باب چوٿون
ٻي سخت آزمائش
”تون نه ٿو ڄاڻين دمتري فيودورپاولووچ، تنهنجي
جواب ڏيڻ جي جلد، ڪيڏي نه اَسان کي همت ٿي ڏياري.“
نڪولائي پارفينووچ، وڏي هيج ۽ مڪمل تسليءَ سان
کيس چيو، جا سندس مٿانهين ۽ گهٽ نظر وارين ڀورين
اکين ۾ چمڪي رهي هئي. جن تان ٿورو اڳ هن پنهنجي
عينڪ لاهي ورتي هئي. ”تو هاڻي هڪٻئي ۾ اعتبار رکڻ
جي، جا راءِ ڏني آهي، اُن کان سواءِ، اِهڙي ضروري
معاملي ۾ هي بلڪل ڏکيو ٿيندو، جو اُن جي تـَـهه
تائين پهچي سگهجي. اِهڙيءَ حالت ۾ ٻي ڌر پنهنجي
بچاءَ کي چڱيءَ ريت پيش ڪري سگهندي ۽ اُن جي خواهش
۽ اُميد پوري ٿي سگهندي. اسان پنهنجي طرفان جو
ڪجهه اَسان جي طاقت ۾ آهي، تون ڏسين ٿو، ته ڪهڙي
ريت مقدمي جي پيروي ڪري رهيا آهيون. ائپولٽ ڪريووچ
ڇا، تون به مون سان موافقت رکين ٿو؟“ هن مڙي اُن
کي چيو.
”بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي.“ جاچ ڪندڙ وڪيل جواب
ڏنو. سندس آواز سرد مهريءَ وارو هو ۽ نڪولائي
پارفينووچ کان بلڪل ٻيءِ طرح جو هو.
”مان اوهان کي ٻڌائي آيو آهيان، ته نڪولائي
پارفينووچ جيتوڻيڪ اسان وٽ پوءِ آيو هو، پر کيس
شروع کان ئي ائپولٽ ڪريووچ لاءِ وڏي عزت هئي ۽
سندس يارِ غار هو. هـُـو اڪيلو فرد هو، جنهن کي،
هن ۽ سندس غير معمولي لياقتن ۽ نفسيات جي جوهر جو
پورو پورو يقين هو. هـُـو سٺو مقرر هو ۽ انصاف جي
تڪليفن کان پوريءَ ريت واقف هو. هن سندس ساراهه
پيٽرسبرگ ۾ ٻڌي هئي. ٻي طرف نوجوان نڪولائي
پارفينووچ اُهو ماڻهو هو، جنهن کي اَسان جي مختصر
جاچ ڪندڙ عملدار، دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ٿي چاهيو.“
ماڪرو ڏي ايندي رستي تي موجود مقدمي جي بابت، هنن
ٻنهي جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي چـُـڪو هو. هاڻي جڏهن ته
هيءَ ميز جي سامهون ويٺا هئا، تيز لياقتن واري
ننڍي آفيسر، پنهنجي وڏي آفيسر جي سامهون هر ڳالهه
۾ دخل ڏيئي، اُن ڏانهن اِشارو ٿي ڪيو. پوءِ اُهي
ٿورا لفظ هئا، يا نگاهه يا اک ٻوٽ.
”شريف انسانو! مون کي اِجازت ڏيو، ته مان اوهان
کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان ۽ اوهان اُن مان ڪي ڀوائتا
سوال نه پڇو. مان اوهان کي لحظي ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي
ڇڏيندس.“ مـِـتيا کين جوش مان چيو.
”نهايت چڱو، مهرباني، پر اِنهيءَ کان اڳي، جو
اسان تنهنجي سلسلي کي غور سان ٻـُـڌون، تون اسان
کي اِجازت ڏيندين، ته اسان توکان ڪا حقيقت پڇون،
جنهن ۾ اَسان جي گهڻي دلچسپي آهي. منهنجو مطلب
آهي، اُنهن ڏهن روبل کان، جي اوهان ڪالهه پنجين
بجي، پنهنجي دوست پيوٽراليچ پروهيٽن کان، پستول
گروي رکندي ورتا هئا؟“
”ها ورتا هئا، شريف انسانو! هائو مان ڏهه روبل
ورتا هئا، اوهان کي وڌيڪ ڇا کپي؟ ڳالهه ته فقط
ايتري آهي، مان شهر ويس ۽ پستول گروي رکيم.“
”تون شهر موٽي وئين؟ تون شهر کان ٻاهر به ويو
هئين ڇا؟“
”هائو، مان پنج ورسٽ (ميل) ٻهراڙي ۾ سفر تي ويو
هوس. ڇا توهان اِهو نه ٿا ڄاڻو؟“
جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ، پاڻ ۾ نگاهن
کي ملايو.
”ٺيڪ آهي، هاڻي تون ڪيئن پنهنجي ڪهاڻي شروع کان
بيان ڪندين، جو ڪالهه کان يعني صبح کان ۽ اڳتي،
سڄو ئي تفصيل سلسليوار اُن ۾ اَچي وڃي؟ مثال طور،
اَسان کي اِجازت ڏي، ته اَسان توکان جاچ ڪريون، ته
تون ڪالهه شهر کان ڇو غير حاضر هئين؟ اُهو سڀڪجهه
ٻڌاءِ، ته تون ڪهڙي وقت شهر مان نڪتين ۽ ڪهڙي وقت
موٽي آئين - هيءُ سڀيئي حقيقتون ٻڌاءِ؟“
”اوهان شروع ۾، مون کان اِهڙيءَ ريت پڇو ها.“
مـِـتيا زور سان کلندي کين چيو. ”پر جيڪڏهن
اوهان کي پسند هجي، ته اسان حقيقتون ڪالهه کان
شروع نه ڪنداسون، پر هڪ ڏينهن اُن کان به اڳ کان
شروع ڪنداسون. تڏهن ئي اوهان سمجهي سگهندا، ته
ڪيئن، ڇو، ۽ ڪٿي ڪٿي مان ويس؟ شريف انسانو! مان
ڪالهه کان هڪ ڏينهن اڳ، شهر جي هڪ واپاري وٽ ويو
هوس، جنهن جو نالو سامسونوف آهي. مان اُن کان
سلامتيءَ واري ضمانت تي ٽي هزار روبل اُڌارا وٺڻ
ويو هوس. شريف انسانو، اِهو ضروري معاملو هو ۽
اتفاقي ضرورت لاءِ هو.“
”مون کي دخل ڏيڻ جي اِجازت ڏي“ جاچ ڪندڙ عملدار
کيس نرمائيءَ سان چيو، ”تون اُن ڪهڙيءَ سخت ضرورت
۾ هئين، جو توکي ٽي هزار روبل گهربل هئا.“
”شريف انسانو، اوهان هن تفصيل ۾ نه پئو. ڪڏهن،
ڪيئن ۽ ڇو مون کي اِنهيءَ رقم جي ضرورت هئي؟ هي سڀ
بيڪار داستان آهي. هيءَ حقيقت ٽن وڏن جلدن ۾ اَچي
سگهي ٿي، ۽ پوءِ ئي اوهان اُن جي تتمي (آخري باب)
کي ٻڌي سگهندا.“
مـِـتيا هيءَ سڀ ڪجهه نيڪ نيتيءَ سان چيو، پر هڪ
بي صبر رواداريءَ سان، اُن ماڻهو وانگر جو سڄيءَ
حقيقت کي انتظار سان ٻڌائڻ لاءِ تيار هجي، ۽ سڄو
ئي نيڪ نيتيءَ سان معمور هجي.
”شريف انسانو!“ هن جلديءَ مان پنهنجي تصحيح ڪئي.
”اوهان منهنجي بيقراريءَ کان اَثر نه وٺو. مان
اوهان کي وري به اِهو عرض ٿو ڪريان. مون کي اوهان
جي لاءِ وڏي عزت آهي ۽ معاملي جي صحيح مقام کي مان
ڄاڻان ٿو. اِيئن نه سمجهو، ته مان پيتل آهيان. مان
هاڻي بلڪل هوشيار آهيان. شراب پيتل جي حيثيت ۾ به،
اوهان جي لاءِ رڪاوٽ نه ٿيندس. اُن چـَـوڻيءَ
وانگر، مون تي جو گذري رهيو آهي، اُن کي مان ڄاڻان
ٿو، يعني ’اُهو جو سنجيده آهي، وڏو بيوقوف آهي، پر
جڏهن هو، پيتل آهي، ته وڏو داناءُ آهي.‘ ها، ها،
پر شريف انسانو، هيءَ ڪا صحيح شيءِ نه آهي، ته مان
اوهان سان مذاق ڪريان. منهنجو مطلب آهي، ته
جيستائين اَسان هڪٻئي کي سمجهي سگهون. اُن کان
سواءِ مون کي پنهنجي به عزت آهي، جنهن کي برقرار
رکڻ گهران ٿو. مان هن گهڙيءَ جي تفاوتن کي به
چڱيءَ ريت سمجهي سگهان ٿو. مان آخر ته ڏوهيءَ جي
حيثيت ۾ آهيان. اُن ڪري اوهان سان هڪجهڙي حيثيت
کان گهڻو پري آهيان. اِهو اوهان جو عمل آهي، ته
منهنجي نگراني ڪريو. مان اوهان ۾ اُميد ٿو رکان،
ته منهنجي مٿي تي ٿڦڙون هڻو، ڇاڪاڻ ته مون
گريگريءَ سان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، ڇو ته ڪوبه پوڙهي
ماڻهوءَ جي مٿي کي ڀڃڻ کان پوءِ، آزاد ٿيڻ جي
اُميد نه رکندو. مان سمجهان ٿو، ته اوهان مون کي
ڇهه مهينا يا سال شايد اصلاحي گهر (جيل) ۾ بند
رکو. مون کي خبر نه آهي، ته اُن جي ڪهڙي سزا آهي؟
پر اِنهيءَ هوندي به مون کي پنهنجي رتبي ۾ ڪوبه
نقصان نه پوندو. اِيئن نه؟ ان ڪري شريف انسانو،
مان، اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾ تفاوت کي چڱيءَ ريت
سمجهان ٿو ...... پر اوهان کي هيءُ ڏسڻ گهرجي، ته
اِهڙن سوالن سان، ته اوهان وڏن عقلمندن کي به
منجهائي سگهو ٿا. مثلاََ: تون ڏاڪي تي ڪيئن چڙهين؟
تون ڪٿان چڙهين؟ تون ڪڏهن چڙهين؟ ڪهڙي شيءِ تي
چڙهين؟ مان منجهي پوندس، جيڪڏهن اوهان اِهڙيءَ ريت
پڇا ڪئي ۽ يقيناً اوهان سڀ ڪجهه منهنجي خلاف ئي
ڏيندا. اُن مان نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ يعني ڪجهه به
نه! توڙي جو هاڻي مان بيوقوفيءَ سان ڳالهائي رهيو
آهيان، اُن کي پورو ڪرڻ ڏيو. اوهان شريف انسانو،
وڏيءَ عزت ۽ حيثيت وارا آهيو، مون کي معاف ڪري
ڇڏيندا. شريف انسانو، مان هيئن چئي پنهنجي گفتگو
کي ختم ڪندس ته غير طبعي سوالن جي طريقي کي ڇڏي
ڏيو. منهنجو مطلب آهي، ته ابتدا ڪنهن اَجاين ۽
مصيبت پيدا ڪندڙ سوالن سان نه ڪريو. جيئن ته مان
ننڊ مان ڪيئن جاڳيس؟ مون کي ناشتي ۾ ڇا هو؟ مان
ڪيئن ٿـُـڪ اڇلائي ۽ اها ڪٿي مون ڦٽي ڪئي؟ اِهڙيءَ
ريت اوهان هڪ ڏوهيءَ جي لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري،
سندس توجهه، ڪين جهڙن مسئلن ڏانهن موڙي ڇڏيندا.
اُن بعد اوچتو اوهان اُن کان منجهائيندڙ سوال شروع
ڪري ڏيندا، ته تو ڪنهن کي قتل ڪيو؟ تو ڪنهن کي
ڦـُـريو؟ ها، ها، اِهوئي اوهان جو باقاعده طريقو
آهي؟ اِنهيءَ ۾ ته اوهان جي سڄي مڪاري سمائجي ٿي
وڃي. اوهان ڳوٺاڻن جي نگرانيءَ کي ته پري ڪري سگهو
ٿا، جيتوڻيڪ مون کي نه. مان اِهي سڀيئي حيلا ڄاڻان
ٿو. مان پاڻ ملازمت ۾ رهيو آهيان. ها، ها، ها!
شريف انسانو! اوهان ناراض ته نه آهيو؟ منهنجي
گستاخيءَ کي معاف ڪريو.“ هو نيڪ نيتيءَ سان کين
ڏسندو رهيو، جو نهايت حيرت ۾ وجهندڙ منظر هو.
”اوهان کي خبر آهي، ته هيءُ رڳو مـِـتيا
ڪرامازوف، آهي، اُنڪري سندس غلطين کان درگذر ڪيو.
هڪ سمجهه واري ماڻهوءَ جي لاءِ، جيتوڻيڪ هيءُ معاف
ڪرڻ جي لائق نه آهي، پر اوهان مـِـتيا جي حالت ۾
کيس معاف ڪريو. ها، ها!“
نڪولائي پارفينووچ، کيس ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کليو.
جيتوڻيڪ جاچ ڪندڙ عملدار نه کـِـليو. هـُـن
پنهنجون اکيون وڏي غور سان مـِـتيا ۾ کپائي ڇڏيون،
ڄڻ ته انتظار ۾ هو، ته هو سندس ڪنهن به جملي کي نه
وساري ۽ سندس چهري جي ٿوري به هيٺ مٿانهين کان
غافل نه رَهي.
”اِهوئي سبب آهي، جو اَسان جي هلت شروع کان وٺي
توسان خوشگوار رَهي آهي.“ نڪولائي پارفينوويچ
کيس چيو، هـُـو اَڃا به کلي رَهيو هو. ”اسان
اِها ڪوشش نه ڪئي آهي، ته توکان پڇون ته صبح سان
تون ڪيئن جاڳين ۽ تو ناشتو ڇا جو ڪيو؟ سچ پچ اَسان
اُهي سوال پڇيا آهن، جي وڏيءَ ضرورت وارا آهن.“
”مان سمجهان ٿو ۽ مان ڏٺو آهي، جنهن جي ساراهه
ڪريان ٿو. مان اَڃا به اوهان جي وڌيڪ تعريف ڪندس،
جو اوهان جي هلت مهربانيءَ واري آهي ۽ بي لوث
مهربانيءَ واري، جا اوهان جي شاندار دلين جي لائق
آهي. اَسان هتي ٽي شريف انسان آهيون ۽ اسان جي وچ
۾ سڀ ڪجهه پڙهيل ۽ تهذيب يافته انسانن وانگر هئڻ
کپي، ۽ هڪٻئي ۾ اعتبار جي بنياد تي ٿيڻ کپي. ڇاڪاڻ
ته اَسان شاندار پيدائش ۽ عزت رکون ٿا. ڪنهن به
حالت ۾، مون کي اِجازت ڏيو، ته مان پنهنجي حياتيءَ
جي هر گهڙيءَ ۾ اوهان کي پنهنجو بهترين دوست تصور
ڪريان. هن گهڙيءَ ۾ به، جڏهن منهنجي عزت داغدار
بڻجي وئي آهي. شريف انسانو! اِهو اوهان جي لاءِ
گناهه جو باعث نه ٿيندو، اِيئن نه؟“
”دمتري فيودورپاولووچ، تو اُن جي خلاف، حقيقتون
نهايت صاف بيانيءَ سان ٻڌايون آهن.“ نڪولائي
پارفينووچ، يقين ڀـَـري آواز ۾ سندس ساراهه ڪندي
چيو.
”شريف انسانو، اِهي ڀوائتا سوال ڪافي آهن، جن ۾
فقط فريب آهي.“ مـِـتيا پـُـر شوق لهجي ۾ چيو. هن
صورت ۾ اَسان ڪنهن نتيجي تي جلدي نه پهچي
سگهنداسون. ڇا مان صحيح نه آهيان؟“
”مان تنهنجي سمجهه ڀري صلاح جي پٺ وٺندس،“ جاچ
ڪندڙ عملدار مـِـتيا کي خطاب ڪندي وچ ۾ ڳالهايو،
پر ”مان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سوالن کي بند نه
ڪندس. هاڻي هيءُ ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي، ته توکي
اُن رقم جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ منهنجو مطلب خاص طرح
ٽن هزارن سان آهي.“
”مون کي ڇو ٽن هزارن جي ضرورت هئي ...... هڪ
ڳالهه لاءِ، ۽ ٻيو ته ....... ٺيڪ آهي، مون کي قرض
اَدا ڪرڻو هو.“
”اِهو قرض ڪنهن جو هو؟“
”شريف انسانو، مان هن جو جواب ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار
نه آهيان. مان اِهو جواب ڇو نه ٿو ڏيان؟ اِهو
اِنهيءَ لاءِ نه آهي، ته مون کي اُن جي بيان ڪرڻ
جي جرئت نه آهي، يا اِنهيءَ مان، مون کي ڪو نقصان
پهچندو، پر اُن جي ڪابه اهميت نه آهي ۽ هيءُ
معاملو منهنجي زندگيءَ سان واسطو ٿو رکي. مان اِهو
نه ٻـُـڌائيندس. هيءُ هڪ اُصول جو معاملو آهي.
اِها منهنجي ذاتي زندگي آهي ۽ مان ڪڏهن به نه
چاهيندس، ته ڪو منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل ڏئي. هن
مقدمي ۾ اوهان جو هي سوال بي فائدي آهي. هي منهنجو
ذاتي معاملو آهي. مون کي قرض اَدا ڪرڻو هو. مون کي
عزت سان قرض ڏيڻو هو، پر اِهو ڪنهن کي ڏيڻو هو؟
اِهو نه ٻڌائيندس.“
”اسان کي اِجازت ڏي، ته اِهو نقطو درج ڪريون.“
جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو.
”بيشڪ اوهان هيءُ نقطو لکو، ته مان ٻڌائڻ لاءِ
تيار نه آهيان. اِهو منهنجي
بي عزتيءَ جو باعث آهي ۽ مان اِيئن ئي خيال ڪريان
ٿو. توهان هيءُ ڀلي لکو ۽ پنهنجو وقت ضايع نه
ڪريو.“
”مون کي اِجازت ڏي سائين، ته مان توکي خبردار
ڪريان ۽ توکي هڪ ڀيرو وڌيڪ يادگيري ڏياريان، متان
تون اُن کان خبردار نه هجين،“ جاچ ڪندڙ عملدار هڪ
خاص اَنداز ۽ سخت لـَـهجي ۾ کيس چيو، ته ”توکي
هرڪو حق حاصل آهي، ته تون اُن سوال جو، جو هاڻي
توکي ڪيو ويو آهي، جواب نه ڏئين ۽ اَسان کي ڪوبه
حق نه ٿو پهچي، ته توکي اُن جواب لاءِ مجبور
ڪريون، جنهن کي تون ڪنهن سبب جي ڪري ٻڌائڻ نه ٿو
گهرين. اِهو مڪمل طرح تنهنجي فيصلي تي منحصر آهي ۽
اِهو تنهنجو ذاتي معاملو آهي، پر هيءُ اَسان جو
فرض آهي، ته اِهڙن مقدمن جي حالت ۾ اَسان توکي
ٻڌايون، ته اِيئن ڪندي، ڪهڙي درجي جو زخم پاڻ کي
پهچائي رهيو آهين؟ مان هاڻي توکي عرض ڪندس، ته
پنهنجي سلسلي کي جاري رک.“
شريف انسانو! مان ڪاوڙ ۾ نه آهيان ..... مان
......“ مـِـتيا ترديد ڪرڻ واري لهجي ۾ چيو. ”ها
شريف انسانو، مان اِنهيءَ ڪري سافسوف ڏي ويو هيس.“
هتي اُن ڪهاڻيءَ کي وري دهرائڻ جي ضرورت نه آهي،
جا اڳ ۾ ئي پڙهندڙن کي ٻڌائي وئي آهي. مـِـتيا بي
صبريءَ سان منتظر هو، ته جيئن هو ڪابه حقيقت ترڪ
نه ڪري ۽ سڀ تفصيل سان ٻڌائي. اُن وقت هـُـو تڪڙ ۾
به هو، ته سڄي ڪهاڻي جلدي پوري ڪري. جيئن جيئن هو
پنهنجو بيان ڏيندو ٿي ويو، هـُـو لکندا ٿي ويا.
اُن ڪري هـُـو کيس مٿي ڇڪيندا ٿي ويا. جيتوڻيڪ
مـِـتيا کي هيءَ ڳالهه ناپسند هئي، مگر هو بجاآوري
ڪندو ٿي رهيو. هـُـو ڪاوڙ ۾ به آيو ٿي، پر سندس
روش وڻندڙ هئي. هـُـن اُن جو مظاهرو به ڪيو ۽ کين
وقت بوقت چوندو رَهيو، ته ”هيءُ ملائڪ لاءِ به
ڪافي آهي، ته بي صبر بڻجي وڃي.“ يا کين چيائين
ٿي، ته ”شريف انسانو! هيءُ اوهان جي لاءِ چڱو نه
آهي، جو اوهان مون کي جوش ۾ ٿا آڻيو.“
جيتوڻيڪ هـُـو بيزاريءَ جهڙي گفتگو ڪري رهيو هو،
پر پنهنجي روش کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ کي پوريءَ ريت
سنڀالي رهيو هو. هـُـو کين ٻڌائندو رهيو، ته ڪيئن
سافسوف ٻه ڏينهن کيس بيوقوف بڻائي رکيو هو. (هـُـو
هاڻي مڪمل طرح سمجهي ويو هو، ته کيس بيوقوف بڻايو
ويو هو.) واچ جي وڪري مان ڇهه روبل جي کيس پنهنجي
مسافريءَ لاءِ حاصل ٿيا هئا، اُها ڳالهه وڪيلن جي
لاءِ هڪ نئين ڳالهه ٿي پئي. هـُـو هڪدم منجهس
دلچسپي وٺڻ لڳا. توڙي جو هن حقيقت کان مـِـتيا جي
سخت توهين هئي، پر هنن هن کي لکڻ گهريو، ته هيءَ
ثانوي يقيني حالت هئي، جنهن اِهڙا اسباب پيدا ڪيا
هئا، جو اُن وقت مشڪل سان هن جي کيسي ۾ ڪا ڪچي
ڪوڏي به رهي هوندي. مـِـتيا هوريان هوريان مضبوط
ٿيندو ويو. تنهن کان پوءِ، هن لياگاوي جي ملاقات
جو ذڪر ڪيو، ۽ ٻڌايائين ته هـُـن ڪيئن نه، اُها
رات تنگ ۽ تاريڪ جهوپڙيءَ ۾ گذاري هئي، ۽ ڪهڙي ريت
هـُـو وري شهر ڏي موٽي آيو هو! هاڻي هـُـن ڪنهن
خاص حالت جي بغير ٻڌائڻ شروع ڪيو، ته گروشينڪا جي
رقابت جي باعث کيس ڪهڙي ڪهڙي عذاب کان گذرڻو پيو
هو؟
کيس خاموشي ۽ ڌيان سان ٻـُـڌو ٿي ويو. هنن کانئس
هيءَ حقيقت خاص طور تي پڇي، ته هـُـو ڪهڙن سببن جي
ڪري ماريا ڪانڊريٽووينيا جي گهر ۾ تاڙ جي لاءِ وڃي
لڪيو هو، جو گهر، فيودورپاولووچ جي باغ جي پويان
هو ۽ اُتي هن گروشينڪا جي لاءِ ڪهڙي نظرداري ڪئي ۽
سميرڊياڪوف کان کيس ڪهڙو اطلاع مليو؟ هنن، هن
حقيقت تي خاص ڌيان ڏنو ۽ اُن کي لکي ڇڏيائون. هن
پنهنجي رقابت کي گرم جوشيءَ سان ٻڌايو ۽ نهايت
ڊيگهه سان. جيتوڻيڪ هـُـو اِيئن ڪندي پنهنجي
اندروني جذبات جي باعث شرمسار به پئي ٿيو. اِيئن
کڻي چئجي، ته هـُـو پنهنجي ’عام بدناميءَ‘ هوندي
به سچ ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ظاهر ظهور شرمساريءَ تي
قابض ٿي چڪو هو. پر تيز ۽ تـُـز سختيءَ، جنهن کان،
جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل ڪم وٺي رَهيا هئا. اُن مٿس
اثر وڌڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هـُـو پنهنجي آکاڻي
ٻڌائيندو رهيو، مٿس هن روش خاطرخواه اَثر ڪيو.
”هيءُ ڇوڪرو نڪولائي پارفينووچ، جنهن سان مان
ٿورا ڏينهن اڳ عورتن جي بابت بيوقوفيءَ جون
ڳالهيون ڪندو هوس ۽ هيءَ بيمار جاچ ڪندڙ آفيسر، هن
جي لائق آهن ئي نه، جو هنن سان هي ڳالهيون ڪيون
وڃن.“ هن ماتم زده حالت ۾ هيءُ خيال ڪيو. هيءَ
وڏي بدنامي آهي. ”صبر ڪري ۽ نماڻو ٿي، پنهنجي دل
جي جميعت کي نه وڃاءِ.“ هن پنهنجي خيالن کي مٿئين
سٽ جي روشنيءَ ۾ جلد ئي ختم ڪري ڇڏيو. هن وري
پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. جڏهن هـُـو بيگم
هائلڪوف سان پنهنجي ملاقات جي ڳالهه ڪرڻ لڳو، تڏهن
سندس روح وري جمعيت ۾ اَچي ويو ۽ هن هيءَ ظريفاڻي
ڪهاڻي ٻڌائڻ گهري، جنهن جو هن مقدمي سان ڪوبه
واسطو نه هو. پر جاچ ڪندڙ عملدار کيس روڪيو ۽
چيائينس، ته هـُـن کي ڇڏي، ڪن ضروري ۽ مکيه حقيقتن
ڏي اَچي. آخر جڏهن هـُـو پنهنجي نااُميديءَ جي
حقيقت کي دهرائڻ لڳو ۽ ٻڌايائين، ته جڏهن هن بيگم
هائلڪوف کي ڇڏيو، تڏهن هن سوچيو، ته هو ڪنهن کي
قتل ڪري، ٽي هزار روبل حاصل ڪري سگهي ٿو. مـِـتيا
کين هن حقيقت لکڻ کان نه روڪيو. آخر هـُـو ڪهاڻيءَ
جي اُن نقطي تي اَچي ويو، جڏهن گروشينڪا کيس
جـَـلُ ڏئي سافسوف جي گهر کان نڪري آئي، جتي هن
کيس ٻڌايو هو، ته هوءَ اَڌ رات تائين اُتي رهندي.
”شريف انسانو، مان اُن وقت فينا کي قتل نه ڪيو،
اُن جو سبب فقط هيءُ هيو، جو مون کي وقت نه هو.“
هـُـو يڪايڪ هن نقطي تي پهچي، سڄي ڳالهه کي ٽوڙي
ويهي رهيو. هيءَ حقيقت به نهايت خبرداريءَ سان لکي
وئي. مـِـتيا اُن لاءِ اُداس اُداس ترسيو ۽ وري
ٻڌايائين، ته هـُـو ڪيئن پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن
ڊوڙيو. اُن وقت جاچ ڪندڙ عملدار کيس اوچتو روڪيو ۽
پنهنجو وڏو پورٽ فوليو کوليائين، جو سندس ڀرسان
صوفي تي پيو هو. هـُـن اُن مان ٽامي جو دستو ڪڍيو.
”تون هن شيءِ کي سڃاڻين ٿو؟“ مـِـتيا کي ڏيکاري
کانئس پڇيائين.
”اڙي،“ هـُـو اَداسيءَ مان کليو. ”بيشڪ مان هن
کي سڃاڻان ٿو. مون کي هن تي نگاهه وجهڻ ڏيو .....
کڏ ۾ وجهوس، هن جو خيال نه ڪريو.“
”توکان هيءُ ٻڌائڻ وسري ويو هو.“ جاچ ڪندڙ وڪيل
کيس چيو.
”هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهو. مون کي اِها حقيقت لڪائڻ
نه کپندي هئي. توهان خيال ڪري سگهو ٿا، ته مان هن
کانسواءِ ڪجهه ڪـَـري به ٿي سگهيس؟ هيءُ ڳالهه
منهنجي يادگيريءَ کان لـَـهي وئي هئي.“
”مهرباني ڪري اَسان کي ٻڌاءِ، ته تون هن سان ڪيئن
هٿياربند ٿئين؟“
”يقين سان مان نيڪ بڻجي اوهان کي ٻڌائيندس، شريف
انسانو.“
اُن کان پوءِ مـِـتيا کين ٻڌايو، ته هـُـو ڪيئن
اِهو دستو کڻي اُتان ڊوڙيو.
”پر اِهڙي هٿيار کي ساڻ کڻي، تنهنجو اِرادو ڪهڙو
هو؟“
”ڪهڙو ارادو؟ ڪوبه مطلب ڪونه هو، مان هن کي هٿ ۾
کڻي، اِيئن ئي ڊوڙيو هوس.“
”جڏهن تنهنجو ڪوبه مطلب نه هو، ته هن کي ڇا جي
لاءِ کنيو هـِـئي؟“
مـِـتيا، جو ڪاوڙ جهڙي، شعلي وانگر بڻجي ويو.
هـُـن ڄاڻي واڻي ”ڇوڪري“ ڏي نهاريو. نفرت ۽
اُداسيءَ مان مشڪيو. هـُـو گهڻي کان گهڻو شرمسار
ٿيڻ لڳو، ته هن، اِنهن ماڻهن کي پنهنجيءَ رقابت جي
ڪهاڻي، ايتري صداقت ۽ وضاحت سان ڇو ٻـُـڌائي هئي؟
هن اوچتو زور سان چيو ته: ”دستي جي گمراهي کي
ڇڏيو.“
”پر اَڃا به ......“
”هن ڪـُـتن کي پري رکڻ لاءِ ..... اُن وقت
اونداهي هئي .... خوف پئي ٿيو، ته هـُـو هليا نه
اَچن.“
پر اڳي به ڪن موقعن تي، تو اِهڙو هٿيار کنيو هو،
ڇاڪاڻ ته تون اونداهيءَ کان خوف کائيندڙ آهين؟
”اف! شريف انسانو، هنن سڀني ڳالهين کي کڏ ۾ وجهو.
هاڻي اوهان سان ڪابه گفتگو نه ٿيندي. مـِـتيا
برداشت کان ٻاهر هليو ويو ۽ رڙ ڪري چيائين. هـُـو
ڪاوڙ کان ٻاهر ٿي ويو، ۽ سندس رنگ گلابي بڻجي ويو.
تڪڙ ۽ جوش مان سيڪريٽري کي چيائين ته:
”هڪدم لک ...... ته مان دستو اِنهيءَ لاءِ کنيو
هو، ته پنهنجي پيءُ کي وڃي قتل ڪريان ......
فيودورپاولووچ کي ...... هن سان سندس مٿي ۾ ڌڪ
هڻان ... ٺيڪ آهي. هاڻي ته اوهان راضي ٿيا؟ توهان
جون دليون هن فڪر کان آزاد ٿيون؟“ هـُـو مخالف
وڪيلن ڏي نهارڻ لڳو.
”اَسان چڱيءَ ريت سمجهون ٿا، ته هاڻي تو، جو بيان
ڏنو آهي، اُهو غم ۽ ڪاوڙ کان ڏنو آهي. توکان جو
سوال ڪيو ويو آهي، اُهو تڪليف ڏيندڙ آهي. جيتوڻيڪ
هي سوال حقيقت ۾ ضروري آهن.“ جاچ ڪندڙ عملدار،
کيس خشڪ آواز ۾ جواب ڏنو.
”ٺيڪ آهي، شريف انسانو، مان دستو کنيو..... اِهڙي
وقت ۾، ڪو اِهڙيون شيون ڇو کڻندو آهي؟ مون کي خبر
نه آهي، ته مون اِيئن ڇو ڪيو؟ مان اُن کي کنيو ۽
ڊوڙيس - اِهائي ڳالهه آهي. شريف انسانو، منهنجي
لاءِ تحمل اختيارڪريو،نه ته ٻـِـي حالت ۾ مان
اوهان کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس!“
هـُـو ويهي رهيو ۽ ٺونٺ ميز تي رکيائين ۽ پنهنجو
مٿو، هٿن ۾ جهليائين. هـُـو سندن پاسي ۾ ويهي رهيو
۽ ڀت ڏانهن نهارڻ لڳو. هـُـو ڄڻ ته اُلٽيءَ جي
ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو. حقيقت ۾ کيس هڪ خطرناڪ موڙ
اَچي ويو هو، ۽ هن چاهيو ٿي، ته کين اُٿي ٻڌائي،
ته هـُـو هڪ لفظ به هاڻي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.
جيتوڻيڪ کيس ڇو نه ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.
”شريف انسانو!“ هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو
ڪندي چيو. ”اوهان ڏسو ٿا، ته مان اوهان کي ڌيان
ڏئي ٻڌان ٿو ۽ مان هڪ خواب کان پريشان آهيان .....
هيءُ اُهو خواب آهي، جو مان اَڪثر ڏسندو آهيان -
اِهو گهڻو ڪري ساڳيو ئي هوندو آهي ......مون کي
نظر ايندو آهي، ته ڪو مون کي پريشان ڪري ڊيڄاري
رهيو آهي .... مان اُن کان بيحد خوفزده هوندو
آهيان ..... اِنهيءَ لاءِ ته هـُـو مون کي گگهه
اوندهه ۾، رات جو ڊيڄاري رهيو آهي .... هـُـو
منهنجي پويان هوندو آهي، ۽ مان اُن کان ڪٿي پاڻ کي
لڪائيندو آهيان . ڪڏهن دروازي جي پويان، ڪڏهن
الماريءَ جي پويان. ڏاڍي بي عزتيءَ جي حالت ۾ پاڻ
کي لڪائيندو آهيان. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هوندي
آهي، ته کيس اِها خبر هوندي آهي، ته مان ڪٿي لڪل
آهيان، پـُـر هو اِهڙو نمونو اختيار ڪندو آهي، جو
ڄڻ ته کيس ڪابه خبر نه آهي. اُن عذاب ۽ پنهنجي خوف
مان مزي وٺڻ لاءِ .....هاڻي ڏسان ٿو، ته اوهان ڇا
ڪري رهيا آهيو، هيءُ سڀ اُن خواب وانگر پيو نظر
اَچي.“
”ڇا، اِهڙي ئي قسم جي خواب کي تون ڏسندو آهين؟“
جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو.
”هن جي لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، پر هيءَ ٻڌڻ
جهڙي ڳالهه آهي، ته تون اِهڙا عجيب خواب ڏسندو
آهين؟“
”هائو اِيئن برابر آهي، پر توهان کي اُن جي لکڻ
جي ڪا ضرورت ڪانه آهي،“ مـِـتيا جي چهري تي مشڪڻ
ظاهر ٿيو. ”شريف انسانو، هاڻي، ته خواب جو سوال
ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هيءَ ته صداقت ڀري حقيقت آهي.
هيءَ حقيقي زندگي آهي! مان هڪ هرڻ آهيان ۽ اوهان
شڪاري. ٺيڪ آهي، مون کي پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏيو.“
”تون غلط آهين، جو اِهڙي ڀيٽ ڪري رهيو آهين.
نڪولائي پارفينووچ پنهنجي پڇا کي آهستگيءَ ۽ غير
معمولي نرمائيءَ سان شروع ڪري ڏني.“
”نه، مان غلط نه آهيان، ۽ ڪڏهن به غلط نه هوندس.“
مـِـتيا وري جوش ۾ اَچي ويو. جيتوڻيڪ سندس ڪاوڙ،
سندس دل کي ظاهر ظهور ڇوٽڪارو ڏنو هو. هـُـو هرهڪ
لفظ تي مذاق ڪندو ٿي ويو. ”توهان هڪ ڏوهيءَ يا
مقدمي ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ کي، پنهنجي سوالن سان عذاب
ڏيو ٿا، پر هڪ خوددار انسان ۽ عزت ڀرئي دل جي لاهه
چاڙهه سان، (مان همٿ سان چوان ٿو) نه - توهان کي
ويساهه رکڻ گهرجي، ته توهان کي سچ پچ ڪوبه حق نه
آهي .... پر-
”دل خاموش ٿي، بردبار ۽ نيازڪش ٿيءُ، تون پنهنجي
تسلي کي قابو رک.“
خير، مان اڳتي وڌان؟“ هن اُداسائيءَ سان چيو.
نڪولائي پارفينووچ کيس جواب ڏنو ته: ”جيڪڏهن تون
مهرباني ڪرڻ چاهين.“
dc
باب پنجون
ٽئين سخت آزمائش
مـِـتيا خيال ڪندو، دل جي درد مان ڳالهائيندو ويو.
هيءُ ظاهر ٿي ڏٺو، ته هـُـو گهڻي کان گهڻي ڪوشش
ڪري رهيو آهي، ته جيئن سندس ڪهاڻيءَ جي تفصيل مان
کانئس ڪابه ڳالهه وسري يا رهجي نه وڃي. هن کين
ٻڌايو، ته هـُـو ڪهڙيءَ ريت پيءُ جي باغ واري
لوڙهي کان ٽپيو هو. ڪهڙي ريت هو دريءَ وٽ پهتو هو.
اُن کانپوءِ کين اُهو سڀ ڪجهه ٻڌايان، جو اُن
دريءَ وٽ ٿي گذريو هو. وضاحت سان، آهستگيءَ سان ۽
تحقيق سان، هن پنهنجي جذبات کي ٻڌايو، جي کيس اُن
وقت تڪليف ڏئي رهيا هئا. باغ ۾ اُنهن گهڙين کيس
ڪيترو نه پريشان رکيو هو، جڏهن هن خطرناڪ طريقي
سان ڄاڻڻ ٿي گهريو، ته گروشينڪا سندس پيءُ وٽ آهي
يا نه؟ پر هيءَ عجيب ڳالهه هئي، جو هاڻي ٻئي وڪيل
کيس خوفزده حالت ۾ خاموش ٻـُـڌي رهيا هئا ۽
سرد مهريءَ مان کيس نهاري رهيا هئا ۽ هنن کانئس ڪي
ٿورا سوال پڇيا. مـِـتيا سندن چهرن مان ڪجهه به
حاصل ڪري نه سگهيو.
”هـُـو شايد ڪاوڙ ۾ پنهنجي بي عزتيءَ جي خيال ۾
آهن،“ مـِـتيا سوچيو. ”ڀلي هو اِنهيءَ حالت ۾
هجن.“
جڏهن هـُـن ٻڌائڻ شروع ڪيو، ته آخر هـُـن فيصلو
ڪيو، ته گروشينڪا جي اَچڻ واري ’نشاني‘ کي استعمال
ڪري، ته سندس پيءُ کي خبر پوي، ته گروشينڪا اَچي
وئي آهي، ۽ هـُـو دريءَ کي کولي. تڏهن وڪيلن سندس
لفظ ’نشاني‘ ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. ڄڻ، ته هـُـو
پوريءَ ريت اُن لفظ جي معنيٰ سمجهڻ ۾ ناڪام بڻجي
ويا هئا. هـُـو اِهڙيءَ ريت اُن لفظ جي سمجهڻ کان
قاصر ٿي ڏٺا، جو مـِـتيا اُن کي پـَـرکي ورتو. آخر
هـُـو اُن گهڙيءَ جي ذڪر تي آيو، جڏهن سندس پيءُ
دريءَ مان ليئا پائي رهيو هو. سندس نفرت جوش کائي
اُٿي هئي ۽ هن دستي کي ڇڪيو. مگر اوچتو ئي اوچتو
ڪنهن خيال کان هـُـو رڪجي ويو. هـُـو ڀت کي ويهي
ڏسندو رهيو ۽ هـُـو هن کان خبردار هو، ته سندس
پيءُ جون اکيون مٿانئس کتل هيون.
”صحيح“ . جاچ ڪندڙ عملدار چيو. ”تو هٿيار کي ڇڪي
ورتو هو،..... پوءِ ڇا ٿيو؟“
”پوءِ مان کيس قتل ڪيو ..... اُن کي مٿي تي ڌڪ
هنيم ۽ سندس مغز ڦاٽي پيو ..... ها، اوهان جي
اِهائي ڪهاڻي هوندي. اِهائي!“
سندس اکين ۾ اوچتو چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ سندس آواز ۾
آيل ڪاوڙ، اوچتو جاڳي پئي، جنهن ۾ روح جي غير
معمولي بغاوت شامل هئي.
”اسان جي ڪهاڻي،“ نڪولائي پارفينووچ وري دهرايو.
”ٺيڪ آهي ۽ تنهنجي؟“
مـِـتيا پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ ڪيترو وقت
خاموش ٿي ويو.
”شريف انسانو! منهنجي ڪهاڻي؟ ٺيڪ آهي، اُها هن
ريت آهي.“ هن نرمائيءَ سان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”شايد هي ڪنهن جا ڳوڙها هئا يا منهنجي ماءُ جون
دعائون يا ڪنهن نيڪ فرشتي مون کي اُن وقت چميو هو،
مان نه ٿو ڄاڻان، پر اُن وقت شيطان تي فتح حاصل ٿي
چـُـڪي هئي. مان دريءَ کان ڊوڙيس ۽ لوڙهي ڏي ڀڳس.
منهنجي پيءُ تي خوف طاري ٿيل هو، هن پهريون ڀيرو
مون کي ڏٺو هو، رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ دريءَ کان ٽپو
ڏئي، پوئتي هـَـٽي ويو. مون کي چڱيءَ ريت ياد
آهي، ته مان باغ جي آرپار ٿي لوڙهي ڏانهن ڊوڙيس
..... اُن گريگري مون کي جهليو، مان اُن وقت لوڙهي
تي ويهي چڪو هوس.“
هن وقت، هن پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ ڌيان سان
ٻـُـڌي رهيا آهن. مـِـتيا جي روح تي ڪاوڙ جي دوري،
نفرت جي حالت پيدا ڪئي.
”شريف انسانو، هن گهڙيءَ ۾ اوهان مون تي ڇو کلي
رهيا آهيو.“ هـُـو اوچتو بگڙي ويو.
”تون ڪيئن ٿو اِيئن خيال ڪرين؟“ نڪولائي
پارفينووچ کيس چيو.
توهان منهنجي ڪنهن به لفظ کي معتبر نه ٿا سمجهو،
تڏهن اِيئن ٿئي ٿو. مان بنا شڪ سمجهان ٿو، ته مان
هاڻي نهايت خطرناڪ نقطي تي اَچي ويو آهيان. پوڙهي
جو مٿو ڀڳل آهي ۽ هـُـو اُتي پيو آهي ۽ مان
ڊرامائي انداز ۾ ٻڌائي رهيو آهيان، ته مان هن کي
ڪيئن قتل ڪرڻ ٿي گهريو ۽ مان ڪيـئن دستي کي ڇڪي
ورتو هو - مان ڪيئن اوچتو دريءَ کان ڀڄي ويس. هڪ
رومانُ آهي ۽ هڪ شعر آهي! ڄڻ ته ڪو، ڪنهن جي لفظ
تي اعتبار به ڪري سگهي ٿو. ها، ها! شريف انسانو
اوهان طعني باز آهيو.“
هـُـو اُن وقت ڪرسيءَ تي اِيئن ڦرڻ لڳو، جو
منجهانئس چـَـرچـَـر جا آواز اَچڻ لڳا.
جاچ ڪندڙ عملدار کيس اوچتو چيو، ته ”تون ڏسين
ٿو،“ هن ڄڻ ته مـِـتيا جي جوش کي خيال ۾ ئي نه
ورتو هو، ”پر تو هيءُ ڏٺو هو، ته باغ جو دروازو
کليل هو؟“
”نه اُهو کليل نه هو.“
”اٰهو کليل نه هو؟“
اُهو بند هو، پر اُن کي کولي ڪير ها؟ کڏ ۾ وجهو
دروازي کي. ٿورو ترسو. هـُـو پاڻ اوچتو گهريءَ سوچ
۾ پئجي ويو. ڄڻ ته کانئس ڇـِـرڪ نڪري ويو.
”ڇا اوهان دروازي کي کليل ڏٺو هو؟“
”هائو اُهو کليل هو“ .
”پوءِ دروازو ڪير کوليندو؟ جيڪڏهن اوهان اُن کي
نه کوليو آهي، ته“ مـِـتيا سخت حيرت مان واڪو ڪري
چيو.
”در سچ پچ کليل هو ۽ تنهنجي پيءُ جو قاتل، اُن
مان ئي اندر ويو هوندو.گناهه جي تڪميل ڪرڻ
کانپوءِ، اِنهيءَ ئي دروازي مان نڪري ويو هوندو.“
جاچ ڪندڙ عملدار ڄاڻي واڻي هن حقيقت کي ظاهر ڪيو.
ڄڻ ته سندس هرهڪ لفظ مـِـتيا جي قلب ۾ تير ۽ نشتر
هڻي رهيو هو. ”هيءُ ته صاف ظاهر آهي، ته خون ڪمري
۾ ٿيو آهي ۽ نه دريءَ جي رستي. جيئن تلاشي ورتي
وئي آهي، اُن مان يقين ٿي ويو آهي، اُن کانسواءِ
جسم جي جاءِ ۽ ٻين ڳالهين مان اِيئن ئي معلوم ٿيو
آهي. اِنهيءَ ڪارڻ ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش
نه آهي.
مـِـتيا، بلڪل حيرت زده بڻجي ويو.
آخر هن واڪو ڪري چيو ته ”اِها اَڻ ٿيڻي ڳالهه
آهي! مان .... مان اندر نه ويو آهيان. مان اوهان
کي پـَـڪ ۽ خاطري ڏيان ٿو، ته دروازو سمورو وقت
بند هو، جيستائين مان باغ ۾ هيس. مان فقط دريءَ وٽ
بيٺو هوس ۽ دريءَ مان ئي کيس ڏٺو هوم. بس .... بس
اِهائي ڳالهه آهي. مون کي هرهڪ شيءِ پوئين منٽ
تائين به ياد آهي، پر جيڪڏهن مون کي ياد نه به
هجي، ته ڳالهه اِهائي آهي. مان ئي ڄاڻان ٿو. ڇاڪاڻ
ته ٻيو ڪوبه اِهي نشانيون ڄاڻي نه ٿو سگهي، پر
مان، سميرڊياڪوف ۽ مقتول، اُن نشانيءَ کانسواءِ،
دنيا جي ٻئي ڪنهن به ماڻهو لاءِ هـُـو دروازو نه
کولي ها.“
”نشانيون، ڪهڙيون نشانيون؟“ جاچ ڪندڙ عملدار
جنوني حالت ۾ عجب مان هٻڇ سان چيو. هن وٽ اُن وقت
پنهنجي مرتبي ۽ خودداريءَ جو ڪوبه نشان نه رهيو
هو. منجهس شوق ۽ نرمي اَچي وئي هئي. کيس هڪ مکيه
حقيقت جي بوءِ اَچڻ لڳي، جنهن بابت کيس اڳ ڪابه
خبر نه هئي. کيس خوف پئي ٿيو، ته متان مـِـتيا
شايد راز نه کولي!
”سو توکي اُنهن جي خبر نه آهي؟“ مـِـتيا توهين
آميز مذاق سان کيس اک هڻي مشڪيو. ”ڇا ٿئي جيڪڏهن
مان توکي اِهو نه ٻڌايان؟ توهان کي ٻئي هنڌان ڪٿان
به هيءَ معلومات ملي نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته
سميرڊياڪوف، منهنجي پيءُ ۽ مون کان سواءِ، اِنهن
نشانين جي ٻئي ڪنهن کي به خبر نه آهي. خدا کي اُن
جي خبر آهي، پر هـُـو اوهان کي نه ٻـُـڌائيندو، پر
اِها دلچسپي جهڙي حقيقت آهي. ڪنهن کي به خبر نه
آهي، ته اوهان اُن تي ڪهڙي تعميل ڪندا. ها، ها،
شريف انسانو، اوهان تسلي رکو، اوهان کي سڄي حقيقت
ٻڌائيندس. اوهان جي دلين ۾ ڪو ٻيو بيوقوفيءَ جو
خيال آهي. توهان کي خبر نه آهي، ته هن ماڻهوءَ سان
ڪيئن هلڻ گهرجي! اوهان کي ته هڪ قيديءَ کان خود
اُن جي خلاف ثابتي وٺڻي آهي، جنهن ۾ سندس ئي نقصان
آهي. ها مان عزت وارو انسان آهيان ۽ اوهان نه.“
جاچ ڪندڙ عملدار بنا ڪنهن ڀڻ ڀڻ جي اهو سڀ ڪجهه
ڳڙڪائي ويو. هـُـو
بي صبريءَ مان، نئين حقيقت کي ٻڌڻ لاءِ ڏڪي رهيو
هو. هوريان هوريان وضاحت سان مـِـتيا نشانين بابت
کين سڀ ڪجهه ٻڌايو، جي فيودورپاولوچ، سميرڊياڪوف
لاءِ ايجاد ڪيون هيون. هن کين پوريءَ طرح ٻڌايو،
ته دريءَ تي ڪيترن ڌڪن هڻڻ سان ڪهڙو ٿي مطلب نڪتو؟
هن ميز تي ڌڪ هڻي ڏيکاريا. جڏهن نڪولائي پارفينووچ
کانئس پڇيو، ته فرض ڪجي، ته هن جڏهن هيءَ نشاني
ڏني، ته گروشينڪا آئي آهي تڏهن واقعي سندس پيءُ
اِيئن سمجهيو هو، ته گروشينڪا آئي آهي.
”هاڻي جيئن وڻي، تيئن اوهان پنهنجي مناري کي
بڻايو.“ مـِـتيا کين چيو ۽ وري عزت واري نموني
کانئن پري ٿي ويو.
ها، تڏهن اِهي نشانيون تنهنجي پيءُ، اُن جي نوڪر ۽
توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي؟ ٻيو ڪوبه نه؟
نڪولائي پارفينووچ، هڪ ڀيرو وڌيڪ کانئس پـَـڪَ ڪرڻ
گهري.
”هائو سميرڊياڪوف ۽ خدا. خدا لاءِ به لکي ڇڏيو.
اِهو به شايد اوهان کي ڪم اَچي وڃي. اُن کانسواءِ
خدا جي اوهان کي ضرورت به آهي.“
واقعي هنن اڳ ۾ لکڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر جڏهن
هـُـو لکي رهيا هئا، تڏهن جاچ ڪندڙ عملدار اوچتو
ڪجهه چوڻ لڳو، ڄڻ ته هـُـو ڪنهن نئين خيال کي قائم
ڪري رهيو هو.
”پر جيڪڏهن سميرڊياڪوف به اِهي نشانيون ڄاڻي ٿو ۽
تون پيءُ جي قتل کان قطعي انڪاري آهين، ته اِيئن
ٿي نه ٿو سگهي، ته هن قبول ڪيل نشانين کي کڙڪايو
هجي ۽ تنهنجي پيءُ کي لالچايو هجي، ته دروازو کولي
۽ اُن کان پوءِ ..... ڏوهه ڪيائين.“
مـِـتيا اُن تي مڪمل ريت طعني ڀري نگاهه وڌي، جنهن
مان پوري نفرت ظاهر پئي ٿي. سندس خاموش نگاهون
ايتريون، ته ڊگهيون ٿي ويون هيون، جو جاچ ڪندڙ
عملدار اکيون ڇنڀڻ لڳو.
مـِـتيا تشريح ڪندي جواب ڏنو، ته ”اوهان گدڙ کي
وري ڦاسايو آهي. توهان مرونءَ کي پڇ کان ورتو آهي.
ها، ها، جاچ ڪندڙ عملدار، مان ته اِيئن ئي ٿو
ڏسان. توهان اِيئن خيال ڪيو آهي، ته مان اُن تي
ٽپو ڏيندس ۽ توهان جي اشاري تي اُن کي ڦاسائيندس ۽
پنهنجي پوري زور سان واڪا ڪري چوندس، ته
سميرڊياڪوف قاتل آهي. توهان قبوليت ڏيو، ته اوهان
جي دل ۾ اِهي خيال آهن يا نه؟ قبوليت ڏيو، ته مان
اڳتي وڌان!“
پر جاچ ڪندڙ عملدار ڪابه قبوليت نه ڏني. هن پنهنجي
زبان کي روڪي ورتو ۽ ترسيو.
”توهان غلط آهيو، مان اِيئن ڪڏهن به واڪا نه
ڪندس، ته سميرڊياڪوف قاتل آهي.“ مـِـتيا چيو.
”تون اُن ۾ فقط شڪ به نه ٿو آڻين؟“
”ڇو، اوهان منجهس شڪ آڻيو ٿا؟“
”هـُـن ۾ پڻ شڪ آڻي ٿو سگهجي.“
مـِـتيا پنهنجي نگاهن کي زمين ۾ کپائي ڇڏيو.
”مذاق کي ٻاهر رکو.“ اُداسائيءَ مان چيو،
”ٻـُـڌو، شروع کان ئي، بلڪل اُن گهڙيءَ کان، جڏهن
مان اوهان کان ڊوڙي پردي جي پويان ويو هوس، مون کي
سميرڊياڪوف جو خيال، دل ۾ موجود هو. مان هتي ويهي،
اِيئن واڪا ڪندو ٿي رَهيس مان معصوم آهيان، ۽
سمورو وقت خيال ڪندو رهيس، ته سميرڊياڪوف! مان
سميرڊياڪوف کي ڪو دماغ مان ڪڍي نه سگهيس. مان پڻ
هاڻي سميرڊياڪوف لاءِ پئي خيال ڪيو ۽ هڪدم! پر
ٿورن سيڪنڊن لاءِ، پر پوءِ مان خيال ڪيو، ته شريف
انسانو نه، هيءُ سميرڊياڪوف جو ڪم نه آهي.
”اِهڙيءَ حالت ۾ تون ٻئي ڪنهن ۾ شڪ رکي سگهين
ٿو؟“ نڪولائي پارفينووچ خبرداريءَ سان کانئس
پڇيو.
”مون کي ڪابه خبر نه آهي، ته ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟
اَلائجي هن ۾ خدا جو هٿ آهي يا شيطان جو .....؟ پر
سميرڊياڪوف ٿي نه ٿو سگهي.“ مـِـتيا فيصلا ڪـُـن
انداز ۾ چيو.
”پر اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جو توکي يقين ۽ وضاحت
ڏياري ٿي، ته هيءُ ڏوهي نه آهي؟“
”پنهنجي فيصلي ۽ پنهنجي اَثر کان. ڇاڪاڻ ته
سميرڊياڪوف سخت بزدل نموني جو ڪردار آهي. هيءُ فقط
بزدل نه آهي، پر سڄيءَ دنيا جي بزدليءَ جو نچوڙ
آهي، کيس هڪ چـُـوزي جي دل آهي. جڏهن هن مون سان
ڳالهايو آهي، هـُـو مون کان ڪنبندو رهندو آهي. کيس
خوف هوندو آهي، ته مان کيس قتل نه ڪري وجهان.
جيتوڻيڪ مان ڪڏهن به مٿس هٿ نه کنيو آهي. هـُـو
منهنجي پيرن تي ڪرندو آهي ۽ ٻت ٻت ڪندو آهي. هـُـو
منهنجي هنن بوٽن کي چمي ڏيندو آهي، جنهن جو مطلب
آهي، ته مان کيس نه ڊيڄاريان. توهان ٻڌو ٿا نه؟
اِنهيءَ لاءِ ته مان کيس نه ڊيڄاريان. ڪهڙي ڳالهه
ڪجي! مان ته کيس پيسا به آڇيا هئا. هـُـو رِين
رِين ڪرڻ وارو چوزو آهي - بيمار، مرگهيءَ وارو ۽
ڪمزور دل جو ماڻهو آهي. ايتري قدر جو اَٺن سالن جو
ٻار به کيس مار ڏئي سگهي ٿو. وٽس ڪو لڇڻ ئي ڪونهي.
جو اُن کي ٻڌايو وڃي. شريف انسانو، سميرڊياڪوف ٿي
نه ٿو سگهي. کيس نه پيسي جي پرواهه آهي ۽ نه وري
منهنجي سوکڙين کي ڪڏهن قبول ڪيو اَٿس. اُن
کانسواءِ پوڙهي ماڻهوءَ جي قتل ڪرڻ مان سندس ڪهڙو
مطلب ٿي پورو ٿيو؟ هـُـو ته سندس پٽن وانگر هو
.... هن جو جسماني پـُـٽ. توهان کي اُن جي خبر
آهي؟“
”اسان اِهو داستان ٻڌو آهي، پر تون پنهنجي پيءُ
جو پڻ پـُـٽ به آهين، جا توکي خبر آهي، پر اُن
هوندي به تون سڀ کي چوندو ٿو وتين ته تون پنهنجي
پيءُ کي قتل ڪندين؟“
”اِهو هڪ دڙڪو پڻ، هڪ بيهودگي ۽ ڪميڻائپ، پر مون
کي ڪوبه خوف نه آهي. شريف انسانو، ڇا هيءَ بنيادي
حقيقت نه آهي، جا اوهان مون کي منهنجي منهن تي چئو
ٿا، ڇاڪاڻ ته اِها حقيقت مان ئي اوهان کي ٻـُـڌائي
آهي. مان فقط کيس قتل ڪرڻ نه ٿي گهريو، پر شايد
اِيئن ڪريان به ها. اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا! مان
اوجهڙ ۾ وڃي، اوهان کي سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌايو آهي، ته
مان کيس ويجهو، ويجهو قتل ڪرڻ تي پهتو هوس، پر مان
کيس قتل نه ڪيو آهي. منهنجي محافظ فرشتي مون کي
بچائي ورتو - اِهائي ڳالهه آهي، جنهن کي اوهان
پنهنجي جاچ ۾ نه آندو آهي. اِهوئي سبب آهي، جو
اوهان وٽ اِها بنيادي حقيقت بڻجي وئي آهي، پر مان
ته هن کي قتل نه ڪيو آهي. مان هن کي قتل نه ڪيو
آهي، توهان ٻڌو به اَٿا، مان هن کي قتل نه ڪيو
آهي.“
هو بيحد پريشان ٿي ويو هو. هـُـو سڄي سوال جواب ۾
ڪڏهن به ايترو غمزده نه ٿيو هو.
”شريف انسانو!“ پر هـُـن اوهان کي ڇا چيو -
”سميرڊياڪوف کان منهنجو مطلب آهي....؟“ ٿوري
ويرم رکي، هن وري چيو ته، ”ڇا مان اِهو سوال پڇي
سگهان ٿو؟“
”تون ڪوبه سوال پڇي سگهين ٿو.“ جاچ ڪندڙ عملدار
کيس غير معمولي سختيءَ سان چيو. ”ڪوبه سوال جنهن
جو مقدمي سان رابطو هجي. اسان ٻڌل آهيون، ته اُن
جو جواب ڏيون. اسان سميرڊياڪوف جي ملازم کي، جنهن
جي لاءِ تون پڇي رهيو آهين، بستري ۾ بيهوش پيل
ڏٺو. جنهن جي مٿان مرگهيءَ جو سخت دورو هو. ٿي
سگهي ٿو، ته اِهو دورو مٿس ڏهه ڀيرا پيو هجي.
ڊاڪٽر جو اسان سان گڏ هو، اُن کيس ڏسي ٻڌايو، ته
ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو رات مشڪل سان جيئرو رَهي
سگهي.“
”صحيح، جيڪڏهن اِيئن آهي، ته شيطان ئي کيس قتل
ڪيو هوندو.“ مـِـتيا کان اوچتو هيءُ جملو نڪري
ويو. ڄڻ ته هـُـو اُن وقت تائين گهريءَ سوچ ۾ هو،
۽ پاڻ کان پڇي رهيو هو ته: ”اِهو سميرڊياڪوف ٿي
سگهي ٿو يا نه؟“
”اسان هن ڏي پوءِ اينداسين،“ نڪولائي پارفينووچ،
پختگيءَ سان چيو. هاڻي تون جيڪر پنهنجي بيان کي
جاري نه رکين؟“
مـِـتيا کين آرام وٺڻ لاءِ چيو. سندس عرض کي نهايت
مروت سان قبول ڪيو ويو. آرام وٺڻ کان پوءِ، هن وري
پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي، پر هـُـو ڏاڍو غمناڪ هو.
هـُـو ٿڪل ۽ اخلاقي طرح زبون هو. حالتن کي خراب
ڪرڻ لاءِ جاچ ڪندڙ عملدار کيس غصو ڏياري رهيو هو.
ڄڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي اِهڙين ڳالهين ۽
نقطن جي دخل اندازي ڏيڻ سان ڪيو ٿي ويو. مشڪل سان
مـِـتيا هي بيان ڪري رهيو هو، ته ڪهڙي ريت هو
لوڙهي تي ويٺو، ڪيئن، گريگريءَ کي مٿي وارو دستو
هنيو هئائين ۽ هـُـن کيس ڪيئن کٻي ٽنگ کان جهليو ۽
ڪيئن هـُـو ٽپو ڏيئي، هيٺ کيس ڏسڻ لاءِ لٿو، ته
اُن وقت جاچ ڪندڙ عملدار کيس روڪيو ۽ چيائينس ته
هـُـو ڏيکاري، ته ڪيئن هـُـو پوريءَ ريت ديوار تي
ويٺو هو. مـِـتيا کي عجب لڳو.
”ها، مان اِهڙيءَ ريت ڀت تي ويٺو هوس. هڪ ٽنگ ڀت
جي هڪ پاسي هئي، ۽ ٻي، ٻي پاسي.“
” ۽ دستو؟“
”دستو منهنجي هٿ ۾ هو.“
”تنهنجي کيسي ۾، ته نه هو؟ توکي چڱيءَ ريت ياد
آهي؟ ڇا اِهو سخت ڌڪ هو، جو تو اُن کي هنيو هو؟“
”اِهو سخت ڌڪ هوندو، پر اوهان سوال ڇو ٿا پڇو؟“
تون اَسان کي ڪرسيءَ تي ويهي ڏيکاريندين، جيئن تون
اُن وقت ديوار تي ويٺو هـُـئين؟ اَسان کي اِهو به
ڏيکار، ته تو ٻانهن کي ڪيئن تحرڪ ۾ آندو هو، ۽
ڪهڙي طرف ڏئي؟“
”اوهان مون سان مذاق ڪري رهيا آهيو، هائو نه؟“
مـِـتيا گرم ٿي ڳالهائيندڙ ڏانهن ڏٺو، پر هـُـن
اُن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو.
مـِـتيا هڪدم ڦريو، ڪرسيءَ تي لانگ ورائي ويٺو ۽
پنهنجي ٻانهن کي هوا ۾ هلايائين.
”اِهڙيءَ ريت مان کيس ڌڪ هنيو هو، ۽ اِهڙيءَ ريت
مان کيس هيٺ ڪيرايو هو! توکي وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟“
”شڪريه، مان هاڻي توکي اڃا تڪليف ڏئي رهيو
آهيان، ته مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندين، ته تون هيٺ
ڇو لهي وئين، اِيئن ڪرڻ سان تنهنجي ڪهڙي مراد
هئي؟“
”کڏ ۾ وجهينس ..... مان هيٺ ٽپو ڏئي اِنهيءَ لاءِ
آيو هوس، ته مان اُن ماڻهوءَ کي ڏسان، جنهن کي مون
ڌڪ هنيو آهي ..... مون کي خبر نه آهي، ته مون
اِيئن ڇو ڪيو!؟“
”تون جيتوڻيڪ جوش ۾ هـُـئين ۽ اُتان ڀڄندو به ٿي
وئين؟“
”هائو، جيتوڻيڪ مان جوش ۾ هئس ۽ اُتان ڀڄڻ ٿي
گهريم.“
”تو کيس مدد ٿي ڪرڻ گهري؟“
”مدد! ..... هائو، شايد مان کيس مدد ڪرڻ ٿي گهري
..... پر مون کي ياد نه ٿو اَچي.“
”توکي ياد نه ٿو اَچي؟ تڏهن تون پوريءَ ريت نه ٿو
ڄاڻين، ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟“
”اِيئن نه آهي، مونکي سڀ ڪجهه ياد آهي - سڀڪو ئي
تفصيل. مان ٽپو ڏيئي هيٺ لهي آيس، ته اُن کي ڏسان.
مان پنهنجي رومال سان اُن جي منهن کي اُگهيو.“
”اسان تنهنجي رومال کي ڏٺو آهي. توکي اُميد هئي،
ته اُن کي تون هوش ۾ آڻي سگهندين؟“
”مان اِهڙيءَ اُميد ٿي رکي، مون کي اُن جي خبر نه
آهي. مون کي فقط اِها پـَـڪ ڪرڻي هئي، ته هـُـو
جيئرو آهي يا نه؟“
”ها، ته توکي اِها پـَـڪ ڪرڻي هئي. ٺيڪ آهي پوءِ
ڇا ٿيو!؟“
”مان ڊاڪٽر نه آهيان، مان ڪوبه فيصلو نه ڪري
سگهيس. مان اُتان هيءُ خيال ڪري ڀڳس، ته مان اُن
کي ماري ڇڏيو آهي، پر هـُـو هاڻي چڙهي پيو آهي.“
”نهايت خوب!“ جاچ ڪندڙ عملدار تشريح ڪندي چيو.
مهربان! مون کي اِهائي حقيقت کپندي هئي. مهرباني
ڪري اڳتي وڌو.“
افسوس مـِـتيا جي مغز ۾ اِها ڳالهه نه آئي، ته کين
ٻڌائي، جا کيس ياد به هئي ته هـُـو رحم ۽ افسوس جي
باعث هيٺ ٽپو ڏئي آيو هو. جڏهن اُن گوشت جي ڍڳ
مٿان بيٺو هو، تڏهن سندس زبان کان ڪي لفظ نڪتا
هئا، اُهي ڏک ڀريا لفظ هئا، ته ”تون ته ڏک ۾ اَچي
وئين پوڙها ماڻهو - مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو
ڪري سگهان؟ تون اِتي پيو رهه.“
جاچ ڪندڙ عملدار فقط هڪ نتيجي تي پهتو، ته ماڻهو
اِنهيءَ لاءِ ٽپو ڏيئي هيٺ آيو هو، ته اِهڙيءَ
گهڙيءَ ۾، ۽ اِهڙي جوش ۾، هـُـن هيءُ ڏسڻ ٿي
گهريو، ته قتل جو فقط اِهو شاهد، جيئرو آهي يا مري
ويو آهي! اُن وقت هـُـو وڏيءَ طاقت وارو، ٿڌو،
فيصلي وارو ۽ وڏي نگاهه وارو هوندو، جيئن اهڙن
موقعن تي اَڪثر ٿيندو آهي ....“ جاچ ڪندڙ عملدار
کي تسلي ٿي وئي. ”مان هن منجهيل انسان کي،
پيچيدگين سان، اِنهيءَ کان گهڻو وڌيڪ چورايو اَٿم،
جو کيس چوڻو هو.“
تڪليف ڏيندڙ نوع ۾، مـِـتيا اڳتي وڌيو، پر هن ڀيري
جلد ئي نڪولائي پارفينووچ کيس پاڻ ڏانهن ڇـِـڪي
ورتو.
تون ڪيئن فيودوسويا مارڪووينا ملازم ڏي ڊوڙندو
وئين؟ تنهنجا هٿ رَت سان ڀريل هئا ۽ جيئن ڏسڻ ۾ ٿي
آيو تنهنجو منهن به-؟“
”ها، مان اُن وقت رت کي ڏٺو ئي ڪونه هو.“
مـِـتيا جواب ڏنو.
”اِيئن ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اِيئن ٿيندو
آهي.“ جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ،
نگاهن ۾ ڪجهه، هڪٻئي کي چيو.
”مان اُن کي نه ڏٺو هو. تون بلڪل صحيح آهين، جاچ
ڪندڙ عملدار.“ مـِـتيا اوچتو قبوليت ڏني.
هاڻي مـِـتيا، جي اُها حقيقت ٿي آئي، جو هن اوچتي
پختي خيال سان، سڀ ڪجهه پـَـري رکي، پنهنجي خوشيءَ
لاءِ راهه ٿي گهڙي. پر هـُـن اِهو مناسب نه
سمجهيو، ته هـُـو اڳ وانگر سندن اڳيان دل کولي رکي
۽ کين پنهنجي روح جي راڻيءَ لاءِ ٻڌائي. کيس هيءُ
ناپسند هو، ته اِهڙين سردمهر طبعيتن جي اڳيان، اُن
جي بابت ڳالهائي، جي مـَـکن وانگر کيس ويڙهي ويا
هئا، اُنڪري هـُـو سندس سوالن جا جواب مـختصر طرح
ڏيندو رَهيو.
”خير مان فيصلو ڪيو هو، ته پنهنجو خاتمو آڻيان.
منهنجي جيئڻ جو هاڻي سامان ئي ڪهڙو هو؟ اِهوئي
سوال هو، جو مون کي منهن ۾ ٿي آيو. هـُـن جو
پهريون حقدار محبت وارو پهچي چـُـڪو هو، جنهن
ماڻهو ساڻس غلط روش اختيار ڪئي هئي! جو پنجن سالن
کانپوءِ کانئس محبت وصول ڪرڻ آيو هو ۽ غلط شاديءَ
جي لاءِ ...... اُنڪري منهنجي لاءِ سڀ ختم ٿي چڪو
هو ..... منهنجي پويان غمناڪي هئي ۽ اِها رت
...... گريگريءَ جي ...... باقي جيئڻ ڇا جو هو؟
اُنڪري مان ويس ته پستول کي ڪڍان، جيئن منهنجو
فيصلو هو، اُن ۾ گولي وجهان ۽ سڀاڻي پنهنجي مٿي ۾
هڻان.“
” ۽ اُن کان اڳ ۾ هڪ وڏي دعوت هئي؟“
”هائو، هڪ رات اڳ ۾ هڪ وڏي دعوت هئي، شريف
انسانو، هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهو. جلدي ڪريو ۽ هن کي
پورو ڪريو.... منهنجو مقصد هو، ته مان هتي پاڻ کي
گولي نه هڻان، پر ڳوٺ جي ٻاهران. مان اِهو فيصلو
ڪيو هو، ته پنجين وڳي صبح جو پاڻ کي پورو ڪريان.
مان هڪ بيان لکي، پنهنجي کيسي ۾ رکيو هو. مان اِهو
پروهيٽن وٽ ليکو هو، جڏهن مان پستول کي گولين سان
ڀريو هو. اِجهو هيءُ آهي، اُهو خط. هن کي پڙهو،
جيتوڻيڪ اهو اوهان جي لاءِ نه آهي!“ هـُـن اِهو
جملو نفرت مان چيو. هـُـن اِهو خط پنهنجي صدريءَ
جي کيسي مان ڪڍيو ۽ ميز تي اُڇلايائين. وڪيلن اُن
کي وڏيءَ حيرت سان پڙهيو ۽ رواجي طور اُن کي مقدمي
جي ٻين ڪاغذن سان گڏ رکيائون.
”توکي پروهيٽن وٽ رڳو هٿن ڌوئڻ جو به خيال نه
آيو؟ توکي اِهو به خوف نه ٿيو ته متان اُن مان ڪو
شـَـڪ جاڳي پوي؟“
”ڇا جو شڪ ۽ شبهو؟ شڪ پيدا ٿئي پيو يا نه؟ مان
هتي ساڳئي خيال سان، نه آيو هوس ۽ پنجين بجي مان
پاڻ کي گولي هڻي پورو ڪـِـري ڇڏيان ها. جڏهن اوهان
وقت تي ئي نه پهچو ها، ته ڇا ڪريو ها! جيڪڏهن
اِيئن نه ٿئي ها، جو ڪجهه منهنجي پيءُ سان ٿي
گذريو آهي، ته اوهان کي ڪابه خبر نه پوي ها، ۽ نه
وري هيڏي اَچو به ها. ها، هي شيطان جو ڪم آهي.
اِهو شيطان هو، جنهن منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو، ۽
اِهو شيطان ئي هو، جنهن جي معرفت اوهان هن حقيقت
کي جلدئي معلوم ڪري ورتو. توهان هتي ڪيئن ايترو
جلدي پهتا.“ اِها ڪرامت آهي، يا خواب!“
”مسٽر پروهيٽن اَسان کي ٻڌايو هو، ته تون جڏهن
وٽس ويو هئين، ته تنهنجي هٿن ۾ ....... رت جي داغن
سان ڀريل..... تو وٽ پيسا هئا ..... تمام گهڻي رقم
...... سـَـؤُ روبل جي نوٽن جي ٿهي هئي، جنهن کي
سندس ملازم ڇوڪري به ڏٺو هو.“
”شريف انسانو، اِهو سچ آهي، مون کي ياد آهي،
اِيئن برابر هو.“
”هاڻي، اُن مان نهايت ٿوري ڳالهه پيدا ٿئي ٿي.“
نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇڻ شروع ڪيو، ته ”تون
ٻڌائي سگهندين، ته تو اِها رقم اوچتو ڪٿان هٿ ڪئي؟
جڏهن حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ۽ وقت جي اَندازي
مان ڏِسڻ ۾ اَچي ٿو، ته تون گهر ويو ئي نه هئين.“
نڪولائيءَ جي آواز ۾ مروت ٿي ڏٺي.
جاچ ڪندڙ عملدار جي ڀرون ۽ سوال تي تشنج پيدا ٿي
ويو. سوال بلڪل وضاحت سان پڇيو ويو هو، پر هن
نڪولائي پارفينووچ جي سوال کان پوءِ ڪجهه نه
ڳالهايو.
”نه، مان گهر نه ويو هوس.“ مـِـتيا بلڪل صاف ۽
قبول ڪندي جواب ڏنو، پر هـُـو زمين ڏي نهاري رهيو
هو.
”مون کي اِجازت ڏي ته مان پنهنجي سوال کي وري
دهرايان.“ نڪولائي پارفينووچ پنهنجي سوال ڏي
وڌيو، ڄڻ ته هـُـو اُن مضمون ڏي آهستگيءَ سان
چرندو ٿي ويو. ”تو ڪٿان ۽ فوري طور تي ايڏي رقم
حاصل ڪري ورتي، جڏهن تنهنجي ئي قبوليت موجب، ساڳي
ڏينهن پنجين بجي .....“
”مون کي ڏهه روبل جي ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ مان
پروهيٽن وٽ پنهنجو پستول گروي رکيو هو. اُن کان
پوءِ بيگم هائلڪوف ڏي ويو هوس، ته کانئس ٽي هزار
روبل قرض وٺان، پر هن مون کي نه ڏنا ۽ اِهڙيءَ ريت
ٻين وٽ به ويس.“ مـِـتيا جلديءَ مان وچ ۾ دخل
ڏيندي چيو. ”هائو شريف انسانو، مان ڏاڍي گهرج ۾
هوس. اوچتو هزارين روبل ملي پيا. توهان ڄاڻو به
ٿا، شريف انسانو! توهان ٻنهي کي هاڻي اِهو خوف
درپيش آهي، ته هاڻي هيءُ اَسان کي نه ٻڌائيندو، ته
اِها رقم کيس ڪٿان هٿ آئي؟ ڪيئن اِيئن آهي نه؟
توهان جو خيال برابر درست آهي. اوهان کي اِها خبر
ڪڏهن به نه پوندي.“ مـِـتيا هرهڪ لفظ کي ڳڻي ۽
ڳوتي، غير معمولي فيصلي ڪندڙ انداز ۾ چيو. وڪيل
ويرم لاءِ خاموش ٿي ويا.
”مسٽرڪرامازوف توکي ڄاڻڻ کپي، ته اَسان کي
اِنهيءَ ڄاڻ جي شدت سان ضرورت آهي.“ نڪولائي
پارفينووچ، آهستي ۽ صاف طرح کيس چيو.
”مان اِهو ڄاڻان ٿو، پر اوهان کي نه ٻڌائيندس.“
جاچ ڪندڙ عملدار به دخل ڏيڻ شروع ڪيو ۽ کيس وري به
ياد ڏياريائين، ته ”قيديءَ کي پوري آزادي آهي، ته
هـُـو ڪنهن سوال جو جواب ڏئي يا نه ڏئي؟ پر جيڪڏهن
اُن ۾ سندس فائدو هجي، پر پنهنجي خاموشي سان، پاڻ
کي هـُـو جو نقصان پهچائي ٿو، خاص ڪري اِهڙي مقدمي
۾، نهايت وڏو آهي ......“
”شريف انسانو! اڳتي وڌو اڳتي. ڪافي آهي. مان هن
فضول گفتگوءَ کي اڳ ۾ به ٻـُـڌي چڪو آهيان.“
مـِـتيا وري به وچ ۾ دخل اَندازي ڪئي. مان پاڻ
ڏسان ٿ و، ته اِهو سوال ڪيترو نه اهم آهي ۽ اِها
حقيقت نهايت ضروري آهي، پر اُن هوندي به مان
ٻـُـڌائيندس.“
”اسان جو ڇا؟ اِهو تنهنجو پنهنجو عمل آهي. تون
پاڻ کي پاڻ نقصان پهچائي رهيو آهين.“ نڪولائي
پارفينووچ کيس پريشانيءَ مان چيو.
”مذاق کي ڇڏيو، شريف انسانو،“ مـِـتيا پنهنجي
اکين کي مٿي کڻي، پختگيءَ سان ٻنهي ڏي نهاريو. مون
کي شروع کان ئي خفيف شبهو هو، ته اَسان ڪنهن حقيقت
تي احمق بڻجي وينداسون. پر پهريائين جڏهن مان
پنهنجي زباني ڏيڻ شروع ڪئي هئي، ته خاموشي ۽
اونداهي هئي، ۽ سڀ ڪا ڳالهه پئي ٻـُـڏي ۽ تري، مان
ايترو ته سادو هوس، جو مان پنهنجي ابتدا ئي هن فڪر
سان ڪئي هئي، ته ٻنهي طرفن جي وچ ۾ پورو پورو
اعتبار رهندو، پر هاڻي مان پاڻ کي ئي ڏسان ٿو، ته
اِها رازداري رهي ئي نه آهي ۽ اُن جي لاءِ ڪو
سوال ئي نه ٿو اُٿي. منهنجي حالت ۾ اسان لاءِ
ضروري هو، ته هن نحس ۽ منجهائيندڙ منزل تي اَچي
وڃون. هاڻي اسان اُتي پهچي ويا آهيون! اِها
ناشـُـدني به آهي ۽ اِتي پڄاڻي به ٿئي ٿي! پر مان
هن لاءِ اوهان کي ڪوبه ڏوهه نه ڏيندس. توهان فقط
منهنجي لفظ تي اعتبار نه ٿا ڪري سگهو. مان بيشڪ هن
کي سمجهان ٿو.“
هـُـو وري اَداس اُداس خاموشيءَ ڏانهن هليو ويو.
”ڇا تون، هن مکيه حقيقت جي لاءِ، پنهنجي خاموشيءَ
جي پختي فيصلي کي بدلائي نه ٿو سگهين؟ اَسان کي ڪا
ٿوري حقيقت ئي هن معاملي بابت ڏي، جا ايتري مضبوط
آهي ۽ توکي لالچائي ٿي، ته تون اُن جو انڪار ڪرين.
سو به اِهڙي نازڪ موقعي تي، جڏهن تون پوريءَ ريت
خطري ۾ گهيريل آهين؟“
مـِـتيا ماتم زده نموني ۾ مشڪيو، ڄڻ ته هو خواب ۾
هو.
”شريف انسانو، مان اِنهيءَ کان گهڻو وڌيڪ نيڪ
طبعيت وارو آهيان، جيئن اوهان سمجهو ٿا. مان اوهان
کي اُن جو سبب به ٻڌائيندس، ته هاڻي اِيئن ڇو ٿيو
۽ ڪجهه اشارو به. جيتوڻيڪ اوهان اُن جي لائق نه
آهيو. شريف انسانو! مان هن جي لاءِ وڌيڪ نه
ڳالهائيندس. ڇاڪاڻ ته اِهو منهنجي عزت جي لاءِ داغ
ٿيندو. هن سوال جو جواب، ته مان اِها رقم ڪٿان
آندي، خون ۽ پنهنجي پيءُ کي ڦرڻ کان به وڌيڪ ڏک
ڏيندڙ ٿيندي! جيڪڏهن مان اُن کي خون ڪيو هجي ها يا
ڦريو هجي ها. اِهوئي سبب آهي، جو مان اوهان کي نه
ٿو ٻڌائڻ گهران. هي سڀ اُن ڏک جي سبب کان آهي.
شريف انسانو، ڇا اوهان اِهو به لکڻ چاهيو ٿا؟“
”هائو، اَسان اهو به لکنداسون.“ نڪولائي
پارفينووچ هٻڪندي چيو.
”توهان منهنجي هن ندامت کي نه لکو. مان اوهان کي
هيءُ سڀڪجهه نيڪدليءَ جي ڪري ٻڌايو آهي. مان جيڪر
اوهان کي نه ٻڌايان ها. مان اِيئن چوان ته، هيءُ
سڀ ڪجهه اوهان جي لاءِ تحفي طور هو ۽ اوهان اُن تي
هڪدم زور ڏئي رهيا آهيو - چڱو لکو. جيڪي اوهان کي
وڻي سو لکو.“ هن نفرت جي جهـَـلڪ سان پنهنجي
گفتگو کي پورو ڪيو. ”مون کي اوهان کان ڪوبه خوف
نه آهي ۽ منهنجو سـَـر اَڃا به اوهان جي اڳيان
بلند آهي.“
”پر تون پنهنجي ندامت جي حقيقت کي ٻڌائي نه ٿو
سگهين؟“ نڪولائي پارفينووچ خطري کي پنهنجي سـَـر
تي کڻي چيو.
جاچ ڪندڙ عملدار سخت بگڙجي ويو.
”نه، نه، توهان پاڻ کي تڪليف ۾ نه وجهو. مان سزا
پنهنجي هٿن سان ڀوڳي رهيو آهيان. مان پنهنجي هٿن
سان گهڻو ئي پوکي چـُـڪو آهيان، جيئن اوهان ڏسو
ٿا. توهان اِنهيءَ جي لائق ئي نه آهيو. ڪوبه نه
آهي ..... ختم. شريف انسانو. مان اڳتي ڪجهه به نه
چوندس.“
هيءُ سڀ ڪجهه نهايت وضاحت سان چيو ويو، نڪولائي
پارفينووچ، اُن تي وڌيڪ زور نه ڏنو. پر هن ائپولٽ
ڪريليوويچ جي اکين مان ڏٺو، ته هن اُميد لاهي نه
ڇڏي آهي.
”ڇا تون ايترو به نه ٻڌائي سگهندين؟ تون جڏهن
پروهيٽن وٽ ويو هئين، ته تنهنجي هٿ ۾ ڪيتري رقم
هئي - صحيح صحيح ڪيترا روبل هئا؟“
”مان اِهو اوهان کي ٻڌائي سگهندس.“
”تو مسٽر پروهيٽن کي جيئن ٻڌايو هو، ته بيگم
هائلڪوف کان توکي ٽي هزار روبل مليا هئا.“
”شايد مون اِيئن چيو هجي. شريف انسانو، بس، بس.
مان اِهو نه ٻڌائيندس ته مون وٽ ڪيترا روبل هئا.“
”تون فقط هاڻي اِهو ٻـُـڌاءِ ته تون هتي ڪيئن
آئين ۽ هتي پهچڻ کان پوءِ، تو ڇا ڇا ڪيو؟“
”او، اوهان، هتان جي بابت ماڻهن کان پڇي سگهو ٿا،
پر جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي، ته مان اِهو به
توهان کي ٻڌائيندس.“
هـُـو سڄي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، پر اَسان هتي اُن کي
نه دهرائينداسون. هن نهايت خشڪ ۽ اَڻ وڻندڙ نموني
سان ٻڌايو. محبت جي جذبات جي بابت هـُـن ڪجهه به
نه ٻڌايو، پر کين ٻڌايائين، ته حالتن جي نون
پرَماڻن موجب، هن پاڻ کي گولي هڻڻ جي خيال کي ترڪ
ڪري ڇڏيو. هن تفصيل ۽ حقيقي اِرادي ۾ وڃڻ جي بجاءِ
رڳي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن ڀيري وڪيلن به کيس گهڻي
پريشاني نه ڏني. اِيئن به هو، ته هن مقام تي سندن
لاءِ ڪو ضروري دلچسپي جهڙو نقطو به ڪونه رهيو هو.
”اسان هن جي پوري جاچ پڙتال ڪنداسون. اَسان هن
حقيقت ڏي وري موٽي اينداسون، جڏهن شاهدن جي پڇا
ڪنداسون. جا پڻ تنهنجي حاضري ۾ ٿيندي.“ نڪولائي
پارفينوويچ آخر ۾ چيو. ”هاڻي مون کي اِجازت ڏي ته
مان توکي عرض ڪريان، ته تنهنجي قبضي ۾، جو ڪجهه به
آهي، اُهو ميز تي ٻاهر ڪڍي رک. خاص ڪري پيسا.“
”شريف انسانو، منهنجي رقم؟ يقينـََـا. مان سمجهان
ٿو، ته اِها ضروري شيءِ آهي. مون کي سچ پچ عجب ٿو
لڳي، ته اوهان اڳ ۾ اُن جي بابت جاچ ئي نه ڪئي
آهي؟ اِهو به سچ آهي، ته مان ڪاڏي ڀڳو نه ٿي ويس.
مان اِتيئي ويٺو آهيان، جتي اوهان ڏسو ٿا. اِجها
هيءَ آهي، منهنجي رقم! کڻو. مان خيال ڪريان ٿو،
ته اِهائي آهي.“
هن کيسي مان سڀ رقم ٻاهر ڪڍي. ايتري قدر جو ننڍن
سڪن کي به ٻاهر ڪڍيو، جي فقط ويهه هئا - هن پنهنجي
صدريءَ جي کيسن کي به اُٿلايو پٿلايو. هنن رقم کي
ڳڻڻ شروع ڪيو. اُها ڪـُـل اَٺ سـَـو ڇٽيهه روبل ۽
چاليهه ڪاپڪس ٿي.
جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو ته ”ڇا سڄي رقم
اِهائي هئي؟“
”هائو.“
”تو هاڻي پنهنجي بيان ۾ چيو هو، ته تو پلاٽينڪوف
وٽ ٽي سـَـؤ روبل خرچ ڪيا هئا. تو پروهيٽن کي ڏهه
ڏنا ۽ ڪوچبان کي ويهه ۽ هتي تو ٻـَـه سـَـؤ کپايا.
پوءِ ...“
نڪولائي پارفينووچ، هنن سڀني جو جوڙ ملايو.
مـِـتيا کيس مدد ڪرڻ لڳو. هنن پائي پائي کي ياد
ڪيو، ۽ اُن کي به حساب ۾ وڌائون. نڪولائيءَ جلد ۾
جوڙ ڪري ملايو.
”هنن اَٺن سـَـون سوڌو، تو وٽ پهريائين پندرنهن
سـَـؤ روبل هوندا؟“
”ٿي سگهي ٿو“ مـِـتيا آهستگيءَ سان چيو.
”اِهو ڪيئن آهي، ته ٻيا چون ٿا، ته تو وٽ هن کان
وڌيڪ رقم هئي؟“
”ڀلي کين اِيئن چوڻ ڏيو.“
”پر تو به ته اِيئن يقين سان ٿي چيو؟“
”هائو، مان به اِيئن ٿي چيو.“
اسان هن حقيقت کي ٻين جي بيان سان ڀيٽينداسون، جن
کان اَڃا پڇيو ئي نه ويو آهي. تون پنهنجي رقم جي
لاءِ انتظار نه ڪر. اُن جي پوري پوري خبرداري ڪئي
ويندي. آخر ۾ توکي ئي ملندي، پر اِهو ڏسڻو پوندو ۽
ثابت ڪرڻو پوندو، ته تنهنجو اِنهيءَ رقم تي بنا
ڪنهن جهڳڙي جي پورو پورو حق آهي ......“
نڪولائي پارفينووچ، اوچتو اُٿي بيٺو ۽ مـِـتيا کي
وثوق سان چيائين ته: ”اِهو سندن فرض آهي، ته سندس
ڪپڙن ۽ ٻين شين جي جهڙتي ڏي ......“
”بيشڪ شريف انسانو! اوهان منهنجي کيسن کي جنهن
ريت اُٿلائي پٿلائي ڏسو، جيڪڏهن اوهان جي خواهش
آهي؟“
اِيئن چئي هن سچ پچ پنهنجي کيسن کي اُٿلائڻ پٿلائڻ
شروع ڪيو.
”اِهو ضروري آهي، ته تون پنهنجي سڀني ڪپڙن کي
لاهه.“
”ڇا اُگهاڙو ٿيان .... اُف! اِنهيءَ ڳالهه کي
ڇڏيو. اوهان منهنجي بدن جي اِيئن ڳولها ڪري نه ٿا
سگهو، جيئن آهيان! ڇا اِيئن نه ٿا ڪري سگهو؟“
”اِهو تمام ضروري آهي، فيودورپاولووچ. توکي
پنهنجا ڪپڙا لاهڻا پوندا.“
مـِـتيا کي رنج ٿيندي قبول ڪرڻو پيو ۽ چيائين ته:
”جيئن اوهان جي مرضي، پر هتي نه پردي جي پويان.
پر ڳولا ڪير ڪندو؟“
”پردي جي پوئتان، ٺيڪ آهي؟“
نڪولائي پارفينووچ، منظور ڪندي، پنهنجي ڪنڌ کي
جهڪايو. سندس ننڍڙي منهن تي، سنجيدگيءَ جون
لڪيريون اُڀري آيون.
dc |