سلطان المحققن اميرڪبير نصير حسيني مڪي
هيءُ اصل مڪہ معظمہ جو هو. شيخ نصيرالدين محمود جي صحبت ۾ رهي
سندس ئي جماعت ۾ شامل ٿي ويو.
سيد محمّد حسيني
سندس لقب گيسو دراز هو. شيخ نصيرالدين چراغ دهلي جي عظيم خليفن
مان هو. مٿس گيسو دراز جو لقب هن طرح پيو جو هڪ
ڏينهن ٻين مريدن سان گڏ شيخ جي پالڪيءَ کي هن به
ڪلهو ڏئي کنيو ته سندس ڊگها وار پالڪيءَ جي هڪ حصي
۾ ڦاسي پيا. پوءِ ادب، عشق ۽ محبت جي جذبي هيٺ
انهيءَ ئي حالت ۾ پالڪيءَ سان گڏ ڊوڙندو رهيو.
ڪافي مفاصلي کي طئي ڪرڻ بعد جڏهن سندس شيخ ۽ مرشد
کي معلوم ٿيو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهيءَ وقت
هيءُ بيت چيائين :
هرکس مريد سيّد گيسو دراز شد،
والله خلاف نيست که او پاکباز شد
ترجمو: جيڪو شخص سيد گيسو دراز جو مريد ٿيندو، الله جو قسم اها
ڳالهه خلاف نه آهي جو هو پاڪباز ٿي وڃي.
چشت مشائخ ۾ هي خصوصيت جو مالڪ هو. اسرار حقيقت جي بيان ۾ مخصوص
طريقي جو حامل هو. پنهنجي پير جي وفات کان پوءِ
دکن ڏانهن هليو ويو. اتي وڏي مقبوليت حاصل ڪيائين
۽ اتي ئي انتقال ڪري ويو.
سيد گيسو دراز جي عمر هڪ سو ورهيه کان مٿي هئي(1)
سيد محمد جعفر مڪي حسيني
هيءُ حضرت مقام توحيد ۽ وحدت ۾ عالي مرتبو رکندڙ هو. ان کان
سواءِ بلند پايه جو بزرگ ۽ ولي هو.
هن پنهنجي ڪتاب نالي ”بحرالمعاني“ ۾ اڪثر توحيد جا معارف ۽
حقائق بيان فرمايا آهن. هن بزرگ ”دقائق المعاني“ ۽
”حقائق المعاني“جي لکڻ جو وعدو فرمايو هو، جن ۾
مختلف مڪاتب فڪر، علوم ۽ معرفت جا اسرار بيان
فرمايل آهن ۽ لکيو اٿس ته مون ڪوهه قاف ۾ صفوان بن
قصي کي ڏٺو، جيڪو چوي ٿو ته مون حضرت امير جي خدمت
۾ اسلام جو شرف حاصل ڪيو، جنهن منهنجي لاءِ ڊگهي
عمر جي دعا فرمائي. پوءِ آءٌ صاحب زمان جو منتظر
آهيان.
هن بحرالانساب ۾ پنهنجو ۽ اهل بيت جي نسب جو بيان فرمايو آهي.
شيخ نجم الدين محمّد بن محمّد ادڪاني
هيءُ شيخ رڪن الدين علاؤالدوله جو مريد هو. اسي سالن جي عمر ۾
سال 778هه ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ اسفراين جي علائقي
۾ حصار ۾ مدفون آهي.
مولانا جلال الدين محمود زاهد مرغاني
هيءُ ظاهر علوم ۾ مولانا نظام الدين هرويءَ جو شاگرد هو. تقويٰ
۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڪامل ترين هو. شريعت جو سخت
پابند هو، هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٻنيءَ جي کيڙڻ
۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اوزار جيڪو وقف ٿيل هو، هڪ
هاري استعمال ڪيو. پوءِ جڏهن مولانا کي ان جي خبر
پئي ته ان ٻنيءَ جو سارو فصل تيار ٿيڻ کان پوءِ
فقرائن ۽ مسڪينن ۾ خيرات ڪري ڇڏيائين.
ٻيو واقعو هي آهي ته هرات جي بادشاهه اشرفين جي هڪ ڀريل ٿيلهي،
مولانا جي خدمت ۾ موڪلي پر مولانا هرگز قبول نه
ڪئي. ٿيلهي آڻيندڙ عرض ڪيو ته جيڪڏهن آءٌ بادشاهه
ڏانهن واپس کڻي ويندس ته کيس ڏک ٿيندو. انهيءَ ڪري
توهان ٿيلهي وٺو. پوءِ غريبن ۽ مسڪينن ۾ تقسيم ڪري
ڇڏيو. مولانا کيس چيو ته اهو ڪم تون پاڻ پنهنجي
سِر وڃي ڪر، مگر اهو شرط آهي ته وٺڻ وارن کي اهو
ٻڌائج ته ٿيلهي ڪٿان آئي آهي؟ پوءِ مدرسي ڏانهن
ويو. اها ڳالهه ٻڌائيندي، ٿيلهي شاگردن جي اڳيان
پيش ڪيائين مگر اها ڪنهن به قبول نه ڪئي.
سندس وفات جو سال 778هه آهي.
مير قوام الدين معروف مير مزدڪ
هيءُ حسين اصغر بن امام زين العابدين عليہ السلام جي اولاد مان
هو. خراسان ويو. سيد عزالدين سوغندي جو مريد ٿيو.
ڪافي مدت وٽس رهي، سلوڪ جي تربيت حاصل ڪيائين.
سندس اصل وطن مازندران هو. واپس اتي آيو ۽ سنه
760هه تائين اتي رهيو، ويهن سالن جي لڳ ڀڳ اتي
رهيو ۽ سال 780هه ۾ فوت ٿي ويو. آمل ۾ مدفون آهي،
ان کان پوءِ سندس پٽ ڪمال الدين سندس جانشين ٿيو ۽
سندس ڀاءُ سيد رضي الدين آمل جو والي ٿيو.
شيخ محمد خلوتي
هيءُ خلوتي طريقي جو موجد هو. سندس نسبت شيخ نجم الدين ڪبريٰ
سان هئي، جيڪو عمار ياسر الله ليسي جو مريد هو،
اهو شيخ ابو نجيب عبدالقاهر سُهروردي جو مريد هو،
اهو امام احمد غزالي ڏانهن منسوب هو. اعمال هذه
الطريقة العليٰ من اليٰ بسات والرسوم والعادات
الاکتفاءُ وباقل ما تخلص ذمة عن الواجبات کالجماعة
في مسجد البيت مع النساء سيما اذا لم يبرزن
والمساجد و الجماعات و ترک السعي باسباب المعاش
والبزور الخضوع والخشوع لرب السّماوات واکثر ذکرهم
الجلالة خفية والحيَّ القيوم.
ترجمو : هن طريقي جي عملن جو بنياد هن ڳالهه تي آهي ته معاشري
جي ريتن، رسمن ۽ عادتن کان الڳ ٿلڳ رهجي. البته
انهن ۾ نرمي اختيار ڪرڻ گهرجي، جن سان واجبات جي
ادائيگي ٿئي ٿي. مثلاً عورتن سان گڏ مسجد البيت ۾
نماز پڙهڻ، جڏهن جو کين مسجدن ۽ جماعتن ۾ سينگار ۽
زينت جي ڪري وڃڻ جي اجازت نه هجي ۽ معاشي وسيلن جي
تلاش ڪرڻ، ظاهر ۽ باطن ۾ خشوع ۽ خضوع سان رب
تعاليٰ جي بندگي ڪرڻ ۽ سندن اڪثر ذڪر ڳجهي طرح جل
جلالہ ۽ الحي القيوم جو ورد هوندو هو.
شيخ سيف الدين خلوتي
هيءُ شيخ محمد خلوتي جو مريد هو. جڏهن خوارزم ۾ ذڪر ۾ مشغول
ٿيندو هو ته سندس ذڪر جو آواز شهر کان چار فرلانگ
پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. سندس قبر خلوتيان جي
مزارن ۾ گازرگاهه جي پل وٽ آهي.
سندس وفات جو سال 783هه آهي.
امير سيد علي بن شهاب بن محمد همداني
هيءُ شروعات ۾ شيخ شرف الدين محمود بن عبدالله مزودقاني جي
مريديءَ ۾ شامل هو، ليڪن شيخ تقي الدين دوستي کان
طريقت جا سبق ورتائين ۽ ڪماليت کي پهتو. تقي الدين
کان پوءِ وري شرف الدين ڏانهن پوري طرح رجوع ٿيو ۽
کيس عرض ڪيائين ته ڇا حڪم آهي؟ فرمايائينس ته دنيا
جي چوڌاري چڪر لڳاءِ. پوءِ ٽي دفعا دنيا جا چڪر
لڳايائين ۽ هڪ هزار چار سو اولياء الله جي ديدار
جو شرف حاصل ڪيائين ۽ هڪ ئي مجلس ۾ چار سو اوليآء
ڪرام سان ملاقات ڪيائين.
سندس نسبت جي سند هن ريت آهي: هو شيخ زين الدين خواني سان
وابسته هو. هو شيخ عبدالرحمٰن قريشي سان ۽ هو شيخ
نجم الدين محمود اصفهاني سان، هو شيخ عبدالصمد
نطنزي سان، هو شيخ نجيب الدين علي بن بزغش شيرازي
سان ۽ هو حضرت شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي سان
وابسته هو.
سندس تصنيفات ڪافي آهن جن ۾ مشهور تصنيفات هي آهن : ڪتاب اسرار
النقط، شرح اسماء الله، شرح فصوص الحڪم ، شرح
قصيده خمريہ فارضيه ۽ ذخيرة الملوڪ.
سندس وفات سال 786هه ۾ ٿي. کيس ڪابل جي علائقي ۾ ختلان ۾ دفن
ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته سلطان جايتو پنهنجي دور
حڪومت ۾ پنهنجي ابدي آرامگاهه لاءِ هڪ محل پئي
جوڙايو ۽ اهو حڪم نافذ ڪيائين ته افتتاحي موقعي تي
ملڪ جا سڀ علماء، فاضل، اڪابرين، سادات ۽ مشائخ
حاضر ٿي شرڪت ڪن، ته محل جي افادت ظاهر ٿئي ۽ محل
عالي قدر زينت جو موجب بڻجي. امير علي ان وقت ۾
ستن سالن جي عمر جو هو. سندس مامو کيس پنهنجي ڪلهن
تي کڻي مجلس ۾ حاضر ٿيو. مجلس ۾ آيل مخدوم مهمانن
مان جنهن به آيتن يا حديثن کي پيش ڪيو، ته هي
ننڍڙو انهن کي دل ۾ ياد ڪندو ٿي ويو. گهر اچي،
انهن کي ترتيبوار لکيائين جنهن جو نالو ”اوراد
فتحيه“ رکيو ويو.
طريقہ همدانيہ: هو پنهنجي اعمال جي نسبت پاڻ سڳورن ﷺ جن جي
اخلاق جي پيروي سان ڪن ٿا. من الزهد و المجاهدة
والرياضات الجليلة العلية والانقطاعات الحميلة
السنہ واکثر ذڪرهم بسد اللسان بالحنک وسد الاذنين
بالمسبحين ويدهو السرة الي الاعلا خاب بملاحظة
تسعة وتسعين اسماء الرب تعاليٰ و بتحريک الراس في
ملاحظة ڪل اسم.
ترجمو : کانئن تقويٰ، مجاهدو، رياضت، تمام گهڻي ۽ آرامده ۽ زينت
واري شين کان پاسو ۽ پرهيز ڪرڻ ۽ سندن اڪثر ذڪر
زبان بند ڪرڻ، حلق سان ڪرڻ ۽ ڪنن کي بند ڪري حمد و
ثنا پڙهڻ ۽ هٿن جي آڱرين جي اشاري سان رب تعاليٰ
جي نوانوي نالن کي پڙهڻ ۽ الله تعاليٰ جي هر اسم
پڙهڻ وقت پنهنجي مٿي کي تحرڪ ۾ آڻڻ (لوڏڻ).
مخدوم جهانيان
جلال الدين ولد سيد احمد ڪبير بن سيد جلال سرخ.
مڪہ مڪرمہ ۾ امام عبدالله يافعيءَ جي صحبت حاصل ڪيائين ۽ واپس
دهلي ۾ آيو ۽ شيخ نصيرالدين چراغ دهلويءَ جي خدمت
۾ حاضر ٿي، خرقه خلافت چشتيه حاصل ڪيائين. ان کان
پوءِ حرم نبوي جي شيخ الاسلام امام المحدثين عفيف
الدين عبدالله المطري کان ڪلاه ارادت ۽ خرقه تبرڪ
حاصل ڪيائين. پورا ٻه سال سندس خدمت ۾ رهيو. پوءِ
پنهنجي شيخ جي اشاري سان گاذرون ڏانهن ويو. شيخ
الاسلام امين الحق والدين جي ڀاءُ شيخ امام الدين
کان مرحوم شيخ الاسلام جي عطا ڪيل ”مصلي“ ۽ قئنچي
۽ اجازت نامو حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ شيخ رڪن
الدين بن شيخ صدرالدين بن شيخ بهاؤالدين زڪريا
ملتانيءَ جي خدمت ۾ پهچي کانئس خرقه تبرڪ ۽ ارادت
حاصل ڪري ڪماليت کي پهتو.
پوءِ سلطان محمد تغلق کيس شيخ الاسلام جي عهدي تي فائز ڪري،
سيوهڻ ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو جاگير طور ڏنو ۽
اتي خانقاه ”ﷴي“ نالي قائم ڪيائين. ڪجهه وقت سيوهڻ
۾ قيام ڪري پوءِ ڪعبة الله جي زيارت لاءِ ويو.
اتان موٽي اُچ شريف ۾ آيو ۽ سلطان فيروز جي دور
حڪومت ۾ حسب ارادت ڪيترائي دفعا اُچ شريف کان دهلي
ويندو رهيو. آخرڪار سندس وفات سال 785هه ۾ اُچ
شريف ۾ ٿي. ”مخدوم جهانيان“ جو لقب مٿس هن ڪري پيو
ته هڪ دفعي عيد جي ڏينهن شيخ بهاؤالدين جي روضي تي
حاضري ڀرڻ لاءِ ويو. دعا ڪيائين ته اندران آواز
آيو ته حق تبارڪ و تعاليٰ توکي ”مخدوم جهانيان“
ڪري ڇڏيو، تنهنجي عيد اهائي آهي ۽ ان کان پوءِ شيخ
صدرالدين جي روضي تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويو ته اتي به
کيس اهوئي آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جڏهن ٻاهر آيو ته هرهڪ
کيس انهيءَ لقب سان سڏيندو رهيو.
مولانا روح الدين
سندس نالو ابوالمڪارم محمد بن ابي بڪر بلدي هو.
شيخ عالم مفسر شيخ جنيد شيرازي پنهنجي تصنيف ”شرح مزارات شيراز“
۾ لکيو آهي ته مولانا روح الدين ڪيترائي سال جامع
عتيق ۾ درس ۾ مشغول هوندو هو. لکي ٿو ته سندس
وفات کان پوءِ کيس خواب ۾ ڏٺم ته چيائين ته علماء
جي درجي ۾ آهيان ۽ انبيآء ۽ انهن ۾ صرف هڪ درجي جو
تفاوت آهي. سال 787هه ۾ فوت ٿي ويو.
مولانا زين الدين ابوبڪر تائب آباد باخرزي
هن ظاهري علوم مولانا نظام الدين هرويءَ کان حاصل ڪيا ۽ طريقت ۾
کيس اويسي فيض حاصل هو. روحانيت جو فيض شيخ
الاسلام احمد نامقي، جامي کان حاصل ڪيو هئائين ۽
پورا ٽي سال پيرين اگهاڙي شيخ الاسلام جي زيارت
لاءِ سندس مقبري تي تائب آباد ويندو رهيو. قرآن
شريف جا پورا هزار ختم روضئه شيخ الاسلام تي ڪڍيا
هئائين ۽ اتان کيس اشارو ٿيو ته مشهد مقدس ۾ رضوي
عليہ السلام جي روضي جي زيارت جو شرف حاصل ڪر ۽
مشهد ۾ بابا محمد طوسيءَ سان ملاقات ڪيائين. غوث
المتاخرين کيس سيد محمد نوربخش جو مريد، ان کي
ابوطاهر خوارزمي جو مريد ۽ ان کي عبدالله
عبدالهاديءَ جو مريد ۽ ان کي شيخ علاؤالدين سمناني
جو مريد ڄاڻائي ٿو.
خواجه بهاؤالدين نقشبند، ساڻس ملاقات ڪئي هئي جنهن جو چوڻ آهي
ته کيس سمنڊ جي مثل ڏٺم.
سندس وفات جو سال 791هه آهي.
خواجه بهاؤالدين نقشبند
سندس نالو محمد بن محمد بخاري هو. سندس ولادت سال 718هه ۾ ٿي ۽
سندس عزيزن جي قول مطابق وفات 791هه ۾ ٿي. سندس
ڄمڻ جو هنڌ ۽ وفات جو هنڌ ۽ مدفن ”قصر عارفان“
آهي، جيڪو بخارا شهر کان هڪ ميل پنڌ تي هڪ ڳوٺ
آهي.
خواجه بهاؤالدين کي خواجه محمد بابا سماسي جي طرف کان مقبول نظر
۽ فرزند هئڻ جي نسبت حاصل آهي. (خواجه محمد بابا
کيس پنهنجي فرزنديءَ ۾ قبول ڪيو هو). البته هن
آداب طريقت ۽ سلوڪ جي تعليم سيد اميرڪلان کان حاصل
ڪئي هئي، ليڪن بحسب حقيقت هو اويسي نسبت رکندڙ
هو. روحاني تربيت خواجه عبدالخالق غجدواني کان
حاصل ڪئي هئائين.
مذڪور آهي ته اميرڪلان کان پوءِ ست سال مولانا عارف ديڪ ڪراني
جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان کان پوءِ قثم شيخ جي خدمت ۾
رهيو. وري ٻارهن سال خليل اتا جي خدمت ۾
گذاريائين.
خواجگان جي سلسله ۾ خواجه محمود انجير فغنوي کان وٺي اميرڪلان
تائين ذڪر خفيه کي ذڪر جليه ۾ جمع ڪندا رهيا. پوءِ
ان ذڪر کي وري اعلانيه ذڪر جي سلسلي ۾ شامل ڪري ان
کي قائم ڪيائين.
جڏهن خواجه بهاؤالدين جي ظهور جو زمانو آيو ته پوءِ جڏهن به کيس
اميرڪلان سان مجلس ڪندي ڪو ڏسندو هو ته هو ڪنارو
ڪري ويندو هو. خواجه بهاؤالدين ڪڏهن به ڪو غلام يا
ٻانهيءَ نه رکي. کانئس ان جو سبب پڇيو ويو ته
چيائين ته بندگي سان گڏ خواجگي صحيح نه ٿي لڳي ۽
وري کائنس پڇيو ويو ته اهو سلسلو ڪٿي ٿو پهچي؟
فرمايائين ته انهيءَ سلسلي جي ڪڙي ڪٿي به ۽ ڪنهن
سان به نه ٿي ملي. بلڪ الله تعاليٰ جو هيءُ ارشاد
آهي ته يٰآيُّهَا الَّذِيۡنَ آمَنُوۡا آمِنوۡا
بِاللهِ(1)
انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هر گهڙي هن طبعي وجود جي نفي
ڪئي وڃي ۽ حقيقي معبود جو اثبات ڪيو وڃي. شيخ جنيد
قدس سره فرمائي ٿو ته سٺ سال ٿيا آهن جو هاڻي
ايمان جي درجي ۾ آيو آهيان. فرمائي ٿو ته لا اِلٰہ
۾ (معبود نفس جي) نفي آهي ۽ اِلاَّ اللهُ ۾ حقيقي
معبود جو اثبات آهي ۽ مُحَمَّد رَّسُولُ اللهِ ۾
پنهنجو پاڻ کي فَاتَّبِعُوۡنِيۡ جي حڪم ۾ پابند
ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ آهي ته هن ذڪر ڪرڻ جو مقصد ڪلمه توحيد جي حقيقت کي
پهچڻ آهي ۽ ڪلمئه توحيد جي حقيقت اها آهي ته ڪلمي
کان سواءِ سڀ شيءِ جي نفي ٿي وڃي. گهڻو ڳالهائڻ
شرط نه آهي.
فرمايائين ته حضرت عزيزان فرمائيندو هو ته صوفين جي جماعت جي
نظر ۾ زمين هڪ دسترخوان آهي ۽ اسان چئون ٿا ته هڪ
ناخن (ننهه) جي بابر آهي. ڪابه شيءِ سندن نظر کان
غائب نه آهي.
چند ماڻهن کانئس ڪرامات جي طلب ڪئي. فرمايائين ته اسان جي
ڪرامات ته ظاهر آهي، جو ايڏن عظيم گناهن جي بار جي
باوجود به زمين جي مٿان گهمي ڦِري رهيا آهيون.
فرمايائين ته شيخ ابوسعيد ابوالخير کان پڇيو ويو ته اوهان جي
جنازي جي وقت ڪهڙي آيت جو ورد ڪيو وڃي. فرمايائين
ته آيت پڙهڻ ته وڏو ڪم آهي اوهان صرف هيءُ بيت
پڙهجو :
بيت
چيست ازين خوبتر درهمه آفاق کار،
دوست رسد نزد دوست يار به نزديک يار
ترجمو: هن دنيا ۾ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڪم نه آهي، جو دوست پنهنجي
دوست وٽ پهتو ۽ يار پنهنجي يار وٽ.
وري فرمايائين ته اسان جي جنازي جي اڳيان هي بيت پڙهجو:
بيت
مفلسانيم آمده در کوئ تو
شَيۡئا لِلهِ از جمال روئ تو.
(اسان تنهنجي ڳلي جا مفلس آهيون، الله ڪارڻ ڪجهه شيءِ مون کي به
ملي تنهنجي رخ جي جمال مان).
مولانا جمال الدين خالديءَ کان پڇيو ويو ته خواجه بهاؤالدين جي
نسبت متاخرين مشائخ ۾ ڪهڙي بزرگ سان نسبت لڳي ٿي؟
فرمايائين ته توهان متقدمين مشائخ بابت پڇو، ڇو ته
ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذريو آهي جو اهڙي قسم جي
ولايت جا آثار مٿس ظاهر ٿيا آهن، جو پوين ۾ ڪنهن
به بزرگ جي مٿان اهڙا آثار رونما نه ٿيا آهن.
سندس وفات جو سال 791هه آهي.
شمس الدين محمد حافظ شيرازي
هيءُ صوفي بزرگ غيب جي زبان ۾ اسرار جو بيشڪ ترجمان هو، ليڪن
اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ڪهڙي پير سان دست
بيعت هو. ليڪن ان جا شعر صوفي طبقي سان موافقت ۽
مطابقت رکن ٿا. اهڙي طرح نفحات ۾ آهي.
سندس فوت ٿيڻ جو سال 792هه آهي.
سيّد فخرالدين
ولد مير قوام الدين جو مير بزرگ جي نالي سان مشهور ۽ سيد
عزيزالدين جو مريد هو. پنهنجي پيءُ جي وقت ۾ ئي
رسم دار هو.
سندس وفات جو سال 792هه آهي.
مولانا ظهيرالدين خلوتي
هيءُ بزرگ ظاهري ۽ باطني علوم ۾ جامع هو. مولانا زين الدين
ابوبڪر تائب آبادي فرمائي ٿو ته آسمان جي هيٺان
ظهيرالدين جي مثل مون ڪوبه نه ڏٺو.
هو شيخ سيف الدين خلوتي جو مريد هو. ست قرائت جو قاري هو. سندس
چوڻ آهي ته جڏهن مان پنهنجي استاد اڳيان سارو قرآن
پاڪ ختم ڪيو ته هڪ رات پاڻ سڳورن ﷺ جن کي خواب ۾
ڏٺم. فرمايائون ته اي! ظهيرالدين مون کي قرآن
ٻڌاءِ مون پوءِ اول کان وٺي آخر تائين قرآن شريف
پڙهيو هڪ دفعي ”اربعين“ ۾ خلوت نشين هو، هن چلي ۾
صرف چار دفعا ڪڻڪ جا داڻا اُٻاري استعمال ڪيا. هر
ڏهين ڏينهن اُٻاري کائيندو هو. سندس وفات جو سال
801هه آهي، سندس قبر مزار خلوتيان ۾ سندس مرشد جي
قبر جي ڀر ۾ آهي.
سيد جلال الدين
هيءُ خود امير تيمور گورگانيءَ جو پير ۽ مقتداء هو. مٿس اقبال
امير سَنّي ۾ توجه ڪيو هو.
شيخ محمد
هيءُ امير حمزه جي همعصرن مان هو. وقت جو نامور بزرگ هو.
بابا ماچين
هيءُ ماچين علائقي جو بزرگ هو. صاحب ڪشف ۽ صاحب يقين هو. ڪامل
محقق به کانئس فيض حاصل ڪندا هئا. هيءُ ماچين
علائقي کان شاش علائقي ۾ آيو ۽ تاشقند ۾ سڪونت
اختيار ڪيائين ۽ شيخ برهان الدين آبريز سندس مريد
هو.
مولانا جاني رومي
هيءُ مجذوبن جي جماعت ۾ برگزيده بزرگ هو. اڪابر خاص ۽ عام جو
مرجع هو.
مولانا ناصربخاري
هي به ڪامل مجذوبن جي جماعت جو خاص هو. سيد قاسم تبريزي ساڻس
ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس معتقد به هو.
مير ديوانه سبزواري
هِن سيد قاسم تبريزي کي ڏٺو هو. سندس مداح هو. هڪ دفعي سندس دل
۾ خيال ٿيو ته هي مير ديوانه سبزواري بهتر آهي يا
بابا محمود طوسي.
مجذوب مير ديوانه سندس خيال کي معلوم ڪري ورتو. پوءِ سيد ڏانهن
منهن ڪري چيائين ته (اي سيد!) بابا محمود منهنجي
ڪمان جو هڪ تير آهي. وري سيد قاسم سبزوار کان
روانا ٿي بابا محمود وٽ طوس ۾ پهتو، بابا محمود
سان مليو ۽ بابا محمود سندس اراده کي پرکي ورتو ۽
مير ديواني جو قول به کيس معلوم ٿيو. کيس چيائين
ته اهو هڪ تير آهي، جيڪو بي پر ۽ بي نوڪ آهي.
مولانا محمود حصاري
نامور بزرگ ۽ اهل حال هو. شيخ زين الدين جو خليفو هو.
درويش عبدالرحيم
هيءُ به شيخ زين الدين جو خليفو هو.
شيخ فخرالدين نوري
هيءُ اڪابر صوفين جي جماعت ۾ برگزيده صوفي هو.
هڪ ڏينهن حضرت عزيزان کان پڇيو ويو ته روز ازل ۾ اَلَستُ
بِرَبّکُمۡ جي سوال جو جواب سڀني بليٰ سان ڏنو. ڇا
لاءِ روز ابد ڪنهن جواب ۾ لِمَن المُلکَ نه چيو.
فرمايائين ته روز ازل شريعت جي ذميداري جو ڏينهن
هو. شرع ۾ قال آهي ۽ روز ابد شرع جي ذميواري جي
خاتمي جو ڏينهن آهي ۽ عالمِ حقيقت جي ابتدا آهي ۽
حقيقت جي صفت ۾ قال جو وجود نٿو ٿي سگهي پوءِ بيشڪ
حق سبحانہ و تعاليٰ پاڻ پنهنجي جواب ۾ فرمايو ته
لِلهِ الواحِدِ القَهّارِ.
قثم شيخ
هيءُ ترڪ مشائخ ۽ احمد يسوي جي خاندان مان هو. خواجه بهاؤالدين،
سيد امير ڪلال جي فرموده موجب ته هينئر توکي اجازت
آهي ته ترڪ ۽ تاجيڪ ۾ جتي به توکي خوشبوء ملي،
اتان حاصل ڪر. پوءِ آءٌ (قثم شيخ) جي خدمت ۾ پهتس
هُنَ مون کي پوري محبت سان رکيو ۽ فرمايائين ته
مون کي نو فرزند آهن، ڏهون فرزند منهنجو تون آهين
پر تون انهن سڀني تي مقدم آهين.
قثم شيخ جي مزاج ۾ حد درجي جي بي تعلقي ۽ بيگانگي جو جذبو موجود
هو. آخري زندگيءَ ۾ به بخارا جي جهنگلن ۾ ڦِرندو
رهندو هو. ديوانن وانگر ڳالهيون ڪندو رهندو هو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ جهنگل ڇڏي ٻاهر نڪري هڪ دڪان
تي اچي ويهي رهيو. پنهنجي سڀني پُٽن ۽ مريدن کي
سڏرايائين ۽ چيائين ته منهنجي موت جو وقت اچي ويو
آهي. هينئر سڀئي گڏجي ڪلمه توحيد پڙهو. پوءِ سڀني
گڏجي ڪلمه توحيد پڙهيو، پاڻ به پڙهيائين ۽ انهيءَ
حال ۾ جان ڏنائين.
خليل اتا
خواجه بهاؤالدين فرمائي ٿو ته ابتدائي وقت ۾ هڪ رات ۾ مون خواب
ڏٺو، جنهن ۾ ”حڪيم اتا“ جيڪو ترڪ اڪابر مشائخن مان
هو، جنهن مون کي هڪ درويش جي سفارش ڪئي ۽ انهيءَ
درويش جي صورت ڏيکاري. پوءِ جڏهن آءٌ سجاڳ ٿيس ته
هن درويش جي صورت ۽ شڪل منهنجي ذهن ۾ پخته ٿي وئي.
پوءِ پنهنجي ڏاڏيءَ کي اهو خواب ٻڌايم. ڏاڏيءَ
فرمايو ته توکي ترڪ مشائخ مان فيض نصيب ٿيندو. آءٌ
انهيءَ درويش جي ڳولها ۾ هئس ته هڪ ڏينهن بخارا جي
بازار ۾ ساڻس ملاقات ٿي. مون کيس سڃاتو ۽ کانئس
نالو پڇيم ته خليل ٻڌايائين. پر ان وقت ته ساڻس
وڌيڪ گفتگو يا مجلس نه ٿي سگهي. البته جڏهن گهر
پهتس ته رات جو هڪ درويش قاصد آيو، جنهن چيو ته
توکي خليل اتا گهرايو آهي، آءٌ سندس خدمت ۾ پهتس.
ارادو ٿيو ته کيس خواب جي ڳالهه ٻڌايان، مگر هن
اڳي ئي ٻڌائي ڇڏي. آءٌ سندس صحبت ۾ رهڻ لڳس ۽ ان
جي صحبت ۾ عجيب ۽ غريب مشاهدا ڪندو رهيس. ڪجهه مدت
کان پوءِ مملڪت ماوراء النهر جو خليل اتا حاڪم
ٿيو، آءٌ سندس خدمت ۾ ساڳي طرح رهڻ لڳس. پوءِ مون
کي ڪڏهن نرمي ۽ ڪڏهن سختي سان خدمت جا آداب
سيکاريندورهيو. پورا ڇهه سال سندس خدمت ۾ گذاريم.
پوءِ سندس سلطنت جو زوال آيو. ان وقت منهنجي دل
دنيا کان ڀرجي آئي پوءِ بخارا جي هڪ ڳوٺ ريورتون ۾
اچي رهڻ لڳس.
ابوالبرڪات تقي الدين علي دوستي سمناني
هيءُ شيخ رڪن الدين علاؤالدوله جي مريدن مان هو. هڪ ڏينهن شيخ
رڪن الدوله فرمايو ته جڏهن سالڪ تجلي جي وقت ڪنهن
صورت کي سمجهي ته سمجهي وٺي ته اها ظاهري تجلي
آهي. حق تعاليٰ کي ان صورت کان پاڪ تصور ڪرڻ
گهرجي. اهڙي طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام وڻ مان
آواز ٻڌو: ”اِني اَنا الله“. (بيشڪ آءٌ الله
آهيان). جيڪو شخص چوي ته وڻ الله آهي ته اهو ڪافر
ٿيو ۽ جيڪو شخص چوي ته اها ڳالهه الله تعاليٰ نه
چئي آهي ته اهو به ڪافر ٿيو. پوءِ ظاهري تجلي تي
ان قسم جو اعتقاد رکڻ گهرجي. ان ڏينهن اخي علي
دوستي حاضر هو. شيخ فرمايو ته مون کي علي دوستيءَ
جو واقعو ڏاڍو پسند آيو ۽ اها ڳالهه آءٌ صرف
درويشن جي اعتقاد جي پختگي لاءِ چئي رهيو آهيان.
حق تعاليٰ علي دوستي تي هن سال هڪ دفعي ڪل موجودات
جي صورت ۾ تجلي ڪئي ۽ ان کان پوءِ حق تعاليٰ تنزيہ
۽ تسبيح سان گڏ سندس زبان تي هي الفاظ جاري ڪيا:
چوڻ لڳو حق تعاليٰ پنهنجي ذات سان گڏ، ان کان پڇيو ته تو مون کي
ڏٺو؟ ان جواب ۾ چيو نه! الله تعاليٰ فرمايو ته هي
جيڪي شيون تو ڏٺيون هيون، اهي ڇا هيون؟ ان عرض ڪيو
ته اهي تنهنجي آثار ۽ صفات جون صورتون هيون. ليڪن
تنهنجي ذات سڀني صورتن کان پاڪ آهي. پوءِ حق
تعاليٰ کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ ان جي تعريف
ڪيائين.
شيخ ڪجج
هيءُ موحد، مدقق، سالڪ محقق هو. ايلڪانيان جي سلطان حسين ۽ سندس
پٽ سلطان اويس جي دور حڪومت ۾ 707هه ۾ هو. شيخ
الاسلام تبريز سان سندس ملاقات ٿي هئي. سندس اولاد
امير تيمور تائين رهي.
اخي علي مصري
هيءُ ملڪ شام ۽ روم جو برگزيده بزرگ هو. سندس مريد بيشمار هئا.
جيئن ته هيءُ منصف مزاج بزرگ هو. هڪ دفعي پنهنجي
مريدن جي جماعت کي چيائين ته جيڪڏهن اوهان حق جا
طالبو آهيو ته آءٌ به حق جو طالب آهيان ۽ مون مرشد
نه ورتو آهي. هينئر مون خواب ۾ ڏٺو آهي ۽ پڻ ٻڌو
به اٿم ته خراسان ۾ مرشد موجود آهي. پوءِ هلو ته
ان جي خدمت ۾ پهچون. پوءِ سڀ علاؤالدين رڪن الدين
احمد بن محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيا.
اخي احمد دهستاني
هيءُ شيخ رڪن الدين علاؤالدوله جو مريد هو. شيخ رڪن الدين
علاؤالدوله فرمائي ٿو ته چلي جي خلوت ۾ مهيني جي
اڻٽيهين رات هئي ته خواب ۾ ڏٺم ته مسافرن جي هڪ
جماعت آهي، انهن ۾ هڪ نوجوان آهي، جنهن جي مٿان حق
تعاليٰ جي نظر عنايت آهي ۽ اهو منهنجي حوالي ڪيو
ويو آهي. پوءِ مون پنهنجي خادم کي هدايت ڪري ڇڏي
ته هڪ مسافرن جي جماعت هت ايندي ان کي واپس وڃڻ جي
اجازت نه ڏج، جيستائين آءٌ فارغ ٿي ٻاهر نه اچان.
آخر اها جماعت اچي وئي. ٻئي ڏينهن جمع هو. منهنجو
چلو ختم ٿيڻ وارو هو. مون کين چيو ته مون سان مسجد
۾ ملاقات ڪجو. ٻئي ڏينهن آءٌ مسجد ۾ ويس ته اُهي
سڀ مسافرَ مليا، مگر اهو شخص جيڪو خواب ۾ ڏٺو هئم،
انهن ۾ نظر نه آيو. کانئن پڇا ڪيم ته ڪو ٻيو شخص
به باقي آهي؟ چيائون ته هائو! اهو مسجد کان ٻاهر
سامان جي سنڀال ڪري رهيو آهي. چيم ته ان کي به وٺي
اچو. پوءِ اهو به آيو. ڏٺم ته برابر ساڳيو آهي.
انهن جي اٿي وڃڻ کان پوءِ مون پنهنجي خادم کي چيو
ته ٻاهر وڃ ۽ ان نوجوان کي چؤ ته انهيءَ جماعت کي
ڇڏي مون وٽ ڪجهه ڏينهن قيام ڪر ته بهتر آهي. خادم
ٻاهر ويو ته ڏٺائين ته اهو نوجوان ٻاهر بيٺو آهي.
کانئس خادم ٻاهران بيهڻ جو سبب پڇيو ته چيائين ته
آءٌ شيخ جي خدمت ۾ رهڻ گهران ٿو. پوءِ جيڪڏهن شيخ
مون کي پاڻ وٽ رهڻ جي اجازت ڏي ته آءٌ هن جماعت کي
ڇڏي ڏيان. خادم کيس چيو ته شيخ مون کي پاڻ انهيءَ
لاءِ موڪليو آهي ته تون ڪجهه وقت قيام ڪر پوءِ شيخ
جي خدمت ۾ رهي پيو.
شيخ علي فراهي
هن بزرگ جو والد فره رياست جو حاڪم هو. جڏهن هو پوڙهو ضعيف ٿي
ويو ته هن حڪومت جون ذميداريون پنهنجي پٽ علي جي
حوالي ڪيون ۽ کيس ڪجهه لشڪر ڏئي، بادشاهه وقت
ڏانهن روانو ڪيو ته امارت جو پروانو کانئس حاصل
ڪري. پوءِ هو روانو ٿيو. اتفاق سان سمنان جي
جهنگلي علائقي ۾ کيس ڦورن، ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻو
پيو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ سندس سڀ ساٿي مارجي ويا ۽
پاڻ به سخت زخمي ٿي پيو ۽ مُرده ساٿين ۾ پيو رهيو.
شيخ رڪن الدين کي ڪشف ذريعي حڪم ٿيو ته اتي وڃ هڪ
زخمي زنده شخص کي کڻي اچي، سندس تيمارداري ڪر. شيخ
اتي پهتو، مگر هو مُردن ۾ هئڻ سبب کيس نظر نه آيو
۽ موٽي ويو. وري کيس ساڳيوئي حڪم ٿيو. وري موٽي
آيو. اهڙي طرح جڏهن ٽيون دفعو القاء ٿيس، تڏهن
مُردن ۾ ڳولهي کيس لڌائين. پوءِ ان کي خانقاهه تي
کڻي آيو ۽ تيمارداري ڪيائينس. جڏهن بلڪل تندرست
ٿيو، تڏهن شيخ کيس فرمايو ته هاڻي توکي اختيار
آهي، جيڏانهن توکي وڻي ڀلي وڃ! چيائين ته اوهان
حضور جناب کي ڇڏي ڪيڏانهن ويندس. ٻئي هنڌ جاءِ ڪين
اٿم، اوهان جي ئي خدمت ۾ رهندس. پوءِ شيخ جي خدمت
۾ رهيو ۽ تربيت حاصل ڪري ڪماليت تي رسيو.
شيخ محمد فراهي
هيءُ هڪ واسطي سان علي فراهيءَ جو مريد هو. آخري عمر ۾ حج جي
ارادي سان سفر اختيار ڪيائين. جڏهن بنوجان ڳوٺ ۾
پهتو ته اتي فوت ٿي ويو. اتي ئي کيس دفن ڪيو ويو.
مذڪور آهي ته انهيءَ ئي سفر حج ۾ جڏهن هڪ شهر ۾ پهتا ته اتي
اوباش ماڻهن جي ڪثرت هئي. جڏهن اتي مراقبو ڪيائين
ته ان ۾ هڪ رڙ ڪيائين. سندس هڪ ساٿي کانئس پڇيو ته
هيءُ ڇا آهي؟ چيائين ته هن شهر جون بدڪرداريون مون
مٿان منڪشف ڪيون ويون. انهن اوباش ماڻهن ۾ هڪ سهڻي
تمام خوبصورت عورت به ڏٺم. عرض ڪيم ته ياالله!
انهيءَ عورت کي منهنجي ڪري بخش. پوءِ ندا آئي ته
ائين ڇو نه ٿو چوين ته توکي انهيءَ عورت جي صدقي ۾
بخشيان. ڪجهه دير کان پوءِ اها عورت حاضر ٿي. کيس
توبہ جي توفيق نصيب ٿي.
امام رفيع الدين
سندس نسب جو سلسلو اٺن واسطن سان، شهاب الدين بلقب فرخ شاهه ۽
اتان پندرهن واسطن سان حضرت عبدالله بن عمر فاروق
رضي الله عنہ سان ملي ٿو ۽ مخدوم جهانيان جو مريد
هو. اصل رهاڪو سنام جو هو. پنهنجي پير جي خاص حڪم
تحت سرهند ولايت جو پير مقرر ٿيو. ان جڳهه تي سندس
ڀاءُ فتح الله حاڪم هو. بنا سڃاڻ جي ۽ بي خبري ۾
بوعلي قلندر کي رنجش پهچائڻ سبب کيس جهنگل جي
مردار خور جانورن ۾ رکيو ويو هو، جيڪو آباد نه ٿي
ٿيو. پوءِ بوعلي قلندر وٽ وڃي معذرت ڪيائين ۽
معافي ورتائين، تڏهن اهو آباد ٿيو. پوءِ هميشه اتي
سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو.
نسب شيخ عبدالاحد والد شيخ مجدد الف ثاني چئن واسطن سان ساڻس
ملي ٿو.
شيخ يحيٰ
ولايت جي باب ۾ پنهنجي قبيلي ۾ مشهور هو.
شيخ فياضي
طالبن کي فيض بخشيائين.
شيخ فيض الله
بن ضياء الدين عباسي ۽
شيخ حماد قريش
۽ شيخ روح الله ولد امجد شيخ حماد قريش ۽ قطب المحققين ۽ قطب ۽
مدفون قلعه مؤ ۾.
شيخ جمال درويش اُچي
هيءُ مخدوم جهانيان جي خليفن مان هو. معروف صاحب ڪمال هو، سلطان
تغلق سندس ڪافي معتقد ۽ ارادتمند هو. شيخ رڪن
الدين جي رنجش سبب اُچ شريف ۾ وضو ڪندي فوت ٿي
ويو، سندس وفات 735هه ۾ ٿي.
شيخ محمود قطب
عرفان جي آسمان جو قطب هو. مخدوم جهانيان جي خدمت مان جيڪو مريد
فيضياب ٿيو، سو صاحب ڪمال ٿيو ۽ هيءُ به ڪماليت جي
درجي تي پهتل هو. ٻيا مريد جيڪي سندس عنايت جي لطف
سان نوازيل هئا، سي هي آهن:
شيخ احمد چشتي پتني، شيخ شرف الدين مهابلي، تاج الدين بکري، شيخ
احمد شيرازي، شيخ سڪندر مسعود، شيخ معلي يحيٰ ابن
علي اصغر، مخدوم سيد شرف الدين يحيٰ ۽ مخدوم اخي
جمشيدي. جن جو احوال نظر نٿو اچي.
مخدوم ناصرالدين محمود
هيءُ مخدوم جهانيان جو فرزند ۽ جانشين هو. پنهنجي وقت جو مشهور
صاحب ڪرامات ۽ دل وارن جو مرڪز هو.
سيد راجو قتال
سندس نالو صدرالدين ميران هو. مخدوم جهانيان جو ڀاءُ هو. حالات
غريبه ۽ تصرفات عجيبه جو مالڪ هو. تمام وڏي جماعت
کي ڪماليت تي پهچايو هئائين ۽ سندس جماعت جي بزرگن
مان چند بزرگن جو سلسلو هي آهي:
شيخ مودود بن قاضي علم الدين، هو عبدالقادر شيخ شهيد کان متوالي
نهروجي، عارف بلوچ، بلوچستان سنڌ کان قاضي نورالله
شوشتري کان مذڪور آهي ته اهي سندس خاص مريدن مان
هئا.
ضياءالدين برني
هيءُ تاريخ فيروزشاهي جو مصنف آهي ۽ شيخ نظام الدين اولياء جو
مريد هو. امير خسرو ۽ مير حسن علامه سجزي سان کيس
ڪافي محبت هئي ۽ ارادتمنديءَ جي شروعات ۾ غور شهر
جي نور ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. لطافت طبع ۽ فن
نديمي ۾ ڪماليت هئڻ سبب سلطان محمد تغلق شاهه وٽ
ڏاڍو پيارو بڻجي ويو. فيروزشاهه جي عهد حڪومت ۾
ڪناره ڪش ٿي ويو ۽ گوشه نشيني اختيار ڪيائين. وفات
جي وقت بلڪل تنها ۽ هٿين خالي هو. سندس جنازي مهل
انهن ٻورين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو، جن تي
سمهندو هو. کيس شيخ نظام الدين جي روضي جي ڀرسان
سندس والده جي پيرن ۾ دفن ڪيو ويو.
هفت اقليم جي ليکڪ سندس تعريف کي خواجه حسن دهلوي جي احوال ۾
گڏي ڇڏيو آهي.
مولانا تاج الدين
هيءُ شيخ نظام الدين اوليآء جي صحبت جو فيض يافته هو. سندس قبر
ڪهلو ڪري ۾ آهي ۽ اتي عبارت ”ازدهلي“ لکيل آهي.
مولانا حميد شاعر قلندر
هيءُ به نظام الدين اولياء جو مريد هو. شروعات ۾ مولانا برهان
الدين غريب جي خدمت ۾ رهندو هو. سندس ملفوظات جمع
ڪيائين. ان کان پوءِ نصيرالدين محمود جي خدمت ۾
رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جا به ملفوظات جمع ڪيائين. ان جو
نالو ”خيرالمجالس“ رکيائين.
مولانا برهان الدين بلخي
هيءُ اڪمل ولي هو. مشهورِ صاحب ڪرامات هو. دهليءَ ۾ ڪجهه وقت
لاءِ ماڻهن کي فيض پهچائڻ ۽ معتقدن جي دلين کي
روشن ڪرڻ آيو ۽ تمام وڏي عمر هئڻ سبب گذاري ويو.
شيخ شرف الدين
هيءُ يحيٰ منيريءَ جو فرزند هو.هندوستان جي مشهور مشائخ مان هو.
ڪافي تصنيفات ڪيون هئائين. جن ۾ ”مڪتوبات“ مشهور ۽
بهترين ڪتاب آهي.
مذڪور آهي ته هو شيخ نظام الدين جي مريد ٿيڻ جي شوق ۾ دهليءَ ۾
پهتو. پر هن جي پهچڻ کان اڳ شيخ نظام الدين انتقال
ڪري ويو. اتفاقاً شيخ نجيب الدين سهروردي ان وقت
دهليءَ ۾ موجود هو. شرف الدين سندس زيارت لاءِ
ويو، شيخ نجيب الدين سهروردي کيس ڏسي چيو ته: اي
درويش اچ! مدت کان آءٌ تنهنجي انتظار ۾ هئس ته اچي
ته مون وٽ رکيل امانت سندس حوالي ڪريان. پوءِ ان
جو مريد ٿيو ۽ اها امانت حاصل ڪري پنهنجي وطن واپس
وريو.
هيءُ به مشهور آهي ته آگره جي جهنگن ۾ ڪيترائي سال عبادت ۾
گذاريائين ۽ سندس قبر منير شهر ۾ آهي. منير شهر
بهار جي علائقي ۾ آهي.
مولانا خواجه حسن سجزي دهلوي
سندس نالو نجم الدين هو. علاؤالدين ڪاتب جو فرزند هو. شيخ نظام
الدين اوليآء جو مريد هو. هن بزرگ ۽ امير خسرو
دهلوي ۾ ڏاڍي دوستي ۽ پيار هو. سندس شعر خسرو
دهلوي جي شعرن کان وڌيڪ نمڪين آهن. هن پنهنجي شعر
۾ سعدي جي شعر جي طرز اختيار ڪئي هئي. هن پنهنجي
مرشد جا ملفوظات جمع ڪري، انهيءَ جو نالو ”فوائد
الفواد“ رکيو. خسرو چوندو هو ته ڪاش! منهنجون سڀ
تصنيفات ان جي نالي منسوب هجن ها ۽ هي ”فوائد
الفواد“ منهنجي نالي سان منسوب هجي ها ۽ ان جي
تعريف ۾ هي رباعيون چيائين:
رباعي
يک حرف تو چهل صباح عالم را نور
يک حرف تو هشت خلد را مايه نور
حرف سيمين چهل ولي را دستور
زان چار چهار رکن عالم معمور
رباعي
دارم دلي غمين بيامرز و مپرس
صد واقعه درمکين بيامرز ومپرس
شرمنده شوم اگر به پرسي علمم
اي اکرم اکرمين بيامرز و مپرس
شيخ حسام الدين ملتاني
جڏهن سلطان محمد تغلق، دهليءَ جي ڪجهه ماڻهن کي ديوگير ڪوچ ڪرڻ
جو حڪم ڏنو ته هيءُ گجرات ويو. پتن شهر ۾ گذاري
ويو. اُتي ئي کيس دفن ڪيو ويو.
مولانا سراج الدين
سندس لقب اخي سراج هو. شيخ نظام الدين اوليآء جو مريد هو. ان جي
فوت ٿيڻ کان پوءِ لکنؤ هليو ويو.
مولانا فخرالدين زرادي
هيءُ به شيخ نظام الدين اوليآء جي مريدن مان هو. هن ٻه رسالا
لکيا، جن جي مقدمي ۾ فقہ جي اصول جا قاعدا ۽ انهن
جي وضاحت بيان ڪري، ان کي پورو ڪيو هئائين.
مولانا علاؤالدين نيلي
هيءُ به شيخ نظام الدين اوليآء جو مريد هو. سندس مرشد جي اجازت
هوندي به هن خلافت جو چرچو نه ڪيو.
شيخ محمود
سنڌ ۾ سمن جي حڪومت دوران هيءُ سنڌ جي برک عالمن ۽ برگزيده
مشائخ مان هو. سندس بابرڪت سڪونت سيوستان ۾ هئي.
سندس اولاد مان قاضي شرف الدين معروف ”مخدوم راهو“
مشهور هو. ان وقت جي طريقت جي نامورن سالڪن مان
هو. قاضي ڏتو سيوستاني سندس فرزند هو.
سيّد حسين خمڪ سوار گجراتي
هيءُ به شيخ نظام الدين جي مريدن مان هو. صاحب ولايت ۽ صاحب
ڪرامات هو. سندس مزار ٻين شهيدن سان گڏ فراز قلعه
۾ آهي، جيڪو ڪروتيلي نالي سان مشهور آهي ۽ چيو وڃي
ٿو ته اها هڪ عجيب جڳهه باصفا ۽ باسڪون آهي.
پڻ چيو وڃي ٿو ته ڪافرن سان جنگ ڪندي، بلند پهاڙ جي چوٽي تان
حملو ڪري کين تباهه ڪندو رهيو. اهو سندس ڪرامت جو
ڪمال هو.
شيخ عبدالله غرجستاني
هيءُ شيخ رڪن الدين علاؤالدين جي مريدن مان هو. غرجستان جي هڪ
ڳوٺ جو رهندڙ هو. ننڍڙي عمر جو هو ته سندس والد
گذاري ويو. سندس والده هڪ ٻئي شخص سان نڪاح ڪيو.
هڪ ڏينهن سندس ويڳي پيءُ کان ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿي، جو ننڍڙي
کي وهم ويٺو ته هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو. سو هو
ڳوٺ کان ڀڄي نڪتو ۽ پسگردائيءَ ۾ وڏي پاڻيءَ جي
چشمي تي هڪ وڻ بيٺو هو، جنهن تي چڙهي وڃي لڪي
ويٺو. اتفاقاً درويشن جي هڪ جماعت انهيءَ وڻ هيٺان
منزل ڪئي ۽ پاڻي هئڻ سبب انهن درويشن ان پاڻيءَ ۾
ننڍڙي جو پاڇو ڏٺو. پوءِ ان کي وڻ تان لاهي پاڻ سن
گڏ وٺي ويا. جڏهن سمنان ۾ پهتا ته شيخ رڪن الدين
کانئن اهو ننڍڙو ورتو ۽ ان جي پرورش ۽ تربيت
ڪيائين. جڏهن ڪامل ۽ ارشاد طالبان جي لائق ٿيو،
تڏهن کيس طوس جي ولايت ڏنائين. جڏهن هو طوس ۾ آيو
۽ هدايت طالبان ۾ مشغول ٿي ويو ته ڪجهه وقت کان
پوءِ وقت جي بادشاهه کيس عرض ڪيو ته بعض دشمنن سان
جنگ ۾ اسان سان گڏ رهو، جنهن کي انهيءَ قبول ڪيو.
پوءِ انهيءَ جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. سندس جسم کي طوس ۾
آڻي دفن ڪيو ويو. سندس قبر طوس ۾ آهي.
بابا محمود طوسي
هيءُ شيخ عبدالله جي مريدن مان هو. شيخ عبدالله چله ۾ ويٺل هو.
هڪ ڏينهن خانقاه جي خادم کي فرمايائين ته اڄ رات
ٻه درويش خانقاه ۾ ايندا. پوءِ هوشيار ۽ خبردار
رهج، جيئن هو بي خودي ۾ نه اچن ۽ خلوت کان ٻاهر
نڪري نه وڃي سگهن. خادم حاضر ۽ چوڪس هو ته اوچتو
بابا محمود نعرو هڻي ٽِپ ڏئي، ٻاهر نڪري هليو ويو.
باقي هندو الياس کي قابو ۾ رکيائين. بابا محمود
جهنگن ۽ جبلن ۾ گم ٿي ويو. هندو الياس هوش ۾ اچي
صحيح رستي تي ڪامل ٿي ويو، ليڪن بابا محمود مغلوب
۽ مجذوب ٿي ويو.
اخي علي قتلق شاهه
هيءُ به شيخ عبدالله جي مريدن مان هو. شيخ عبدالله کي جڏهن
بادشاهه وقت جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ طلب ڪيو، تڏهن
چيائين ته آءٌ هن لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويندس. اخي
عليءَ کي مون کان پوءِ منهنجو جانشين بڻائجو. پوءِ
وصيت موجب اخي عليءَ کي سندس جانشين ڪيو ويو. هنن
پنهنجي پير جو طريقئه ارشاد جاري رکيو.
شيخ حافظ بهاؤالدين بن عمر ابروهي
هيءُ شيخ اخي عليءَ جي مريدن مان هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد فوت
ٿي ويو. کيس درزيءَ جي دڪان تي ڪم سکڻ لاءِ
ويهاريو ويو. مولانا رضي الدين ماياني جو شيخ
عبدالله غرجستاني جو مريد هو. خضر عليہ السلام جو
به صحبت يافته هو، ابروهه ۾ آيو ۽ ٻڌايائين ته شيخ
عمر جو پٽ درزيءَ جي دڪان تي ويهاريو ويو آهي.
چيائين ته درزين وٽ وڃڻ وارو نقصان ۾ رهندو. پوءِ
ابن عمر کي سڏرائي پاڻ سان گڏ شهر طوس وٺي ويو. هڪ
صالح حافظ جي حوالي ڪري چيائينس ته هن کي حافظ
قرآن بڻاءِ.
ابن عمر جو چوڻ آهي ته جڏهن مون کي شروع ۾ سلوڪ جي واٽ ۽ وصل
الي الله جي خواهش پيدا ٿي ته نيشاپور ۾ مولانا
شمس الدين خليفو ارشاد ۾ مشغول هو. شيخ اخي علي
جي راه ۾ هڪ بيابان هو. مون هر ولايت ۾ ”عزيزي“ جو
نالو ٻڌو. پريشان ٿي ويس ته ڪيڏانهن وڃان؟ پوءِ هڪ
دفعي خواب ۾ ڏٺم ته هڪ شخص پيرين اگهاڙو ڊوڙندو
آيو، مون کي جهلي، اخي علي جي هنج ۾ ويهاريائين
پوءِ مون سمجهيو ته اخي علي جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ
گهرجي. پوءِ ان جي خدمت ۾ پهچي ساڻس بيعت ڪيم ۽
سندس خدمت ۾ رهڻ لڳس.
خواجه حميدالدين ڪهوارڪر
هيءُ حق تعاليٰ جي محبوب ۽ مجذوب ٻانهن ۾ پيارو ٻانهو هو.
اسماعيل ڳوٺ ۾ شيخ محمد جي تربت وٽ ۽ هڪ پٿريلي
دڙي تي ويهي وعظ ڪندو هو. رضي الدين ماياني ۽ شيخ
حافظ ابروهيءَ جن جو همعصر هو.
مولانا رضي الدين علي ماياني
هيءُ شيخ عبدالله غرجستاني جو مريد ۽ خضر عليہ السلام جو صحبت
يافته هو.
شيخ صفي الدين گاذروني ڪبير
هيءُ اڪمل اوليآء مان هو. اُچ ۾ فوت ٿي ويو. سندس زمانو اٺين
صدي هجري آهي. سندس پوٽو صفي الدين صغير هو. هيءُ
ٻئي بزرگ پنهنجي وقت جا ڪامل اولياء الله هئا. صفي
الدين شيخ ڪبير جي درگاهه هن وقت به اهل الله ۽
عوام جي محبوب زيارتگاهه ۽ دعائن جو مرڪز آهي.
گنج احمد
هي ملڪ گجرات جي اڪابرين مشائخ مان هو. حقيقت احمدي جو خزانو ۽
دائمي معنائن جو خزانو عطا هجڻ سبب کيس ”گنج احمد“
سڏيندا هئا. وقت جا سلطان، اُمراء، ننڍا ۽ وڏا سڀ
منجهس بي پناهه عقيدت رکندڙ هئا.
شيخ احمد ڪهتو
ڪهتو هڪ ڳوٺ جو نالو آهي جو ناگور جي علائقي ۾ آهي. شيخ انهيءَ
ئي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. اخبار الاخيار ۾ آهي ته سندس
وڏا دهلي کان آيل هئا ۽ ننڍپڻ جو عرصو هن دهليءَ ۾
گذاريو هو. مشهور آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ رات سخت طوفان
کيس کڻي اُڏاري وطن کان پري ڪنهن علائقي ۾ وڃي
اُڇلايو. پوءِ گهمندي ڦرندي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
ڪهتو ڳوٺ ۾ پهتو. اتي شيخ ابواسحاق مغربي کي هٿ
آيو. جنهن کيس پاڻ وٽ رهائي، سندس تربيت ڪري ڪامل
ولي الله بڻايو. بعد ۾ شيخ احمد دهليءَ ۾ اچي رهيو
۽ ڪافي مدت کان پوءِ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ
ويو. اتي سندس ڪافي عزت ۽ تعظيم ٿي. حج ۽ زيارت
کان واپس ٿيڻ بعد سلطان مظفر دهليءَ ۾ پراڻي ڏيٺ
ويٺ جي آڌار ۽ حجت تي کيس گجرات وٺي آيو ۽ اتي ڳوٺ
سرنج ۾ رهايائينس. پوءِ اتي سڪونت اختيار ڪيائين ۽
اتي ئي فوت ٿي ويو.
مذڪور آهي ته گجرات جي سلطان احمد باقي کي شيخ احمد ۾ ڏاڍو
اعتقاد هو. سندس اشاري مطابق ٽن ٻين احمد نالي
بزرگن:
هڪ احمد ڪبير ۽ ٻيو گنج احمد ۽ ٽيون احمد نعلبند،
جيڪي وقت جا معروف بزرگ ۽ مشائخ هئا، انهن جي
اعانت سان سلطان احمد هڪ شهر نالي احمد آباد تعمير
ڪرڻ چاهيو ٿي. اتي هڪ جوڳي جنهن جو نالو ”مرتاض“
هو، ان ۾ رهندو هو. جوڳي نه ٿي چاهيو ته اهو شهر
تعمير ٿئي. انهيءَ ڪري جيڪو به ڏينهن ۾ تعمير جو
ڪم ٿيو پئي ته اهو رات ۾ ڊٺل پيو هوندو هو. هو
استدراج جو ماهر هو. ان زور تي اهي حرڪتون ڪندو
هو. آخر سڀني بزرگن جوڳي نالي ”مانڪ ناٿ“ ڏانهن
پيغام کڻي ويا ۽ چيائونس ته ڪيتري تائين پهچ رکين
ٿو؟ چيائين زمين، آسمان جون شيون آڻي سگهان ٿو،
ليڪن منهنجو امتحان انهيءَ ۾ ئي آهي ته ڪنئري جي
بلڪل تنگ منهن جي سوراخ ۾ اندر وڃي پورو ويهي
سگهان ٿو. پوءِ سندس امتحان ورتائون. پوءِ جڏهن هو
اندر ڪنئري ۾ وڃي ويهي رهيو ته ڪنئري کي ڍڪ ڏئي
مٿان بند ڪري ڇڏيائونس ۽ هو نڪري نه سگهيو. جوڳي
رڙ ڪري چين ته اوهين منهنجي مٿان غالب اچي ويا
آهيو. هاڻي شهر ڀلي تعمير ڪيو، ليڪن اگر ان ۾
منهنجي نالي تي ڪا جڳهه يادگار رکندؤ ته پائدار
رهندو. پوءِ ان کان وٺي ابتدائي چونڪ مانڪ واري
جڳهه مشهور ۽ معروف آهي ۽ احمدآباد جي شهر جي
اڏاوت جي تاريخ لفظ ”خير“ ۾ 810هه ۽ تاريخ جامع
مسجد شاهي لفظ ”بخير“ 812هه ۾ مضمر آهي.
احمد نعلبند
هيءُ بزرگ نعل، الله جي محبت ۾ مستغرق ۽ خدمتگاريءَ ۾ شهسوار ۽
حقيقت ۽ معرفت ۾ الله کان آگاهه ۽ ٽنهي احمدن جو
همعصر هو. احمد آباد ۾ گذاري ويو. سندس مدفن احمد
آباد جي بازار ۾ خاص ۽ عام جو زيارتگاهه آهي.
عزيز بخاري
هيءُ حضرت ڪتاب ”ڪشف الحقائق“ جو مصنف ۽ فاتحة الڪتاب جو متضمن
۽ ڏهن رسالن ۽ انهن جي خاتمہ جو ليکڪ هو. سن
671هه ۾ بعض فقراء جي التماس تي لکڻ شروع ڪيو
هئائين ۽ ڪفار جي طرفان غير معمولي حالات پيدا ٿيڻ
سبب ماوراء النهر جي علائقي ۾ هليو ويو. اتان
خراسان ۾ پهتو ۽ ڇڏيل باقي مسوده (بياض) سال 680هه
۾ مڪمل ڪري ڇڏيائين.
هن ارادو ڪيو ته سڀاڻي مڪمل بياض منظرِ عام تي آڻيان، ليڪن
انهيءَ رات ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن کي خواب ۾ ڏٺائين، جن
کيس فرمايو ته جيستائين سن 700هه نه گذري،
تيستائين هن ڪتاب جو خلق ۾ اظهار نه ڪر. عرض
ڪيائين ته: يارسول الله ﷺ هن ڪتاب جا ڪي جزا ته ماڻهو کڻي ويا آهن،
فرمايائون ته باقي جيڪو بچيل آهي ته ان کي ستين
صدي هجري جي گذرڻ تائين ظاهر نه ڪر.
شيخ حاجي محمد
هيءُ خبوشان جو رهاڪو هو. سندس طريقت جي نسبت چئن واسطن سان مير
سيد علي همداني سان ملي ٿي.
کيس 37 خليفا صاحب ارشاد هئا ۽ خراسان ۾ پنهنجي وقت جو مڃيل
بزرگ هو. سندس خليفن مان نامور خليفا هي هئا:
(1) شيخ عمادالدين فضل الله:
هيءُ خراسان ۾ پنهنجي وقت جي نامور مشائخ مان هو.
(2) مولانا محمد زاهد:
هيءُ بلخ ۾ ڪيترائي سال عبادت ۽ خلق جي رشد ۽
هدايت ۾ مشغول رهيو.
(3) خليفه صدرالدين هرڪاوي:
بلخ ۾ جهان خلق کي فيض رسائيندو رهيو.
شيخ نورالدين خوافي
سندس رجحان عبادت جي ڪثرت ڏانهن هو. سندس پوٽو شيخ عبداللطيف
خوارزم ۾ پنهنجي وقت جو معروف ۽ ممدوح بزرگ هو.
سلاطين وقت سندس معتقدين ۽ مريد رهيا.
مولانا تاج الدين
دشت ڪولڪيءَ جو رهاڪو هو. اڪابرين اولياء الله مان هو. مولانا
يعقوب چرخي سندس خدمت ۾ ڪافي وقت رهيو.
شيخ سراج الدين پرمسي
پرمس ونڪي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. اها جڳهه بخارا شهر کان شرعي
چئن ميلن جي پنڌ تي آهي.
مولانا تاج الدين درغمي
هيءُ پنهنجي وقت جو اڪابرين مشائخ هو. ظاهري ۽ باطني علوم جو
عالم هو. صاحب احوال عاليه ۽ ڪرامت ظاهره هو.
خواجه عبيدالله احرار جي ڏاڏنگ مان هو.
مولانا محمّد بشاغري
سمرقند ولايت جي اوڀر، اُتر ۾ بشاغر هڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ شهر کان
ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. ظاهري ۽ باطني
علوم جو ماهر ۽ عالم دين هو. اويسي طريقت جو فيض
يافته هو. مولانا تاج الدين جي مائٽن مان هو.
خواجه محمد پارسا ساڻس ملاقات ڪئي هئي.
خواجه ابراهيم شاشي
هيءُ خواجه عبيدالله احرار جو مامو هو. عالم، عارف، صاحب ذوق ۽
صاحب وجد هو. شروعات ۾ سيد شريف جرجاني ۽ خواجه
عطاءالدين عطار جي صحبت حاصل ڪئي هئائين.
خواجه عمادالملڪ
هيءُ فاضل ۽ ڪامل شيخ هو.
سندس چوڻ آهي ته احوال ۽ وجد جي مجموعي کان استقامت بهتر ۽
محبوب تر آهي.
مولانا مسافر
هيءُ سلسله مشائخ ترڪ کي وڌيڪ ڀائيندو هو. خواجه عبيدالله احرار
اشعار ۽ احوال ۾ ساڻس ڪچهري ڪندو هو.
پير عزيزي
هيءُ خواجه عبيدالله احرار جي چاچاڻ مان هو. مولانا مسافر جي
خلفاء مان هو. وقت جو معروف بزرگ هو. سندس ئي
سلسلي سان وابسته هو.
خواجه شهاب الدين
هيءُ خواجه عبيدالله احرار جو پڙڏاڏو هو. روحانيت، ڪرامات ۽
وجدان ۾ ڪامل هو. مجذوبن سان محبت رکندڙ هو. گهڻو
ڪري پوک ڪرڻ يا واپار ۾ مشغول هوندو هو. سفر ۾ پاڻ
سان گڏ ڪو ساٿي نه کڻندو هو. هڪ دفعي ڌاڙيلن کيس
سوگهو ڪيو. مجذوبن جا نالا کڻندو رهيو. اهي حاضر
ٿيا ۽ کيس آزاد ڪرايائون.
شجره نسب ۾ حضرت عون بن علي فرزند اميرالمؤمنين علي عليہ السلام
جي اولاد مان هو. سندس شجره هن ريت آهي:
شهاب الدين بن محمّد عبدالله بن خواجه قطب الدين يحيٰ بن
ناصرالدين محمد بن ظهيرالدين محمد بن وحيدالدين بن
رضي الله محمد بن رشيد بن عبيدالله بن خواجه
علاؤالدين احمد بن خواجه بهاؤالحق والدين بن امير
محمد جعفر بن مير محمود بن مير عبدالله بن
اميرابراهيم بن امير محمد بن مير محمد عبدالله بن
امير عمر بن اميرعون بن علي عليہ السلام. والعلم
عندالله.
مذڪور آهي ته جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو ته پنهنجي فرزندن
محمد ۽ محمود کي سڏرايائين ۽ کين چيائين ته اوهين
به پنهنجن فرزندن کي گهرايو. جڏهن اهي سڀ وٽس آيا
ته محمد جي فرزندن مان جيڪي سندس وڏا پٽ هئا، تن
جا نالا اسحاق ۽ مسعود رکيائين ۽ ڏسي چيائين ته
ڪافي پريشاني ڏسندا ۽ محمود جي فرزند، خواجه
عبيدالله کي، جيڪو تمام ننڍڙي عمر جو هو، پيچدار
پوشاڪ ۾ کيس آندو ويو هو، شهاب الدين جڏهن پنهنجي
انهيءَ ننڍڙي پوٽي کي ڏٺو ته پاڻ اٿي ويٺو ۽ پوٽي
کي هٿ کان وٺي پنهنجي هنج ۾ ويهاري چوڻ لڳو ته هي
اهو ٻار آهي، جنهن جي مون گُهرَ ٿي ڪئي. پر افسوس
جو جن ڏينهن ۾ هن جو ظهور ٿيندو ته آءٌ نه هوندس ۽
هن جهان ۾ سندس تصرفات ڏسي نه سگهندس ۽ تمام جلد
هيءُ پُٽ عالمگير هستي ٿيندو. شريعت کي رائج ڪندو
۽ طريقت کي رونق بخشيندو. وقت جا سلاطين سندس
اڳيان ڪنڌ جهڪائيندا. سندس بابت سڀ حالات هڪ هڪ
ڪري شروع کان آخر تائين بيان فرمايائين. پوءِ سندس
سمورو بدن مٿي کان وٺي پيرن تائين چميائين ۽ کيس
ان جي پيءُ جي حوالي ڪري، سندس تربيت لاءِ وصيت
ڪيائين.
|