سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 20

 

خواجه محمّد شاشي

هيءُ خواجه شهاب الدين جي پيءُ جو ڀاءُ (چاچو) هو.  ولايت جي فيض ۽ ذوق سان بهرور هو، ڪامل ولي الله هو.

خواجه شهاب الدين فرمائي ٿو ته منهنجو ڀاءُ علائقي جي حڪام جي ڪابه شيءِ هرگز قبول نه ڪندو هو. منهنجي ۽ ان جي وچ ۾ ڪنهن به وجود جو واسطو رکيل نه هوندو هو.  اسان ٻئي هڪ ٻئي جا ڪم يا مقصدَ، قاصد يا پيغام کان سواءِ ئي معلوم ڪري ويندا هئاسون. البته جيڪڏهن ان ڪابه شيءِ قبول ڪئي ۽ اها شيءِ شبهي واري هوندي هئي ته ان جي نحوست سبب اسان جي اها بنا واسطي واري نعمت کسجي ويندي هئي ۽ واسطي جي محتاجي لاحق ٿي ويندي هئي. پوءِ اسان قاصد يا خط لکڻ جا محتاج ٿي ويندا هئاسون.

خواجه محمود شاشي

هيءُ خواجه شهاب الدين شاشيءَ جو فرزند ۽ خواجه عبيدالله احرار جو والد هو. هيءُ ڪامل درويش ۽ ولي الله هو. کائڻ ۽ پيئڻ ۾ ڏاڍو محتاط رهندو هو. خواجه عبيدالله جو سندس والده جي طرفان ڀاءُ هو، هن جي تعريف ڪندو هو.  چوندو هو ته قوي جذبي وارو آهي ۽ اڪثر ڪري سخت مجاهدات ۽ رياضات ۾ مشغول هوندو هو. تمام ٿورو کائيندو ۽ تمام ٿورو سمهندو هو.  اڪثر خاموش رهندو ۽ ماڻهن سان ميلاپ به تمام گهٽ رکندو هو. چار مهينا لڳاتار انهيءَ ئي حالت ۾ رهيو. سندس ماءُ جي طرفان ڀاءُ خواجه عبيدالله نقل ٿو ڪري ته ان کان پوءِ خواجه جي جذبہ طلب کي تسڪين حاصل ٿي.

 

شيخ عبدالعزيز ديريني

هيءُ مشهور ولي الله ۽ صاحب ڪمال هو. امام يافعي ۽ سندس مريد هن جي ڪرامتن جون ڪافي حڪايتون ڪندا هئا.

 

قطب الافاق خواجه اسحاق ختلاني

هيءُ بزرگ سيد علي همدانيءَ جو مريد ۽ سيد الاقطاب سيد محمد نوربخش محمد بن حاجي سمرقنديءَ جو مرشد هو. مذڪور آهي ته جڏهن سيد نوربخش جي اعليٰ سيادت ۽ مرتبو خواجه اسحاق ختلاني تي ظاهر ٿيو ته کيس سڏي سندس بيعت ڪيائين. دست بيعت وقت فرمايائين ته محمد نوربخش فرزند مصطفيٰ ﷺ جي بيعت ٿو ڪريان ۽ قرآن مجيد جي هيءَ آيت پڙهيائين: اِنَّ الّذِيۡنَ يُبَايِعُوۡنَکَ اِنّمَا يُبَايِعُوۡنَ اللهَ يَدُ اللهِ فَوۡقَ اَيۡدِيۡهِمۡ فَمَنۡ نّکَثَ فَاِنَّمَا يَنۡکُثُ عَليٰ نَفسِہٖ وَمَنۡ اَوۡفيٰ بِمَا عٰهَدَ عَلَيہُ اللهَ فَسَيُؤتِيۡہِ اَجۡراً عَظَيماً. (1)

ترجمو: جيڪي ماڻهو توسان بيعت ڪن ٿا. اُهي الله سان بيعت ٿا ڪن. الله تعاليٰ جو هٿ سندن هٿن جي مٿان آهي پوءِ جيڪو عهد کي ٽوڙيندو ته عهد ٽوڙڻ جو نقصان کيس ئي ٿيندو ۽ جيڪو انهيءَ عهد کي جيڪو الله سان ڪيو هئائين، ان کي پورو ڪندو، ته پوءِ اللہ جلد وٽان کيس وڏو اجر ڏنو ويندو.

پوءِ ان وقت شيخ جي مريدن مان ڏهن شخصن سيّد جي بيعت ڪئي.

 

سيد عزالدين سوغندي

هيءُ خراسان ۾ پنهنجي وقت يعني 800هه جو ڪامل ولي الله ۽ مرجع طالبان حق ٿي گذريو آهي. مير قوام الدين مرعشي جو مريد هو.  ويهه سال علائقي مازندران جو حاڪم رهيو ۽ سال 781هه ۾ وفات ڪري ويو. انهيءَ رياست جي حڪومت سندس اولاد جي هٿ ۾ رهي.

 

شيخ احمد

هيءُ جلال بخاريءَ جو خليفو هو.  سندس لقب مخدوم جهانيان هو.  ڪتاب ”خزانه جلالي“ جو مصنف هو.

 

شيخ فضل الله عباسي

هيءُ سيّد مخدوم جهانيان جو مريد هو.  ڪتاب ”جواهر جلالي“ جو مؤلف هو.

 

 

 

معيار نائون

نائين صدي هجريءَ جو ذڪر


 

شيخ ابوالعباس احمد بن فهد الحلّي

هيءُ حضرت شيخ فاضل ابوالحسن علي بن خازن حايري جو مريد هو. جيڪو شيخ سعيد شهيد محمد بن مڪي صوفي مرتاض جو مريد هو. هيءُ صاحب ذوق ۽ صاحب حال هو.

هڪ دفعي خواب ڏٺائين ته سيّد اجل مير مرتضيٰ علم الدين، پنهنجو هٿ حضرت امير عليہ السلام جي هٿ ۾ ڏئي، ٻئي گڏجي حضرت امام عليہ السلام جي آستاني ۾ وڃي رهيا آهن ۽ سندن بدن تي سائو ريشمي لباس ڍڪيل هو. شيخ وٽن وڃي سلام ڪيو ۽ سلام جو جواب به ٻڌائين. سيد مرتضيٰ کيس چيو اهلاً بنا خير ما اهل البيت ۽ ان وقت ئي کانئس سندس ڪتابن جي باري ۾ پڇيائين ۽ حضرت اهو ٻڌي کيس فرمايو ته ڪتاب ڀلي تصنيف ڪر پر ان ۾ آسان مسئلا ۽ انهن جا دليل بيان ڪر ۽ انهن جي شروعات هن طرح سان ڪر: بِسۡمِ اللهِ الرّحمٰنِ الرَّحِيمِ اَلۡحَمۡدُلِلهِ المُتَقَدَّسِ بِکَمَالِہٖ عَنۡ مُشَابِهَةِ الۡمَخۡلُوۡقَاتِ. سجاڳ ٿيو ۽ انهيءَ فرموده موجب عمل ڪيائين ۽ خطبہ کي پورو ڪيائين ۽ تحرير هيٺ آيل ڪتاب کي هدايت موجب لکيائين. سندس خاص شاگرد ۽ مريد هي آهن:

(1) سيد محمد بن فلاح موسوي واسطي جيڪو مشعشع جو پهريون بادشاهه هو (2) سيد محمد نوربخش جو اڪابر صوفيه مان هو.

 

خواجه علاؤالدين عطار

سندس نالو محمد بن محمد بخاري هو. خواجه بهاؤالدين جو پيارو مريد ۽ خاص خليفو هو. خواجه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي مريدن جي تربيت جو ڪم هن بزرگ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.

قدوة العلماء المدققين سيد شريف جرجاني جو چوڻ آهي ته شيخ زين العابدين علي ڪلال جي صحبت حاصل ٿي ته رقص کان مون کي نجات حاصل ٿي ۽ جڏهن خواجه علاؤالدين جي خدمت ۾ پهتس ته الله تعاليٰ کي سڃاتم. ”رشحات“ ۾ مذڪور آهي ته خواجه محمد کي ٽي فرزند هئا:

(1) خواجه شهاب الدين

(2) خواجه مبارڪ

(3) خواجه علاؤالدين عطار

پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ميراث منجهان خواجه علاؤالدين ڀائرن کان ڪو حصو نه ورتو ۽ نه ان مان ڪابه شيءِ قبول ڪيائين. بي ثمريءَ جي حالت ۾ بخارا جي مدرسن ۾ حصول علوم ۾ مشغول ٿي ويو.

وڏي خواجه کي صغيره نالي هڪ نياڻي هئي. سندس والده کي چئي ڇڏيو هئائين ته جنهن به وقت سندس نياڻي بالغ ٿئي ته مون کي خبر ڪج. جڏهن کيس خبر ٻڌائي وئي ته هڪدم شهر ۾ قصر عارفان ۾ پهتو ۽ مدرسي ۾ اچي علاؤالدين جي حجري ۾ گهڙي ويو. ڏٺائين ته سندس حجري ۾ پراڻين ٻورين جو وڇاڻو آهي. ويهاڻي لاءِ ٻه پڪيون سرون ۽ طهارت لاءِ هڪ ڀڳل ڪئنرو آهي. علاؤ الدين وڏي خواجه کي ڏٺو ته اٿي ويٺو ۽ نيازمندي سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين.

خواجه صاحب کيس فرمايو ته مون کي هڪ نياڻي آهي، جيڪا اڄ بلوغت جي سن کي پهچي چڪي آهي. انهيءَ جو توسان نڪاح ڪرڻ گهران ٿو. علاؤالدين تواضع سان عرض ڪيو ته مون کي انڪار نه آهي. اها منهنجي لاءِ وڏي سعادت آهي، مگر مون وٽ ڪابه شيءِ ڪونه آهي. اوهان پاڻ مشاهدو ڪري رهيا آهيو. فرمايائين ته تنهنجو ۽ انهيءَ جو رزق الله تعاليٰ وٽ مقرر ۽ مقدر آهي. ان جو ڪوبه فڪر ڪونه آهي. اهو نڪاح ٿي ويو ۽ علاؤالدين کي سندس حجري مان ڪڍي پنهنجي گهر ۾ آندائين. پنهنجي تڪبر يا مولويت کي ختم ڪرڻ يا ڪنهن ٻي حڪمت هيٺ کيس صوفن جي ٽوڪرو ڏنائين ته مٿي تي رکي بازارن ۽ گهٽين ۾ ڦِري گهري وڪڻي پنهنجو گذارو ڪر. علاؤالدين خوشي سان کڻي ويو ۽ وڪرو ڪري موٽي آيو. جڏهن سندس ڀائرن اهو ٻڌو ته بدنامي محسوس ڪيائون، خواجه وڏي کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس ڀائر ان کي ناموس جي گهٽتائي سمجهن ٿا، تڏهن علاؤالدين کي حڪم ڪيائين ته آئينده ڀائرن جي گهرن جي ويجهو گهٽين ۾ وڃي صوف وڪڻ. علاؤالدين بغير ڪراهت جي انهيءَ تي عمل ڪيو. حضرت خواجه صاحب سندس باطن تي نظر رکندو رهيو ۽ بجاءِ کيس ٻيون سهولتون پهچائڻ جي، کيس ڪماليت تي پهچايائين. خواجه بزرگ جي نياڻيءَ مان خواجه حسن عطار پيدا ٿيو.

خواجه علاؤالدين جي وفات جو سال 802هه آهي. سندس مدفن چغانيان ۾ آهي.

 

خواجه حسن عطار

هيءُ خواجه علاؤالدين جو فرزند هو. چيو وڃي ٿو ته هيءُ ننڍپڻ ۾ گابي تي سوار ٿي گهمندو هو. ٻارن سان گڏ مزار باغ ۾ راند کيڏندو هو. هڪ ڏينهن سندس پيءُ کيس ڏسي چيو ته تمام جلد هن ٻار جو رڪاب وقت جا سلطان وٺندا ۽ جهليندا. جڏهن خواجه پنهنجي بزرگي جي درجي تي رسيو ته خراسان ۾ آيو ۽ باغ زاغان ۾ مرزا شاهرخ سان ملڻ ويو. مرزا خچر جي سواري گهرائي کيس سوار ڪيو ان جو رڪاب پڪڙيو. سواريءَ ڪجهه شوخائي ڏيکاري. مرزا بيگ هڪ هٿ ۾ رڪاب ۽ ٻئي هٿ ۾ لغام کي مضبوط جهلي سواريءَ سان گڏ چند قدم ڊوڙندو هليو. خواجه سواريءَ تان هيٺ لهي، بخارا ڏانهن منهن ڪري تواضع سان پنهنجي ننڍپڻ وارو قصو ميرزا کي ٻڌايو، جنهن ڪري ميرزا جي عقيدت ۾ اضافو ٿيو.

مذڪور آهي ته خواجه حسن عجيب جذبي جو مالڪ هو. هو جنهن ڏانهن به نظر ڪندو هو ته اڳلو اتي ئي ان جي آڏو بيخوديءَ ۾ اچي ويندو هو.

پوري ماوراءُ النهر ۽ خراسان جي علائقي ۾ سندس تصرف، طريقت ۽ سلوڪ ڪافي مشهور هو. جيڪو شخص سندس هٿن کي چمندو هو ته اهو بيخودي ۾ اچي ويندوهو. مراقبي ۾ اچي سلوڪ واري جذبي جون صفتون حاصل ڪري وٺندو هو، ۽ ان جي نظر به ٻين جي دلين ۾ جذبو پيدا ڪندي هئي.

آخري ڏينهن ۾ خواجگان جي طريقي تي جڏهن به هو شفاخانه ۾ ايندوهو. بيمارن جي مزاج پرسي ڪندو هو ته انهن جي بيماريءَ کي پنهنجي سِر تي کڻندو هو. جڏهن حجاز جي سفر مان موٽڻ وقت، شيراز ۾ آيو ته سندس هڪ مخلص معتقد کي بيمار ڏٺائين جو هو هڪ مهلڪ مرض ۾ مبتلا هو. وٽس آيو ۽ مريض شفاياب ٿي ويو، پر پاڻ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاش چغانيان ۾ آڻي پنهنجي پيءُ جي قبر جي ڀرسان کيس دفن ڪيائون. وفات جو سال 826هه آهي.

 

خواجه يوسف عطار

هيءُ خواجه حسن عطار جو فرزند هو. هنن ۽ شيخ بهاؤالدين جي وچ ۾ گهرا تعلقات هئا. هڪ ڏينهن شيخ بهاؤالدين جي مجلس ۾ ذڪر نڪتو ته بعض اڪابر طريقت، ذڪر حبس نفس (يعني ساهه بند ڪري ذڪر ڪرڻ) جو طريقو ٻڌائين ٿا ته انهيءَ ئي طريقي تي ذڪر ڪرڻ جي هدايت فرمائين ٿا. شيخ فرمايو ته حبس نفس جو طريقو هندو ۽ جوڳين جو آهي. انهيءَ طريقي جو اصول حصر نفس آهي، (ساهه تي ضبط رکڻ) اها ڳالهه خواجه حسن جي مجلس ۾ وڃي پهتي ته شيخ بهاؤالدين عمر انهيءَ طريقي جي نفي ڪئي. شيخ جي خدمت ۾ لکيائين ته اهو اوهان ڪٿان ٻڌو آهي، جو حبس نفس جي نفي ڪئي اٿوَ؟ پاڻ فرمايائين ته طريقت جي مشائخ منجهان ڪنهن اهو طريقو ڪونه فرمايو آهي. حالانڪ صاف ظاهر ۽ تحقيق شده آهي ته حضرت خواجه بزرگ ۽ سندس خليفن ذڪر حبس نفس جي هدايت فرمائي آهي. اوهان ڪهڙي بنياد تي ان جي نفي فرمايو ٿا. شيخ جواب ۾ لکيو ته منهنجي انهيءَ ڳالهه جي چوڻ جو مقصد نفي هرگز نه آهي. جواب ۾ اختصار کان ڪم وٺندي، انهيءَ حقيقت کي واضح نه ڪيائين.

 

شيخ عبدالرزاق

هيءُ شيخ حسن جو مريد ۽ ان جي خاص خليفن مان هو. سندس طريقو رابطي واري رياضت ۽ نسبت جي ورزش ڪرڻ هو.

 

مولانا حسام الدين پارسائي بلخي

هيءُ خواجه علاؤالدين عطار جي خليفن مان هو. ابتداء ۾ خواجه بزرگ جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو هئائين. ليڪن خواجه بزرگ، تربيت لاءِ کيس خواجه علاؤالدين جي حوالي ڪري کيس فرمايو ته هن کي تڪميل جي درجي تي رساءِ. خواجه احرار جو بيان آهي ته جڏهن مون کي مولانا يعقوب چرخيءَ جي صحبت حاصل نه ٿي سگهي ته بلخ ۾ مولانا حسام الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. عرض ڪيم ته خواجگان جو طريقو بيان فرمايو. پاڻ ان کي بيان فرمايائون. مون سندن طريقو قبول ڪيو، مگر خاطري حاصل نه ٿي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪيائين ۽ چيائين ته انهيءَ ئي قدرَ تي تون ڪاربند رهه ته ڪنهن به وقت توکي ڪم ايندو ۽ فائدو رسائيندو ۽ ڪيترائي طلبگار انهيءَ ئي طريقي تي هلي پنهنجي استعداد موجب فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. انهيءَ طريقي نسبت سان ٿوري ئي وقت ۾ مقدار موجب اطمينان حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ اڪثر اوقات ۾ انهيءَ نسبت کان سواءِ حاصل ٿي نٿو سگهي. انهيءَ ئي طريقي جي ڄاڻ توکي به آئينده فائدو ڏيندي ۽ اتفاق سان جڏهن آءٌ تاشقند ۾ ويس ته جماعت آئي، جنهن انهيءَ ئي طريقي جي طلب ڪئي ته معلوم ٿيو ته مولانا حسام الدين انهيءَ ڪري انهيءَ طريقي تي ڪاربند رهڻ جو وڌيڪ تاڪيد ڪيو هو.

 

مولانا ابوسعيد

هيءُ به خواجه علاؤالدين جي اڪابرين مريدن مان هو. انهيءَ جي انتقال کان پوءِ خواجه حسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کانئس تربيت حاصل ڪري ڪماليت جي درجي تي پهتو.

 

شيخ عمر ماتريدي

هيءُ به خواجه علاؤالدين عطار جي مريدن مان هو. سندس ئي خدمت ۾ تمام وقت رهيو ۽ خواجه احرار کيس ڏٺو هو. کانئس نقل ٿو ڪري ته عراق جي مشائخ، خراسان جي مشائخ ڏانهن خط لکي موڪليو ته اسان جي هميشه حالت وجد ۾ رهي ٿي ۽ ان ۾ چند الفاظ ۽ اصطلاح مجاهده ۽ مڪاشفه جا به لکيا هئائون. خراسان جي مشائخ اها صورتحال وري ماوراء النهر جي مشائخ ڏانهن لکي موڪلي. انهن اها صورتحال تُرڪ مشائخ کان پڇي. ترڪ مشائخ چيو ته اسان انهيءَ بابت وڌيڪ ڄاڻ ته نٿا رکون، البته اهو تمام بهتر طريقو آهي. اسان به شروعات ان سان ڪئي هئي. يعني انهيءَ طريقي جو اصل مقصد ۽ ڪم پنهنجي نفس کي مارڻ ۽ پنهنجي وجود جي نفي آهي.

 

مولانا احمد مسڪه

هيءُ خواجه علاؤالدين جي خاص مريدن مان هو. سندس آستاني جي خاص خادمن مان هو.

 

درويش احمد سمرقندي

سندس ڪنيت ابوالميامن هئي. لقب جمال الدين ۽ محمد سندس پيءُ جو نالو هو، بحسب ظاهر شيخ زين الدين خوافي جو مريد هو. کيس اجازت نامو سال 821هه ۾ مليل هو، پر حقيقت ۾ اهل توحيد جو مشرب مٿس غالب هو. خاندان خواجگان نقشبنديه جو وارث هو. خراسان، عراق حجاز ۽ ماوراء النهر جي سفر اختيار ڪرڻ کان اڳ خواجه علاؤالدين عطار جي صحبت ۾ ڪافي وقت گذاريو هئائين ۽ سندس مجلسن جي برڪتن جو حظ حاصل ڪيو هئائين. ان جي جدائي کان پوءِ انجي مجلس صحبت کي ياد ڪري ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ڪندو هو. اهڙي طرح جيڪي مراسلات حضرت ڏانهن لکي موڪليا هئائين انهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي.

منہ

عشقم که در دوکون مکانم پديد نيست
عنقاي مغربم که نشانم پديد نيست
ز ابرو غمزه دوجهان صيد کرده ام
منکر بدان که تيروکمانم پديد نيست
چون آفتاب در رخ بر ذره ظاهرم
از غايت ظهور عيانم پديد نيست
گويم بهر زبان و بهر گوش بشنوم
وين طرفه ترکه گوش و زبانم پديد نيست.

 

ترجمو: منهنجي عشق ٻنهي جهانن ۾ منهنجو مڪان نه لڌو مون کي تعجب آهي جو منهنجي نشان کي به نه لڌو ويو غمزده ابرو سان ٻنهي جهانن جو شڪار ڪرڻ ٿي گهريم بدقسمتي سان پنهنجي تير ۽ ڪمان کي ڪونه لڌم، جڏهن سج جي سامهون ذره مثل ظاهر ٿيم، ته انتهائي ظهور سبب مون کي عيان نه ڏٺو ويو چاهيم زبان سان چوڻ ۽ ڪن سان ٻڌڻ پر ان گهڙي زبان، ڪن کي به ڪونه لڌم.

 

سيد شريف جرجاني

هيءُ حضرت خواجه علاؤالدين عطار جي پيارن مريدن مان هو. نفحات ۾ سندس تذڪرو آهي ته هن فقير بعض عزيزن کان ٻڌو ته سيد صاحب ڪيترائي دفعا هيءُ چيو هو ته جڏهن مون کي شيراز جي مشائخ جي صحبت حاصل ٿي ته رقص کان مون کي نجات حاصل ٿي ۽ جڏهن خواجه علاؤالدين جي خدمت ۾ پهتس ته الله تعاليٰ کي سڃاتم.

خواجه علاؤالدين عطار، سيد کي شيخ نظام الدين خاموش جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ فرمايو ته هن خاندان جي نسبت کي درست ڪري ڇڏيم.

 

شيخ ڪمال خجندي

هيءُ برگزيده بزرگ هو. تڪلفات ۽ شعر شاعري ۾ هميشه مشغول رهندو هو. شايد ان ۾ پاڻ کي پوشيده رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. خواجه عبدالله فرمائي ٿو ته هو ڪافي مدت شاش شهر ۾ به رهيوهو. منهنجو والد ٻڌائي ٿو ته هو گوشت ڪڏهن به نه کائيندو هو.

هڪ ڏينهن مون چيو ته شيخ ڪمال جيڪڏهن گوشت کائي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي. ان وقت مون وٽ هڪ متاري ڳئون موجود هئي، شيخ خوش طبعي ۾ چيو ته جڏهن تو پنهنجي ڳئون ذبح ڪئي ته اسان گوشت کائينداسون. ان کي ٻڌائڻ کان سواءِ مون پنهنجي ڳئون ذبح ڪري، گوشت جو طعام تيار ڪري سندس آڏو اچي رکيو. اسان جي خاطر ان اسان سان گڏجي گوشت کاڌو.

هيءُ تبريز جي هڪ ويران جڳهه تي رهندو هو. سندس انتقال کان پوءِ ان جي جهوپڙي کي ڏٺو ويو ته ان ۾ هڪ تڏو جنهن تي ويهندو ۽ سمهندوهو. هڪ پٿر جو ويهاڻو هو، جنهن تي مٿو رکندوهو. وٽس رحل ۽ قرآن شريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. سندس قبر تبريز ۾ آهي. جنهن جي تختي تي هيءُ بيت لکيل آهي:

کمال از کعبه رفتي بر در يار

هزارت آفرين مردانه رفتي

ترجمو: ڪمال ڪعبي کان روانو ٿي دوست جي در تي ويو. کيس هزار دفعا آفرين جو مردانگي سان ويو.

سندس وفات جو سال 803هه آهي.

 

مولانا فخرالدين پورستاني

ظاهري تعليم جي حصول کان پوءِ سندس طبيعت سلوڪ ڏانهن مائل ٿي ۽ اچانڪ ان جي حصول جو منجهس جذبو پيدا ٿيو. پنهنجو سمورو متاع ۽ ڪتاب وغيره پنهنجي حجري ۾ ڇڏي بي اختيار مصر جي ڪشش ۾ شيخ شئي الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ طوس ۾ شيخ محي الدين طوسيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ شيخ محي الدين، امام غزاليءَ جي اولاد مان هو. ڪجهه وقت سندس صحبت ۾ رهيو. مگر جڏهن سندس مقصد حاصل نه ٿيو ته اخي قتلق شاهه جي اولاد وٽ ويو ۽ اتي به سندس گهربل مقصد حاصل نه ٿيو ته پوءِ اخي علي قتلق شاهه جي فرزندن کيس چيو ته هاڻي تون شيخ حافظ وٽ وڃ. تنهنجو مقصد ان وٽ ئي پورو ٿيندو. پوءِ ان جي خدمت ۾ پهتو ۽ شيخ حافظ جي حياتي تائين وٽس رهيو. ان کان پوءِ ولايت جام ۾ آيو. جام جي مشائخ وقت جو ايترو پيار، خلوص ۽ قدر ٻئي ڪنهن به شخص سان ڪونه هو، جيترو هن شخص سان هو. آخر ۾ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. ان بعد جڏهن مصر ۾ آيو ته اتي فوت ٿي ويو. سندس قبر قرافه ۾ امام شافعي جي ڀرسان آهي. سيد فخرالدين جي نالي سان مشهور آهي.

 

خواجه محمّد پارسا

سندس نالو محمد بن محمود حافظي بخاري هو.

خواجه بزرگ جو خاص مريد ۽ سندس ٻيو نمبر خليفو هو.

مذڪور آهي ته خواجه بهاؤالدين هڪ ڏينهن پنهنجي مجلس ۾ فرمايو ته کيس (خواجه محمد) کي برخ اسود جي صفت عطا ٿيل آهي. برخ اسود صفت وارو هڪ شخص بني اسرائيل جي زماني ۾ هوندو هو جنهن کي هڪ درهم جي خريد ڪيل پراڻي چادر ڍڪيل هوندي هئي، مگر حق سبحانہ تبارڪ و تعاليٰ جي درٻار ۾ محبوبيت جو درجو رکندڙهو. مذڪور آهي ته بني اسرائيل ۾ اويس قرني طريقي کي برخ اسود سڏيو ويندو هو. محمدين ۾ يعني ﷴ ﷺ جي امت ۾ اڪابر متقدمين جي هڪ جماعت آهي، جيڪي حقيقت جي زبان کان سواءِ، هڪ ٻئي جي مقصدن کي معلوم ڪن ٿا. اهڙين هستين کي برخيان سڏيو وڃي ٿو ۽ دين محمّدي جي جماعت ۾ جيڪو اهڙي صفت جو مالڪ آهي، ان کي ”اويسي“ سڏيو وڃي ٿو.

هڪ ڏينهن خواجه بزرگ پنهنجي ٻين مريدن کي خطاب ڪندي فرمايو ته: اهو حق ۽ اها امانت، جيڪا خواجگان جي خليفن کان هن فقير کي پهتي هئي اها ۽ جيڪي به انهيءَ واٽ ۾ مون ڪمائي ڪئي آهي، سي سڀ توهان جي حوالي ڪيم. جهڙي طرح ديني ڀاءُ مولانا عارف اها امانت اسان جي حوالي ڪئي هئي ۽ اوهان ان کي قبول ڪيو ۽ ان کي حق سبحانہ و تعاليٰ جي مخلوق تائين پهچايو. پوءِ انهن تواضع جو اظهار ڪندي، قبول ڪيو. سندس آخري بيماري ۾، خواجه محمد جي غير موجودگيءَ ۾، پنهنجن دوستن ۽ مريدن جي مجلس ۾، خواجه محمد پارسا جي حق ۾ خواجه بزرگ فرمايو ته اسان جي ظهور جو مقصد، ان جو وجود هو. ان جي ٻن طريقن يعني جذبي ۽ سلوڪ سان تربيت ڪئي اٿم، پوءِ جيڪڏهن ان ۾ مشغول رهيو ته ان سان سارو جهان روشن رهندو. ٻئي موقعي تي چيائين ته جو ڪجهه خواجه محمد چوندو هو ته حق تعاليٰ ان کي قبول ڪندو هو. هجري سال 822هه ۾ بخارا شهر کان حج لاءِ مڪہ مڪرمہ ۾ پهتو ۽ 19 ذي الحج جي ساڳئي سال مڪہ مڪرمہ کان روانو ٿي مدينہ منوره ۾ آيو. زيارت ڪيائين، بشارتن کي قلمبند ڪيائين. 23 ڏينهن مدينہ منوره ۾ رهيو. ان کان ٻئي ڏينهن الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، سندس وفات جو سال 834هه آهي. شيخ زين الدين خوافي مصر کان تراڇيل اڇو پٿر آڻي، سندس قبر تي ان جي تختي ٺاهي لڳائي هئي.

 

خواجه ابونصر پارسا

پاڻ خواجه محمد پارسا جي شجره پاڪ جو ثمر هو. سندس لقب برهان الدين ۽ حافظ الدين هو.

نفحات ۾ مذڪور آهي ته هن علوم شريعت ۽ رسوم طريقت پنهنجي والد سڳوري کان حاصل ڪيا هئا ۽ نفي وجود ۽ بذل موجود جي عمل ۾ پنهنجي والد کان به اڳتي قدم رکيو هئائين. پنهنجي حال کي سارو وقت پوشيده رکندي منزل ماڻيائين. هيءُ الله جو پوشيده وليّ سال 865هه ۾ وفات ڪري ويو.

مولانا محمد فغاتري

هيءُ خواجه بزرگ جو پيارو ۽ مقبول مريد هو. فغاتري ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. فغاتري، سمرقند ۽ بخارا جي وچ تي هڪ وڏو ڳوٺ آهي. خواجه بزرگ جي هدايت موجب ان کان پوءِ خواجه محمد پارسا جي صحبت ۾ رهيو.

 

خواجه مسافر خوارزمي

هيءُ به خواجه بزرگ جو مخلص مريد ۽ خادم هو. سندس کان پوءِ ان جي حڪم موجب خواجه محمد پارسا سان وابسته ٿيو. اصل خوارزم جو رهاڪو هو. نوي سال جي عمر جو هو. خواجه احرار کيس ڏٺو هئو.

 

مولانا يعقوب چرخي

هيءُ عثمان بن محمود بن محمد غزنويءَ جو فرزند هو. خواجه بزرگ، خواجه بهاؤالدين ۽ خواجه علاؤالدين جي اڪابر اصحاب مان هو. چرخ، غزنين ولايت جو هڪ ڳوٺ آهي.

سندس قبر هلفتون ۾ آهي، جيڪو حصار علائقي جو ڳوٺ آهي. خواجه بزرگ کيس نصاب خضري جي طريقي ۾ مشغول رکيو ۽ فرمايائين ته لدني علم جو سبق اول اهو آهي. خواجه خضر، حضرت خواجه عبدالخالق غجدواني وٽ پهچي هڪ عدد جي ان ۾ رعايت ڪري سگهي ٿو. خواجه علاؤالدين، خواجه بزرگ کان پوءِ چغانيان ۾ پهتو ۽ ان جو وصيت نامو پڙهيائين. ان کان پوءِ خواجه بزرگ جي طرفان اتان جو نامور بزرگ ٿيو.

 

خواجه ناصرالدين عبيدالله احرار

سندس چوڻ آهي ته آءٌ هرات ۾ هئس ته مون کي مولانا يعقوب جي خدمت ۾ وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو. پوءِ ولايت چغانيان ڏانهن پيادل روانو ٿيس. تڪليف ۽ دشواري سان اتي پهتس. پوءِ جڏهن ساڻس ملاقات ڪيم ته خواجه مون سان سختي، ترش رويئي ۽ تنبيہ جي انداز ۾ پيش آيو، ايتري قدر سختي ڪيائين جو نزديڪ هو ته منهنجو باطن ۽ عقيدو ان کان ڦري وڃي. آءٌ غمزده ۽ مايوس ٿي ٻاهر آيس ۽ پوءِ جڏهن ٻئي دفعي سندس مجلس ۾ ويس ته مون سان ڏاڍي شفقت، مهرباني ۽ پيار سان مليو.

مولانا يعقوب فرمائي ٿو ته خواجه عبدالله، جڏهن طلب حق لاءِ آيو ته ٺهيل تيار ٿيل ڏيئو ۽ تيل ۽ وٽ پاڻ سان کنيو آيو. اسان صرف ان کي ڪارآمد بڻائي سندس حوالي ڪيو. روشن ڪيو.

رشحات ۾ مذڪور آهي ته خواجه عبيدالله احرار جو پڙڏاڏو خواجه محمد جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو اصل بغداد جوهو. بعض جو چوڻ آهي ته خوارزم جو هو.

امام رباني جي جمله مريدن مان ابوبڪر محمد بن اسماعيل قفال شاشي، عظيم علماء جو سرتاج هو. قفال پنهنجي عمر کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. هڪ سال جهاد ڪرڻ لاءِ روم ويندو هو، ٻئي سال حج ڪرڻ لاءِ ويندوهو. ٽيون سال پنهنجي ولايت ۾ گذاريندو هو. حج تي وڃڻ وقت بغداد ۾ آيو، اتي خواجه محمد نالي سندس ارادتمند رهندو هو. پاڻ به وقت جو وڏو بزرگ هو. سندس آجيان ڪيائين ۽ ڪڏهن پنهنجي اهل و عيال ۽ ٻارن کي وٺي سندس خدمت ۾ شاش به ويندو هو. سندس شاگردن مان ڪجهه هي هئا:

شيخ عمر ياغستاني: هيءُ ياغستاني جي واديءَ ۾ رهندڙهو. اها وادي تاشقند جي پهاڙن جي وچ ۾ آهي، حضرت عبيدالله سندس ناناڻ مان آهي. فاروقي آهي ان جو احوال ستين معيار ۾ اچي چڪو آهي.

شيخ خاوند طهور: جيڪو شيخ عمر جو فرزند هو. سندس فرزند خواجه داؤد آهي. خواجه عبيدالله جي والده شيخ دائود جي نياڻي هئي.

مولانا تاج الدين ورغمي: هيءُ خواجه عبيد اللہ جي ڏاڏاڻ مان هو. خواجه شهاب الدين سندس پڙڏاڏو ۽ خواجه محمود شاشي سندن پيءُهو. هن حضرت جي ولادت باسعادت سال 806هه ۾ ٿي ۽ سندس وفات جو سال 895هه آهي، پاڻ سمرقند شهر ۾ گذاري ويو ۽ شهر جي محله خواجه ڪفشير ۾ دفن آهي. مٿس وڏو مقبرو به جوڙيو ويو.

 

خواجه ڪلان

هيءُ خواجه ناصرالدين عبيدالله احرار جو پهريون نمبر فرزند هو. ظاهري علوم ۾ زبردست عالم هئڻ جي باوجود باطني نسبت ۾ پنهنجي والد کان بهرمند ٿيو هو. سندس والد پنهنجي ٻين پٽن کان وڌيڪ هن جي تعظيم ڪندو هو. سندس اچڻ وقت استقبال ڪندوهو. وڃڻ وقت عزت افزائي طور چند قدم ساڻس گڏ هلندو هو. مسند تي کيس پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.

شاهه بيگ خان جي غلبي جي زماني ۾ سمرقند ۾ فوت ٿي ويو. فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس ميّت کي کڻي، شيخ ابوبڪر قفال جي ڀرسان سندس والده جي پيرن ۾ دفن ڪيو ويو.

 

خواجه محمد يحييٰ

هيءُ حضرت احرار جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس والد پنهنجي حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ کيس پنهنجو قائم مقام ڪيو ۽ فايض الانوار جي مزار جي مجاوري سندس تحويل ۾ ڏني.

مولانا عبدالرحمٰن جامي، خواجه محمد يحييٰ جو ڏاڍو معتقد هو. هڪ ڏينهن چيائين ته خواجه محمد يحييٰ خواجگان جي طريقت جي مناسبت پوري پوري رکندڙ آهي. علمي نسبت، خواجه ڪلان تي غالب آهي. جذبي جي نسبت خواجه محمد يحييٰ تي غالب آهي.

هڪ ڏينهن سندس والد کيس فرمايو ته اي فرزند يحييٰ! تنهنجي روحانيت جي نسبت امام حسين ﷦ سان آهي. پوءِ خواجه انهيءَ بشارت جي خبر هيٺ شهادت جو اميدوار رهيو. آخر محرم سال 906هه ۾ اوزبڪان جي هٿان حضرت امام پنهنجي عيال سميت خراسان ڏانهن ڪوچ ڪيو، تڏهن تاشقند جي ويجهو پنهنجي ٻن فرزندن خواجه زڪريا ۽ خواجه عبدالباقي سان گڏ شهادت جو درجو حاصل ڪيائين. پوءِ سندس محبَّ ان جو لاش پنهنجي پٽن جي لاش سميت محله ڪفشير کڻي آيا ۽ چار ديواري علاؤالدين ۾ سندس والد جي قبر جي ويجهو دفن ڪيائون.

 

مولانا سيّد حسين

هيءُ خواجه عبيدالله جي خاص مريدن مان هو. مذڪور آهي ته مولانا سيد حسين تمام ننڍڙو ٻار هو، هڪ دفعي سندس پيءُ تاشقند ۾ آيو. اتفاق سان خواجه جي اڳيان ان وقت ماکيءَ سان ڀريل هڪ ٿانو پيل هو. هيءُ ٻار ان ماکيءَ جي ٿانو ۾ مشغول ٿي ويو. خواجه ان وقت کانئس پڇيو ته اي پُٽَ! نالو ڇا اٿئي؟ بي اختيار سندس وات مان نڪري ويو ماکي. خواجه کِلي چيو ته هن ٻار ۾ پوري قابليت آهي. جيتري قدر هو ماکي کائيندو اوترو ئي هيءُ مٺو ٿيندو. هو ايتريقدر ماکيءَ ۾ مصروف ٿي ويو جو پاڻ کي ئي وساري ڇڏيائين. اگرچه سندس زندگي جو مقصد ماکيءَ کان به مِٺو آهي. سندس دل جي آئيني ۾ طلب حق جو بيحد شغف پيدا ٿيندو. پوءِ سندس والد اهو فيصلو ڪيو هن ٻار جي تربيت سندس ئي حجري ۾ ڪئي وڃي. پوءِ کيس مڪتب ڏانهن موڪليو ويو. هڪ جيڏن سان مڪتب ۾ ويندو رهندو هو. جڏهن علمن جي تحصيل ڪيائين ته علم باطني ڏانهن متوجه ٿي ڪماليت کي پهتو ۽ وقت جي نامور مشائخن ۾ شمار ٿيو.

 

مولانا قاسم

هيءُ خواجه عبيدالله جي مريدن ۽ قديم خادمن مان هو. خواجه جي هميشه خدمت ۾ رهڻ ۽ وٽس هر وقت گڏ هئڻ سبب سندس اتان جا عزيز ۽ اقارب کيس خواجه صاحب جو پٽيلوئي سڏيندا هئا.

شروعات ۾ هيءُ باغباني ڪرڻ تي مقرر هو. هر صبح ڪوڏر ڪلهي تي رکي باغ ڏانهن هليو ويندوهو. سندس گهر واري ٻه مانيون سندس کيسي ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. هو شام تائين باغ ۾ ڪم ڪندو هو. سندس کيسي جي کيس خبر ئي ڪونه هوندي هئي. شام جو جڏهن گهر موٽندو هو ته اهي ٻئي مانيون سندس کيسي ۾ موجود هونديون هيون. خواجگان جي طريقه موجب ايترو ته جذبي ۾ هوندو هو جو کيس خبرئي نه هوندي هئي ته ڇا مون ڪجهه کاڌو به آهي يا نه يا کيسي ۾ ڪهڙي شيءِ رکيل آهي؟ سندس باقي حال کي به ان تي ئي قياس ڪيو وڃي. سندس تاريخ وفات ”فياض“ لفظ مطابق 891هه آهي.

 

مير عبدالاول

هيءُ خواجه احرار جي اڪابر مريدن مان هو. کيس خواجه جو داماد هئڻ جو شرف به حاصل هو.

هيءُ شروعات ۾ خواجه صاحب جي خدمت ۾ نيشاپور پهتو. پوءِ خواجه ماوراء النهر آيو ۽ هن ساڻس رابطي واري طريقي کي اختيار ڪيو. ست سال لڳاتار سندس نسبت ۾ رياضت کي قائم رکندو رهيو ۽ انهيءَ شرط سان رهيو ته اڪثر وقت شيخ جي اڳيان سندس خدمت ۾ موجود هوندو هو. انهيءَ شرط مطابق ڪڏهن ڪڏهن شيخ کيس مجلس مان نيڪالي ڏئي ڇڏيندوهو. ساڻس تلخي سان به پيش ايندو هو. ستن سالن کان پوءِ کيس پنهنجي داماديءَ ۾ قبول ڪيائين ۽ خواجه صاحب جي انهيءَ نياڻيءَ سڳوريءَ مان کيس ٽي پُٽَ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. انهن ٽن منجهان ٻن جا نالا امير ڪلان ۽ امير خرد هئا.

 

مولانا جعفر

هيءُ به خواجه احرار جي مخلص مريدن مان هو، عالم فاضل ۽ ڪامل عارف هو. سندس وفات واري بيماري وقت خواجه صاحب ڪفشير ۾ تشريف فرما نه هو. زراعت جي ڪم ۾ هو، جڏهن مولانا جي مرض جي شدت جي کيس خبر پئي ته ڏانهس روانو ٿيو. پر خواجه جي پهچڻ کان اڳ ئي مولانا وفات ڪري ويو. تجهيز ۽ تڪفين کان پوءِ خواجه صاحب سڀني مريدن سان گڏجي جنازي سان ساڻ هليو ۽ قبر ۾ کيس پاڻ داخل ڪيائين. ٽي ڏينهن پورا سندس تعزيت جي تڏي تي ويٺو رهيو ۽ اسي ٻڪرا ڪُهي پچائي مرحوم لاءِ خيرات ڪيائين. اهو واقعو مولانا برهان الدين جي وفات کان اٺ ڏينهن پوءِ 893هه ۾ پيش آيو.

 

مولانا برهان الدين ختلاني

هيءُ به خواجه عبيدالله جي خاص مريدن مان هو. ٻن شخصن کي مادر زاد دانشمند ڪري سڏيندا هئا. هڪ مولانا زاده مولانا عثمان ۽ ٻيو مولانا برهان الدين ختلاني. هيءُ تقريباً چاليهه سال خواجه صاحب جي خدمت ۽ صحبت ۾ رهيو. هن جي وفات جو واقعو مولانا جعفر جي وفات جي واقعي کان اٺ ڏينهن اڳ ٿيو. حضرت خواجه سمرقند ۾ مريدن جي خاص جماعت ۽ عوام سان گڏجي سندس جنازي نماز ادا ڪئي ۽ ملايان جي چار ديواري ۾ کيس دفن ڪيائون.

 

مولانا لطف الله ختلاني

هيءُ حضرت مولانا برهان الدين جو ڀاڻيجو هو. خواجه احرار جي خاص مريدن مان هو. شريعت ۽ طريقت جي علمن جو ماهر هو. بسط جي صفت مٿس هميشه غالب رهندي هئي. اڪثر کِلندو ۽ مشڪندو رهندوهو. هميشه حضرت خواجه کي مٺين ڳالهين سان تبسم ڪرائيندو هو.

سندس چوڻ آهي ته ننڍپڻ ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي سهڻي صورت جي خواب ۾ زيارت ڪئي هئم. اها صورت اڃا تائين منهنجي دل تي نقش آهي. جڏهن حضرت خواجه جي خدمت ۾ رسيو ته مجلس ۾ گفتگو ڪندي فرمايائين ته ڪي ماڻهو ڪڏهن حضور اڪرم ﷺ جن جي صورت سڳوري کي خواب ۾ ڏسن ٿا ۽ ساڳئي وقت، ساڳئي صورت ۾ وري مون ڏانهن به نظر ڪن ٿا. اهو ٻڌي واقعي اها ئي صورت سڳوري منهنجي اکين آڏو تري آئي ۽ منهنجي عقيدتمندي ۽ ارادتمندي اڳي کان به ڪامل ٿي وئي ۽ پوءِ سندس مريد ٿيس.

مولانا شيخ

هيءُ به خواجه احرار جي اڪابر مريدن مان هو.

 

مولانا سلطان

هيءُ دانشمند ۽ ظاهري علمن جو زبردست عالم هو. مولانا ابوسعيد اوڀي سان گڏ پورا ٽيهه سال خواجه جي آستانه تي الله تعاليٰ جي بندگي ڪيائين.

 

مولانا قاضي زاده

هن بزرگ حضرت صاحب جن جي فضائل ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو “سلسلة العارفين وتذڪرة الصّديقين“ رکيائين ۽ سن 885هه ۾ حضرت جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. پورا ٻارهن سال سندس خدمت ۾ رهيو.

 

مولانا خواجه علي تاشقندي

هيءُ ۽ شيخ حبيب بخاري، تاشقندي ٻئي حضرات حضرت ناصرالدين خواجه احرار جا پراڻا ۽ مخلص مريد هئا.

 

مولانا نورالدين تاشقندي

هيءُ به حضرت خواجه احرار جي پيارن ۽ مقبول مريدن مان هو. رشحات وارو لکي ٿو ته چند خادم آيا جن پاڻ کي حضرت خواجه تي فدا ڪرڻ گهريو، جڏهن وبا جي بيماري جي لهر علائقي ۾ پکڙجي وئي ته حضرت خواجه تي به طاعون جو حملو ٿيو ۽ ان بيماريءَ ۾ هڪ نيري رنگ جو وڏو ڳوڙهو حضرت جي کاٻي پاسي کان نهايت سختيءَ سان اُڀري آيو، جنهن مان سخت خطرو پيدا ٿيو. حضرت جي جان بابت مايوسي پيدا ٿي پئي. پوءِ هن فدائي اٿي عرض ڪيو ته سائين! مون کي اجازت ڏيڻ فرمايو ته اوهان جي انهيءَ مرض کي آءٌ پنهنجي سِر تي کڻان، ڇو ته هن دنيا ۾ منهنجي وجود سان ڪابه شيءِ وابسته ڪونه آهي، يعني آءٌ اڪيلو آهيان. ليڪن اوهان جي وجود مبارڪ سان ڪيتريون جانيون وابسته آهن، جن جي تربيت، رهنمائي ۽ هدايت جو ڪم اوهان جي ذات سان وابسته آهي. حضرت خواجه کيس فرمايو ته تون اڃا نوجوان آهين. هن جهان کي اڃا ڪونه ڏٺو اٿئي ۽ توکي ڪيتريون اميدون ۽ آرزون هونديون. تنهنڪري تون انهيءَ خيال تان لهي وڃ. اهو ٻڌي اهو فدائي ڏاڍو رُنو ۽ عرض ڪيائين ته اي سائين! مون کي اوهان کانسواءِ ٻي ڪابه آرزو ڪونه آهي، بس اهائي تمنا اٿم ته هيءُ سِر اوهان تان قربان ڪريان. پوءِ کيس اجازت ڏنائين. اجازت حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوراً فدائيءَ تي بيماريءَ جو اثر شروع ٿيو ۽ اهو نيري رنگ جو ڳوڙهو فدائي ڏانهن منتقل ٿي ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ خواجه خوش چڱو ڀلو ٿي ويو.

بعض مريدن جي جماعت مان جيڪي صاحب ڪشف قبور ۽ محقق هئا، انهن جو چوڻ آهي ته مولانا نورالدين جي وفات کان پوءِ اسان خواجه سواره سان گڏ سندس خدمت ۾ تاشڪند جي قبرستان جي مشرقي حصي (اُڀرندي) کان لنگهي رهيا هئاسون ته مولانا نورالدين جي قبر ڦِري خواجه صاحب ڏانهن رُخ ڪيو ته خواجه صاحب فرمايو ته اي نورالدين! ساڄي پاسي، پوءِ انهيءَ هڪدم ڦِري پنهنجو رُخ قبلي ڏانهن ڪيو. سندس وفات 840هه ۾ ٿي.

 

مولانا اتراري

هيءُ خواجه احرار جي پيارن ۽ خاص مريدن مان هو. طلب حق جي شروعات ۾ چند عُشّاق جي صحبت اختيار ڪيائين. سندن طريقي موجب رياضت شروع ڪري ڏنائين. هڪ دفعي کيس اهو وهم ويٺو ته مبادا انهن جي رياضت جي طريقي ترڪ ڪرڻ سبب اهي عاشق ارواح مون کي ڪو ايذا نه رسائين، پوءِ جڏهن خواجه صاحب جي خدمت ۾ ويو ۽ ان کيس فرمايو ته اڄ رات هن طرح توکي ڏسڻ ۾ ايندو ته ترڪ مشائخ سڀ هٿيارن سان بزرگ جي چوڌاري ڦِرندا رهندا. پوءِ ڪنهن به قسم جي قوت ۽ طاقت کي احاطي اندر اچڻ جي جرئت نه ٿي سگهندي، ۽ نه وري تصرف ڪري سگهندا. غالباً اها ئي تنهنجي لاءِ حفاظت هوندي، پوءِ مولانا زاده جو اهو وهم ختم ٿي ويو.

خواجه جي حياتيءَ ۾ کانئس سفر حج جي اجازت وٺي روانو ٿيو ۽ حج ڪرڻ بعد دمشق ۾ مستقل قيام ڪيائين. ڪافي مدت اتي طالبان حق کي فيض پهچائيندو رهيو ۽ اتي ئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

مولانا ناصرالدين اتراري

هيءُ مولانا زاده اتراريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو. حضرت خواجه ناصرالدين عبيدالله احرار جي مقبول خادمن مان هو.

هندو خواجه ترڪستاني

هيءُ ترڪستان جي شيخ زادن جي سپاهين مان هو. خواجه احرار جي قديم مريدن مان هو.

هڪ ڏينهن خواجه بيابان ۾ کيس هوا ۾ اُڏامندو ڏٺو. خواجه کي اها ڳالهه پسند نه آئي. کيس هوا مان ڪيرائي، زمين تي اُڇلايائين. سخت پريشان ٿيو ۽ اها قدرت به کانئس کسجي وئي. پورو هڪ سال خواجه جي بي التفاتي جو نذر رهيو ۽ ڪرامتن کي ڍڪي ڇڏيائين ۽ آئنده لاءِ توبہ ڪرڻ جو عهد ڪيائين، پوءِ کيس اها نعمت واپس ملي.

 

بيت

هر لحظہ بصورت رخ دوست ببين
در آئينہ روئ همان دوست ببين
تو ديده نه نداري که به بيني اورا
ورنه ز سرت تا قدمت اوست ببين

 

ترجمو: هر گهڙي دوست جي صورت ڏسندو رهه ۽ آئيني ۾ انهيءَ ئي دوست جي صورت ڏسندو رهه. تون اها نظر نه ٿو رکين جو ان کي ڏسي سگهين، حالانڪ تنهنجي مٿي کان وٺي پيرن تائين اهوئي آهي.

 

مولانا اسماعيل فرڪتي

هيءُ به حضرت خواجه بزرگ احرار جي خاص ۽ مقرب مريدن مان هو. سيف الدين مناري جو فرزندهو. هيءُ سيف الدين به خواجه بزرگ جي خاص مريدن مان هو.

مذڪور آهي ته جهڙي طرح خواجه بزرگ بهاؤالدين نقشبند جي صحبت ۾ چار سيف الدين هئا، جن ۾ هڪ سيف الدين مناري به هو. هن خواجه جي خدمت ۾ به اسماعيل نالي جا چار بزرگ هئا. جن ۾ پهريون هيءُ فرڪتي هو.

 

مولانا اسماعيل قمري

هيءُ دانشمند متقي هو. هرات جي تراڪمہ تبريز کان سمرقند ۾ آيو ۽ خواجه احرار جي خدمت اختيار ڪيائين. گهڻو وقت خواجه سواره سان گڏ گهمندو رهيو. خواجه وقت بوقت ساڻس عملي مذاڪرو به ڪندو رهندو هو.

 

مولانا اسماعيل شمسي

منجهس مولويت ۽ اهليت جي ڪماليت هئي. حضرت خواجه احرار جي فيض کان مشرف ٿيو. جڏهن مٿس باطني شغل جا آثار نمودار ٿيا ته ان وقت هو تراڪمه تبريز ۾ هو. جنهن وقت مولانا اسماعيل قمري سان گڏ خراسان روانو ٿيو ته ٻنهي جي هم نالي هئڻ سبب سندن سنگت ۾ مونجهارو پيدا ٿي پيو. تنهنڪري سنگت کين قمري ۽ شمسي ڪري سڏيندا هئا. چند سال تربيت کان پوءِ خواجه کيس تاشڪند ڏانهن اماڻيو ته سندس قائم ڪيل مدرسي ۾ رهي تدريس جو ڪم ڪري ۽ حڪم موجب تدريس جو ڪم ڪندو رهيو ۽ ساري عمر ان ۾ گذاريائين.

 

مولانا اسماعيل ثالث

جڏهن خواجه احرار جي خدمت ۾ اسماعيل شمسي ۽ اسماعيل قمري ٻئي موجود هئا تڏهن انهن ڏينهن ۾ هيءُ اسماعيل به حضرت جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، تنهنڪري جماعت هن جو لقب ”ثالث“ (ٽيون) رکيو. خواجه ڏاڍي توجه سان سندس تربيت ڪئي ۽ خواجه جي صحبت جي نظر التفات سبب تمام جلد ڪماليت کي پهتو. هيءُ مرد برجستو ۽ طاقتور هو، تنهنڪري خواجه جي خدمت به مردانگي سان ڪندو هو. خواجه جي ساري حياتي ۾ سفر ۽ حضر ۾ ان سان گڏ هوندو هو. ان کان پوءِ مڪہ شريف وڃي مجاوري ڪيائين ۽ انتقال تائين اتي ئي رهيو.

 

مولانا سرپلي

هيءُ سمرقند جي هڪ ڳوٺ ”سرپل“ جو رهندڙ هو. سندس پيءُ مولانا نظام الدين خاموش جي مخلصن مان هو. خواجه احرار جي مقبول مريدن مان هو.

 

شيخ عبدالڪبير يمني

هيءُ حضرموت جو رهندڙ هو. ابتدائي حال ۽ فيض جي طلب جي شروعات ۾ عجم ۽عرب جا شهر ۽ ڳوٺ گهمندو ڦِرندو رهيو. ويهن سالن جي انهيءَ سير بعد مڪہ پاڪ جو مجاور ٿيو ۽ ان وقت ۾ قوم جو شيخ ٿي ويو.

چيو وڃي ٿو ته جڏهن يمن کان مڪہ شريف ۾ آيو ته پورو هڪ سال ساندهه کاڌو ۽ پاڻي هرگز نه پيتائين ۽ اڪثر طواف ۾ ئي مشغول هوندو هو. تشهد جي ويهڪ کان سواءِ پيرن جي ٽيڪ سان ويٺو هوندو هو.

مولانا علاؤالدين آبيز سندس مجاورت واري وقت ۾ سندس خدمت ۾ ڪافي ايندو ويندو هو. بيان ٿو ڪري ته مون کان پڇيائين ته ظلم ڇا آهي؟ مون جواب ۾ کيس چيو ته ڪنهن به شيءِ کي ان جي اصل جڳهه تي نه رکڻ. فرمايائين ته دل ياد حق جي جڳهه آهي، پوءِ ان کي ٻئي هنڌ ڇو ٿو رکيو وڃي اهو ظلم نه آهي؟ سندس وفات جو سال 892هه آهي.

 

نجم الدين عمر

هيءُ صاحب ڪرامات ۽ مجذوب هو. مولانا علاؤالدين فرمائي ٿو ته جنهن وقت منهنجي دل سلوڪ ڏانهن مائل ٿيندي هئي ته مولانا سعدالدين ڪاشغري جي خدمت جو شرف حاصل ڪندو هئس ۽ ڪنهن وقت جڏهن ظاهري تحصيل کي ترڪ ڪري، باطن جي سلوڪ ڏانهن طريقت ۾ متوجه ٿيندو هئس ته ڏاڍو پريشان ٿي ويندو هئس. هڪ ڏينهن انهيءَ پاسي جي سخت ڪشش سبب فيروز شاهه مسجد ۾ اچي نماز پڙهيم ۽ محراب کي پٺي ڏئي ويهي رهيس ۽ فڪرات ۾ محو هئس ته محراب منجهان آواز آيو ته نمائش کي ترڪ ڪر ۽ زبون حالي اختيار ڪر. اهو ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيس ۽ ٻاهر اچي ميدان ڏانهن رخ ڪيم. جڏهن قبرستان ۾ گهڙيس ته ڏٺم ته نجم الدين عمر به اتي موجود هو. مون کان اڳواٽ ئي پڇيائين ته خير آهي؟ مون کيس چيو ته ان (مولانا سعدالدين) ڏانهن ئي وڃان ته کانئس پڇا ڪريان ته هن باري ۾ ڇا ٿو چوي جڏهن وٽس پهتس ته مون کي چيائين ته مسجد فيروزشاهه ۾ هينئر توکي نه چيو هئم ته ”نمائش ترڪ ڪر ۽ زبون حالي اختيار ڪر.“ حيران ٿي ويس. پوءِ منهنجي دل دنيا جي هر شيءِ کان بي رغبت ٿي وئي ۽ ان جي ڪابه ڪشش نه رهي. سڀني ڳالهين کي ترڪ ڪري، مولانا سعدالدين جي خدمت ۾ رهڻ اختيار ڪيم ۽ هڪ ڏينهن جامع مسجد ۾ اڪيلو محراب ۾ ويٺوهئس ته پاڻ منهنجي مٿان آيا ۽ فرمايائون ته: اطرح و افرح (نفس کي ڪڍي ڇڏ ۽ خوشي حاصل ڪر).

 

شيخ مظفر ڪدڪني

هيءُ خلوتيه جو بزرگ هو. مولانا سعدالدين ڪاشغري جو همعصر هو.

 

صدرالدين رواسي

شيخ زين الدين خوافي جي خليفن مان هو، شيخ مظفرڪدڪني ۽ مولانا سعدالدين ڪاشغري جو همعصر هو.

 

خواجه علاؤالدين غجدواني

خواجه عبيدالله فرمائي ٿو ته هيءُ خواجه بزرگ جي مريدن مان هو. ان ئي بزرگ کيس خواجه محمد پارسا جي خدمت ۾ رکيو هو. جڏهن خواجه محمد پارسا ڪنهن سفر ۾ ويندو هو ته کيس ساڻ وٺي ويندو هو. سمرقند جي اڪابرين مان هڪ شخص ٻڌايو ته خواجه جي خدمت ۾ عرض ڪيم ته علاؤالدين تمام پوڙهو ٿي ويو آهي. منجهس ڪا به قوت ڪونه رهي آهي. جيڪڏهن کيس سفر ڪرڻ کان معذور سمجهو ته بهتر ٿيندو. فرمايائين ته هن ۾ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه اٿم، البته وڏن جي نشاني آهي، ان کي ڏسندو آهيان ته پنهنجا عزيز ياد پوندا آهن.

رشحات ۾ مذڪور آهي ته سندس ولادت جو هنڌ غجدوان هو. سندس قبر مرزهه ۾ آهي. هيءُ ڳوٺ بخارا شهر جي ڏکڻ ۾، عيدگاهه جي ويجهو بالائي تلي ديهه ۾ واقع آهي. اڻويهه سال اميرڪلان جي صحبت ۾ رهيو. اميرڪلان جي مقربين مريدن مان هو، ذڪر جي تعليم ورتائين. خواجه بزرگ جي انتقال کان پوءِ خواجه بزرگ جي اشاري موجب خواجه محمد پارسا ۽ خواجه برهان الدين ابونصر سان وابسته ٿيو.

خواجه بزرگ جي ڳالهه ڪن ٿا ته اهو فرمائيندو هو ته اڪابرين جو مقوله آهي ته مرده شينهن کان زنده ٻِلو بهتر آهي. انهيءَ چوڻي کي بيت ۾ آندو ويو آهي:

قطعو

تاکي به زيارت مقابر - عمرت گذراني اي فسرده

يک گربه زنده نزد عارف - بهتر ز هزار شير مرده

 

مولانا بدرالدين صرافاني

هيءُ خواجه علاؤالدين جي مريدن ۽ خادمن مان هو. ”صرافان“ بخارا جي محلن مان هڪ محله هو.


(1) سورة الفتح آيت: 10

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com