سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو ٽيون

صفحو :12

 

باب چوٿون

وڃايل ڪتو

ڪوليا وڏي شان سان لوڙهي کي ٽيڪ ڏئي اليوشا جي ظاهر ٿيڻ لاءِ انتظار ۾ بيهي رهيو. هائو کيس ساڻس ملڻ جي گهڻي وقت کان خواهش هئي. هن اُن جي بابت ٻارن کان گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون هيون. پر اُن هوندي به سندس روش اُن بابت بي اعتباريءَ ۽ نفرت انگيز هئي. جڏهن به سندس سامهون اُن جو نالو ٿي ورتو ويو، ته سندس پيشانيءَ ۾ گهنج ٿي پيا ۽ اُن جي بابت جو به ٻڌائين ٿي، اُن تي تنقيد ٿي ڪيائين. اُن هوندي به سندس خواهش هئي، ته ساڻس واقفيت پيدا ڪري، وٽس جو ڪجهه به اليوشا جي لاءِ چيو ٿي ويو، اُن کي سندس توجهه جذب ٿي ڪري ورتو. اُن ڪري هيءَ گهڙي هاڻي نهايت اهميت واري هئي. واقفيت جي شروع ۾ هن چاهيو ٿي، ته هو کيس لائق ٿي ڏيکاري ۽ آزاد بڻجي وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ هوُ کيس تيرهن ورهين جو ڇوڪرو ئي سمجهندو، جيئن ٻيا ڇوڪرا آهن. وٽس ٻيا ڇوڪرا ڪهڙي حيثيت رکن ٿا، هن خيال ڪيو ٿي، ته ”جڏهن ساڻس ملندس، ته کانئس پڇندس. افسوس جو مان قد جو بندرو آهيان. سيڪوف مون کان عمر ۾ ننڍو آهي، پر سندس ڳچي مون کان ڊگهي آهي. هن لاءِ افسوس ٿو ٿئيم. منهنجي چهري مان دانائيءَ جو اظهار ٿو ٿئي، جيتوڻيڪ مان خوبصورت نه آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته مان بدنما آهيان پر منهنجو چهرو سياڻپ وارو آهي. مون کي ساڻس آزاد ٿي نه ڳالهائڻ گهرجي. نه ته هو سمجهندو ته مان سندس ڀاڪر ۾ ڪهڙو نه آساني سان اچي ڪريو آهيان. اُف اهو ڪيڏو نه خطرناڪ خيال ٿيندو......“

اهي خيال هئا، جي ڪوليا جي دل ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. اُن حالت ۾ به هن خيال ٿي ڪيو، ته پاڻ کي مستقل خيال وارو بڻائي. کيس فقط اهو خيال تڪليف ڏيئي رهيو هو، ته هوُ قد جو بندرو آهي، کيس سندس چهري جي بدنما هئڻ جو ڪوبه فڪر نه هو. هڪ سال اڳ ۾ هن پنهنجي گهر ۾ ڀـِـت تي هڪ ڪـُـنڊ ۾ پنهنجي قد جو نشان پينسل سان ڏنو هو. ان کان پوءِ، هن هر ٻئي مهيني نهايت انتظار سان پنهنجي ماپ ٿي ڪئي، ته سندس قد ڪجهه وڌيو به آهي يا نه؟ پر افسوس ته هوُ نهايت سست رفتاريءَ سان ٿي وڌيو، جنهن کي ڏسي هو نااميديءَ سان ڀرجي ٿي ويو. سندس چهرو سچ پچ بدنما هو، پر اُن جي برعڪس ڪشش وارو هو. خوبصورت کل، جنهن تي ڀورا داغ هئا. سندس ننڍڙيون، جاندار ڀوري رنگ واريون اکيون، جن مان بي خوف نگاهون ٿي ڏٺيون. اڪثر هوُ اندروني جذبن سان جهلڪنديون ٿي رهيون. سندس ڳلن جا هڏا، اُڀريل ٿي ڏٺا. چپ تمام سرخ پر ٿلها هيس. سندس نڪ ننڍو هو، پر غلطي جهڙو مٿي وريل هو. هو هميشھ چوندو هو، ته مون کي رواجي ۽ بينو نڪ آهي. ڪوليا جڏهن آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسندو هو، ته ڀڻ ڀڻ ڪري ڪجهه چوندو هو ۽ اڪثر اُن کي به نفرت مان ڇڏي ويندو هو. ”پر مون کي دانائيءَ سان ڀريل چهرو نه آهي؟“ هو پاڻ کان پڇندو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن هن حقيقت کي به شڪ سان ڏسندو هو. پر اِيئن سمجهڻ نه گهرجي، ته سندس دل ۽ سندس چهري ۽ قد جي الجهن ۾ ڦاسي ٿي ويو. پر اُن جي برعڪس جيتوڻيڪ آئيني جي سامهون سندس پريشان گهڙيون ٿي گذريون، جن کي هن هڪدم وساري ٿي ڇڏيو ۽ ڪيتري مدت کان کانئس وسريل ٿي رهيون. هن پاڻ کي اهڙين ڳالهين ۾ مشغول ٿي رکيو، جي کيس حقيقي زندگيءَ ڏانهن وٺي ٿي ويون ۽ جن کي هن پنهنجي اُصول جي ضابطي ۾ آڻڻ ٿي گهريو.

اليوشا هڪدم ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪوليا ڏي وڌيو. انهيءَ کان اڳي جو هوُ وٽس پهچي، ڪوليا ڏٺو ته هوُ بلڪل خوش ٿي نظر آيو. ”ڇا هوُ مون کي ڏسي ايترو خوش ٿيو آهي؟“  هوُ عجب ۾ پئجي ويو ۽ خوش ٿيڻ لڳو. اسان کي هتي هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته اليوشا جي چهري ۾، جڏهن اسان کيس آخري دفعي ڏٺو هو، هاڻي بلڪل پوريءَ ريت تبديلي اچي چڪي هئي. هن پنهنجي راهباڻي قبا کي لاهي ڇڏيو هو ۽ کيس هاڻي عمدو وضع قطع وارو ڪوٽ پهريل هو. هڪ نرم ۽ گول ٽوپي سندس مٿي تي هئي ۽ وار ننڍا ڪٽيل هئا. هي سڀئي کيس ٺهيا ٿي ۽ هوُ پوريءَ ريت خوبصورت ٿي لڳو. سندس دلڪشيءَ ۽ دلفريب چهري مان نيڪ مزاجيءَ جو اظهار هميشھ پئي ٿي بکيو، پر سندس خوش مزاجيءَ مان شريفاڻي اطوار ۽ سنجيدگي صاف ٿي ڏٺي. ڪوليا کي هيءُ ڏسي عجب ٿي لڳو، ته هوُ اوورڪوٽ کان سواءِ ئي ٻاهر نڪري ساڻس ملڻ لاءِ آيو هو. هوُ سچ پچ تڪڙ ۾ نڪري آيو هو. هن هڪدم پنهنجو هٿ ڪوليا سان ملڻ لاءِ وڌايو.

 ”تون آخر اچي وئين. اسان ڪيترو نه تنهنجي انتظار ۾ هئاسون.“

 ”ڪي اسباب هئا، جن کي تون هاڻي سنئون سڌو ٻڌندين. ڪيئن به هجي مان خوش آهيان، ته توسان واقفيت ٿي آهي. مان گهڻي وقت کان موقعي جي اميد ٿي رکي ۽ تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ٻڌو اٿم.“  ڪوليا ساهه کڻڻ سواءِ ڀڻڪندو رهيو.

 ”اسان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪٻئي سان ملڻ کپندو هو. مان پڻ تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ٻڌو آهي، پر تو هيڏي اچڻ ۾ گهڻو وقت ورتو آهي.“

 ”ٻڌاءِ ته حالتون ڪيئن آهن؟“  

 ”اليوشا توکي اڪثر ياد ڪندو رهندو آهي. هوُ سخت بيمار آهي ۽ يقيناً مرڻ تي آهي.“

 ”ڪيڏو نه هيبتناڪ! تون قبول ڪندين، ته دوائون رڳو فريب آهن، ڪرامازوف!“  ڪوليا گرم جوشيءَ سان رڙ ڪري چيو.

 ”هوُ ڪيڏو نه توکي وقت بوقت ياد ڪندو رهيو آهي. پنهنجي ننڊ ۾ توڙي بيهوشي جي ڳالهائڻ ۾. هن مان ڏسي سگهجي ٿو، ته تون هن کي ڪيڏو نه پيارو هئين....... چاقو هڻڻ واري واقعي کان اڳ ۾ ته کيس وڌيڪ پيارو هئين..... اُن کان سواءِ ڪو ٻيو به سبب آهي..... مون کي ٻڌاءِ ته هيءُ ڪتو تنهنجو آهي؟“

 ”هائو،پريزيوان.“

 ”هي زهڪا نه آهي؟“  اليوشا ڏک مان ڪوليا ڏي نهاريو ۽ سندس اکيون هيٺ ٿي ويون. شايد هو هميشھ لاءِ گم ٿي ويو.

 ”مان ڄاڻان ٿو، ته اوهان سڀني وٽ زهڪا پياري آهي. مان ان جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌو آهي.“ ڪوليا رازداراڻي طور تي کليو. ”ڪرامازوف ڌيان ڏيئي ٻڌ! مان توکي اُن جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. مان انهيءَ جي ڪري ئي ته آيو آهيان، ته اندر وڃڻ کان اڳ ۾ مان توکي سڄو ئي داستان بيان ڪري ٻڌايان.“ هن گرما گرميءَ مان شروع ڪيو. مان کانئس ٻه ڪلاس مٿي آهيان. مان کين فقط پري کان ئي ڏسي سگهندو آهيان. مان ڏٺو ته ڇوڪرو نهايت ڪمزور آهي ۽ ننڍو. پر هن ڪڏهن به هن وٽ هار نه مڃي. هوُ هميشھ هنن سان ڀريل هيون. مون کي اهڙا ٻار پسند هوندا آهن. هنن کيس وڌيڪ چيڙائڻ شروع ڪيو. سڀ کان وڌيڪ بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته سندس لباس اُن وقت بيحد ناموزون هو. سندس سوڙهو پاجامو گهڻو لـُـنڊو هو ۽ سندس بوٽ به سوڙها هئا. هو انهن جي لاءِ کيس پريشان ڪندا ٿي رهيا. هو مٿس چٿرون ڪندا رهيا. مان اهو ڏسي نه سگهيس. مان سندس طرف وٺي بيٺس. ۽ کيس چڱي گرمي ڏيکاري. مان کين ماريو، پر توکي خبر آهي ڪرامازوف! هنن منهنجو ادب ڪيو ۽ عزت رکڻ لڳا.“  ڪوليا هڪ ئي ساهه سان لاف هڻڻ لڳو. پر ٻار منهنجا ڪمزور آهن. مون وٽ گهر ۾ به هاڻي ٻه ٻار آهن. انهن ئي مون کي اڄ ترسائي ڇڏيو هو. اهڙيءَ ريت هنن اليوشا کي مارڻ ڇڏي ڏنو ۽ مان کيس پنهنجي حفاظت ۾ ورتو. مان ڏٺو، ته ٻار مغرور هو، مان توکي وري به ٻڌايان ٿو ته ٻار بيحد مغرور هو، پر آخر ۾ هو غلامن وانگر مون تي قربان ٿيڻ لڳو. هوُ منهنجي ننڍن ننڍن حڪمن جي تعميل ڪندو رهيو ۽ ايڏي فرمانبرداري ڪندو رهيو، ڄڻ ته مان هن جو مالڪ آهيان. ڪوشش ٿي ڪيائين، ته منهنجو نقل ڪري. ڪلاسن جي وچ واري وقفي ۾، هو هڪدم ڊوڙي مون وٽ ايندو هو ۽ مان گڏجي ساڻس ويو هوس. اهڙي ريت هر آچر تي به. ٻيا سڀ هيءُ ڏسي کلندا هئا، جڏهن وڏي عمر وارو ڇوڪرو، اهڙي ننڍڙي ڇوڪري سان گڏ هجي. پر اهو سڄو تعصب هو. هيءَ جيڪڏهن رغبت آهي، ته مون لاءِ ڪافي آهي. مان ٻار کي سيکاريان ٿو ۽ ان کي ترقي ٿو ڏيان. مان جيڪڏهن اُن کي پسند ڪريان ٿو، ته ان کي ترقي ڇو نه ڏيان؟ ڪرامازوف تو به ته هتي پنهنجي جاءِ جوڙي آهي. مان ڏسان ٿو ته تون ننڍي ٽهيءَ وارن تي پنهنجو اثر وجهڻ گهرين ٿو. کين ترقي ڏيڻ لاءِ ۽ سندن ڪم اچڻ لاءِ. مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته تنهنجي ڪردار جو هيءُ طريقو، جو مان هـِـتان هـُـتان ٻڌو آهي، ٻين شين کان وڌيڪ مون کي ڪشش ڪندو رهيو آهي. هاڻي وري اسان پنهنجي نـُـڪتي ڏي اچون ٿا. مان ڏٺو ته ٻار ۾ نرمائي ۽ شديد احساس پيدا ٿي چڪو هو. هوُ مغرور ضرور هو، پر هو غلامن وانگر منهنجي خدمت ڪندو ٿي رهيو. پر اوچتو ئي اوچتو سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ هن مون سان متفق ٿيڻ کان انڪار ڪيو. هوُ بحث ڪندي غصي ۾ اچي ٿي ويو. مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تجويز کي پيش ڪندو هوس ۽ ڏسندو هوس، ته هو ان تجويز کان ته انڪار نه ڪندو هو، پر نهايت سادگيءَ سان مون سان بغاوت ڪندو هو. مان سندس تربيت ۽ پيار جي باعث کيس روحاني پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ ٿڌو جواب ڏيندو ٿي رهيس. جيئن جيئن هو وڌيڪ نرم ٿيندو ٿي ويو، مان ساڻس تيئن تيئن بي پرواهيءَ سان پيش ايندو ٿي رهيس. مون هيءُ سڀ ڪجهه، ڪنهن مقصد جي تحت ٿي ڪيو. اهائي منهنجي آرزو هئي، ته مان سندس ڪردار کي بڻايان. کيس ڪنهن قالب ۾ وجهان، ته اڳتي هلي مرد ثابت ٿئي...... اُن کان سواءِ مون کي هن لاءِ ڪوبه شڪ نه آهي، ته مون کي تون هڪ ئي لفظ مان سمجهي سگهين ٿو. اوچتو مان ڏٺو ته هڪٻئي پٺيان ٽن ڏينهن ۾ هـُـو مايوس ۽ غمزده بڻجي ويو هو. منهنجي بي پرواهي جي باعث نه، پر ڪنهن ٻي ڳالهه جو مٿس اَثر هو، جا وڌيڪ ضروري ڳالهه هئي. مان عجب ۾ هوس ته اِها ڪهڙي حقيقت آهي؟ مان اُن کي راهه تي آڻڻ لاءِ سوال ڪندو رهيس ۽ اُن جي وضاحت پڇيم، تان جو هن ٻڌايو، ته سندس ڪنهن ريت، تنهنجي مرحوم پيءُ جي نوڪر سميرڊياڪوف سان واقفيت پيدا ٿي. هي سندس موت کان اڳي جي ڳالهه آهي. هـُـن کيس بيوقوفي واري رمز سيکارڻ گهري. جا ظالماڻي ۽ بڇڙائي واري هئي. اُها هيءَ هئي، ته هـُـو ماني جو هڪ ٽڪرو کڻي، اُن ۾ ٽاچني هڻي. پوءِ ان کي ڪنهن بـُـکئي ڪتي جي اڳيان ڦٽو ڪري. هـُـو ڏسي، ته ڪتو اُن کي چـَـڪ وجهڻ کان سواءِ، ڳـِـهي وڃي ۽ پوءِ ‘مسيحت جو نتيجو نڪري اُن کي ڏسي. سو اُنهن، اِنهيءَ سڄي حرڪت کي تيار ڪيو. ماني جي ٽڪري کي گلولي وانگر بڻايو. هـُـن زهڪا جي اڳيان اُن کي ڦٽو ڪيو. اُهو ڊگهن وارن وارو ڪتو، جنهن لاءِ مشهور آهي، ته سندس مالڪ کيس ڪڏهن به نه کارائيندا آهن ۽ هـُـو سڄو ڏينهن ڀونڪندو رهندو آهي. اڇا! تـُـون جيڪر اُن جي ڀؤنڪڻ کي پسند ڪرين، ڪرامازوف؟ مان ته جيڪر بيهي به نه سگهان.’ هـُـو ماني ڏي ڊوڙي پيو ۽ اُن کي ڳڙڪائي ويو. پوءِ ته هـُـو چيٽون ڪرڻ لڳو ۽ ڦيريون پائڻ لڳو. جلد ئي ڊوڙندو نظر کان غائب ٿي ويو. هيءَ آهي اليوشا جي حقيقت جا هـُـن پاڻ ٻڌائي هئي. هـُـن منهنجي اڳيان هيءَ قبوليت ڏني هئي ۽ زار زار روئيندو ٿي رهيو. هـُـو سڄو ڏڪي رَهيو هو ۽ اُن حالت ۾ هن مون کي ڀاڪر پاتو. هـُـو دهرائيندو رهيو، ته هـُـو چيٽون ڪندو ڊوڙندو رهيو. اِهو نظارو کيس ڊيڄاريندو رهيو. کيس سندس بي دردي جي هلت عذاب ڏيندي ٿي رَهي ۽ اُن کي مان ڏسندو رهيس. مان اُن کي غير معمولي ڳالهه سمجهي. مان پختو ارادو ڪيو، ته هن ڳالهه ۽ ٻين ڳالهين لاءِ کيس پورو سبق ڏيندس. سو مان قبول ٿو ڪريان، ته مان هميشه کان وڌيڪ چڙ کي ڏيکاريو ۽ ظاهري طور تي هميشھ کان وڌيڪ نفرت جو اظهار ڪيم. مان کيس چيو، ته تو هڪ بڇڙي شيءِ جو ارتڪاب ڪيو آهي ۽ تون هڪ بدمعاش ڇوڪرو آهين! بيشڪ مان توکي هن لاءِ ڪجهه به نه چوندس، پر ڪجهه وقت لاءِ منهنجو توسان ڪوبه واسطو نه رهندو. مان هن تي خيال ڪندس ۽ توکي سميوروف (هيءُ اهو ڇوڪرو آهي، جو هاڻي مون سان گڏجي آيو آهي ۽ هو، هميشھ منهنجي حڪم جي تعميل لاءِ تيار هوندو آهي.) جي معرفت اطلاع ڏيندس، ته آئنده منهنجو توسان واسطو نه رهندو يا هڪ بدمعاش جي حيثيت ۾ مون کي ڇڏڻو پوندو. هوُ سخت پريشان ٿي ويو. مان پاڻ محسوس ڪيو، ته پنهنجي گفتگوءَ ۾ مان بيحد وڌي ويو هوس، پر اُن کان سواءِ ٻيو چارو به نه هو. اُن وقت جيئن مون کي خيال ۾ بهتر نظر آيو، اِيئن ڪيم. هڪ ٻه ڏينهن اُن کان پوءِ، مان سميوروف کي وٽس موڪليو، ته کيس ٻڌائي ته مان ساڻس وري نه ڳالهائيندس. اهائي شيءِ آهي، جنهن کي اسان اسڪول وارا اُفي سڏيندا آهيون ۽ اُن موجب هڪٻئي سان ڪنهن به طرح جو واسطو نه رهندو آهي. ڳجهي طرح منهنجو مقصد هو، ته مان کيس راهباڻي زندگي ۾ موڪليان ۽ ٿورن ڏينهن لاءِ. اُن کان پوءِ، جڏهن ڏسان ته منجهس پشيماني اچي وئي آهي، ته وري پنهنجو هٿ ان ڏي وڌايان. اهوئي منهنجو مقصد هو. پر تون خيال ڪرين ٿو ته ڇا ٿي پيو؟ هن سميوروف جي نياپي کي ٻڌو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. هن رڙ ڪري چيو، ته ”ڪراسوتڪين کي وڃي ٻڌاءِ، ته هاڻي مان سڀني ڪتن کي اهڙي ريت سـُـيون ڦٽي ڪندس. ها ها، سڀني کي. ان ڪري سندس طبعيت جو جوش پيدا ٿي ويو. اسان کي هن کي سيکت ڏيڻ گهرجي ۽ مان ساڻس نفرت ۽ ڪيني جي هلت وٺڻ لڳيس. جڏهن به مان ساڻس ملندو هوس، ته يا ته منهن ڦيري هليو ويندو هوس يا کيس ڏسي طنزيه طرح مشڪندو هوس. اُن کان پوءِ سندس پيءُ سان اهو واقعو ٿيو. جو توکي ياد هوندو. تون محسوس ڪندين ته انهن ڳالهين، جي اڳ ۾ گذري چڪيون هيون، مٿس خطرناڪ اثر وڌو. ڇوڪرن جڏهن ڏٺو، ته مان کيس ڇڏي ڏنو آهي، ته هنن وري کيس چيڙائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ کيس رڙيون ڪري، چپ تي ڏينڀو، چپ تي ڏينڀو! چوڻ لڳا. سندن باقاعده ننڍيون لڙايون شروع ٿي ويون. جن لاءِ مون کي بيحد افسوس آهي. هنن کيس هڪ سخت مار به ڏني. هڪ ڏينهن هو جيئن اسڪول کان ٻاهر نڪتا ته هيءُ مٿن حملو ڪري ويو. مان کانئن ٿورا وال پري بيٺو هوس ۽ کين ڏٺم ٿي. مان قسم کڻي ٿو چوان ته مون کي ياد نه آهي، ته مان ڪو مٿس کليو هوس. پر منهنجو رستو ئي ڪو ٻيو هو. مون کي ان جي لاءِ سخت افسوس پيدا ٿيو. مان ٿوري دير ۾ ڊوڙي، اُن جي طرف وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پر اوچتو سندس اکيون مون سان مليون. مون کي خبر نه آهي، ته هن ڇا سمجهيو؟ پر هن چاقو کوليو ۽ مون تي حملي ڪرڻ لاءِ ڊوڙي پيو. هن منهنجي سٿر ۾ ان کي هنيو. اجهو هن سڄي ٽنگ ۾ مان چـُـريس ئي نه. ڪرامازوف مان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ حد کان وڌي ويندو آهيان. فقط ڀري نگاهه سان اُن کي ڏٺم. ڄڻ ته مان اُن نگاهه ۾ کيس چئي رهيو هوس، ته ”تنهنجي هيتري خدمت ڪرڻ کان پوءِ، جيڪڏهن تون مون تي ٻيو وار به ڪرڻ گهرين ٿو، ته ڪر، مان تنهنجي اختيار ۾ آهيان. پر هن مون تي ٻيو وار نه ڪيو. هوُ ڇڄي پيو ۽ کيس خوف ٿيو، ته هن ڇا ڪري وڌو آهي؟ هن چاقو ڦٽي ڪري ڇڏيو ۽ زاروزار روئڻ لڳو ۽ ڀڄي ويو. مان ساڻس ڪابه شڪايت نه ڪئي ۽ مان هنن سڀني کي خاموش ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته استادن تائين اها ڳالهه نه پهچي. مان ماءُ سان به اها ڳالهه نه ڪئي، ڦٽ ڇٽي ويو. زخم ڇا هو، فقط هڪ رهڙو هو. ساڳي ڏينهن تي مان پوءِ ٻڌو ته هوُ پٿر اڇلائيندو رهيو ۽ تنهنجي آڱر ۾ چڪ پاتو هئائين. تون هاڻي چڱيءَ ريت سمجهي سگهين ٿو، ته هوُ اُن وقت ڪهڙيءَ حالت ۾ هو! خير هن ۾ ٻيو ٿي ئي ڇا پئي سگهيو؟ بيشڪ هي منهنجو احمقاڻو قدم هو. پر جڏهن هوُ بيمار ٿيو، ته اها منهنجي ڪيڏي نه بيوقوفي هئي، جو وٽس اچي معافي نه ورتم ۽ صلح جوئي نه ڪيم. جنهن جي لاءِ مون کي هاڻي افسوس آهي. اسان جي لاءِ ڪو خاص سبب به هو. هاڻي مان توکي سڄي حقيقت ٻڌائي چڪو آهيان. پر حقيقت اها آهي، ته هيءَ سڄي منهنجي بيوقوفي هئي.

 ”ها ڪيڏي افسوسناڪ حقيقت!“  اليوشا جواب ڏنو. جنهن مان سندس جذبات جي پريشاني صاف ٿي ڏٺي. ”اها مون کي خبر نه هئي، ته اوهان جا پاڻ ۾ اڳ ۾ ڪهڙا تعلقات هئا. نه ته مان جيڪر گهڻو اڳي تو وٽ اچان ها، توکي عرض ڪري پاڻ سان وٺي وڃان ها، تون جيڪڏهن مون تي اعتبار ڪرين، ته مان توکي ٻڌايان ٿو ته هوُ جڏهن بخار ۾ هوندو آهي، ته تنهنجي بابت هزياني طرح ڳالهائيندو آهي. مون کي خبر آهي، ته تون هن جي لاءِ ڇا هئين! ڇا تون سچ پچ اُن ڪتي جي لهڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهين؟ سندس پيءُ ۽ ڇوڪرا اُن ڪتي کي شهر ۾ ڳولهيندا رهيا آهن. جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين، ته جنهن ڏينهن کان هو بيمار ٿيو آهي، ته مان ٽي ڀيرا کيس هيئن چوندي ۽ ڳوڙها وهائيندي دهرائيندي ٻڌو آهي، ته ”هيءَ سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ آهي ته مان زهڪا کي ماريو آهي.“  هيءَ بيماري تڏهن ته آهي. خدا مون کي ان جي سزا ڏيئي رهيو آهي. اهو خيال سندس مغز مان نه ٿو وڃي. جيڪڏهن ڪتو ملي پوي ۽ هوُ جيئرو ثابت ٿي پوي، ته پوءِ عجب نه آهي، ته انهيءَ خوشيءَ کان ٻار تندرست ٿي پوي. اسان سڀني جون اميدون هاڻي تو تي رکيل آهن.“

 ”مون کي ٻڌاءِ، ته اوهان کي منهنجي لاءِ اها ڇو اميد آهي ته مان ئي آهيان، جو اُن کي لهي سگهندس؟“  ڪوليا نهايت عجب مان اُن کان پڇيو. ”اوهان ٻي ڪنهن جي بجاءِ مون تي ڇو دارومدار رکيو آهي؟“

 ”اسان کي اطلاع مليو هو، ته تون ڪتي جي سراغ لڳائڻ پويان آهين ۽ جڏهن تو اُن کي لڌو، ته پاڻ سان اُن کي به وٺي ايندين. سميوروف ڪجهه اهڙي قسم جي ڳالهه ٿي ڪئي. اسان سڀيئي ڪوشش ڪري رهيا هئاسون، ته اليوشا کي يقين ڏياريون ته ڪتو جيئرو آهي ۽ اُن کي ڏٺو ويو آهي. ڇوڪرن هن جي لاءِ هڪ سهو آندو هو. هن ٿوري دير ان کي ڏٺو ۽ اداسائيءَ سان مشڪي کين چيائين، ته هن کي ٻنين ۾ وڃي آزاد ڪري اچو ۽ اسان اِيئن ئي ڪيو. سندس پيءُ هن گهڙي هڪ عمدو ڪتو ان جي لاءِ آندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن سمجهيو ٿي، ته ٻار کي آرام ملي ويندو، پر منهنجو خيال آهي، ته هيءُ اُن کي وڌيڪ بيقرار ڪندو......“

 ”ڪرامازوف، مون کي ٻڌاءِ، ته سندس پيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ مان کيس ڄاڻان ٿو، پر تنهنجي راءِ معلوم ڪرڻ گهران ٿو. هوُ بيوقوف ۽ مسخرو آهي!“

نه نه، جهان ۾ گهري احساس وارا ماڻهو به رهن ٿا، جي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پامال ڪيا وڃن ٿا. تقدير جي هٿ انهن کي تباهه ڪيو آهي. انهن ۾ هن مسخري جو هئڻ، انهن ماڻهن لاءِ طعني ڀري آزردگيءَ جو اظهار آهي، جن جي هٿن کان هوُ پامال ۽ ذليل ٿيندا رهيا آهن ۽ کين صحيح حقيقت منهن تي چئي نه ٿا سگهن. مون تي اعتبار ڪر ڪراسوتڪين، هيءَ مسخرگي پنهنجي اندر غم جو دلگداز جذبو ٿي رکي. سندس سڄي حياتي هاڻي سميٽجي اليوشا تي مرڪوز ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اليوشا مري ويو، هوُ يا ته غم کان چريو ٿي پوندو يا پاڻ کي ماري وجهندو. جڏهن به مان هاڻي کيس ڏسندو آهيان، ته مون کي انهيءَ احساس جي خاطري ٿي ويندي آهي.“

 ”مان توکي سمجهان ٿو ڪرامازوف! مان هيءُ به سمجهان ٿو، ته تون انساني فطرت کي به چڱي ريت سمجهين ٿو.“  ڪوليا جذبات کان مغلوب ٿي چيو.

 ”مان جيئن ته ڪتي کي توسان ڏٺو، ته مان سمجهيو، ته تون زهڪا کي وٺي آيو آهين.“  

 ”ترس ڪرامازوف! اسان هن کي لهي سگهنداسون. هيءُ پريزيوان آهي. مان هن کي اليوشا لاءِ آندو آهي. شايد اُن ڪتي کان هيءُ ڪتو کيس پسند اچي. ٿورو وقت ترس ڪرامازوف توکي سڀ ڪجهه هڪ منٽ ۾ معلوم ٿي ويندو.“  ڪوليا اوچتو رڙ ڪري چيو ته ”پر مان ته توکي هت ترسائي ڇڏيو آهي. توکي وڏو ڪوٽ به ڪونه آهي ۽ سردي شديد آهي. ڪيتري قدر نه مان خود پرست آهيان. افسوس ڪرامازوف اسان سڀئي ڪيتري قدر نه خود غرض آهيون.

 ”تون خيال نه ڪر. سردي واقعي آهي، پر مون کي اڪثر ٿڌ نه لڳندي آهي. پر اُن هوندي به اسان کي اندر هلڻ گهرجي. پر تنهنجو نالو ڇا آهي؟ مون کي خبر آهي، ته توکي ڪوليا سڏيندا آهن، پر اُن کان سواءِ ڇا؟“

 ”نڪولائي ايوانووچ ڪراسوتڪين يا جيئن سرڪاري دستاويزن ۾ لکيل آهي، ڪراسوتڪين جو پٽ.“ ڪوليا ڪنهن سبب کان کلڻ لڳو، پر جلدي چيائين ته ”مون کي نڪولائي جي نالي کان نفرت ايندي آهي.“

 ”ڇو ڀلا؟“

 ”ڇاڪاڻ ته اهو نالو ادنيٰ ۽ معمولي آهي.“

 ”تون تيرنهن ورهين ۾ هوندين؟ اليوشا کانئس پڇيو.

 ”نه چوڏنهن ورهيه، مان ٻن هفتن کان پوءِ چوڏهن ورهين ۾ پهچي ويندس. مان پنهنجي هڪ ڪمزوريءَ لاءِ اعتراف ٿو ڪريان، ڪرامازوف. اهو تنهنجي لاءِ آهي. جيئن ته اسان جي هيءَ پهرئين ملاقات آهي، تنهنڪري تون منهنجي ڪردار کان هڪدم ڪيئن واقف ٿيندين. مون کي عمر جي سوال تي نفرت ايندي آهي.... اُن کان سواءِ مون تي الزام لڳايا ٿا وڃن. مثلاً: اِيئن چيو ٿو وڃي، ته گذريل هفتي مان تياري ڪلاس وارن ڇوڪرن سان گڏجي کين ڌاڙي راند ٿي ڪرائي. اها حقيقت آهي، ته مان انهن سان گڏجي کيڏندو آهيان، پر اها سراسر هتڪ عزت آهي، ته اهو سڀ ڪجهه مان پنهنجي وندر لاءِ ڪندو آهيان. مون کي اُن لاءِ سبب آهن، ته مان اعتبار ڪريان ته تو اها ڪهاڻي ٻڌي آهي. پر مان پنهنجي وندر لاءِ ڪڏهن به راند نه کيڏندو آهيان. هي سڀ ڪجهه ٻارن جي لاءِ ئي هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي لاءِ ڪجهه به سوچي نه سگهندا آهن. پر انهن تائين فقط بيوقوفي ڀريون ڳالهيون ئي پهچنديون آهن. هيءُ مان توکي ٻڌايان ٿو، ته هيءَ شهر گپ شپ جي ڳالهين لاءِ نهايت خطرناڪ آهي.“

 ”پر هن ۾ ڇا آهي، جيڪڏهن تون پنهنجي وندر لاءِ کيڏين. هن ۾ آخر ڪهڙو حرج آهي؟“

 ”صحيح، مان چوان ٿو ته مان پنهنجي وندر لاءِ کيڏان ٿو. ڇا، اوهان ٻارن سان اڃا تائين گهوڙي راند نه ڪندا آهيو؟“

 ”تون به انهيءَ حقيقت کي اهڙي ريت سمجهه،“  اليوشا کيس مشڪندي چيو. وڏيءَ عمر وارا ماڻهو تماشگاهه ۾ وڃن ٿا، جتي بهادرن جا هر قسم جا ڪارناما ڏيکاريا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڌاڙيل ۽ لڙايون به ڏيکاريون وينديون آهن. ڇا هيءَ الڳ نموني ۾ ساڳي ڳالهه نه آهي؟ ننڍن ٻارن جون راند جي وقت، جنگي سپاهين ۽ ڌاڙيلن واريون رانديون، پهرئين درجي ۾ شامل آهن. توکي خبر هئڻ کپي، ته هوُ ننڍپڻ جي هن جي مثالن مان ٽپو ڏيئي مٿي اُسرن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن هي رانديون، تماشگاهه جي تماشن کان وڌيڪ بهترين ٿين ٿيون. فرق فقط هيءُ آهي، ته ماڻهو هتي ائڪٽرن کي ڏسڻ ويندا آهن، پر راندين ۾ ٻار پاڻ ائڪٽر هوندا آهن، پر هيءُ فطرتي آهي.“

تنهنجو خيال اِيئن آهي؟ اهائي تنهنجي راءِ آهي؟ ڪوليا کيس چتائي ڏٺو. ”ها هيءُ نهايت مزيدار راءِ آهي. جڏهن مان گهر ويندس، ته ان تي خيال ڪندس. مان قبول ٿو ڪريان ته منهنجو خيال هو ته توکان ڪجهه پرايان. مان توکان هتي سکڻ آيو آهيان، ڪرامازوف.“  ڪوليا پنهنجي گفتگوءَ کي جذبات جي وهڪري سان ڀريل آواز ۾ ختم ڪيو.“

 ”مان به توکان سکڻ ٿو گهران،“  اليوشا مشڪندي ۽ سندس هٿ کي زور ڏيندي چيو.

ڪوليا، اليوشا بيحد خوش ٿيو. جنهن شيءِ مٿس وڌيڪ اثر ڪيو، سا هي هئي ته هو ساڻس هڪجهڙائيءَ واري هلت وٺي رهيو هو ۽ هو ساڻس اِيئن ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ته هو به وڏيءَ عمر وارو آهي.

مان توکي ڪجهه وضاحت سان ڏيکاريندس، ڪرامازوف، اهو تماشگاهه جهڙو ڪرتب هوندو. هن بي اختيار کلندي چيو. ”انهيءَ ڪري ئي ته مان آيو آهيان.“

 ”پهريائين اسان کي کپي پاسي کان گهر وارن ڏي هلڻ کپي. سڀئي ڇوڪرا پنهنجي ڪوٽن کي اتي لاهي رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪوٺي ننڍي ۽ گرم آهي.“

 ”ها، مان هڪ منٽ ۾ اچان ٿو. مان اتي پنهنجو ڪوٽ رکي ٿو اچان. پريزيوان هن گهٽي ۾ ترسندو ۽ مري ويندو. پريزيوان سمهي پؤ ۽ مري وڃ! ڏسينس هيءُ ڪيئن نه مري ويو آهي! مان پهريائين اندر ويندس ۽ تنهن کان پوءِ هن کي سيٽي ڏيندس ۽ اهو جنهن وقت مناسب سمجهيم. تون ڏسندين ته هو ديوانن وانگر ڊوڙندو ايندو. فقط سميوروف کان ان وقت در کولڻ وسري نه وڃي. مان سڄو ٺاهه ٺوهه پاڻ ڪندس ۽ تون ڪا شيءِ ڏسندين.“

 

dc

 

باب پنجون

اليوشا جي بستر جي قريب

ڪمري ۾ پينشن تي آيل ڪئپٽن سينيگريوف جي رهندڙ ڀاتين کي پڙهندڙ اڳ ۾ ڄاڻن ٿا. هو ان وقت ملاقاتين جي چڱي تعداد سان سڄو ئي ڀريل ٿي ڏٺو. ڪيترائي ڇوڪرا اليوشا سان گڏ ويٺا هئا. جي سڀئي سميوروف وانگر انڪار ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ هنن کي ڪو اليوشا وٺي آيو هو ۽ اليوشا سان پرچايو هئائين. پر اها حقيقت هئي. هن اهڙيءَ ريت پنهنجي فن جو اظهار ڪيو هو، جو هڪ هڪ کي وٺي، بنا ڪنهن ظاهري ڏيک ويک جي اليوشا وٽ پهچايو هئائين، جنهن ۾ ڪنهن به فريب ۽ ڦند جي ڪابه صورت نه هئي. هيءَ اليوشا جي لاءِ سندس بيماري ۾ وڏي تسلي هئي، کيس ٻارن جي صداقت واري محبت ۽ همدرديءَ جو وڏو اثر پئي پيو، جي سندس دشمن هئا، پر ڪراسوتڪين ئي غائب هو، جنهن جي غير حاضري اليوشا جي دل تي وڏو بار هئي. شايد سندس بدترين يادگيرين مان بدتر ياد، ڪراسوتڪين کي چاقو هڻن وارو واقعو هو، جو سندس هڪ ئي دوست ۽ بچاءَ ڪندڙ هو. سياڻي ۽ ننڍڙي سميوروف جنهنجو پهريائين اليوشا سان ٺاهه ٿيو هو، هن حقيقت کي چڱيءَ ريت ٿي سمجهيو. پر جڏهن هن ڪراسوتڪين کي اشاري طور چيو، ته اليوشا کيس چيو آهي ته هو ساڻس ملاقات ڪري. تڏهن، تڏهن هن کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ته ”ڪرامازوف کي ٻڌائي ته مان ڄاڻان ٿو مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟ مون کي ڪنهن جي صلاح نه کپي. جيڪڏهن هو اليوشا کي ڏسڻ به ويو، ته مان پنهنجي وقت کي پاڻ انتخاب ڪندس. ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجا سبب ۽ دليل آهن.“

اها هن آچر کان اڳ ٻن هفتن جي ڳالهه هئي. اهوئي سبب هو، جو اليوشا کيس ڏسي نه سگهيو هو ۽ سندس مقصد به پورو نه ٿيو هو. پر جيئن ته ترسي پيو هو، ان هوندي به هن سميوروف کي ٻيهر اُن ڏانهن موڪليو. ٻئي ڀيرا ڪراسوتڪين کيس سخت لهجي ۾ بي صبريءَ وارو انڪار ڪيو ۽ اليوشا ڏي پيغام موڪليائين، ته هن کي وري پريشان نه ڪري. جيڪڏهن هو پاڻ به ايندو ته هيءَ يعني ڪراسوتڪين، ڪنهن به صورت ۾ اليوشا ڏي نه ويندو. پوئين ڏينهن تائين به سميوروف کي هيءَ خبر نه هئي، ته ڪوليا ڪو ان صبح جو اليوشا ڏي ويندو. هن گذريل شام تي کانئس جدا ٿيندي، کيس فقط ايترو چيو، ته هو ان جي لاءِ صبح جو ترسي، ڇو ته هو ساڻس گڏجي سينيگريوف ڏي ويندو. پر هن کيس تاڪيد ڪيو هو ته هو ڪنهن کي به حقيقت نه ٻڌائي، ٿي سگهيو ٿي، ته هو اهو خيال لاهي ڇڏي. سميوروف ان جي تعميل ڪئي. سميوروف کي عجب ٿي لڳو ته ڪوليا ضرور وڃايل ڪتي کي هٿ ڪندو. ڇاڪاڻ ته هن جا لفظ هئا، ته ”هو گڏهه ثابت ٿيندو، جيڪڏهن ڪتي کي هٿ نه ڪري سگهندو، مگر شرط آهي ته هوُ جيئرو هجي.“ اهڙي ريت سميوروف موقعي جو منتظر ٿي رهيو ته هوُ کانئس ڪتي جي نشانن بابت پڇي. هن ڊڄندي ڊڄندي کانئس پڇيو. هيءُ ٻڌي ڪراسوتڪين سخت غصي ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته،  ”مان اهڙو گڏهه ته نه آهيان، جو ٻين ماڻهن جي ڪتن لاءِ شهر لاءِ نوسيندو وتان، جڏهن ته مون کي پنهنجو ڪتو موجود آهي! تون اهو خيال ئي ڪيئن ٿو ڪرين، ته جنهن ڪتي سـُـئيءَ کي اُڳريو آهي، اهو وري جيئرو ڪيئن هوندو؟ هيءُ هڪ بيوقوفيءَ جو خيال آهي ۽ بس!“

پوين پندرنهن ڏينهن ۾ اليوشا، پنهنجي بستري کي نه ڇڏيو ه و،جو حضرت بيبي مريم جي مجسمي جي هيٺان ڪنڊ ۾ هو، جنهن ڏينهن اليوشا جي آڱر کي هن زخمي ڪيو هو، ان ڏينهن کان وٺي، هو اسڪول ئي نه ويو هو. هو ساڳي ڏينهن تي بيمار ٿيو هو. جيتوڻيڪ هو پوءِ ٿوري وقت لاءِ ايترو خوش ٿيو هو، ته اُٿي ڪمري ۽ گهٽيءَ ۾ گهمي سگهي. پر پوءِ هوُ ايترو ته ڪمزور ٿي ويو هو، جو پيءُ جي سهاري کان سواءِ چري پري نه ٿي سگهيو. سندس پيءُ، اُن جي لاءِ، سخت ڳڻتيءَ ۾ هو. هن شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ سودائين وانگر ٿي رهيو، ته ڇوڪرو مري ويندو. اڪثر، خاص ڪري، جڏهن پنهنجي ٻانهن تي کيس ڪمري ۾ گهمائيندي، موٽائي بستري تي آڻيندو هو، ته گهٽيءَ جي اونداهي ڪنڊ ۾ ڀت تي مٿو رکي، ڏاڍو روئيندو هو ۽ اهڙيءَ ريت آهستي سڏڪا ڀريندو هو، جيئن اليوشا انهن کي ٻڌي نه سگهي.

جڏهن ڪمري ڏي موٽندو هو، ته ڪجهه نه ڪجهه ان پياري ٻار جي وندرائڻ ۽ آرام ڏيڻ لاءِ سوچيندو هو. کيس آکاڻيون ٻڌائيندو هو، ۽ مذاق واريون ڳالهيون. حياتيءَ ۾ جن پـُـر مذاق ماڻهن سان مليو هو، انهن جا پهاڪا ۽ چٽڪا کيس بيان ڪري ٻڌائيندو هو ۽ جانورن جي آواز ڪرڻ کان به نه مڙندو هو ۽ انهن جو نقل ڪندو هو. پر اليوشا پيءُ جون هيءُ بيوقوفيءَ واريون ڳالهيون برداشت ڪري نه سگهندو هو. جيتوڻيڪ ٻار پنهنجي ناپسنديءَ کي ظاهر ته نه ڪري سگهندو هو، پر هوُ درد ڀري دل سان ضرور ڏسندو هو، ته سندس پيءُ نفرت جي شيءِ بڻجي ٿو وڃي. هيءَ ياد کيس مسلسل روحاني تڪليف ڏيندي ٿي رهي، ته هوُ چپ تي ڏينڀو آهي ۽ ان سان کيس اهو ڏينهن دل تي تري ايندو هو.

نينا، اليوشا جي مروت واري ۽ منڊي ڀيڻ کي هيءُ بيوقوفي واريون ڳالهيون به پسند نه اينديون هيون. (وار وارا ماضي ۾ ڪجهه وقت لاءِ پيٽرسبرگ ۾ تعليم لاءِ وئي هئي). اليوشا جي ماءُ جا تيز عقل واري هئي، جڏهن سندس مڙيل هيءُ کل جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن هوءَ بي اختيار ٿي کلندي هئي. اهو هڪ ئي رستو هو جنهن سان هوءَ وندرجي ويندي هئي، نه ته ٻي حالت ۾ هوءَ سمورو وقت روئيندي ۽ پٽيندي رهندي هئي، ايتري قدر جو هاڻي سڀئي سندس روڄ پٽڪي جا عادي ٿي، ويا هئا ۽ ڪو به کيس اک کڻي نه نهاريندو هو، پر ٿورن ڏينهن کان، هوُ بلڪل بدلجي وئي هئي. هوُ گوشي ۾ اليوشا جي بستري کي گهري نظر سان ڏسندي هئي ۽ ڪنهن خيال ۾ گم هوندي هئي. هوءَ اڳي کان وڌيڪ خاموش نظر ايندي هئي، جيڪڏهن هوءَ روئندي به هئي، ته نهايت خاموشيءَ سان، جيئن کيس ڪوئي نه ٻڌي. ڪپتان هن ۾ هيءَ تبديلي، ماتمي مونجهاري جي نگاهه سان ڏٺي. شروع ۾ ٻار سان ملاقاتين کي ڏسي، ڪاوڙبي هئي، پر پوءِ سندن خوشيءَ ڀريا آواز ۽ آکاڻيون ٻڌي، سندس خيال ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. آخر هوءَ کين پيار ڪرڻ لڳي، ايتري قدر جو ٻار جيڪڏهن نه ايندا هئا، ته هوءَ سندن غير حاضريءَ کي ڏاڍو محسوس ڪندي هئي. جڏهن ٻار ڪا آکاڻي ٻڌائيندا هئا يا راند کيڏندا هئا، تڏهن هوءَ کلندي هئي ۽ خوشيءَ مان تاڙيون وڄائيندي هئي. هوءَ انهن مان ڪن کي پاڻ ڏي سڏيندي هئي ۽ کين چميون ڏيندي هئي. هوءَ خاص طرح سميوروف کي بيحد گـُـهرندي هئي.

ڪپتان پنهنجي جاءِ تي، ڪمري ۾ ڇوڪرن کي ڏسي، جي اليوشا کي خوش ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، بيحد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو هو. کيس اميد هوندي هئي، ته اليوشا هاڻي پنهنجي ڪمزوري تي قبضو ڪري ويندو ۽ هوُ جلدي صحت ياب ٿي ويندو. درحقيقت هوُ آخري گهڙيءَ تائين پٽ جي صحت لاءِ پئي ٿي لرزيو ۽ کيس يقين هو، ته سندس پٽ شفاياب ٿي ويندو. هوُ سندس ننڍڙن ملاقاتين سان نهايت احترام سان ملندو هو. هٿن ۽ پيرن سان سندن خدمت ڪندو هو. هوُ پاڻ کي گهوڙي بڻائڻ کان به پرهيز ڪرڻ وارو نه هو ۽ چاهيائين ٿي، ته سندس پٺي تي ڇوڪرا سواري ڪن، پر اليوشا کي اها راند پسند نه هئي، ان ڪري ان کي ڇڏي ڏنو هئائين. هن ننڍن ٻارن جي تفريح لاءِ ننڍيون ننڍيون شيون خريد ڪرڻ شروع ڪيون هيون، جيئن ته سنڍ واريون مانيون ۽ کاڄا، هوُ کين چانهن پياريندو هو ۽ سئنڊوچ جا ٽڪرا ڏيندو هو. هتي هيءُ ظاهر ڪرڻ ضروري آهي، ته هن سموري وقت ۾ وٽس پيسو جام هو. کيس ڪيٽرينا ايونونا کان ٻه سؤ روبل مليا هئا، جا سڄي اليوشا جي پيش بندي هئي. ڪيٽرينا ايونونا پوءِ سندس گهرج ۽ ضرورت کان متاثر ٿي ۽ اليوشا جي بيماريءَ جو ٻڌي، پاڻ سندس ڏسڻ لاءِ ايندي ٿي رهي ۽ گهرجي سڀني ڀاتين سان واقفيت پيدا ڪئي هئائين ۽ نيم مـجذوب ماءُ کي پاڻ ڏي متوجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي وئي هئي. ان کان پوءِ سندس مدد ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي. خوفزده ڪپتان هن خيال کان، ته ٻار مرڻ وارو آهي، پنهنجي سڄي خودداري وساري چڪو هو ۽ نهايت عاجزيءَ سان سندس امداد کي قبول ڪندو ٿي رهيو.

سمورو وقت ڊاڪٽر زينسٽيوب کي ڪيٽرينا ايونونا، هر ٻئي ڏينهن باقاعده گهرائيندي ٿي رهي، پر سندس ملاقاتين مان ڪو ٿورو فائدو ٿي پيو. هن جي دوائون بي رحميءَ سان ٿي ڏنيون، انهن مان ڪوبه نتيجو نه ٿي نڪتو. پر هن آچر جي صبح جو هڪ ٻي ڊاڪٽر جي اچڻ جي اُميد هئي، جو ماسڪو کان ٿي آيو ۽ کيس اُتي وڏي شهرت حاصل هئي. کيس ڪيٽرينا ايونونا، وڏي خرچ سان ماسڪو مان گهرايو هو. کيس پنهنجي جاءِ تي هن کان پوءِ بيان ڪيو ويندو. پر جيئن ته هوُ موقعي تي اچي ويو هو، هن کيس اليوشا جي ڏسڻ لاءِ به چيو هو ۽ ڪپتان کي سندس آمد جو اطلاع ڏنو ويو هو. کيس ڪابه خبر نه هئي، ته ڪو ڪوليا ڪراسوتڪين وٽس اچي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هوُ ڪيتري وقت کان کيس تانگهي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس غير حاضري سندس پٽ جي لاءِ رنج جو سبب بڻجي پئي هئي.

اُن وقت جڏهن ڪراسوتڪين دروازو کولي اندر آيو، ته ڪپتان ۽ سڀئي ٻار، اليوشا جي بستري جي چوڌاري وڃي گڏ ٿيا هئا ۽ هڪ ننڍي ڪتي کي ٿي ڏٺائون، جو هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڄائو هو، جنهن لاءِ اليوشا جي خوش ڪرڻ لاءِ ڪپتان ٻڌايو ٿي ته هوُ هڪ هفتو اڳ ۾ ڄائو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار کي اڃا به اُن وڃايل ڪتي لاءِ رنج هو، جو گهڻو ڪري مري چڪو هو. اليوشا کي ٽي ڏينهن اڳ ۾ ٻڌايو ويو، هو ته وٽس هڪ گلر آندو ويندو، جو ڪنهن به صورت ۾ رواجي گلر نه هوندو، پر خاص نسل وارو هوندو. (هيءَ نهايت ضروري ڳالهه ٿي سمجهي وئي.) هيءَ ڪوشش انهيءَ لاءِ هئي، ته ٻار راضي ٿئي. ٻار به پنهنجي نيڪ جذبي هيٺ، اِيئن ٿي ڏيکاريو، ته هوُ ان گلر جي ڏسڻ کان خوش آهي. پر هيءَ حقيقت هئي ته سندس پيءُ ۽ ڇوڪرن صاف ڏٺو ٿي، ته هن ننڍڙي گلر کي ڏسي سندس دل ۾ ان بد بخت حيوان جي ياد جنهن کي هن عذاب ۾ وڌو هو، نئين سر اڀري آئي هئي. گلر، سندس ڀرسان ڪمزوري سان گهمي رهيو هو ۽ هوُ ڏک مان مشڪي رهيو هو. پنهنجي سنهڙي ۽ بي رنگ هٿ سان، ان کي ٿڦڪيون ڏيئي رهيو هو. هيءُ صاف ٿي ڏٺو، ته گـُـلر به هجي ها، ته هوُ مڪمل طرح خوش نظر اچي ها.

اوچتو هڪ ڇوڪري رڙ ڪري چيو ته ”ڪراسوتڪين.“ هوُ پهريون ڇوڪرو هو، جنهن کيس اندر ايندي ڏٺو هو.

ڪراسوتڪين جي داخلي عجيب شور پيدا ڪري ڇڏيو. ڇوڪرن ۾ چرپر اچي وئي ۽ بستري جي هڪ پاسي بيهي رهيا، جيئن هو اليوشا کي پوريءَ ريت ڏسي. ڪپتان وڏي شوق مان ڪوليا سان ملڻ لاءِ وڌيو.

 ”مهرباني ڪري هليو اچ...... ۽ تون ڀلي ڪري آئين!“  هن نهايت تيزيءَ مان چيو. ”اليوشا، مسٽر ڪراسوتڪين، تنهنجي ڏسڻ لاءِ آيو آهي.“

پر ڪراسوتڪين جلدي مان ساڻس هٿ ملايو ۽ ساڳي وقت هن عمدي معاشري جي اخلاق کي پوريءَ ريت سندس سامهون پيش ڪيو. هوُ پهريائين ڪپتان جي زال ڏي مڙيو، جا هڪ ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، جا اُن وقت ڪنهن چڱي خيال ۾ نه هئي. هوءَ ٻارن کي اليوشا جي بستري ۽ پنهنجي وچ ۾ ڏسي، ڪجهه هوريان هوريان ڀڻڪي رهي هئي. هوءَ ان گلر کي ڏسي نه ٿي سگهي. بيحد نياز مان هن کيس جهڪي سلام ڪيو. ان کان پوءِ هن پنهنجي پيرن کي موڙيو ۽ نينا ڏي متوجهه ٿيو. کيس به، هڪ عزت واري عورت جي حيثيت ۾ ساڳي ريت جهڪي سلام ڪيو. هن مروت واري هلت اُن بد بخت ڇوڪريءَ تي غير معمولي اثر ڪيو، ايتري قدر جو هن کيس وڏي آواز ۾ چيو ته:

 ”توهان هن نوجوان کي ڏسي، هڪدم اِيئن چئي سگهو ٿا، ته هن جي تربيت نهايت عمدي طرح ٿي آهي. پر اسان جا ٻيا ملاقاتي، فقط هڪٻئي جي پويان ايندا رهن ٿا.“  تنهنجو هڪٻئي جي پويان اچڻ کان ڇا مطلب آهي اَمڙ، ڪپتان کيس نهايت پيار مان چيو جيتوڻيڪ هو نينا جي باعث انتظار ۾ هو.

 ”هيءُ صحيح آهي. هو هڪٻئي جي پٺ تي سوار ٿي اچن ٿا. گهٽيءَ مان هڪٻئي جي ڪلهن تي چڙهيو اچن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت هڪ شريف ڪٽنب ڏي ٽپا ڏيندا اچن ٿا. هيءُ عجيب قسم جا ملاقاتي آهن.“

 ”پر امڙ، اهي ڪير آهن، جي اِيئن اچن ٿا؟“  

 ”ڇو، هوُ ڇوڪرو، ٻيءَ جي پٺيءَ تي چڙهي آيو ۽ هيءُ وري هن جي پٺيءَ تي.“

ڪوليا، اليوشا جي بستري تائين پاڻ کي کنيو ۽ هڪ ڀرپور نگاهه سان ڪوليا ڏانهن نهاريائين. ڪوليا پنهنجي هن ننڍڙي دوست کي ٻن مهينن کان نه ڏٺو هو. کيس ڏسندي هوُ بيحد فڪر ۾ پئجي ويو. هن اهو تصور به نه ٿي ڪيو ته هوُ اهڙي بيماري ۽ پيلي رنگ واري چهري کي ڏسندو. جنهن جون اکيون پنهنجي روشني وڃائي چڪيون هيون ۽ هٿ ڳري فقط چمڙي وڃي رهيا هئا. هن رنج ۽ عجب مان اُن کي ڏٺو. سندس خشڪ چپن ۽ اُٻهري ساهه کڻڻ مٿس بيحد اثر ڪيو. هو هڪ قدم وڌيڪ کڻي سندس ويجهو ويو. سندس هٿ کي جهلي ۽ ڏک مان کيس چيائين ته:

 ”پوڙها ماڻهو.... تون ڪيئن آهين؟“  پر سندس آواز هلي نه سگهيو. سندس چهري مان ڪوبه اطمينان ظاهر نه ٿيو. سندس چهرو اوچتو گـُـهنج هڻي ويو ۽ سندس وات جون ڪنڊون لرزڻ لڳيون. اليوشا ڏک ڀري کل سان مشڪڻ لڳو ۽ هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍي سگهيو. ڪوليا تي ڪنهن جذبي اثر ڪيو ۽ هن پنهنجو هٿ وڌايو ۽ سندس وارن تي ڦيرڻ لڳو.

 ”پرواهه نه ڪر،“  هن کيس خوش ڪرڻ لاءِ نهايت آهستگيءَ سان ڀڻڪندي چيو. شايد کيس به خبر نه هئي، ته هن اهي لفظ ڇو چيا؟ هڪ منٽ لاءِ هوُ ٻئي وري خاموش ٿي ويا.

 ”ها، توکي وري نئون ڪتو ملي ويو آهي؟“  ڪوليا کيس اوچتو، سخت آواز ۾ چيو.

 ”هائو!“  اليوشا هوريان ڊگهي آواز ۾ چيو ۽ ساهه کڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو.

 ”هن کي ڪارو نڪ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هوُ خطرناڪ ثابت ٿيندو ۽ چڱو گهريلو ڪتو. ڪوليا اُن کي تحمل ۽ صبر سان جاچڻ لڳو، ڄڻ ته اُن جي لاءِ ان وقت فقط اهو گلر ۽ سندس ڪارو نڪ بحث جو موضوع هو. پر حقيقت ۾، هوُ پاڻ پنهنجي حالت تي ضابطو ڪري رهيو هو، ته اِيئن نه ٿئي ته هوُ ٻار وانگر روئڻ شروع ڪري ڏئي. جيڪڏهن هوُ روئي ويٺو، ته پوءِ پاڻ تي ضابطو نه ڪري سگهندو. هن وري چوڻ شروع ڪيو، ته ”جڏهن هيءُ وڏو ٿئي، ته هن کي زنجير ۾ ٻڌجو. مان اهڙن ڪتن کي چڱيءَ ريت سڃاڻندو آهيان.“

 ”هيءُ تمام ڳورو ڪتو ٿيندو.“  ٻارن مان هڪ واڪو ڪري چيو.

 ”بيشڪ هي وڏو ۽ ڳورو ٿيندو. ايڏو وڏو جيڏو گابو!“  ڪيترائي آواز گڏجي اچڻ لڳا.

 ”ايڏو وڏو جيئن گابو، سچو پچو گابو!“  ڪپتان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.  ”مان خاص ڪري، اهڙي جنس جي ڪتي جي لاءِ، وڏي حرفت کان ڪم ورتو اٿم. هن جا مائٽ به وڏي قد وارا ۽ وحشي آهن. هنن جي قد جي بلندي گهڻي مشهور آهي.... اليوشا جي بستري تي ويهه يا هتي هن بينچ تي. تون ڀلي ڪري آئين. اسان گهڻي وقت کان تنهنجي ڏسڻ جي اميد ٿي رکي. تنهنجي هيءَ وڏي مهرباني آهي، جو اليگزي فيودورووچ سان گڏ آيو آهين.“

ڪراسوتڪين، بستري جي ڪناري تي، اليوشا جي پيرن کان ويهي رهيو. جيتوڻيڪ هوُ تيار هو، ته پنهنجي طريقي سان آزاد ۽ آسان گفتگوءَ جي ابتدا ڪري، پر هوُ هاڻي مڪمل ريت پنهنجي خيالن کي وڃائي ويٺو. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته:

 ”نه ..... مان پريزيوان سان آيو آهيان. اهو ڪتو هاڻي مون وٽ آهي. جنهن کي پريزيوان سڏيندو آهيان. هيءُ سلافي نالو آهي. هوُ ٻاهر موجود آهي..... جيڪڏهن مان سيٽي وڄائيندس ته هوُ اندر هليو ايندو.“ هن اليوشا ڏي منهن ڪري چيو ته ”مان به هڪ ڪتو آندو آهي. پوڙها توکي زهڪا ياد آهي؟“ هن هڪدم ۽ اوچتي سوال کي ڦهڪائي ڏنو.

اليوشا جو ننڍڙو چهرو ڏڪڻ لڳو. هن ڪوليا ڏانهن غم ڀري انداز مان نهاريو. اليوشا دروازي وٽ بيٺو هو. هوُ شوخ ٿي ويو ۽ اشاري ۾ کيس چوڻ لڳو ته زهڪا جي بابت ڪو به گفتگو نه ڪري. پر هن کيس نه ڏٺو يا اِيئن ڏيکاريائين ته هن کيس ڏٺوئي نه آهي.

 ”زهڪا...... ڪٿي آهي؟“  اليوشا ٽٽل آواز سان چيو. اليوشا ڪجهه به نه ڳالهايو، پر پنهنجي نگاهه، هڪ دفعو وڌيڪ محڪم طرح ڪوليا تي وڌي. اليوشا، ڪوليا کي پاڻ ڏي متوجهه ڏسي، کيس وري به چٽائيءَ سان اشارو ڪيو. پر هن پنهنجون اکيون ڦيرائي ڇڏيون ۽ ڏيکاريائين ته ڄڻ هن کيس ڏٺو ئي نه آهي.

 ”هو ضرور ڪاڏي ڀڄي ويو ۽ ڪٿي مري ويو هوندو. اهڙي کاڌي کان پوءِ هن کي مرڻ ئي گهرجي.“ ڪوليا بي رحميءَ سان چوندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ساهه کڄي نه ٿي سگهيو. ”پر مون وٽ پريزيوان هڪ ڪتو آهي........ هي سلافي نالو آهي..... مان ان کي تنهنجي ڏسڻ لاءِ آندو آهي.“

 ”مون کي نه کپي.“  اليوشا زور سان چيو.

 ”نه، نه، توکي هن کي ڏسڻ گهرجي.... هوُ توکي وندرائيندو. مان انهيءَ مقصد سا تو وٽ آندو آهي..... هوُ ان جهڙوئي گهاٽن وارن وارو ڪتو آهي.......... تون مون کي اجازت ڏي بيگم ته مان اُن کي اندر سڏيان.“  هن اوچتو بيگم سينيگريوف کي عجيب جوش جي انداز ۾ چيو.

 ”مون کي هوُ نه کپي، مون کي هوُ نه کپي!“  اليوشا رڙ ڪري چيو. سندس آواز ماتمي بڻجي چڪو هو ۽ سندس اکين مان ملامت خيز روشني نظر اچڻ لڳي.

”چڱو اِيئن آهي“، ڪپتان صندوق تان، جا ڀت جي ڀرسان پئي هئي، جنهن تي هوُ تازو ويٺو هو، چيو ته..... چڱو اِيئن آهي ته اها ڳالهه ٻي وقت تي توکي رکڻ گهرجي.“  پر ڪوليا سندس گفتگوءَ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هن جلدي مان سميوروف کي چيو ته ”دروازو کول.“  جيئن ئي دورازو کليو، ته هن پنهنجي سيٽي وڄائي. پريزيوان ٽپا ڏيندو اندر گهڙي آيو.

 ”پريزيوان ٽپو ڏئي پنهنجو تماشو ڏيکار،“  ڪوليا کيس رڙ ڪري چيو. ڪتو اليوشا جي بستري جي ڀرسان پوين ٽنگن تي بيهي رهيو، جنهن سڀني کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. اليوشا کان ڇرڪ نڪري ويو. هوُ ڪتي جي مٿان جهڪيو، شڪ ۽ اداسيءَ مان ان کي نهارڻ لڳو.

هن اوچتو رڙ ڪري چيو ته، ”هيءُ ته زهڪا آهي.“ سندس آواز خوشيءَ ۽ تڪليف کان وڌيڪ ڳنڀير بڻجي ويو.

 ”تون ته اِيئن پيو سمجهين ته الائي ڪهڙو ڪتو هوندو؟“  ڪراسوتڪين پنهنجي سڄي طاقت سان رڙ ڪندي چيو. سندس آواز خوشيءَ کان گهنگهرن وانگر وڄي رهيو هو. هن جهڪي ڪتي کي ورتو ۽ اليوشا وٽ کڻي آندائين ۽ کيس چوڻ لڳو ته:

 ”هيڏي ڏس پوڙها ماڻهو! هيءُ اک کان ڪاڻو آهي ۽ سندس کٻو ڪن چيريل آهي. اهي ئي نشانيون هيون، جي تو،مون کي ٻڌايون هيون. انهيءَ ڏس تي ئي مون هن کي لڌو آهي. هيءَ ڪنهن جي به ملڪيت نه آهي ۽ مون کي سنئون سڌو هٿ آيو آهي.“ هوُ هيءُ حقيقت بيان ڪندي، ڪپتان ڏي، سندس زال ڏي، اليوشا ڏي ۽ آخر ۾ اليوشا ڏي ڦرندو رهيو. ”هيءُ فيڊوتوف جي اڱڻّ جي پٺ ۾ ٿي رهيو. جيتوڻيڪ هن اُتي پنهنجو گهر بڻايو هو، پر هوُ کيس ڪو نه کارائيندو هو. هيءُ هڪ رولو ڪتو هو، جو ڪنهن ڳوٺ مان ڀڄي آيو هو...... مان ان کي لڌو.... پوڙها ماڻهو! تو، جو کاڌو هن کي ڏنو هو، ان کي هو اوڳاري نه سگهيو هو. جيڪڏهن هوُ اوڳاري وڃي ها به ته هو يقيناً مري وڃي ها. هن شايد اُن کي اُلٽي ڪري ڪڍيو هو، تڏهن ته جيئرو آهي. تو به هن کي اِيئن ڪندي نه ڏٺو هو. پر ٽاچڻي هن جي زبان ۾ چـُـڀجي پئي، تڏهن ته هوُ روڙههِ ڪري رهيو هو. هوُ روڙِهندو ڀڄي ويو ۽ تو سمجهيو ته هوُ اُن کي اُڳري ويو آهي. کيس روڙِڻ ته کپندو هو، ڇو ته ڪتي جي وات جي کل ڏاڍي نازڪ ٿيندي آهي...... ماڻهوءَ جي کل کان به گهڻي نازڪ!“  ڪوليا وڏي آواز سان ڳالهائيندو رهيو. سندس چهرو خوشيءَ کان چمڪي رهيو هو. اليوشا ڪجهه به نه ڳالهايو. سندس چهري جو رنگ سفيد چادر جهڙو ٿي ويو هو ۽ سندس وات کليل رهجي ويو، جنهن سان هوُ ڪوليا ڏي نهاري رهيو هو. سندس وڏيون اکيون، هن جي مٿي ۾ کپي ويون هيون ڪراسوتڪين کي هيءُ شڪ ۽ شبهو ته هيوئي ڪونه ته هيءَ خطرناڪ ۽ مصيبت خيز خبر ننڍڙي بيمار جي سلامتي تي ڪهڙو اثر آڻيندي. جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها، ته هوُ ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪري ها. پر اليوشا واحد انسان هو، جو ان ڪمري ۾ هن حقيقت کي چڱي ريت محسوس ڪري رهيو هو. پر ڪپتان سندس حقيقت تي بلڪل اعتبار ڪري چڪو هو ۽ ننڍڙي ٻار وانگر ٿي پيو هو ۽ چوندو رهيو ته:

 ”هيءُ زهوڪا آهي، زهوڪا! اليوشا هي زهوڪا آهي، تنهنجو زهوڪا! بيگم هي زهوڪا آهي!“  هوُ ڄڻ ته روئي رهيو هو.

سميوروف افسوس ڪندي چيو ته ”مان هن کي ڪڏهن به نه سڃاتو هو. ڪراسوتڪين توکي آفرين هجي. مان چيو نه ٿي ته هوُ هن کي ضرور لهندو ۽ هن اُن کي ڳولي ورتو.“

ٻي ڇوڪري خوشيءَ مان دهرايو،  ”اجهو، هيءَ اُن کي لهي آيو آهي.“

ٽئين ڇوڪري چيو ته ”شاباش ڪراسوتڪين.“

ٻين ڇوڪرن گڏ جي چيو ته ”آفرين! هن کي آفرين آهي،“ ۽ هنن تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ڏنيون.

 ”ترسو، ترسو!“ ڪراسوتڪين، پنهنجي آواز کي سڀني کان مٿي پهچائيندي چيو ته، ”مان توهان کي ٻڌائيندس ته اهو معاملو ڪيئن اِيئن ڀيڻيو. اهوئي وڏو نڪتو آهي. مان هن کي لڌو، گهر وٺي ويو مانس ۽ هڪدم لڪائي ڇڏيومانس، مون هن کي پنهنجي گهر ۾ قلف ڏيئي رکيو ۽ اڄ تائين ڪنهن کي به نه ڏيکاريم. پر گذريل پندرنهن ڏينهن کان فقط سميوروف کي هن جي خبر هئي. پر مان کيس يقين ڏياريو هو ته هن جو نالو پريزيوان آهي ۽ هن ان کي ڪين سڃاتو. هن سموري وقت ۾ ڪتي کي سڀ ڪنهن قسم جون بازيون سيکاريون. مان جو ڪجهه هن کي سيکاريو آهي، هوُ سڀ ڪري ڏيکاريندو. مان اهيءَ ڳالهيون انهيءَ لاءِ کيس سيکاريون، ته هو هڪ تربيت يافته ڪتي وانگر اوهان جي سامهون اچي. پوڙها ماڻهو! مان هاڻي اِيئن چئي سگهان ٿو، ته ڏس ته تنهنجو  ”زهوڪا“  هاڻي، ڪهڙو عمدو ڪتو بڻجي پيو آهي. توهان وٽ گوشت جو ذرو موجود آهي ۽ هيءُ اوهان کي اهڙيون بازيون ڏيکاريندو، جو اوهان کلندي کلندي کيرا ٿي ويندا. ڇا اوهان وٽ گوشت جو ذرو ڪو نه آهي؟“

ڪپتان، گهٽي مان جاءِ مالڪياڻيءَ ڏانهن ڊوڙيو، جتي سندن کاڌو پچندو هو. ڪوليا پنهنجي قيمتي وقت کي وڃائڻ مناسب نه سمجهي، نااميديءَ جهڙي تڪڙ ۾ رڙ ڪري چيو، ته مري وڃ. ڪتو هيءُ ٻڌندي ئي چوڌاري ڦريو ۽ زمين تي پٺيءَ ڀر اهڙي ريت ليٽي پيو، جو سندس چارئي پير مٿي هوا ۾ هئا. ٻار کلڻ لڳا. اليوشا ساڳي تڪليف وارين نگاهن سان ڏسڻ لڳو. سڀ کان وڌيڪ خوش ماءُ هئي. هوُ ڪتي کي ڏسي کلي رهي هئي، اُن کي آڱرين سان مهٽي رهي هئي ۽  ”پريزيوان! پريزيوان!“  ڪري ان کي سڏڻ لڳي.

ڪوليا پنهنجي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ مان، فخر سان چوڻ لڳو ته ”هاڻي ڪو به هن کي اُٿاري نه ٿو سگهي. دنيا جي ڪنهن به آواز ڏي، هاڻي هيءُ ڪن نه ڏيندو نه چرندو. پر جيڪڏهن مان کيس چوندس، ته هو هڪ منٽ ۾ ٽپو ڏئي اُٿندو. اُٿ پريزيوان!“  ڪتو ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ خوشيءَ مان آواز ڪڍڻ لڳو. ڪپتان رڌل ڳئونءَ جي گوشت جو ٽڪرو کڻي اندر آيو.

ڪوليا کانئس تڪڙ ۾ پڇيو، ته اهو گرم ته نه آهي. هن ان کي ورتو ۽ سندس گفتگو، ڄڻ ته هڪ ڌنڌي واري جو ٿي لڳو. ”ڪتن کي گرم شيءِ نه وڻندي آهي، نه، پر هيءُ ٺيڪ آهي. ڏسو، ڏسو سڀئي ڏسو، تون به اليوشا پوڙها ماڻهو ڏس. تون هن ڏي ڇو نه ٿو نهارين؟ تون هن کي تڏهن نه ٿو ڏسين، جو ، مان هن کي تو وٽ آندو آهي.“

هاڻي نئين بازي اها هئي، ته ڪتي کي بنا ڪنهن چرپر جي ويهاريو ويو هو. سندس نڪ ٻاهر نڪتل هو ۽ ان جي مٿان، گوشت جي ڀور رکي وئي هئي. بدقسمت ڪتي کي انهيءَ حالت ۾ خاموشيءَ سان بيهڻو هو ۽ سندس نڪ تي گوشت جي ڀور به موجوده هئي. کيس ايترو وقت، بيهڻو هو، جيستائين سندس مالڪ جي مرضي هجي. شايد اڌ ڪلاڪ تائين به. پر هن پريزيوان کي مختصر وقت لاءِ انهيءَ حالت ۾ بيهاريو.

 ”هن جي قيمت ادا ڪرڻ گهرجي!“  ڪوليا چيو. اک ڇنڀ ۾ گوشت جو ٽڪرو، نڪ کان ڪري ڪتي جي وات ۾ هليو ويو. ڏسندڙن هن بازيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ عجب ۾ پئجي ويا.

 ”ڇا تون سچ پچ پنهنجي اچڻ ۾ دير انهيءَ لاءِ ڪئي هئي، ته ڪتي جي تربيت ڪرين؟“  اليوشا کانئس غير ارادي طور تي پڇيو ۽ سندس آواز ۾ ملامت ٿي ڏٺي.

 ”ها، فقط انهيءَ لاءِ“ ڪوليا نهايت سادگيءَ سان جواب ڏنو. ”مان کيس پوري شان سان ڏيکارڻ ٿي گهريو.“

 ”پريزيوان، پريزيوان.“ اوچتو اليوشا کيس سڏ ڪيو. هن پنهنجي سنهڙين آڱرين سان سندس پٺيءَ کي ٿڦڪڻ شروع ڪيو.

 ”اهو ڇا آهي؟ هن کي بستري تي ٽپو ڏيئي اچڻ گهرجي. اچ پريزيوان!“ ڪوليا بستري کي ڌڪ هنيو ۽ پريزيوان تير وانگر اليوشا جي قريب وڃي پهتو. ٻار پنهنجون ٻئي ٻانهون سندس ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ هو سندس ڳلن کي چٽڻ لڳو. اليوشا چـُـري سندس ويجهو آيو. بستري مان پاڻ کي مٿي کنيائين ۽ پنهنجو منهن سندس گهاٽن وارن ۾ لڪائي ڇڏيائين.

 ”منهنجا پيارا، منهنجا عزيز!“  ڪپتان چوندو رهيو. ڪوليا وري هنڌ جي ڪناري تي ويهي رهيو.

 ”اليوشا مان توکي وري، هن جي ٻي بازي ڏيکاري سگهان ٿو. مان تنهنجي لاءِ هڪ ننڍي توب آندي آهي. توکي ياد هوندو ته مان توکي ان بابت ٻڌايو هو ۽ تو خواهش ڏيکاري هئي، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو تون ان کي ڏسين، ها، مان ان کي توکي ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيو آهيان.

ڪوليا جلديءَ مان پنهنجي ڳنڍ کي کولي، ان مان توب کي ڪڍيو، جا پتل جي ٺهيل هئي.

هن تڪڙ ٿي ڪئي، ڇو ته هو پاڻ بيحد خوش هو، هو جيڪر ٿورو وقت ترسي ها، جيستائين پريزيوان جو پيدا ڪيل اثر گهٽ ٿي وڃي ها، پر هو هاڻي سڀني ڳالهين کان بي نياز بڻجي ويو هو.  ”توهان سڀئي هاڻي خوش هوندا.“  هن محسوس ڪندي چيو. ”مان اڃا به اوهان کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ اها شيءِ آندي آهي.“  هو مڪمل ريت خوش ٿي ڏٺو.

 ”مان هن شيءِ کي ڪيتري وقت کان پنهنجي لالـچ ۾ لڪائي ڇڏيو هو، پر هاڻي پوڙها ماڻهو! هيءَ تنهنجي لاءِ آهي. هيءَ اصل ۾ موروزوف جي ملڪيت هئي، جا هن پنهنجي ڀاءُ کان ورتي هئي ۽ سندس ڪم جي نه هئي ۽ مان پنهنجي پيءُ جي ڪتبخاني مان هڪ ڪتاب جي عيوض ورتي. ان ڪتاب جو نالو ”قوم محمد صلي الله عليه وآله وسلم“ آهي. هيءُ ڪتاب سؤ سال اڳي ماسڪو ۾ ڇپيو هو. ان زماني ۾ اهڙن مذهبي ڪتابن تي ڪابه گرفت نه هئي. موروزوف کي هيءُ ڪتاب ڏاڍو پسند هو ۽ هو ان کي حاصل ڪري منهنجو شڪرگذار بڻيو هو.“

ڪولياتوب پنهنجي هٿن ۾ جهلي هئي، تان جو هرڪو ڏسي ان جي تعريف ڪري. اليوشا پاڻ کي مٿي کنيو ۽ سندس سڄي ٻانهن اڃا به ڪتي جي چوڌاري هئي. هن ڏاڍي خوشيءَ مان رانديڪي کي ڏٺو. اڃا به وڌيڪ تعجب ان وقت پکڙيو، جڏهن ڪوليا ٻڌايو، ته وٽس توب جو بارود به آهي ۽ هوُ ان وقت، ان کي ڇوڙي به سگهي ٿو پر شرط اهو آهي، ته زالون اُن کي ڏسي دانهون نه ڪن، گهر جي وڏي ماءُ خواهش ڏيکاري، ته هوءَ ان رانديڪي کي ويجهو ٿي ڏسي. سندس عرض کي هڪدم قبول ڪيو ويو. هوءَ ان توب کي ڏسي، جا ڇٽڻ تي هئي، بيحد خوش ٿي ۽ پنهنجي جهوليءَ ۾ اُن کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ لڳي. هن هڪدم اجازت ڏني، ته توب کي ڇوڙيو وڃي ۽ سندس خيال ايڏانهن ويو ئي نه ته هوءَ ڇا چئي رهي آهي؟ جيئن ته ڪپتان فوجي ماڻهو هو، هن توب ۾ بارود وجهڻ  جو ڪم پنهنجي ذمي ورتو ۽ اُن جو انداز هن پنهنجي خيال موجب رکڻ گهريو. هن اِيئن به چيو، ته ان کي ڪنهن ٻي وقت تي ڇوڙيو وڃي. آخر توب زمين تي رکي وئي، ڪمري جي خالي طرف ان جو رخ ڪيو ويو. بارود جا ٽي ڇـِـرا ان جي خالي سوراخ ۾ وڌا ويا. لبلبي کي دٻايو ويو ۽ هڪ وڏو ٺڪاءُ ظاهر ٿيو. ماءُ کان ڇرڪ نڪري ويو، پر هڪدم کلي ويٺي. ڇوڪرا ڳالهائڻ کان سواءِ خوشيءَ مان نهارڻ لڳا. مگر ڪپتان اليوشا ڏي ڏسندي، سڀ کان وڌيڪ خوش ٿيو. ڪوليا توب کي کڻي ورتو ۽ جلدي مان اليوشا کي سوکڙيءَ طور ڏئي ڇڏيائين. ان سان گڏ بارود به ڏنائين.

 ”مان هيءَ تنهنجي لاءِ ورتي هئي ۽ گهڻي وقت کان تنهنجي لاءِ سانڍي رکي هئم.“  هن وڏي خوشيءَ مان هن حقيقت جو وري به اظهار ڪيو.

 ”ها، اها مون کي ڏي، نه اها مون کي ڏي.“  ماءُ ننڍڙي ٻار وانگر ان کي عرض ڪرڻ لڳي. سندس چهري مان ڏک جو اظهار به پئي ٿيو، ته اها شيءِ کيس ملي نه سگهندي. ڪوليا ايڏاهين ڌيان نه ڏنو ۽ ڪپتان پريشانيءَ مان کيس ڏسندو رهيو. هو وٽس ڊوڙي ويو ۽ چيائينس ته ”بيگم، بيگم، بي شڪ هيءَ توب تنهنجي آهي، پر ڇڏ ته اليوشا ان کي وٺي. ڇو ته هيءَ تحفو، هن جو آهي، پر ان هوندي به هن جي شيءِ تنهنجي آهي. اليوشا توکي هن جي کيڏڻ کان منع ته ڪونه ڪندو. اها اوهان ٻنهي جي ملڪيت ٿي رهندي.“

 ”نه، مان اِيئن نه ٿي چاهيان، ته هيءَ ٻنهي جي ملڪيت ٿي رهي. مان چاهيان ٿي ته اها خالص منهنجي هجي، نه اليوشا جي.“  ماءُ هن تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.

 ”ماءُ، هن کي تون وٺ ۽ پاڻ وٽ رک“، اليوشا زور سان کيس چيو. ”ڪراسوتڪين مان هيءَ پنهنجي ماءُ کي ڏئي سگهان ٿو؟“ ، هو ان ڏي سوال واري چهري سان ڦريو. ڄڻ ته کيس خوف پئي ٿيو، ته هن تحفي کي ٻي کي ڏيڻ سان سندس توهين ته نه ڪري رهيو آهي.

 ”بيشڪ تون هن کي ڏئي سگهين ٿو.“  ڪراسوتڪين، دل ۽ جان سان ان کي تسليم ڪندي چيو. هن اليوشا جي هٿ مان توب کي وٺي، مروت سان جهڪندي، پاڻ ئي سندس ماءُ کي ڏني. هن جي مٿان ايڏو ته اثر پيو، جو هوءَ روئڻ لڳي.

 ”منهنجا پيارا اليوشا، معلوم ٿئي ٿو، ته تون پنهنجي ماءُ سان پيار ٿو ڪرين.“  ائين چئي، هن وري توب کي پنهنجي هنج ۾ هيڏي هوڏي ڦيرائڻ شروع ڪيو.

 ”بيگم مون کي هٿ ڏي ته مان ان کي چمان.“  سندس مڙس کيس چيو. هو جلدي مان وٽس ويو ۽ سندس هٿ کي چمي ڏنائين.

 ”مان اهڙو حليم طبع ڇوڪرو ڪونه ڏٺو آهي، جهڙو ڪراسوتڪين.“  شڪرگذار عورت ان ڏانهن اشارو ڪري چيو. اليوشا، مان تنهنجي لاءِ ايترو گهڻو بارود آڻيندس، جيترو تو چاهيو. اسان بارود هاڻي پاڻ ٺاهيندا آهيون. بروويڪوف سمجهي ورتو آهي، ته اهو ڪيئن ٺاهيو ويندو آهي. چوويهه حصا شورو، ڏهه حصا گندرف ۽ ڇهه حصا، بيد جي وڻ جو ڪوئلو، هنن سڀني کي پاڻ ۾ ڪـُـٽجي ۽ مٿانئن ٿورو پاڻي ڇٽڪارجي ته هڪ خميرو بڻجي ويندو. ان وقت ان کي صاف ڪجي، بس بارود تيار ٿي ويو.

 ”سميوروف مون سان تنهنجي بارود جي ڳالهه ڪئي هئي، پر منهنجي پيءُ چيو ٿي، ته اهو نج بارود نه آهي.“  اليوشا هڪدم چئي ڏنو.

”اهو سچو بارود نه آهي“، ڪوليا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ”اهو جلي ته ٿو. ٿي سگهي ٿو، ته مون کي ان جي خبر نه هجي!“

 ”نه، منهنجو اهو مطلب نه آهي.“  ڪپتان پنهنجي چهري کي گنهگار بڻائيندي چيو. ”مان فقط اِيئن ٿي چيو، ته اهو نج بارود نه آهي. ڇو ته اهو اِيئن نه ٺاهيو ويندو آهي. پر هن ۾ ڪابه ڳالهه نه آهي، اِيئن به ٺاهيو ويندو هوندو.“

 ”مون کي خبر نه آهي. اوهان وڌيڪ ڄاڻندا هوندا، اسان بارود کي هڪ شيشيءَ ۾ باهه ڏنيسون، هو چڱيءَ ريت سڙي ويو ۽ شيشي جي تري ۾ رک ٿوري وڃي بچي. اهو به فقط خميري جي سبب کان ٿيو هو. جيڪڏهن ان کي وڌيڪ صاف ڪيو وڃي، ته شايد اها به نه رهي.... بهرحال اوهان مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا........ مون کي گهٽ خبر آهي. بلڪن جي پيءُ هن بارود جي ڪري کيس گهڻو ماريو هو. تون ٻڌين به ٿو؟“  هو اليوشا ڏي ڦريو.

 ”هائو“ اليوشا کيس جواب ڏنو. هو ڪوليا جي گفتگوءَ کي وڏي سنجيدگيءَ سان ٻڌي رهيو هو.

اسان اُن جي سڄي بوتل تيار ڪئي هئي ۽ هو هميشھ ان کي پنهنجي بستري ۾ رکندو هو. سندس پيءُ ان کي ڏٺو. هن کيس چيو ته ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ ڦاٽي پوي ۽ اتي ئي کيس سخت تنبيهه ڪيائين. هو منهنجي خلاف، ماسترن وٽ وڃي شڪايت ڪرڻ وارو هو. هاڻي هن کي اجازت نه آهي، ته مون سان گڏ گهمي. سميوروف کي به ساڳي اهڙي ريت اجازت ته نه آهي. منهنجو نالو سڀ ڪنهن وٽ بدنام آهي. سڀئي چون ٿا، ته مان بي خوف ڪردار وارو آهيان. ڪوليا نفرت مان مشڪڻ لڳو. هيءُ سڀ ڪجهه ان ريلوي واري واقعي کان پوءِ ٿيو.

 ”اڙي! اسان تنهنجي هن بي خوفيءَ واري حادثي کي ٻڌو آهي.“  ڪپتان چوڻ لڳو. ”تون ڪهڙي ريت ريل جي بند تي ليٽي پيو هئين؟ ڇا اهو ٿي به سگهيو ٿي، ۽ توکي ڪوبه خوف نه ٿيو. سو به ريل گاڏيءَ جي هيٺان. تون ڊڄين نه پيو؟“

 ”خاص طرح نه“. ڪوليا بي پرواهيءَ سان کيس جواب ڏنو.  ”پر منهنجي شهرت کي سڀ کان وڌيڪ جنهن ڌڪ هنيو، اها، هوءُ بدبخت هئي.“ هن اليوشا ڏي منهن کي ڦيرائيندي چيو. جيتوڻيڪ سندس ڳالهائڻ مان بي تعلقي ٿي ڏٺي، پر ان هوندي به هو پاڻ تي ضابطو نه ڪري سگهيو هو. سلسلي جي طور تي، هو ان حقيقت کي وساري چڪو هو، جا کيس چوڻي هئي.

”هائو، مان ان بدڪ جي لاءِ ٻڌو آهي“. اليوشا کليو ۽ مٿي کان وٺي پيرن تائين چمڪڻ لڳو. هنن مون کي ڪجهه ٻڌايو، پر مان سمجهي نه سگهيس. ڇا سچ پچ هو توکي ڪورٽ ڏي وٺي ويا هئا؟

 ”نهايت ناداني ۽ خطري وارو واقعو. هن ڪئي جي ٻر کي دستور موجب جيئن ٿيندو آهي، جبل بڻائي ڇڏيو.“ ڪوليا بي پرواهيءَ سان ڳالهائڻ لڳو. مان هڪ ڏينهن هتي مارڪيٽ ۾ پئي گهميس. بلڪل ان وقت بدڪ ڊڪندي آئي، جنهن کي ڪي ڊڪائيندا آيا. مان ترسيس ۽ انهن کي ڏسڻ لڳس. اوچتو انهن جوانن مان هڪ جو پلاٽنيڪوف جي دڪان تي پيادي جو ڪم ڪندو آهي، مون کي نهارڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تون هن قاز کي ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ مان هن ڏي ڏٺو، هو هڪ گول چهري وارو، ويهن ورهين جي عمر وارو بيوقوف نوجوان ٿي ڏٺو. مان هميشھ هارين جو طرفدار رهيو آهيان، توکي ان جي خبر آهي. مون کي هارين سان ڳالهائڻ پسند ايندو آهي....... اسان هارين کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي، اهو هڪ مسئلو آهي. مان سمجهان ٿو ته تون کلي رهيو آهين، ڪرامازوف!

 ”خدا بخشي، مان ڪٿي کلي رهيو آهيان؟“ اليوشا کيس نهايت مروت سان چيو ۽ حساس ڪوليا کي تسلي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳو ته:

 ”ڪرامازوف، منهنجو نظريو صاف ۽ سادو آهي. هو تڪڙ مان ڳالهائيندو ويو ۽ خوش ٿي ڏٺو. مان هميشھ ماڻهن ۾ اعتبار رکندو آهيان ۽ مان خوش هوندو آهيان، ته انهن کي سندن لائق عزت ڏيندو رهان، پر مان ڪڏهن به کين خراب ڪرڻ وارو نه آهيان. هيءُ بي لذت گناهه آهي..... پر مان توکي قاز لاءِ ٻڌائي رهيو هوس. مان ان بيوقوف ڏي مڙيس ۽ جواب ڏنومانس، ته ”مون کي عجب ٿو لڳي، ته هيءُ قاز هن وقت ڇا سوچي رهيو آهي؟“ هن مون ڏي بلڪل بيوقوفن وانگر ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، ته ”قاز ڇا سوچي رهيو آهي؟“ مان کيس چيو ته،  ”تون هيءَ گاڏي جـَـوَن سان ڀريل ڏسين ٿو؟ جـَـوَ گاڏي جي چيرن مان ڪري رهيا آهن ۽ قاز ڦيٿن مان پنهنجيءَ ڳچيءَ کي ورائي، انهن کي چڳڻ گهري ٿو. تون اهو ڏسين ٿو؟  ”مان هيءُ چڱي ريت ڏسان ٿو. هن چيو.“

”ٺيڪ آهي“. مان چيومانس، ”جيڪڏهن گاڏي ٿوري اڳتي چري، ته قاز جي ڳچي ڀڄي پوندي يا نه؟“ يقيناً هيءَ ڀڄي پوندي. هن جي سڄي چهري ۾ فڪر کان گهنج پئجي ويا ۽ هو خوش ٿيڻ لڳو. مان کيس چيو ته ”تڏهن اڄ ته ڪا ڪوشش ڪريون.“ هن سوچڻ ۾ اسان کي ڪابه دير نه لڳي. هو گهوڙي جي واڳن وٽ بيٺو هو ۽ کيس ڪنهن به نه ٿي ڏٺو. مان سنئون سڌو قاز جي سامهون بيٺو هوس. قاز جي مالڪ اسان کي نه ٿي ڏٺو. هو ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مشغول هو. منهنجو هن ۾ ڪو به واسطو نه هو. قاز پنهنجي مٿي کي پنهنجي مرضيءَ سان جـَـوَنَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڦيٿي مان لنگهائي ڇڏيو هو. مان ان ڇوڪريءَ تي اک ڇنڀي، هن واڳن کي ڇڪيو ۽ ٽڪر جو آواز ٿيو. قاز جي گردن ڀڄي پئي. هيءَ نصيب جي ڳالهه هئي، ته سڀني هارين هن نظاري کي ڏٺو ۽ هنن هڪ گوڙ ۽ غل مچائي ڏنو. ”تو هيءُ ڄاڻي واڻي ڪيو آهي.“ ”نه منهنجو هن ۾ ڪوبه مطلب نه هو.“  چڱو هنن رڙ ڪري چيو، هن کي جج وٽ وٺي هلو. هنن مون کي به پاڻ سان ورتو. هنن چيو ته تون به هن سان هئين. ته به هن جي مدد نه ڪئي آهي ۽ تون سڄي مارڪيٽ ۾ مشهور آهين. سچ پچ ڪن سببن جي ڪري مان سڄي مارڪيٽ ۾ مشهور به آهيان. ڪوليا هن حقيقت کي پنهنجي خودداري ڏيکاريندي چوندو ويو. اسان سڀئي جج وٽ وياسون، هو قاز کي به پاڻ سان کڻي آيا هئا. هن نوجوان پنهنجو هوش وڃائي ڇڏيو هو ۽ رنن وانگر روئي ۽ رڙي رهيو هو. هوڏانهن هاري رڙيون ڪري چئي رهيا هئا، ته اهڙي ريت تون الائجي ڪيترا قاز ماري ڇڏيندين. هنن وٽ شاهد به هئا. جج سڄو معاملو هڪ منٽ ۾ پورو ڪري ڇڏيو ۽ فيصلو ڏنائين، ته قاز جي بدلي ۾ هڪ روبل ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏ تاڪيد ڪيائين، ته وري اهڙي شرارت نه ڪئي وڃي. پر هو نوجوان اڃا به دبري رهيو هو، ته منهنجو هيءُ ڏوهه نه آهي. پر هن جو آهي، جنهن مون کي صلاح ڏئي، هن ڪم لاءِ تيار ڪيو هو. هن مون ڏي اشارو به ڪيو. مان پوري زور سان انڪار ڪيو، ته مان هن کي انهيءَ ڳالهه لاءِ ڪڏهن به تيار نه ڪيو هو. مان کيس فقط هڪ عام راءِ پيش ڪئي هئي، جو هڪ فرضي گفتگو هئي. جج هي ٻڌي مشڪيو ۽ پنهنجي مشڪڻ تي به پريشان ٿي ويو. مان تنهنجي ماسترن کي تنهنجي روش لاءِ آگاهه ڪندس، انهيءَ لاءِ ته جيئن تون هن عام تجويزن تي پنهنجو وقت وڃائيندو نه رهين. توکي پنهنجي ڪتابن پڙهڻ سان شوق رکڻ گهرجي. هن ماسترن کي منهنجي ڪابه دانهن نه ڏني ۽ هيءُ سڄو مذاق هو. پر هيءُ معاملو پري تائين پکڙجي ويو ۽ ماسترن تائين وڃي پهتو. هنن جا ڪـَـنَ ته وري ڊگها ٿيندا آهن. توکي ته هيءَ خبر آهي! اسان جي قديم ادب جي پڙهائڻ وارو استاد ڪالباسنيڪوف کي هيءَ ڳالهه ٻڌي وڏو صدمو پهتو. پر ڊارڊانيلوف وري به منهنجي بچاءَ ۾ اچي مون کي ڪڍائي ويو. پر ڪالباسنيڪوف سڀ سان اهڙو وحشياڻو طريقو استعمال ڪندو آهي. توکي خبر آهي اليوشا، ته هن هاڻي شادي ڪئي آهي ۽ کيس هڪ هزار روبل جو ڏاج مليو آهي. پر سندس ڪنوار، غير معمولي طور تي اول کان آخر تائين ڀوائتي آهي. ٽئين ڪلاس جي شاگرد، سندس محبوبا شعر لکيو آهي: نهايت مزيدار آهي. مان اهو تو وٽ پوءِ کڻي ايندس. مان ڊارڊانيلوف جي خلاف ڪجهه به نه چوندس. هن ۾ شڪ نه آهي، ته هو عالم آهي. مان اهڙن ماڻهن جي عزت ڪندو آهيان. اها انهيءَ لاءِ نه آهي ته هن منهنجي بچاءُ ۾ ڪم آيو هو.“

 ”پر تو ته هن کي ٽراءِ جي آباد ڪرڻ وارن جي سوال تي جهڪائي ڇڏيو هو.“ سميوروف هيءُ سوال کانئس اوچتو پڇيو. هو غلطيءَ کان ان وقت ڪراسوتڪين تي ناز ڪري رهيو هو. هو قاز جي آکاڻيءَ کي ٻڌي نهايت خوش ٿيو هو.

 ”سچ پچ تو کيس هن سوال ۾ منجهايو هو؟“ ڪپتان خاص نوع ۾ سندس خوشامد ڪندي چيو. ”هيءُ سوال ته ٽراءِ جو ڪنهن بنياد رکيو هو.“  اليوشا مون کي ان وقت هيءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي هئي.  ”هيءُ سڀڪجهه ڄاڻي ٿو پيءُ. اسان سڀني کان گهڻو ڄاڻي ٿو. هيءُ اهڙيءَ ريت فقط نمونو ڪري رهيو آهي. پر هيءُ سڄي مضمون کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو........“ ڪوليا بيحد خوشيءَ مان اليوشا ڏي نهاريو.

 ”اڙي! ٽراءِ جي بابت هي سڄي بيوقوفي آهي. هڪ واهيات حقيقت، مان هن کي غير ضروري سوال سمجهندو آهيان.“ ڪوليا نيازمنداڻي طريقي سان چيو. هن هاڻي پوري ريت پنهنجي شان کي وري حاصل ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ هو اڃا تائين ٿورو بي آرام به نظر ٿي آيو. هن محسوس ٿي ڪيو، ته هو قاز جي گفتگو ڪرڻ وقت وڏي جوش ۾ اچي ويو هو ۽ سڄي ڳالهه کي هن غير محدود طور تي ٻڌائي ڇڏيو هو. هوڏانهن اليوشا نهايت محتاط ٿي ڏٺو ۽ سموري وقت ۾ هڪ به لفظ نه ڳالهايو هئائين. هيءُ ڏسي ان عجيب ڇوڪري سوچڻ شروع ڪيو، ته اليوشا انهيءَ لاءِ چپ هو، جو هن کيس نفرت سان ٿي ڏٺو ۽ انهيءَ ئي خيال جو هو اظهار ڪري رهيو هو. جيڪڏهن هن اهڙيءَ ريت سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪوليا ضرور........

 ”هن سوال کي مان واهيات سمجهان ٿو“، هن وري غرور مان چيو.

 ”مان ڄاڻان ٿو، ته ٽراءِ کي ڪنهن آباد ڪيو هو؟“ . هڪ ڇوڪري، جنهن اڳ ۾ ڳالهايو ئي نه هو، اوچتو چئي ڏنو ۽ سڀئي عجب ۾ پئجي ويا. هو خاموش هو ۽ شرميلو ٿي ڏٺو. هو يارنهن ورهين جو حسين ڇوڪرو هو، جنهن کي ڪارٽاسوف ٿي سڏيائون. هو دروازي جي ڀرسان ويٺو هو. ڪوليا کيس وڏي شان واري عجب مان ڏٺو.

حقيقت هيءَ هئي، ته ٽراءِ جي آباد ڪندڙن جو مسئلو، سڄي اسڪول لاءِ هڪ راز بڻجي چڪو هو. جو راز فقط سماراگڊوف جي پڙهڻ سان حل ٿي پئي سگهيو. ڪنهن وٽ به، ڪوليا کان سواءِ سماراگڊوف موجود نه هو. هڪ ڏينهن جڏهن ڪوليا جي پٺ ڦريل هئي، ڪارٽاسوف، تڪڙ مان سماراگڊوف کي کوليو، جو ڪوليا جي ڪتابن ۾ هو، هن جلديءَ مان ان ٽڪري کي پڙهي ورتو، جنهن ۾ ٽراءِ جي بانين جو احوال هو. هن کي چڱو وقت گذريو هو، پر ان هوندي به کيس بي چيني هئي ۽ ظاهر ظهور، هو پاڻ کي پڌرو ڪري نه ٿي سگهيو، ته کيس به اها خبر آهي ته ٽراءِ جا باني ڪير هئا؟ کيس خوف پئي ٿيو ته ڪراسوتڪين کي ندامت ۾ وجهڻ کان پوءِ، الائجي ڪهڙو نتيجو نڪري؟ پر هاڻي هو پاڻ کي روڪي نه سگهيو، هو هفتن کان هن حقيقت جو منتظر هو.

 ”ٺيڪ آهي، ڪنهن هن کي آباد ڪيو هو؟“ ڪوليا کانئس پڇيو ۽ هو ان ڏانهن متڪبراڻي نفرت سان ڦريو. هن سندس منهن مان سمجهي ورتو هو، ته سچ پچ کيس اها حقيقت معلوم آهي ۽ هن هڪدم هن معاملي کي هٿ ۾ کنيو، ڪهڙيءَ ريت ان سان نبري اچي. ان ڪري هن معاملي بابت سريلي آوازن ۾ عام طور اختلافي حالت پيدا ٿي وئي.

 ”ٽراءِ کي ٽيوسر، داردانيوس، اليوس ۽ ٽراس آباد ڪيو هو.“ ڇوڪري ٺهه پهه جواب ڏنو. ساڳي وقت هو شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو. هو ايترو ته ڳاڙهو ٿي ويو هو، جو هن ڏي نهارڻ به ڏک جهڙو هو. پر ٻارن کيس عجب مان نهارڻ شروع ڪيو ۽ هو هڪ منٽ لاءِ کيس نهاريندا رهيا. هاڻي هي سڀئي نگاهون ڦريون ۽ ڪوليا تي ڄمي ويون. هو اڃا تائين ان بيباڪ ڇوڪري کي توري رهيو هو ۽ کيس نفرت مان نهاري رهيو هو.

 ”هنن ان شهر کي ڪهڙي مقصد سان آباد ڪيو هو؟“ هن آخر ان تي غير ضروري تنقيد شروع ڪئي، ته ”مون کي تون ٻڌاءِ، ته ڪهڙي مقصد لاءِ هڪ شهر يا رياست آباد ڪئي ويندي آهي؟ اهي ڇا ڪندا آهن، تنهنجي نظر ۾ هو هڪ هڪ سر ان تي رکندا ويندا آهن؟“

هاڻي کـَـلَ بچي وئي. دل آزار ڇوڪري جو رنگ سرخ مان واڱڻائي بڻجي ويو. هو چپ ٿي ويو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ڪوليا هڪ منٽ کيس ڇڏي ڏنو.

 ”جڏهن تون هڪ تاريخي حقيقت تي ڳالهائين، مثلاً: ڪنهن قوميت جي بنياد بابت، ته توکي پهريون اهو سمجهڻ گهرجي ته تنهنجو انهيءَ حقيقت مان مقصد ڇا آهي؟“ هن پنهنجي سخت ۽ نفرت ڀري آواز ۾ چيو. ”پر مان پوڙهين زالن جي آکاڻين ۾ پاڻ کي نه ڦاسائيندو آهيان ۽ مان عام طرح دنيا جي تاريخ تي نه سوچيندو آهيان.“ هن بي پرواهيءَ سان عام طرح حاضر مجلس کي خطاب ڪندي چيو.

”تاريخ عالم؟“ ڪپتان کانئس پڇيو ۽ هوُ حيرت مان کيس نهارڻ لڳو.

 ”هائو تاريخ عالم، ان جو مطالعو، انسانيت جي ڪامياب بيوقوفين جو داستان آهي ۽ اُن کان وڌيڪ ڪجهه به نه. مون کي جي مضمون پسند ايندا آهن، اُهي آهن حساب ۽ طبعي سائنس.“ ڪوليا جواب ڏنو. هوُ پنهنجو مظاهرو ڪري رهيو هو ۽ هڪ چور نگاهه سان اليوشا کي ڏٺائين. کيس فقط اُن جي ئي راءِ کان خوف پئي ٿيو. پر اليوشا اڳي وانگر اڃا به خاموش ٿي ڏٺو. جيڪڏهن اليوشا هڪ لفظ به چئي ها، ته هوُ خاموش ٿي وڃي ها، پر اليوشا اڃا به خاموش هو. شايد هيءَ خاموشي نفرت کان هئي. جنهن آخر ڪوليا کي جوش ۾ آڻي وڌو.

 ”قديم ٻوليون پڻ.......... هيءُ جنون کان مٿي ڪجهه نه آهن. مان ڏسان ٿو ته مون سان وري به متفق نه آهين ڪرامازوف؟“

 ”مان توسان متفق نه آهيان،“ اليوشا منجهيل مشڪ سان چيو.

 ”قديم زبانن جو مطالعو“، جيڪڏهن تون منهنجي راءِ پڇندين، ته هڪ پوليسي ڪارنامو آهي. اهوئي سبب آهي، جو انهن کي اسان جي اسڪولن ۾ رائج ڪيو ويو آهي. درجي بدرجي ڪوليا جو دم کڄڻ لڳو ۽ هن وري چيو ته ”لئٽن ۽ يوناني انهيءَ لاءِ رائج ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته هيءُ بيزار ڪندڙ آهن ۽ ذهنن کي بيوقوف بڻائين ٿيون. هوُ اڳي ئي خشڪ شيون آهن، ان ڪري وڌيڪ خشڪ بڻائين ٿيون. هوُ اڳي ئي سمجهه کان ٻاهر آهن، ان ڪري سندن اهم ڪم آهي، ته وڌيڪ بي سمجهه بڻائين. انهيءَ ڪري ئي انهن شين کي رواج ڏنو ويو آهي. منهنجي راءِ اها آهي، جنهن کي ڪڏهن به نه بدلائيندس. ڪوليا پنهنجي تقرير کي ختم ڪيو ۽ سندس ڳل سرخ بڻجي ويا.

”هي سچ آهي“. سميوروف پنهنجي قبوليت ڏيندي، اوچتو جواب ڏنو. سندس آواز فيصلو ڪندڙ هو. هن سڄي حقيقت کي ڌيان ڏيئي ٿي ٻڌو.

ٻارن جي جماعت مان ڪنهن اوچتو چئي ڏنو، ته ”اُن هوندي به هوُ لئٽن ۾ پهريون نمبر آهي.“

 ”هائو پيءُ، هيءُ اِيئن ته چوي ٿو، پر لئٽن ۾ پهريون نمبر آهي.“ اليوشا پنهنجي خيال کي ظاهر ڪيو.

 ”انهيءَ ۾ ڇا ٿي پيو.“  ڪوليا پنهنجي بچاءَ کي اهڙيءَ ريت قائم رکندي چيو. جيتوڻيڪ سندس ساراهه به نهايت شيرين هئي. مون کي لئٽن لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ ڪرڻي به اٿم، ڇو ته مان پنهنجي ماءُ کي چيو آهي، ته امتحان کي پاس ڪندس، ان ڪري مان خيال ڪريان ٿو، ته اسان کي جو ڪجهه به ڪرڻو هجي، اهو چڱيءَ ريت ڪجي. پر منهنجي روح ۾ هنن قديم ٻولين جي لاءِ مڪمل نفرت آهي ۽ هيءُ سڄو فريب آهي....... تون مون سان متفق نه آهين. ڪرامازوف!“

 ”ڇو فريب؟“ اليوشا وري مشڪيو.

 ”صحيح، سڀني قديم مصنفن سڀني ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي، ان ڪري قديم زبانن جي مطالعي لاءِ لئٽن کي اسڪولن ۾ رائج نه ڪيو ويو آهي، پر پوري ريت ضابطي کي رکڻ لاءِ ۽ ذهن ۾ مونجهاري کي پيدا ڪرڻ لاءِ اِيئن ڪيو ويو آهي. پوءِ هن کي فريب نه چئجي، ته ٻيو ڇا چئجي؟“

 ”هي سڀئي ڳالهيون توکي ڪنهن سيکاريون آهن؟“ اليوشا وڏي آواز ۾ کيس چيو. واقعي هو عجب ۾ پئجي ويو هو.

پهريائين ته مان خود خيال ڪرڻ جي لائق آهيان ۽ مون کي سيکاريو نه ويندو آهي. ان کان سواءِ، مون هتي جي قديم زبانن لاءِ پنهنجو خيال پيش ڪيو آهي، اها اسان جي استاد ڪوليا سنيڪوف جي ترجماني آهي. جا هن ٽئين ڪلاس کي ٻڌائي هئي.“

 ”ڊاڪٽر اچي ويو“. نينا رڙ ڪري چيو. هو سمورو وقت خاموش ويٺي هئي. بيگم هائلڪوف جي گاڏي، دروازي تي پهچي وئي هئي. ڪپتان جو صبح کان وٺي ڊاڪٽر جي انتظار ۾ هو، هڪدم کيس ملڻ لاءِ ڊوڙيو. اليوشا جي ماءُ پاڻ کي سميٽيو، پنهنجي شان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. اليوشا، اليوشا ڏي ويو ۽ سندس وهاڻن کي ٺاهڻ لڳو. نينا پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي، هن جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ بستري کي ٺاهڻ لڳي. ڇوڪرن تڪڙ مان موڪلايو. ڪن واعدو ڪيو، ته هو شام جو موٽي ايندا. ڪوليا پريزيوان کي سڏيو ۽ ڪتو بستري تان ٽپو ڏيئي لٿو.

 ”مان نه ٿو وڃان، مان نه ٿو وڃان.“ ڪوليا، اليوشا کي جلدي مان چيو. ”مان گهٽيءَ ۾ ترسان ٿو. جڏهن ڊاڪٽر ويندو، ته مان پريزيوان سان گڏجي موٽي ايندس.“

پر ان وقت ڊاڪٽر اندر داخل ٿي چڪو هو. سندس شخصيت ڏسڻ جهڙي هئي. ننڍيون ڪاريون مڇون ۽ کاڏي ڪوڙيل، کيس رِڇَ جي کـَـل جو ڪوٽ پهريل هو. جيئن هي چانئٺ ٽپي اندر آيو، هو روڪجي ويو. هو عجب ۾ پئجي ويو، ته هو غلط جاءِ تي ته نه آيو آهي. هيءُ ڇا آهي؟ مان ڪٿي آيو آهيان؟“  هن آهستگيءَ سان چيو، نه هن ڪوٽ کي لاٿو نه ڊگهي سيل مڇي واريءَ ٽوپيءَ کي هٿ لاتو. سندس سامهون ماڻهن جو ميڙ هو ۽ غربت زده ڪمرو. ڌوتل ڪپڙا هڪ ڪنڊ ۾ لڙڪي رهيا هئا. هنن سڀني ڳالهين کيس مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. ڪپتان وڌيڪ جهڪي ويو ۽ کيس جهڪي سلام ڪرڻ لڳو.

 ”هتي سائين! هتي سائين!“ هن پرسوز آواز ۾ چيو، اوهان هتي صحيح جاءِ تي آيا آهيو. اوهان کي اسان ڏي ئي اچڻو هو.........“

 ”سيني-گيروف؟ ڊاڪٽر وڏي آواز ۾ چيو. مسٽر سينيگيروف، ڇا اوهان ئي آهيو؟“

 ”هائو سائين ،مان اهوئي آهيان.“

 ”اڙي .“

ڊاڪٽر مونجهاري مان وري ڪوٺيءَ جي چوڌاري ڏٺو. هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو. سڀني ماڻهن جي سامهون سندس گردن جو سينگار ظاهر ٿيو. ڪپتان پشمي ڪوٽ کي جهليو ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ٽوپيءَ کي هٿن ۾ جهليو.

 ”مريض ڪٿي آهي؟“ هن انتظار مان پڇيو.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org