سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب

صفحو : 15

 

 

معيار ستون

ستين صدي هجريءَ جو ذڪر

 

شيخ سيف الدين عبدالوهاب قدس سره

هيءُ شيخ محي الدين سيد عبدالقادر جيلانيءَ جن جو پهريون فرزند هو. علوم ظاهري ۽ علوم باطني پنهنجي والد سڳوري کان حاصل ڪيا هئائين ۽ پنهنجي والد سڳوري جن جي وفات کان پوءِ مدرسه ۾ پاڻ وعظ ڪندو هو. طلباء جي تعليم، تربيت ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو.

سندس قول آهي ته شجاعت صبر جي هڪ ساعت آهي.

سندس ولادت شعبان مهيني سنه 512هه ۾ ٿي ۽ وفات 25 شوال602هه ۾ ٿي سندس قبر بغداد ۾ آهي.

 

شيخ سعدالدين حموي

سندس نالو محمد بن مؤيد بن ابي بڪر بن ابي الحسن بن محمد حمويہ هو. شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي مريدن مان هو. شيخ صدرالدين قونوي سندس خدمت ۾ پهتو. چوي ٿو ته مون انهيءَ کان ٻڌو ته ”ميثاق“ ست آهن، جيڪي ”الست“ ميثاق تي منحصر نه آهن. اهو مون پنهنجي شيخ، شيخ محي الدين کي عرض ڪري ٻڌايو ته فرمايائون ته ڪليات جو بيان ٿو ڪري نه ته جزئيات ان کان به وڌيڪ آهن.

سندس چوڻ آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت منهنجو روح عروج تي هوندو آهي ۽ قالب کان جدا ٿي ويندو آهي ۽ تيرهن ڏينهن ان حالت ۾ رهندو آهي ۽ وري جڏهن قالب (جسم) ۾ اچي ويندو آهي ته اٿي ويهي رهندو آهيان. خبر نه اٿم وري ڪيترا ڏينهن قالب ۾ رهندو آهي. وري چيائين ته تيرهن ڏينهن اها حالت رهندي آهي. سندس وفات سال 605هه ۾ ٿي.

 

شيخ روزبهان بقلي

سندس ڪنيت ابومحمد بن ابونصر بقلي نسوي ثم شيرازي آهي. عشاق جو اڳواڻ هو. شروعات ۾ عراق، حجاز ۽ شام جو سفر ڪيائين ۽ ثغر اسڪندريه ۾ شيخ ابونجيب سُهروردي جي درس حديث صحيح بخاري ۾ شريڪ ٿيو ۽ شيخ سراج الدين محمود بن خليفه بن عبدالسلام بن احمد بن سالبه کان خرقه حاصل ڪيائين.

سندس تصنيفات تمام گهڻيون آهن، مثلاً: شرح شطحيات عربي ۽ فارسي ڪتاب الانوار في ڪشف الاسرار وغيره.

پنجاهه سال شيراز جي جامع عتيق ۾ درس ڏنائين ۽ سماع جو شائق هو. مگر آخر ۾ سماع کان باز آيو.

شيخ ابوبڪر طاهر جيڪو سندس مريدن مان هو، بيان ٿو ڪري ته هر سحر (اسر) ۾ پنهنجي شيخ سان گڏ قرآن شريف پڙهندو هئس. هڪ ڏهاڪو هو قرآن شريف پڙهندو هو ته آءٌ ٻڌندو هئس ۽ هڪ ڏهاڪو آءٌ پڙهندو هئس ته شيخ ٻڌندو هو. جڏهن هو فوت ٿي ويو، تڏهن سندس تربت جي مٿان ويهي قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هئس ۽ شيخ جي قرائت ياد پوندي هئي ته نهايت غمگين ٿي ويندو هئس. ان کان پوءِ ڏهاڪي جي پوري ٿيڻ کان پوءِ قبر مان سندس قرائت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. اهو سلسلو ٻئي ڏهاڪي پوري ٿيڻ تائين رهندو هو. جنهن وقت ماڻهو اچي مڙندا هئا ته آواز منقطع ٿي ويندو هو. مدت تائين اهو سلسلو جاري رهيو. جڏهن مون انهيءَ جو اظهار ڪيو ته اهو سلسلو بند ٿي ويو.

سندس وفات سال 606هه ۾ ٿي.

 

شيخ ابوالحسن ڪردويہ

سٺ سال پورا شيراز شهر ۾ هيءُ گوشه نشيني حالت ۾ رهيو ۽ خضر عليہ السلام جي صحبت کيس حاصل هئي.

سندس وفات جو سبب هيءُ ٿيو ته هڪ شخص وٽس آيو جنهن کانئس پڇيو ته هن جاءِ تي هڪ شخص آهي، جيڪو دعويٰ ٿو ڪري ته منهنجو نفس، حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي نفس مثل آهي، جو هو طبعي مُرده کي زنده ڪندو هو. آءٌ غفلت وارن مُردن کي زنده ڪندو آهيان. اهو ٻڌي شيخ هڪ آه ڀري چيو ته: ياربّ! منهنجي عمر ايڏي ڊگهي ڪئي اٿئي جو هن زماني کي پهچي، ماڻهن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌان ٿو ۽ هاڻي وڌيڪ نٿو چاهيان. پوءِ کيس پيٽ ۾ تڪليف پيدا ٿي ۽ انهيءَ ئي مرض ۾ محرم ماه جي آخر ۾ سال 606هه ۾ وفات ڪري ويو.

ڪجهه وقت اڳ جڏهن شيخ روزبهان بيمار ٿيو ته شيخ ابوالحسن ڪروديه ۽ شيخ علي سراج جيڪي وقت جا بزرگ ۽ عارف بالله هئا ۽ شيخ روزبهان جي اولاد جي ناننگ مان هئا. شيخ روزبهان جي عيادت لاءِ وٽس آيا. شيخ روزبهان انهن ڏانهن منهن ڪري چيو ته هن اونداهي پنڃري منجهان نڪرڻ جي آرزو ڪئي اٿم، سا قبول ٿي وئي آهي. پوءِ چيائين ته آءٌ اوهان کان اڳ روانو ٿي ويندس ۽ اي ابوالحسن تون پندرهن ڏينهن کان پوءِ مون وٽ اچي رسندين ۽ اي علي! تون هڪ مهيني کان پوءِ اسان وٽ ايندين. اهڙي طرح شيخ ابوالحسن محرم جي آخر ۾ ۽ شيخ علي وچ صفر مهيني ۾ سال 606هه ۾ وفات ڪري ويا.

 

شيخ پهته ديولي

سندس ڪنيت ابوالخير ۽ لقب شاهه عالم هو. سندس نالو حسين بن راجبال بن ڪاهه بن لاکو بن سخيره هو. اپلان قوم مان هئا.

اهڙيءَ طرح قاضي محمود علامه عباسي لکيو آهي ته شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني﷥ جا گهرا دوست هي هئا: شيخ فريد شڪر گنج، سيد جلال بخاري سرخ، مخدوم عثمان مروندي عرف شهباز قلندر ۽ ابتدائي دور ۾ سندس گذر هن ٽڪري وٽان ٿيندو هو، جيڪا شيخ پهته جي مدفن هئي. هتي پهچي پنهنجي قلب کي نور سان روشن ڪندا هئا ۽ هن جاءِ تي جبل ۾ هڪ غار به موجود هو. جنهن ۾ شيخ بلڪل تنها گوشه نشيني ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ياد ۽ عبادت ۾ مشغول هوندو هو. مخلوق کانئس ناآشنا هوندي هئي. البته جڏهن هي بزرگ وٽس ويندا هئا ته ظهور ۾ ايندو هو. مجلس کان پوءِ وري پوشيده ٿي ويندو هو.

سندس وفات جو سال 666هه آهي.

سندس مدفن هڪ عجيب جڳهه تي آهي، جتي اولياء ڪرام جا گذرگاهه ۽ اهل الله جي زيارت گاهه آهي. درگاهه جا متولي، پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ولادت واري تاريخ يعني 21 ربيع الاول تي ٽن ڏينهن لاءِ عرس جي ميلي جو اهتمام وڏي شان شوڪت سان ڪندا آهن، جتي سڀ فقراء جمع ٿيندا آهن.

شيخ جي دستار مبارڪ اڃا تائين متولين وٽ موجود آهي، سا تبرڪاً صاحب خانقاه پنهنجي مٿي تي رکي هجوم سان گڏ خانقاه کان نڪري مقرر جڳهه تي ميلي جي صورت ۾ ويندا آهن. انهيءَ جي ڏسڻ سان اهل دل جي ڪيفيت ته عجيب ٿي ويندي آهي، مگر عام مخلوق تماشو تصور ڪندي آهي.

 

ابوالحسن علي بن حميد صعيدي

هيءُ ابن صباغ جي نالي سان معروف هو. سندس والد صباغ (رنگ ساز) هو، جيڪو ڪپڙا رنڱيندو هو. هيءُ صوفي طريقي ۾ هليو ويو ۽ مٿس تصوف جو رنگ چڙهي ويو ۽ ان کان سندس والد ڏاڍو ناراض هوندو هو. هڪ ڏينهن رنگ لاءِ تمام گهڻا ڪپڙا اچي جمع ٿيا. کيس سندس پيءُ رنڱائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ چيو، مگر هن هڪ ڪپڙو به ڪونه رنڱيو. سندس والد ڏاڍي ڪاوڙ ڪئي. پوءِ پيءُ جي ڪاوڙ ڏسي هن ڪپڙن کي ڌار ڌار رنڱڻ جي بجاءِ سڀ ڪپڙا هڪ ئي رنگ ۾ وجهي ڇڏيا. اهو ڏسي سندس پيءُ ڪاوڙ ۾ ڀرجي کيس چوڻ لڳو ته هيءُ وري تو ڪهڙي حرڪت ڪئي، جو ڪپڙا مختلف رنڱن ۾ مطلوب هئا، مگر تو هڪ ئي رنگ ۾ وجهي ضايع ڪري ڇڏيا. اهو ٻڌي هن پنهنجو هٿ رنڱ واري ڏول ۾ وجهي سڀئي ڪپڙا ٻاهر ڪڍيا ته هرهڪ ڪپڙو جدا جدا مطلوب رنگ ۾ رنڱيل هو. سندس پيءُ اها ڪرامت ڏسي حيران ٿي ويو ۽ آئنده ڪڏهن به کيس ڪا تڪليف ڪونه ڏنائين. هيءُ سال 612هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ مجدالدين

سندس نالو مجدالدين شرف بن مؤيد بن ابن الفتح بغدادي هو. سندس ڪنيت ابوسعيد هئي. اصل بغداد جو هو. ان کان اڳ پندرهن سال شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي خدمت ڪيائين. شيخ الشيوخ کيس خوارزم وٺي آيو.

هڪ ڏينهن سُڪر جي حالت ۾ چوڻ لڳو ته اسان بدڪ جو بيضو آهيون، درياء جي ڪناري تي ۽ اسان جو شيخ مرغي (ڪُڪڙُ) آهي. جڏهن تربيت جا پَر (کنڀ) اسان جي مٿي تي نڪري ايندا ته اسان بيضي منجهان ٻاهر نڪري درياء ۾ هليا وينداسون ۽ شيخ ڪناري تي هوندو. سندس شيخ اها گفتگو ڪرامت جي ذريعي ٻڌي ورتي. فرمايائين ته تون درياء ۾ ئي ويندين. پوءِ مجدالدين جڏهن سُڪر کان نڪري هوش ۾ آيو ته اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو پشيمان ٿيو. شيخ سعدالدين حموي کي چيائين ته جڏهن شيخ کي راضي ۽ خوش ڏسين ته مون کي خبر ڪج ته کيس مان عاجزي پيش ڪندس. پوءِ پيرين اگهاڙو باهه سان ڀريل ٿالهه مٿي تي رکي شيخ وٽ حاضر ٿيو ۽ تِريون کوڙي بيهي رهيو. شيخ کيس فرمايو ته درويشي عذر ٿو ڏيکارين. ايمان ۽ دين ته سلامت ساڻ کنيو ٿو وڃين، پر جلدي وڃ درياء داخل ٿيندين ۽ اسان ته تنهنجي سِرَ جي مٿان بيٺل هونداسون ۽ (نه صرف اهو) پر سردارن جا سِرَ ۽ ملڪ خوارزم تنهنجي سِرَ جو (عيوض ٿيندو) ۽ سارو عالم درهم برهم ٿي ويندو.

مذڪور آهي ته انهيءَ ماجرا کان پوءِ تمام جلد خوارزم جي سلطان کي ماڻهن چيو ته تنهنجي ماءُ وعظ ٻڌڻ جي بهاني سان شيخ مجدالدين وٽ ويندي آهي ۽ ابوحنيفه جي مذهب موجب شيخ سان نڪاح به ڪيو اٿائين. سلطان حڪم ڪيو ته شيخ مجدالدين کي درياء دجله ۾ ٻوڙي ختم ڪري اچو. پوءِ ائين ڪيو ويو ۽ شيخ نجم الدين کي جڏهن اها خبر پئي ته متغير ٿي ويو ۽ يڪدم سجدي ۾ هليو ويو. جڏهن سجدي مان سِرُ مٿي کنيائين ته چيائين ته منهنجي فرزند مجدالدين جي خون جي عوض سلطان خوارزم جو سارو ملڪ کانئس کسجڻ وارو آهي. جڏهن سلطان اها ڳالهه ٻڌي ته گهٻرائجي ويو. پوءِ پيرين پنڌ حضرت جي خدمت ۾ پهتو ۽ سون زر جو ٿالهه ڀريل ۽ تلوار ۽ ڪفن ترار مٿي سان ٻڌل اچي پيش ڪيائين. ۽ عرض ڪيائين ته جيڪڏهن ديت قبول ٿا ڪريو ته هيءُ زر، سون حاضر آهي ۽ جيڪڏهن قصاص ٿا چاهيو ته هيءَ ترار ۽ منهنجو سِرَ موجود آهي. شيخ فرمايو ته کان ذالک في الکتاب مسطوراً (يعني اهو ڪتاب ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي). فرمايائين ته ان جو ديت تنهنجو سمورو ملڪ آهي. تنهنجو سِرُ به ويندو ۽ ان خلق جو به ۽ اسان تنهنجي سِرَ مٿان بيٺا هونداسون. پوءِ چنگيز خان خروج ڪيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪيائين جيڪو لکيل ٻڌايو ويو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن شيخ مجدالدين جي محفل ۾ قوال هي بيت ڳايو:

بيت

ازل کان عشق جو جامه بهترين اڻيل آهي، جيڪڏهن ان جي ڪناري تي هڪ سبز رنگ جي لڪير به هجي ها.

سبز رنگ جي لڪير چوڻ وقت ان پنهنجي هٿ کي نِڙيءَ تي ترار وانگر گهمايو ۽ ساڳي وقت پنهنجي شهادت جو اشارو ڪندي هيءَ رباعي چيائين:

ترجمو: بحر محيط ۾ ٽٻي هڻڻ گهران ٿو يا ٻڏي ويندس يا موتي آڻيندس ڪم اهو تنهنجو خطري کان خالي ڪونه آهي. يا تنهنجو چهرو سرخ ڪندس يا وري گردن ڪٽائيندس.

سندس شهادت سال 616هه يا 617هه ۾ ٿي.

ڪتاب ”تحفة البرره“ ۾ مذڪور آهي ته سندس خرقه جي نسبت پاڻ سڳورن ﷺ جن سان متصل آهي. صحيح حديث ۾ فرمايو ويو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ خرقه، علي عليہ السلام جن کي پهرائي، انهن وري حسن بصري کي، انهيءَ وري ڪميل بن زياد کي پهرائي. ڪميل وري عبدالواحد بن زيد کي ۽ ان وري ابويعقوب نهرجوري کي، انهيءَ عمرو بن عثمان مڪي کي ۽ انهيءَ وري ابويعقوب طبري کي ۽ انهيءَ وري ابوالقاسم رمضان کي ۽ انهيءَ وري ابوالعباس بن ادريس کي ۽ انهيءَ وري دائود خادم کي ۽ انهيءَ وري محمد بن مانڪيل کي ۽ انهيءَ وري شيخ اسماعيل قصري کي ۽ انهيءَ وري شيخ نجم الدين ڪبريٰ کي ۽ انهيءَ وري هن فقير مجدالدين بغداديءَ کي پهرائي.

 

شيخ نجم الدين ڪبريٰ

سندس اصل نالو احمد بن عمر بن محمد بن عبدالله، خوارزمي خيوقي هو. سندس مشهور نالو نجم الدين ڪبريٰ فردوسي هو. سندس ڪنيت ابوالجناب هئي.

احمد بن عمر خيوقي ڪبريٰ ايام تحصيل علم جي وقت ۾ جنهن سان به مناظرو ڪندو هو ته اڳلي تي غالب اچي ويندو هو. انهيءَ ڪري ماڻهو چوڻ لڳا ته سڀ تي غالب ٿيڻ جو سبب سندس نظر جو تاثير آهي، جو جنهن تي به اها نظر وجهندو هو ته هو ولي ٿي ويندو هو.

هڪ ڏينهن اصحاب ڪهف جو قصو ڇڙيو ته شيخ سعدالدين حموي جي دل ۾ اها ڳالهه آئي ته ڇا اڄوڪي اُمت ۾ اهڙو شخص به آهي، جنهن جي صحبت ڪتي تي به اثر ڪري؟ شيخ پنهنجي نورفراست ذريعي محسوس ڪيو ۽ اُٿيو ۽ خانقاه جي در تي اچي بيٺو. اوچتو ڪُتو اچي پهتو. پڇ کي لوڏيندو شيخ جي آڏو آيو ۽ پوءِ شيخ مٿس نظر ڪئي ته اتي ئي بيخوديءَ ۾ اچي ويو ۽ شهر کان پنهنجي رخ کي ڦيري قبرستان جو رستو اختيار ڪيائين ۽ پنهنجو مٿو زمين سان رڳڙيندو رهيو ۽ جتي به اچي يا وڃي پيو ته پنجاهه يا سٺ ڪُتا سندس چوڌاري حلقو ٻڌي بيٺا رهيا ۽ پنهنجن چنبن سان آداب بجا آڻيندا رهيا ۽ ڀؤنڪ هرگز سندس آڏو ڪونه پئي ڪيائون ۽ نه وري ڪجهه کائي رهيا هئا. آخر اهو ڪُتو مري ويو. شيخ فرمايو ته کيس دفن ڪري ڇڏيو ۽ سندس قبر تي عمارت جوڙي ڇڏيو.

علوم ظاهري جي حصول جي دوران حديث جي علم لاءِ اسڪندريه وڃڻ جي اجازت طلب ڪيائين ته انهيءَ رات خواب ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي زيارت ڪيائين. پاڻ سڳورن ﷺ کيس ابوالجنّاب جي ڪنيت سان خطاب ڪيو. ان جي معنيٰ اها آهي ته دنيا کان اجتناب ڪرڻ وارو. پوءِ پنهنجي مرشد جي ڳولها ۾ نڪتو ۽ اول شيخ اسماعيل قصري جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هن سندس ڪجهه تربيت ڪري، جڏهن سندس دانشمندي جي رڳ ڦڙڪندي ڏٺائين ته کيس عمار ڏانهن موڪليائين ان وري کيس شيخ روز بهان بقلي ڏانهن موڪلي ڏنو. هن سندس ڪامل تربيت ڪئي. پوءِ موٽي عمار وٽ آيو. هن به سندس فيض ۾ اضافو ڪيو ۽ طريقئه خاص جي کيس تربيت ڪيائين. ان طريقه کي طريقه ڪبرويہ يا طريقہ فردوسيه چيو پيو وڃي.

 

حيدر

حرمين شريفين جو حاجي هو. سندس نسب امام زاده عبدالله بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جن سان ملي ٿو. اهڙي طرح پاڻ جو لکيو اٿائين ته سندس سلوڪ جي نسبت ۾ لفظ ”سيد“ کي مخفي رکيو ويو آهي ۽ سندس نسبت چند واسطن سان سيد ابراهيم خوارزمي تائين پهچي ٿي ۽ اهي سڀ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جي مريدن مان آهن.

مشهور آهي ته جڏهن سيّد حيدر، حضرت اميرالمؤمنين عليہ السلام جن جي روضي جي زيارت لاءِ اتي پهتو ته روضي جي ڀرسان هڪ پٿر لڳل هو، جنهن کي ٽيڪ ڏئي بيٺو رهيو ۽ پورو هفتو اتي رات ڏينهن بيٺو رهيو، ڪابه چرپر ڪونه ڪيائين. نه کاڌائين ۽ نه پيتائين. اٺين رات هڪ هولناڪ آواز اٿيو گويا قيامت جي صور ڦوڪڻ وارو آواز آهي. ان آواز ۾ چيو ويو ته منهنجي فرزند حيدر جي سارسنڀال لهو، جو شرف زيارت جي جستجو لاءِ نڪتو آهي. کيس منهنجي مقبري (روضي) تائين پهچايو.

منجملہ اهڙي طرح جو قول اسماعيله فرقي جو به آهي ۽ اهڙي طرح اثناعشري فرقي وارا به ان قسم جي ارادت رکڻ واري کي مؤمن سڏين ٿا ۽ تبريز وارن جي اڪثريت ان جي ارادتمند ۽ پڻ ساڻس وابسته آهي. سندس قبر تبريز ۾ آهي.

 

شيخ قطب الدين حيدر توني

هيءُ وقت جو قطب هو. حيدري فرقي وارا پاڻ کي ان ڏانهن منسوب ڪندا آهن. کيس ابدالن جو بادشاهه سڏيندا آهن. هن چنگيز خان جي اچڻ جي خبر ٻڌائي. پوءِ پاڻ 618هه ۾ غائب ٿي ويو.

 

شيخ تاج الدين عبدالرزاق

سندس ڪنيت ابوبڪر هئي. حضرت شيخ سيّد عبدالقادر جيلاني جن جو پنجون نمبر فرزند هو. هيءُ ڪامل ولي الله هو. علوم ظاهري ۽ علوم باطني پنهنجي والد سڳوري کان حاصل ڪيا هئائين. کيس نرينه اولاد تمام گهڻي هئي.

پنهنجي والد سڳوري جو خليفو ۽ سجاده نشين هو. متاخرين جي نسبت اڪثر ساڻس لڳي ٿي. اسان جي موجوده زماني تائين ائين آهي. ”سجاده“سندس هڪ فرزند جو نالو آهي. سندس ولادت سال 528هه ۾ ٿي ۽ وفات سال 632هه ۾ بغداد ۾ ٿي.

 

شيخ فريدالدين عطار قدس سره

هيءُ شيخ مجدالدين بغداديءَ جو مريد هو. ڪتاب تذڪره اوليآء جي ديباچي ۾ سندس نسبت بابت ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن هو امام شيخ مجدالدين بغداديءَ جي خدمت ۾ آيو ته ڏٺائين ته هو روئي رهيو آهي. پڇيائينس ته خير ته آهي، ڇاڪاڻ ٿو روئين؟

چيائين ته ان ڪري جو هن اُمت جا اڳواڻ اڳوڻي اُمت جي انبيآء ڪرام عليهم السلام جي مثل هوندا، جيئن فرمايو ويو آهي ته علماءُ اُمتي کانبيآء بني اسرآئيل.(منهنجي امت جا علماءَ بني اسرائيل جي نبين وانگر آهن) پوءِ چيائين ته انهيءَ ڪري روئان پيو ته جيڪا ذميداري اسان جي مٿان الله تعاليٰ رکي آهي، ان مطابق اسان جو عمل ڪونه آهي. اسان هن قوم کان ڦريل آهيون يا قوم دنيا جي ڏيک ۾ مشغول آهي. ٻئي قسم جي اسان ۾ طاقت ڪونه آهي. روئان ٿو ته الله تعاليٰ اسان جي توبہ قبول فرمائي. بعض جو چوڻ آهي ته کيس اويسي فيض رسيل هو.

مولانا جلال الدين رومي فرمايو آهي ته منصور جي نور ڏيڍ سو سالن کان پوءِ فريدالدين عطاّر جي روح تي تجلي ڪئي ۽ سندس مرّبي ٿي ويو. مذڪور آهي ته سندس توبهه ڪرڻ جو سبب هيءُ ٿيو ته شروع ۾ هي عطر جي دڪان جو مالڪ هو، هڪ ڏينهن پنهنجي ڪاروبار ۾ مشغول هو ته هڪ فقير درويش وٽس الله جي نالي تي ڪجهه شيءِ ڏيڻ جي ٻه چار دفعا صدا لڳائي، پر هُن ڪوبه توجهه درويش ڏانهن ڪونه ڪيو، ڪجهه اثر نه ڏسي. درويش کيس چيو ته اي سيٺ! تون ڌنڌي ۾ ايڏو مشغول هئڻ سبب ساهه ڪيئن ڏيندين؟ عطار جواب ۾ کيس چيو ته جيئن تون ساهه ڏيندين. درويش وراڻيو ته ڀلا مون وانگر ڪيئن ڏئي سگهندين؟ ائين چئي پنهنجي ڪشڪول کي مٿن کان رکي، چيائين ته الله! پوءِ فوت ٿي ويو. اهو ڏسي عطار جي دل تي ايڏو اثر ٿيو جو سڀڪجهه خيرات ڪري فقيري اختيار ڪيائين.

مذڪور آهي ته مولانا جلال الدين رومي بلخ وڃڻ وقت عطار وٽ نيشاپور ويو هو. ان وقت عطار تمام پوڙهو ٿي چڪو هو. جلال الدين ساڻس مجلس ڪئي هئي. جنهن جو ذڪر هن پنهنجي رساله ”اسرارنامہ“ ۾ ڪيو آهي. جهڙي طرح چوي ٿو ته:

بيت

گرد عطاّر گشت مولانا
شربت از دست شمس بودش نوش

 

مولانا ڦرندو هو عطار جي چوڌاري شمس جي هٿ شربت هو ان جو ۽ وري ٻئي هنڌ چيو اٿائين:

عطار روح بود و سنائي دوچشم او

ما ازپئ سنائي و عطار آمديم

(عطار ان جو روح هو. سنائي ان جون ٻه اکيون آهن. اسان سنائي ۽ عطار جي پٺيان آياسون) سندس شهادت جو سال 627هه آهي. سندس قبر نيشاپور ۾ آهي.

 

شيخ بهاؤالدين ولد قدس سره

هن بابت بعض جو چوڻ آهي ته هيءُ شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پڻ انهيءَ جوئي خليفو هو. سندس نالو محمد بن حسين بن احمد خطيب بڪري هو. حضرت ابوبڪر﷦ جن جي اولاد مان هو. سندس والده، خراسان جي بادشاه علاؤالدين محمد خوارزم جي نياڻي هئي ۽ نبي ڪريم سيدالمرسلين ﷺ جن جي اشاري موجب پنهنجي نياڻي حسين خطيبي جي زوجيت ۾ ڏنائين. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي حضور مان کيس ”سلطان العلماء“ جي لقب جو شرف حاصل ٿيو. جڏهن شيخ ڏانهن الله جي مخلوق جو رجحان ٿيو ۽ ماڻهن جا ميڙ وٽس گڏ ٿيڻ لڳا ته وقت جي ڪجهه علماء مثلاً امام فخرالدين رازي وغيره کي حسد ٿيو. سندس خلاف سلطان وقت جا ڪن ڀرڻ لڳا ته کانئس خطرو آهي. سلطان معذرت سان کيس بلخ کان نڪري وڃڻ لاءِ حڪم ڪيو. مولانا رومي ننڍي ڄمار جو هو. هيءُ سڀئي بغداد جي رستي مڪي پاڪ ڏانهن روانا ٿيا. بغداد ۾ جڏهن سڀئي پهتا ته کانئن هرڪو پڇڻ لڳو ته هيءُ ڪهڙي جماعت آهي ۽ ڪٿان آئي آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻ گهري ٿي. شيخ فرمايو ته من الله والي الله ولاحول ولا قوة اِلاَّ باللهِ ۽ جڏهن شيخ شهاب الدين سُهروردي اهو ٻڌو ته فرمايائين ته: ما هذا اِلاَّ بهاؤالدين البلخي پوءِ ڊوڙي وڃي سندس شاندار استقبال ڪيائين ۽ پنهنجي سواري کان هيٺ لهي اچي احترام سان سندس گوڏن کي چميون ڏنائين. پوءِ پنهنجي خانقاهه تي نزول فرمائڻ جي استدعا ڪيائين. مگر شيخ فرمايو ته هن ٻانهي لاءِ مدرسو ئي وڌيڪ مناسب آهي پوءِ جامعہ مدرسہ مستنصريه ۾ نزول ڪيائين.

شمس الدين افلاڪي پنهنجي ڪتاب مناقب العارفين ۾ ذڪر ٿو ڪري ته علماء بغداد شيخ کي عرض ڪيو ته مجلس کي وعظ ڪن. وعظ ڪرڻ سان خلق ايتري قدر ته جمع ٿي، جو مسجد ۾ ويهڻ جي ڪابه گنجائش ڪونه رهي. منبر کي به مصلي تي رکيو ويو. شيخ شهاب الدين سُهروردي ۽ ٻيا به ڪيترائي بزرگان دين وعظ جي مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ وعظ جي آخر ۾ قبرستان ڏانهن اشارو ڪندا هئا ۽ چند ميت پنهنجين قبرن مان زنده ٻاهر نڪري پنهنجي زبان سان ڪلمه طيبه پڙهي وري واپس زمين ۾ هليا ويندا هئا.

ڪجهه وقت بغداد ۾ رهڻ کان پوءِ مڪہ معظمہ ڏانهن روانا ٿيا. حرم ۾ ڪجهه وقت قيام ڪري، پوءِ روم ڏانهن روانا ٿيا. روم جي شهر زنجان ۾ چارسال ۽ شهر لارنده ۾ ست سال قيام ڪيائون. مولانا روم کي ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنه 623هه ۾ سلطان ولد نالي پُٽُ پيدا ٿيو ۽ جڏهن اهو وڏو ٿيو ته اڻ ڄاڻائيءَ سبب ماڻهو پيءُ ۽ پُٽُ ٻنهي کي ڀائر سمجهندا هئا. ان کان پوءِ کين سلطان لارنده کان قونيه اچڻ جي استدعا ڪئي. مولانا بهاؤالدين اتي ئي پنهنجي ربّ ڏانهن لاڏاڻو ڪري ويو. وفات جو سال 628هه آهي.

 

شيخ ابن الفارض

سندس ڪنيت ابوحفص هئي، نالو عمر هو. بني سعد قبيلي منجهان هو. جيڪو پاڻ سڳورن ﷺ جن جي دائي بيبي حليمه جو قبيلو هو. اصل حموي هو. مصر ۾ ڄائو هو. سندس والد حسن بن علي بن رشيد حموي اندلس (مغرب) جو هو. جڏهن علم فرائض ۾ ڪمال حاصل ڪيائين، تڏهن ابن الفارض جي نالي سان مشهور ٿيو. هيءُ اڪابرين علماء منجهان هو. مصر ۾ پالنا حاصل ڪيائين.

سندس فرزند ڪمال الدين محمد ڳالهه ٿو ڪري ته مون کي والد ٻڌايو ته مون اول پنهنجي پيءُ کان تجريد ۽ سياحت جي اجازت حاصل ڪئي. پوءِ مصر جي وادين ۽ جبلن جو سير ڪندو رهيس. ڪجهه وقت کان پوءِ موٽي پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ رهيس. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سياحت ۾ ئي وقت گذاريندو رهيس. ليڪن ڪجهه به فائدو ڪونه رسيو. هڪ دفعي مصر جي هڪ مدرسي ۾ آيس ۽ ڏٺم ته مدرسي ۾ پير بقال بي ترتيبو وضو ڪري رهيو آهي. عجب ۾ پئجي ويس. ايتري ۾ پيربقال آواز ڪيو ته اي عمر! مصر ۾ ته تو ڪجهه به حاصل نه ڪيو، هاڻي ڇو نه ٿو وڃين! مون چيو ته مڪو پاڪ تمام پري آهي، نه موسم آهي نه وري سفر جو توشو ۽ نه وري سفر جو ڪو ساٿي آهي. چيائين مڪو ته اجهو سامهون آهي. پوءِ نظر ڪيم ته مڪو نظر آيو ۽ وري ٻيهر نظر ڪيم ته پاڻ کي مڪي ۾ موجود ڏٺم، پوءِ ته فتح جا دروازا سڀ مون تي کُلي ويا ۽ خوب سير ڪيم. مڪي جي پهاڙن ۽ وادين سڀني جو سير ڪيم.

حرم کان ٻاهر ڪجهه مفاصلي تي قيام ڪندو هئس، ليڪن پنج وقت نماز حرم شريف ۾ جماعت سان پڙهندو هئس. پورا پندرهن سال انهيءَ حالت ۾ گذري ويا. اوچتو پير بقال جو آواز ڪن تي پيو فرمايائين ته: ياعمر! تعال اليٰ قاهره احضر وفاتي يعني: اي عمر! قاهره هليو اچ جو منهنجي وفات جو وقت اچي ويو آهي. پوءِ تمام جلد روانو ٿي مصر پهتس ۽ ڏٺم ته هو وفات جي گهڙين ۾ آهي. سلام ڪيم، جواب ڏنائين ۽ چند دينار مون کي ڏنائين ته هن رقم سان منهنجي تجهيز ۽ تڪفين ڪج ۽ ڪجهه منهنجي جنازي جي تابوت کڻڻ وارن کي ڏج ۽ فلاڻي ڳوٺ ۾ منهنجو مڙهه کڻي وڃجو، جو اتي منهنجي شيخ جي قبر آهي ۽ منهنجو تابوت جنازو ان جاءِ تي رکي جنازي نماز پڙهجو، مگر جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ اتي هڪ شخص ايندو. ان سان گڏ نماز پڙهجو، بس پوءِ الله کي پيارو ٿي ويو ۽ مون سندس وصيت موجب عمل ڪيو. ان جاءِ تي جبل مان ڪو ماڻهو آيو جيڪو پکي شتاب مثل هو. ڏٺم ته سندس پير زمين تي پهتو. ان شخص کي سڃاتم ته هيءُ ته اهو شخص آهي، جيڪو بازار ۾ پيرين اگهاڙو گهمندو رهندو آهي ۽ ماڻهو ساڻس مسخريون ڪندا هئا ۽ کيس مڪون ۽ ٿڦون به هڻندا هئا. مون کي چيائين ته اي عمر! تون اڳ ۾ ٿيءُ ۽ جنازي جي نماز پڙهاءِ! ۽ نظر ڪيم ته آسمان مان سبز ۽ سفيد پکي لهي اسان سان گڏ نماز ۾ شريڪ ٿيا آهن. نماز کان پوءِ هڪ عجيب قسم جو پکي انهن مان هيٺ لهي آيو ۽ جنازي کي ڪلهو ڏئي کڻي هليو ۽ ٻيا پکي ان سان گڏ تسبيح پڙهندا روانا ٿي نظر کان غائب ٿي ويا. پوءِ ان شخص مون کي چيو ته: يا عمر! اما سمعت ان ارواح الشهداء في جوف طير خضر تسرح من الجنة حيث شائت هم شهداء السيوف واما شهداء المحبة فکلهم ارواحهم واجسامهم في جوف الطير خضر وهذا الرجل منهم ياعمر!

ترجمو: اي عمر! تو ٻڌو آهي ته بيشڪ شهيدن جا روح سائي پکيءَ جي قالب ۾ جنت ۾ جتي به کين وڻي کائن ۽ پيئن ٿا ۽ اهي ترار سان شهيد ٿيل آهن. محبت جا شهيد به، سندن ڪل ارواح ۽ جسم انهن جا سبز پکين جي قالب ۾ آهن ۽ اهو شخص انهن مان آهي.

اي عمر! مان به انهن مان آهيان. مگر منهنجي ذلت وجود ۾ آئي آهي، پوءِ مون کي انهن مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ته هينئر بازار ۾ مون کي مڪون ماريون ٿيون وڃن ۽ ان سان ذلت جي تاديب ڪئي پيئي وڃي.

ابن فارض جي وفات جو سال 632 هه آهي ۽ انهيءَ حساب سان سندس عمر نوي سال شمار ڪئي پئي وڃي.

 

شيخ شهاب الدين الدين سهروردي قدس سره

ابوحفص عمر بن محمد البڪري سندس نالو هو. هيءُ بزرگ سيدنا ابوبڪر صديق ﷦ جن جي اولاد مان هو. سندس طريقت جي نسبت پنهنجي چاچي شيخ ابونجيب ﷦ سهروردي سان پيوسته هئي، ليڪن شيخ عبدالقادر جيلاني جن جي صحبت ۾ به ڪافي مدت رهيو. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي مشائخ جي به صحبت حاصل ڪئي هئائين. چيو وڃي ٿو ته جزيره عبادان ۾ به بعض ابدال جي صحبت ۾ ڪافي مدت رهيو ۽ خضر عليہ السلام سان مجلسون ڪيون هئائين. شيخ عبدالقادر جيلاني جن سندس شان ۾ فرمايو آهي ته:

انت آخر المشهورين بالعراق (تون عراق جو آخري مشهور شيخ آهين). شيخ شهاب الدين ڪافي تصنيفات ڪيون آهن جن ۾ اهم تصنيف ”عوارف المعارف“ آهي، جيڪا هُن مڪہ مڪرمہ ۾ تصنيف ڪئي هئي. جنهن لاءِ فرمائي ٿو ته جڏهن به مون کي ان ۾ ڪا مشڪل درپيش ايندي هئي ته الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي نفل پڙهي خانه ڪعبة جو طواف ڪندو هئس ته مشڪل حل ٿي ويندي هئي.

هيءُ بزرگ پنهنجي وقت ۾ بغداد جو شيخ الشيوخ هو. اهل طريقت حضرات تمام ڏورانهين علائقي کان سفر ڪري سندس خدمت ۾ ايندا هئا ۽ فيض حاصل ڪري ۽ فتوائون به وٺي واپس هليا ويندا هئا.

کتب اليہ بعضهم ياسيّدي! ان ترکتُ العمل اخلدت الي البطالة و ان عملت دخلني العجب فکتب في جوابہ اعمل و استغفرالله من العجب. ترجمو: ڪنهن شخص ڏانهس لکيو ته اي سائين! جيڪڏهن آءٌ عمل کي ترڪ ٿو ڪريان ته سُستيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃان ٿو ۽ جيڪڏهن عمل کي جاري رکان ٿو ته مون ۾ عُجب (وڏائي ۽ فخر) پيدا ٿو ٿئي. جواب ۾ کيس لکيائين ته عمل کي جاري رک ۽ عجب کان الله تعاليٰ جي اڳيان توبهه ڪندو رهه.

رساله ”اقباليه“ ۾ مذڪور آهي ته ڪنهن شخص شيخ سعدالدين حموي کان شيخ محي الدين جن جي درجي بابت پڇيو ته فرمايائين ته ”بحر مواج لا نهاية لہ (سمنڊ جون موجون جن جي ڪا انتها نه آهي) وري شيخ شهاب الدين سُهروردي جي درجي بابت کانئس پڇيائين ته فرمايائين: ”نور متابعة النبّي في جبين السُهروردي شيءُ آخر (سُهرورديءَ جي پيشانيءَ ۾ نبي ڪريم ﷺ جي متابعت جي نور جي (عراق ۾) آخري چمڪ آهي.)

سندس ولادت سال 539هه ۾ ٿي ۽ وفات سال 632هه ۾.

 

شيخ علي سجزي

هيءُ خواجه معين الدين سجزيءَ جو مقرب ۽ فيض يافته هو. سنه 633هه ۾ فوت ٿي ويو.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن سندس خانقاهه ۾ احمد جام قوال هيءُ بيت پڙهيو. ترجمو: تسليم ۽ رضا جي خنجر سان ڪُٺلن کي هر زماني ۾ غيب کان زندگي ملندي آهي.

اهو بيت ٻڌي چار ڏينهن حيرت جي عالم ۾ هو. پنجين رات گذاري ويو. حسن دهلوي پنهنجي نظم ۾ انهي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو آهي:

ترجمو: انهيءَ بزرگ بيت جي هڪ سٽ تي پنهنجي جان ڏني. ليڪن انهيءَ کاڻ ۾ هڪ ٻيو گوهر به آهي. تسليم جي خنجر سان ڪُٺلن کي هر زماني ۾ غيب کان ٻي زندگي به ملندي آهي.

 

خواجه معين الحق و الدين حسن سجزي

هيءُ طريقت جو شيخ الشيوخ هو. سندس هڪ خط ۾ لکيل عبارت لڌي وئي آهي، جنهن ۾ چوي ٿو ته بغداد جي مسجد جنيد ۾ خواجه عثمان هاروني جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. جنهن چيو ته ٻه رڪعت نفل نماز پڙهه. پڙهيم، پوءِ فرمايائين ته هاڻي قبلي ڏانهن رُخ ڪري ويهه، پوءِ ويٺس. پوءِ فرمايائين ته سورة البقره هڪ دفعو ۽ ڪلمہ سبحان الله ويهه دفعا پڙهه. پوءِ اهو پڙهيم. پوءِ چيائين ته هيڏانهن اچ ته تنهنجو تعلق الله سان ڳنڍي ڇڏيان. پوءِ قئنچي کڻي ان سان چار ترڪي ٽوپيون ڪٽيائين ۽ هڪ خاص ڪمبل عطا ڪيائين ۽ پوءِ چيائين ته هاڻي ويهي هڪ هزار دفعا قل هو الله پڙهه، اهو پڙهيم پوءِ چيائين ته اسان جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات مجاهده به هوندو آهي پوءِ وڃ! هڪ ڏينهن رات ان کي پورو ڪر. پورو ڪري ٻئي ڏينهن سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. پوءِ چيائين ته مٿي نظر ڪر. آسمان ڏانهن نهاريم ته فرمايائين ڇا توکي ڪجهه نظر اچي ٿو، عرض ڪيم ته هزارين جهانَ نظر ٿا اچن. پوءِ فرمايائين ته بس! هاڻي تنهنجو مقصد پورو ٿيو.

مولانا جمال الدين ڪتاب سيرالعارفين ۾ لکي ٿو ته هو ٻارهن سال، خواجه عثمان هاروني جي خدمت ۾ رهيو. شيخ عبدالحق محدث دهلوي ڪتاب اخبار الاخيار ۾ لکي ٿو ته پورا ويهه سال سندس خدمت ۾ رهيو ۽ هو سفر ۽ حضر ۾ خواجه جي جامہ جي سنڀال ڪندو هو. آخر خلافت جو شرف حاصل ڪيائين.

حضرت معين الدين، راجا پرٿوي راج جي زماني ۾ اجمير ۾ اقامت پذير ٿيو ۽ ڪيترائي خادم خواجه جن جي خدمت ۾ رهڻ لڳا. هڪ دفعي راجه پرٿوي راج خواجه معين الدين جي خادم کي ڏاڍو ايذاءُ رسايو. جڏهن خواجه کي خبر پئي ته فرمايائين ته راجه کي زندهه گرفتار ڪري کيس ڦاسي ڏني ويندي. پوءِ تمام جلد سلطان معزالدين غزني کان اچي چڙهائي ڪئي. پرٿوي راج ساڻس جنگ ڪئي، جنگ ۾ شڪست کائي زندهه گرفتار ٿيو. ان واقعي کان پوءِ، انهيءَ علائقي ۾ اسلام جو واڌارو ٿيو ۽ خواجه جي فيض جو آفتاب اُڀريو. هر طرف ڌوم مچي وئي ۽ ستين رجب سنه 633هه ۾ وفات ڪري ويو. وفات کان پوءِ سندس پيشانيءَ تي لکيل هو ته: حبيب الله مات في حب الله (اللہ جو پيارو هو. الله جي پيار ۾ ئي مري ويو.) سندس مدفن اجمير ۾ آهي. شروع ۾ سندس قبر سِرُن جي هئي ۽ بعد ۾ پٿرن جي. هڪ صندوق ٺاهي قبر جي مٿان رکي وئي، ته قبر بلند ٿي وئي .

اول قبر جي مٿان جنهن مقبرو ٺهرايو هو، سو خواجه حسين ناگوري هو. ان کان پوءِ خانقاه جا دروازا وغيره هندوستان جي مختلف بادشاهن ٺهرايا.

خواجه قطب الدين بختيار اوشي پنهنجي ڪتاب دليل العارفين ۾ خواجه معين الدين چشتي جا ملفوظات لکيا آهن:

ارشاد فرمايائين ته عاشق جي دل محبت جي باهه جي آڙاهه سان ڀريل آهي، جو ڪجهه ان ۾ ايندو سڙي خاڪ ٿي ويندو.

چيائين ته خواجه عثمان هارونيءَ کان ٻڌو هئم، جنهن شخص ۾ ٽي خصلتون هونديون. ان کي الله تعاليٰ سبحانه دوست رکندو آهي. (1) سخاوت دريا مثل، (2) شفقت سج مثل، (3) نوڙت ۽ عاجزي زمين وانگر.

چيائين ته: نيڪي کان افضل نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ آهي. بدي ڪرڻ کان بدتر گناهه، بدترين ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ آهي.

چيائين ته: ڪنهن مسلمان جي بي حرمتي ڪرڻ کان وڌيڪ بدترين گناهه ٻيو ڪونه آهي.

چيائين ته: الله تبارڪ و تعاليٰ جي سڃاڻپ جي علامت اها آهي ته هو مخلوق کان پاسو ڪري ۽ معرفت ۾ خاموش رهي.

چيائين ته: عارف جي عبادت پاس انفاس (ذڪر) آهي.

چيائين ته: جنهن شخص سخاوت جي صفت حاصل ڪئي گويا هر نعمت حاصل ڪيائين.

چيائين ته: عارف جي نشاني هيءَ آهي جو هو موت کي دوست رکندو آهي ۽ راحت کي ترڪ ڪندو آهي ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر سان انس رکندو آهي.

 

شيخ نورالدين عبدالرحمٰن اسفرايني ڪسرقي

هيءُ شيخ احمد جوزفانيءَ جي مريدن مان هو. هي طالبان حق جي سلوڪ ۽ مريدن جي تربيت ۽ انهن جي حالات جي ڪشف ۾ وڏو شان رکندڙ هو.

شيخ رڪن الدين علاؤالدوله بيان ٿو ڪري ته منهنجي پيءُ مون کان پڇيو ته هن زماني ۾ اوليآء ڪرام ڪٿي ٿا رهن؟ مون کيس ٻڌايو ته يمن ۾ ابن عجيل ۽ شستر ۾ شمس الدين ساؤچي، ابهر ۾ خواجه جامي ۽ چند مشائخ ٻيا به کيس ڳڻي ٻڌايم. پوءِ چيائين ته انهن جي هوندي خلق کي ارادو ڪري شيخ نورالدين ڏانهن ڇو ٿو آڻين؟ مون جواب ۾ کيس چيو ته منهنجو اهو مقصد نه آهي ته آءٌ انهن کي شهرت لاءِ وٺي ٿو وڃان، هرگز نه! بلڪ اهو ٿو چاهيان ته خلق کي صحيح رستو ٻڌايان، ڇو ته هن وقت ۾ انهيءَ کان سواءِ ٻيو اهڙو ڪوبه رهنما ڪونه آهي، جو خلق جي مزاج مطابق سندن رهنمائي ڪري ۽ منهنجو اهو ڪم آهي ته بزرگ تر مشائخ جي نشاندهي ڪري، انهن جي خدمت ۾ کين پهچايان ۽ اهو عقل واري ماڻهو جو ڪم نه آهي، جو سون جي خريدار کي لوهه جي دڪان تي وٺي وڃي. چيو وڃي ٿو ته آخري زماني ۾ عبدالرحمٰن جي سلسله طريقت جو نشان به ڪونه رهندو يا ڪونه رهيو.

هيءُ بغداد ۾ سال 639هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

شيخ موسيٰ سدراني

هيءُ شيخ ابومدين مغربيءَ جي اڪابر مريدن مان هو.

شيخ سعدالدين فرغاني قصيده تائيه ۾ ذڪر آندو آهي ته شيخ معتبر طلحه بن عبدالله بن طلحه تستري عراقي کان سنه 665هه ۾ ٻڌم جنهن روايت ڪئي ته مون کي شيخ عمادالدين محمد بن شيخ شهاب الدين سُهروردي چيو ته هڪ دفعي حج جي موقعي تي آءٌ پنهنجي والد سان گڏ هئس ۽ آءٌ خانہ ڪعبہ جو طواف ڪري رهيو هئس ته ڏٺم ته هڪ مغربي شخص به طواف ڪري رهيو آهي ۽ خلق جو توجہ ان شخص ڏانهن آهي ۽ منهنجو تعارف به ان کي ڪرايو ويو ته ”هيءُ شيخ شهاب الدين سُهروردي جو فرزند آهي،“ پوءِ مون ڏانهن توجه ڪري مون کي مرحبا ڪيائين ۽ منهنجي مٿي کي چمي ڏئي دعا ڪيائين. مون پڇا ڪئي ته هي ڪير آهي، ٻڌايائون ته هن کي شيخ موسيٰ ٿا سڏين. پوءِ اُتي پنهنجي پيءُ وٽ ويس ۽ کيس خبر ڪيم والد صاحب ڏاڍو خوش ٿيا. پوءِ اتي حاضرين مان بعض صاحبان سندس مناقب شروع ڪيا.

انهن چيو ته هو هڪ رات، ڏينهن ۾ ستر هزار قرآن شريف ختم ڪڍندو آهي. اهو ٻڌي منهنجو والد صاحب خاموش رهيو. انهن مان هڪ شخص جيڪو منهنجي والد صاحب جي خاص مريدن مان هو. قسم کڻي ڳالهه ڪئي ته هڪ رات مون شيخ موسيٰ کي طواف ڪندي ڏٺو. سندس پٺيان آءٌ به طواف ڪري رهيو هئس. ڏٺم ته حجراسود کي چمي ڏئي طواف شروع ڪيائين ۽ آغاز تلاوت سورة فاتحہ کان ڪيائين. آءٌ به گڏ هئس. سندس تلاوت کي حرف بحرف صاف ٻڌي ۽ سمجهي رهيو هئس. اول طواف ۾ جڏهن خانہ ڪعبہ کي چڪر ڏئي حجراسود جي قريب آيو ته قرآن شريف جو هڪ ختم پورو ڪيائين ۽ سندس سارو ختم مون حرف بحرف صاف ٻڌو. پوءِ منهنجي والد سڳوري تصديق ڪئي ۽ منهنجي والد سڳوري وڌيڪ چيو ته اڳ بسط جو زمانو هو. بعض اوليآء جي نسبت اهڙا واقعا رونما ٿيندا هئا.

حڪايت: شيخ الشيوخ ابن سڪينه جو هڪ سونارو مريد هو. جنهن جي مٿان اهو ڪم رکيل هو ته هر جمعي تي جمعي نماز کان اڳ خانقاه تان مصلا کڻي جامع مسجد ۾ صوفين لاءِ وڇائي ڇڏي ۽ نماز ختم ٿيڻ کان پوءِ اهي مصلا ويڙهي کڻي خانقاه تي پهچائي. هڪ جمعي تي خانقاه تي مصلن جو ويٽو ويڙهي رکيائين ته مسجد کڻي ويندس. پوءِ درياء دجله جي ڪناري تي ويو ته جمعي جو غسل ڪري اچان. پوءِ پنهنجا ڪپڙا بدن جا لاهي ڪناري تي رکي درياء ۾ غسل ڪرڻ لاءِ ويو، جيئن جو پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي، منهن ٻاهر ڪڍيائين ته ڏسي هيءُ درياء دجله ته ڪونه آهي ۽ هيءُ ته مصر جو نيل درياء آهي. پوءِ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري مصر شهر ڏانهن روانو ٿيو. اوچتو هڪ سوناري جي دڪان تي پهتو ته جيئن ان کان ڪو ڪپڙي جو ٽڪر وٺي، اگهڙ کي ڍڪيان ۽ اهو سونارو به سمجهي ويو ته هيءُ به سونارو آهي. امتحان ۾ مبتلا آهي. پوءِ کيس ڏاڍي عزت ۽ اڪرام سان پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ پنهنجي نياڻيءَ سان سندس نڪاح ڪيائين ۽ کيس انهيءَ گهر واريءَ مان ٽي فرزند ٿيا ۽ ست سال اتي گهر واريءَ سان گذاريائين ۽ هڪ ڏينهن نيل درياء تي وهنجڻ آيو ۽ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي، جيئن جو مُنهن ٻاهر ڪڍيائين ته پاڻ کي بدستور دجله درياء تي بغداد ۾ ڏٺائين ۽ سندس ساڳيائي ڪپڙا ڪناري تي رکيل هئا. پوءِ ڪپڙا ڍڪي خانقاه تي آيو ۽ ڏٺائين ته مصلن جو ويٽو ائين ئي ويڙهيل رکيل آهي.

بعض دوستن چيو ته جلدي ڪر، ڇو ته ڪجهه جماعت مسجد ۾ پهچي وئي آهي، مصلن کي مسجد ڏانهن کڻي ويس ۽ نماز کان پوءِ تمام تڪڙو گهر ۾ آيس ته گهر وارن چيو ته مهمانن لاءِ مڇي پچرائي، پوءِ ڪيڏانهن هليو ويو هئين. پوءِ مهمانن کي وٺي آيو ۽ مڇي کاڌائون. فارغ ٿيڻ کان پوءِ شيخ ابن سڪينه جي خدمت ۾ ويس ۽ کيس سموري ڳالهه ٻڌايم. پوءِ چيائين ته اها اولاد خودبخود مصر کان بغداد اچي رسندي، پوءِ ٿيو به ائين.

شيخ ابن سڪينه مون کان پڇيو ته ڇا انهيءَ ڏينهن ڪو شڪ يا انديشو تنهنجي دل ۾ ويٺو هو. چيم ته هائو! ان ڏينهن مون کي آيت: کان مقداره خمسين الف سنة (مقدار ان جو پنجاهه هزار سال) ۾ شڪ ويٺو هو. پوءِ شيخ چيو ته اهو واقعو توتي الله جي رحمت آهي جو تنهنجي اعتقاد کي صحيح فرمايائين. الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن تي زماني کي بسط ڪري ڇڏيندو آهي. شيخ موسيٰ جي ولادت سال 560هه ۾ اندلس جي شهر مرسيه ۾ ٿي ۽ سندس وفات سن 638هه ۾ ٿي.

 

مولانا شمس الدين تبريزي

نالو محمد علي بن ملڪ داد. نفحات ۾ پنهنجي ڳالهه ٿو ٻڌائي ته آءٌ بلوغت کي پهتل هئس ۽ مڪتب ۾ پڙهندو هئس ته عشق سيرت ﷴي ﷺ ۽ انهن جي محبت ۾ مون کي طعام کائڻ جي تمنّا هرگز نه رهندي هئي ۽ چاليهن ڏينهن کان پوءِ ٿورڙو کاڌو کائيندو هئس . شيخ ابوبڪر سله باف تبريزي يا رڪن الدين سنجاسي يا اوحد الدين ڪرماني يا بابا ڪمال خنجدي جو مريد هو. پر شايد کيس هر هڪ جي صحبت يا تربيت حاصل ٿي هجي. آخر ۾ هو سفر ۾ وقت گذارڻ لڳو ۽ ڪارو ڪمبل اوڙهي هرهنڌ ڦرندو رهيو ۽ هر جاءِ تي سراءِ ۾ قيام ڪندو رهندو هو.

جڏهن بغداد جي سرزمين تي پهتو ته اوحدالدين ڪرمانيءَ کي ڳولهي وٽس آيو ۽ کانئس پڇيائين ته ڇا پيو ڪرين؟ جواب ۾ چيائين ته چنڊ کي پاڻيءَ جي پاٽ ۾ پيو ڏسان. مولانا شمس الدين کيس وراڻيو ته جيڪڏهن توکي ڪا ڪنڌ ۾ تڪليف نه آهي ته آسمان ۾ چنڊ کي ڇو نه ٿو ڏسين! مذڪور آهي ته هڪ دفعي مولانا ڪمال بابا جي خدمت ۾ ويٺو هو ته ان مجلس ۾ شيخ فخرالدين عراقي موجود هو. چوڻ لڳو ته شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني اهڙي مقام تي پهتو آهي، جو جيڪا به فتح ۽ ڪشف کيس حاصل ٿئي ٿو، ان جو اظهار نظم يا نثر ۾ ڪري، بابا ڪمال آڏو پهچائي ٿو، ليڪن شمس الدين اهڙو ڪوبه اظهارنه ٿو ڪري. فرزند شمس الدين کان اهڙا اسرار ۽ حقائق جن جو ذڪر شيخ فخرالدين ٿو ڪري ته روشن ٿي نه سگهندا. البته مشاهدو اهو ٻڌائي ٿو ته سندس اسرار ۽ رموز ڪنهن واسطي سان شاندار نموني جلوه گر ٿيندا ۽ ان درجي تي پهچڻ جي مون ۾ قوت ڪونه آهي.

بابا ڪمال وڌيڪ فرمايو ته اي شمس الدين! حق تبارڪ و تعاليٰ هڪ ڏينهن توکي اهڙو ساٿي عطا ڪندو جيڪو اولين ۽ آخرين معارف حقائق کي تنهنجي نالي سان ظاهر ڪندو. اهو اشارو مولانا روم ڏانهن هو.

ان کان پوءِ سال 642هه ۾ مولانا سفر اختيار ڪيو ۽ گهمندو ڦِرندو قونيه جي علائقي ۾ پهتو ۽ ڳوٺ خان لشڪر ريزان ۾ قيام ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ مولانا جلال الدين رومي درس ۽ تدريس ۾ مشغول هوندو هو. هڪ ڏينهن فاضلن جي جماعت ڳوٺ خان لشڪر ريزان کان لنگهندي ان ڳوٺ ۾ ترسيا ته شمس الدين سندن استقبال ڪندي، مولانا جي سواريءَ جون واڳون جهليندي کانئس پڇڻ لڳو ته يا امام المسلمين! بايزيد بزرگيءَ ۾ وڌيڪ آهي ياﷴ ﷺ؟ اهو ٻڌي مولانا متغير ٿي ويو ۽ چيائين ته هيءُ جملو نهايت هيبتناڪ آهي. آءٌ ڊڄان ٿو ته انهيءَ جملي سبب ست آسمان به ڏڪي نه وڃن ۽ زمين ڦاٽي نه پوي ۽ خوفناڪ باهه منهنجي دماغ تي نه پهچي ۽ عرش کان دونهون نه اُڀري. ان کان پوءِ چيم ﷴ ﷺ جن ته عالمن جا اڳواڻ آهن پوءِ بايزيد ڇا آهي ۽ هن قول جو ڪهڙو مطلب آهي جو پاڻ ڪريمن ﷺ فرمايو آهي ته ما عرفناک حق معرفتک (يعني تنهنجي سڃاڻڻ جو اسان پورو حق ادا ڪونه ڪيو) ۽ بايزيد ٿو چوي ته سبحاني ما اعظم شاني و انا سلطان السلاطين (تعريف آهي منهنجي ۽ ڪيڏو نه آهي شان منهنجو ۽ بادشاهن جو به بادشاهه آهيان) پوءِ چيائين ته هنن قولن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، انهن ۾ بايزيد جي قرب تي اُڃ (پياس) جو ظرف ننڍڙو هو جو پاڻيءَ جي هڪ ڍُڪ پيئڻ سان ئي سيراب ٿي ويو ۽ اتي ئي ساڪت ٿي ويو ۽ پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي قربّ جي پياس جي ظرف کي ڪا انتها ڪونه هئي. پياس ۾ پياس جاري هئي سندن سيني کي الم نشرح لک صدرک سان کوليو ويو. ارض الله واسعة ٿيو. قرب جي پياس جو پاڻي پياريو پئي ويو، مگر مزيد به استدعا ٿيندي رهي. پوءِ مولانا شمس الدين نعرو هڻي هيٺ ڪِري پيو. مولانا رومي سواري کان لهي آيو ۽ پنهنجن شاگردن کي فرمايائين ته هن کي کڻو ۽ مدرسي ڏانهن وٺي هلو ۽ سندس مٿي کي گوڏن ۾ قابو ڪيو ته هيءُ خودبخود هوش ۾ اچي ويندو ۽ پوءِ کيس کڻي روانا ٿيا. پهچڻ بعد پورا ٽي مهينا رات، ڏينهن خلوت ۾ رهيا ۽ ٻاهر هرگز ڪونه نڪتا.

۽ بعض جو چوڻ آهي ته شمس الدين قونيه ۾ پهچي مولانا جي مجلس ۾ آيو. مولانا جلال الدين ان وقت پاڻيءَ جي حوض جي ڪناري تي ويٺو هو. ڪجهه ڪتاب سندس آڏو رکيل هئا. پڇيائينس ته هيءُ ڇا آهي؟ چيائين ته هن کي قيل ۽ قال چيو پيو وڃي. چيائينس ته هيءُ تنهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جا آهن؟ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري سڀ ڪتاب حوض ۾ اُڇلائي ڇڏيائين. مولانا کي سخت صدمو رسيو ۽ چيائين ته اي درويش! هيءُ ڇا ڪري ڇڏئي. هن ۾ منهنجي والد جا به فوايد هئا، ٻيا ملي ڪونه سگهندا. شمس الدين پنهنجو هٿ پاڻيءَ ۾ وجهي، هڪ هڪ ڪتاب ٻاهر ڪڍندو ويو. پاڻيءَ ڪنهن به ڪتاب کي ڪوبه اثر ڪونه ڪيو هو. کانئس مولانا پڇيو ته هيءُ ڪهڙو راز آهي. شمس الدين وراڻيو ته هيءُ ذوق ۽ حال آهي. توکي هن جي ڪهڙي خبر. ان کان پوءِ هڪ ٻئي سان مجلسون ڪندا رهيا.

چيو وڃي ٿو ته هڪ رات شمس الدين مولانا سان خلوت ۾ ويٺو هو ته ٻاهران هڪ شخص آيو ۽ شيخ کي ٻاهر اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. شيخ فوراً اُٿيو ۽ مولانا روم کي چيائين ته مون کي قتل ڪرڻ لاءِ سڏي رهيا آهن ۽ ان وقت ۾ ست ماڻهو انهيءَ ڪم لاءِ ٻاهر لڪا ويٺا هئا ۽ پوءِ شيخ نعرو هنيو ته اهو ٽولو بيهوش ٿي ويو ۽ هڪ انهن ۾ مولانا روم جو فرزند علاؤالدين محمد به هو، جو به داغ انہ ليسَ مِن اَهلِک جي مصداق ٿيو ۽ جڏهن جماعت هوش ۾ آئي ته اتي رت جي چند قطرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر ڪونه آيو ۽ ان کان پوءِ سندس ڪابه نشاني پيدا ڪونه ٿي. اهو واقعو سن 645هه ۾ ٿيو. اهي ظالم بدبخت ٿورن ڏينهن اندر مصيبت ۾ مبتلا ٿي هلاڪ ٿي ويا.

بعض جو چوڻ آهي ته بهاؤالدين ولد جي پاسي ۾ دفن ٿيل آهي ۽ پڻ چيو وڃي ٿو ته سندن بدن کي هڪ ويران کوهه ۾ اُڇلايو ويو هو. هڪ رات خواب ۾ سلطان ولد کي اشارو ٿيو ته فلاڻي کوهه ۾ آءٌ پيل آهيان. پوءِ اڌ رات جو دوستن کي ساڻ ڪري انهيءَ کوهه مان کيس ٻاهر ڪڍي مناسب جڳهه تي دفن ڪيائون.

 

حڪيم ناصر خسرو

سندس ڪنيت ابوالمعين هئي. سندس نسب ڇهن واسطن سان امام موسيٰ رضا عليہ السلام سان ملي ٿو. دنيا جي هر علم تي کيس ڪافي عبور حاصل هو. توريت، زبور ۽ انجيل جي به کيس ڪافي ڄاڻ هئي. بعض ماڻهو کيس ملحد چوندا ۽ بي دينيءَ جي تهمت مٿس مڙهيندا هئا ۽ بعض ماڻهو کيس مؤحد سڏيندا هئا.

خليفي مستنصر بالله عباسي جي زماني ۾ هن کي بدخشان علائقي جي وزارت ڏني وئي. علماء ڪرام هن جي ظاهر کان هراس ۾ هوندا هئا ته متان جبر ڪري ۽ پورا ويهه سال جبل يمگان جي هڪ غار ۾ عبادت ۾ مشغول هو. مختصر کاڌي تي وقت گذاريندو هو. آخر ۾ هڪ سو چاليهه سالن جي عمر ۾ سنه 653هه ۾ فوت ٿي ويو. فوت ٿيڻ وقت پنهنجي ڀاءُ نالي سعيد کي گهرائي وصيت ڪيائين ته جڏهن مان گذاري وڃان ته ڪنهن کي به خبر نه ڪج. جنيان جي علماء مان ٻه شخص حاضر ٿيندا ۽ انهن سان تون منهنجي جنازي جي امامت ڪج ۽ پوءِ فلاڻي جبل جي غار ۾ دفن ڪج ۽ غار جي در تي ٿورو پاڻي ڇڻڪج ۽ ان کان پوءِ غار جي در تي هڪ وڏو پٿر کوڙي ڇڏج.

 

شيخ نجم الدين دايه

هيءُ شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي مريدن مان هو. پنهنجي شيخ جي حڪم سان تربيت لاءِ شيخ مجدالدين جي خدمت ۾ ويو ۽ چنگيز خان واري واقعي دوران هيءُ خوارزم کان وٽس آيو. مولانا جلال الدين ۽ شيخ صدر الدين قونوي جن جي صحبت ۾ به ڪافي مدت رهيو. سال 654هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر بغداد جي علائقي شونيزيه ۾ شيخ سري سقطي ۽ شيخ جنيد جن جي مقبري جي ٻاهران آهي.

 

شيخ سيف الدين باخرزي

هيءُ شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي خليفن مان هڪ هو. ظاهري علم جي تحصيل ۽ تڪميل کان پوءِ شيخ نجم الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ روحاني تربيت حاصل ڪيائين. شروعات ۾ کيس خلوت ۾ ويهاريائين ۽ ٻائيتاليهه ڏينهن کان پوءِ سندس خلوت جي در تي اچي در ۾ پنهنجي آڱر وجهي، سڏ ڪيائين ته اي سيف الدين!

ترجمو: مان عاشق تنهنجو آهيان ۽ غم جي لائق آءٌ آهيان.

تون معشوق آهين تنهنجو غم سان ڇا واسطو آهي.

اُٿي ٻاهر نڪري اچ. پوءِ هو ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ هٿ، هٿ ۾ ڏئي بخارا ڏانهن روانو ٿي ويا.

چيو وڃي ٿو ته شيخ نجم الدين لاءِ خطا(1) کان ڪنيزيون آيل هيون. زفاف جي رات پنهنجي جماعت کي چيائين ته اڄ رات آءٌ لذّت مشروعه ۾ مشغول رهڻ گهران ٿو ۽ اوهين پڻ موافقت ۽ ترڪ رياضت ۾ رهجو.

شيخ سيف الدين انهيءَ رات پاڻيءَ جو هڪ وڏو مٽڪو ڀري خلوت جي در تي ٻاهران بيهي رهيو ۽ صبح جو جڏهن شيخ ٻاهر آيو فرمايائين ته اوهان کي مون نه چيو هو ته اڄ رات آرام ۾ رهجو ۽ آرام جو سرور حاصل ڪجو. سيف الدين چيو ته ان کان وڌيڪ مون کي ٻيو ڪهڙو سرور حاصل ٿيندو جو آءٌ آستاني جي در تي خادم بڻجي بيٺو آهيان. فرمايائين ته بشارت ملي آهي سلطان جي سواري رواني ٿي چڪي آهي.

چيو وڃي ٿو ته هڪ سلطان سندس زيارت لاءِ وٽس آيو ۽ واپس وڃڻ وقت عرض ڪيائين ته سائين! هڪ گهوڙو نذر ڪيو اٿم ان تي سواري ڪرڻ فرمائيندا. بادشاهه رڪاب کي جهليو ته جيئن شيخ سوار ٿئي، گهوڙو ڏاڍي سرڪشي پيو ڪري. پوءِ بادشاهه گهوڙي جون واڳون پڪڙي، تقريباً پنجاه گامون سواري سان گڏ ڊوڙندو رهيو. شيخ بشارت جي حڪايت جيڪا سلطان کي ٻڌائي، جنهن ڪجهه شعر چيا، جيڪي هي آهن:

ترجمو: هر رات تنهنجي ڳليءَ جي پاسبان وانگر آهيان ۽ تنهنجي آستاني جي ڳليءَ ۾ ڦرندو رهان ٿو. نڪري ايندو اي صنم قيامت جي ڏينهن، نالو منهنجو تنهنجيءَ ڳليءَ جي ڪتن جي لسٽ ۾.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن هو ڪنهن درويش جي جنازي ۾ حاضر ٿيو. حاضرين چيو اي شيخ! ڪا تلقين فرمايو ميت جي ڏينهن آيا آهيو فرمايائين:

ترجمو: جيتوڻيڪ آءٌ جملي جهان کان وڌيڪ گنهگار آهيان، مگر تو ۾ عفو جي اميد اٿم. تون منهنجو هٿ وٺندين. چيائين ته بوقت عجز تنهنجو هٿ وٺندم، ان کان وڌيڪ عاجز جي گهر نه ڪر جو (اڳيئي) عاجز آهيان.

بعض جو چوڻ آهي ته شيخ سيف الدين هلاڪو خان جي وقت ۾ سال 648هه ۾ فوت ٿي ويو. ڪن کيس منڪوقا آن جو همعصر چيو آهي ۽ منڪوقا آن جي والده پنهنجي پُٽ جي حڪومت جي زماني ۾ هڪ هزار بالش نقره بخارا ڏانهن موڪليا ته اتي هڪ مدرسو قائم ڪيو وڃي ۽ متولي شيخ مفوض کي ڪيو وڃي.

سندس فوت ٿيڻ جو سال 658 هه آهي. سندس قبر فتح آباد بخارا ۾ آهي.

 

شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني

سندس ولادت جمعي جي صبح 27 رمضان المبارڪ سن 566هه ڳوٺ ڪوٽ ڪروڙ ملڪ ديپال ۾ ٿي. ٽي ڏينهن کير ڪونه پيتائين جو روزا هئا. سندس والده جو نالو فاطمہ بنت عيسيٰ بن قطب الڪونين شيخ سيد عبدالقادر جيلاني قدس سره هو.

سندس خاندان قريش هو. قصي بن ڪلاب سان منسوب آهي. واقدي ذڪر ٿو ڪري ته: وجدت نسخة موثوقة بخط شيخنا، شيخ الاسلام صدرالدين ابوالمغانم رضي الله کانت نبذہ الانساب محمد بن زڪريا بن محمد بن ابي بڪر بن علي بن محمد بن حسن بن عبدالله بن حسين بن مطرفة بن لويمة بن خادم بن محمد بن مطرف بن عبد الرحمٰن بن عباد ۽ هن پاڻ سڳورن ﷺ جن جي هٿ تي ايمان آندو هو. ابن الاسد بن المطلب بن اسد بن عبدالعزيز بن قصي بن ڪلاب.

چيو وڃي ٿو ته بهاؤالدين زڪريا بن شيخ ابومحمد بن شيخ ابراهيم بن شيخ عبدالله بن شيخ شهاب الدين بن شيخ زڪريا بن نورالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ وجد الدين بن شيخ مسعود بن شيخ رضي الدين بن القاسم بن جعفر بن ابوبڪر رضي الله عنه. والعلم عندالله.

مذڪور آهي ته بهاؤالدين جڏهن کير پياڪ ٻارڙو هو ته سندس والد قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هو. ان وقت تائين هو هرگز کير ڪونه پيئندو هو جيستائين سندس والد جي تلاوت جاري هوندي هئي.

ٻئي طرف رساله ”خلاصة العارفين“ ۾ سندس احوال ۽ متضمن ملفوظات مطابق، سندس شيوخ ۾ شيخ جلال الدين بخاري، شيخ فريد الدين، شيخ نظام الدين ۽ شيخ الاسلام جعفر جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.

شيخ بهاؤالدين پورا پندرهن سال درس تدريس ۽ وعظ و نصيحت ۾ مشغول رهيو. روزانو ستر علماء ۽ فضلاء کانئس فيض حاصل ڪندا هئا. آخر ۾ حج ڪرڻ ويو. حج پورو ڪري واپسي ۾ بغداد ۾ اچي شيخ شهاب الدين سُهروردي جي خانقاه ۾ حاضر ٿيو.

حديقة الاوليآء ۾ لکيل آهي ته جڏهن شيخ شهاب الدين کيس ايندي ڏٺو ته فرمايائين مرحبا، مرحبا خوش آمديد. بشارت هجي توکي جو پاڻ سڳورن ﷺ جن تنهنجي باري ۾ تمام گهڻي سفارش فرمائي آهي ۽ فرمايائون ته معراج جي رات عرش جي هيٺان هڪ پيراهڻ لٽڪيل ڏٺم، جيڪو الله تعاليٰ جي ذڪر جي جوش ۾ جهومي رهيو هو. پڇا ڪيم ته جواب ۾ ٻڌايائون ته اهو پيراهڻ تنهنجي اُمت جي هڪ شخص نالي بهاؤالدين جو آهي. پوءِ آءٌ ان ڏينهن کان وٺي تنهنجي انتظار ۾ آهيان. پوءِ کيس مريد ڪري ۽ خلافت جي سَنَدَ ڏئي ملتان ڏانهن واپس روانو ڪيائين.

شيخ بهاؤالدين اول سنڌ ۾ پنهنجي ارشاد جو سلسلو جاري ڪيو، سنڌ جي اڪثريت خصوصاً مشائخ سنڌ پنهنجي ارادت جي نسبت سندس خانقاه ڏانهن ڪندا آهن ۽ مريد سڏائڻ تي فخر محسوس ڪندا آهن.

شروعات ۾ سندس سير و سياحت جا ساٿي هي آهن: شيخ فريد اجوڌي، مخدوم عثمان مروندي ۽ سيد جلال سرخ بخاري. سندس وفات جو سال 660هه آهي سندس قبر ملتان جي پراڻي قلعي ۾ آهي. سندس ڪامل مريدن مان خاص هي آهن: شيخ فخرالدين عراقي ۽ ڪتاب الرموز، نزهة الارواح ۽ زاد المسافرين جو مصنف امير حسيني آهن.

 

خواجه ابوعلي ڪهري

هيءُ بزرگ علي عاشق جي نالي سان معروف هو. شيخ بهاؤالدين جي مريدن مان هو. واصل بالله هو. ملتان کان ٻاهر غار ۾ رهندوهو. سندس شيخ اوڏانهن ئي ساڻس ملڻ ويندو هو.

هڪ دفعي ڪنهن لرزش سبب شيخ جي نظر عنايت کان پري ٿي پيو ان سبب روزانو سو مڻ طعام کائڻ سان به سندس ڍءُ ڪونه پئي ٿيو ۽ هڪ دفعي بک جي ئي حالت ۾ روانو ٿيو ته شيخ جلال الدين تبريزي سان سندس ملاقات ٿي. شيخ سندس لرزش معاف ڪرڻ لاءِ مراسله ان جي شيخ ڏانهن موڪليو پوءِ سندس خطا معاف ٿي ۽ هو ساڳي درجي تي رسيو.

 

حسن افغان

هيءُ بزرگ به شيخ بهاؤالدين جي مريدن مان اعليٰ مرتبه وارو مريد هو. شيخ فرمائي ٿو ته قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن مون کان پڇيو ويو ته اسان جي بارگاهه ۾ ڇا کڻي آيو آهين؟ عرض ڪندس ته ”حسن افغان“.


(1) خطا؛ چين ۽ ترڪستان جي سرحد وارو علائقو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com