق تبارڪ و تعاليٰ انهي ئي
وقت کين ٻه پر عطا ڪيا ۽ پرواز ڪري روضئه رضوان
يعني بهشت ڏانهن هليا ويا، انهيءَ ڪري کين ”طيّار“
يا ذوالجناحين (ٻن پرن وارو) جي لقب سان سڏيندا
آهن. شهادت وقت سندن عمر ايڪيتاليهه سال هئي.
عباس بن عبدالمطلب الهاشمي
حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جا چاچا سڳورا هئا. سادات
صحابه ۽ حضرت امير المؤمنين علي عليہ السلام جن
جي اصحاب نصرت منجهان هئا. ابوطالب کان پوءِ حجاج
سڳورن کي پاڻي مهيا ڪرڻ جو ڪم سندن ذمي هو. فتح
خيبر کان اڳ اسلام آندو هئائون، ليڪن فتح مڪي کان
پوءِ ان کي ظاهر ڪيائون. عمر ۾ پاڻ سڳورن صلي الله
عليہ وسلم جن کان ٻه يا ٽي سال وڏا هئا. رمضان
شريف 32هه ۾ حضرت عثمان بن عفان جي واقعي کان اڳ
وفات ڪري ويا. سندن قبر مبارڪ بقيع ۾ آهي.
عبدالله بن عباس رضي الله عنہ
پاڻ عظيم صحابي ۽ حضرت عباس جي اولاد ۾ افضل ۽ اميرالمؤمنين
حضرت علي جا شاگرد ۽ پڻ مريد هئا.
عبيدالله بن عباس رضي الله عنہ
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جا خاص صحابي ۽ سادات ۽ حضرت
اميرالمؤمنين حيدر جي ساٿين مان هئا. پنهنجي ڀاءُ
عبدالله کان هڪ سال ننڍا هئا. معاويہ جي عهد ۾
سعيد بن عثمان سان سمرقند ويا ۽ اتي ئي شهادت جو
درجو حاصل ڪيائون.
عقيل بن عباس رضي الله عنہ
پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن سان جنگ حنين ۽ حجة الوداع ۾ گڏ
هئا ۽ سن 8هه ۾ طاعون جي وبا سبب وفات ڪري ويا.
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم، حضرت علي سان گڏ
کين غسل ڏنو.
عبدالله بن جعفر طيار رضي الله عنہ
اهل اسلام جي تاريخ ۾ هن سڳوري جي ولادت ارض حبشه ۾ بيان ٿيل
آهي. پنهنجي پيءُ جي هجرت کان پوءِ فتح خيبر جي
موقعي تي پيءُ سان گڏ مديني موٽي آيو. مون کي هي
قول ياد آيو ته پيغمر عليہ السلام جن اسان جي گهر
آيا. منهنجي پيءُ جي وفات تي اسان سان تعزيت
ڪيائون ۽ منهنجي مٿي تي ۽ منهنجي ڀاءُ جي مٿي تي
پنهنجو هٿ مبارڪ رکيائون ۽ منهنجي مٿي ۽ منهن تي
چمي ڏنائون ۽ سندن اکين مبارڪن مان ڳوڙها ڳڙيا،
تانجو سندن ڏاڙهي مبارڪ تر ٿي وئي ۽ فرمايائون ته
”جعفر پنهنجي بهترين ماڳ تي وڃي رسيو. هاڻي سندن
خليفو تون ئي آهين. سندن اولاد ۾ تون بهترين خليفو
آهين“. وري ٽن ڏينهن کان پوءِ آيا. تعزيت وارو
لباس لاٿائون، پنهنجي جود ۽ سخا جي سمنڊ ۾ انتهائي
ٻاجهه سان ارشاد فرمايائون ۽ پڻ ٿورو ناراض به ٿيا
ته منهنجي امت جي انهيءَ ٽولي تي الله تعاليٰ
انعام فرمايو، جن پاڻ تي ظلم ڪيو. جيڪڏهن آءٌ انهن
ماڻهن کي محروم ڪريان ته ڊڄان ٿو ته الله تعاليٰ
اها نعمت مون کان واپس وٺندو.
سن 80 هه ۾ مديني ۾ وفات ڪيائين. سندس عمر 90 سال هئي. ڪي چون
ٿا ته سن 84هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سندن عمر 80 ورهيه
هئي. پر اڳيون قول وڌيڪ صحيح ۽ اوليٰ ڄاڻايو ويو
آهي.
محمد بن جعفر طيار
هن حضرت کي پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم ڏاڍو ڀائيندا هئا ڇو
ته سندس شڪل و مشابهت ابوطالب جهڙي هئي. حضرت عمر
جي وفات کان پوءِ حضرت علي سڳوري جن کيس پنهنجو
نياڻو بڻايو، يعني ام ڪلثوم جيڪا علي سڳوري جي
نياڻي حضرت عمر جن جي نڪاح ۾ هئي، ان جي وفات
کان پوءِ هن حضرت جي نڪاح ۾ آئي. روضة الشهدآء جي
مصنف کيس سندس ڀاءُ عون بن جعفر شهداء ڪربلا ۾
شمار ڪيو آهي ۽ استيعاب جي مصنف ٻنهي جي شهادت
شوستر شهر ۾ بيان ڪئي آهي ۽ قاضي نورالله (شوستري)
ڪتاب مجالس المؤمنين ۾ سندس شهادت جو هنڌ شوستر
شهر کان ٽي ميل پنڌ تي بيان ڪيو آهي.
عقيل بن ابي طالب
هن بزرگ جي ڪنيت ابوزيد هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم کين
فرمايو ته مون کي توسان ٻن طرفن کان پيار ۽ محبت
آهي. هڪ طرف توسان قرابت اٿم ۽ ٻئي طرف منهنجو
چاچو ابوطالب توکي ڏاڍو گهرندو هو. عقيل حضرت علي
کان رنج ٿي، شام ملڪ ڏانهن هليو ويو، ڇو ته سندس
شام وارن تي سهڻو اثر هو.
حضرت معاويه اڪثر ساڻس کِل مذاق ڪندو هو. هڪ ڏينهن مجلس ۾ کيس
چيائين ته جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ڀاءُ تسليم
نٿو ڪرين ته منهنجي سامهون نه ايندو ڪر. جواب ۾
کيس چيائين ته اخي لي في ديني و انت خير لي في
دنياي واسال الله خاتمة خيرا (يعني دين ۾ منهنجو
ڀاءُ آهين، دنيا جي لحاظ سان تون مون کان ڀلارو
آهين، ۽ خير سان خاتمي جو الله تعاليٰ کي عرض
ڪريان ٿو.) وري کيس هڪ ڏينهن مجلس ۾ چيائين ته
عقيل اهو آهي جنهن جو چاچو ابولهب آهي. جواب ۾ موٽ
ڏنائين ته معاويه اهو آهي، جنهن جي پڦي حمالة
الحطب آهي (ابولهب جي زال هئي) بلڪ وڌيڪ چيائونس
ته اي معاويه! ڇا منهنجي چاچي ابولهب کي ۽ پنهنجي
پڦيءَ حمالة الحطب کي دوزخ ۾ هن جي هيٺان فرش تي
پيل ڏسڻ گهرين ٿو ۽ هاڻي تون انصاف ڪر ته انهي
ٻنهي مان ڪهڙو بهتر آهي، فاعل يا مفعول. معاويه
ڏاڍو لڄي ٿيو، ۽ هڪ ڏينهن وري معاويه، عقيل کي چيو
ته اوهان بنوهاشم ۾ شهوت جو حرص تمام گهڻو آهي. هن
وراڻيو ته هائو! ما في الرجال و منکم في النسآء
(يعني هائو! اسان جي مردن ۾ آهي ۽ اوهان جي عورتن
۾ آهي). سندس وفات شام ملڪ ۾ معاويه جي زماني ۾ ئي
ٿي هئي.
عبدالله بن زبير عبدالمطلب
غزوه حنين ۾ حضرت علي عه، ۽ عباس سان گڏ ثابت قدم رهيو. چيو
وڃي ٿو هڪ دفعي حضرت عبدالله، مڪہ ۾ پاڻ سڳورن صلي
الله عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، پاڻ سڳورن صلي
الله عليہ وسلم جن مٿس چادر وڌي ۽ کيس پنهنجي پاسي
۾ ويهاريندي فرمايو ته هيءُ منهنجو فرزند آهي ۽
سندس پيءُ منهنجو دوست هو. روم جي جنگ ۾ شهادت جو
درجو حاصل ڪيائين. پهريائين جنگ ۾ ٻن رومين کي هڪ
ٻئي پٺيان جهنم رسيد ڪيائين، پوءِ پاڻ زمين تي
ڪِري پيو ۽ شهيد ٿي ويو. بعد ۾ ڏٺو ويو ته سندس
جسم تي گهرا زخم رسيل هئا.
جعفر بن ابي سفيان بن حارث هاشمي
سندس والده، ابوطالب جي نياڻي هئي، جنگ حنين ۾ به سمجهه سان هو
۽ معاويه جو دور به ڏٺائين، پاڻ سڳورن صلي الله
عليہ وسلم جن جي خدمت ۾ هميشه رهندو هو، سال 50
هجري ۾ دمشق ۾ وفات ڪري ويو.
مسلم بن عقيل
هيءُ حضرت حسين عليہ السلام جي جانثارن مان خاص جانثار هو. ڪافي
تڪليفون ڏٺائين ۽ ڪثرت شهرت سبب سندس وڌيڪ احوال
لکڻ جي ضرورت ڪونه آهي.
ابوسفيان بن الحارث بن عبدالمطلب
حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جو سؤٽ ۽ پڻ رضاعي ڀاءُ هو.
شروعات ۾ اسلام آڻڻ کان منهن موڙيو هئائين. بعد ۾
ايمان آندائين ۽ اسلام آڻڻ کان پوءِ فضل ۽ تقويٰ ۾
ايتري قدر پختو ٿيو، جو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وسلم جي زبان مبارڪ تان هي الفاظ جاري ٿيا ته
”ابوسفيان بن حارث. جنت جي جوانن ۾ سردار آهي. جنگ
حنين ۾ اڪثر صحابه جڏهن پسپا ٿيا ته هيءُ حضرت
علي ۽ حضرت عباس سان گڏ پاڻ سڳورن صلي الله
عليہ وسلم جي حفاظت ڪري رهيو هو“.
عبدالمطلب بن ربيعه بن الحارث
حضرت ولايت جن روايت فرمائين ٿا ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وسلم هن صحابي جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو هو. حضرت
عمر جن جي خلافت تائين مدينہ منوره ۾ رهندو هو.
ان کان پوءِ دمشق ويو ۽ اتي ئي سن 63هه ۾ گذاري
ويو. سندس فرزند محمّد جي اتي ڏاڍو قدر شرف ۽
منزلت ٿي.
عمر بن ابي سلمه بن عبدالاسد
هيءُ به بني هاشم ۾ شمار آهي، ڇو جو سندس والده زوجه رسول الله
صلي الله عليہ وسلم، اُم المؤمنين ام سلمہ آهي.
سندس پرورش پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم ڪئي ۽
هيءُ حبش ۾ ڄائو. حضرت امير جي عهد ۾ بحرين جو
والي رهيو هو ۽ سن 82هه ۾ وفات ڪيائين.
ابوايوب بن زيد انصاري
هن جو نالو خالد آهي قديم. رؤساء مدينہ مان نالي شامول حڪيم
يهودي، پنهنجي ساٿي نالي تبع بن مصدع بن ورد خابط
عادل سان گهمندي ڦرندي، عرب، روم، عجم، ترڪستان ۽
هندستان جو سير سفر ڪندي يمن ۾ پهتا. اتان روانا
ٿيندا جڏهن يثرب ۾ وارد ٿيا، ته شامول پنهنجي چار
سو ساٿين سميت يثرب ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جي خواهش
ظاهر ڪندي ساٿيءَ کان رخصت گهري.
ساٿيءَ کانئس يثرب ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جو سبب پڇيو تڏهن شامول
کيس ٻڌايو ته هيءُ شهر نبي آخرالزمان جي هجرت جو
هنڌ ۽ گهر آهي. بعد ۾ دوران سڪونت هن چيو ته
جيڪڏهن مان انهيءَ وقت ۽ زماني ۾ موجود رهيس ته
پاڻ سڳوري صلي الله عليہ وسلم جي مٿان پنهنجي جان
به قربان ڪري ڇڏيندس. ان وقت شامول ڪاغذ ۽ قلم طلب
ڪيو ۽ ان تي هن طرح لکيائين:
بـسم الله الرحمٰن الرحيم مون فلاڻي پٽ فلاڻي جي، محمّد جي دين
۽ سندس ڪتاب تي ايمان آندو آهي ۽ خدا تعاليٰ جي
سڀني ڪتابن ۽ پيغمبرن تي به ايمان آندو آهي ۽ پاڻ
سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي شفاعت جو پڻ
اميدوار آهيان ۽ سندس سڳوري ملڪ ۾ پاڻ کي منسلڪ
ڪريان ٿو. شامول اهو ڪاغذ لکي پنهنجي اولاد جي
حوالي ڪندي، کين وصيت ڪئي ته حضور اڪرم صلي الله
عليہ وسلم جي ظهور وقت کين منهنجو اهو خط پهچائجو
۽ سندن خدمت ۾ چار سو ڪنيزون به عرض رکجو. چيو وڃي
ٿو ته مدينہ منوره جي بيشتر آبادي انهيءَ ئي نسل
مان آهي.
ان کان پوءِ شامول جي ايڪويهين پشت يعني هڪ هزار ٽيونجاهه ورهيه
پوءِ، ابوايوب انصاريءَ جي وقت ۾ پاڻ سڳورن صلي
الله عليہ وسلم جي ظهور جي شهرت ٿي. تڏهن ان ڪاغذ
کي هلال نالي هڪ شخص جي حوالي ڪري، کيس مڪي پاڪ
روانو ڪيو ويو، ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم
کي هيءُ پهچائي. ان وقت پاڻ سڳورا صلي الله عليہ
وسلم مڪي پاڪ جي ڪنهن واديءَ ۾ موجود هئا. جڏهن
پاڻ سڳورن هلال کي واديءَ ۾ ايندي ڏٺو ته کيس سڏ
ڪري چيائونس ته اي هلال! اهو ڪاغذ مون کي ڏي. هن
چيو ته ڪهڙو ڪاغذ ۽ توهان جو نالو ڇا آهي؟ پاڻ صلي
الله عليہ وسلم جن فرمايو ته منهنجو نالو ﷴ نبي
آخرالزمان آهي ۽ حضرت جبرئيل عليہ السلام انهيءَ
ڪاغذ بابت تنهنجي نالي ۽ موڪليندڙ جي نالي جي خبر
ٻڌائي آهي. پوءِ ڪاغذ وٺي، پاڻ سڳورن صلي الله
عليہ وسلم حضرت ابوبڪر کي ڏنو، ته جيئن پڙهي
ٻڌائي ۽ جڏهن حضرت جن اهو مضمون ٻڌو ته روئي پيا ۽
فرمايائون ته آءٌ پنهنجي ڀاءُ جي ديدار جو مشتاق
آهيان. ابوبڪر چيو ته ڪهڙو ڀاءُ آهي. فرمايائون
اوهان جو رفيق آهي. اوهان جو اُهو ڀاءُ آهي جنهن
اڻ ڏٺي تي ايمان آندو ۽ محبت ۾ جان به قربان
ڪيائين. طوبيٰ لهم و حسن مآب
(1) (پوءِ انهن کي خوشخبري هجي ۽ سندن لاءِ سهڻو ٽڪاڻو آهي).
هجرت جي شروعات ۾ مدينہ اچي، پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم جن
ست مهينا پورا حضرت ايوب جي گهر ۾ رهيا. حضرت ايوب
غزوه بدر ۽ ٻين غزوات ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وسلم سان همرڪاب هوندو هو. جنگ جمل ۾ حضرت علي جو
طرفدار هو ۽ حضرت معاويه جي زماني ۾ روم جي جنگ
لاءِ روم روانو ٿيو ۽ رستي ۾ بيمار ٿي پيو ۽ وفات
وقت اها وصيت ڪيائين ته دشمن سان مقابلي وقت
منهنجي لاش کي پنهنجن قدمن هيٺان دفن ڪجو، ان وصيت
موجب کيس استنبول جي ويجهو سوران شهر وٽ دفن ڪيو
ويو، سندس قبر مبارڪ وٽ مسلمان يا نصاريٰ برسات
وسڻ لاءِ دعا گهرندا آهن ته برسات وسي پوندي آهي.
ڪتاب استيعاب موجب رومي جڏهن جنگ لاءِ فارغ ٿيا ته ارادو ڪيائون
ته سندس قبر کي کوٽيو وڃي. ان وقت ايڏي سخت برسات
پئي، جو ائين پيو لڳي ته مٿن الله تعاليٰ جو قهر
نازل ٿي رهيو آهي. پوءِ خوف سبب انهيءَ ارادي کان
باز آيا.
مت انصاري
هيءُ حضرت ايوب انصاري جو فرزند هو. ٽئين خليفي جي وقت هيءُ
هرات ۾ وڃي رهيو. سندس نسب شريف شيخ الاسلام
انصاري هروي تائين پهچي ٿو.
معاذ بن جبل انصاري
هيءُ انهن ڇهن شخصن مان هڪ هو. جن پاڻ سڳورن ﷺ تي نبوت جي
ٻارنهين سال ايمان آندو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي خاص
اصحابن مان هڪ هو ۽ کين فيض صحبت مان صفائي باطن ۽
مقامات ڪشف جي نعمت جو حصول ٿيو ۽ جڏهن رحلت سرور
ڪائنات جو واقعو مدينہ ۾ ٿيو ته يمن ۾ کيس ڪشف جي
ذريعي خبر پئي ته پاڻ سڳورا ﷺ رحلت فرمائي ويا
آهن، پوءِ اوڏانهن روانو ٿيو ۽ امير شام ابوعبيده
جي وفات کان پوءِ خليفه ثاني جي حڪم تحت ان جو
جانشين ٿيو ۽ ان کان پوءِ تمام جلد وفات ڪري ويو.
سعد بن عباده انصاري
هن صحابي کي، پاڻ سڳورن ﷺ جن جي خاص اصحابن مان هڪ خاص صحابي ۽
نقيب شمار ڪيو وڃي ٿو. نبوت جي ٻارنهين سال جن ڇهن
ماڻهن پاڻ سڳورن ﷺ تي ايمان آندو هو، انهن مان
هيءُ به هڪ هو ۽ مدينہ ۾ ايمان آندو هئائين، ڪامل
زاهد هو. سندس وفات وقت حضرت جبرائيل عليہ السلام
پاڻ ڪريمن ﷺ ڏانهن هي خبر کڻي آيو ته آسمان جا
دروازا مٿس کوليا ويا آهن ۽ عرش رحمان کان رحمت
وسي ٿي.
يزيد بن الحصين الاسلمي
هي بزرگ سيد الابرار ﷺ جن جي خاص اصحابن منجهان هڪ هو. هيءُ
مقبول ۽ خاص علي عليہ السلام جي شيعن مان هڪ هو.
آخري عمر ۾ جڏهن عزا جي ارادي سان ”مرو“ ويو ته
شهيد ڪيو ويو.
خالد بن سعد بن العاص
خالد بن سعد بن العاص بن اسد بن عبدالشمس بن عبدمناف القريشي
الاموي، ڪنيت ابوسعيد، هن جي اسلام آڻڻ ۾ حضرت
ابوبڪر صديق جي ترغيب ۽ هڪ خواب هو. خواب جي
حقيقت بيان ٿو ڪري ته ڏسان ٿو ته هڪ باهه جي ٻرندڙ
شعلن جي ڪناري تي بيٺو آهيان. مون کي منهنجو پيءُ
انهيءَ باهه ۾ اُڇلڻ گهري ٿو، ايتري ۾ پاڻ سڳورا ﷺ
جن آيا ۽ منهنجي گريبان کي پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيائون
۽ چيائون ته مون ڏانهن اچ ته باهه کان بچي ويندين.
جاڳ ٿي ۽ پڪ ڄاتم ته خواب صحيح آهي. پوءِ پاڻ
سڳورن ﷺ ڏانهن روانو ٿيس، رستي ۾ حضرت ابوبڪر
سان ملاقات ٿي جنهن کي ڳالهه ٻڌايم. هو پاڻ سڳورن
ﷺ جي خدمت ۾ وٺي آيو ۽ اسلام جو شرف حاصل ڪيم.
ابوالهشم مالڪ بن التبهان الانصاري
عقبہ اول ۽ عقبہ ثاني ٻنهي ۾ نقيب هو ۽ اڪابرين اصحابن مان خاص
هو. جنگين ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن سان گڏ هوندو هو. پاڻ
سڳورن ﷺ جي وفات کان پوءِ حضرت علي سڳوري جي
گرويدن ۾ شامل ٿيو ۽ جنگ صفين ۾ نمايان ڪردار
ڏيکاريائين ۽ فوت ٿي ويو.
حڪيم بن جبلہ عبدي
ناميارو صحابي هو. صالح ٻانهو ۽ پنهنجي قوم جو سردار هو. حضرت
عثمان جي خلافت جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ آخر جنگ
جمل ۾ حضرت امير جي گروهه ۾ پنهنجي قوم جي ستر
ماڻهن سميت شامل ٿيو ۽ فدا ٿيو.
خزيمہ بن ثابت انصاري
هن صحابيءَ جو لقب ذوالشهادتين هو. ڇو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن هن جي
شاهديءَ کي ٻن ڄڻن جي شاهديءَ جي برابر قرار ڏنو
هو. جنگ صفين ۾ حضرت علي جي ٽولي ۾ شامل ٿيو.
جڏهن عمار بن ياسر جنگ ۾ شهيد ٿيو تڏهن هن تلوار
سنڀالي ۽ دشمنن سان سخت مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو.
سهيل بن حنيف انصاري
سڀني جنگين ۾ پاڻ سڳورن ﷺ سان شريڪ هوندو هو. ڪافرن سان سخت
مقابلو ڪندو هو. اُحد جي جنگ ۾ استقامت جو ثبوت
ڏنائين ۽ تيراندازي سان دشمنن کي دفع ڪندي، پاڻ
سڳورن ﷺ جن جي پوري حفاظت ڪيائين. پاڻ سڳورن ﷺ جي
وصال کان پوءِ حضرت علي جن جو همنوا ٿيو ۽ جنگ
صفين ۾ ڪافي ڪارناما ڏيکاريائين. آخر ۾ ڪوفي ۾ فوت
ٿي ويو. سندس جنازي نماز حضرت علي جن ڇهه يا
ويهه تڪبيرن سان پڙهائي.
ابي بن ڪعب انصاري
هيءُ صحابي سڳورو انهن ڇهن مان هڪ هو، جن عقبه ثاني ۾ حضور اڪرم
ﷺ جن جي بيعت ڪئي هئي، جنگ بدر ۾ شريڪ هو ۽ وحي جو
ڪاتب، قاري ۽ فقيہ هو. جڏهن آيت لم يکن الذين
کفروا من اهل الکتاب
(1)
ترجمو: اهل ڪتاب مان جن ڪفر ڪيو، انهن پاڻ ۾ اختلاف نه ڪيو
تانجو وٽن دليل آيو.
نازل ٿي تڏهن حضرت جبريل عليہ السلام پيغمبر سڳوري جن کي فرمايو
ته الله جلشانہ جو حڪم آهي ته هيءَ آيت ابي بن ڪعب
کي پڙهي ٻڌايو. حضور اڪرم ﷺ جن معنيٰ سان ابي بن
ڪعب کي پڙهي ٻڌائي. هن پاڻ سڳورن ﷺ کان دريافت ڪيو
ته ڇا منهنجو ذڪر ملاءِ اعليٰ (ملائڪن جو ٽولو) يا
عالم بالا (ملائڪن جي دنيا) ۾ ٿيل آهي؟ پاڻ سڳورن
ﷺ فرمايو ته هائو! ابي بن ڪعب ڏاڍو رُنو. سندس
وفات جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. گهڻن جي روايت آهي ته
سندس وفات خلافت ثانيه جي دور ۾ ٿي آهي.
ابودجانه انصاري
هيءُ اڪابرين صحابن مان آهي. اُحد جي جنگ ۾ جڏهن اصحاب سڳورا
پٺتي هٽي ويا هئا ۽ پاڻ سڳورا ﷺ اڪيلا رهجي ويا
هئا ته هيءُ حضرت امير جن سان موٽي آيو ۽ ڪافرن
سان جنگ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ابودجانه سهل بن حنيف
۽ عاصم ۽ طلحه سان گڏ پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ پهتا
۽ سندن جسم مبارڪ جي چؤطرف ڍال ٿي بيٺا. ثقات
راوين کان روايت آهي ته ابودجانه انصار مان حضرت
صاحب الزمان جو هڪ مددگار هو.
بشير بن سعد بن ثعلبه خزرجي انصاري
صاحب استيعاب لکي ٿو ته هي اصحاب عقبه مان هو. انهيءَ کان پوءِ
سندس ڀاءُ سماڪ بن سعد پنهنجي والد سان جهاد ۾
حاضر ٿيو. جنگ اُحد ۽ ٻين جنگين ۾ به شريڪ هو.
علامه حلي پنهنجي خلاصه بيان ۾ لکي ٿو ته، ”مقبول
گروه ۾ داخل هو“. حضرت ابوبڪر جي خلافت واري
زماني ۾ خالد بن وليد جي ڪمان هيٺ يمن ويو ۽ اتي
شهيد ٿي ويو.
حجر بن عدي ڪندي ڪوفي
هيءُ حضرت افضل صحابين ۾ شمار ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍو هو پر
ڪبائر ۾ شمار ٿيندو هو. مستجاب الدعوات ۾ معروف هو
۽ جنگ صفين ۾ حضرت علي جن جو طرفدار هو ۽ نهروان
۾ به حضرت علي جن سان گڏ هو. علامه حلي کيس
ابدال لکيو آهي. زياد بن اميه بحڪم معاويه مٿس چند
الزام مڙهيا ۽ پوءِ کيس شهيد ڪيو ويو، سن 51هه ۾
شهيد ٿيو.
اسامہ بن زيد بن حارثه بن شراحيل ڪلبي
صاحب (استيعاب) بيان ٿو ڪري ته سندس ماءُ جو نالو اُم ايمن
برڪتہ هو جيڪا پاڻ سڳورن ﷺ جي ڪنيز هئي. پاڻ سڳورن
ﷺ جن جي وفات وقت هن حضرت جي عمر ويهه يا اڻويهه
سال هئي. پاڻ سڳورن ﷺ کان پوءِ هيءُ وادي القريٰ ۾
وڃي رهيو ۽ آخر ۾ مدينہ منوره ۾ موٽي آيو ۽ معاويه
جي آخري ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو.
ابراهيم ابورافع يا ابن رافع
خلاصه ۾ مذڪور آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جو آزاد ٿيل غلام هو ۽
سڀني جنگين ۾ پاڻ سڳورن ﷺ سان همرڪاب هوندو هو.
پاڻ سڳورن ﷺ جن کان پوءِ حضرت امير جن سان منسلڪ ٿيو. ”اصابہ“
۾ بيان ٿيل آهي ته سندس نالو اسلم ابي رافع قبطي
آهي ۽ پاڻ ﷺ سڳورن جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ ڪنيت سان
مشهور هو. عام طرح اهو قول آهي ته سندس نالو
”اسلم“ هو. بخاري هو. شيخ نجاشي پنهنجي ڪتاب ۾ شڪ
جو بيان ڪندي لکي ٿو ته سندس نالو ابورافع اسلم يا
ابراهيم هو. جيئن اڳ ۾ بيان ٿيل آهي ته ابورافع
پاڻ سڳورن ﷺ جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ سندس نالو اسلم
رکيو ويو هو. دراصل هو حضرت عباس بن عبدالمطلب
جو غلام هو ۽ هن پاڻ سڳورن ﷺ کي بخش ڪيو هو.
ابورافع اسلم، حضرت عباس جي اسلام آڻڻ جي
خوشخبري جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ کي پهچائي ته خوشي سبب
کيس آزاد ڪري ڇڏيائون ۽ انهيءَ کان پوءِ احمد بن
سعيد، جو حافظ مشهور آهي، انهيءَ به پنهنجي تاريخ
جي ڪتاب ۾ انهيءَ ڳالهه کي نقل ڪيو آهي ته نالو
ابي رافع ابراهيم ئي آهي. هو مڪہ ۾ مسلمان ٿيو هو
۽ پوءِ مدينہ ڏانهن هجرت ڪيائين. هر جهاد ۾ پاڻ
سڳورن ﷺ سان گڏ هوندو هو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ کان پوءِ
حضرت علي جن سان قريب ٿيو ۽ بيت المال جو نگران
مقرر ٿيو ۽ انهن جي شهادت کان پوءِ حضرت امام حسن
عه جي خدمت ۾ اچي رهيو ۽ پنجهتر سالن جي عمر ۾
وفات ڪري ويو. سندس پٽ جو نالو علي بن ابي رافع
هو.
براء بن مالڪ بن النصر الانصاري
هيءُ حضرت براء پنهنجي وقت جو جليل القدر صحابي هو. اُحد جي
جهاد ۽ ٻين جهادن ۾ پاڻ سڳورن ﷺ سان همرڪاب هوندو
هو، دليريءَ ۾ بي مثال هو. دشمنن سان ميدانِ جنگ ۾
تنها مقابلو ڪندو هو. حضرت عمر جي زماني ۾ شوشتر
جي فتح وقت شهيد ٿي ويو، اتي سندس قبر مشهور آهي ۽
مخلوق جي زيارت جو مرڪز آهي.
براء بن عازب الانصاري الحارثي الخزرجي
علامه حلي کيس مقبولين ۾ شمار ڪري ٿو. جنگ جمل، صفين ۽ نهروان ۾
حضرت امير سان گڏ هو. حضرت علي کان پوءِ ڪوفي ۾
سڪونت اختيار ڪيائين ۽ مصعب بن زبير جي ڏينهن ۾ هو
وفات ڪري ويو.
براء بن معرور بن صخر السلمي الخزرجي
هيءُ بزرگ انصاري عقبہ اوليٰ جي نقيبن مان هڪ هو. بني سلمه بيان
ٿو ڪري ته هن اڳ ۾ ڪنهن پادريءَ سان بيعت ڪئي هئي.
پوءِ پنهنجو رخ ڪعبہ ڏانهن ڪيائين. پنهنجي مال جو
ٽيون حصو ڪنهن لاءِ وصيت ڪيو هئائين ۽ پاڻ سڳورن ﷺ
جي مديني ۾ تشريف آوري کان اڳ وفات ڪري ويو هو ۽
هڪ مهيني کان پوءِ پاڻ سڳورا ﷺ مديني ۾ تشريف آور
ٿيا ته اصحابن سان گڏ سندس قبر تي وڃي جنازي نماز
پڙهيائون.
عقبه بن عمر بن ثعلبه الانصاري
ابومسعود بدري جي نالي سان مشهور آهي. ڇو ته سندس سڪونت بدر ۾
هئي. بدر جي لڙائي ۾ سندس هجڻ ۾ اختلاف آهي ۽ حضرت
علي جي ساٿين مان هڪ ساٿي هو. هڪ دفعي حضرت علي
کيس ڪوفي جوخليفه مقرر ڪيو هو. ان کان چاليهه
سال پوءِ وفات ڪري ويو. سندس وفات بابت بعض ڪوفي ۾
بعض مدينہ منوره ۾ بيان ڪن ٿا.
حارثه بن سراقه الانصاري
هيءُ غزوه بدر ۾ شهيد ٿيو سندس ماءُ جونالو حارثه هو ۽ اها انس
بن مالڪ جي پڦي هئي.
حارثه بن النعمان بن نقيع الانصاري
هيءُ جليل القدر صحابي هو. سڀني جنگين ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن سان
شريڪ رهيو ۽ نهايت ثابت قدمي سان وڙهيو. حضرت
جبرئيل عليہ السلام کي ٻه دفعا دحيہ ڪلبي جي شڪل ۾
پاڻ سڳورن ﷺ جي آڏو ڏٺائين ۽ حضرت معاويه جي وقت
۾ هو گذاري ويو.
حارثه بن نعمان بن اميہ الانصاري
هن جو ذڪر ڪتاب خلاصه ۾ مختصر طور بيان ٿيل آهي. هيءُ مقبولين
منجهان هو. جنگ بدر ۽ جنگ اُحد ۾ شريڪ رهيو.
حارثه بن هشام بن مغيره قريشي المخزومي
هيءُ حضرت جليل القدر صحابي ۽ معززين مان هو. خليفه ثاني جي وقت
۾ شام ملڪ ڏانهن جهاد ڪرڻ جي غرض سان روانو ٿيو.
مڪہ وارا سندس حسن سلوڪ سبب کيس ڏاڍو چاهيندا هئا.
روانه ٿيڻ وقت ڪجهه مفاصلو ساڻس عزت افزائي لاءِ
گڏجي هليا. جدا ٿيڻ وقت هو روئڻ لڳا، کين تسلّي
ڏيندي چوڻ لڳو ته اوهان سان هيءَ منهنجي جدائي،
الله تعاليٰ جي طرف منهنجو وڃڻ آهي. آخر شام جي
علائقي ۾ جهاد ۾ مشغول ٿي ويو، ايستائين جو سال
يارهن هجري ۾ وفات ڪري ويو ۽ بعض جو چوڻ آهي ته
يرموڪ جي واقعي ۾ گذاري ويو ۽ اهو واقعو 15هه ۾
هو. ڪتاب ”اصابة“ ۾ مذڪور آهي سندس ڀاءُ ابوجهل ۽
سندس سؤٽ خالد بن وليد ۽ سيد بني مخزوم هئا. ڪنهن
جو چوڻ آهي ته اسلام جي سابقين مان هو.
حارث بن غزيه انصاري
انصار مان هو ۽ حضرت امير جي جماعت ۾ شامل هو.
عرفة ازدي انصاري
بعض عين کي نقطه سان پڙهن ٿا ۽ بعض غير نقطه سان. هيءُ انصاري ۽
اصحاب صفه مان هو.
مصعب بن عمير
هيءُ حضرت مهاجرين مان هو. مدينہ منوره جا اڪثر ماڻهو هن جي
تبليغ ۽ ارشاد سبب اسلام ۾ داخل ٿيا. روايت آهي ته
جنگ اُحد ۾ اسلامي جهنڊو سندس هٿ ۾ هو. جڏهن سندس
ساڄي هٿ کي ناڪاره ڪيو ويو ته هن پنهنجي کاٻي هٿ
سان جهنڊي کي بلند رکيو ۽ کاٻو هٿ به جڏهن جدا ڪيو
ويو ته هن پنهنجي بازو ۽ سيني جي سهاري سان جهنڊي
کي بلند رکيو ۽ هيءَ آيت آخري دم تائين پڙهندو
رهيو، وَمَا ﷴ اِلَّا رَسُوۡل قَدۡ خَلَتۡ مِنۡ
قَبۡلِہِ الرُّسُلُ
(1)
ترجمو: محمد ته رڳو هڪ رسول آهي، ان کان اڳ به رسول گذري چڪا
آهن.
مشرڪ مٿس وار ڪيو ۽ شهادت حاصل ڪيائين.
چيو وڃي ٿو ته بي ثمري جو سندس اهو حال هو جو جڏهن شهيد ٿيو ته
دنيوي سامان ۾ کيس هڪ ننڍڙي چادر کانسواءِ ٻيو
ڪجهه ڪونه هو (ڪفن ڏيڻ وقت) جيڪڏهن ان سان سندس
مٿو ڍڪيو پئي ويو ته پير اگهاڙا رهن پيا.
اسيد بن حضير بن سماڪ انصاري اشهلي
مقبول صحابن مان هو. قرآن شريف نهايت سهڻو ۽ گهڻو پڙهندو هو ۽
بيان ڪيو ٿو وڃي ته ملائڪ سڳورا به سندس قرآن شريف
سماعت ڪرڻ ايندا هئا. ويهين يا ايڪويهين سال ۾
مدينہ ۾ گذاري ويو ۽ بقيع ۾ دفن ڪيو ويو.
ابي بن ثابت انصاري
سندس شمار مقبول صحابن ۾ آهي. حسان بن ثابت جو ڀاءُ آهي. عقبه ۾
حاضر ٿيو ۽ جنگ بدر ۽ پڻ ٻين سڀني جنگين ۾ شريڪ
هو. ٽئين خليفي جي وقت ۾ مدينہ ۾ گذاري ويو.
ارقم بن ابي ارقم مخزومي
هن حضرت ستن يا ڏهن شخصن کان پوءِ اسلام آندو. اول مهاجرين ۾ هو
پاڻ سڳورا ﷺ شروعاتي عرصو سندس گهر ۾ قيام ڪري
اسلام جي دعوت ماڻهن کي ڏيندا رهيا. ارقم جو گهر
صفا پهاڙي وٽ هو. ان جي گهر ۾ چاليهن ماڻهن اسلام
جو شرف حاصل ڪيو. انهن مان آخري عمر خطاب هو. هن
سال 50هه ۾ وفات ڪئي. سندس عمر اسي سالن کان به
مٿي هئي.
ثابت بن قيس بن شماس خزرجي انصاري
هن صحابي کي پاڻ سڳورن ﷺ جن جو قطب سڏيو وڃي ٿو. حضرت ابوبڪر
جي خلافت جي دور ۾ شهيد ٿيو.
ثابت بن ضحاڪ الخزرجي انصاري
هن صحابي کي خندق جي موقعي تي پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي سواري تي
ٻيلهه سوار ڪيو ۽ کين واٽ ٻڌائيندو هليو ۽ سال
45هه ۾ وفات ڪري ويو.
عباده بن صامت انصاري
هي بزرگ حضرت ابوذر جو ڀائيٽو هو. فلسطين جي علائقي ۾ فوت ٿي
ويو. بعض جو چوڻ آهي ته رمله ۾ فوت ٿي ويو.
حارث بن مالڪ انصاري
هيءُ اڪابرين صحابه ۾ سيد مختار هو. امام جعفر عليہ السلام بيان
فرمائين ٿا ته حضور اڪرم ﷺ جن صبح جي نماز کان
پوءِ مسجد شريف ۾ تشريف فرما هئا ته هڪ نوجوان تي
سندن نظر پئي جو بي خوابي سبب سندس مٿو ڀاري ۽ رنگ
پيلو هو ۽ خود لاغر هو. پاڻ فرمايائون ته ڪهڙو سبب
آهي جو تنهنجو هي حال ٿيو آهي؟ عرض ڪيائين يا رسول
الله ﷺ! اوهين خوب ڄاڻو ٿا ته منهنجي حقيقت يقيناً
مون کي غمزده ڪري ڇڏيو آهي. راتيون بيداريءَ ۾ ٿو
گذاريان ۽ گرميءَ جا ڏينهن روزه سان ٿو گذاريان ۽
منهنجي دل دنيا کان بيزار ٿي وئي آهي ۽ دنيا ۾ جو
ڪجهه به آهي مڪر ۽ فريب آهي ۽ ڏسان ٿو ته عرش حساب
لاءِ کڙو ڪيو ويو آهي ۽ ساري مخلوق گڏ ٿيل آهي.
بهشت وارا، بهشت ۾ پنهنجين ڪرسين تي ويٺل آهن ۽
دوزخ وارا دوزخ ۾ عذاب هيٺ آهن.
پاڻ سڳورنﷺ صحابه ڪرام کي فرمايو ته هي بنده اهو آهي، جنهن جي
دل کي الله تعاليٰ ايمان جي نور سان روشن ڪيو آهي.
بعد ۾ حارث کي فرمايائون ته پنهنجي دل کي انهيءَ
حال تي ثابت قدم رک. (حارث عرض ڪيو) يارسول الله ﷺ
دعا گهرو ته مون کي الله تعاليٰ شهادت نصيب
فرمائي، پاڻ سڳورن ﷺ جي دعا سان هو موتہ جي جنگ ۾
حضرت جعفر طيار سان گڏ شهيد ٿيو.
عمرو بن اُم مڪتوم قريشي عامري
حضرت بي بي خديجه رضي الله عنها جو ڀاڻيجو هو. سابقين اسلام ۾
داخل هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن ڪيترا دفعا کيس مدينہ جو
نائب مقرر فرمايو هو. قادسيه جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.
ابوطفيل عامر بن واثله الليثي (الڪناني)
غزوه اُحد واري سال ۾ ڄائو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي لاڏاڻي وقت
اٺن سالن جي عمر جو هو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ کي ڏٺو
هئائين. حضرت امير کيس ڏاڍو گهرندو هو ۽ هيءُ
سڀني جنگين ۾ ساڻس همرڪاب هوندو هو. سن 100هجري ۾
وفات ڪري ويو.
مالڪ بن حارث بن اشتر نجفي
هن صحابي جي وفات تي حضرت امير کي بيحد صدمو رسيو ۽ چيائون
ته هو منهنجي لاءِ ائين هو، جيئن مان پاڻ سڳورن ﷺ
لاءِ هئس. جڏهن حضرت امير جي حڪم سان مصر تي امارت
لاءِ وڃي رهيو هو ته معاويهؓ جي چوڻ تي کيس ماکيءَ
۾ زهر ملائي ڏنو ويو ۽ اتي فوت ٿي ويو. سندس جنازي
کي مدينہ منوره ۾ آندو ويو ۽ سندس قبر اُتي ئي
مشهور آهي.
بخاري شريف جي ڪتاب المغازي جي حديث نمبر 3925
روايت حضرت عائشه رضه ۾ ذڪر آهي ته بي بي
فاطمہ رضه جي وفات کان پوءِ حضرت علي جن
خاندان بنو هاشم سميت حضرت ابوبڪر جي بيعت
مسجد نبوي ۾ صحابه جي مجلس ۾ ڪئي.
|