سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 26

 

سيد محمد قنوجي

هيءُ قنوج شهر جو رهندڙ هو. هميشه ديني علم جو مدرس هو. يقين جي معرفت جي شرح ۾ مشغول رهندو هو.

آخر ۾ شاهه جهان بادشاهه پنهنجي عهد ۾ وڏي اعزاز سان کيس گهرايو. خصوصي اعزاز ڏنائينس ۽ عالمگير به پنهنجي پيءُ کان پوءِ اڪبرآباد کان وٽس ايندو هو. پنهنجي عمل ذريعي ارادت جا مرتبا پيش ڪندو هو. سندس خدمت ۾ احياء العلوم ڏنائين.

سندس هڪ پٽ سيد محمد فوجي عهديدار هو ۽ ٻيو سيد عبدالڪريم به وڏي منصب تي فائز ٿيو. پاڻ مروج ڪتابن جو درس ڏيندو هو.

 

سيد احمد

ولد سيد محمد ڪالپي سندس تخلص ڪاشفي هو. پنهنجي وقت جو قطب هو.

 

شاهه لڌو

مير لطف الله بلگرامي جنهن جو ذڪر اچي چڪو آهي، سندس مريدن مان هو. عالگمير بادشاهه سندس قدر ۽ عظمت مطابق کيس نوازڻ گهريو، پر انهيءَ هرگز قبول نه ڪيو. حقائق جي معنيٰ اڪثر نظم جي صورت ۾ چوندو هو.

 

سيد ابوبڪر

هيءُ لڪعلوي جي عظيم سادات مان هو، جڏهن شهزادو محمد معزالدين دين محمد کي وٺڻ سراءِ بوستان آيو ته سيد ابوبڪر جي خدمت ۾ اچي دعاء لاءِ استدعا ڪيائين، سيد دعا ڪئي، پوءِ تمام جلد سيد جي وعده موجب کيس مراد حاصل ٿي.

 

مير محمد ڪاظم

هن گنهگار (قانع) جو ڏاڏو هو. مير ظهيرالدين والاسلام جادم ثانيءَ جو پوٽو هو. سيد شڪرالله قاضي شيرازيءَ جي اولاد مان هو.

سيد ڪاظم عجيب حالات جو مالڪ هو، ڪنهن ڪنهن وقت هفتو يا ان کان وڌيڪ حجري ۾ ننڊ ۾ پيو هوندو هو. سندس ننڊ ۾ ذڪر جي آواز کان سواءِ ڪوآواز ماڻهو نه ٻڌندا هئا. جڏهن ٻاهر نڪري ايندو هو ته سندس چهرو چمڪندڙ ۽ رونق وارو نظر ايندو هو. اهڙي طرح ڏسڻ ۾ ايندو هو ته هن اهو وقت ڏاڍي مزي ۽ لطف ۾ گذاريو آهي. اهڙي حالت سدائين رهندي هيس. ڪنهن کي به مجال نه هئي جو کانئس ان بابت پڇي سگهي، يا ڪو ان جو ذڪر ڪري سگهي. جڏهن فوت ٿي ويو ته هيءُ ٻه فرزند ڇڏي ويو: (1) سيد محمد عارف، (2) سيد عزت الله.

سيد محمد عارف منجهان ڪوبه پوئينر پيدا ڪونه ٿيو، البته سيد عزت الله منجهان هن ڪلمات جو جامع (قانع) پنهنجن ڀائرن، ڀائٽين ۽ پٽن سان يادگار موجود آهي.

 

 

 

معيار ٻارهون

ٻارهين صدي هجريءَ جو ذڪر


 

 


 

 

حاجي غلام محمد معصوم

بن امام العارفين محمد اسمٰعيل بن حضرت قيوم الزمان محمد صبغة الله بن خواجه محمد معصوم بن حضرت مجدد الف ثاني قدس سره.

شيخ غلام محمد نالي سندس فرزند پنهنجي پيءُ جو قائم مقام ٿيو. شيخ عمر افغان جي زماني ۾ هن خانواده جي مريدي سبب، سندس بزرگيءَ جو چرچو مچي ويو. آخر پنهنجي مرشد زاده جي رنجش موجب واغيءَ ڏانهن هليو ويو. سندس پُٽ اتي وڌيا ۽ وسيا. شاهه تيمور افغان سان ملاقاتون به ڪيائون.

خواجه محمد کي پيءُ وٽان جيڪي امانتون رکڻ لاءِ مليون هيون، سي وصيت موجب ننڍي ڀاءُ کي ظاهري طرح ۽ وڏي کي عملي طرح حوالي ڪري فوت ٿي ويو، سندس ذڪر پوءِ ايندو.

 

شيخ سيف الدين

هيءُ پنهنجي پيءُ سڳوري خواجه محمد معصوم سرهندي، جنهن جو لقب ”حضرت ايشان ثالث“هو، ان جو جانشين هو. پنهنجي وڏن وانگر ڪمالات ۾ شامل هو. دستور موجب پنهنجي اسلاف جي سلسله ذهبيه، نقشبنديه کي جاري رکيو هئائين. مريدن جي ارشاد جي ميدان ۾ بزرگي جي علم کي بلند رکيو هئائين. سندس اصحاب هي هئا:

شيخ ظهور الله، صوفي عبدالغفور، حافظ موسيٰ، حافظ عبدالرب، امام مسجد فتحپوري، محمد فاضل منگل ڪوئي، صوفي پاينده صوفي سعد الله ڪامل، شيخ عطاءالله سورتي، مير ابراهيم، مير مرزا محمد ميرڪ، شيخ باقر لاهوري، حاجي اسد الله وزيرآبادي، ملا محمد جان درسڪي، حافظ محمد محسن دهلوي، ملا ابوالقاسم ڪابلي، حافظ عبدالرؤف ٺٽوي، ميان نجم الدين سلطان پوري ۽ حافظ ابوالقاسم ٺٽوي. انهن بزرگن ۾ هرهڪ صاحب حلقه ارشاد ٿي گذريو آهي. هرهڪ بزرگ جي مڪمل معلومات نه هئڻ سبب چند هيٺين بزرگن جي ذڪر تي اڪتفا ڪئي پئي وڃي:

 

حافظ ابوالقاسم نقشبندي

ولد درس ابراهيم، جو وڏن کان وٺي شيخ بهاؤالدين زڪريا جي خاندان جو مريد هو. پهريائين درس (ميان) ابراهيم ٺٽي ۾ اچي رهيو. پنهنجي بزرگي ۽ ڪماليت سان گذاري ويو. پاڻ ڪافي مدت سرهند ۾ شيخ سيف الدين موصوف جي خدمت ۾ رهي جانفشانيءَ سان مجاهدا ڪيائين. طريقت ڪمال حاصل ڪري، ارشاد جي اجازت ورتائين. پوءِ ٺٽي ۾ آيو. ڪافي مريدن کي فيض رسايائين، سندس مريدن کي هن کان جيڪو فيض رسيو ان جي بيان ڪرڻ جي همت قلم ۾ نه آهي.

سندس ارادتمند ۽ فيض يافته افراد بيشمار آهن، پر انهن مان خرار منجهان هڪ مٺ مثل چند بزرگن جو بيان ڪيو پيو وڃي جيڪي معروف ۽ مشهور آهن.

سندس وفات جو سال 1138هه آهي.

 

ميان ابراهيم

هيءُ ٿوري وقت ۾ گذاري ويو. سندس اولاد مان ننڍو پٽ ميان احمد نالي پيدا ٿيو هو، جيڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو. هاڻي ارشاد جي ميدان ۾ سندس ڏهٽن کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. سندس اصحاب هي آهن:

سيد عبدالله، سيد محمد ناصر ولد سيد نعمت الله شڪر الٰهي شيرازي مير مرتضيٰ ولد مير ڪمال الدين خان مهدوي.

مخدوم عنايت الله بصير

مخدوم ميڏنه نصرپوري

مخدوم ضياءالدين ٺٽوي

نورمحمد سهار

حاجي ڪمال اوڏيجو

ميان عبدالولي برادر ميان عبدالباقي واعظ اگهمي متعلوي سيد سلطان شاهه هندي.

ميان حبيب، مشهور ميت پوٽو

درس بلال رهندڙ پراڻ

درس شريف الدين ولد درس بلال

شيخ يحيٰ عرب جو مدينہ منوره ويو. اتي ان طريقي کي جاري ڪيائين. ميان محمود مخدوم آدم نقشبنديءَ جو پوٽو. ان کان ميان محمد زمان ساڪن لنواري ۽ مخدوم محمد معين. ميان يعقوب سمه ساڪن ڳوٺ ڪبير.

محمد مقيم ولد سعدالله ساڪن ڳوٺ جهيجو.

ميان عبدالرحيم سومرو

 

سيد عبدالله ۽ سيد محمد ناصر

هيءُ ٻئي سيد نعمت الله شيرازي جا فرزند  هئا. قاضي مير شڪرالله جي اولاد مان هئا. ٻئي ڀائر ڪماليت جي درجي تي پهتل  هئا. سيد محمد ناصر تقويٰ، ۽ پرهيزگاريءَ ۾ مشهور هو. سندس والده بيان ٿي ڪري ته جڏهن سمجهه واري عمر ۾ آيو ته منجهس عجيب ڪيفيت هوندي هئي. اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون هئس، جو ٻئي ڪنهن ۾ به ڪونه هيون، جڏهن نقاب ويڙهي جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ حجري کان ٻاهر ايندو هو ته انهن بابرڪات اوقات ۾ پنهنجن وڏن جي خاص طريقي جي پيروي ڪندي، ساري واٽ توجهات ۽ مراقبات  مخفي رکندو هو، سندس عمر وڌيڪ نه رهي.

اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ وبا پکڙجي وئي. برسات بلڪل بند ٿي وئي، هڪ بزرگ خواب ڏٺو، جنهن ۾ کيس اشارو ڪيو ويو ته انهيءَ شخص جي امامت هيٺ بارش جي نماز پڙهي وڃي، جيڪو شخص مڃيل متقي ۽ پرهيزگار هجي ته پوءِ هيءُ مصيبت معاف ٿي ويندي. اهي اوصاف سيد ناصر کان سواءِ ٻئي ڪنهن ۾ به نظر نه آيا. پوءِ ماڻهو قاضي محمد حسين جي خدمت ۾ آيا. هن سيد صاحب جي والده کي گذارش ڪئي ۽ سندس والده سيد صاحب کي چيو. سيد صاحب پنهنجي والده جي حڪم هيٺ ڪنڌ جهڪايو. چيائين ته معلوم ٿو ٿئي ته اوهين مون کي الله جي درگاهه ۾ بخش ڪندؤ، مون ان کي قبول ڪيو، شايد اها ئي قضا آهي. انهيءَ معصومہ فرمايو ته مون به توکي مخلوق خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو.

چيو وڃي ٿو ته باران نماز کان پوءِ برسات جو ڪافي وسڪارو ٿيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ سيد صاحب به رحلت فرمائي ويو. هيءُ واقعو يارهين صدي جي آخر ۾ ٿيو. انهيءَ ئي صدي ۾ ڳالهه جي ربط جو ذڪر ٿيل آهي.

پنهنجي ڀاءُ جي وفات کان پوءِ عبدالله حافظ موصوف جي خدمت ۾ پنهنجي پوري توجه سان حصول فيض لاءِ ڪافي وقت رهيو. اتان ڪامل فيض حاصل ڪيائين. مرشد جي امر موجب سرهند ۾ شيخ سان ارادت جي نسبت کي ڳنڍيائين. ڪافي نوازشون حاصل ڪري پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيو.

کيس نرينه اولاد ڪونه هو. هڪ معصومه پاڪدامن. عارفه ڪامله نياڻي ڇڏي ويو. جنهن پنهنجي مڙس کي نقشبندي طريقي سان ڪافي فيض رسايو. مخدوم محمد معين به هن خاندان جي ارادتمندن مان هو. سندن ئي در کان فيض حاصل ڪيو هئائين. مستورات ۾ به هڪ حلقه صاحب ارشادات پيدا ڪيائين. سندس وفات ٻارهين صدي هجري جي اڌ ۾ ٿي آهي.

 

ميان عبدالباقي واعظ

هيءُ حافظ ابوالقاسم نقشبندي موصوف جي مريدن مان هو. حضور اڪرم ﷺ جن جي مجلس ۾ روحاني طور ويهندڙ هو، اصل اگهم جو رهاڪو هو. پر اڪثر ڳوٺ متعلوي ۾ رهندو هو. سندس مرشد جو چوڻ هو ته جڏهن تون پنهنجي جاءِ تي مراقبو ڪرڻ لاءِ ويهين ته اسان ڏانهن توجه ڪندو ڪر ته تون ۽ اسين هڪ ٿي وڃون. ان کان پوءِ ظاهر، باطن جي حضور ۾ تبديل ٿي ويندو.

چون ٿا ته وعظ جي هر مجلس کي پاڻ سڳورن ﷺ جن جي اجازت ۽ امر کان سواءِ هرگز قائم نه ڪندو هو.

سندس ڀاءُ عبدالولي به حافظ ابوالقاسم نقشبندي جي فيض يافته مريدن مان هو.

ميان ابوالبقا ولد ميان عبدالباقي جي زماني ۾ گذاري ويو.

 

مخدوم ميڏنه نصرپوري

هيءُ برگزيده علماء ۽ افضل متقين مان هو. نقشبندي طريقي ۾ حافظ ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ جي مريدن مان هو. مخدوم محمد امين ساڪن ڳوٺ جي ارادتمندن مان هو.

سندس فرزند ميان عبدالله هڪ زبردست عالم هو. علم باطن ۾ به ڪامل هو. پنهنجي پيءُ جي نالي کي زنده رکيو هئائين.

 

ميان محمد

هيءُ مخدوم آدم ٺٽوي نقشبنديءَ جو پوٽو هو. سندس ذڪر هن جي ڏاڏي جي بيان ۾ گذري چڪو آهي. هيءُ حافظ ابوالقاسم موصوف جي خاص مريدن مان هو. پنهنجن وڏن جي خانقاهه کي قائم ۽ روشن رکيائين. هڪ تمام وڏي جماعت کي فيض رسايو هئائين.

 

مير عزت الله

هيءُ مير محمد ڪاظم جو فرزند هو. سيد ظهيرالدين والاسلام جادم شڪرالحق شيرازيءَ جي اولاد مان هو. سندس والد خادم فقرآء هو. وڏن جي نسبت کي خفيه رکيو هئائين. سندس وفات سن 1161هه ۾ ٿي.

نالي نورمحمد خراسيءَ کان روايت آهي ته جوانيءَ ۾ اسان سڀني گڏجي حج جو ارادو ڪيو. سيد به اسان سان گڏجي هلڻ جو وعدو ڪيو. جڏهن رواني ٿيڻ جو ڏينهن آيو ته سيد چيو ته مون کي پنهنجي والده اجازت نه ٿي ڏئي. پوءِ بيت الله ۾ طواف جي دوران، مون سيد صاحب کي به طواف ڪندي ڏٺو. دل ۾ خيال ڪيوسون ته شايد اسان کان پوءِ کيس اجازت ملي آهي جو پاڻ هتي پهچي ويو آهي. طواف پورو ڪرڻ کان پوءِ کيس ڏاڍو ڳولهيم پر لهي نه سگهيس. جڏهن ٺٽي ۾ واپس آيس ته ڪنهن سان به اها ڳالهه ڪونه ڪيم. سيد روزانو ٻاهر هوندو هو. هڪ ڏينهن وٽس وڃي اها ڳالهه ٻڌايم. پهريائين ته بي خبريءَ جو اظهار ڪيائين، بعد ۾ اقرار ورتائين ته منهنجي حياتيءَ ۾ ڪنهن سان به اهو ذڪر هرگز نه ڪندين، پوءِ قبول ڪيائين.

 

ميان محمد زمان

هيءُ ميان محمد نقشبندي معزاليہ جو مريد هو. ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ لنواري شريف ۾ قريب جون بدين ۾ هن جي بزرگيءَ جو غلغه مچي ويو، حلقه ذڪر ۽ مراقبات جو چرچو هر ماڻهو جي ڪن تي پيو، جيتوڻيڪ هن جي آمدني جو ڪوبه ظاهري ذريعو ڪونه هو. ليڪن سوين ماڻهو روزانو صبح ۽ شام لنگر ڍؤ ڪري کائيندا هئا.  ان وقت ۾ سنڌ ۾ هن جي مقابلي جو ڪوبه صاحب ارشاد نه هو. ڪافي بزرگ ۽ طالب حق سندس خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس فيضياب ٿيندا رهيا.هيءُ سن 1180هه ۾ گذاري ويو.

 

ميان گل محمد

مٿي ڄاڻايل صاحب ڪمال جو فرزند هو. پنهنجي پيءُ جي مسند تي ويهي سلوڪ ۽ هدايت جي شمع کي روشن رکندي، سندس سلسلي کي جاري رکيائين. اَللَّهُمَّ زدۡ وَبَارکۡ.

 

مخدوم عبدالرحيم

هيءُ ذات جو منڱريو هو. اڪثر وقت تلهار ۾ گذاريائين. آخري ڏينهن ۾ گرهوڙ ۾ رهيو. هيءُ پنهنجي وقت ۾ علم جي فضيلت ۾ ڪنهن کي به پنهنجو مٽ نه سمجهندو هو. اوچتو سندس دل ۾ حق جي طلب جو جذبو پيدا ٿيو. ان جي تلاش جو شوق دامنگير ٿيس. جيڪا به شيءِ وٽس هئي، ان کي ترڪ ڪري ڇڏيائين. سندس نڪاح ۾ ڪيتريون ئي زالون هيون، انهن کان اجازت وٺي، ميان محمد زمان نقشبنديءَ جي خدمت ۾ اچي، ان سان دائمي وابسته ٿي ويو. سندس اڳين حالت ۾ ڦيرو اچي ويو. هو جهان کي ڇڏي مرشد جي ارادت ۾ محو ٿي ويو. ظاهر ۾ عام حالت ۾ حديث جو عامل هو، پر سندس عمل هن حديث تي هو: مَنۡ ادرک رڪعة من الصلوٰة مع الامام فقد ادرک الصلوٰة (1)

ترجمو: جنهن امام سان رڪوع کي لڌو، تنهن کي اها رڪعت ملي وئي

سڪر ۽ بيخوديءَ جي عالمَ ۾ شريعت جي خلاف ڪافي ڪلمات جو اظهار ڪندو هو. مثلاً ڪلمہ توحيد ۾ ”لا اِلٰہ اِلاَّ الله ﷴ رَّسول الله صلي الله عليہ وسلم ۾ لفظ ”احمد“ جو اضافو ڪندو هو، يعني احمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم چوندو هو. عالمن سڳورن منجهان ڪنهن سندس لاءِ ڪفر جي فتويٰ صادر ڪئي، مگر ساڻس مقابلي جي طاقت ان کي ڪونه ٿي سگهي. مير بجار ٽالپر سندس ڏاڍو معتقد ۽ مريد هو. سنڌ جي حاڪم محمد سرفراز خان جي وقت ۾ خداآباد ۾ تشريف فرما ٿيو. هڪ جماعت ڪثير کي معتقد ڪري ڇڏيائين. جيڪو به وٽس ٿي آيو ته اهو جانثار ٿي ويو. آخري وقت ۾ عمرڪوٽ جي ويجهو هندن جو هڪ مندر هو، جنهن ۾ هڪ جوڳيءَ مسلمانن جي اعتقاد ۾ هڪ فتنو پيدا ڪيو، جنهن سان جهاد ڪرڻ لاءِ هن بزرگ پورو عزم ڪيو، چوڏهن، پندرهن پنهنجا فدائي مريد ساڻ ڪري ساڻس مقابلي لاءِ نڪتو. مريدن التجا ڪئي ته اسان مرشد جي قدمن تان پاڻ کي نثار ڪريون. مگر مرشد کين منع ڪندي فرمايو ته: يا منهنجي جان قربان ٿيندي يا جوڳيءَ جو سر ويندو. آخر ۾ پاڻ شهادت جو اعزاز حاصل ڪيائين.

برهان فقير

هيءُ مخدوم عبدالرحيم جي مخلص مريدن مان هو. مرشد جي دم بقدم هلندڙ يادگار هو. عام ماڻهن ۽ سرڪاري عالمن کيس سخت گرفت ۾ وٺي حاڪمن جي هٿ ۾ ڏنو جن زنجيرن جي طوق ۾ ٻڌي، کيس بند ڪري ڇڏيو. نماز جي وقت کيس مهلت ڏيندا هئا.

مخدوم ابراهيم جو زباني ذڪر آهي ته قيد يا آزاديءَ جي حالت ۾ هڪ جهڙوئي هو، منجهس ڪوبه فرق ڪونه ٿي آيو، آخر هن کي اُٺ تي چاڙهي ۽ سندس مريدن کي گڏهن تي سوار ڪري، ساري شهر جو گشت ڪرايائون ته به سندس مزاج ۾ ڪابه تبديلي ڪونه آئي، اڃا زندهه آهي.

سيد سلطان شاهه

هيءُ نواب خواجه خليل خان جو ڀاڻج هو. 1124هه ۾ ٺٽي ۾ آيو. پنهنجن مامن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ سندن جاگير واقع ٺٽي ۾ آيو. حافظ ابوالقاسم نقشبندي جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريد ٿيو. سندس صحبت ۾ رهي ڪماليت جي عروج تي رسيو. مرشد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ بدين شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. بزرگي ۽ ڪرامت جي وڏي درجي کي وڃي پهتو.

سندس ڪافي مريد ٿيا، هڪ خلاصو ڳوٺ سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو، سنڌ جو حاڪم ميان نورمحمد سندس وڏو ارادتمند ۽ معتقد هو. خاص ۽ عام سڀ سندس زيارتي هئا. اهڙي عروج ۾ گذاري ويو، سندس وفات جو سال 1260هه کان پوءِ آهي.

 

درس بلال

هيءُ آمري جي آسپاس، پراڻ واهه تي رهندو هو. حافظ ابوالقاسم نقشبندي جو فيض يافته هو، سندس بزرگي ڪامل ۽ ڪرامتون مشهور هيون، سندس پٽ ميان شرف الدين قائم مقام ٿيو. خاص ۽ عام کي فيض رسائيندو رهيو.

 

درس عبدالرحيم سومرو

هيءُ حافظ ابوالقاسم نقشبندي جي مکيه مريدن مان هو. چٽين نشانين جو مالڪ ۽ ڪرامات جو ڌڻي هو. مخدوم محمد معين دانشمند کان مرشدي جي نسبت کان سواءِ بيحد محبت ۽ عشق رکندڙ هو. مخدوم صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو.

 

مخدوم عنايت الله بصير واعظ

هيءُ جناب حافظ ابوالقاسم نقشبندي جي خاص مريدن مان سندس فيض يافته هو. ظاهري بصارت کيس نه هئي، مگر دل جي اکين جي بيحد نظر وارو هو. ڄائي ڄم کان هيءُ نابين هو.

سندس روايت آهي ته منهنجي ڄمڻ وقت، مون کي جنهن طرف کڻي ويا ۽ منهنجي دن جي ناڙي کي وڍيائون ٿي ته مون ڏٺو ته ڪٿي آهيان مگر آءٌ ڳالهائي نه ٿي سگهيس.

سندس وعظ ۾ ڪافي اثر هوندو هو. باوجود نابين هئڻ جي ظاهري علوم ۾ هن ڪمال حاصل ڪيو هو.

سورة يوسف جو تفسير هڪ وڏي جلد ۾ ۽ ٻيون تصنيفات سندس يادگار آهن.

سندس مريدن مان هڪ مريد نالي عبدالعليم اصل ڪشميري هو. هن مرد موفق کي بندر سورت ۾ ڏٺو هئائين پوءِ ارادت جي نظر هرگز ٻئي هنڌ نه ورايائين. ٺٽي کي مرشد جو شهر سمجهي نهايت محبت ۽ ارادت سان ويندو رهندو هو. اتان جي رهواسين سان نهايت شفقت جو سلوڪ ڪندو هو. پنهنجي حياتي تائين مرشد جي اولاد جي وس آهر خدمت ۽ خبر گيري ڪندو رهندو هو.

سندس وفات جو سال 1160هه کان پوءِ آهي.

 

مولوي محمد صادق

هن مخدوم محمد معين جي شاگرديءَ ۾ رهي ظاهري علم جي تڪميل ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف تارڪي (ڀٽائي) جو مريد هو. سن 1270هه کان پوءِ فوت ٿي ويو.

 

مير علي اصغر

هيءُ سيد فضل الله بن سيد جلال ثانيءَ جو فرزند هو. وڏن جي گڏيل فيصلي مطابق ڪوهستاني ماڻهن جو پيشوا  ٿيو. ڪرامات ۽ فتوحات جو متصرف به هو. ڪوهستاني مريد بوقت حاجت کانئس دعا گهرائيندا رهندا هئا ۽ باران نماز پڙهائي، پنهنجو مقصد حاصل ڪندا هئا. پنهنجي ڪامل عمر پوري ڪري سال 1140هه ۾ وفات ڪري ويو.

مير محمد

عرف سيد ڦتو، سيد محمد يوسف مهدوي جي اولاد سڳوريءَ مان هو. برگزيده بزرگ صاحب ڪرامات ۽ ظاهري ۽ باطني علوم ۾ ڪامل هو. پنهنجي ڏاڏي جي مسند تي جانشين ٿيو. محققانه شعر به چوندو هو، مخدوم محمد معين سندس معتقد هو.

 

سيد محمد رضا مهدوي

هيءُ سيد محمد موصوف جي خدمت کان فيض يافته ٿيو.

ميان ابراهيم ۽ هاڻي سندس پٽ ميان عثمان جيڪي هن وقت سر زمين ڪڪراله ۾ صاحب نام ۽ نشان آهن، سي سڀ سيد محمد رضا جي فيض کان مستفيض ٿيل آهن.

روايت: ميان ابراهيم بيان ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن سيد محمد ڪتاب کي پڙهندي پريشان ٿي ويو. سندس چهرو متغير ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ وري مرڪي خوش ٿيو. کانئس مون ان جو سبب پڇيو ته  چيائين قاضي همداني جي احوال ۾ لکيل ڏٺم ته هڪ ڀيري هڪ يهودي مسلمان کي سوالن ۾ عاجز ڪري ڇڏيو هو. مسلمان کي ائين چئي رهيو هو ته اسان جو عيسيٰ عليہ السلام، مئلن کي جيئرو ڪندو هو ۽ ﷴ ﷺ کي اها قدرت حاصل نه هئي، قاضي يهوديءَ کي چيو ته آءٌ حضرت ﷴ ﷺ جن جو هڪ خسيس اُمتي آهيان. اگر تون چوين. سڀ قبرن وارا جيئرا ڪري تنهنجي اڳيان بيهاريان. مگر انهيءَ شرط سان ته تون اسلام قبول ڪندين. يهودي هائو ڪئي، قاضي اهو چيو قم باذن الله ته سڀئي قبرن وارا زنده ٿيندا ويا. پوءِ يهودي پنهنجن سمورن پوئلڳن سميت اسلام ۾ داخل ٿيو.

سيد چيو ته مون جڏهن قاضي جي باري ۾ اها حڪايت پڙهي ته ڪجهه غمگين ٿيس ۽ دل ۾ چيم ته ڇا تنهنجي زماني ۾ به اهڙو ڪو ماڻهو آهي. خيال ڪيم ته تون هڪ مئل کي به جيئري ڪرڻ جي طاقت نٿو رکين. انهيءَ وقت منهنجي ڪن ۾ آواز آيو ته اگر تون چوين ته تنهنجي لاءِ سموري مڪلي جا مردا زندهه ڪريان، تنهن تي آءٌ خوش ٿيس. پوءِ سيد جي مقام جو ان تي قياس ۽ انداز ڪرڻ گهرجي. سال 1150هه ۾ جڏهن ٺٽي جا امراء، نادرشاهه بادشاهه جي ملڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته هيءُ به دنيا جو جامو ڍڪي وڃي پهتو. ابراهيم عرض ڪيو ته آءٌ به اوهان جي خدمت لاءِ خادم جي صورت ۾ اوهان سان گڏ روانو ٿيان. کيس منع ڪندي چيائينس ته مون کي هن سفر ۾ شهادت نصيب ٿيندي، تون پريشان ٿيندين. وري کانئس پڇيائين ته ڪهڙي ڳالهه آهي ته فرمايائين شينهن جي پيٽ ۾ منهنجي جان آهي. آخر سفر جي دوران غائب ٿي ويو. ڪنهن کي به خبر نه ٿي ته ڇا ٿيو.  هي واقعو سن 1152هه ۾ ٿيو.

 

مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل

هيءُ مير رضي الدين محمد فدا بن ابوالمڪارم شهود بن امير خان جو پُٽ هو. ميرابوالمڪارم شهود، علمي ۽ عملي ڪمالات ۾ جامع ۽ ساراهيل ٿي گذريو آهي، سيوهڻ ۾ مدفون آهي.

مير رضي الدين محمد فدا سال 1020هه ۾ فوت ٿي ويو. مير حيدر عجب متبرڪ ذات جو مالڪ هو. ڇڙو رهي زندگي گذاريائين. پنهنجي شاعريءَ جي ڪمالات کي پوشيده رکيو هئائين. سندس صحبت ۽ فيض قابل ديد هو. وقت جا بزرگ مثلاً مخدوم محمد معين، سندس ارادت هيٺ ملاقات ۽ زيارت لاءِ ويندو هو. هنن ورقن جو مسودو لکندڙ (قانع) پنهنجي شعر جي مشق هن ڪامل استاد وٽ ڪئي هئي. مجذوب سالڪن سان ويهڻ ۾ کيس خوشي ٿيندي هئي.

سندس وفات سال 1260هه کان پوءِ ٿي.

 

شاهه عنايت الله صوفي

هيءُ مخدوم فضل الله بن ملا يوسف جو فرزند هو. مخدوم صدولانگاهه جي اولاد مان هو.

شروعات ۾ سخت رياضتون ڪيائين. حق جي طلب ۾ ڏکيا ڪشالا ڪڍيائين. بيشمار مشائخ جي صحبت ۽ خدمت ۾ رهيو. آخر شاهه عبدالملڪ مسموع جو مريد ٿيو. قادري طريقي ۾ سندس نسبت نامو هن طرح آهي. هن مولانا برهان الحق والدين کان فيض حاصل ڪيو. هن وري شيخ عزيزالله بن شيخ جان الله قادري کان. هن پنهنجي پيءُ شاهه جان الله قادري عرف شيخ جان محمد سنوري قادري کان. هن قدوة المحققين شيخ ميران جي برهانپوري قادري کان. هن شاهه عبدالشڪور قادري کان هن برهان الدين کان. هن شاهه نجم الدين کان. هن شيخ علي خطيب احمدآباديءَ کان. هن مخدوم سيد ڪمال ڀڙوچيءَ کان. اهڙي طرح جي شيخ ميران جي قادري بملڪ لاد محمد بسر لطفي کان. هن شاهه عالم عرف منجهن بخاري گجراتيءَ کان.

سير ۽ سياحت جو غرض پورو ڪري، شاهه موصوف پنهنجي پياري وطن ۾ واپس آيو. ڳوٺ ميرانپور عرف جهوڪ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس ارشاد جي شهرت عالمگير ٿي وئي. اڳين خانقاهن جا اڪثر مريد ۽ زميندار ۽ پسگردائيءَ جي مخلوق هن تازي روشني جي شعائن کي ڏسي سندس خدمت ۾ اچي فيض حاصل ڪرڻ لڳا.

نورمحمد ولد منبه بن رادو بن باپو پليجو، جيڪي پليجار علائقي جا زميندار هئا، ۽ حمل بن لاکو بن حمل بن لاکو جت، سيد عبدالڪريم صاحب بلڙي واري جي اولاد  مثلاً سيد عبدالواسع ولد سيد عبدالغني سان سازباز ڪري پنهنجي فقرآئن جو ٽولو گڏ ڪري، انهن اوچتو عنايت الله صوفي بزرگ جي فقيرن تي حملو ڪيو. انهيءَ راتاهي سبب فقرآء گهٻرائجي ويا ۽ چند جانثارن خليفن مخدوم اهل الله تي پنهنجيون جانيون قربان ڪيون. شهيدن جي وارثن سلطان جي عدالت ۾ فرياد داخل ڪئي. سلطاني دستور العمل موجب اها قاتلن واري زمين سندن ئي حوالي ڪئي وئي. پوءِ علائقي جا ٻيا به اڪثر غريب ماڻهو هند جي حاڪمن جي ظلم ۽ زبردستي کان بچڻ خاطر فقرآء جي ڇانوَ ۾ اچي انهيءَ سرزمين ۾ آباد ٿيڻ لڳا. پر مالڪ جي مشيت ۽ هن حديث موجب: ”اشد البلاء الانبيآء ثم اولياء ثم امثل و ثم امثل“ (1)

ترجمو: سڀ کان سخت آزمائشون نبين سڳورن تي اينديون آهن، انهن کان پوءِ ولين تي تنهن کان پوءِ انهن جهڙن تي ان کان پوءِ انهن جهڙن تي. هيءُ ڪاملن جو ڪامل پنهنجي شهادت جي درجي کي رسيو الله جي واٽ ۾ شهيد ٿيو.

ٿيو ائين ته هڪ دفعي وري منحوس رهاڪن ٺٽي جي حاڪمن کي پاڻ سان شامل ڪري، بغاوت جو بهانو ظاهر ڪري، شاهي درٻار مان هن فقير جي لاءِ پاڙ پٽڻ جو حڪم جاري ڪرايو. پوءِ سنڌ جي سڀني پرڳڻن جون فوجون گڏ ڪري مٿس ڪاهي آيا. پر جيئن ته شروع ۾ ئي کين فتح حاصل ڪانه ٿي سگهي، ۽ نااميد ٿيڻ لڳا. پوءِ دوکي سان صلح جي بهاني هن اهل الله کي ٻاهر گهرائي کيس شهيد ڪري ڇڏيائون، سندس شهادت سال 1130هه ۾ ٿي.

 

شاهه عزت الله

هيءُ شاهه عنايت الله صوفي جو وڏو فرزند هو. پنهنجي شهيد پيءُ جو جانشين ٿيو. باقي فقرآء جي تربيت ڪندو رهيو. ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ گذاري ويو. سندس وفات جو سال 1186هه آهي، کيس پنهنجو اولاد نه هو. تنهنڪري سندس ناٺي شيخ محمد زاهد ولد شاهه ابراهيم صوفي سندس قائم مقام ٿيو.

شاهه سلام الله

هيءُ شاهه شهيد عنايت الله صوفي جو ٻيو نمبر فرزند هو.

اڪثر وقت پنهنجي سمر کانسواءِ بيابانن ۾ گذاريائين. بيخوديءَ جي حالت ۾ رياضتون ڪندو رهيو. سندس فدائين جي هڪ ٽولي پنهنجي سکن کي ڇڏي، ڏکن کي سهندي، هن سيد جو دامن نه ڇڏيو. کانئس ڏاڍيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون. هڪ قابل اعتبار شخص کان هيءَ ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته جڏهن ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀاءُ عطر خان  جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ لڳي ۽ عطر خان سنڌ جي افغانن جي مدد سان غلام شاهه تي ڪاهه ڪئي. عطر خان جو پلڙو ڀاري هو. هو وڌندو ٿي ويو. اها ڳالهه حڪايت طور ڪنهن فقير اچي هن اهل الله جي آڏو بيان ڪئي. اها ڳالهه ٻڌي هن چيو ته غين (غلام شاهه) غالب ٿيندو. ٿيو به ائين جو آخر غلام شاهه رياست جو مالڪ ٿيو. اهڙي طرح جيڪي به سندس زبان مان نڪرندو هو سو تقدير سان پورو ٿيندو هو. آخري وقت ۾ بيابانن کي ڇڏي شهري زندگي گذارڻ لڳو. خلق جي رهنمائي ڪرڻ لڳو. پنهنجي ڀاءُ عزت الله شاهه جي حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويو. جيئن ته شاهه عنايت الله جا مريد ۽ معتقد بيشمار هئا، ليڪن چند هستين جي بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي پئي وڃي.

 

شاهه غلام محمد

هيءُ شاهه عنايت الله صوفيءَ جي سفر جو رفيق هو. دکن علائقي ۾ شاهه عبدالملڪ جي خدمت ۾ گڏ گذاريندا  هئا. ظاهري علم جي تحصيل کان پوءِ سلوڪ جي تحصيل لاءِ شاهه عنايت الله صوفي جي خدمت ۾ رهيو. ساڻس گڏجي ٺٽي ۾ آيو. هتي اچي اها رسم ڪڍيائون جو مريد مرشد کي ادب ۽ سلامي هيٺ سجدو ڪندا  هئا. ان سجدي کي مرشد جي قرب جو حصول خيال ڪندا هئا. اتان جي علماء ڪرام اهو ڏسي سخت اعتراض ڪيو. تاديب لاءِ شرعي عدالت ڏانهن رجوع ڪيائون پوءِ شرعي عدالت کين سزا به ڏني ۽ آئنده لاءِ کين منع به ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ شاهه غلام محمد پنهنجي مرشد جي حڪم موجب دهلي ڏانهن هليو ويو. اتي ڪماليت جو ظهور ڪيائين. علائقي جا امراء، فقرآء ۽ اهل الله سندس معتقد ٿيا ۽ فيض وٺندا رهيا.

گهڻو زمانو حياتيءَ ۾ رهيو. محمد شاهه بادشاهه جي عهد حڪومت ۾ به کانئس مشائخ فيض يافته ٿيندا رهيا.

شاهه مسعود صوفي به سندس فيض يافته هو.

 

سيد جان شاهه

سندس تخلص مير هو. مير حيدر رضوي جي پوٽن. سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. ساري سنڌ جو سفر ڪيائين، پر شاهه موصوف کان سواءِ فيض جو سرچشمو ٻئي هنڌ ڪونه لڌائين. ارادت جي علم ۾ واڌارو ڪيائين. سلوڪ جي تحصيل ۽ تڪميل ڪري، ارشاد جي اجازت وٺي، پنهنجي وطن ڏانهن روانو ٿيو.

جڏهن گذاري ويو ته سندس هدايت وارو فرزند مير قلندر علي صاحب فقر ۽ فنا ۾ سندس جانشين ٿي، فقرآئن جي تربيت ڪيائين ۽ پنهنجي پيءُ جي فيض کي جاري رکيائين.

شاهه اسدالله

عرف شاهه صوفي ولد شاهه نعمت الله بن شيخ محمد يعقوب بن شاهه القاسم انصاري هروي ۽ سندس ٻئي ڀاءُ جو نالو شاهه عزت الله هو. هو عالمگير جي درٻار ۾ آيو. پوءِ برهانپور ۾ شادي ڪيائين. اتي ئي گذاري ويو.

سندس فرزند: شاهه احسن الله، پنهنجي چاچي شاهه اسدالله جي طلب تي ٺٽي ۾ آيو، پر سندس پهچڻ کان اڳ شاهه  اسدالله گذاري ويو.

پوءِ هيءُ سلوڪ جي طلب ۾ مسعود جي اشاري سان غلام محمد موصوف جي خدمت ۾ دهلي وڃي پهتو. ان جي صحبت اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ موٽي وري ٺٽي ۾ آيو. شاهه غلام محمد موصوف جي فيض کي زندهه ڪيائين. 1200هه جي آخر ۾ گذاري ويو.

شاهه اسدالله عرف شاهه اسماعيل صوفي، شاهه عاشق الله هندي قادري جو مريد هو. سلوڪ ۽ طريقت جي تربيت پوري ڪري ٺٽي ۾ آيو. پنهنجيون ڪرامتون، طبابت جي لباس ۾ پوشيده رکيائين. يعني مهلڪ بيماري وارن مريضن کي هڪ معمولي ۽ خسيس دوا سان تندرست ڪري ڇڏيندو هو. کين ڪامل شفا حاصل ٿيندي هئي. اهو ڪمال کيس شاهه عنايت صوفي تبرڪ طور ڏنو هو. ساڻس محققانه صحبتون رکندڙ هو. هي ارادتمندن مان ساڻس سڀ کان وڌيڪ محبت رکندڙ هو. سندس وفات 1140هه ۾ ٿي ۽ سندس مدفن مڪلي ۾ آهي. سندس مزار تي هر سال وفات واري ڏينهن فقرآء ميلو لڳائيندا آهن.

 

شاهه مسعود صوفي

هيءُ اڃا تائين پنهنجي خاندان جي طريقه سلوڪ کي ٺٽي ۾ زندهه ۽ رونق بخشيو ويٺو آهي. پهريائين شاهه اسماعيل صوفي جي خدمت ۾ رهي کانئس فيضياب ٿيو. انهيءَ جي وفات کان پوءِ اشاره موجب دهليءَ ۾ وڃي شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. سلوڪ جي تڪميل ڪري حڪم موجب وري ٺٽي ۾ موٽي آيو. هاڻي پنهنجي پير شاهه عنايت الله صوفي جي سلسله سلوڪ ۾ سندس منتظم خليفن سان پڻ وابسته آهي.

 

شاهه عبدالطيف صوفي

هيءُ وقت جي معروف بزرگ شاهه اسماعيل جي يارن مان هو. وقت جي معروف دانشمند مخدوم محمد معين جي خدمت ۾ ارادت هيٺ حاضر ٿيو. علوم ظاهري ۽ باطنيءَ جي تڪميل ڪيائين.

 

شيخ عبدالواسع صوفي

هيءُ پنهنجي وقت ۾ صوفي طريقي جو بيمثل بزرگ هو. نواب امين الدين خان سندس ڪافي معتقد هو.

رشحات الصفون، معلومة الآفاق ۽ اقتباس مشڪواة سندس ئي تاليف طبع آهي.

 

محمد علي

هيءُ مٿي ڄاڻايل شيخ عبدالواسع صوفي جو فرزند هو. علوم ظاهريءَ ۾ بحر ۽ تصوّف ۾ ڪامل هو. مذهب اماميه جو پيرو هو.

 

سيد ياسين

هيءُ ٻارهين صديءَ جو ڪامل ۽ مڃيل بزرگ ۽ ننڍي ۽ وڏي جي سڪون جو ڇپر ٿي گذريو آهي. غوثيت جي مرتبه جو مالڪ هو. بيشمار ماڻهو سندس خدمت ۾ پهچي فيضياب ٿي ويا ۽ سورت بندر ۾ سندس زيارت ڪندا هئا.

 

سيد ياسين گجراتي

هيءُ سيد عبدالنبي جو پوٽو هو. هن ٻارهين صديءَ ۾ عجيب ڪمال وارو بزرگ ٿي گذريو آهي.

شاهه عبدالرسول

هيءُ صاحب ڪمال بزرگ هو. مؤمن خان نواب گجرات جي وقت ۾ طالبان حق تبارڪ و تعاليٰ لاءِ مرڪز هو.

 

واحد شاهه صوفي

سندس لقب ”چُپ“ يعني خاموش هو.

چون ٿا ته هيءُ پنهنجي نفس کي ذليل ڪرڻ لاءِ پنهنجي منهن تي ڪارنهن لائي سڄو منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چڙهي ساري شهر جو گشت ڪندو هو. آخر شاهه عبدالرسول خدانما جي در تي اچي بيهي رهندو هو. کيس خبر ڪندو هو ته فلاڻو تنهنجي در تي بيٺو آهي شاهه خدانما خبر هوندي به سواءِ مقرر وقت جي نه نڪرندو هو. هڪ دفعي جڏهن مقرر وقت تي شاهه خدا نما ٻاهر نڪتو. واحد شاهه کي انهيءَ حال ۾ ڏسي کيس چيائين ته ڇا الله تعاليٰ سان انهيءَ حال ۾ ملڻ گهرين ٿو؟ عرض ڪيائين ته ڀلا ارشاد فرمايو، پوءِ شاهه خدانما جي زبان مان ”چپ“ يعني خاموش جو لفظ نڪتو. ان کان پوءِ هي سارو سال هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ خاموش ويٺو رهيو. پوءِ جڏهن ڳوٺ جي راهه ورتائين ته مشائخ جي زباني مشهور بزرگ ٿي ويو.

 

شاهه عبدالرزاق گجراتي

سندس مشرب قلندري هو. احدي قرب جي دسترخوان تان رزق کائيندڙ هو. صمدي نعمت ڪده جو سير ڪندڙ هو.

 

محمد شاهه رسول نما گجراتي

هيءُ پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ هو، مثنويءَ جو بهترين درس ڏيندو هو. ڪيترن ئي ماڻهن جي وهم کي دفع ڪري ڇڏيو هئائين. مقرر اوقات کان پوءِ هو ڪماليت جي حصول ۾ مشغول رهندو هو.

 

سيد سعدالله سورتي

سندس ذات سڳوري، يقين جي انوارن سان آراسته هئي. علوم رسمي، عرفي نقلي ۽ حقيقي ۾ بينظير بحر هو. سڀني طريقت جي سلسلن جو مجاور هو. اهل عرفان جو رازدان هو.

حضرت عبدالشڪور دايم الحضور جو مريد هو. حضرت صاحب جن هر سلسلي ۽ طريقت ۽ خلافت جي کيس ”سَنَدَ“ عطا ڪئي هئي، جيڪا سند هُن پنهنجي رسالي ۾ تصنيف ڪئي آهي، سا بعينه هِتي درج ڪريون ٿا:

 

سَنَدَ

الحمدلله الذي احرق اشجار العاشقين بنار مشاهدتہ و آداب ففيض العارفين بسخونہ وافيہ اللطف حداد الزاهدين بکبير رحمتہ جل من اخفيٰ احديتہ في واحديتہ بوحدتہ. الصّلواة والسلام علي البرزخ الجامع بين القصرين ﷴ رسول الله صلي الله عليہ وَ آلہ وسلم شفيع الامم في الدارين و عليٰ آلہ واصحابہ و اوليائہ و علمائہ بذلوا جهد هم في حفظ الامرين بعده.

فيقول الفقير الحضور المخاطب بدايم الحضور عبدالشڪور لمّا امرت بالامر الصمدي الاحدي سبع مرات متواليات بان الاخي اخ الاحد انيس مقام الصمد حريق نار عشق الله محبوب رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم سيد سعدالله دام لہ سعادة الشهود و اورعہ الکنز المستور و اثبت لہ بدوام الحضور فلقينة و علمنہ بما کنت علمتہ واراتيہ بما کنت رايتہ ولقنتہ بما کنت لقنتہ و اوصلة بما کنت وصلة من اقصيٰ مراتب للولاية بتدريج بسير بعد اذکار بسيروان ابا و کثير کنت اينہ و اشغلہ باشغال جميع السلاسل العلية المحمدية سي الشطارية الطايفة الّتي مبداء سير سايريها فنتهي سير سايرها واجزتہ سابقة بالغة في جمعها الارشاد الطالبين المريدين لله المنقطعين عما سوي الله حتّي يرشدهم لما بقبلہ موارهم و يقبض عليهم ما يقبضة استعدادهم کما اجازني صدر الصوفية قبلة اهل السلاسل العلية قدوة العارفين، سلطان الکاملين، الشيخ الاجل حضرت شاهه صوفي شريف الجهجاني قدس الله سره السلطاني و ادام سلسلة قائمة فايقة رايعة بنور الرّحماني و سيد المحققين حجة العاشقين صاحب تجريد، قبلة التفريد الشهير بشاهه مسعود الاسفرايني قدس الله سره الصمداني ولما رايت استعداده کاملان خايفا بحيث لايضره کثرة عين الواحدة و ما يلجي الي الغفلة لاهل الفتور فهو لايورثہ الفتور ڪيف وهو دايم الحضور ما امرتہ نال بالارادة و الخلوة والاختيار العزلة کما امرتہ من رباني حتيٰ استرت من العين الحيواني و ذالک فضل الله يؤتيہ من يشآء ناتحر لقا ماشاء و عليہ کتمان الاسرار الکشف والکرامة اِلا اذا امره خاتم الرسول صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم وان يکون عهدينا باخلاقہ محبا بحبہ ببعضنا ببعضہ شفيعاً عليٰ خلق الله عافياً عنهم فيما عليہ الاّ ان تنهک حرمة الله محترزاً من صحبة المخالفين لسنة رسول الله صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم حاملاً باخلاق الله الجامع بصفات الجمالية و الجلالية مظهر الکل فيما اقتضاه. انتهي لفظہ قدس الله سره وشهد الله و نشهد بالله انّہ لا اِلٰہ اِلاهو و انّ ﷴا عبده ورسولہ و انّ بسيدي وصولہ سلسلة عالية قادرية شکورية.

الحمدلله الذي عين الاحدية بالواحدة واظهر بالواحدة والصّلوٰة والسلام عليٰ حضرت الوحدة و اولياء الواصلين بالحقيقة المطلقة امَا بعد فهٰذا شجرة السلسلة المحمدية العلية القادرية الشکورية من اسمتم بها فقد فاز فوزا عظيما و رفع لہ الدرجات الحضورية وهٰذه قد وصل الفيض الالهٰي الخاص بخاتم النبيّن سيد الکل ﷴ رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم و بہ اليٰ حبيبہ و صاحب سره علي ابن ابي طالب عليہ السلام وبہ الي الامام حسين عليہ السلام وبہٖ الي الامام زين العابدين عليہ السلام محمد باقر عليہ السلام و بہ اليٰ الامام جعفر صادق عليہ السلام و بہ اليٰ الامام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام و بہ اليٰ الامام علي موسيٰ الرضا عليہ السلام وبہ اليٰ خواجہ معروف کرخي و بہ اليٰ سري السقطي وبہ اليٰ خواجه جنيد بغدادي  و بہ اليٰ ابي بکر عبدالله شبلي و بہ اليٰ سيدنا ابي القاسم احمد و بہ الي الشيخ عبدالعزيز و بہ اليٰ يوسف طرطوسي و بہ الي الشيخ ابي الحسن القرشي و بہ اليٰ قطب الاقطاب ابي سعيد المبارک ابي الخير وبہ اليٰ قطب الاقطاب الشيخ عبدالقادر جيلاني و بہ اليٰ سيد عبد الرزاق و بہ اليٰ سيدنا السيد عبدالله و بہ اليٰ سيدنا ابراهيم الحسني و بہ اليٰ السيد الجعفر الحسني و بہ اليٰ سيدنا قطب الاقطاب شاهه مسعود اسفرايني و بہ اليٰ سيدنا قطب الاقطاب سيدنا و مولانا و هادينا و مرشدنا و ولي امرنا السيد عبدالشڪور دايم الحضور ادام الله فيضہ عليٰ کاشفہ الاولياء بفضلہ الغير المخصوص علي مرالدهور و بہ اليٰ تراب قدمہ و قدم کل ذي قدم لقدمہ محمّد سعدالله.

والسلسلة الحمدية العلية الشکورية الشطارية و هي هذه:

قد وصل الفيض الالهٰي الخاص بسيد المؤحدين خاتم الانبيآء سيدنا ﷴ رسول الله صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم و بہ اليٰ عارف سره علي بن ابي طالب عليہ السلام و بہ اليٰ الامام الحسين عليہ السلام و بہ اليٰ الامام زين العابدين عليہ السلام و بہ اليٰ الامام محمد باقر عليہ السلام و بہ اليٰ الامام جعفر صادق عليہ السلام و بہ اليٰ خواجه ابي يزيد البسطامي و بہ اليٰ خواجه محمد المغربي الرشيد و بہ اليٰ خواجه اعرابي يزيد عشقي وبہ اليٰ ابي المظفر مولانا ترک الطوسي و بہ اليٰ خواجه ابي الحسن خرقاني و بہ اليٰ شيخ خدا الهٰي ماوراءُ النهري و بہ اليٰ الشيخ محمد عاشق و بہ اليٰ الشيخ محمد عارف و بہ اليٰ الشيخ عبداللہ الشطاري و بہ اليٰ الشيخ قاضن الشطاري و بہ اليٰ الشيخ ظهور حاجي حضور وبہٖ اليٰ المولي الشيخ محمد غوث و بہ الي حضرت الشيخ وجيہ الدين و بہ اليٰ المولي شاهه صوفي الجنجهاني و بہ اليٰ قطب الاقطاب سيدنا و مولينا وهادينا السيد عبدالشکور دائم الحضور دام فيضہ في ساير الاقطاب علي مر الدهور و بہ اليٰ تراب الاقدام وکل ذي قدم لقدمہ محمد سعدالله کان الله لہ.

سيد موصوف جي وفات 1250هه جي ويجهو آهي. سندس فرزندن مان مير عبدالولي عقلي و نقلي علوم جو جامع هو. مولوي محمد صادق ٺٽوي سندس انهن شاگردن مان هو جن کانئس تحصيل علوم ۾ ڪلي فائدو حاصل ڪيو. رند مشرب اماميه صاحب ڪمال هو. سال 1166هه ۾ سندس زيارت جو شرف حاصل ٿيو.

 

شاهه ڪليم الله

سندس خطاب نظام الدين ثاني هو دهليءَ ۾ رهيو. عرفان. سلوڪ جي واٽن کان واقف ٿيو. رساله ڪچڪول سندس ئي تصنيف آهي.

 

شاهه عبيدالله

هيءُ شاهه ڪليم الله جو مريد هو. سياحت جي خيال سان سنڌ ۾ آيو. يارمحمد لڪعلوي وٽ به آيو. کانئس فيض حاصل ڪيائين.

 

حافظ بهادر قادري

مريد شاهه مقيم سندس خطاب محڪم الدين، سندس خانقاهه علائقي پنجاب ۾ مشهور آهي. سورت بندر ۾ رهي پڻ ڪافي جماعت کي فيض رسايائين. سندس درگاهه ننڍن. وڏن ماڻهن  جي زيارتگاهه آهي.

مولوي شاهه خيرالدين، مشائخ حال جو اڃا تائين سلوڪ کي زندهه رکيو ويٺو هو. معتقدن ۽ ارادتمندن ۾ ڪافي واڌارو ڪيائين، جيڪي سندس فيض کان برابر فيضياب ٿيندا رهيا.

حافظ جي وفات سال 1247هه ۾ ٿي.

 

شاهه نور

هيءُ سلسله نقشبنديءَ جو صاحب ڪمال بزرگ هو، طريقت ۾ مولوي خيرالدين ڏانهن نسبت هئس ۽ سندس وفات کانپوءِ اهڙي طرح وقت جو بزرگ حافظ بهادر جنهن جو ذڪر اچي چڪو آهي، مزار جو متولي ۽ عرس جو انتظام ڪندڙ هو، جنهن سمورو ذمو پاڻ تي کنيو.

شاهه نور جي درگاهه سورت بندر ۾ ڪافي برڪت ڀري آهي.

 

مخدوم عبدالحميد قادري

هيءُ ڳوٺ پوجر، ڪاٺياواڙ جي قريب جو رهاڪو هو. شاهه ڪليم الله عرف نظام الدين ثاني دهلويءَ جي مريدن منجهان هو. صاحب رشد ۽ صاحب ڪمال هو.

سندس فرزند ميان شرف الدين پنهنجي پيءُ جي مسند تي ويٺو. هدايت وارشاد جو ساڳيوئي سلسلو جاري رکيائين. اچڻ وارن جي خدمت به ڪندو رهندو هو. خانقاهه ۾ صبح ۽ شام جي مجلس کي گرم رکندو هو. حق جي طالبن کي فيض رسائيندو رهندو هو.

 

مخدوم حاجي محمد هاشم

هيءُ علوم عقلي ۽ نقليءَ ۾ جامع هو، ڪافي شهرت جو مالڪ هو. طريقه قادريه ۾ سيد سعدالله سورتيءَ کان فيض حاصل ڪيو هئائين ۽ اصل قوم جو پنهوار هو. هن قبيلي جو نسب پيءُ جي طرفان حارث بن عبدالمطلب ۽ ماءُ جي طرفان پاڻ سڳورن ﷺ جن جي دائي سڳوري بي بي حليمه سان ملي ٿو.

مخدوم موصوف جي وڏن ۾ مخدوم سهار نالي وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، ۽ مخدوم سهار لنجار ٻيو آهي. هيءُ پنهور آهي.

 

سيد يارمحمد

هيءُ سيد سمهابو عرف سيد ڪهير لڪعلوي جو پوٽو هو. مخدوم بايزيد معروف جو ناٺي هو. ٺٽي ۾ رهندڙ هو. سندس ٿورا پوئينر ٺٽي ۾ آهن. سيد موصوف جي ڳوٺ ”پنه“ ۾ پرورش ٿي. دنيا کي ڇڏي، پنهنجي مولا جي طلب ۾ نڪتو ۽ مريديءَ جو سلسلو شاهه عبيدالله هندي، جو شاهه ڪليم الله عرف نظام الدين ثاني دهلوي سان جوڙيائين. جو ڪجهه کيس حاصل ڪرڻو هو، سو حاصل ڪيائين.

اهو مخدوم عبدالحميد ساڪن پوجر جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي جو هم جماعتي هو. بلاواسطه نظام الدين ثانيءَ تائين پهچي ٿو. هيءُ هڪ واسطي سان وٽس پهچي ٿو.

بهرحال هيٺ ڄاڻايل شجره سلسله نسبت مان بخوبي ڄاڻ ملي سگهندي:

يعني: شيخ نظام الدين جي نسبت، شيخ محمد سان. ان جي وري شيخ محمد حسن سان. ان جي شيخ محمد غياث سان. ان جي نوربخش سان. ان جي شيخ محمد علي نوربخش سان. ان جي شيخ محمد نوربخش سان. ان جي ابي حسن ختلاني سان، ان جي علي ثاني سيد علي همدانيءَ سان. ان جي شيخ محمود سان، ان جي شيخ علاؤالدين سان، ان جي شيخ نورالدين ڪبير سان، ان جي شيخ رضي الدين علي لالا سان، ان جي شيخ مجدالدين بغداديءَ سان، ان جي نجم الدين ڪبريٰ سان، ان جي عمار ياسر سان، ان جي شيخ نجيب الدين (عبد) قاهر سهروردي سان، ان جي حضرت غوث الثقلين قطب رباني سان.

سيد موصوف، ڪافي مدت سخت رياضتون ڪيون. بي انتها سلوڪ جي جذبه سبب ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. هڪ وڏي جماعت سندس مريد ٿي ۽ جنهن کي هدايت واري راهه ڏيکاريائين. سندس فيض يافته بزرگ چند هي آهن:

مخدوم نعمت الله: ولد مخدوم عبدالجميل اولاد مخدوم قمري مشهور مخدوم آدم جو ڀاءُ، سڳو پوٽو مخدوم ضياءالدين، ڪامل دانشمند، وقت جو استاد ۽ ان زماني ۾ مشهور ۽ ظاهري علم جي تحصيل پنهنجي ناني، مولوي محمد صادق وٽ ڪيائين. علم تفوق ۽ سلوڪ جي ڄاڻ سيد يارمحمد لڪعلوي کان حاصل ڪيائين. اعليٰ درجي تي پهتو.

محمد سرفراز خان (ڪلهوڙو): هيءُ پنهنجي شهزادگي واري وقت ۾ به سندس بيحد معتقد هو. سندس زيارت لاءِ به ادب احترام سان وٽس ويندو هو.  مريداڻه انداز ۾ ملاقات ڪندو هو. مخدوم نعمت الله، آخر 13 رمضان سن 1177هه ۾ گذاري ويو. سندس مريدن جي جماعت وفات واري ڏينهن تي حلقه ذڪر ۽ کاڌو تقسيم ڪرڻ جي عمل تي برابر ڪاربند آهي. سندس جانشين ان جوئي ڀاءُ مير سيد ڇتن شاهه ولد سيد عزت الله ٿيو، جيڪو هاڻي تازو فوت ٿي ويو آهي، ۽ سندس هڪ ٻيو ڀائٽيو به آهي، جنهن جو نالو ميرمحمد افضل ولد سيد شهسوار آهي، جيڪو سندس جانشين ٿيو. اهو ڳوٺ ڪهجه جو رهندڙ آهي.

 

تاج محمد ڪهيلرو

هيءُ قديم سلسلي جي فقرآئن مان هو. سومي ڪهيلره جي اولاد مان هو. تازو گذاري ويو آهي. حسن ياگانه جي قبرستان ۾ مدفون آهي. بعض چون ٿا ته هي نامور مشائخ وقت مؤتنگيچي ۾ مدفن آهي.

 

حسين فقير راباؤ

هيءُ پنهنجي وقت جو نامور بزرگ هو، تازو گذاري ويو آهي. مؤ جي قريب مدفون آهي. سندس پٽ بادل فقير پيري، مريدي هلائي ٿو.

 

درويش صابر ولهاري

هيءُ ذات جو پرند هو. سنڌ جي پوين مشائخ مان هو. شاهه عنايت الله صوفيءَ جو همعصر هو.


 


(1) صحِح مسلم حديث: 607، صحيح ابن حبان حديث: 1483.

(1) هن حديث ۾”ثم اولياء“ جا لفظ ثابت نه آهن البت ”ثم العلماء“ جا لفظ ثابت آهن.(المستدرک علي الصحيحين حديث: 5463- بعض روايتن ۾ ”ثم الصالحون“ ثابت آهي. ( ابن ڪثير ص1893- 405 ج3.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com