سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 7

 

ابوابراهيم اسماعيل بن يحيٰ مازني

مصر ملڪ ۾ هيءُ مجتهد هو. امام شافعي جو شاگرد هو. پنهنجي (مسلڪ) مذهب بابت ڪيتريون ئي تصانيف ڪيون اٿائين. شافعي هن جي حق ۾ فرمايو هو ته هيءُ منهنجي مذهب جو مددگار آهي. جمله تصانيف مان سندس خاص تصنيف مختصر مازني آهي.

ابوالعباس شريح چوي ٿو ته: ڪتاب ”مختصر مازني“ دنيا جي نرالي چيز آهي. مصنف جڏهن به هن ڪتاب جو مسئلو لکندو هو ته ان کان اڳ ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهندو هو علم باطن ۾ پڻ سندس اعليٰ درجو هو. فوت ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سندس جنازو کنيو ويو ته مٿس عجيب پکي آيا ۽ پنهنجو پَرُ پَرَ سان ملائي جنازي مٿان ڇانوَ ڪندا گڏ هلندا رهيا ۽ جنازو ڇانو ۾ هلندو رهيو. اهڙي صورت ان کان سواءِ ذوالنون مصري جي مٿان به ٿي هئي.

 

علي بن عبدالحميد غضائري

هيءُ معتبر مشائخ مان هو. صاحب احوال عجيبه ۽ بلند اعمال جو صاحب هو. ابدالن ۾ شامل هو ۽ بيان ڪري ٿو ته هڪ دفعي سري جي گهر ۾ بي تابي جي حالت ۾ هئس ، ته ٻُڌم جو چوي پيو اللّهم من شغلني عنک فاشغلہ عني بک( اي اللہ! جيڪو مون کي توکان مشغول رکي يعني توکان غافل ڪري، ان کي تون مون کان مشغول ۽ غافل رک) ان جي برڪت سان مون کي چاليهه حج پيادل حلب کان نصيب ٿيا.

 

ابو يزيد بسطامي

سندس نالو طيفور بن عيسيٰ سروشان هو. سندس ڏاڏو آتش پرست هو، پوءِ مسلمان ٿيو. احمد خضرويه، ابوحفص حداد ۽ يحيٰ بن معاذ سندس هم عصر هئا ۽ شفيق کي به ڏٺو هئائين. سندس وفات سن 261هه ۾ ٿي.

ڪتاب جامع الانوار ۾ حيدر بن علي الآملي لکي ٿو ته هيءُ امام جعفر صادق عليہ السلام جو شاگرد هو ۽ سندس پاڻي ڀريندڙ ۽ محرم اسرار هو. حضرت امام عليہ السلام پنهنجي صلبي فرزند محمد بن جعفر جي ذريعي پوشيده طور بسطام کان وٽس اچڻ لاءِ چوائي موڪليو هو. شيخ حيات هو ته هو گذاري ويو.

ابوالفتح محدث بيان ٿو ڪري ته امام عليہ السلام سال 148هه ۾ فوت ٿي ويو هو. بايزيد سال 261هه ۾ فوت ٿيو ۽ بايزيد جي عمر اسي سال کان مٿي هئي. پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته بايزيد، امام علي بن موسيٰ بن جعفر صادق عليہ السلام جي خدمت ۾ رهيو هوندو. مير سيد شريف (جرجاني) توجيہ بيان ٿو ڪري ته شيخ جي حضرت سان ملاقات روحاني عالم ۾ ٿي هوندي.

صاحب معجم، ترجمه بسطام ۾ بيان ٿو ڪري ته ابويزيد طيفور بن عيسيٰ سروشان جي قبر بسطام جي اندر، بازار جي ڪناري تي ڏٺم جو سندس ئي شهر هو.

 

ابو يزيد طيفور

هيءُ آدم بن عيسيٰ بن علي الزاهد بسطامي الاصغر جو پٽ هو. چيو وڃي ٿو ته ابويزيد بسطامي[1] طيفور زاهد جي لقب وارا ٻه شخص آهن: هڪ اڪبر ۽ ٻيو اصغر. جيڪو امام عليہ السلام جو معاصر ۽ سندن گهر جوپاڻي ڀريندڙ هو سو اڪبر هو ۽ اصغر ان کان ڪيترو عرصو پوءِ ٿيو. محمد بن جعفر صادق عليہ السلام جنهن جو اڳي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو هڪ سو ست هجري جي اوائل ۾ بادشاهه اسلام ابي بينتو خان، جيڪو شيخ رضي الدين جو مريد هو. ان جي اولاد مان بايزيد به هو. امام زاده جي تربت تي قبي جي بنياد انهيءَ رکي هئي ۽ سندس خانقاه سلطان العارفين بايزيد جي پاسي ۾ ڄاڻايل آهي. شيخ رضي الدين جي فرزند، شيخ شرف الدين کي قرنداش جو حاڪم ڄاڻايل آهي.

مذڪور آهي ته کيس مرشد ڪيو هئائين ۽ وصيت ڪئي هئائين ته عارفن کان منهنجي قبر ادب جي لحاظ موجب ڪجهه هيٺ ڪري ٺاهجو، مرڻ کان پوءِ خواب ۾ کائنس پڇيو ويو ته تو سان ڪهڙو سلوڪ ٿيو. چيائين ته مون کان پڇيو ويو ته اي بزرگ ڇا آندو اٿئي. چيم ملڪ کي هڪ درويش جي درگاهه تي نثار ڪري ڇڏيم. ان کي ائين نه چيائون ته ڇا آندو اٿئي بلڪ کانئس پڇيائون ته توکي ڇا گهرجي!

ساڳي طرح اهڙو بيان عراقيه نيشاپوري جو به آهي. جيڪو وقت جي عارفن مان هو. ان کان اهڙو سوال ڪيو ويو جڏهن فوت ٿي ويو. کيس خواب ۾ ڏٺو ويو ۽ چيائين ته مون کان پڇيو ويو ته ڇا آندو اٿئي. چيم ته آهه ساري عمر اهڙي حال ۾ رهيس جنهن ۾ مالڪ الله تعاليٰ مون کي رهايو ۽ پوءِ هاڻي پڇيو ٿو وڃي ته ڇا آندو اٿئي. امر ٿيو ته سچ ٿو چوي، کانئس پري ٿي وڃو.

مذڪور آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي عصا مبارڪ، حضرت امام جعفر عليہ السلام کي پهتي هئي. امام صاحب جن بايزيد کي وصيت فرمائي هئي ته ٻاويهن سالن کان پوءِ هڪ درويش شهرستان ۾ پيدا ٿيندو، انهيءَ کي اها عصا ڏج. پوءِ جڏهن شيخ ظهور ڪيو ته انهي کي ڏنائين ۽ وصيت ڪيائينس ته سندس مدفن کان اڳ انهيءَ زمين جي نشاندهي ڪج جو وڻ هوندا ۽ شاخون ان جون ڪشاديون هونديون. مغلن جي زماني ۾ اها شاخ ڪٽي وئي ته اهو اتي ئي هلاڪ ٿيو ۽ ان جو روحانيت وارو فيض امام بحق ناطق جعفر صادق عليہ السلام کان حاصل ٿيل هو. قوت القلوب ۾ ذڪر آهي ته سندس ولادت حضرت شيخ ابوطالب مڪي کان پوءِ ٿي.

 

ابوحفص حداد

هن جو نالو عمرو بن سلمه هو. نيشاپور جي ٻهراڙيءَ جو رهندڙ، دنيا کان بيگانو ۽ ملامتي فرقي جو شيخ ۽ ابوعثمان حيري جو مرشد هو. شاهه شجاع ڪرماني ساڻس نسبت ڳنڍي، عظيم مرتبو حاصل ڪيو. رفيق احمد خضريه ۽ بايزيد سندس هم عصر هئا ۽ عبدالله سندس شاگرد ۽ صحبت يافته هو. سال 264هه ۽ 265هه جي درميان فوت ٿي ويو.

چوندو هو ته: ظاهرسهڻو ادب، باطني سهڻي ادب جو عنوان آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته ”لوخشع قلبہ، لخشعت جوارحہ“ (1)

(يعني جيڪڏهن سندس قلب ۾ عاجزي هجي ها ته ان جا سڀ عضوا عاجزي ڪن ها.)

هڪ دفعي حج ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته ساڻس مريد به هئا. جڏهن بغداد وٽ پهتو ته استقبال لاءِ حضرت جنيد رحمة الله شهر کان ٻاهر آيو ته ڏٺائين ته ابوحفص جا مريد ادب سان سندس آڏو هٿ ٻڌيو بيٺا هئا. حضرت جنيد چيو ته اوهان پنهنجي مريدن کي شاهي آداب سان روشناس ڪرايو آهي ته چيائين ته حق تعاليَ جي دوستن جو ظاهري ادب ڪرڻ حق تعاليٰ جي باطني ادب جو اظهار آهي.

سندس قول آهي ته سنت جي پيروي نه ڪرڻ وارو ۽ پنهنجو پاڻ کي بُرو تصور نه ڪرڻ وارو ڪڏهن به (حق) ۾ شمار ٿي نٿو سگهي.

 نڪتو: سندس چوڻ آهي ته: الفتوت اداء الانصاف وترک مطالبة الانتصاف. يعني جوانمردي اها آهي ته خود انصاف ڪري ۽ پنهنجي لاءِ انصاف جي طلب نه ڪري.

سندس چوڻ آهي: خوف جو ڏيئو (روشن) هوندو ته ڀلائي ۽ برائي جي (تميز) بخوبي ٿي سگهندي.

سندس چوڻ آهي ته فقر، بهترين اهو آهي جو دوستن تي نوازش (بي حساب) ڪري ۽ خود الله جي (نوازش جو) طلبگار هجي.

چيائين ته: معصيت مان ڪفر پيدا ٿيندو آهي، جيئن تپ مان موت پيدا ٿيندو آهي.

چيائين ته گناهن جو نتيجو ڪفر جي صورت ۾ نڪرندو آهي، جيئن زهر جو نتيجو موت جي صورت ۾ ٿيندو آهي.

 

شاهه شجاع ڪرماني

اصل شاهي خاندان مان هو. سندس رفيق، ابوحفص حداد ۽ ابوتراب نخشبي ۽ ابوعبدالله زراع بصري ۽ ابوعبدالله بسري جو صحبت يافته هو.

سندس استاد (مرشد) ابوعثمان حيري آهي. سندس فوت ٿيڻ جو سال 270هه ۽ 300هه جي درميان ۾ آهي.

مذڪور آهي ته هيءُ چاليهه سال پورا نه سُتو هڪ دفعي ننڊ ڪيائين ته خواب ۾ کيس الله تبارڪ و تعاليٰ جو ديدار ٿيو ته پوءِ هميشه سمهندو رهيو، انهيءَ ارادي سان ننڊ ڪندو هو ته جيئن ٻيهر خواب ۾ ديدار الهٰي نصيب ٿئي.

 

احمد بن وهب

هيءُ بصره جو رهاڪو هو. سندس ڪنيت ابوجعفر هئي. ابوحاتم عطار جو صحبت يافته هو. سندس استاد ۽ پير ابو يعقوب زيات هو ۽ شونيز مسجد ۾ ويهندو هو. سندس فوت ٿيڻ جو سال 271هه آهي.

 

حمدون قصار

سندس ڪنيت ابوصالح هئي. اهل ملامت فرقه جو امام هو ۽ نيشاپور ۾ طريقه ملامت جي جاري ڪرڻ ۾ اول هيءُ هو. سهل تستري ۽ جنيد جو همعصر هو. ثوري مذهب رکندڙ هو ۽ مرشد استاد عبدالله منازل جو هو. مسلم بن الحسين، باروسي ۽ ابوتراب نخشبي جو صحبت يافته هو، سندس فوت ٿيڻ جو سال 271هه آهي.

 

فتح الله بن شخرف مروزي

سندس ڪنيت ابونصر هئي. خراسان جي اولين مشائخ مان هو. فوجي رسم موجب قبا ڍڪيندو هو. عبدالله بن احمد جو بيان آهي ته جيستائين خراسان جي زمين فتح نه ٿي هئي، هيءُ تيرهن سال بغداد شهر ۾ رهيو، ڪڏهن به بغداد جو قوت ڪونه کاڌائين. انطاڪيه کان سُتون گهرائي کائيندو رهندو هو. سڪرات واري حالت ۾ ڪجهه پنهنجو پاڻ کي چئي رهيو هو. اسان ڪن ڏنو ته چئي رهيو هو، الٰهي اشتد شوقي اليک فاجعل قدومي اليک (اي منهنجا الله! توڏانهن اچڻ ۾ بيتاب آهيان پوءِ جلد مون کي پاڻ ڏانهن گهراءِ) ۽ جڏهن کيس غسل ميت ڏئي رهيا هئاسون ته ڏٺوسون ته سندس پٺيءَ تي سائي پن سان اُڀريل لکيل هو. ”الفتح لِله“ سندس جنازي نماز ٽيٽيهه دفعا پڙهي وئي، جنهن ۾ ٽن هزارن ماڻهن شرڪت ڪئي. سال 273هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

ابوعبد الله مختار

پنهنجي زماني جي بزرگ هستين مان هو، چوندو هو ته کاڌي کي اهڙي طرح کاءُ جو تون ان کي کائي ڇڏين نه ڪه هو توکي کائي ڇڏي، جيڪڏهن تون کيس کائيندين ته نور ٿيندين ۽ جيڪڏهن هو توکي کائيندو ته دور ٿيندين.

سندس وفات جو سال 277هه آهي. قبر جي تختي تي لکيل هو ته: سندس ڪافي ساٿي هئا ۽ سڀئي صاحب ولايت هئا. جيئن ته:

(1) ابويعلي المختار العلوي حسني: صاحب ڪرامات هو ۽ ولايت ۾ مشهور هو. سيد امام جي نالي معروف هو. سندس قبر ابوعبدالله جي پيرن جي پاسي کان آهي.

(2) فقيہ ابوعثمان مرغزي: شوق و عشق جي باهه ۾ پچڻ ڪري کيس (مرڪزي) شوق جو پڪل يا سڙيل سڏيندا هئا.

مذڪور آهي ته جڏهن سيد امام وفات ڪري ويو ته ان ڏينهن مرو جي درياء ۾ عظيم هيجان پيدا ٿيو ۽ هن جي به باطن ۾ هيجان پيدا ٿيو، جنهن ان کي وڃي هرات پهچايو. سندس هيجان جي شروعات جي تاريخ ۽ سيد امام جي وفات جي تاريخ ساڳي هئي. وفات کان پوءِ کيس خايجه باد قبرستان ۾ عبدالواحد بن مسلم جي پيرن ۾ دفن ڪيو ويو.

 

ابوعبداللہ خاقان

هيءُ بغداد جي اڪابرين صوفين مان هو. شيخ جعفر جذاء بيان ٿو ڪري ته هو ڪرامت جو صاحب هو. ابن قصاب رازي بيان ٿو ڪري ته مون کي چيائين ته منهنجي پيءُ کي بازار ۾ دڪان هو، مون کي دڪان ۾ ويهاريندو هو. هڪ شخص اتان لنگهندو هو ته مان کيس بغداد جي فقراء مان سمجهندو هئس ، جيئن ته اڃا بلوغت جي سن کي نه پهتو هئس ته مون کي ان ڏانهن ڪشش ٿيندي هئي. مان اٿي کيس سلام ڪندو هئس. مون وٽ هڪ دينار هو اهو کيس ڏنم. پوءِ دينار وٺي هو روانو ٿي ويو ۽ مون ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه ڏنائين. پوءِ مون اهو خيال ڪيو ته دينار ضايع ڪيم ۽ مان ان جي پٺيان روانو ٿيس تان جو مسجد شونيزيه پهتس. اتي وڃي ڏٺم ته ٽي فقراء اڳ ئي اتي موجود ويٺا آهن. هن اهو دينار انهن فقيرن کي ڏنو ۽ خود نماز ۾ مشغول ٿي ويو. انهن مان هڪ شخص دينار کڻي ٻاهر روانو ٿيو ۽ طعام خريد ڪري آيو ۽ انهن ساٿين اڳيان آڻي رکيائين ۽ اهو پاڻ ۾ ويهي کاڌائون ۽ اهو شخص نماز ۾ ئي مشغول رهيو ۽ هو جڏهن طعام کائڻ مان فارغ ٿيا. پوءِ انهن ڏانهن منهن ڪري چيائين ته توهان کي خبر آهي ته مان توهان سان طعام ۾ شامل ڇو نه ٿيس. چيائون ته خبر ڪونه آهي، چيائين ته جنهن شخص اهو دينار ڏنو آهي، انهيءَ جي آزادي لاءِ دعا ۾ مشغول هئس ۽ اهو آزاد ٿي ويو. (معلوم ٿيو ته اهو شخص) شيخ خاقان صوفي هو. سن 279هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

سهل بن عبدالله تستري

سندس ڪنيت ابومحمد هئي. پنهنجي قوم جو سردار ۽ عالمن جو استاد هو. حضرت ذوالنون سان بيعت هو ۽ پنهنجي مامي محمد بن سوار جو صحبت يافته هو ۽ جنيد جو همعصر هو ۽ ان جي هوندي جنيد فوت ٿي ويو هو.

سهل کان پڇيو ويو ته بدبختي جي نشاني ڪهڙي آهي. چيائين ته اها آهي جو کيس علم ڏنو وڃي ۽ علم جي توفيق نه ڏني وڃي ۽ علم هجيس ۽ کيس اخلاص نه هجي ۽ صحت ۽ ديدار ڏنو وڃي مگر قبوليت نه ڏني وڃي.

نڪتو: چيائين ته مبارڪ هجي انهيءَ لاءِ جنهن کي دوست ڳوليندا هجن ۽ جيڪڏهن ان کي اهو ملي ته نور آهي ۽ جيڪڏهن ان جي طلب ۾ مري وڃي ته شفاعت لڌائين.

 نڪتو: چيائين اول هذا الامر علم لا يدرک وآخره علم لاينفذ.

ترجمو: اول هي امر علم آهي مگر نٿو لهي سگهي ۽ ان جي پڇاڙي اهو علم آهي جنهن تي عمل نه ڪري سگهي.

چيائين ته: ما دمت تخاف الفقر فانت منافق.

ترجمو: جيڪڏهن تون فقر کان خوف کائين ٿو ته تون منافق آهين.

سندس قول آهي ته فاقه ڪش کي شيطان به فريب نه ٿو ڏئي سگهي.

سندس مريدن ۾ هڪ بي ريش جوان هو، جنهن شيخ سهل کي عطيه ڏيڻ جو عرض ڪيو چيائينس ته هٿ مٿي کڻي ڪشاده ڪر جيڪو گهرين ٿو حاصل ٿيندو. هن هٿ ڊگهو ڪيو ته گهربل عطيه سندس هٿ تي اچي پيو. شيخ سهل جي عمر اسي ورهيه هئي. سن 283هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوسعيد خراز

سندس نالو احمد بن عيسيٰ هو. روزانو موزه کي چيري ڦاڙي وري ڳنڍيندو هو، پڇيو ويو ته ائين ڇو ٿو ڪرين. چيائين ته پنهنجي نفس کي مشغول ڪريان ٿو، اڳ ان کان جو هو مون کي مشغول ڪري. انهيءَ شغل ڪري سندس لقب خراز پيو. اصل بغدادي هو ۽ صوفين جي محبت ۾ مصر ويو ۽ پوءِ مڪہ پاڪ ۾ مجاور رهيو. بزرگ امامن ۽ مشائخ مان هو ۽ محمد بن منصور طوسيءَ جو عظيم شاگرد هو. ذوالنون مصري ابوعبيد بسري، سري سقطي ۽ بشرحافيءَ جو صحبت يافته هو.

مذڪور آهي ته ان کان اڳ ڪنهن به فنا ۽ بقا جي موضوع تي ڪونه ڳالهايو هو.

شيخ الاسلام انصاري جو بيان آهي ته هو پاڻ کي جنيد جي شاگردن ۾ شمار ڪندو هو، سندس ساٿين مان آهي. ليڪن ان کان اڳ سال 286هه ۾ فوت ٿي ويو.

(ابوسعيد) بيان ٿو ڪري ته ننڍپڻ ۾ منهنجي صورت تمام سهڻي حسن واري هوندي هئي. هڪ شخص مون تي ڏاڍو فريفته ٿي ويو ۽ مون کي تنگ ڪرڻ لڳو. (سندس شر کان بچڻ خاطر) مان بيابان جو رخ ڪيو. ڏٺم ته هو به منهنجي پٺيان ڪڍ لڳو ٿو اچي ۽ مون کي اچي ويجهو ٿيو آهي ته مان پنهنجو پاڻ کي کوهه ۾ اڇلايو ۽ دعا ڪيم ته اي الله! مون کي پنهنجي حفاظت ۾ رک. هو شخص به کوهه جي ڪناري تي اچي ويٺو ۽ مون کي ڏسندو ۽ رئندو رهيو، ۽ وري مان الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته اي قادر! مون کي کوهه کان ٻاهر ڪڍ ۽ ان شخص جي شرّ کان به بچاءِ. ڏٺم ته مون کي ڪنهن شيءِ وَڪوڙي کوهه کان ٻاهر ڪڍي اُڇلايو ته اهو شخص آيو ۽ منهنجا هٿ پير چمي معافي گهريائين ۽ عرض ڪيائين ته مون کي پنهنجي خدمت ۾ قبول ڪر ۽ منهنجي دل صاف ٿي وئي آهي ۽ مون منجهه اوهان لاءِ عقيدت پيدا ٿي پئي آهي. پوءِ مون منجهس صدق ۽ اخلاص ڏٺو ۽ ساري زندگي منهنجو خادم ٿي رهيو ۽ مون وٽ ئي گذاري ويو.

عباس بن حمزه نيشاپوري

سندس ڪنيت ابوالفضل هئي. مروه جا بزرگ ان جا معتقد آهن. ذوالنون ۽ بايزيد بزرگن جو صحبت يافته هو. ابوبڪر حفيد جو ڏاڏو هو. جنيد جي حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. سندس وفات جو سال 288هه آهي.

ابوحمزه خراساني

هي اصل نيشاپور جو هو. جنيد، سري سقطي، بشرحافي ۽ ابوتراب نخشبي سندس همعصر هئا. تذڪره اوليآء ۾ ذڪر آهي ته هڪ دفعي حضرت جنيد، ابليس کي ڏٺو ته ماڻهن جي ڪلهن تي ننگو چڙهيو ويٺو آهي، چيائين ته اي ملعون شرم نٿو اچئي جو ائين ماڻهن تي ويٺو آهين. چيائين ته هي ماڻهو (آدمي) ڪٿي آهن!؟ آدمي ته اهي آهن جيڪي شونيزيه ۾ مقيم آهن. جيڪي منهنجي جگر کي ساڙين ٿا. جنيد، شونيزيه پهتو، ڏٺائين ۽ ابوحمزه کي سڏ ڪيائين ۽ چيائين ملعون ڪوڙو آهي. الله جي ٻانهن جي درجات تائين پهچي نه ٿو سگهي بهرحال ابليس جي ڳالهه کين ٻڌايائين. ابوسعيد خراز به ساڻ هو. ابوحمزه اڪابرين مشائخ مان هو ۽ وجد جي حالت ۾ صحيح حالت ۾ به بيمثال هو. جڏهن به ڪو اهڙو آواز ٻڌندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو.

هڪ دفعي حارث محاسبي جي گهر ۾ ٻڪريءَ جو ٻيڪاٽ ٻڌائين ته وجد ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته عزالله جل جلالہ. حارث چيس ته اها ڪهڙي حالت آهي، جيڪڏهن ٻڌائين ٿو ته فبها نه ته توکي قتل ڪندس، چيائينس اي ويچاره! وڃ، رک ۽ ڇاڻ اٽي جو پاڻ ۾ ملائي چند سال کائيندو رهه ته تنهنجو مسئلو توتي روشن ٿي ويندو.

 

ابوحمزه بغدادي

سندس نالو محمد بن ابراهيم هو. عيسيٰ بن ابان جي فرزندن مان هو. سري سقطي جو همعصر هو ۽ سندس بشر حافي به صحبت يافته هو. ابوتراب نخشبي جي سفر جو رفيق هو، ابوبڪر ڪتاني، خيرنساج وغيرهما کائنس حديث روايت ڪندا هئا. ”قال حب الفقرآء شديد ولا يصبر عليہ الا صديق“ (چيائين ته فقرآء جي محبت سخت آهي، صديق کانسواءِ ٻيو ڪوبه ان تي صبر ڪري نه سگهندو). جنيد، ابوحمزه خراساني جي وقت ۾ ابو سعيد خراز کان پوءِ سن 289هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

سيد الطائفه جنيد بغدادي

هي حضرت سري سقطي جو ڀاڻيجو هو. سندس ڪنيت ابوالقاسم هئي. لقب قواريري، زجاج ۽ خرازهئس. قواريري ۽ زجاج لقب ان ڪري مٿس پيا جو سندس پيءُ شيشا وڪڻندو هو ۽ خراز ان ڪري جو پاڻ موزه ڳنڍيندو ۽ ٺاهيندو هو. پاڻ اصل نهاوندي هو پر ڄائو ۽ نپنو بغداد ۾. مسلڪ ابوثور رکندڙ هو ۽ هڪ مهينو شافعي جو به شاگرد رهيو ۽ مذڪور آهي ته مسلڪ سفيان ثوري رکندو هو. سري سقطي، حارث محاسبي ۽ محمد قصاب کان به فيض حاصل ڪيو هئائين. هن قوم مان امام ۽ سادات هئا سندس نسبت خراز، نوري ۽ شبلي وغيره سان به رهي.

ابوالعباس عطا جو چوڻ آهي ته ”امامنا من هذا العلم و مرجعنا المقتدي بہ الجنيد“ (اسان جو هن علم ۾ امام ۽ مرجع مقتديٰ جنيد آهي).

ذڪر آهي ته: خليفه بغداد ڪنهن کي چيو، اي بي ادب! هن چيو ته مان بي ادب ڪونه آهيان. ڇو ته جيڪڏهن ڪوبه اڌ ڏينهن، جنيد جي صحبت ۾ گذاري ٿو ته اهو بي ادب نٿو ٿي سگهي، پوءِ گهڻو وقت ساڻس رهڻ وارو ڪيئن بي ادب ٿيندو؟

شيخ ابوجعفر حداد جو قول آهي ته جيڪڏهن عقل کي ڪا صورت هجي ها ته اها صورت جنيد هجي ها.

مذڪور آهي ته اهڙي درجي جا ٽي شخص هئا ۽ ڪِن جو چوڻ آهي ته چار شخص هئا. (1) جنيد بغداد مان (2) ابوعبدالله جلا، شام ملڪ مان، (3) ابوعثمان حيري، نيشاپور مان. مذڪور آهي ته هڪ دفعه ننڍپڻ ۾ جنيد ٻارن سان راند ۾ مشغول هو ته سري کانئس پڇيو ته ”ما تقول في الشکر يا غلام!“ اي ڇوڪرا، شڪر جي تعريف بيان ڪر!

جواب ۾ چيائين ته الشکر ان لا تستعين بنعمہ علٰي معاصيہ. ترجمو: شڪر جي تعريف اها آهي ته الله جي نعمتن کي ان جي نافرمانين ۾ استعمال نه ڪر.

سري سقطي چيو ته گهڻو ڊڄان ٿو ته هينئر ئي توکي زبان جو اهو بهرو نصيب ٿيو آهي. جنيد چيو ته هميشه انهيءَ ڳالهه کان ڊڄندو هئس، تانجو هڪ ڏينهن انهيءَ درجي تي پهتس ۽ جنهن جو محتاج هئس، ان کي ساٿ آندم. انهيءَ چيو ته توکي بشارت هجي جو حق تعاليٰ کان درخواست ڪئي هئم ته هن کي ڪاميابي يا توفيق عطا فرماءِ پوءِ سري سقطي کيس وعظ ڪرڻ جو مشورو ڏنو. چيائين ته اوهان جي حياتيءَ ۾ وعظ ڪرڻ مون کي مناسب نظر ڪونه ٿو اچي. ليڪن انهيءَ جمعي رات پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺائين، جن کيس وعظ ڪرڻ جو حڪم فرمايو: ”تکلم علي الناس“ پوءِ صبح جو جڏهن مان بيدار ٿيس ته سري سقطي جي گهر جي در تي پهتس ۽ خواب بيان ڪرڻ جو ارادو ڪيم ته پاڻ اڳي ئي فرمايائين ته هاڻي ته تون منهنجي ڳالهه سمجهي ويو آهين، جيڪا توکي اڳي ئي چوندو هئس. پوءِ صبح جو هڪ مجلس جو اهتمام ڪندس ۽ ڳالهه جي شروعات مان ڪندس. اها خبر ڦهلجي وئي ۽ هڪ جوان عيسائي ويس ۾ اچي مجلس جي ڀرسان ويٺو ۽ چيائين ته: ”ايها الشيخ ما معنيٰ قول رسول الله صلي الله عليہ وسلم اتقوا فراسة المؤمن فانہ ينظر بنور الله“(1)

 ترجمو: مؤمن جي فراست کان ڊڄندا رهو ڇو ته اهو الله جي نور سان ڏسندو آهي.

اهو ٻڌي حضرت جنيد فرمايو ته انهيءَ جومقصد اهو آهي ته توکي مسلمان ٿيڻ گهرجي ڇو جو اسلام تو وٽ پهچي چڪو آهي ۽ پوءِ اهو شخص مسلمان ٿيو.

جنيد جي فوت ٿيڻ جو سال 298هه آهي. سندس فوت ٿيڻ جو سال 99 يا 89 پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

 سلسله طريقه جنيدي مشهور ۽ معروف آهي. طريقه جدام ولافطار بعد سبعة ايام والرياضة الشاقة و قبول الفتوح و الصرف علي الفقرآء و اڪثر ذڪرهم الکريم الوهاب ذوالطول. کارڪ تي روزو رکڻ ۽ هفتي کان پوءِ ان جو کولڻ، سخت رياضت، نذرانو قبول ڪري، ان کي مسڪينن تي خرچ ڪرڻ ۽ اڪثر انهن جو ذڪر الڪريم، الوهاب، ذوالطول آهي.

 

ابراهيم بن خواص

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. سندس استاد جعفر خلدي، سيرواني مهين هو. پاڻ بغدادي هو ۽ سندس پيءُ آمل جو هو. جنيد ۽ ثوري جو هم عصر هو.

چيائين ته: ”العلم کلہ في کلمتين لا تتکلف ماکفيت ولا تضيع ما استکفيت“ علم سارو ٻن ڪلمن ۾ آهي يعني جيڪو رزق توکي ڪافي ٿئي، ان ۾ تڪلف نه ڪر ۽ جيڪا شيءِ تنهنجي لاءِ ڪافي هجي، ان کي ضايع نه ڪر.

سن 291هه ۾ فوت ٿي ويو، سندس قبر حصار طبرڪ ۾ آهي، شيخ الاسلام (عبدالله) انصاري جو بيان آهي ته سندس قبر هرگز ڏسي نه سگهيس، ڇو ته اتي شينهن ستل هو. ان جي هيبت کان اتي وڃي نه سگهيس .

 

زڪريا بن داويه

سندس ڪنيت ابويحيٰ هئي. نيشاپور جو رهاڪو هو. احمد بن حرب جي شاگردن مان هو. جيڪي جمله زاهد ۽ متوڪلين هئا. غذا جي باري ۾ محتاط هوندو هو. پنهنجي هٿ جي ڪمائي ڪري کائيندو هو.

ابوعثمان حيري جو قول آهي ته ابو يحيٰ زيد وانگر کيس موت جو انديشو، موت کان پوءِ ڪونه رهيو، سندس وفات 294هه ۾ ٿي.

ابوالحسن نوري

سندس نالو احمد بن محمد ۽ احمد وڌيڪ درست آهي، ابن بغشوري جي نالي سان معروف آهي. سندس پيءُ بغشور جو رهاڪوهو. اهو شهر، هرات ۽ مرو جي وچ ۾ هو. پر ڄائو پليو بغداد ۾ هو. سري سقطي، محمد بن علي قصار ۽ احمد ابي الحواري جن کان فيض حاصل ڪيل هئس ۽ ذوالنون مصري کي به ڏٺو هئائين ۽ جنيد جو همعصر هو، پر جنيد کان ڪجهه اڳ جو هو ۽ جنيد جي وقت ۾ ئي فوت ٿي ويو. سندس وفات جو سال 295هه هو. بعض جو چوڻ آهي ته سال 286هه ۾ وفات ڪيائين.

جڏهن نوري گذاري ويو جنيد چيو ته ذهب نصف هذا العلم بموت النوري.

ترجمو: نوري جي وفات سبب هن علم (تصوف) جو اڌ هليو ويو.

 

ابوعثمان حيري

سندس نالو سعيد بن اسماعيل الحيري آهي. اصل نيشاپور جو رهاڪو هو. شاهه شجاع جو مريد هو. ابوحفص حداد ۽ يحيٰ بن معاذ رازي کان کيس فيض حاصل ٿيل هو. وقت جو بي مثل امام هو. نيشاپور وارن جو استاد ۽ مرشد هو. مرو کان شاهه شجاع سان گڏ نيشاپور ۾ آيو هو.

ابوحفص کيس چيو ته جڏهن شاهه شجاع واپس پنهنجي عيال ڏانهن وڃي ته تون اتي رهي پئج. جڏهن شاه واپس موٽي ويو ته ابوعثمان حيري ابوحفص وٽ رهي پيو ۽ ابوحفص کان فيض حاصل ڪندو رهيو. سال 298هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر نيشاپور ۾ آهي.

کانئس پڇيو ويو ته جوان مرد ڪير آهي، چيائين ته جيڪو پاڻ کي ڪجهه به نه سمجهي.

 

ابو احمد قلانسي

سندس نالو مصعب بن احمد بغدادي هو. اڪابرين مشائخ مان هو. اصل مرو جو هو. جنيد جي وقت جو هو ۽ کيس ڏٺو هئائين.

چوي ٿو ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي قوم ۾ موجود هئس. چيم ته منهنجو آزار، منهنجي گفتگو کي زائل ڪري ٿو ڇڏي ته تون مون مٿان ڳالهائين ٿو.

شيخ سيرواني چوي ٿو ته جڏهن صوفي چوي ته منهنجا جوتا منهنجي لاءِ آزار آهن، ته سمجهه ته هو چوي ٿو ته انهن کي ملڪ نه آهي.

”في التاريخ حج ابواحمد قلانسي اُمات بمکة بعد انصراف الحاج بقليل290هه“

ترجمو: حج جي موقعي تي جڏهن حاجي واپس ٿيڻ لڳا، تڏهن ابواحمد قلانسي ٿورو بعد ۾ فوت ٿي ويو، تقريباً 290هه ۾.

مذڪور آهي ته قلانسي بيمار ٿيو ۽ موت جي قريب ٿيو، تڏهن دعا گهريائين ته خداوندا! اگر تو وٽ منهنجي ڪابه مقبوليت آهي ته منهنجو موت بين المنزلين ۾ ٿئي ۽ ائين ئي ٿيو جو ڏوليءَ ۾ کيس ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ لاءِ آندو ويو پئي ته واٽ تي ئي فوت ٿي ويو.

 

عمروبن عثمان مڪي صوفي

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي. حسين منصور حلاج جو استاد هو. سندس نسبت حضرت جنيد سان هئي ۽ خراز کان به فيض حاصل ڪيو هئائين ۽ انهن جوئي همعصر هو ۽ ابوعبدالله نباجي کي به ڏٺو هئائين.

”وکان يقول ماصحبت احدا کان انفع لي صحبة ورؤية من ابي عبدالله النباجي“

ترجمو: ۽ بيان ٿو ڪري ته سڀني کان وڌيڪ مون کي نفعو پهچائيندڙ ابو عبدالله نباجي جي صحبت ۽ ديدار هو، علم حقائق جو عالم هو. اصل يمن جو هو. سندس سخن باريڪ هو سندس ڪلام کي ڇڏيو ويو هو. مڪہ کان جڏهن جده آيو ته کيس قاضي مقرر ڪيو ويو ”في کتاب صفوة الصفوة لابن الجوزي انہ توفي ببغداد297هه“

ترجمو: ابن الجوزي پنهنجي ڪتاب ”صفوة الصفوة“ ۾ بيان ڪيو آهي ته هو سال 297هه ۾ بغداد ۾ فوت ٿي ويو.

مذڪور آهي ته عمروبن عثمان هڪ ”گنج نامه“ تصنيف ڪيو هو. حلاج جيڪو سندس شاگرد هو، ڳجهي طور کڻي ويو ۽ ان کي ظاهر ڪيائين. ان ۾ باريڪ ڳالهيون هيون، جن جا ماڻهو منڪر ٿي پيا ۽ کيس ڇڏي ڏنائون. انهيءَ حرڪت سبب حلاج پنهنجي استاد جي غضب هيٺ آيو.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن منصور کي (سندس استاد) ڪجهه لکندي ڏٺو. ان کان پڇيائين ته ڇا ٿو لکين؟ چيائين: اها شي لکان ٿو جيڪا قرآن جو مقابلو ڪري، پوءِ کيس بددعا ڏنائين. پوءِ هو اپاهج ٿي ويو ۽ مٿس بددعا جو اثر رهيو. والله اعلم.

 

سمنون بن حمزه محب ڪذاب

سندس ڪنيت ابوالقاسم يا ابوالحسين هئي. پنهنجو پاڻ کي ڪذاب (ڪُوڙو) جو لقب ڏنو هئائين. جيڪو کيس ائين نه سڏيندو هو، ان ڏانهن توجه نه ڏيندو هو. علم ۾ ممتاز هو ۽ محبت جو امام هو، ساري عمر کيس ائين سڏيندا هئا. سري سقطي، محمد بن علي القصاب ۽ ابواحمد قلانسي جو صحبت يافته هو، جنيد ۽ نوريءَ جو همعصر هو. ڪِن جو چوڻ آهي ته جنيد کان اڳي گذاري ويو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ان کان پوءِ گذاري ويو.

چيائين ته: محبت ماڻهو کي پڪو صاف نه ٿي ڪري جيستائين پاڻ کي ساري عالم کان برو نه سمجهي. ابواحمد قلانسي جو بيان آهي سمنون جو اهو ورد هو، جو هو رات ڏينهن ۾ پنج سو رڪعتون نماز جون پڙهندو هو. بغداد ۾ هڪ دفعو هڪ شخص فقراء تي چاليهه هزار درهم خرچ ڪيا. سمنون چيو ته اي ابا احمد قلانسي! ايتري خرچ ڪرڻ جي مون منجهه طاقت ڪونه آهي، البته هڪ درهم جي عوض هڪ رڪعت نماز پڙهندس، پوءِ مدائن ويندس ۽ چاليهه هزار رڪعتون نماز پڙهندس.

غلام خليل نالي هڪ شخص هو، جو پاڻ کي خوامخواهه صوفي مشهور ڪندو هو ۽ هميشه وقت جي خليفه جي اڳيان صوفياء ڪرام جون برايون انهيءَ نيت سان ڪندو رهندو هو ته ماڻهو انهن جي بجاءِ سندس معتقد ٿي وڃن. جنهن وقت سمنون کي شهرت حاصل ٿي وئي ته ڪنهن عورت ساڻس نڪاح ڪرڻ جي درخواست ڪئي، ليڪن سمنون انڪار ڪري ڇڏيو. عورت حضرت جنيد جي خدمت ۾ سفارش ڪرڻ لاءِ پهتي ته ان به کيس ڌِڪاري ڇڏيو پوءِ اها عورت غلام خليل وٽ پهچي (سازش ڪري) انجي ذريعي، سمنون تي زنا جي تهمت لڳائي ۽ غلام خليل خوش ٿي خليفه وٽ ويو ۽ ان جا ڪن ڀري کانئس سمنون جي قتل ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪيائين. جڏهن جلاد سان گڏ پاڻ خليفه جي دربار ۾ پهتو ۽ خليفه سندس قتل جي حڪم ڪرڻ لاءِ ارادو ڪيو ته خليفه جي زبان بند ٿي وئي ۽ انهيءَ رات ئي خليفه خواب ۾ ڏٺو ته کيس ڪوئي چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن تو سمنون کي قتل ڪرايو ته سارو ملڪ تباهي هيٺ اچي ويندو. ٻئي ڏينهن خليفه کانئس معافي وٺي کيس رخصت ڪيو.

 

زهرون مغربي

هيءُ طرابلس جو رهاڪو هو. مظفرڪرمان شاهيءَ جو همعصر هو. ٻئي هڪ ٻئي جا ساٿي هئا ۽ گڏجي مڪہ پاڪ روانا ٿيا. زهرون اڳ ۾ هو ۽ مظفر پٺيان ۽ سيده زوجہ مظفر انهن جي پٺيان ۽ سڀ اهي ”رمله“ ۾ گذاري ويا.

ابوعبدالله مغربيءَ جو بيان آهي ته جوانمردن ۾ زهرون جهڙو ٻيو ڪوبه جوانمرد ڪونه ڏٺم.

 

عرون بن وثابه

سندس ڪنيت ابوالاصبح هئي.

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته احمد ابن ابي الحواري جي ڪتاب ۾ ڏٺم ته هو مڪہ ۽ شام جو شيخ هو. جڏهن دنيا جهان مان هليو ويو ته کيس خواب ۾ ڏٺو ويو ۽ کانئس پڇيو ويو ته چيائين ته پڪڙ هيٺ اچڻ وارن ۾ مون کي شمار ڪيو ويو، پوءِ امن هيٺ آندو ويو، ۽ پوءِ ڇڏيو ويو.

 

رويم بن احمد

بن يزيد رويم ابومحمد يا ابوبڪر يا ابوالحسين يا ابوشيبان ڪنيت رويم جو پوٽو مهين آهي، جيڪو قرائت نافع کان روايت ٿو ڪري ۽ اهل بغداد مان آهي. هو مڃيل مشائخ مان ۽ فقيہ ۽ آئمہ به هو. داؤد اصفهاني جي مسلڪ تي هو ۽ پاڻ کي جنيد جو شاگرد سڏرائيندو هو ۽ انهيءَ طبقي سان تعلق رکندڙ هو.

ابوعبدالله خفيف جو بيان آهي ته توحيد بيان ڪرڻ جي ڪلام ۾ رويم کان وڌيڪ مون ڪنهن کي به ڪونه ڏٺو.

آخري ۾ هن پنهنجو پاڻ کي دنيادارن جي روپ ۾ لڪائي ڇڏيو هو. ڪاروبار ڪرڻ ۾ کيس ڪوبه حجاب ڪونه ٿيندو هو. سري سقطي ۽ جنيد جو چوڻ آهي ته اسان فارغ مشغولي ۾ هوندا هئاسون ۽ هو مشغول فارغ.

 

ابوجعفر سماڪ

بغدادي، سري سقطي جي مشائخ مان هو.

جنيد جو چوڻ آهي ته مون کي سري ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ابوجعفر سماڪ وٽس آيو ۽ ڏٺائين ته مون وٽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ويٺو هو. پوءِ بيهي رهيو ۽ ويٺو نه ۽ پوءِ مون سان مجلس نه ڪيائين ۽ چيائين ته ”ياسري صرت مناخ الباطلين“ (ترجمو) اي سري! تون باطل پرستن جو مرڪز ٿي ويو آهين. ۽ پوءِ واپس هليو ويو ۽ اهڙي جماعت جو اجتماع، منهنجي چوڌاري پسند نه ڪيائين.

 

محمد بن منصور طوسي

استاد عثمان بن سعيد دارمي ۽ ابوالعباس (مسروق) ابوجعفر حداد مهين ابوسعيد خراز ۽ جنيد هو.

ابوبڪر ڪسائي دينوري

حضرت جنيد جي اولين اصحاب مان هو. عراق جي قهستان علاقي جو رهندڙ هو، جنيد جو بيان آهي ته ابوبڪر ڪسائي نه هجي ها ته مان به عراق ۾ نه هجان ها. هي جنيد جي هوندي ئي فوت ٿي ويو.

 

زياد ڪبير همداني

هيءُ به جنيد جي جماعت مان هو. مستجاب الدعواة هو. ڪهمش همداني کيس صاحب ڪرامت سڏيو آهي.

ثابت الخباز

هن حضرت جنيد ۽ رويم کان فيض حاصل ڪيو هو.

 

ابويعقوب خراط عسقلاني

هن ابوالحسن نوري کي ڏٺو هو. مگر کانئس فيض يافته ڪونه هو ۽ وقت جو ناميارو هو.

 

حسن بن علي

سندس ڪنيت ابوعلي هئي. جنيد ۽ ابوحمزه جي استادن مان هو، پر سندن ساٿين مان به هو ۽ سري سقطي جي اڪابر اصحابن مان هو.

مذڪور آهي ته محمد بن عبدالله گاذر، کيس هڪ تنهائي واري هنڌ تي ڇڏي آيو ۽ ان کان اها ڳالهه پورو هفتو وسري وئي (جو وٽس نه ويو) ۽ جڏهن ياد پوڻ تي وٽس آيو ته وسارڻ جو ان وٽ عذر پيش ڪيائين ته حسين بن علي کيس چيو ته فڪر ۽ رنج نه ڪر ڇو ته الله تعاليٰ پنهنجي دوستن کي تنهائيءَ جي وحشت کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائيندو آهي.

 

محمد و احمد

اُهي ابي الورد جي اولاد مان هئا ۽ عراق جي بزرگ مشائخن مان هئا. جنيد جا همعصر هئا ۽ سري سقطي، ابوالفتح عمال، حارث محاسبي ۽ بشرحافي جا صحبت يافته هئا.

 

ابوجعفر بن ڪرنبي

حضرت جنيد جو همعصر هو. بغداد جي جمله مشائخ جو رهنما هو.

 

احمد بن ابراهيم مسوحي

سندس ڪنيت ابو علي هئي. سري سقطي ۽ بشرحافي جو صحبت يافته ۽ روايت ڪندڙ هو.

مذڪور آهي ته: جڏهن حج ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ته پاڻ سان هڪ چولو، پراڻي چادر، بنا کڙي جي جتي ۽ هڪ ڪئنرو ساڻ کنيائين ۽ مناسب سڪل ماني به ساڻ کنيائين ۽ هر شام جو ان سڪل ماني مان ٽڪر ڪڍي ڪئنري ۾ پسائي رکندو هو ۽ صبح جو کائيندو هو. اهڙي طرح بغداد کان مڪہ پاڪ تائين سفر پورو ڪيائين.

ابويعقوب مزابلي

هيءُ بغدادي هو ۽ حضرت جنيد جو همعصر هو.

کانئس پڇيو ويو ته تصوف ڇا آهي؟ چيائين ته ”تضمحل فلها معالم الانسانية“.

ترجمو: جنهن شخص ۾ بشري خصوصيتيون ختم ٿي وڃن.

 

ابويعقوب زيزي

ابوعبدالله خفيف چوي ٿو ته ابويعقوب زيزيءَ سان محفل سماع ۾ شامل هئس. قوال هڪ بيت چيو، ابن زيزيءَ پنهنجا هٿ اُبتا زمين تي رکيا ۽ پنهنجي سيني کي اڳتي ڪيائين ۽ آسمان ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته بيت چؤ الله جو قسم! مون کان سواءِ ڪو نٿو ٻڌي. اوچتو ان جي گردن جي رڳن ۾ رت وهڻ لڳو ڄڻ ته ڪنهن ٽُڪو هڻايو آهي. انهيءَ حالت ۾ بيهوش ٿي ويو. اتان ان کي کڻي ويا. سندس رت کي اگهيائون. ابراهيم خواس ان کي ڏٺو هو.

 

ابوجعفر حفار بغدادي

هيءُ اصحاب جنيد جو همعصر هو ۽ ان جي ئي قريب سن هو.

ابوجعفر صيدلاني

ابوالحسن صايغ دينوري جو استاد هو. جنيد ۽ ابوالعباس عطا جو همعصر هو، مڪہ پاڪ جو مجاور هو ۽ مصر ۾ گذاري ويو. سندس قبر زقاق مصري جي پاسي ۾ آهي ۽ ابوسعيد خراز جو صحبت يافته هو.

ابوصايغ دينوري جو بيان آهي ته منهنجي استاد (مرشد) ابوجعفر صيدلاني مون کي ٻڌايو ته هڪ رات پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺم ته سندن چوڌاري ڪل مشائخ ويٺل هئا. ان وقت هڪ فرشتو آسمان تان لهي آيو سندس هٿ ۾ دسترخوان ۽ ابريق (پاڻيءَ جو ٿانو) هئا ۽ هرهڪ جي اڳيان دسترخوان ۽ ابريق رکندو ويو ۽ پوءِ منهنجي اڳيان اهو دسترخوان کڻي ويو ۽ چيائين ته هيءَ انهيءَ جي لاءِ نه آهي. عرض ڪيم ته يارسول الله صلي الله عليہ وسلم! جيڪڏهن مان انهن منجهان نه آهيان ته انهن کي دوست ته رکان ٿو. فرمايائون ته دسترخوان ٻيهر ايندو. حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جڏهن مون کي روئندي ڏٺو ته تبسم ڪندي فرمايائون ته اسان کي پيارو گهرين ٿو يا دسترخوان کي؟ چيائين ته هن وقت مون کي هن مجلس ۾ شريڪ ڪونه ڪيو پيو وڃي، اهو رنج ٿو ٿئي.

تمثيل: ابراهيم ادهم جو بيان آهي ته هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته هڪ فرشتو هڪ ڊگهو ورق کڻي آيو ۽ هن ۾ لکڻ لڳو، پڇيم ته ڇا ٿو لکين: چيائين ته سندس دوستن جا نالا. چيم ته منهنجو نالو به لک، چيائين نه! چيم ته ڇا مان انهن مان نه آهيان يا انهن کي دوست نٿو رکان؟ مان انهن مان آهيان ۽ کين دوست رکان ٿو. وري انهيءَ وقت ٻيو فرشتو آيو ۽ چيائين ته ڪاغذ کڻ ۽ سندس نالو منڍ ۾ لک ته کيس دوست رکندڙ به منهنجا دوست آهن.

ابوالعباس عطا جو چوڻ آهي ته تنهنجو هٿ جيڪڏهن انهن وٽ نٿو پهچي سگهي ته سندس دوستن وٽ پهچاءِ پر جيڪڏهن تون سندن درجي تائين رسائي نٿو ڪري سگهين ته تنهنجا شفيع ته ٿيندا.

ابوبڪر خباز

هيءُ حريري جي استادن مان آهي.

 

ابوبڪر بن ابي سعدان

احمد بن محمد بن ابي سعدان بغدادي. حضرت جنيد جي اصحاب مان هو ۽ ابوسعيد خراز جو صحبت يافته هو.

 

ابوعبدالله اڪبري بصري

سندس اصل نالو محمد بن حسان هو. ابوتراب نخشبي جو صحبت يافته هو.

 

ابوجعفر خراز اصطخري

هيءُ حسن بن حمويه جي اصحاب مان هو ۽ ابوعبدالله خفيف جو همعصر هو.

 

هشام بن عبدان

سندس ڪنيت ابومحمد هئي. ابوعبدالله خفيف کيس ڏسي، سندس ڏاڍي تعريف ڪئي..

ابومحمد خفاف

هيءُ ابوعبدالله خفيف جو مريد هو.

 

عبدالله قصار

هيءُ خفيف ۽ سهل تستري جو همعصر هو.

 

ابوعبدالله سالمي

سندس نالو احمد بن سالم هو ۽ تستري جي خليفن مان هو.

 

شيخ عبدالله باڪويه

سندس نالو علي بن محمد بن عبدالله هو. مگر باڪويه مشهور هو. جوانيءَ ۾ ابوعبدالله خفيف کي ڏٺو هئائين.

 

ابوالعباس احمد بن يحيٰ شيرازي

شيخ ابوعبدالله خفيف جو مرشد هو. جڏهن رڻ پٽ ۾ ويو ته اتي شينهن سان لڙائي ڪئي هئائين، سهل تستري کي ڏٺو هئائين.

 

ابوبڪر اشناني

سندس جواني جو حال نامعلوم آهي. قوالي ڪندو رهندو هو. ابوبڪر اشناني جڏهن صبح جو پنهنجي گهر ۾ قوالي ٻڌي ته وجد ۾ اچي ويو ۽ بيخودي ۾ اچي بي حال ٿي ويو. ۽ شيخ عبدالله خفيف کي چيائين ته هو صبح جو اچي. پوءِ جڏهن صبح جو وٽس آيو ته ڏٺائين هو فوت ٿي چڪو هو. پوءِ کيس دفن ڪري ڇڏيائون. ابوعبدالله ان گهر ۾ قوالي ٻڌي ته چار ڏينهن ازخود غائب هو.

 

عبدالرحيم اصطخري

ڪنيت ابوعمر ۽ رويم جو صحبت يافته هو ۽ سهل بن عبدالله تستري کي ڏٺو هئائين. سندس طريقت جو طريقو خفيه ۽ ”شطاره“ جي لقب سان مشهور آهي. جعفر حداد کي به ڏٺو هئائين.

ڪنهن شخص کيس نصيحت ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو، چيائين ته همت، همت، همت ته همت رک سڀئي شيون همت تي مدار رکن ٿيون.

 

ابوعبدالله عباداني

هيءُ عبدالله بن سهل تستري جي خاص مريدن مان هو. حضرت شبلي ﷥ کي به ڏٺو هئائين.

 

ابوجعفر معاذ مصري

هيءُ ابوالحسين سيرواني ڪهين جو مرشد هو ۽ ابوجعفر حداد مصري ۽ ابن البرقي کي ڏٺو هئائين.

 

ابوعبدالله سجزي

هيءُ ابوحفص جو صحبت يافته هو.

 

موسيٰ بن عثمان جيرفتي

شيخ عبدالله طاقي جو مرشد هو. ابوعبدالله خفيف جو همعصر هو.

 

شيخ ابوالحسن بشري سجزي

هيءُ ابوعبدالله خفيف جو مريد هو. نوري کي ڏٺو هئائين.

 

احمد بن عاصم انطاڪي

سندس ڪنيت ابوعلي يا ابوعبدالله هئي. اتباع تابعين سندس طريقو هو. بشرحافي سري سقطي ۽ حارث محاسبي جو همعصر هو ۽ فضيل عياض کي ڏٺو هئائين ۽ احمد ابي الحواري جي استادن مان هو. سندس عمر دراز هئي.

 نڪتو: سندس چوڻ آهي ته هر عمل، علم آهي ۽ امام هر علم جي عنايت.

 نڪتو: کانئس، اخلاص بابت پڇيو ويو، چيائين ته جنهن وقت تون عمل صالح نٿو ڪرين ته تون اها طلب نه رک ته توکي ياد ڪيو وڃي ۽ انهيءَ لاءِ (تون عمل صالح ڪرين) ته توکي بزرگ تصور ڪن ۽ عمل صالح جي ڪرڻ ۾ اها اميد ۽ خواهش نه رکڻ ته سندس تعريف ڪئي وڃي، اهو اخلاص آهي.

 

ابوحامد اسود

هيءُ بالزنجي نالي سان مشهور آهي. بوعلي رودباري جي استادن مان هو ۽ ٽي سال ساندهه مسجد الحرام ۾ ڪعبة الله جي ڀرسان ويٺو رهيو. ڪڏهن به ٻاهر نه آيو. البته طهارت لاءِ نڪرندو هو ۽ ڪنهن به کيس ڪا شيءِ کائيندي نه ڏٺو نه وري ڪو قوت وٽس ايندي ڏٺو ويو. جنهن وقت ۾ هو وجد ۾ ايندو هو ته سفيد ٿي ويندو هو، پوءِ وري سياهه ٿي ويندو هو.

 

ابوجعفر بن بڪرحداد

هيءُ ابن عطا جو مريد هو. ابوجعفر حداد ٻئي ڪبير ۽ صغير بغدادي هئا. حضرت جنيد ۽ رويم جو همعصر هو.

 

ابوجعفر بن بڪر حداد صغير

هيءُ مصري هو ۽ ابوبڪر ڪبير جي اصحاب مان هو. ابن عطا سان مجلس ڪندو هو ۽ ان جي ئي شاگرديءَ ۾ آيو ۽ ابوتراب نخشبي جو صحبت يافته هو.

 

ابوعبدالله حصري، بصري

هيءُ بغداد جي قديم مشائخ مان هو. فتح موصلي جو مريد هو.

 

ابوعبدالله رودباري

سندس نالو احمد بن عطا هو. شام جي مشائخ مان هو. ابوعلي رودباريءَ جو ڀاڻيجو هو.

 

ابوالحسن بن شعره

هيءُ صوفي مشائخ مان هو. ابواحمد اسود جو همعصر هو. ساڻس جامع مصر ۾ هليو ويو. مذڪور آهي ته: سندس قبر مان قرآن شريف پڙهڻ جو آواز ايندو هو جو زيارتي پڻ ٻڌندا هئا.

 

عبدالله بن خبيق انطاڪي

سندس ڪنيت ابومحمد هئي. اصل ڪوفه جو رهاڪو هو. پوءِ انطاڪيه ۾ مقيم رهيو. سندس تصوف ۽ طريقت جو سلسلو، سفيان ثوري جي طريقه تي هو ۽ اصحاب سفيان جو صحبت يافته هو.

فتح بن شخرف کيس ڏٺو هو. بيان ٿو ڪري ته مان کيس ڏٺو هو، چيائين ته: اي خراساني! چئن شين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. (1) اکيون، (2) زبان، (3) دل، (4) خواهش. پنهنجي اکين جي حفاظت ڪر ته الله تعاليٰ جي منع ڪيل شين ڏانهن هرگز نه نهارين ۽ زبان جو خيال ڪر ته جيئن اهي الفاظ نه ڪڍين، جنهن کي الله تعاليٰ پسند نه ڪندو هجي ۽ دل ڏانهن نگاهه رک ته جيئن اها ڪنهن به مسلمان جي خلاف بغض ۽ ڪينو نه رکي ۽ خواهش کي قبضي ۾ رک ته جيئن اها ناشائسته شيءِ ڏانهن مائل نه ٿئي. جيڪڏهن اهي خصلتون تو منجهه ڪونه آهن ته پوءِ تون پنهنجي مٿي ۾ مٽي وجهي ڇڏ جو بدبخت آهين.

 

ابوالحسين مالڪي

سندس نالو احمد بن سعيد مالڪي هو، بغدادي فصيح هو. حضرت جنيد، نوري ۽ انهيءَ طبقي جي مشائخ جو صحبت يافته هو، پوءِ طرطوس ويو ۽ اتي فوت ٿي ويو.

 

شيخ محمد بن علي حڪيم ترمذي

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي. ابوتراب نخشبي، احمد خضرويه ۽ ابن جلا جو صحبت يافته هو. ابوبڪر وراق جيڪو سندس مريد هو. بيان ٿو ڪري ته هر ڇنڇر جي رات حضرت خضر عليہ السلام وٽن ايندو هو ۽ هڪ ٻئي کان حال احوال پڇندا هئا.

 

محمد بن خالد ترمذي

سندس ڪنيت ابوبڪر هئي، احمد خضريه کي ڏٺو هئائين. سندس چوڻ آهي ته: تنهنجو سرمايه تنهنجي دل آهي. جڏهن تون پنهنجي دل کي ظن ۽ گمان ۾ مشغول رکندين ته جنهن خاطر تون آيو آهين، اهو وقت ضايع ڪيئي ڇو ته اهو وقت وري تو وٽ ٻيهر ڪونه ايندو.

۽ چيائين ته: ”الانسان في خلقہ احسن ما في جديد غيره“

 

ابونصر محمد بن حامد

هيءُ خراسان جي نوجوانن مان هو.

 

قاسم عربي

هي هڪ دفعي بيمار ٿي پيو. بشر حافي سندس عيادت و زيارت لاءِ ويو. ڏٺائين ته سندس مٿي هيٺان هڪ سِر رکيل آهي ۽ پراڻي ٻوريءَ جو هڪ ٽڪر سندس پاسي ۾ رکيل آهي. جڏهن بشر حافي ٻاهر آيو ته قاسم عربي جي هڪ پاڙيسري کيس ٻڌايو ته ٽن سالن کان وٺي هيءُ اسان جي پاڙي ۾ رهيل آهي، مگر هرگز اسان کان ڪابه شيءِ ڪونه گهري اٿائين.

 

ابوبڪر شقاق

سندس نالو محمد بن عبدالله هو، ابوسعيد خراز جي اصحاب مان هو.

 

ابوالحسين بنان

ابوسعيد خراز جو صحبت يافته ۽ پڻ ان جو مريد هو. تيہ نالي رڻ پٽ ۾ فوت ٿي ويو.

 

ابو نصر خباز ۽ ابوالحسن سوهان آزن

هيءُ حصري جو هم عهد هو ۽ گاذرگاهه مشائخ مان هو ۽ ٻه واسطا قديم تر هو ۽ هرات جو رهندڙ هو. ابونصر، شاگردِ حصري هو. ابوالحسن سوهان جامع مسجد ۾ ويهندو هو. سندس شاگرد (مريد) شيخ الانصار بيان ٿو ڪري ته اسان جو پير سائين رمضان شريف جي ساري رات سجدي ۾ گذاريندو هو ۽ صبح جو سجدي مان اُٿندو هو ۽ هر سال حج ڪندو هو ۽ روزو ۽ نماز پورا ڪندو هو. قرآن مجيد جي تلاوت خشوع سان ڪندو هو. بيشتر توبه و استغفار ڪندو هو ۽ عبادت جي قبوليت لاءِ دعا گهرندو هو.

 

باب فرغاني

سندس نالو عمرهو ۽ فرغانه جو رهاڪو هو. اتان جي درويشن ۽ بزرگ مشائخن کي باب سڏيندا هئا.

شيخ عمووي کي ڏٺو هئائين، ڪشف المحجوب واري لکيو آهي ته هيءُ اوتاد الارض هو.

 

ابونصر سراج

سندس لقب طائوس الفقرآء هو. ابومحمد مرتعش، سري سقطي ۽ سهل تستري کي ڏٺو هئائين. سندس مسڪن ۽ مدفن طوس آهي.

 

ابومحمد حداد

ابوحفص حداد نيشاپوريءَ جو مريد هو ۽ نيشاپور جي هڪ ڳوٺ جو رهندڙ هو. ابوحفص کيس چيو ته لوهارڪو ڌنڌو ڪر ۽ ان جي ڪمائي درويشن تي خرچ ڪر ۽ پاڻ نه کاءُ ۽ پنهنجو گذارو سوال ۽ گهرڻ ذريعه ڪندو رهه ۽ هن اهڙي طرح ڪيو ته ماڻهن جو لاڙو ڏانهس وڌندو ويو ۽ خلق سندس پويان هوندي هئي ۽ هر ماڻهو پنهنجو هٿ هن اڳيان احسان ڪرڻ لاءِ ٽنگيندو هو. (اهو حال ڏسي) ابوحفص کيس چيو ته هاڻي سوال ڪري کائڻ، توتي حرام آهي ۽ جيڪو ڌنڌو ڪرين ٿو ان جي آمدني مان پنهنجو گذارو ڪر ۽ پاڻ کاءُ.

مذڪور آهي ته جنهن وقت سندس مريد ان ڏانهن ايندا هئا ته کين چوندو هو ته پنهنجي مقصد کي هن طريقه سان حاصل ڪيو وڃي جو حجامت جو ڌنڌو شروع ڪريو ته توهان کي حجام سڏيندا ته اهڙي طرح توهان کي ڪو به عارف جي حيثيت سان ڪونه سڃاڻيندو ۽ اهو طريقو صاحب ملامت ۽ خلاف نفس جو مذهب آهي.

 

ابوبڪر صيدلاني

هيءُ فارس جو هو ۽ نيشاپور ۾ وفات ڪئي هئائين. شبلي کيس بزرگ تصور ڪندو هو.

ابراهيم فازويه

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. محمد بن سعيد جو فرزند هو. فارس جي مشائخ مان هو. نيشاپور ۾ فوت ٿي ويو، ابوحفص کي ڏٺو هئائين، ابوعثمان حيري جو مريد هو، مروت ۽ سخاوت ۾ عظيم الشان مقام رکندڙ هو. حسن قرائت ۾ بهترين ۽ عمده آواز هئڻ سبب کيس نازويه جي لقب سان سڏيندا هئا.

کانئس پڇيو ويو ته: فقير ڪير آهي؟ چيائين ته اهو آهي، جنهن کي ڪا حاجت نه هجي، شيخ الاسلام بيان ٿو ڪري ته: نه کانئس ڪو حاجت رکي ۽ نه ڪو ڪنهن ۾ حاجت رکي. دنيا جي حق ۾ تنهنجي نظر ۽ مقصد صرف سرسري هجي، حصول دنيا لاءِ اضطراري ڪيفيت نه هجي ۽ راه گذاري ۾ اختصار هجي.

 

ابوحمزه

جنيد کيس شونيزيه شهر ۾ ڏٺو هو، ۽ اهو ۽ جنيد، ابوعلي مسوحي جا شاگرد هئا.

 

حسين بن محمد بن موسيٰ سلمي

شيخ ابوعبدالرحمٰن سلمي سندس والد هو ۽ عبدالله منازل ۽ ابوعلي ثقفي جو صحبت يافته هو. شبلي کي ڏٺو هئائين.

 

عبدالله بن محمد بن منازل

سندس ڪنيت ابومحمد هئي. طريقت جو سلسلو حمدون قصار کان حاصل ڪيائين ۽ نيشاپور جي بزرگ مشائخ مان هو.

 

ابوعباس نهاوندي

سندس اصل نالو احمد بن محمد بن فضل هو. شاگرد (مريد) جعفر خلدي ۽ پير شيخ عمو جو هو.

 

محمد يوسف بن معدان بناء

سندس ڪنيت عبدالله هئي، جنيد، سندس فضيلت جو قائل هو.

 

محمد بن فاذه

سندس ڪنيت ابوجعفر هئي ۽ پاڻ ابويوسف جي مريدن مان هو.

 

علي بن حمزه اصفهاني حلاج

هيءُ محمد يوسف بنا جو شاگرد هو.

 

ابوغريب اصفهاني

محققن مان هو، عين جمع جي عشق ۾ پهتو هو. کيس حلولي سڏيندا هئا. ابوعبدالله خفيف سندس دوست هو.

 

شيخ علي سهيل بن ازهر اصفهاني

سندس ڪنيت ابوالحسن هئي. يوسف بنا جو مريد هو، ۽ جنيد جو همعصر هو.

 

ابوعبدالله بن بانيڪ

سندس نالو احمد بن ابراهيم هو، ارغان فارس جو رهاڪو هو. بندار ارغانيءَ جو مريد هو، شبليءَ کي ڏٺو هئائين ۽ سندس عمر سو سال کان به مٿي هئي.

 

ڪهمش بن حسين همداني

تمام گهڻن مشائخ کي ڏٺو هئائين ۽ انهن جو صحبت يافته هو. جنيد، زيارت لاءِ وٽس ويو هو.

ابوثابت رازي

يوسف بن حسين رازيءَ سان سلسله طريقت قائم ڪيو هئائين.

 

ابوبڪر رازي

مڪہ معظمه ۾ ابوعمرو زجاجي کي ڏٺو هئائين.

 

شيخ ابوقاسم جعفر

سندس نالو جعفر بن احمد بن محمد هو. نيشاپور جو رهندڙ هو ۽ ابن عطا محمد بن حواري ۽ ابوعلي رودباري جو صحبت يافته هو.

 

عبدالله بن محمد

هيءُ عبدالرحمٰن رازي، شعراني جو فرزند هو، ۽ ابوعثمان حيري جي اڪابر اصحاب مان هو.

ابوجعفر فرغاني

سندس نالو محمد بن عبدالله هو. ابوعثمان حيري ۽ اصحاب جنيد ۽ نزيل بغدادي جو خادم رهيو هو.

ابوعلي جورجاني

سندس نالو حسن بن علي هو. محمد بن علي ترمذي ۽ محمد فضل بلخي جو صحبت يافته هو ۽ انهن جي عمر جي قريب هو. سندن ئي طريقت تي هو.

چوي ٿو ته: بخل ۾ ٽي حرف آهن، ب سان بلا (مصيبت) خ سان خسران (نقصان) لام جو لوم (ملامت) پوءِ بخل مصيبت آهي پنهنجي نفس لاءِ ۽ نقصان آهي، پنهنجي خرچ ڪرڻ تي ۽ بخل سبب مٿس ملامت به آهي.

 

غيلان موسوس

کيس غيلان مجنون سڏيندا هئا. محمد بن سمين جو چوڻ آهي ته هن کي ڪوفه جي ويران جڳهه تي ڏٺم. هو نه ڪنهن کان گهرندو هو ۽ نه ڪنهن جي شيءِ کي قبول ڪندو هو. ڪنهن به کيس نه ڏٺو ته هو ڇا ٿو کائي.

 

ابويعقوب اقطع

جنيد جو ڪاتب هو ۽ (راسلہ) مڪہ ۾ هو.

 

ابوموسيٰ ديلمي

بايزيد جو همعصر هو.

عباس بن احمد شاعر ازدي

ابومظفر ڪرمانشاهيءَ جو مريد هو. ابوالقاسم بوسلمه (باوردي) ان کي ڏٺو هو. سندس گهر (برملہ) شام ۾ هو. شيخ ابوسعيد (ماليني) حافظ بربالين سندس انتقال وقت موجود هئو، بيان ٿو ڪري ته کانئس پڇيم ته تنهنجو ڪهڙو حال آهي. چيائين ته تشويش ۾ آهيان، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان. جيڪڏهن وڃڻ کي اختيار ڪريان ته ڊڄان ٿو ته دليري ظاهر ٿيندي. ۽ گستاخيءَ جو خطرو آهي ۽ جيڪڏهن هت رهڻ پسند ٿو ڪريان ته خوف ٿو ٿئي ته متان آرزو رکڻ ۽ ديدار کان ڪراهت جو قصوروار ٿيان. منتظر آهيان ته هو خود ڇا ٿو ڪري، پوءِ اهو چوڻ هجي ته منهنجي لاءِ روئڻ، رڙڻ نه ڪجو، پوءِ جڏهن هو روانا ٿي ويا ته جان ڏنائين.

 

ابوشعيب مقنع

سندس نالو صالح هو ۽ ابوسعيد خراز جو همعصر هو، ۽ مصر جو رهندڙ هو.

 

ابوبڪر زقاق ڪبير

سندس نالو احمد هو ۽ مصر جو رهاڪو هو. ابوبڪر زقاق صغير ۽ ابوبڪر دقي جو مرشد هو.

ابوبڪر زقاق صغير

سندس ڪنيت ابوبڪر هئي. بغداد جو رهاڪو هو. ابوبڪر زقاق ڪبير جو مريد هو.

 

شيخ ابوالقاسم ابوسلمه باوردي

اڪثر مشائخن کي ڏٺو هئائين ۽ اهڙي طرح ابوعبدالله رودباري ۽ يعقوب نهرجوريءَ جو صحبت يافته هو.

 

ابوجعفر محمد بن علي نسوي

محمد عليان جي نالي سان معروف هو ۽ ابوعثمان جيري جي پيارن صحابن مان هو. چوي ٿو ته:

نڪتو: جنهن به پسندگي ۽ گهُر سان ڪرامت جو اظهار ڪيو، اهو مدعي آهي ۽ جنهن کان بنا گهُر جي کانئس ڪرامت جو ظهور ٿيو اهو ولي آهي.

نڪتو: سندس چوڻ آهي ته جيڪو غيرالله کي پڪاري سڪون حاصل ڪري ٿو ته الله تعاليٰ کيس وساري ڇڏي ٿو ۽ جيڪو الله تعاليٰ کي پڪاري سڪون حاصل ڪري ٿو ته الله ٻين طريقن کان کيس بي نياز ڪري ڇڏي ٿو.

 

ابوحسين باروسي

سندس نالو سلم بن حسن هو ۽ ڪنيت ابوعمران هئي  حمدون قصار جي استادن مان ۽ نيشاپور جي قديم مشائخ مان هو.


 


[1] نوٽ: بايزيد بسطامي نالي ٻه شخص آهن، ٻنهي نالن جي اشتراڪ سبب متن ۾ سندن احوال ۾ غلطي ٿيل آهي ۽ احوال گڏجي ويو آهي. (مترجم)

(1) مصنف عبدالرزاق حديث2208، تعظيم قدر الصلاة ص194 ج1 تحفة الاحوذي ص327 ج1، نوادر الاصول ص24 ج4.

(1) الحديث: ترمذي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com