سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 18

شيخ نجم الدين عبدالله بن محمد اصفهاني

هيءُ ابوالعباس مرسيءَ جو مريد هو. ڪافي مدت تائين مڪہ پاڪ جو مجاور رهيو. شروعات ۾ هڪ شيخ بلاد عجم ۾ کيس چيو ته تمام جلد مصر ۾ تنهنجي ملاقات هڪ قطب سان ٿيندي. ان کان پوءِ قطب جي طلب ۾ هو مصر روانو ٿيو. رستي ۾ هڪ ڌاڙيلن جي ٽولي کيس گرفتار ڪيو ۽ کيس جاسوس سمجهي قيد ڪري ڇڏيائون. اتي قيد ۾ نگاهه ڪيائين. اوچتو پير صاحب ائين اچي داخل ٿيو جيئن باز شڪار جي مٿان ايندو آهي. کيس آزاد ڪري چيائين ته اي عبدالله! هاڻي روانو ٿي وڃ.

سندس چوڻ آهي ته جڏهن آءٌ مصر ۾ پهتس ته ٻڌم ته شيخ ابوالعباس مرسي هتي آيو آهي. فقرآء سان گڏجي آءٌ به سندس زيارت لاءِ ويس ۽ ڏٺم ته اهوئي پير سائين آهي، جنهن مون کي آزاد ڪرايو هو. اها نشاني به ٻڌايائين جنهن جي حاضرين کي خبر نه هئي. پوءِ سندس خدمت ۽ صحبت کي پاڻ لازمي ڪري ڇڏيم، تان جو هو فوت ٿي ويو. پوءِ سندس مرشد شاذلي جي مزار تي زيارت لاءِ ويس، ان مون کي حڪم ڏنو ته مڪہ پاڪ وڃ ۽ ان جو مجاور وڃي ٿيءُ. پوءِ نجم الدين بحڪم شيخ شاذلي مڪہ ويو. ساري عمر اتي گذاريائين ۽ اتي ئي سال 721هه ۾ فوت ٿي ويو. فضيل عياض جي قبر جي ڀرسان مدفون آهي.

خراسان جي اڪابرن منجهان هڪ شيخ بيان ٿو ڪري ته آءٌ سال 703هه ۾ حرم پاڪ ۾ سندس خدمت ۾ ويس ۽ هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته هيءَ حديث تو ٻڌي آهي ته بدلاء امتي اربعون، اثني عشر في العراق و ثمانية و عشرون في الشام. چيم هائو! پر مون کي اها ڳالهه مشڪل ٿي لڳي ته اها جماعت صرف شام ۽ عراق ۾ ڇا لاءِ آهي. پوءِ فرمايائين ته پاڻ سڳورن ﷺ ساري عالمَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ اوڀر وارو حصو ۽ ٻيو اولهه وارو حصو. عراق اوڀر واري حصي ۾ آهي. جنهن ۾ خراسان، هندوستان، ترڪستان ۽ اڀرندي پاسي وارا سڀ شهر عراق ۾ اچي وڃن ٿا ۽ شام اولهه طرف آهي، انهيءَ ڪري مصر ۽ اُلهندي وارا سڀ شهر شام ۾ اچي وڃن ٿا.

 

شيخ نظام الدين اوليآء خالدي دهلوي

سندس نالو محمد بن احمد بن علي بخاري هو. سندس لقب سلطان المشائخ هو. سندس پڙڏاڏو خواجه علي، امام علي موسيٰ رضا عليہ السلام جي اولاد مان هو.  سندس ناناڻ خواجه عرب مان هو. اهي ٻئي بزرگ ماوراء النهر کان لڏي هند ۾ اچي بدايون شهر ۾ آباد ٿيا . شيخ نظام الدين بدايون ۾ ڄائو، ليڪن سندس پرورش دهليءَ ۾ ٿي. هن ديني علوم جي حصول جي دوران هڪ رات دهليءَ جي جامع مسجد ۾ بسر ڪئي. مسجد جو مؤذن، پرهه ڦٽي جو فجر جي اذان ڏيڻ لاءِ مسجد ۾ آيو ته قرآن شريف جي هيءَ آيت پڙهيائين:

اَلم يان للذين آمنوا اَن تخشع قلوبهم لذکر الله. ترجمو : ڇا ايمان آڻڻ وارن ماڻهن لاءِ اڃا اهو وقت نه آيو آهي جو سندن دليون الله جي ذڪر سان ڊڄي وڃن.(1)

انهيءَ آيت ٻڌڻ سان ئي سندس طبيعت ۾ انقلاب اچي ويو. مٿس هر طرف کان انوار الٰهي جي برسات وسڻ لڳي. پوءِ بغير متاع راهه ۽ بغير سواري جي روانو ٿيو. شيخ فريد جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريد ٿيو. کانئس تربيت حاصل ڪري، منزلِ ڪمال کي پهتو. پوءِ شيخ ٻين ماڻهن کي ارشاد و هدايت ڪرڻ ۽ ڪمال تي پهچائڻ لاءِ کيس اجازت ڏئي دهلي روانو ڪيو.

شيخ فريدالدين خرقه ولايت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي کان حاصل ڪيو ۽ ان خواجه معين الدين حسن سجزي کان ورتو ۽ ان خواجه عثمان هاروني کان ۽ ان حاجي شريف زندني ۽ ان شيخ الاسلام قطب الدين مودود چشتي رحمهم الله کان حاصل ڪيو.

اگرچه چيو وڃي ٿو ته شيخ فريد جي مريدن مان هو پر واضح آهي ته ستر سال کان وڌيڪ سندس عمر هئي. پنهنجو وقت اڪثر رياضت ۽ مجاهدن ۾ گذاريو هئائين. اڪثر روزو رکندو هو.  صرف ٽن لقمن سان ئي افطار ڪندو هو.

مذڪور آهي ته هڪ پريشان شخص سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته هڪ ڪاغذ گم ٿي ويو آهي جنهن ۾ وصوليءَ جي ڪثير رقم لکيل آهي. شيخ نظام الدين کيس هڪ درهم ڏنو ۽ چيائينس ته هن جو حلوو خريد ڪري فقيرن کي کاراءِ ۽ ان جو ثواب شيخ فريدالدين جي روح کي بخش. هن جڏهن حلوو خريد ڪيو ته ڏٺائين ته جنهن ڪاغذ ۾ حلوو خريد ڪيو اٿم ته اهوئي ڪاغذ آهي، جيڪو گم ٿي ويو هو.

ان قسم جي ٻي به ڪرامت آهي ته هڪ شخص ڪنهن وٽ هڪ سو دينار امانت طور رکيا هئا. ان کيس رسيد لکي ڏني هئي. پوءِ جڏهن امانت واپس طلب ڪرڻ وٽس ويو ته هن کانئس لکيل رسيد طلب ڪئي. رسيد نه هئڻ سبب هن انڪار ڪيو. پوءِ هو شخص پريشان حال شيخ بنان حمال وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين. شيخ کيس چيو ته آءٌ پيرسن آهيان حلوي کي ڏاڍو پسند ڪندو آهيان. هاڻي هڪ سير حلوي جو وٺي اچ ته پوءِ دعا ڪريان. جڏهن هو حلوو خريد ڪري آيو ۽ شيخ جي آڏو رکيائين ته حلوي وارو ڪاغذ اها رسيد هئي، جيڪا ان شخص کان گم ٿي وئي هئي. پوءِ حلوي سميت ڪاغذ ان شخص کي موٽائي ڏنائين ۽ چيائين ته حلوو تون کاءُ ۽ ٻارن کي ورهائي ڏي ۽ ڪاغذ پنهنجي ڪم ۾ آڻ.

شيخ نظام الدين اوليآء جي تاريخ وفات سن 725هه آهي.

 

امير خسرو دهلوي

سندس لقب يمين الدوله آهي. سندس پيءُ امير لاچين هو.(1) بلخ هزاره کان هند ۾ وارد ٿيو. ڳوٺ پٽياله ۾ آباد ٿيو. اميرخسرو انهيءَ هنڌ پيدا ٿيو. جڏهن هيءُ پيدا ٿيو ته سندس والد هڪ گودڙي ۾ ويڙهي هڪ مجذوب وٽ کڻي ويو، جيڪو سندس پاڙي ۾ رهندو هو. مجذوب چيو ته اهڙي شخص کي آندو اٿئي جو خاقان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي ويندو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءُ فوت ٿي ويو هو. سندس مامي پرورش ڪئي، بالغ ٿيڻ کان پوءِ شيخ نظام الدين اوليآء جو مريد ٿيو.

هڪ ڏينهن پنهنجي شيخ جي مدح ۾ شعر چيائين، شيخ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. چيائينس ته توکي ڇا ڏيان؟ عرض ڪيائين ته ڪلام جي مٺاس. فرمايائينس ته مٺائيءَ جو هڪ ڀريل ٿالهه منهنجي کٽ هيٺان پيل آهي، سو کڻي اچ پوءِ ان مان ڪجهه تقسيم ڪر ۽ ڪجهه پاڻ کاءُ. پوءِ ائين ڪيائين کيس مراد حاصل ٿي.

مذڪور آهي ته نظام الدين اوليآء سان گڏ حج ۽ سير و سياحت به خوب ڪيائين. پنج دفعا حضور اڪرم ﷺ جن جي خواب ۾ کيس زيارت نصيب ٿي.

پنهنجي مرشد شيخ نظام الدين اوليآء جي اشاري سان سندس خواجه خضر سان ملاقات ٿي. ان کي وات جي لعاب جي عنايت ڪرڻ جي التماس ڪيائين، مگر هن چيو ته اها دولت سعدي جي حصي ۾ اچي چڪي آهي. خسرو دل شڪسته ٿي پنهنجي مرشد کي ماجرا ٻڌائي. پوءِ پنهنجي وات جو لعاب، خسرو جي وات ۾ وڌائين ته ان جون برڪتون ظاهر ٿيون جو 99 ڪتاب تصنيف ڪيائين ۽ سندس چوڻ آهي ته منهنجي تصنيف ۾ چار لک شعرن کان وڌيڪ ۽ پنج لک کان گهٽ شعر آهن.

مذڪور آهي ته شيخ نظام الدين اوليآء چوندو هو ته هر ڪنهن شخص کي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ تي فخر هوندو آهي ۽ منهنجو فخر سيني جو سوز، هي ترڪ الله، يعني خسرو آهي.

امير خسرو فرمائي ٿو ته هڪ دفعي منهنجي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته خسرو اميرن جو نالو آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو منهنجو نالو فقيرن جهڙو هجي ها ۽ قيامت ڏينهن مون کي فقيري واري نالي سان پڪاريو وڃي ها. اها تمنا پنهنجي شيخ اڳيان بيان ڪيائين. پوءِ هڪ وقت ۾ کيس شيخ چيو ته قيامت ۾ توکي ”ﷴ جو ڪاسه ليس، گداگر“ سڏيندا.

مذڪور آهي ته جوانيءَ ۾ شيخ سعدي سان ملاقات ڪئي هئائين ۽ سلطان غياث الدين بلبن جي دور حڪومت کان وٺي تغلق شاهه جي زماني تائين حيات هو.  ستن بادشاهن جي خدمت ۾ رهيو هو. انهيءَ ذميداري هوندي به مجاهده ۾ مشغول هوندو هو.

سلطان غياث الدين تغلق شاهه، خسرو کي لکنوتي (بنگاله) پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. پوءِ جڏهن واپس آيو ته اها خبر ٻڌائين ته سندس شيخ ۽ مرشد هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مٽي (ڌوڙ) مٿي ۾ وجهي ۽ پنهنجو منهن ڪارو ڪري، چولو چاڪ ڪري، شيخ جي مزار تي حاضر ٿيو ۽ ليٿڙيون پائي، نوحه ۽ زاري ڪيائين (مرشد جي وفات کان) ڇهه مهينا پوءِ پاڻ به گذاري ويو. سندس فوت ٿيڻ جو سال 725هه آهي.

 

شيخ رڪن الدين

فيض الله ابوالفتح فرزند ۽ خليفه شيخ صدرالدين قتال بن شيخ الشيوخ بهاؤالحق والدّين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ.

شروعات ۾ جڏهن هيءُ ننڍڙو هو ته نماز جي ٻانگ جو وقت ٿيو. مولانا مؤذن کي طلب ڪيو ته هو بانگ ڏئي. شيخ رڪن الدين سندس دامن پڪڙي بيهي رهيو ته نه ڏي. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه وقت گذري ويو ته شيخ الاسلام شيخ بهاؤالدين جي نظر مؤذن تي پئي ته کانئس پڇيائين ته ڇا ڳالهه آهي. مؤذن کيس عرض ڪيو ته مخدوم زاده مون کي بانگ ڏيڻ نٿو ڇڏي ۽ چوي ٿو ته ”آءٌ نماز جي بانگ ڏيندس“ ته شيخ کِلي ننڍڙي کي چيو ته تون ڪيئن بانگ ڏئي سگهندين. مؤذن ته ڇت تي چڙهي بانگ ڏيندو آهي.

پورا ٻاونجاهه سال پنهنجي ڏاڏي جي گادي تي قائم ۽ پنهنجي صحبت سان عام ۽ خاص کي فيض رسائيندو رهيو ۽ سندس خاندان جا ڪافي فرد سندس ئي حياتي ۾ لاڏاڻو ڪري ويا.

مجمع الاخبار ۾ سندس ڪافي ملفوظات ۽ حالات درج آهن. سلطان قطب الدين بن علاؤالدين، حضرت کي دهليءَ اچڻ جي استدعا ڪئي. اصل ۾ ان کي دعوت ڏئي دهلي گهرائڻ جو مقصد نظام الدين اوليآء جي وڌندڙ اثر کي ٽوڙڻ ۽ سندس عقيدت کي گهٽ ڪرڻ هو. شيخ نظام الدين اوليآء جڏهن حضرت جي آمد جي خبر ٻڌي ته استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر حوض خاص علائقي تائين نڪري آيو ۽ سلطان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ حضرت کان پڇيو ته مشائخ دهلي مان اول ڪهڙي شيخ اوهان جو استقبال ڪيو. فرمايائين ته اهو شخص جيڪو هن شهر جو بهترين مشائخ جو به شيخ آهي. سلطان کي نظام الدين اوليآء جي باري ۾ جيڪو ڪينو هو، ان کي هڪ ئي نڪتي سان رفع ڪيائين.

پوءِ ٽي سال دهليءَ ۾ قيام ڪيائين، ان وچ ۾ شيخ نظام الدين اوليآء گذاري ويو. سندس جنازي نماز شيخ رڪن الدين پڙهائي. فرمايائين ته منهنجي دهليءَ ۾ اچڻ جي اهائي حڪمت هئي، جو هن نعمت کي حاصل ڪيم.

مذڪور آهي ته حضرت شيخ جو هڪ چاچو هو، جنهن جو نالو علم الدين هو. حديقة الاولياء ۾ ذڪر آهي ته سندس ظاهري حال مقامي علمن جي تحصيل ۾ گذريو، مگر شروع جا ڪجهه ڏينهن حسد ۾ ڀريل هو.  چوندو هو ته مون کي الله تعاليٰ علم ۽ فڪر جي نعمت بخشي آهي، جنهن سبب هر صفت جو احاطو ڪري سگهان ٿو ۽ رڪن الدين انهيءَ کان عاجز آهي ۽ منهنجي وجود جي هئڻ سبب رڪن الدين پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏن جي مزارات جي توليّت کي رسي نٿو سگهي.

پنهنجي بعض خادمن کي چيائين ته رڪن الدين کي وڃي چئو ته صرف ائين پنهنجي سر خيالن پچائڻ جي ڪابه حيثيت نه آهي، جيستائين دهلي ۾ امتحان ڏئي اچي. جڏهن شيخ رڪن الدين اهو پيغام ٻڌو ته دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو.

دهليءَ جي بادشاهه سلطان تغلق کي علم الدين سان گهرو واسطو ۽ تعلق هو. انهيءَ طرفداري سبب شيخ جي خدمت ۾ وڃڻ کي گوارا نه پيو ڪري. پوءِ ٻئي دهلي پهتا ۽ شيخ علم الدين سلطان تغلق وٽ هليو ويو. پوءِ شيخ رڪن الدين چيو ته تڪبر، متڪبرين وٽ ئي چڱو آهي. وڏائي، وڏائي ڪندڙن وٽ ئي بهتر آهي. پوءِ بادشاهه کي پنهنجي استقبال لاءِ نه ڏسي شيخ رڪن الدين، شيخ نظام الدين اولياء جي خانقاه ڏانهن هليو ويو. شيخ علم الدين اتي علماء ۽ مشائخ کي گڏ ڪيو ته جيئن شيخ رڪن الدين سان علمي بحث ڪيو وڃي. شيخ رڪن الدين کي ان تي غصّو آيو ۽ حڪم فرمايائين ته هڪ اڻپڙهيل جاهل ٻانهيءَ کي خريد ڪري آندو وڃي. پوءِ ائين ڪيو ويو. پوءِ ان ٻانهي کي بنظر ڪرامت لائق بڻائي، چاچي جي مقابلي لاءِ موڪليو ويو. اهو ٻانهو حالانڪ اڻپڙهيل هو، پر ڪامل جي نظر ۽ صحبت سبب دانشمند ٿي ويو. بحث جي شروعاتي گفتگو ۾ ئي غالب ٿي ويو. جيڪو به کانئس سوال پڇيو ٿي ويو ته ان جو صحيح ۽ ڪارآمد جواب ڏئي پيو. ان وچ ۾ بادشاهه هڪ مهم کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ علم الدين کي موڪلي ڇڏيائين ۽ باقي اڳوڻي بغض جي آڌار تي، شيخ رڪن الدين کي نه ڇڏيائين ۽ چيائين ته جيستائين باغين کي سزا ڏئي موٽي اچان ته اوهين اتي هجو. شيخ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته چيائين ته کيس اها خبر نه آهي ته تيستائين پاڻ به سلامت رهندو يا نه؟ انهن لفظن جي خبر بادشاهه کي به پئي . پوءِ ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ اتي بندوبست ڪري تمام جلد واپس آيو ۽ شهر کان ٻاهر پنهنجي محل ۾ منزل ڪيائين ۽ سمورا مشائخ ۽ معزز شخص سندس استقبال لاءِ ويا ۽ شيخ رڪن الدين کي شيخ حاتم، جيڪو حضرت رڪن الدين جي خادمن مان هو، استقبال لاءِ وٺي ويو. سلطان سڀني مشائخن ۽ بزرگن جي دعوت ڪئي هئي، جڏهن سمورا بزرگ دسترخوان تي طعام کائڻ ويٺا ته سلطان طنز طور چيو ته بعض ڪرامت فروش ماڻهو ڪنهن جي سلامت اچڻ ۾ ڊاڙون هڻن ٿا، ليڪن کين پنهنجي خبر ئي ڪونهي ته خود دائمي قيد ۾ قيد آهن. شيخ رڪن الدين اهو طعنو پنهنجي ذات ڏانهن محسوس ڪري. کاڌي کان ان مهل ئي هٿ ڪڍي ڪاوڙ کان اڌ ۾ ئي اٿي نڪري ويو. پوءِ سلطان جو پٽ نالي محمد جڏهن شيخ کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو ته يڪدم پاڻي جو لوٽو ڀري شيخ وٽ پهتو ته جيئن شيخ کي هٿ ڌوئاريان پر جيئن پاڻي جو ڪئنرو شيخ سندس هٿ ۾ ڏٺو، کانئس وٺي هٿ ڌوئڻ لڳو ۽ پنهنجا هٿ ڌوئڻ وقت ڪرامتي زبان سان چوڻ لڳو ته تغلق جو وجود هن جهان ۾ ۽ هُن جهان ٻنهي ۾ ڌوئي ڇڏيم ۽ سلطنت تي محمد کي ويهاريم ۽ ٻنهي جهانن جي مراد حاصل ڪيم ۽ ان وقت سندس خاص خادم شيخ حاتم، کيس عرض ڪيو ته سلطان کي اُچ جي درويش شيخ جمال جي پُٺ آهي. چيائين اول جمال ان کان پوءِ تغلق، اتفاقاً ان وقت هو اُچ ۾ هو. چيائين ته منهنجي پير دستگير مون کي ڪُٺو آهي پوءِ ساهه نڪري ويس ۽ تغلق محل ڏانهن آيو ته ڏٺائين ته محمد تخت تي ويٺو آهي ۽ وري جڏهن شيخ رڪن الدين سفر کان موٽي ملتان آيو ته سندس چاچي علم الدين شهر جو دروازو بند ڪرائي ڇڏيو ته جيئن داخل نه ٿئي. جڏهن شيخ اهو ٻڌو ته چيائين اڃا تائين اهو بس نه ٿو ڪري. اندروني آتش کيس اڃا تائين ساڙي ٿي، انهيءَ ئي گهڙي موت جو مزو چکيائين ۽ نتيجو ڏٺائين.

اُنهيءَ کان پوءِ چيائين ته وڏن جا جيڪي به ڪتاب آهن، سي سندس آڏو جمع ڪري کين باهه ڏيو. انهن کي باه ڏني وئي ته اهي سڙي رک جو ڍير ٿي ويا. مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن انهيءَ رک جي ڍير تي شيخ جي نظر پئي ته چيائين: ڪکن پوشاڪ ڍَڪي آهي. ان کان پوءِ شهر ۾ ۽ ان جي پسگردائي ۾ هر علم جي ڪتاب جي جنهن به ضرورتمند کي ڪتاب جي ضرورت پوندي هئي، شيخ جي خدمت ۾ اهو اچي عرض ڪندو هو ته شيخ کيس چوندو هو، هن ڍير ۾ هٿ داخل ڪري ڪڍي وٺ. پوءِ اهو شخص رک جي ڍير ۾ هٿ وجهي حسب منشا ڪتاب حاصل ڪندو هو.

سندس فوت ٿيڻ جو سال 734هه آهي.

 

شيخ حاتم يا حاڪم

سندس نالي ۾ اختلاف آهي، ۽ هيءُ شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جو خادم خاص هو. شيخ رڪن الدين کان پوءِ، شيخ اسماعيل شهيد، پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي گاديءَ تي ويٺو. پوءِ شيخ صدرالدين ثاني ولد شيخ اسماعيل شهيد پنهنجي وڏن جي درگاهه جو متولي ٿيو ۽ شيخ الاسلام مرجع اهل الله پنهنجي وڏن جي نقش قدم تي هلي حياتي گذاري.

پوءِ شيخ رڪن الدين ثاني ولد شيخ صدرالدين ثاني. پوءِ شيخ اسماعيل جو فرزند شيخ يوسف ٿيو ۽ شيخ الاسلام وڏن جي مزارات ۽ ارشادات جو متولي رهيو.

 

شيخ صفي الحق و الدّينُ ابوالفتح اسحاق اردبيلي

هيءُ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جي اولاد هو. جڏهن سندس دل ۾ الله تعاليٰ جي محبت جو جذبو پيدا ٿيو ته مرشد جي طلب ۾ تڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ صلاح الدين جي ملاقات جي بهاني سان شيراز ۾ آيو ۽ شيخ عبدالله خفيف جي خانقاه ۾ مقيم ٿيو. سندس ڀاءُ ڪافي ڪوشش ڪئي ته سندس گهر هلي مگر هر هرگز نه ويو. انهيءَ ئي شهر ۾ شيخ سعدي ۽ ٻين ڪيترن ئي اوليآء ڪرام سان صحبتون ڪيائين ۽ آخر اميرعبد الله فارسي ۽ شيخ محمد زاهد جيلانيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اتي رياضت ۽ مجاهده شروع ڪيائين. ايتريقدر جو مهيني ۾ صرف کاڌي جو هڪ ٽڪرو ۽ مختصر پاڻي پيئڻ کان وڌيڪ هرگز نه واپرائيندو هو. پوءِ ٿوري ئي وقت ۾ ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي ويو. کيس شيخ حڪم فرمايو ته اردبيل ۾ سالڪن کي وڃي تلقين ڪر. هن ائين ڪيو ٿورڙي ئي وقت ۾ سندس معتقدين جو تعداد بيشمار ٿي ويو. هڪ ڏينهن امير نگران کانئس پڇيو ته اوهان جا مريد وڌيڪ آهن يا ايران جو لشڪر. فرمايائين ته ايران ۾ هڪ تنها لشڪر جي مقابلي ۾ منهنجا هڪ سو فرد ارادتمند آهن. صفوة الصفا ۾ پيرمحمد کان مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن اندازاً اٺن هزارن ماڻهن سندس هٿ تي توبهه ڪئي ۽ مريدَ ٿي کانئس سلوڪ جو سبق ورتائون.

مولانا عبداللطيف، جيڪو مسجد جو پيش امام به هو بيان ٿو ڪري ته هڪ شيخ فرمايو ته هن وقت منهنجا ٻه هزار مريد ڪماليت جي درجي کي پهچي چڪا آهن. هاڻي کين ڪوبه خوف خطرو نه آهي.

قريباً ٽيهه سال پنهنجي فيض ۽ ڪماليت کان الله جي مخلوق کي مستفيض ڪندو رهيو ۽ سنه.........(1) ۾ منصب ولايت عهد ارشاد خود صدرالملت والدّين مٿي ڄاڻايل موسيٰ ﷥ کي وڃي رسيو.

 

امير خرد وابڪني

سندس نالو امير حسين هو.  خواجه محمود انجير فغنوي جو پهريون خليفو هو. پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ هو.  سندس قبر وابڪني جي رستي تي آهي.

 

امير حسن

عرف مير ڪلان ۽ امير خرد جو ڀاءُ هو.  هيءُ خواجه محمود جي مريدن مان هو. ليڪن خلافت سندس ڀاءُ امير خرد کي ملي.

 

خواجه علي ارغنداني

هيءُ امير خرد جو خليفو هو، سندس قبر ويهه ارغندان، ڳوٺ زنداني ۾ آهي جو بخارا کان پنج ميل پنڌ تي آهي.

خواجه علي رامتيني

محمود الخير فغنوي جي خليفن مان هيءُ ٻيو نمبر خليفو هو. سندس لقب عزيزان هو. نسبت خواجه بهاؤالدين خلفاء خواجه محمود منجهان ٻن واسطن سان ان سان ملي ٿي.

ڪپڙي اُڻڻ جي صنعت ۾ مشغول هوندو هو. الله رب العزت جي معرفت ۾ ڪمال درجي کي پهتل هو. مولانا جمال رومي پنهنجي غزليات جي هن بيت ۾ هن جي طرف ئي اشارو ڪيو آهي.

بيت

گر نه علم حال فوق قال بودي کي شدي

بنده  اعيان  بخارا  خواجه نساج  را

ترجمو : جيڪڏهن علم حال، علم قال کان بلند نه هجي ها ته بخارا جي اعيان بزرگ خواجه نساج جا خادم ڪيئن بڻجي سگهون ها.

سندس ولادت بخارا جي هڪ وڏي ڳوٺ رامتين ۾ ٿي. جيڪو ڳوٺ بخارا کان ٻن ميلن جي پنڌ تي چند حصن تي مشتمل آهي ۽ سندس قبر خوارزم ۾ آهي.

سندس وفات سن 719هه ۾ ٿي. سندس عمر 120 سال هئي کيس ٻه فرزند هئا.

(1) خواجه خورد :  حضرت عزيزان جو وڏو فرزند، سندس نالو خواجه محمد هو. پنهنجي والد صاحب جي حياتي ۾ 80 سال جي عمر کي پهتو هو.  پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ به 19 سال حيات هو. سال 719هه ۾ گذاري ويو.

(2) خواجه ابراهيم : حضرت عزيزان جو ننڍو فرزند هو.  جڏهن حضرت عزيزان جي وفات جو وقت ويجهو آيو ته خواجه ابراهيم کي اجازت ارشاد ڏنائين. بعض مريدن کي خيال ٿيو ته ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي، جو وڏي فرزند هوندي به ننڍي فرزند کي ارشاد جي اجازت ڏني وئي آهي. خواجه کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته فرمايائين : خرد اسان کان پوءِ ٿورو وقت رهندو ۽ جلد اچي اسان سان ملندو.

 

خواجه ڪلاهه دوز

هيءُ حضرت عزيزان جي اڪابر مريدن منجهان هو، سندس خليفو به هو. سندس قبر خوارزم ۾ آهي.

 

خواجه محمد حلاج

هيءُ به حضرت عزيزان جو مريد ۽ خليفو هو. سندس قبر بلخ علائقي ۾ آهي.

 

خواجه محمد باوردي

هيءُ به حضرت عزيزان جو مريد ۽ خليفو هو.  سندس قبر خوارزم ۾ آهي.

 

خواجه محمد بابا سماسي

حضرت عزيزان کي 4 ڪامل خليفا هئا، هرهڪ خليفي جو نالو محمد هو.  بابا سماسي انهن چئن خليفن مان آخري خليفو هو. سندس ڄمڻ جي جاءِ ڳوٺ سماسي هئي، جيڪو راميتن جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ هو. رامتين کان هڪ ميل ۽ بخارا کان ٽي شرعي ميل پنڌ تي هو.  سندس قبر به اتي ئي آهي.

مذڪور آهي ته جڏهن عزيزان جي وفات جو وقت ويجهو آيو ته خواجه محمد بابا کي پنهنجي مريدن جو رهنما بڻايائين ۽ سڀني کي سندس متابعت ڪرڻ جي وصيت فرمايائين.

خواجه بهاؤالدين کي پنهنجي فرزندي ۾ قبول فرمايو هئائون. خواجه بهاؤالدين جي ولادت کان اڳ هندو ان جي محلي مان حضرت عزيزان وٽان لنگهندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن محلي جي مٽيءَ مان هڪ مرد ڪامل جي خوشبو ٿي اچي. تمام جلد هندن جو محلو، عارفن جو محلو ٿيندو. هڪ دفعي انهيءَ جڳهه تان آخري دفعو لنگهيا ته چيائون ته هاڻي اها خوشبوءِ تمام وڌي وئي آهي. شايد اهو مرد ڪامل وجود ۾ اچي ويو آهي. ٽن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ٻار کي سندس ڏاڏو عزيزان جي خدمت ۾ کڻي آيو. فرمايائون ته هيءُ اسان جو فرزند آهي، اسان کيس قبول ڪيو آهي ۽ پنهنجي مريدن کي چيائون ته هيءُ اهوئي مرد آهي، جنهن جي خوشبوءِ ايندي هئي. زماني جو ڪامل رهبر ٿيندو ۽ امير ڪلان کي فرمايائون ته منهنجي فرزند بهاؤالدين جي پرورش تربيت ۽ شفقت ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪج. جيڪڏهن ان ۾ تو ڪو قصور ڪيو ته آءٌ هرگز توکي معاف نه ڪندس. امير ڪلان پنهنجي سيني تي هٿ هڻي چيو ته آءٌ مرد نه آهيان جيڪڏهن هن ۾ ڪوتاهي ڪيم.

خواجه محمد بابا سماسي کي به چار خليفا هئا. اهي سڀئي ڪامل ۽ فاضل هئا ۽ صادقين ۽ سالڪين جي دعوت حق، ارشاد ۽ تربيت ۾ مشغول هوندا هئا.

 

خواجه سوخاري

هيءُ خواجه محمد بابا جي خليفن مان آهي. سندس قبر ڳوٺ سوخار ۾ آهي ۽ هيءُ ڳوٺ بخارا شهر کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي.

 

خواجه محمود سماسي

هيءُ خواجه محمد بابا جو فرزند ۽ سندس خلفاء مان آهي.

 

مولانا داشمند علي

هيءُ بابا سماسيءَ جي خليفن مان برگزيده خليفو هو. سندس ولادت ۽ وفات سوخار ڳوٺ ۾ ٿي ۽ داش گيري (ڪنڀارڪو ڪم) ڪندو هو.  بخارا جي ٻوليءَ ۾ (داش گر) ڪنڀر کي چيو ويندو آهي.

سندس والده جو بيان آهي ته جڏهن هو منهنجي پيٽ ۾ هو ته ان وقت جيڪڏهن منهنجي کاڌي ۾ ڪو شبه وارو لقمه اچي ويندو هو ته مون کي پيٽ ۾ دردناڪ سور پوندو هو. آخر سبب معلوم ڪرڻ کان پوءِ ان کي ترڪ ڪري ڇڏيندي هيس.

مذڪور آهي ته هو پنهنجي جوانيءَ جي وقت ۾ ڪُشتي وڙهڻ (ملهه) ۾ مشهور هو.  هڪ دفعي دنگل ۾ ڪُشتي وڙهي رهيو هو ته هڪ شخص سندس حال کي ڏسي نفرت جي نظر سان چوڻ لڳو ته هن سيّد زاده شريف کي اهڙو ذلت وارو ڌنڌو نه ٿو جڳائي، جو اهڙي لباس ۾ آهي، جيڪو ڪمتر ماڻهو پائيندا آهن. پوءِ انهيءَ شخص کي ان حال ۾ ئي جهوٽو وٺي ويو. انهيءَ دوران ڏٺائين ته قيامت قائم ٿي چڪي آهي ۽ هو سڀني دوستن سميت پيٽ ڀر نهايت سخت تڪليف سان رڙهندو ٿو وڃي. اوچتو امير آيو، جنهن کيس ٻنهي بازن کان وٺي کڻي ٻاهر ڪڍيو. پوءِ آسانيءَ سان هلڻ لڳو. جڏهن جهوٽي مان سجاڳ ٿيو ته امير ان ڏانهن متوجہ ٿي فرمايو ته زور آزمائي، انهيءَ ئي ڏينهن لاءِ آهي.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن خواجه محمد بابا مَلهه وڙهڻ واري ميدان جي ڪناري وٽان لنگهيو ته پهلوان مَلهه وڙهي رهيا هئا. اهو ڏسي خواجه بيهي رهيو ته بعض مريدن جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته ڪهڙو سبب آهي جو حضرت خواجه انهن گمراهن ڏانهن متوجہ ٿيو آهي. خواجه صاحب جي ته جستجو واري نظر هئي. فرمايائين ته هن دنگل ۾ هڪ ڪامل مرد به آهي، جنهن جي صحبت سان ڪافي ماڻهو درجي ڪماليت کي رسندا اسان جي نظر انهيءَ تي آهي، چاهيان ٿو ته کيس سڏ ڪريان. انهيءَ دوران امير جي نظر مٿن پئجي وئي انهن جي نظر جي جذبي امير تي اثر ڪيو ۽ جڏهن هو روانا ٿيا ته بي اختيار سندن ڪڍ لڳو ۽ کين پهتو ۽ وري دنگل جي ميدان ڏانهن هرگز واپس نه وريو. پورا ويهه سال نه دنگل ڏٺائين ۽ نه وري بازار ڏٺائين ۽ پنهنجي شيخ جي خدمت ۾ رهيو ۽ منزل مقصود حاصل ڪيائين.

حضرت امير کي چار فرزند هئا ۽ چارئي پڻ خليفا هئا ۽ پنهنجي هرهڪ فرزند کي هرهڪ خليفي جي حوالي ڪري ڇڏيائين.

 

امير برهان

هيءُ امير ڪلان جو پهريون فرزند هو. امير ڪيترائي دفعا هن جي شان ۾ فرمائيندو هو ته منهنجو هيءُ فرزند خواجه بهاؤالدين جي مريدن ۾ خاص حيثيت وارو آهي. سندس پيءُ هن جي تربيت لاءِ کيس خواجه جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.

 

امير حمزه

هيءُ امير ڪلان جو ٻيو نمبر فرزند هو. پنهنجي پيءُ جو مٿس نالو رکيو هئائين. کيس نالي سان هرگز نه سڏيندو هو، بلڪ ”منهنجا پيءُ“ ڪري خطاب ڪندو هئس. کانئس عظيم ڪرامتون صادر ٿينديون هيون. انهن مان بعض جو تذڪره ڪتاب ”مقامات امير ڪلان“ ۾ درج آهي، جيڪو امير حمزه جي پوٽي جو تاليف ڪيل آهي. امير حمزه جو خرقو صادق هو.  سندس پيءُ تربيت لاءِ کيس مولانا عارف ديڪ ڪراني جي حوالي ڪيو ويو هو.

مولانا عارف نقل ٿو ڪري ته انهيءَ چيو ته جيڪڏهن دوستي ۾ چاهين ته توهان جو بار کڻان ته اهو ڏاڍو مشڪل ۽ دشوار آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو يار چاهين ٿو، جنهن جو اوهان بار کڻو ته سارو جهان تنهنجو دوست ٿي ويندو. سندس وفات جو سال 808هه آهي. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس قائم مقام ٿيو. کيس چار خليفا هئا.

 

مولانا حسام الدين شاشي

هيءُ امير حمزه جو خليفو اول هو.  مولانا حميدالدين شاشيءَ جو فرزند هو. بخارا جي اڪابر علماء مان هو. خواجه بهاؤالدين جي وقت ۾ هو.  ان جي وقت جي سڀني مشائخ ۾ ارادت ۽ اخلاص رکندڙ هو. مولانا حسام الدين اول شيخ محمد سونجي جو مريد ٿيو. اڪابر مشائخ مان هو.  بعد ۾ امير جو ارادتمند ٿيو.

منقول آهي ته مولانا حميدالدين کي سندس وفات وقت ڏاڍي تشويش ٿي. پوءِ سندس فرزند حسام الدين کانئس پڇيو ته ڇا سبب آهي؟ چيائين ته آءٌ قلب سليم ٿو ڳوليان. مگر نه ٿو لهان. چيائينس ته ٿوري دير لاءِ مون ڏانهن ڌيان فرماءِ، ٿوري دير کان پوءِ کيس باطن ۾ اطمينان ٿيو ۽ چيائينس ته اي پُٽَ! جزاک الله خيراً. مون پنهنجي عمر به انهيءَ طريقي تي گذاري ۽ هاڻي مون کي اها حسرت نه آهي ته مون اها عمر اجائي وڃائي، پر انهيءَ ئي طريقي جي برڪت سان پنهنجو صالح ۽ باجميعت فرزند ڇڏي لاڏاڻو ڪري ٿو وڃان.

 

مولانا ڪمال الدين ميداني

هيءُ اميرحمزه جو ٻيو نمبر خليفو هو. ميدان ڳوٺ جو رهاڪو هو. ميدان ڳوٺ سمرقند ولايت جي پسگردائي ۾ ديهه قصبه ڪوفين ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي.

 

اميرخورد ۽ امير بزرگ

هي ٻئي امير حمزه جا ٽيون نمبر ۽ چوٿون نمبر خليفا هئا. ٻئي امير برهان جا فرزند هئا ۽ امير برهان اميرحمزه جو وڏو ڀاءُ هو.

 

بابا شيخ مبارڪ بخاري

هيءُ اميرحمزه جي اڪابر مريدن مان هو، بعض کيس امير ڪلان جي مريدن ۾ شمار ٿا ڪن، پر اهو شيخ مبارڪ ڪرميتني هو، جنهن کي امير ڪلان جي مريدن جي ذڪر ۾ آندو ويو هو.

خواجه محمد پارسا بابا جي زيارت لاءِ گهڻو ويندوهو.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن بابا شيخ مبارڪ، حضرت محمد پارسا جي گهر آيو. حضرت خواجه کيس حضرت ابوالنصر جي فاتحه لاءِ عرض ڪيو. بابا فاتحه شروع ڪئي. فاتحه پڙهڻ جي دوران هو گهر کان هڪدم ٻاهر نڪري ويو. گهر کان ٻاهر ئي فاتحه جو ختم ڪيائون. پوءِ حاضرين ان جو سبب پڇيو ته چيائين گهر ۾ اندر فاتحه پڙهڻ وقت آسمان کان ملائڪن جو هڪ وڏو ميڙ نازل ٿي شريڪ ٿيو، جنهن ڪري مون لاءِ جڳهه تنگ ٿي وئي، لاچار پوءِ ٻاهر آيس ۽ ٻاهرئي ختم ڪيم.

اها ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته اميرحمزه کي پنهنجي عزيزن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي صاحب ڪمال مريد هئا، جهڙوڪ عمر سوزنگر بخاري، شيخ احمد خوارزمي، مولانا عطاء الله سمرقندي، خواجه محمود حموي، مولانا حميدالدين ڪرمتيني، مولانا نورالدين ڪرمتيني، مولانا سيد احمد ڪرمتيني، شيخ حسن نسفي، شيخ تاج الدين نسفي ۽ شيخ علي خواجه نسفي.

جيئن ته هرهڪ جو جدا جدا ذڪر نٿو ڪري سگهجي، انهيءَ ڪري تبرڪ طور سندس نالا بيان ڪيا ويا آهن.

امير شاهه

هيءُ اميرڪلال جو ٽيون فرزند هو. هيءُ صحرا منجهان ضرورت جيترو ڪلراٺو لوڻ آڻي وڪڻي روزمره جو خرچ پورو ڪندو هو. سندس پيءُ تربيت لاءِ کيس شيخ يادگار جي حوالي ڪيو ۽ امير جو خليفو پڻ ٿيو.

 

امير عمر

هيءُ اميرڪلال جو چوٿون نمبر پٽ هو.  سندس پيءُ تربيت لاءِ کيس شيخ جمال الدين دهستاني جي حوالي ڪيو هو. سندس ئي خليفو ٿيو. هو پنهنجي وقت جو اڪثر حصو احتساب ۽ امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ۾ گذاريندو هو.

 

مولانا عارف ديڪ ڪراني

حضرت اميرڪلال جي چئن خليفن ۾ هيءُ سندس ٻيو نمبر خليفو هو. سندس مدفن، هزاره جي هڪ ڳوٺ، جيڪو ”ڪوهڪ“ دريا جي ڪناري تي آهي ۽ بخارا شهر کان هيءُ ڳوٺ نون شرعي ميلن جي پنڌ تي آهي. اميرڪلال جو فرمان آهي ته منهنجي مريدن ۾ خواجه بهاؤالدين ۽ مولانا عارف جهڙو ڪوبه مريد نه آهي.

سندس چوڻ آهي ته دوزخ ۽ بهشت جي حصول جو مالڪ پاڻ بنده آهي. جيڪڏهن سندس اعمال خراب آهن ته سندس لاءِ دوزخ آهي، جيڪڏهن اعمال سندس چڱا آهن ته بهشت جو وارث آهي.

مولانا درويش ادرسڪني

هيءُ امير خورد جي مريدن مان هو.  مولانا عارف ديڪ ڪرانيءَ سان سندس مائٽي هئي. هميشه ذڪر جهري ۾ مشغول هوندو هو. هڪ دفعي مولانا عارف وٽس ويو. کيس ذڪر جهري ڪرڻ کان منع ڪيائين، مگر هن انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڪوبه توجه نه ڏنو ۽ برابر ذڪر جهري ڪندو رهيو. آخر بذريعه ڪرامات کيس ان جي ممانعت معلوم ٿي ته پوءِ ذڪر جهر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين.

 

مولانا اميراشرف بخاري

هيءُ مولانا عارف ديڪ ڪراني جو خاص خليفو هو. مولانا جي انتقال کان پوءِ سندس مسند تي ويٺو ۽ طالبن جي رهبري شروع ڪيائين.

 

اميراختيارالدين ديڪ ڪراني

هيءُ مولانا عارف ديڪ ڪراني جو پڻ خليفو هو.  سندس وفات کان پوءِ مريدن کي ارشاد ڪرڻ جي مسند تي ويٺو.

 

شيخ يادگار ڪن سروني

هيءُ اميرڪلال جو ٽيون نمبر خليفو هو.  ڪن سروني ڳوٺ جو رهندڙ هو.  هيءُ ڳوٺ بخارا شهر کان ٻن ميلن جي پنڌ تي واقع هو.  امير ڪلال پنهنجي پُٽَ امير شاهه جي تربيت هن جي حوالي ڪئي هئي ۽ هن امير شاهه کي عالي مقام تي رسايو.

 

شيخ جمال الدين دهستاني

هيءُ امير ڪلال جو چوٿون نمبر خليفو هو.  حضرت مربيءَ امير عمر جي فرموده موجب هيءُ امير جو چوٿون نمبر فرزند هو.

 

شيخ محمد حفيظ

هيءُ اميرڪلال جي خاص مريدن مان هو.

آخر ”مقامات امير ڪلال“ ۾ ذڪر آهي ته جڏهن ٻيا سڀ دنيا منجهان لاڏاڻو ڪري ويا ته سڀئي مريد شيخ محمد حفيظ جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ چيائون ته اڄ امير جي جاءِ تي اوهان آهيو، چيائين ته ان جي معنيٰ ته اوهين مون کي ٿا طلب ڪريو حالانڪ سندس فرزند امير حمزه وٽ اوهان کي وڃڻ کپي. پوءِ سڀئي مريد امير حمزه وٽ ويا ۽ ان جي خدمت ۽ مريدي اختيار ڪيائون.

 

امير ڪلال واشي

هيءُ اميرڪلال جي خاص مريدن مان ۽ واش ڳوٺ جو رهندڙ هو.  هي ڳوٺ بخارا شهر کان پري ٽن ميلن جي پنڌ تي واقع آهي ۽ امير ڪلال کان پوءِ هن ئي مريدن ۽ طالبن جي تربيت شروع ڪئي هئي.

خواجه علاؤالدين غجدواني، خواجه بهاؤالدين وٽ وڃڻ کان اڳ، کانئن ئي ذڪر جي تعليم وٺندو هو. خواجه علاؤالدين بيان ٿو ڪري ته آءٌ نون سالن جو هئس ته اميرڪلال واشيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. مون کي ذڪر خفيءَ ۾ مشغول ڪيائين ۽ فرمايائين ته: : اهڙي طرح ان ۾ مشغول رهه جو تنهنجي ساٿين کي به خبر نه رهي پر جيڪڏهن تون سمجهين ته ماڻهن کي خبر پئجي وئي آهي ته ان ۾ اضافو ۽ پاڻ ۾ جرائت پيدا ڪر ۽ پنهنجي ڌُنۡ ۾ مشغول رهه. پوءِ ڪجهه وقت ائين ڪندو رهيس ۽ رياضتون به تمام گهڻيون ڪيم. انهيءَ ڪري جسم ۾ لاغري ۽ ضعف پيدا ٿي پيو. اهو حال ڏسي منهنجي والده مون کان سبب پڇيو. پوءِ چيائين ته جيڪڏهن نٿو باز اچين ته منهنجو کير توکي حلال نه آهي پوءِ لاچار ٿيس ۽ والده کي چيم ته ڇا ڪريان، منهنجي امڙ پوءِ مون کي چيو ته هن طريقي سان مشغول رهه. پوءِ نهايت پريشاني واري حالت ۾ امير کي احوال ڪيم جنهن فرمايو ته ان والده کي به اجازت ڏني سون. هڪ ڏينهن منهنجو ڀاءُ ڪنهن ڪم سان جهنگل ڏانهن ويل هو. امڙ مون کي سڏيو. آءٌ وٽس ويس پوءِ مون کي چيائين ته ٿانوَ کي پاڪ ڪري پاڻيءَ کي گرم ڪر. مون ائين ڪيو. پوءِ پاڪائي ڪيائين ۽ ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهيائين ۽ مون کي پنهنجي ڀرسان ويهاري فرمايائين ته هن طريقي سان مشغول ٿي پوءِ آءٌ مشغول ٿيس ۽ خود به مشغول ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ جان بحق تسليم ڪيائين.

شيخ شمس الدين ڪلال

هيءُ امير ڪلال جي جمله مريدن ۾ برجستو هو. مقامات ۾ سندس نالو خواجه بهاؤالدين مذڪور آهي. اها حقيقت ڳجهي نه آهي ته امير ڪلال جي خدمت ۾ پنهنجن عزيزن کان سواءِ ٻيا به سندس ڪيترائي مريد موجود هوندا هئا. جهڙوڪ خواجه وارزوني، مولانا جلال الدين ڪشتي، مولانا بهاؤالدين طوايسي، شيخ بدرالدين ميداني، مولانا سليمان ڪرمتيني، شيخ ايمن ڪرمتيني ۽ خواجه محمد وابڪني اهني سڀئي عالم، فاضل ۽ ڪامل عارف هئا. جيئن ته سندن احوال خاص اسان جي نظر مان نه گذريو آهي. انهيءَ ڪري سندن نالن جو ذڪر تبرڪ طور بيان ڪيو پيو وڃي.

 

مولانا بهاؤالدين قشلاقي

سندس ڄمڻ جو هنڌ قشلاق هو. خواجه مبارڪ قرشوي جي ڄمڻ جو به هنڌ اهو هو. بخارا شهر جي ٻهراڙيءَ ۾ شهر کان ٻارهن ميلن جي پنڌ تي واقع هو. شيخ صحبت ۽ سندس استاد حديث، حضرت خواجه بهاؤالدين مولانا عارف ديڪ ڪراني جو والد هو. مولانا عارف جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان اڳ، امير ڪلال جي صحبت ۾ رهندو هو.  ان جو مريد هو.

شيخ فيض الله

هيءُ شيخ رڪن الدين ولد المشائخ، بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو خليفو هو.  معروف مشائخ هو. سندس تصانيف مان فتاوي صوفيه معروف آهي.

 

شيخ احمد غوري

هيءُ به جناب ڪرامت مآب، غوث الاوليآء شيخ رڪن الدين ولد شيخ المشائخ حضرت شيخ الاسلام شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو خليفو هو. ڪتاب الاوراد جي شرح شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جن ڪئي آهي. جنهن جو نالو ”ڪنزالعباد“ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ اڪثر عارفن جا وظائف آهن.

 

ابوالمڪارم رڪن الدين علاوالدوله

سندس اصل نالو احمد بن محمد بيابانڪي هو.  سمنان جي سلطانن مان هو. سندس عمر پندرهن سال هئي ته وقت جي سلطان جي دربار سان وابسته ٿيو ۽ هڪ جنگ ۾ جڏهن جو سلطان دشمن سان جنگ ۾ مصروف هو ته هن ۾ جذب جي ڪيفيت پيدا ٿي. پوءِ سڀ تعلق کي ٽوڙي سال 687هه ۾ بغداد ويو. اتي شيخ نورالدين عبدالرحمٰن ڪسرتي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پوءِ حجاز کان موٽڻ وقت سن 689هه ۾ ارشاد جي کيس اجازت ملي ۽ سن 720هه ۾ خانقاهه سڪاڪيه ۾ آيو ۽ اتي سورهن سال گذاريائين ۽ هڪ سو چاليهه چلاّ ڪڍيائين. جڏهن سندس عمر 77 سال جي ٿي ته جمعه جي رات 2 رجب سال 736هه ۾ برج احرار صوفي آباد ۾ گذاري ويو. کيس قطب الزمان عبدالوهاب جي خانقاه ۾ دفن ڪيو ويو.

مذڪور آهي ته پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ خواب ڏٺائين ته قيامت قائم ٿي چڪي آهي. سڀني اعمالن، ذڪر اذڪارن ۽ مراقبن کي توريو پيو وڃي. مون کي اهي نيڪ اعمال ڪم آيا جيڪي پنهنجي وزارت جي دور ۾ مظلومن جي مدد لاءِ ڪيم.

چيو وڃي ٿو ته مولانا نظام الدين هروي جو پنهنجي وقت جو مڃيل دانشمند هو. شيخ جي مٿان ڪفر جي فتويٰ ڏني ۽ ڏانهس لکيائين ته تون ڪافر آهين. رقعه ڏسي ڏاڍو زارو زار روئڻ لڳو ۽ پنهنجي نفس کي چوڻ لڳو ته اي نفس! ستر سالن کان وٺي آءٌ توکي چوندو ٿو اچان ته تون ڪافر آهين، مگر تون هرگز نه ٿي اعتبار ڪيو. هاڻي ڪوبه شڪ نه رهيو آهي جو مسلمانن جي امام ۽ وقت جي وڏي مفتي توکي ڪافر چيو آهي. هاڻي گردن جهڪاءِ ۽ اڄ کان پوءِ مون کي هرگز تنگ ۽ رنج نه ڪج. ان کان پوءِ هيءُ رباعي پڙهيائين :

رباعي

نفسي ست مراکه غير شيطاني نيست
و از فعل بدش هيچ پشيماني نيست
ايمانش هزار بار به تلقين کردم
اين کافر ستر مسلماني نيست

 

ترجمو : منهنجو نفس (برابر) شيطان کان ٻاهر نه آهي ۽ پنهنجي بڇڙي فعل ڪرڻ کان پوءِ به کيس ڪابه پشيماني نه آهي. سندس ايمان بابت هزار دفعا کيس تلقين ڪئي اٿم، پر هن ڪافر کي مسلماني پوش نه آهي.

فائدو: هڪ درويش شيخ کان سوال پڇيو ته جڏهن بدن خاڪ ۾ رکيو ٿو وڃي ۽ ان ۾ سمجهه باقي نه ٿي رهي ۽ جو بدن روح کان فائدو حاصل ڪندو هو، سو روح کان جدا ٿي ويو. عالم ارواح ۾ ڪوبه پردو نه آهي ته پوءِ قبرن تي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ وڃڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي ڇو ته ڪنهن به بزرگ جي روح ڏانهن توجه ڪيو وڃي ته اهڙي طرح هوندو، جهڙي طرح هو پنهنجي قبر ۾ هوندو.

شيخ فرمايو ته قبر تي وڃڻ ۾ گهڻائي فائدا آهن. هڪ ته هيءُ جو جڏهن ڪو شخص ڪنهن بزرگ جي زيارت لاءِ ويندو آهي ته هو جيتريقدر رستو پورو ڪندو ويندو، ايتريقدر سندس توجه وڌيڪ ٿيندو ويندو ۽ جڏهن زائر، سندس قبر تي پهچندو ته کيس پنهنجي اکين سان ڏسندو ته ان جي حِسّ به ان ڏانهن مڪمل طور متوجه ٿيندي ۽ ٻيو هيءُ ته هر چند ته ارواح کي حجاب نه آهي ۽ سارو جهان سندن لاءِ هڪجهڙو آهي. پر جنهن بدن ۾ روح ستر سالن تائين قائم رهيو آهي ۽ ان جي بدن جي حشر کان پوءِ ان سان هميشه لاءِ دائمي رهندو انهيءَ ئي قبر ۾ هوندو، انهيءَ ڪري انهيءَ جڳهه (قبر) تي بنسبت ٻين جڳهين جي نظر ۽ تعلق وڌيڪ هوندو آهي.

ان کان پوءِ پاڻ هيءُ واقعو بيان ڪيائين ته هڪ دفعي آءٌ حضرت جنيد جي خلوت ۾ ويس ته مون کي ڏاڍو لطف ۽ سرور آيو، ڇو ته اها حضرت جنيد جي خلوت هئي. پوءِ جڏهن سندس خلوت مان نڪري ٻاهر آيس ۽ سندس قبر تي ويس ته مون کي اهو لطف ۽ سرور نه آيو جيڪو سندس خلوت ۾ هو. پوءِ اها حقيقت پنهنجي شيخ کي ٻڌايم ته هن فرمايو ته خلوت جو لطف تون حضرت جنيد جي سبب حاصل ڪيو هو يا نه؟ مون چيو هائو! ان جي ڪري مون کي لطف حاصل ٿيو. پوءِ فرمايائين ته اهو ظاهر آهي ته هو ڪافي وقت انهيءَ جاءِ تي رهيو هو.  اهو لطف صرف انهيءَ جي رهڻ سبب اتان حاصل ٿيو. لازمي آهي ته ان بدن مان جنهن ۾ اهو روح طويل مدت رهيو هجي وڌيڪ لطف و سرور حاصل ٿئي. البته قبر ڏانهن ڏاڍو متوجه ٿي ڏسڻ نه گهرجي ۽ نه انهيءَ ۾ مشغول رهڻ گهرجي، ڇو ته متان انهيءَ توجه ۾ قصور نه ٿي وڃي ۽ جنهن خرقه ۾ اهل دل پوشيده لڪل هوندا آهن، ان خرقه جي مشاهدي ڪرڻ سان جڏهن ڪافي لطف ٿو ٿئي ته بدن خرقه کان ته وڌيڪ ويجهو آهي. غرض ته زيارت ڪرڻ جا ڪافي فائدا آهن. جو اهل دل هتي ئي توجه ڪري، پاڻ سڳورن ﷺ جن کان روحانيت جو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ته جيڪو اهل دل مدينہ منوره روانو ٿئي ٿو ته حضور اڪرم ﷺ جن جي روحانيت، سندس سفر ۾ تڪليف کان باخبر هوندي آهي ۽ جڏهن اتي پهچندو آهي ۽ پنهنجي اکين سان روضه پاڪ کي ڏسندو آهي ۽ مڪمل توجه ڪندو آهي ته ان فائدو جي هن فائدي سان ڪهڙي نسبت؟ ۽ اهل مشاهده، انهيءَ جي مطلب ۽ مقصد کان پوريءَ طرح باخبر آهن.

نڪته : چيائين ته ماڻهو عجيب اعتقاد ٿا رکن، سندن چوڻ آهي ته درويش محتاج هجي. اهو نٿا ڄاڻين ته الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن ولي کي ڪنهن جو محتاج نه ڪيو آهي. آخر هن دنيا کي ان نعمت جي باوجود انهيءَ جي برڪت سان هن دنيا کي قائم رکيو آهي ۽ تخليق جو مقصد ئي اهي اولياء الله آهن، شيخ مجدد الدين بغدادي، پنهنجي خانقاهه جي خوراڪ جو خرچ سالانه ٻه لک دينار زر سرخ اشرفيون ڪندو نه هو ڇا؟

 

شيخ صدرالدين موسيٰ نبيره شيخ زاهد

هيءُ پنهنجي والد کان پوءِ تقويٰ ۽ طهارت جي گاديءَ تي متمڪن ٿيو. وقت جا بادشاهه مثلاً جاني بيگ خان ۽ سندس پٽ تردي بيگ خان ۽ امير تيمور گورگان سندس ارادتمنديءَ مان برڪت حاصل ڪندا هئا.

”صفوة الصفا“ ۾ مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن شيخ زاهد پنهنجي نياڻي بي بي فاطمہ کي شيخ صفي سان عقد نڪاح لاءِ آندو ۽ نڪاح جي مجلس دوران هو اٿي ٻاهر ويو. وري موٽي اچي ويهي رهيو. سندس مريدن مان بعض ان جو سبب پڇيو ته فرمايائين ته بي بي فاطمہ جي فرزندن مون تي بار وڌو جن جي تعظيم خاطر ٻاهر ويس. هن چيو ته منهنجو ۽ صفي جو قائم مقام اُهي ٿيڻ گهرن ٿا.

جڏهن صدرالدين رحلت فرمائي ويو ته شيخ خواجه علي کي قائم مقام ڪيو ويو. شيخ خواجه علي پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ حج ڪرڻ جي ارادي سان صرفيه ٽولي سان گڏجي ويو. مسند تي شيخ ابراهيم کي ويهاريو ويو. حج جي ادائيگي بعد واپسيءَ ۾ رستي تي بيمار ٿي پيو ۽ فوت ٿي ويو.

شيخ ابراهيم منصب خلافت پنهنجي پُٽَ جنيد کي ڏئي گذاري ويو. سلطان جنيد جڏهن ارشاد و هدايت جي صدارت تي ويٺو ته تمام ٿوري وقت ۾ خاص ۽ عام خلق جا وڏا وڏا هجوم ۽ ميڙ سندس خدمت ۾ اچڻ وڃڻ لڳا. ميرزا جهان شاهه جيڪو عراقين ۽ آذربائيجان جو فرمانروا هو، اهو ڏسي کيس پنهنجي ملڪ جي زوال جو وهم ويٺو. پوءِ حڪم ڪيائين ته اوهين اردبيل ۾ سڪونت اختيار نه ڪيو. پوءِ سلطان جنيد بکر جي علائقي ڏانهن توجه فرمايو.

پوءِ بکر علائقي جي حاڪم ابوبڪر پنهنجي نياڻي خديجه نالي سندس نڪاح ۾ ڏني ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اهو صوفيه ٽولو پاڻ ۾ متفق ٿي، ڪرجستان ڏانهن جنگ ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. امير خليل الله واليءَ شروان کين رستي ۾ ئي پڪڙيو ۽ جنگ کان پوءِ کين قتل ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ صوفيه ٽولي فرمانبرداريءَ ۾ سلطان حيدر جو دامن پڪڙيو ته هيءُ سلطان جنيد ۽ ڀاڻج امير حسن بيگ جي هدايت يافته اولاد مان آهي ۽ کيس خلافت جي مسند تي ويهاريائين. سلطان حيدر ناجي سقرلاط قرمزي جو ٻارهن ترڪن تي مشتمل هو کان نجات حاصل ڪري ان کي ڇڏي ڏنائين ۽ هر انهيءَ شخص کي جيڪو سندس ارادت سان وابسته هو. ان کي حڪومتي اختيار ڏيندو رهيو ۽ جڏهن امير حسن بيگ، ميرزا جهان شاهه تي ۽ ميرزا سلطان ابوسعيد تي غالب ۽ ڪامياب ٿيو ته خيرسگالي جذبي هيٺ انهيءَ ڪٽنب سان ميرزا حسن بيگ مراسم قائم ڪيا ۽ پنهنجي صليبئه نياڻي حليمه بيگي آغا جو نڪاح سلطان حيدر سان ڪري سندس زوجيت ۾ ڏنائين. پوءِ سلطان حيدر کي انهيءَ بيگم مان ٽي فرزند عالي مرتبه پيدا ٿيا ۽ انهن مان شاهه اسماعيل جي اولاد مان ڪافي سلاطين پيدا ٿيا ۽ انهن جون خانداني سلطنتون قائم ڪيون.

شيخ اوحدالدين اصفهاني

نفحات ۾ لکيل آهي ته اوحدين جي مريدن کان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اوحدالدين ڪرماني هو. اهڙي طرح سندس نسبت جو بنياد هن تي ٻڌل آهي. سندس مثنوي ”جام جم“ نالي سان موجود آهي ۽ حقائق، معارف، ديوان ۽ ترجيحات ”جام جم“ مان اخذ ڪري سگهجن ٿا.

مثنوي

اوحدي شصت سال سختي ديد- تاشبي روي نيک بختي ديد
سرگفتار ما مجازي نيست- بازکن ديد کين ببازي نيست
سال ها چون فلک بسر گشتم- تا فلک وارديده در گشتم
برسر پاي چلّه داشته ام- چون نه از بهرذلهّ داشته ام
از برون درميان بازارم- وز درون خلوتي ست بايارم
کس نه بيند جمال سلوت من- ره ندارد کسي بخلوت من
تادل من به دوست پيوسته است- سوزها گرد سر من بسته است.

 

ترجمو : بيت ۾

اوحدي سٺ سال سختي ڏٺي، تڏهن وڃي هڪ رات خوش بختي ڏٺي،

ابتداء گفتار سان جي نه آهه مجازي، هٽي وڃ واجهائڻ نه آهه ڪا بازي،

سالها سال جڏهن فلڪ وانگر ڦِريم، تڏهن صاحب فلڪ جي حقيقت تي رسيم،

پيرن مٿان بيهي ڪري چلا ڪڍيم، هرگز اهي پيٽ لاءِ نه پئي ڪيم،

ٻاهر جڏهن به منجهه بازار هيم، ته به خلوت جي اندر گڏ يار سان هيم،

ڪنهن به نه ڏٺو منهنجي جمال جو سرور، نه ڏٺي راهه ڪنهن به منهنجي خلوت جي مور

جيئن ته دل منهنجي دوست سان آهه جڙيل، چوڌار منهنجي سوز آهه هر وقت ٻريل.

سندس قبر مراغه تبريز ۾ آهي. سندس وفات جو سن 738هه انهيءَ جاءِ تي لکيل آهي.

 

خواجه قطب الدين يحيٰ جامي نيشاپوري

سندس ڪنيت ابوالفضل هئي. جام ۾ رهڻ ڪري، کيس ”جامي“ سڏيندا هئا ۽ سندس ڄمڻ جو هنڌ نيشاپور هو. علوم ظاهري ۽ علوم باطنيءَ ۾ معروف هو. شيخ رڪن الدين علاؤالدين الدوله شيخ صفي الدين اردبيلي، شيخ شرف الدين اردبيلي ۽ شيخ شرف الدين درگزيني جن جي صحبت ۾ رهي ڪمال کي پهتو ۽ ست دفعا حج بيت الله ڪيو هئائين.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن جهنگل ۾ پنهنجي ڌڻ کي چاري رهيو هو ته منجهس اوچتو حج بيت الله ڪرڻ جو عشق جاڳيو ۽ ڌڻ کي ڇڏي اتان ئي حج ڏانهن روانو ٿيو ۽ پنهنجي ساٿين لاءِ هيءُ رقعو لکي ڇڏي ويو ته ڪالهه ڪجهه همراهن سان پنهنجي ڌڻ سان گڏ جهنگ جي طرف سير و تفريح لاءِ نڪتس ته هن رباعي جي مضمون مطابق :

با دوست به بوستان شدم رهه گذري
برگل نظري فگندم از بي خبري
دلدار به لطف گفت شرمت افتاد
رخسار من اينجا تودر گل نگري

 

هڪدم آواز آيو ته لاتدع مع الله (الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي هرگز نه پڪار) ايمان جي غيرت پنهنجي جاءِ کان نڪري آئي ۽ الله جي طرف جي ڪشش جو طوق منهنجي گردن ۾ پيو ۽ دل کي مضبوط ڪري ڇڏيم. آواز آيو ته جيڪڏهن تون پنهنجي خوشيءَ سان نه ايندين ته توکي گهلي کڻي وينداسون.

پوءِ پنهنجي وطن ڏانهن نه ويو. جهنگ مان ئي هن آيت جو اتباع ڪندي ته: وَاَذِّنۡ فِي النّاسِ بِالۡحَجّ يَاۡتُوۡکَ رِجَالاً (ماڻهن کي پڪار ته تو وٽ حج لاءِ پيادل اچن) پوءِ پياده ئي حج لاءِ روانو ٿي ويو.

بيت ترجمه

غريب هرڻ ڦندي واري جي پويان ڇو نه وڃي، جو سندس گردن ته طوق ۾ قيد آهي.

وَالسَّلامُ عَليٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدٰي (سلامتي آهي ان تي جنهن هدايت قبول ڪئي) کيس قطبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

سال740هه ۾ فوت ٿيو. سندس قبر فيروزآباد شهر کان ٻاهر آهي.

 

شيخ جمال الدين باڪلنجار

هيءُ پنهنجي وقت جي بزرگ ترين مشائخ مان هو. سال 750هه ۾ وفات ڪري ويو.

سندس قول آهي ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته وَاعۡبُدۡ رَبَّکَ حَتّٰي يَاۡتِيَکَ الۡيَقِيۡنُ(1)

(پنهنجي ربّ جي عبادت ڪر ايستائين جو تو وٽ يقين يعني موت اچي وڃي) جو مطلب هي آهي ته عين ذات قديم کي ڏسڻ کان سواءِ يقين حاصل نه ٿيندو آهي ۽ ذات قديم جي صورت جي نيت کان سواءِ عمل جو نالو عبادت آهي. اها نيت جيڪا عمل کان بهتر آهي، سا اهائي آهي. عمل جي صورت، بغير نيت ذات قديم جي، عبادت هرگز نه آهي. بلڪ رسم ۽ عادت آهي ۽ فرمايائين ته طالب حق اهو آهي. جنهن جو مطلوب عيان عين قديم کانسواءِ ٻيو ڪوبه هرگز نه هجي ۽ عيان عين قديم کانسواءِ سڀ ان جي اڳيان محال ۽ باطل هجي.

شيخ عبدالله بلياني بيان ٿو ڪري ته جنهن وقت آءٌ اڃا ننڍڙو هئس ۽ شيخ جمال الدين منهنجي والد ضياء الله مسعود جي خدمت ۾ هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو آواز ڏاڍو مِٺو ۽ سريلو هوندو هو.  پنهنجي سڪون قلب خاطر آءٌ اڪثر ذڪر جي وچ ۾ نهايت سريلي آواز سان بيت به چوندو هئس. شيخ جمال الدين منهنجي آواز کي ڏاڍي توجه سان ٻڌندو هو. پوءِ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ان جي خبر نه هئڻ سبب، آءٌ جلد خاموش ٿي ويندو هئس. هڪ ڏينهن مون کي شيخ جمال الدين چوڻ لڳو ته اي شيخ! ائين تون ڇو ٿو ڪرين، جو اسان کي نيم بسمل ڪري ٿو ڇڏين. آئنده ائين هرگز نه ڪج. درويشن جي دل کي خريد ڪر ۽ منهنجي والد به ائين ئي ارشاد فرمايو.

 

امام عبدالله يافعي يمني

سندس پورو نالو ابوالسعادت عفيف الدين عبدالله ابن اسعداليافعي اليمني نزيل الحرمين هو.  پنهنجي وقت جي اڪابر مشائخ مان هو.  علوم ظاهري ۽ باطني ۾ اڪمل هو.

مصنف تاريخ ”مراة الجنان“ عبرة اليقظان في حوادث الزمان و روض الرياحين في الحڪاية الصالحين ۽ ڪتاب درالنظيم في فضايل قرآن العظيم ۽ ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون سندس تصانيف آهن. تاريخ ”مراة الجنان“سال 750هه جي واقعن تائين لکي اٿس. ان کان پوءِ خبر نه آهي ته حياتيءَ ۾ هو يا نه؟

 

شيخ نصيرالدين محمود

هيءُ شيخ نظام الدين اولياء جي خاص خليفن مان مشهور بزرگ هستي هو. پنهنجي مرشد نظام الدين اولياء کان پوءِ دهلي جي ولايت جو وارث ٿيو. سندس طريقو فقر ۽ صبر هو. کيس دهليءَ جو چراغ به سڏيو ويندو هو.

سندس وفات سال 757هه ۾ ٿي.

 

خواجه ضيا نخشبي

هيءُ بدايون شهر جي محلي خمول ۾ مشغول رهندو هو. مذڪور آهي ته شيخ نظام الدين اولياء جي زماني ۾ ٽي ”ضياء“ رهندڙ هئا: پهريون ”ضياء سنامي“ جيڪو شيخ اولياء جو منڪر هو. ٻيو ”ضياء برني“ جيڪو شيخ اولياء جو معتقد ۽ مريد هو. ٽيون ”ضياء نخشبي“ جو شيخ الاولياء جو نه منڪر هو نه معتقد هو. هو سلطان التارڪين شيخ حميدالدين ناگوري جي پوٽي شيخ فريد جو مريد هو.

سندس وفات سنه 751هه ۾ ٿي.


(1)  الحديد: 16

(1)  ڪجهه ڪتابن ۾ امير خسرو جي پيءُ جو نالو امير سيف الدين لکيل آهي.

(1)   متن ۾ سن ڄاڻايل ناهي

(1) سورة الحجر آيت:99

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com