باب پنجون
هڪ اوچتي آفت
مان ٻڌائي چڪو آهيان، ته کيس اليوشا کان اڳ سڏيو
ويو هو، پر ڪورٽ جي چوبدار ڪورٽ جي صدر کي ٻڌايو،
ته بيماريءَ جي اوچتي حملي يا ڪنهن قسم جي دوري جي
ڪري، شاهد اوڏيءَ مهل پيش ٿيڻ جوڳو نه هو، پر
هـُـو جيئن ئي چاق ٿيندو، تيئن ئي اچي شاهديءَ تي
حاضر ٿيند و.
هـُـو آيو ته ڪنهن به ڌيان نه ڏنس، مکيه شاهدن،
خاص ڪري ٻنهي هڪ ٻئي جي مخالف عورتن کان پـُـڇا
ڳاڇا اڳيئي ٿي چڪي هئي. ماڻهن جي سونجهه في الحال
لهي چڪي هئي ۽ هو ذري گهٽ ورچجي ويا هـُـئا. ڪيترا
ٻيا شاهد اڃا رهيل هئا، پر جيڪي هيلتائين پيش ٿي
چـُـڪا هـُـئا، تن جي ساک کي ڏسندي، لڳو ٿي، ته
باقي رهيلن کان ڪا خاص ڄاڻ نه ملڻي هـُـئي! وقت
وهامندو ٿي ويو. ايون تمام آهستي هلندو آيو سندس
ڪنڌ نـِـويل هو، ۽ ڪنهن ڏانهن به ڪونه ٿي ڏٺائين،
ڀانءِ ته ڪنهن ڏُکاري سوچ ۾ هو، کيس ٺاهوڪو وڳو
پهريل هو، پر سندس مـُـنهن جي ڀاوَن گهٽ ۾ گهٽ مون
تي ڏکوئيندڙ اثر ڇڏيو: مـِـٽي مـِـٽي، مرڻينگ
ماڻهوءَ جهڙا ڀاوَ. اکين ۾ ڪا چمڪ ڪانه هئس. ڪنڌ
مٿي کڻي ڪورٽ ۾ چوڌاري نهاريائين، اليوشا پنهنجي
جاءِ تان ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ دانهن ڪيائين،
”اوهه! مون کي ياد آهي، پر شايد ئي ڪنهن اُن
ڏانهن ڌيان ڪيو هـُـجي“ .
صدر کيس ٻڌايو، ته هـُـو بنا قسم کڻڻ جي ساک ڏيندڙ
شاهد هو، ته هـُـو چاهي ته جواب ڏي يا ڏيڻ کان
نابري واري، پر کيس ساک پنهنجي ضمير جي آواز موجب
ڏيڻي هئي، وغيره وغيره. ايون ٻڌندو ۽ صدر کي خالي
خالي نظرن سان ڏسندو رهيو، پر سندس چپن تي هوريان
هوريان مـُـرڪ اُڀري آئي، ۽ جيئن ئي صدر، کيس حيرت
سان ڏسندي، ڳالهائي پورو ڪيو، تيئن ئي هـُـن ٽهڪ
ڏنو.
”چڱو، ٻيو ڇاهي؟“ هن ڏاڍي آواز ۾ پڇيو.
ڪورٽ ۾ چپ چـُـپات ٿي وئي، ڄڻ ڪا عجيب ڳالهه ٿي
هـُـجي. صدر ۾ بي آراميءَ جا اهڃاڻ نظر آيا.
”تون..... شايد اڃا ناچاق آهين؟“ هن هيڏانهن
هوڏانهن چوبدار لاءِ نظر ڦيرائيندي چيو.
”اوهان ڳڻتي نه ڪريو، سائين مان ٺيڪ ٺاڪ آهيان ۽
اوهان کي ڪائي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي سگهان ٿو.“ ايون
اوچتو سمجهه ۽ ادب سان ورندي ڏني.
صدر بي اعتباريءَ کان پڇيس، ”توکي ڪا خاص ڳالهه
ٻڌائڻي آهي؟“
ايون هيٺ ڏٺو، ٿورو ترسيو، ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻندي
ذري گهٽ هڪڙجندي وراڻيائين: ”نه.... مون کي ڪا
خاص ڳالهه ناهي چوڻي.“
هـُـنن کانئس پـُـڇا شروع ڪئي، هـُـن جواب ڏنا،
جهڙوڪر ڪيٻائيندي، بيحد اختصار سان، هڪ طرح جي
بيزاريءَ سان، جا جيئن پوءِ اُڳري ٿيندي ٿي وئي،
توڻي جو هن جا جواب سمجهه ۽ ساڃهه وارا هـُـئا.
گهڻن سوالن جا جواب هن ”مون کي پتو ناهي“ چئي
ڏنا. کيس پنهنجي پيءُ جي دِمتريءَ سان ڏوڪڙن جي
ڏيتيءَ ليتيءَ جي ڪا خبر ڪانه هـُـئي، ۽ وڌيڪ
چيائين، ”مون کي انهيءَ معاملي سان ڪا دلچسپي
ڪانه هـُـئي.“ سندس پيءُ کي مارڻ جي دڙڪن بابت
هـُـن قيديءَ کان ٻڌو هو، ۽ لفافي واري رقم بابت
سميرڊياڪوف کان.
”ساڳي ڳالهه وري وري“ . هن امالڪ وچ ۾ ڳالهه کي
ڪاٽيو، ائين ڄڻ ڪڪ ٿي پيو هجي. مون وٽ ڪورٽ
سڳوريءَ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.
”آئون ڏسان ٿو ته تون چاڪ ناهين. مون کي تنهنجي
حالت جو احساس آهي،“ صدر چيو.
هـُـن سرڪاري ۽ بچاءُ جي وڪيلن کي چيو ته شاهد کان
وڌيڪ پڇا ضروري هجي ته ڪن. تنهن تي ايون اوچتو ٿڪل
آواز ۾ چيو: ”سائين، منهنجي طبعيت ٺيڪ ڪانهي،
ڇڏيو ته وڃان.“
اِئين چئي هو موڪل جي انتظار کان سواءِ ئي مڙيو ۽
ڪورٽ کان ٻاهر وڃڻ لڳو. پر چار وِکون کڻي هـُـو
بيهي رهيو، ڄڻ ڪنهن فيصلي تي پهچي ويو هجي. ٿورو
مـُـرڪيو ۽ موٽي آيو.
”سائين ، مان ٻهراڙيءَ جي ڇوڪريءَ وانگر آهيان.
خبر اٿوَ ته ڇا چوندي آ؟ ’دل چوندي، ته اُٿي
بيهنديس، نه چوندي ته نه اٿنديس.‘ کيس جبو پارائي
سندس وهانءَ لاءِ گرجا وٺي وڃڻ جا جتن ڪري رهيا
هئا، ته هن چيو، ’دل چوندي ته اُٿي بيهندس، نه
چوندي ته نه اُٿنديس.‘ اِها ڳالهه ڪڙمين بابت
ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي.“
”ڇا مطلب آ تنهنجو؟“ صدر سخت لهجي ۾ پڇيس.
”اجهو هيءُ“ ! ايون اوچتو نوٽن جي ٿهي ڪڍي. ”هي
آهن اُهي ڏوڪڙ، اُهي نوٽ، جيڪي لفافي ۾ پيل
هـُـئا.“ (هن ڪنڌ سان انهيءَ ميز ڏانهن اشار ڪيو،
جنهن تي ڪيس جون وٿون پيل هـُـيون)، ”جن لاءِ
اسان جي پيءُ کي ماريو ويو. ڪـِـٿي رکان اِهي؟
سرشتيدار صاحب، هي وٺو.“
ڪورٽ جي چوبدار نوٽن جي سموري ٿهي وٺي وڃي صدر کي
ڏني.
”جي هي اُهي ئي نوٽ آهن، ته تو وٽ ڪٿان آيا؟“
صدر حيرت وچان پڇيو.
”اهي مون کي سميرڊياڪوف خونيءَ کان ڪالهه مليا
هـُـئا. سندس ڦاهي کائڻ کان ٿورو اڳ مان هن سان گڏ
هوس. منهنجي ڀاءُ نه پر هن اسان جي پيءُ کي ماريو
هو، ڪير پنهنجي پيءُ جو موت نه چاهيندو آهي؟“
”مغز ته جاءِ تي اٿئي؟“ صدر کان بي اختيار نڪري
ويو.
”مان سمجهان ٿو ته جاءِ تي آهي.... ائين ئي بڇڙو
جيئن توهان سڀني جو.... جيئن هي سڀ... ڪوجهيون
شـِـڪليون.“ هن اوچتو ٻڌڻ وارن ڏانهن مـُـنهن
ڪيو. ”منهنجي پيءُ کي ماريو ويو آهي، ۽ هي سڀ
ائين مـِـنهنُ ٿا ڪن ڄڻ کين وڏو ڌڌڪو رسيو هجي.“
هو سخت بـُـڇان وچان گڙيو. ”هـُـو پاڻ ۾ به اِهو
مـِـنهنُ قائم ٿا رکن. ڪـُـوڙا ڪنهن جاءِ جا! هي
سڀ به پنهنجي پيئرن جو موت چاهين ٿا. هڪڙو نانگ
ٻئي کي ڳڙڪائي ٿو. خون نه ٿيو هجي ها ته هي چڙي
وڃن ها، ۽ ٻوٿ بڇڙا ڪيون گهر هليا وڃن ها، کين
تماشو کپي. سرڪاري خرچ تي کاڌو پيتو، وندر ورونهن.
مان ٿو چوان ته ڇا ٿي پيو. پاڻي اٿوَ؟ خدا ڪارڻ
ڍُڪ پياريوم!“ هن اُمالڪ کڻي پنهنجو مٿو جهليو.
چوبدار هڪدم ويجهو آيس. اليوشا ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ رڙ
ڪيائين، ”هي ناچاق آهي. هن تي ويساهه نه ڪريوس.
ڇو ته ٽيئڙ تپُ ٿي پيو اٿس.“ ڪئٽرينا ايوانوف
اُڊڪو کائي اٿي بيٺي ۽ هراس ۾ سوٽاڻجي، ايون کي
گهورڻ لڳي. مـِـتيا اٿي بيٺو ۽ ڀاءُ کي چاهه وچان
تـَـڪـِـڻ لڳو ۽ عجيب ٻڌڻ لڳو.
”پريشان نه ٿيو، مان چريو ناهيان، رڳو خوني
آهيان.“ ايون وري شروع ٿي ويو. ”اوهان ڪنهن
خونيءَ کان خوش ڪلاميءَ جي توقع نٿا ڪري سگهو.“
هن اوچتو ڪنهن خيال ۾ اچي وڌيڪ چيو، ۽ عجيب نموني
کـِـليو.
سرڪاري وڪيل، گهٻرائجي، صدر مٿان نـِـوڙيو. ٻيا به
جج پاڻ ۾ اُڻ تڻ واري سـُـس پـُـس ڪرڻ لڳا.
فيتيوڪووچ ڪن کڙا ڪري ٻڌڻ جي ڪئي، ۽ ٻي طرف هال ۾
ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جي آس ۾ ماٺار ٿي وئي. صدر
اُمالڪ پاڻ کي سنڀاليو:
”ميان شاهد، تنهنجا لفظ سمجهه کان ٻاهر، ٿي
سگهئي، ته پاڻ کي سنڀال ۽ سچ پچ ڪا ڳالهه ڪرڻي
اٿئي ته ڪر، تو جيڪي چيو، تنهن جي تصديق، جي وڦلين
نٿو، ته ڪيئن ڪندين؟“
”اهائي ڳالهه آهي. مون وٽ ڪا ثابتي ڪانهي. هـُـو
ڪتو سـِـميرڊياڪوف ٻئي جهان کان ثابتيون ڪونه
موڪليندو.... لفافي ۾ وجهي. اوهان کي لفافن کان
سواءِ ٻيو ڪـُـجهه سـُـجهي ئي نٿو. هڪڙو ئي ڪافي
آهي. منهنجو ڪو شاهد ڪونهي.... سواءِ هڪڙي شايد
جي!“ هو ڪنهن خيال کان مـُـرڪيو.
”ڪير آ تنهنجو شاهد؟“
”سائين، اُن کي پـُـڇ آهي، ۽ اهو قاعدي جي خلاف
ٿيندو. ڪو ڌيان ئي نه ڏيندو، اهو آهي خسيس ڪهل
جوڳو شيطان،“ هو وراڻيو. هن کـِـلڻ بند ڪيو
جهڙوڪر راز ڏيندي چيائين، ”اهو لاشڪ هـِـتي ڪٿي
آهي، شايد اُن ميز جي هيٺان، جنهن تي ڪيس جون
ثابتيون رکيل آهن. ڀلا اهو اُتي نه ته ٻيو ڪٿي
ويهي؟ ٻڌو، منهنجي ڳالهه ٻڌو. مون کيس ٻڌايو ته
مان ماٺ نٿو رهڻ چاهيان ته هو ڌرتيءَ تي ٻوڙان ٻوڙ
بابت ڳالهائڻ لڳو. ٺلهي چريائپ! اچو، دئت کي آزاد
ڪريو.... هو مناجات ڳائيندو رهي ٿو. اِهو اِن ڪري
ته هن جي هانءَ تي ڪو بار ڪونهي! اِهو ائين آهي،
جيئن ڪو ماڻهو پيالا چاڙهي گهٽيءَ ۾ ٻاڪاري رهيو
هجي ته ڪيئن ’وانڪا پيٽرسبرگ ويو‘۽ مان سرهائيءَ
جي ٻن پلن لاءِ کربن جا کرب ڏيندسُ. اوهان کي
منهنجي ڪا خبر ڪانهي! اوهه! هي سڀ ڪيڏي نه بي عقلي
آهي! اچو، هن جي بدران مون کي جهليو. مان اجايو نه
آيو آهيان.... هيءُ سڀ ايترو ڇسو ڇو آهي؟.....“
۽ هن هوريان هوريان، جهڙوڪر ڪجهه ويچاريندي، وري
ڪورٽ ۾ چوڌاري نظر وڌي. پر ايستائين ڪورٽ ۾ وڏو
ڌمچر مچي چڪو هو. اليوشا هن ڏانهن لـُـوهـَـه
پاتي، پر ڪورٽ جي چوبدار اڳيئي ايون کي وڃي ٻانهن
کان جهليو هو.
”ڇا ٿو ڪرين؟“ هن چوبدار جي مـنهن ۾ چتائي
نهاريندي دانهن ڪئي، ۽ اوچتو کيس ڪلهن کان وٺي کڻي
زور سان فرش تي سٽيائين. پر ايتري ۾ پوليس مٿان
وڃي پيس ۽ قابو ڪري ورتائونس. هو زور زور سان
رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو، ۽ جيترو وقت کيس ٻاهر وٺيو
پئي ويا، سو سارو وقت هو دانهون ڪندي ڪجهه چوندو
رهيو، جيڪو سمجهه ۾ نٿي آيو.
سڄي ڪورٽ ۾ مانڌاڻ متل هئي. جيڪي جيئن جيئن ٿيو،
سو مون کي پوريءَ ريت ياد ڪونهي. مان پاڻ جوش ۾
هـُـيس، ۽ سڀ ڏسي نه سگهيس. مون کي رڳو ايتري
سانڀر آهي ته پوءِ جڏهن چوڌاري ٺاپر اچي چـُـڪي
هئي ۽ هر ڪو ڄاڻي چڪو هو ته ڇا وهيو واپريو هو،
تڏهن ڪورٽ جي چوبدار کي ڇـنڊ پٽائي ويئي، توڻي جو
هن ويچاري وڏي سمجهداريءَ سان وضاحت ڪئي هئي ته
شاهد بلڪل ٺيڪ هو، ۽ ڪلاڪ اڳ کيس ٿوري ڦيري اچڻ تي
ڊاڪٽر تپاسيو هو، ۽ ڪورٽ ۾ اچڻ تائين هـُـو سهج
سڀاءَ سان ڳالهائيندو رهيو هو، سو ڪجهه به اڳ-پسڻ
ناممڪن هو، ۽ نه هـُـن شاهدي ڏيڻ تي پاڻ ضد ڪيو
هو. پر ماڻهو اڃا پورا سامت ۾ نه آيا هئا، ۽ جيڪي
ڪجهه ٿي گذريو هو، تنهن مان پاڻ سنڀالي نه سگهيا
هـُـئا، جو هڪ ٻيو واقعو ٿيو. ڪئٽرينا ايوانوف کي
دورو پيو. هوءَ روئي رڇ ڪرڻ لڳي. کيس ڪورٽ مان
ٻاهر وٺي وڃڻ جي ڪيائون ته پڙ ڪڍي بيهي رهي ۽ پاڻ
ڇڏائڻ جي ڪندي کين چوندي رهي ته کيس اُتان هٽايو
نه وڃي. اُمالڪ هن صدر کي واڪو ڪندي چيو:
”اڃا ساک آهي جا مون کي هڪدم ڏيڻ کپي، هڪدم! اچي
هي ڪاغذ، هي خط وٺو.... وٺو ۽ جلديءَ ۾ پڙهي وٺو،
جلديءَ ۾! هيءُ هـُـن دئت جو خط آهي.... هن همراهه
جو، او هـُـو!“ هـُـن مـِـتيا ڏانهن اشارو ڪيو.
”هـِـن ئي پنهنجي پيءُ کي ماريو آهي، هاڻي جو
هاڻي ڄاڻي وٺندؤ! پر هو ٻيو اگهو آهي، بيمار آهي،
سو وڦلي ٿو!“ هـُـوءَ، پاڻ تي اختيار وڃائي،
دانهيندي رهي.
ڪورٽ جي چوبدار کانئس خط وٺي صدر ڏانهن وڌايو، ۽
هوءَ پنهنجي ڪـُـرسيءَ ۾ ڪـِـري، ٻنهي هٿن سان
منهن ڍڪي، ڳڍڙيون کائيندي بنا آواز جي سـُـڏڪڻ ۽
ٿـڙڪڻ، ۽ انهيءَ ڊپ کان ته متان کيس ڪورٽ مان ٻاهر
نه ڪڍي ڇڏين، نڙيءَ مان نڪرندڙ آواز کي گهٽڻ لڳي.
هن جو ڏنل ڪاغذ اهو خط هو، جيڪو مـِـتيا ’ميٽرو
پوليس‘ گـُـتي ۾ لکيو هو ۽ جنهن کي ايون ’ٻه ڏون
چار جهڙي ثابتي‘ ڄاڻايو هو. افسوس! ان جو ٻه ڏون
چار جيان پختو هجڻ مڃيو ويو، ۽ جي اهو خط نه هجي
ها ته شايد مـِـتيا جو جيڪو حشر ٿيو، تنهن کان بچي
وڃي ها. ٻيو نه ته هن جو انت گهٽ ڀوائتو هجي ها.
مان وري چوان ٿو ته ذري پـُـرزي جي خبر رکڻ ڏکيو
هو. جيڪي پوءِ وهيو واپريو، سو منهنجي دماغ ۾ اڃا
تائين منجهيل آهي. صدر لازمي طرح اهو ڪاغذ ٻين
ججن، جيوريءَ ۽ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي پڙهايو
هوندو. مون کي رڳو ايترو ياد آهي ته هـُـنن شاهد
کان پـُـڇا ڪيئن شروع ڪئي. جڏهن صدر کانئس
سٻاجهائيءَ سان پڇيو ته هوءَ پوريءَ ريت سامت ۾
اچي وئي هـُـئي، تڏهن هـُـن اتاولائيءَ سان واڪو
ڪيو:
”مان تيار آهيان، مان تيار آهيان! مان اوهان کي
بلڪل ورندي ڏيڻ جوڳي آهيان.“ هن وڌيڪ چيو، شايد
ڊپ هـُـيس ته کيس ڪيئن به ڪري شاهدي ڏيڻ کان روڪيو
ويندو. کيس چيو ويو ته سربستو احوال ٻـُـڌائي ته
اِهو خط ڇا هو ۽ کيس ڪيئن مليو هو.
”مون کي اهو ڏوهه ٿيڻ کان هڪڙو ڏينهن اڳ مليو هو،
۽ لکيو ان کان به هڪڙي ڏينهن اڳ گـُـتي ۾ ويو هو،
يعني جنهن ڏينهن ماريائين، تنهن کان ٻه ڏينهن اڳ.
ڏسو، اهو ڪنهن قسم جي بـِـل تي لکيل آهي.“ هـُـن
اُڀساهيءَ سان چيو، ”ان مهل مون لاءِ ڌڪار
هـُـيس، ڇو جو بڇان جهڙو ڪم ڪيو هئائين، ۽ هـُـن
رَن جي پٺيان لڳل هو.... آئون منٽس اهي ٽئي هزار
گهرندي هيس.... اوهه! هـُـن پنهنجي ڪميڻائپ جي ڪري
انهن ٽن هزارن تان پاڻ کي گهٽ ٿئي سمجهيو! انهن
ٽـِـن هزارن جو قصو هيئن آهي. منهنجو عرض آهي،
منهنجي وينتي آهي ته مون کي ٻڌو. هو پنهنجي پيءُ
کي مارڻ کان ٽي هفتا اڳ هڪڙي صبح جو مون وٽ آيو
هو. مون کي پتو هو ته کيس ڏوڪڙ کپن ۽ ڇو کپن. ها،
ها- اُن رن کي پاڻ سان ٺاهڻ ۽ وٺي وڃڻ لاءِ. مون
کي تڏهن خبر هـُـئي ته هـُـن مون سان ڊوهه ڪيو هو
۽ مون کي ڇڏڻ ٿي چاهيائين، ۽ اِها مان، مان
هـُـيس، جنهن کيس اهي ڏوڪڙ ڏنا، جنهن کيس اهي
انهيءَ بهاني سان آڇيا ته منهنجيءَ ڀيڻ کي ماسڪو
ڏياري موڪلي. مون سندس منهن ۾ نهاريندي چيو ته هو
اِهي ڏوڪڙ جڏهن چاهي، تڏهن موڪلي سگهي ٿو، ڀـلي
مهيني سوا ۾! هو ڪيئن نه سمجهي سگهيو هوندو ته مان
کيس منهن تي چئي رهي آهيان. ’توکي ڏوڪڙ کپن ته
جيئن پنهنجي رن لاءِ مون سان ڪوڙو ٿين. هي اٿئي
ڏوڪڙ، مان پاڻ ٿي توکي ڏيان. هي وٺ، جي تو ۾ ذرو
به حياءُ ڪونهي ته وٺ!‘ مون ڏسڻ ٿي چاهيو ته هو
ڪيتري پاڻيءَ ۾ هو، ۽ ٿيو ڇا؟ هـُـن ورتا ۽ اُن رن
سان هڪڙيءَ رات ۾ اُڏائي ڇڏيائين... پر کيس پتو
هو، کيس پتو هو ته مان سڀ ڄاڻان ٿي. مان اوهان کي
يقين ٿي ڏياريان ته هن ڄاتو ٿي ته مان اِهي ڏوڪڙ
ڏيئي کيس آزمائي رهي هيس، اهو ڏسڻ لاءِ، سندس غيرت
ايتري مري وئي هئي ته مون کان ڏوڪڙ وٺي. مون هن جي
اکين ۾ نهاريو ۽ هن منهنجين ۾، ۽ سڀ ڪجهه
سمجهيائين ٿي ۽ ڏوڪڙ وٺي ڇڏيائين- ۽ هليو ويو!“
”اهو سچ آهي، ڪاتيا.“ مـِـتيا اوچتو گجگوڙيو،
”مون تنهنجين اکين ۾ ڏٺو ۽ مون کي خبر هـُـئي ته
تون مون کي بيمانو ڪري رهي هـُـئينءَ ۽ تڏهن به
مون اهي ڏوڪڙ ورتا. مون کي بدمعاش سمجهندي مون کان
نفرت ڪر، اوهان سڀ مون کي ڌِڪاريو! مان اِن تي
لائق آهيان!“
”قيدي“ صدر رڙ ڪئي، ”اکر به وڌيڪ ڪڇيو اٿئي ته
توکي هـِـتان هٽرائي ڇڏيندس.“
”اِهي ڏوڪڙ هن لاءِ وڏو عذاب هئا.“ ڪاتيا
اُٻهرائي وچان وري چوڻ لڳي. ”هن مون کي موٽائڻ ٿي
گهريا، اهو سچ آهي ته موٽائڻ ٿي گهريائين، پر کيس
هـُـن رَن لاءِ اهي کپندا به هـُـئا. سو هن پنهنجي
پيءَ کي ماري ڇڏيو، پر پئسا مون کي موٽائي ڪونه
ڏنائين ۽ ان رَن سان اوڏانهن هليو ويو، جتان
گرفتار ٿيو. اُتي هـُـن اها رقم پڻ دُڦ ڪري ڇڏي،
جيڪا پيءُ کي ماري چورائي هئائين ۽ خون کان هڪڙو
ڏينهن اڳ مون کي اهو خط لکيائين. جڏهن لکيائين،
تڏهن پيتل هو. اِهو مان خط پڙهڻ سان ئي سمجهي وئي
هـُـيس. هن اِهو بغض مان لکيو هو، اِهو پختو يقين
رکندي ته مان اِهو ڪنهن کي به ڪونه ڏيکارينديس. سچ
پچ ماري ڇڏيائين تڏهن به نه، نه ته هو ڪڏهن به نه
لکي ها، ڇوته کيس پتو هو ته مان اِهو نه چاهينديس
ته کانئس وير وٺان ۽ کيس برباد ڪريان! پر اهو
پڙهو، ڌيان سان پڙهو، مهرباني ڪري وڌيڪ ڌيان سان-
اوهان ڏسندا ته هن سڀ ڪجهه اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو هو
ته هو پيءُ کي ڪيئن ماريندو ۽ رقم ڪٿي رکيل
هـُـئي. ڀلائي ڪري ڏِسو، ان ۾ هڪڙو جملو آهي
’هيڏانهن ايون ويو، هوڏانهن مان کيس ماري ڇڏيندس.‘
اِهو ضرور ڌيان ۾ رکو. سو هن اهو سڀ اڳواٽ ئي رٿي
ڇڏيو هو ته کيس ڪيئن ماريندو،“ ڪئٽرينا ايوانووف
ڪورٽ کي خبيث ۽ وِهاٽيل سوڀ واري لهجي ۾ چتايو.
اوهه! اِهو بلڪل چٽو هو ته هـُـن خط جي سـِـٽَ
سـِـٽ پڙهي هـُـئي، ۽ ان ۾ لڪل هر مامَ پروڙي
هـُـئي: ”پـِـيتل نه هجي ها ته مون کي ڪونه لکي
ها، پر ڏسو، ان ۾ اڳواٽ ئي سڀ ڪجهه لکيل آهي ۽
بلڪل ائين ئي ماريائين!“ هوءَ جوش وچان واڪو ڪندي
چئي ويئي.
هاڻي کيس نتيجن جي ڪا پرواهه ڪانه هـُـئي، توڻي جو
هن اُهي بيشڪ مهينو اڳ - پـَـسي ورتا هئا، ڇو جو
تڏهن به هـُـن، شايد ڪاوڙ وچان ڏڪندي، اها ڳڻ ڳوت
ڪئي هئي ته ڪيس هلي ته خط ظاهر ڪري يا نه. هاڻي ته
هـُـن ائين ڪري ڇڏيو هو. مون کي ياد آهي ته ڪلارڪ
اهو خط ستت پوءِ ڏاڍيان پڙهي ٻڌايو هو، جنهن جو
زبردست اثر ٿيو.
”اِهو منهنجو آهي منهنجو!“ مـِـتيا رڙ ڪئي،
”مان پيتل نه هـُـجان ها ته نه لکان ها....! اسان
هڪ ٻئي کي ڪيترين ئي ڳالهين تان ڌڪاريو آهي، پر
مان قسم سان ٿو چوان ته مون کي توسان تڏهن به پيار
هو، جڏهن مون توکي ڌڪاريو ٿئي، پر توکي مون سان
پيار ڪونه هو!“
هو پنهنجي ڪـُـرسيءَ ۾ ڊهي پيو ۽ نراسائيءَ مان هٿ
مهٽڻ لڳو. سرڪاري ۽ بچاءَ جي وڪيلن ڪيٽرينا
ايوانوف کان آڏي پـُـڇا شروع ڪئي، خاص طرح اهو
معلوم ڪرڻ لاءِ ته هـُـن اهڙو اهم دستاويز لڪايو
ڇو هو ۽ پنهنجي اڳينءَ شاهدي ايتري مختلف جذبي ۽
لهجي ۾ ڇو ڏني هئائين.
”برابر، برابر، اڳي مون ڪوڙ ٿي ڳالهايو. مان
پنهنجي مانَ ۽ ضمير جي خلاف ڪوڙ ڳالهائي رهي
هـُـيس، پر مون کيس بچائڻ ٿي چاهيو، توڻي جو هن
مون کي ڌِڪاريو ۽ ڪين جهڙو ڄاتو آهي!“ ڪاتيا جوش
وچان واڪو ڪيو. ”او، هـُـن مون کي سخت ڌِڪاريو ۽
تـِـڇ سمجهيو آهي ۽ اوهان کي خبر هـُـجي ته هن مون
کي تنهن گهڙيءَ کان تـِـڇ سمجهيو آهي، جنهن گهڙيءَ
مان انهن ڏوڪڙن ڏيڻ وقت هن آڏو جهڪي هـُـيس. مون
اِهو صحي ڪيو هو.... مون اهو ان وقت ئي محسوس ڪري
ورتو هو، پر ڪافي وقت تائين ويساهه ڪونه ڪيو هوم.
هاءِ، ڪيترا ڀيرا مون هن جي اکين ۾ پڙهيو آهي،
”تون آئي پنهنجي مرضيءَ سان هـُـئينءَ“ . اوهه،
هن سمجهيو ئي ڪونه ٿي، کيس ڪا سـَـهمـُـڪ ئي ڪانه
هـُـئي ته مان هن ڏي ڇو ڊوڙي هـُـيس، هن کي رڳو
نيچپڻو ئي پرکڻ اچي ٿو، سو هن مون کي به پنهنجي
پرڪارين پرکيو، هن هر ڪنهن کي پاڻ جهڙو ٿئي ڄاتو.“
ڪاتيا چرين وانگر ڦوڪاريو، ” ۽ هن مون سان
انهيءَ لاءِ پرڻجڻ ٿي چاهيو جو مون کي ورثي ۾
جهجهو ڌَن مليو هو، انهيءَ لاءِ ئي، انهيءَ لاءِ
ئي! مون هميشه اهو سمجهيو ته انهيءَ لاءِ ئي!
اوهه، هي ڍور آهي ڍور! هن کي يقين هو ته مان هـُـن
آڏو هميشه شرمساريءَ وچان ڏڪندي رهنديس، ڇو مان ئي
پهريون هن ڏي وئي هيس ۽ کيس اِهو حق هو ته مون کي
انهيءَ ڪري سدائين ڪينَ جهڙو ڄاڻي، ۽ مون کان اُتم
رهي- ها، انهيءَ ڪري ئي هـُـن مون سان پرڻجڻ ٿي
چاهيو! ائين ئي آهي، سڀ ڪجهه ائين ئي آهي. مون
پنهنجي پيار سان کيس جيتڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙو پيار
جنهن جو ڪو انت ڪونه هو، مون هن جي بيوفائي به
درگذر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: پر هن ڪجهه نه سمجهيو،
ڪجهه به نه! هو ڪيئن ٿي سمجهي سگهيو ڀلا؟ هو دئت
آهي! مون کي اهو خط ٻئي ڏينهن پوياڙيءَ جو مليو:
اهو مون وٽ گـُـتي کان آندو ويو هو- تنهن ڏينهن ئي
مون کيس سڀڪجهه معاف ڪرڻ ٿي چاهيو، سڀڪجهه، ويندي
سندس دغا پڻ!“
صدر ۽ سرڪاري وڪيل برابر کيس خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش
ڪئي. مان ائين وسهڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته هنن
سندس دوري مان فائدي وٺڻ ۽ اهڙين قبوليتن تان
شرمساري ٿي محسوس ڪئي. مون کي هنن جو کيس اهو چوڻ
ياد ٿو پوي، ”اسين سمجهون ٿا، اهو تنهنجي لاءِ
ڪيترو نه ڪٺن آهي، يقين ڪر، اسانکي تنهنجو احساس
آهي.“ وغيره وغيره. پر تڏهن به هنن هڪ وڦلندڙ ۽
دوري ۾ ورتل عورت کان سڄي ساک ڇڪي ڪڍي. نيٺ هن اڻ
رواجي چٽائيءَ سان، جهڙي اڪثر توڻي جو ويرم لاءِ،
اهڙين بيحد جوش وارين حالتن ۾ ڏٺي ويندي آهي، بيان
ڪيو ته ڪيئن ايون پنهنجي هن ”دئت ۽ خوني“ ڀاءُ
کي گذريل ٻن مهينن کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ذري گهٽ
چريو ٿي پيو هو.
”هن پاڻ کي آزار ۾ وڌو.“ هوءَ چوڻ لڳي، ”هو
هميشه پنهنجي ڀاءُ جو ڏوهه گهٽائڻ جي ڪندو هو، ۽
مون سان باسيندو هو ته کيس پنهنجي پيءُ سان ڪڏهن
به پيار نه رهيو هو، ۽ شايد هو پاڻ به سندس موت جو
ڪانکي هو. هن جو اندر ڪونئرو، بيحد ڪونئرو آهي! هن
مون سان هر ڳالهه ڪئي، هر ڳالهه! هو روز مون ڏي
ايندو هو ۽ مون کي پنهنجو اڪيلو دوست ڄاڻي، اندر
پيو اوريندو هو! مون کي هن جي اڪيلي دوست هجڻ جو
اعزاز حاصل آهي!“ هن اُمالڪ بي پرواهه لهجي ۾
واڪو ڪيو ۽ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. ”هو ٻه ڀيرا
وڃي سميرڊياڪوف سان مليو هو. هڪڙي ڏينهن هو مون وٽ
آيو ۽ چيائين، منهنجي ڀاءُ نه پر سميرڊياڪوف خون
ڪيو هو (تن ڏينهن هر هنڌ اها چئو پچئو ٿيڻ لڳي هئي
ته خون سميرڊياڪوف ڪيو هو) ته پوءِ شايد مان به
ڏوهي آهيان، ڇو ته سميرڊياڪوف کي خبر هئي ته مون
کي پنهنجو پيءُ ناهي وڻندو ۽ ڄاتائين ٿي ته مان
پنهنجي پيءُ جي موت جو خواهشمند آهيان، تنهن تي
مون خط آڻي کيس ڏيکاريو هو، هو پوري طرح قائل ٿي
ويو هو ته خون ڀاڻس ڪيو هو. انهيءَ ڳالهه کيس
نـِـهوڙي ڇڏيو هو. اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگهيو
ته سندس پنهنجو ڀاءُ پيءُ جو خوني هو! هفتو کن اڳي
مون ڏٺو ته اها سوچ کيس بيمار ڪري رهي آهي. گذريل
ٿورن ڏينهن کان هو منهنجي سامهون ڇڙ ڇڙ ڳالهائيندو
رهيو آهي. مون ڏٺو ته هن جو دماغ ڍرڪندو پيو وڃي.
هو ايندي ويندي وڦلڻ لڳو. کيس گهٽيءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي
ڏٺو ويو هو. ماسڪو کان آيل ڊاڪٽر منهنجي چوڻ تي
ٽيون ڏينهن کيس تپاسيو هو ۽ مون کي ٻڌايو هئائين
ته کيس ڪاپاري تپ ٿيڻ وارو هو. ۽ اهو سڀ هن جي
ڪري، هن دئت جي ڪري! ۽ پوئين رات کيس خبر پئي ته
سميرڊياڪوف پاڻ ماري ڇڏيو هو. انهيءَ تان کيس
ايترو ڌڌڪو پهتو جو هو چريو ٿي پيو ۽ سڀ هن دئت جي
ڪري، سڀ هن دئت کي بچائڻ خاطر!“
ووءِ، ائين اندر جو اٿلڻ، ائين پاڻ اورڻ، حياتيءَ
۾ هڪڙو ڀيرو ٿيندو آهي مرڻ مـِـهل. مثال طور،
سوريءَ ڏانهن ويندي! پر اِهو ڪاتيا جي سڀاءَ ۾ هو،
۽ هي سندس حياتيءَ جي اهڙي ئي مهل هئي. هيءَ اها
ساڳي منهن زور ڪاتيا هئي، جنهن پنهنجي پيءُ کي
بچائڻ لاءِ پاڻ کي هڪڙي اوباش جوان جي رحم ڪرم تي
کڻي ڇڏيو هو. ساڳئي ڪاتيا، جنهن ٿورو اڳ پنهنجي
ايمان ۽ ستيا جي مهابي، هنن سڀني جي اڳيان، پاڻ ۽
پنهنجي ڪنوارپ واري حياءَ کي گهوريندي،متيا جي
ٻاجهاري هلت جو ذڪر ڪيو هو ته جيئن سندس نصيب جي
سختيءَ کي ٿورو نرم ڪري سگهي، ۽ هاڻي پڻ هن پاڻ
گهوريو هو، پر هن ڀيري ڪنهن ٻئي لاءِ ۽ شايد هينئر
هينئر ئي هن محسوس ڪيو هو ۽ کيس پروڙ پئي هئي ته
اهو ٻيو کيس ڪيترو نه پيارو هو! هن ان ٻئي لاءِ
دهشت ۾ اچي ۽ اهو وسهي پاڻ گهوريو هو ته هن اهو
چئي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو هو ته خون ڀاڻس نه
پر هن ڪيو هو. هن کيس بچائڻ لاءِ، سندس ناموس کي
بچائڻ لاءِ پاڻ گهوريو هو!
۽ ان هوندي به هڪڙو ڀوائتو شڪ دل ۾ جاڳيو ٿي - ڪٿي
هوءَ متيا سان پنهنجن اڳوڻن ناتن بابت ڪوڙ ته نه
ڳالهائي رهي هئي؟ - اهو هو سوال. نه، هن متيا تي
اهو چئي ڄاڻي ٻجهي ڇنڊا نه اڇلايا هئا ته متيا کيس
پاڻ آڏو جهڪڻ تان تڇ ڄاتو هو! هوءَ پنهنجي ليکي
ائين وسهي رهي هئي. هوءَ جهڪڻ واري گهڙيءَ کان ئي
ان ڳالهه جي پوريءَ ريت قائل ٿي چڪي هئي ته ساديءَ
دل وارو متيا تنهن وقت به مٿس کلندو هو، کيس ڪين
جهڙو سمجهندو هو، جنهن وقت هو کيس پوڄيندو هو.
هوءَ ساڻس پنهنجي اڀمان، ڦٽيل اڀمان کان محبت ڪندي
رهي هئي ۽ اها محبت هيجاني ۽ ”چچريل“ هئي، اها
محبت ڪا محبت جهڙي نه هئي، پر وير جهڙي وڌيڪ هئي.
اوهه، پر اها چچريل محبت سچي محبت جو روپ وٺي وڃي
ها، شايد ڪاتيا جي به اهائي، سقڀ کان وڌيڪ، سڌ
هئي. پر متيا جي بيوفائيءَ سندس اندر پري تائين
گهائي ڇڏيو هو، ۽ سندس دل کيس معاف ڪرڻ تي نه وري
هوندي. وير وٺڻ جي ويل اوچتو مٿان اچي پئي هئي، ۽
اهو سڀ ڪجهه ايتري گهڻي مـُـدي کان ڏکندي ڪٺو
ٿيندو رهيو هو، سو هن چـِـڙيل عورت جي سيني منجهان
ڦاٽ کائي هڪدم ۽ بنا ڪنهن اڳواٽ چتاءَ جي، سڄي جو
سڄو ٻاهر نڪري آيو هو. هن متيا سان دغا ڪئي هئي ته
پاڻ سان به دغا ڪئي هئائين، ۽ جيئن ئي هن پنهنجي
جذبات جو پورو پورو اظهار ڪري ورتو، تيئن ئي تاءُ
لهي ويس ۽ هن کي شرم ساريءَ اچي ورايو. کيس وري
روڄ راڙي جو دورو اچي پيو: هوءَ، سڏڪندي ۽ رڙندي،
فرش تي ڪري پئي. کيس ٻاهر نيو ويو. ان ئي مهل
گروشينڪا، ان کان اڳ جو ڪوئي کيس روڪي سگهي، متيا
ڏانهن لوهه ڪئي.
”متيا تنهنجي نانگڻ توکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي!“
هن دانهن ڪئي ۽ ڪروڌ وچان سڄي ڪنبندي ججن کي رڙ
ڪري چيائين جو، ”ڏٺوَ، آخر ظاهر ٿي پئي نه!“
صدر جي اشاري تي کيس جهلي ٻاهر نيڻ جي ڪئي وئي،
پر هن ائين ڪرڻ نه پئي ڏنن ۽ وڙهي پاڻ ڇڏائي متيا
ڏانهن موٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. متيا دانهن ڪري هن
ڏانهن وڌڻ جي ڪئي ته کيس کنڀي ويهاري ڇڏيائون.
مان سمجهان ٿو ته جيڪي عورتون تماشو ڏسڻ آيون
هيون، سي ضرور خوش ٿيون هونديون. تماشو هوئي
رنگارنگي. مون کي ياد ٿو پوي ته ان کان پوءِ ماسڪو
وارو ڊاڪٽر پرگهٽ ٿيو هو. منهنجو خيال آهي ته
صدرکيس چوبدار موڪلي ايون جي تپاس لاءِ گهرايو هو.
ڊاڪٽر ڪورٽ ۾ اچي اعلان ڪيو ته مريض تي ڪاپاري تپ
جو خطرناڪ حملو ٿيل آهي، سو کيس هڪدم هتان هٽايو
وڃي. فريادي ڌر ۽ بچاءَ جي وڪيلن جي پڇا تي هن
ٻڌايو ته مريض ٽيون ڏينهن پنهنجي منهن وٽس آيو هو
۽ هن کيس چتايو هو ته مٿس اهڙو حملو ٿيڻ وارو هو،
پر هن پنهنجي سار سنڀال لهڻ کان انڪار ڪيو هو.
”سندس دماغي حالت يقيني طرح معمول واري نه هئي.
هن پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته کيس جاڳندي روح نظر
ايندا آهن، ۽ کيس گهٽين ۾ اهڙا ماڻهو گڏبا آهن،
جيڪي مري چڪا آهن، ۽ هر پوياڙيءَ جو ابليس وٽس
ايندو آهي.“ ڊاڪٽر ڳالهه پوري ڪندي چيو. مانوارو
ڊاڪٽر شاهدي ڏيئي هليو ويو، ڪيٽرينا ايوانوف جو
ڏنل خط ڏوهه جي سامگري ثابتين ۾ شامل ڪيو ويو، ججن
ڳڻ ڳوت ڪري ڪاروائي جاري رکڻ ۽ ايون ۽ ڪيٽرينا
ايوانوف جي شاهدين کي ڪيس جي حـصي بنائڻ جو فيصلو
ڪيو.
پر مان ٻين شاهدن جي ساکن جو وچور ڪونه ڏيندس، ڇو
ته هنن جيڪي اڳيئي چئجي چڪو هو، تنهن کي ورجايو ۽
ٽيڪو ڏنو، توڻي جو هر ڪنهن جو انداز پنهنجو پنهنجو
هو. مان ورجايان ٿو ته سرڪاري وڪيل جي تقرير ۾
جيڪا مان ستت نقل ڪندس، سڀڪجهه شامل هو. هر ڪو جوش
۾ هو، هر ڪو هن نئين آفت تان ٿرٿلي ۾ هو ۽ سڀ
سرڪاري ۽ بچاءَ وارن وڪيلن جي تقريرن جو بيچينيءَ
سان انتظار ڪري رهيا هئا. فيوڪوچ کي ڪيٽرينا
ايوانوف جي شاهديءَ چڱو لوڏي ڇڏيو هو. پر سرڪاري
وڪيل اتساهيل هو. سڀ شاهديون ٿي چڪيون هيون، سو
ڪورٽ ڪلارڪ کن لاءِ مهمل ٿي وئي. مان سمجهان ٿو ته
اٺ اچي ٿيا هئا، جڏهن صدر موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي
ويٺو ۽ سرڪاري وڪيل، اپولٽ ڪردووچ، پنهنجي تقرير
شروع ڪئي.
dc
باب ڇهون
سرڪاري وڪيل جي تقرير. ڪردارن جا خاڪا
اپولٽ ڪردووچ تقرير شروع ڪئي ته ڊپ وچان سڄو ڏڪي
رهيو هو ۽ نرڙ تي ٿڌو پگهر هوس، ۽ پاڻکي ڪڏهن ٿڌو
ڪڏهن ڪوسو ٿي محسوس ڪيائين. پنهنجي اها حالت هن
پوءِ پاڻ ٻڌائي. هن پنهنجي تقرير کي، پنهنجي هن
شاهڪار کي، پنهنجي ساري حياتيءَ جي شاهڪار کي
پنهنجو آخري ڪارنامو ڪوٺيو. اها حقيقت آهي ته نو
مهينا پوءِ هو سلهه وگهي گذاري ويو. سو جيئن پوءِ
سندس لاڏاڻي ظاهر ڪيو، کيس حق هو ته پاڻ کي،
پنهنجو آخري گيت ڳائيندڙ راج هنس سان ڀيٽي. هن
پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي سموري دل ۽ سمورو دماغ
سموئي ڇڏيو. ۽ ويچاري اپولٽ ڪردووچ، غير متوقع طور
تي، ظاهر ڪيو ته کيس عام ڀلائيءَ ۽ ”ازلي سوال“
جو ٿورو ڪي گهڻو احساس بهرحال هو. سندس تقرير جي
وڏي ۾ وڏي خوبي هئي ان جو خلوص. کيس قيديءَ جي
ڏوهي هجڻ جو پورو يقين هو! هن فقط سرڪاري فرض جي
بجا آوريءَ ۾ مٿس ڏوهه نٿي رکيو، ۽ سزا جي گهر
ڪيائين ته هو ”سماج جي ڀلائيءَ“ لاءِ واقعي تڙپي
رهيو هو. اُتي ويٺل عورتن اپولٽ ڪردووچ جي بر خلاف
هوندي به پوءِ اهو مڃيو ته هن مٿن غير معمولي تاثر
ڇڏيو هو. اپولٽ ڪردووچ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس
آواز ڀڳل هو. پر پوءِ اهو سگهارو ٿي ويو ۽ ڪورٽ ۾
تقرير جي پڄاڻيءَ تائين گونـجندو رهيو.
”جيوريءَ جا صاحبو!“ ، سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع
ڪيو، ”هن ڪيس جو سڄي روس ۾ چؤٻول ٿيو آهي. پر ان ۾
آخر ڇا آهي، جنهن تي اچرچ کائجي، اسان ان کان ڇو
هراسجون؟ اسان اهڙن ڏوهن تي ايترا هري جو ويا
آهيون! اهائي ڳالهه ته هراسيندڙ آهي ته اهڙا ڪڌا
ڪم هاڻ اسان کي ڊيڄارين ئي نٿا. اسانکي هـِـن يا
هـُـن ڏوهه کان نه پر ان ڳالهه تان ڊڄڻ جڳائي ته
اسان انهن سان هري ويا آهيون. اِهي ڪم، اهي ڪڌا
ڪم، جيڪي هاڻوڪي زماني جو اهڃاڻ، ريس نه ڪرڻ جهڙي
آئندي جا بدسوڻ آهن، تن ڏانهن اسان جي بي حسيءَ،
اسان جي ننهن سوسڙي روش جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڇا اهو
اسان جو ڪلپْ
(1)
آهي، ڇا اهو هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو جوان هجڻ جي
باوجود ڳري سڙي رهيو آهي، سونجهه ۽ ساڃهه جو وقت
کان اڳ ٿڪجي پوڻ آهي؟ ڪٿي ائين ته نه آهي ته اسان
جا اخلاقي اصول پاڙئون پٽجي ويا آهن، يا شايد اسان
وٽ اهي ماڳهين آهن ئي ڪو نه؟ مان انهن سوالن جا
جواب نٿو ڏيئي سگهان، اهي بهرحال آهن پريشان ڪندڙ،
۽ هرشهريءَ کي نه رڳو لازم آهي پر جڳائي ته انهن
کان هراسجي. اسان جي نئين ڄاول پريس اڳيئي خلق جي
چڱي خدمت ڪئي آهي، ڇالاءِ جو اهائي آهي جيڪا نه
رڳو هاڻوڪي راڄ ۾ نئينءَ مان برپا ڪيل جيوري ڪورٽن
جي صاحبن کي بلڪ اسان کي اواڳي ڏاڍ ۽ اخلاقي
ابتريءَ کان لاڳيتو باخبر ڪندي رهي ٿي، ۽ اسان ذري
گهٽ روز اهڙيون ڳالهيون پڙهندا آهيون، جن جي ڀيٽ ۾
موجوده ڪيس بيرنگ ٿي وڃي ٿو ۽ ذري گهٽ خسيس ڀاسي
ٿو. پر وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ملڪ ۾ ڏاڍ وارن ڏوهن
جي گهڻائي ڏيکاري ٿي ته اسان پري پري تائين انهيءَ
برائيءَ ۾ اهڙا ته وٺجي ويا آهيون جو هاڻ ان کي
منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
”هڪڙي ڏينهن اسان اعليٰ طبقي جي هڪ شاندار جوان
علمدار کي، پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ۾ بزدلاڻي
ٺڳيءَ سان، ضمير جي سٺ کان سواءِ، هڪ اهڙي علمدار
کي، جنهن جا مٿس احسان هئا، ۽ سندس نوڪرياڻيءَ کي
ماريندي ۽ سندس قرضي هجڻ جو ڪاڳر توڙي جيڪا روڪڙ
سندس کيسن مان هٿ آيس، سا چورائيندي ڏسون ٿا،
”اها مون کي فيشني دنيا ۾ عيش ڪرڻ ۽ ڪئريئر ٺاهڻ
جي ڪم ايندي،“ کين مارڻ کان پوءِ هو سندس مٿن
هيٺان وهاڻا ڏي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. هڪ ٻيو جوان
سورمو، بهادريءَ جو ٻلو ماڻيندڙ، پنهنجي بالا
عملدار ۽ محسن جي ماءُ کي رهزنن وانگر ماري ٿو، ۽
پنهنجي ساٿين کي ساڻس شامل ٿيڻ تي هشڪاريندي چوي
ٿو، ”هوءَ مون کي پٽ ڪري ڀانئي ٿي، ۽ ان ڪري
منهنجا سڀ چوڻ ڪندي ۽ ڪي احتياطي اُپاءُ نه
وٺندي.“ قبوليم ته هو دئت آهي، پر مون ۾ جرائت
ناهي جو کيس هن زماني ۾ اڻمٽ چوان. ٻيو ڪو ماڻهو
خون ته ڪندو، پر هن جيان ئي محسوس ڪندو ۽ سوچيندو،
۽ روحاني طرح هن جهڙوئي بي ايمان آهي، هو شايد
سانت ۾، پنهنجي ضمير سان اڪيلو هوندي، پاڻ کان پڇي
ٿو، ”مانُ ڇا آهي، ۽ ڇا رتوڇاڻ کي نندڻ تعصب نه
آهي؟“
”شايد ماڻهو منهنجي برخلاف واڪو ڪن ته مان بيمار
ذهنيت وارو آهيان ۽ وڦلان پيو، ۽ مان ڀوائتي الزام
تراشي پيو ڪريان، ته مان مبالغي کان ڪم پيو وٺان.
ڀلي ائين چون، ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته جي ائين هجي ته
مان پهريون ماڻهو هوندس، جيڪو خوش ٿيندو! ڀلي مون
تي ويساهه نه ڪريو، ڀلي مون کي بيمار ذهنيت وارو
سمجهو، پر منهنجا لفظ ياد رکجو، جيڪي مان چوان ٿو،
ان جي رڳو ڏهين پتي، رڳو ويهين پتي به حقيقت آهي
ته پوءِ اها خوفناڪ آهي! ڏسو، اسان جا جوان ڪيئن
نه آپگهات پيا ڪن، هئملٽ
(1)
واري انهيءَ سوال پڇڻ کان سواءِ ته اڳتي ڇا آهي:
وٽن انهيءَ سوال جو نالو نشان به ڪونهي ڄڻ ته جيڪي
ڪجهه روح سان، يا قبر کان اڳتي اسان سان ڇا ٿيندو،
تنهن سان واسطو رکي ٿو، سو سندن ذهنن تان گهڻو اڳ
ميسارجي ۽ واريءَ ۾ اونهو پورجي چڪو آهي. اسان جي
بدڪارين ڏانهن، اسان جي اوباشين ڏانهن ڏسو. انهن
مان گهڻن جي ڀيٽ ۾ هن ڪيس جو بدنصيب شڪار،
فيودورپالووچ، جهڙوڪ معصوم ٻار وانگر آهي. ۽ اسان
سڀ هن کي سڃاڻيندا هئاسون، هن اسان سان ئي وقت
گهاريو هو.
”هائو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن روس ۽ يورپ جا مکيه
ڏاها روس ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي نفسيات جو اڀياس ڪندا،
ڇو ته اهو موضوع اهڙي اڀياس جي لائق آهي، پر اهو
اڀياس اڳتي هلي آرام سان ڪيو ويندو، جڏهن اڄوڪي
دور جي درناڪ اُبت سـُـبت گذري چڪي هوندي. تڏهن
اهو اڀياس بي ريائي ۽ سوجهه سان ٿي سگهندو، تنهن
کان وڌيڪ جيترو مان ڪرڻ جهڙو آهيان. هاڻي اسان
هڄيا آهيون يا هڄي وڃڻ جو مـِـنهنُ ڪندا آهيون،
توڻي جو حقيقت ۾ اسان تماشي مان مزو پيا وٺندا
آهيون، ۽ اهڙي زورائتي ۽ مستاني جذبات سان پيار
ڪندا آهيون، جيڪا اسان جي پرواهه ۽ لاڏ ڪوڏ سان
نپايل آلسپڻي کي ڪتڪتائي ڪري. يا، ٻارن وانگر،
اسان ڊيڄاريندڙ ڀوتن کي هٿ سان پري ڪري ڇڏيندا
آهيون ۽ پنهنجا مٿا وهاڻن هيٺان لڪائي انتظار ڪندا
آهيون ته اهي ڀوت ٽري وڃن ته اسان پنهنجي راندين ۽
کيل تماشي ۾ شروع ٿيون. پر اسانتي لازم آهي ته
ڪنهن ڏينهن حياتي ڳنڀير سچيتائيءَ سان شروع ڪريون
۽ پاڻکي هڪ سماج جي حصي طور ڏسون. وقت اچي ويو آهي
ته اسان پنهنجي سماجي حيثيت مان ڪجهه پرائڻ جي
ڪوشش ڪريون، يا گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ ڏس ۾ اڳتي وڌڻ
شروع ڪريون.
”اڳين دور جو مهان ليکڪ
(1) روس کي ڪنهن اڻڄاتل ماڳ ڏانهن چوپيري ڀڄندڙ
تيز رفتار ٽروئيڪا(2)
سان ڀيٽيندي، واڪو ڪري ٿو، ”اڙي ٽروئيڪا، بگيءَ
جهڙي ٽروئيڪا، توکي ڪنهن ايجاد ڪيو،“ ۽ فخر سان
مستيءَ ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته ساري دنيا جا انسانو، ادب
۽ احترام سان هٽي بيهو ۽ ڇڙواڳ ڀڄندڙ ٽروئيڪا کي
لنگهي وڃڻ جو رستو ڏيو. ائين هجي ته هجي، ڀل اهي
پري ٿي بيهن، ادب ۽ احترام سان يا نه، پر مون
مسڪين جو خيال آهي ته مهان ليکڪ پنهنجي ڪتاب جي
اها پڄاڻي يا ته ٻاراڻي ۽ اياڻي پـُـراميديءَ جي
گهڻائيءَ کان يا وري سندس زماني واري سينسرشپ جي
ڊپ کان ڪئي آهي، ڇا لاءِ ته ٽروئيڪا کي ڇڪيندڙ
سندس ٽيئي سورما سوباڪيوچ، نازڊرائوف ۽ تتچ چيفخوف
هئا ته پوءِ اها ڪنهن به مناسب ماڳ تي ڪونه پڄڻي
هئي، کڻي ان جو هڪليندڙ ڪير به هجي. اهي سورما
اڳينءَ پيڙهيءَ مان هئا. اسان وارا پاڻ وڌيڪ
ڪـَـسا آهن.......“
اپولٽ ڪرلووچ جي تقرير اتي پڳي ته تاڙين جو ڦهڪو
پئجي ويو. ٽروئيڪا واري تشبيهه واکاڻي وئي هئي.
تاڙين جو ڦهڪو ڪي پل ئي هليو، ان ڪري صدر ماڻهن کي
چتاءُ ڏيڻ ضروري نه ڄاتو، ۽ رڳو تاڙين وڄائيندڙن
ڏانهن شوخيءَ مان ڏٺائين. پر اپولٽ ڪرلووچ همتائجي
ويو، انهيءَ کان اڳ ڪنهن به هن کي تاڙيون وڄائي
داد نه ڏنو هو. هو ساري ڄمار ڪڏهن به ٻـُـڌو نه
ويو هو، ۽ هاڻ اوچتو ساري روس جا ڪن کيس ٻـُـڌي
رهيا هئا.
”نيٺ به ته هي ڪرامازوف ڪٽنب آهي ڇا، جنهن جي
ساري روس اندر ايتري بدناموسي ٿي آهي؟“ هن تقرير
جو سڳو سوريندي چيو. ”شايد مان وڌاءُ ڪري رهيو
آهيان، پر مون کي لڳي ٿو ته اڄ جي پڙهيل لکيل طبقي
جا ڪي بنيادي گڻ ان ڪٽنب جي تصوير ۾ جهلڪن ٿا. ها،
البت ننڍي پئماني تي جيئن پاڻيءَ جي ڦڙي ۾سج جو
اولڙو! اهو ناخوش،بدخصلت ۽ بي مهار پوڙهو، جيڪو ان
ڪٽنب جو سرواڻ هو ۽ جنهنجو انت اهڙو درناڪ ٿيو،
تنهن بابت سوچيو. وڏو گهراڻو پر ٻين تي بار، سو
غير متوقع شاديءَ وسيلي چڱيرڙي ڌن جو مالڪ بڻجي ٿو
وڃي. هو هڪ خسيس ٺڳ، چاپلوس، مشڪرو ۽ چڱيءَ پر
اسريل ذهانت رکندڙ شخص هو، جيڪو وياج تي اوڌرن ڏيڻ
جو ڌنڌو ڪري جيئن پوءِ شاهوڪار ۽ بي ڊپو ٿيندو
ويو. هن جا هٿ جوڙ ۽ چاپلوسيءَ وارا پرڪار الوپ ٿي
ويا ۽ رڳو ڪيني ۽ ٽوڪ واري ڪـَـلپُ وڃي رهيو.
روحاني لحاظ کان هو پٺتي پيل هو، جڏهن ته منجهس
جيئڻ جي سگهه بي حساب هئي، هن حياتيءَ ۾ سواءِ نفس
پرستيءَ جي ڪجهه نٿي ڏٺو، ۽ پنهنجي اولاد کي به
اِن ئي رنگ ۾ نپائي وڏو ڪيائين. هڪ پيءُ تي اولاد
ڏانهن جيڪي جوابداريون عائل آهن، تن جو کيس ڪو
احساس ئي ڪونه هو. هو انهن جوابدارين جو مذاق
اڏائيندو هو. هن جا ننڍڙا ٻار نوڪرن بلي هئا، ۽ هو
کانئن جان ڇٽڻ تي خوش هو، ۽ کين صفا وساري ڇڏيو
هئائين. پوڙهي جو متو هو: مون کان پوءِ ڀلي ٻوڙان
ٻوڙ ٿئي. هو شهري ذميواريءَ ۾ ڪوتاهيءَ جو سخت ۽
مريضاڻي خودغرضيءَ جو مثال هو. مان خوش هجان پوءِ
ڀلي دنيا پئي سڙي رک ٿئي، مون کي پرواهه ناهي. ۽
هو خوش هو، راضي هو، ويهه ٽيهه ورهيه ٻيا به
ساڳيءَ ريت جيئڻ جي سڌ هيس، هن پنهنجي پٽ کان کيس
ماءُ کان ورثي مليل ڏوڪڙ ٺڳي ڪري ڦـُـري ورتا ۽
اهي پٽ جي سنگتياڻي کي ڌتارڻ جي بلي ڪيا. نه مان
قيدي جي بچاءَ جي سموري ذميواري پنهنجي پيٽرسبرگ
کان آيل وڪيل دوست تي ڇڏڻ نٿو چاهيان. مان اهو سچ
پاڻ ئي چوندس. مان سمجهي سگهان ٿو ته هن پنهنجي پٽ
جي دل ۾ پنهنجي خلاف ڪيتري ڪدورت سٿي ڇڏي هئي.
”ويچاري پوڙهي بابت بس ايترو ڪافي آهي، هو پنهنجو
ڪيتو لوڙي چڪو آهي. اچو ته اهو ياد ڪريون ته هو
پيءُ به هو، اڄ جي پيئرن جهڙو پيءُ، ڇا مان اهو
چئي ناانصافي پيو ڪريان ته هو هاڻوڪي زماني جي
پيئرن مان گهڻن جهڙو ئي هو؟ افسوس! منجهانئن گهڻا
رڳو ان ڳالهه ۾ مختلف آهن ته هو کليو کلايو ڪلپ جو
مظاهرو نٿا ڪن، ڇو ته هو وڌيڪ پڙهيل ۽ مهذب آهن،
پر هنن جي سوچ بنيادي طرح اها ساڳئي آهي، جهڙي هن
جي هئي. شايد مان نراس وادي آهيان، پر توهان مون
کي معاف ڪرڻ قبولي چڪا آهيو. اچو ته اها ڳالهه
اڳواٽ ئي مڃي وٺون ته توهان کي مون تي ويساهه ڪرڻ
جي ضرورت ڪانهي. پر مون کي ڳالهائڻ ڏيندا. سو مون
کي جيڪي چوڻو آهي، چوڻ ڏيو، ۽ منهنجو چيل ڪجهه نه
ڪجهه ضرور ياد رکجو.“
”هاڻي ان ڪٽنب جي سرواڻ جي اولاد جي ڳالهه کڻجي.
انهن مان هڪڙو قيديءَ جي صورت ۾ اسان جي سامهون
موجود آهي: منهنجي باقي سڄي تقرير هن بابت ئي
هوندي، ٻن ٻين جو مان رڳو سرسري ذڪر ئي ڪندس.
”انهن مان وڏو اڄ جي ٻين جوانن وانگر پڙهيل ڪڙهيل
۽ ذهين آهي. سندس ڪنهن شيءِ ويساهه نه رهيو آهي.
هو پنهنجي پيءُ جيان اڳيئي گهڻو ڪجهه رد ڪري چڪو
آهي. اسان سڀني هن کي ٻڌو آهي. هتان جي سوسائٽيءَ
۾ سندس آجيان ٿيندي هئي. هن پنهجا خيال ڪڏهن ڪونه
لڪايا،ان ڪري مان پاڻ کي هن بابت هڪ فرد طور نه پر
ڪرامازوف ڪٽنب جي ڀاتيءَ جي حيثيت ۾ ڪجهه کلي
ڳالهائڻ ۾ حق بجانب ٿو سمجهان. جيڪو ٻيو شخص هن
ڪيس سان ويجهو لاڳاپو رکندڙ هو، سو ڪالهه رات
پنهنجي ئي هٿان مري چڪو آهي. منهنجي مراد ان
آزاريل احمق سان آهي، جيڪو جيئري فيودور پاولووچ
جو خاص نوڪر ۽ گهڻو ڪري سندس حرامي پٽ هو، يعني
سميرڊياڪوف. شروعاتي پڇاڳاڇا ۾ هن مون کي
اوڇنگارون ڏيندي ٻڌايو هو ته نوجوان ايون ڪرامازوف
ڪيئن کيس پنهنجي روحاني گستاخيءَ سان ڊيڄاري ڇڏيو
هو، هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ هر ڳالهه جائز آهي، ۽
آئنده ڪنهن به ڳالهه جي منع نه هئڻ کپي. هن مون کي
سدائين اهو سيکاريو.“ منهنجي خيال ۾ هن احمق جي
مٿي وڃائڻ ۾ ان نظريي جو وڏو هٿ هو، ايئن برابر
آهي ته هن کي جيڪي مرگهيءَ جا دورا پوندا هئا، تن
۽ هن آفت پڻ سندس حواسن جي چوڙ آلوڙڻ ۾ هٿ ونڊايو
هوندو، پر هن جي واتان هڪ ڏاڍو مزيدار گفتو نڪتو
هو، جيڪو هوند ڪنهن وڌيڪ سياڻي ماڻهوءَ کي سونهين
ها، ۽ مون ان ڪري ئي ان جو ذڪر ڪيو آهي: ”جيڪڏهن
ڪو پٽ سڀني کان وڌيڪ فيودورپاولووچ جهڙو آهي ته
اهو ايون ڪرامازوف آهي.“
ان گفتي سان مان سندس ڪردار جو خاڪو پورو ٿو
ڪريان، ڇو ته وڌيڪ ڪجهه چوڻ اسڀاويڪ ٿيندو. اوهه!
مان جوان جي آئيندي بابت ڪي وڌيڪ نتيجا ڪڍڻ ۽
ڪانءَ وانگر ٽان ٽان نٿو ڪرڻ گهران. اسان اٰڄ هن
ڪورٽ ۾ مشاهدو ڪيو ته سندس جوان دل ۾ اڃا ڪي سٺا
جذبا موجود آهن. هن جو هڏ اڃا ڪٽنب لاءِ ڪرڪي ٿو،
۽ ان جذبي کي سندس بيويساهي ۽ ڪلپ، جيڪي سندس
پنهنجي خود مختيار سوچ جو نتيجو نه پر ورثي مليل
وصف آهن، ختم نه ڪري سگهيا آهن.
”هاڻي اچو ٽئين ڀاءُ تي. هو ديندار ۽ حليم طبع
جوان آهي، جيڪو پنهنجي وڏي ڀاءُ جي حياتيءَ بابت
ٻـُـسي ۽ تباهه ڪندڙ نظريي ۾ ڀائيوار نه آهي. هن
خلق جي خيالن، يا جيڪي ڏاهن جي ڪن حلقن ۾ ان نالي
سان ڪوٺيو وڃي ٿو، تنهن سان چهٽيل رهڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. هو خانقاهه سان واڳيل رهيو، ۽ ذري گهٽ راهب
ٿيڻ وارو هو. مون کي لڳي ٿو ته هن ان ڊنل
نراسائيءَ کي، بنا ارادي جي، دغا ڏني آهي، جيڪا
اسان جي ڏکويل سماج جي ڪيترن ئي ماڻهن جي رهبري
ڪري ٿي، اهي ماڻهو ڪلپ ۽ ان جي کاريندڙ اثرات کان
ٽهندا آهن ۽ سڄي شرارت جو ذميوار يورپ جي روشن
خياليءَ کي سمجهڻ جي غلطي ڪندا آهن. اها نراسائي
کين سندن اباڻي مٽيءَ ڏانهن يا جيئن هو پاڻ چوندا
آهن، ڌرتي ماءُ جي، ائين کڻي چئجي، ڇاتيءَ ڏانهن
موٽائي وٺي ويندي آهي. جن جهور ماءُ جي سڪي ويل
اُرهن تي هو ڊنل ٻارن وانگر ننڊ پئجڻ ۽ هميشه لاءِ
سمهي رهڻ جي سڌ ڪندا آهن، ته جيئن انهن ڏهڪائن کان
پاڻ بچائن جيڪي ڊيڄاريندا رهندا اٿن.“
”منهنجي دعا آهي ته اهو شاندار جوان هر ڪا
ڪاميابي ماڻي: شل سندس جوانن وارو آدرشواد ۽ خلق
جي خيالن ڏانهن لاڙو پئوڻا پئجي، جيئن اڪثر ڪري
ٿيندو آهي، اخلاقي لحاظ کان ٻـُـسي تصوف ۽ سياسي
لحاظ کان انڌي وطن پرستيءَ ۾ نه مٽجي وڃن. اهي ٻه
عناصر روس لاءِ وڏو خطرو آهن، تنهن خطري کان وڌيڪ
جيڪو يورپي خيالن کي غلط سمجهڻ ۽ بيفائدي اختيار
ڪرڻ سبب، ان کي وقت کان اڳ زوال جي صورت ۾ درپيش
آهي ۽ جنهن زوال جو شڪار وڏو ڀاڻس ٿي چڪو آهي.“
وطن ۽ تصوف پرستيءَ جي ذڪر تي ٻن ٽن ماڻهن تاڙيون
وڄايون. اپولٽ ڪرلووچ پاڻ پنهنجي خوشڪلاميءَ جي
وهڪري ۾ وهي ويو هو. جيڪي هن هن وقت تائين چيو هو،
تنهن جو هلندڙ ڪيس سان خير ڪو واسطو هو، ۽ اهو ڪي
قدر اڻچٽو به هو: پر هن بيمار ۽ سلهه ۾ ورتل
همراهه تي حياتيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو پنهنجي ڳالهه ڪرڻ
جي خواهش جو غلبو هو. ماڻهن پوءِ چيو ته هن ايون
تي جا نڪته چيني ڪئي هئي، تنهن جا ڪي ٻيا اجوڳا
سبب هئا، ڇو جو ايون هڪ ٻه ڀيرا کانئس بحث ۾ کٽيو
هو، ۽ اپولٽ ڪرلووچ هاڻ اهو ياد ڪندي بدلو وٺڻ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي هئي. پر مون کي ان انومان جي سچ هجڻ
جي خبر ڪانهي. بهرحال اهو سڀ رڳو تعارفي نوعيت جو
هو، ۽ پوءِ واري تقرير سڌيءَ طرح ڪيس سان لاڳاپيل
مامرن بابت هئي.
”پر هاڻي سڀني کان وڏي ڀاءُ ڏانهن موٽون ٿا.“
اپولٽ ڪرلووچ ڳالهائڻ جاري رکيو. ”اهو ڀاءُ اسان
جي آڏو قيديءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. سندس سماجي
جيوت ۽ ڪرت پڻ سامهون آهن. موتمار ڏينهن اچي ويو
آهي، ۽ هر ڳالهه مٿاڇري تي اچي چڪي آهي. جتي سندس
ڀائر يورپيت ۽ خلق جي خيالن جي نمائندگي ڪندا نظر
اچن ٿا، اتي هيءَ رشيا(1)
جي جيئن اها آهي، نمائندگي
ڪندو نظر اچي ٿو. اوهه، پر ساري رشيا جي نه، ساري
رشيا جي نه! ائين هجي ته رب اسان جي حفاظت ڪري!
هوءَ، اسان جي امڙ رشيا، پنهنجي بوءِ ۽ آواز سوڌي
اسان وٽ هت آهي. هو پاڻ - مهاڙو آهي. نيڪيءَ ۽
بديءَ جو حيرت انگيز ميلاپ آهي، تهذيب ۽ شلر
(2)
جو چاهيندڙ آهي، تڏهن به گتن ۾
ڌمچر مچائي ٿو ۽ پنهنجن گهاٽن يارن جي ڏاڙهين جا
وار پٽي ٿو. ۽ ها، هو سٺو ۽ وڙائتو به آهي، پر
تڏهن جڏهن ساڻس سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هجي. اتم آدرش کيس
اتساهيندا، تمام گهڻو اتساهيندا آهن، پر تڏهن جڏهن
اهي پنهنجو پاڻ اچن، تڏهن جڏهن اهي آسمان مان ڪرن،
تڏهن جڏهن انهن لاءِ ڏوڪڙ نه ڏيڻا پون، کيس ڏوڪڙ
ڏيڻ ڪو نه وڻي، پر وٺڻ جو وڏو شوق اٿس. هو هر
معاملي ۾ ائين آهي. هن کي هر ڪا شئي کپي (ان کان
گهٽ تي راضي نه ٿيندو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪائي رنڊڪ نه
وجهو ته هو به وڙائتو ٿي ڏيکاريندو. هو لالچي
ناهي، بنهه نه: پر کيس ڏوڪڙ کپن، چڱا چوکا ڏوڪڙ، ۽
توهان ڏسندا ته هو اهي سڀ ڪيتري نه درياهه دليءَ
سان، انهيءَ ڪني بڇڙي شئي کي ڪيتري نه حقارت سان،
هڪڙي رات جي الوٽ عياشيءَ ۾ اُڏائي ڇڏي ٿو. پر جي
ڏوڪڙ نه هوندس ته اهي ڏاڍي گهرج مهل هٿ ڪرڻ لاءِ
ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. پر اهو سڀ پوءِ: اچو ته
واقعن کي ترتيب وار وٺون.
”پهرين پهرين اسان آڏو هڪڙو ويچارو نڌڻڪو ٻار
آهي، جيڪو پوئين اڱڻ ۾، جيئن افسوس ته اسان جي
پرڏيهه کان آيل لائق هموطن هينئر هينئر چيو، پيرين
اگهاڙو ڊوڙندو ٿو وتي. مان وري چوان ٿو ته مان
ڏوهيءَ جي بچاءَ ۾ اڳڀرو رهندس. مان هت کيس ڏوهه
ڏيڻ لاءِ آهيان ۽ سندس بچاءَ لاءِ پڻ. ها، مان پڻ
انسان آهيان، مان پڻ سڀاءَ تي، ڪردار تي، گهر ۽
ٻاروتڻ جي اثر جي ساڃهه رکي سگهان ٿو. پر ٻار وڏو
ٿي آفيسر ٿئي ٿو، غيرت وگهي دوبدو لڙائيءَ ۽ ٻي
ڪڌي ڪرت تان روسي سرحد وٽ هڪڙي ڏورانهين ڳوٺ ڏانهن
تڙيو وڃي ٿو. اتي آفيسر جي حيثيت ۾ ڇڙواڳ حياتي
گذاري ٿو. ۽ ها، کيس ڏوڪڙ کپن، سڀني کان اڳ ڏوڪڙ،
سو وڏي هڻ هڻان کانپوءِ پيءُ سان نبيرو ڪري ٿو، ۽
پڇاڙيءَ وارا ڇهه هزار کيس اُماڻيا وڃن ٿا. اهڙو
خط موجود آهي، جنهن ۾ هن عملي طرح باقي حساب ڪتاب
تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، ۽ انهن ڇهن هزارن ملڻ تي
پيءُ سان ورثي جي معاملي ۾ تڪرار نبيري ڇڏيو آهي.
”پوءِ اچي ٿي هن جي هڪ اعليٰ ڪردار رکندڙ ۽
عاليشان تعليم ورتل جوان ڇوڪريءَ سان ملاقات. نه
نه مان تفصيل ۾ ڪو نه ويندس، جو توهان اهو ساجهر
ٻڌي چڪا آهيو. ان ۾ اڀمان ۽ پاڻ گهورڻ جو ذڪر به
آيو هو، سو مان چپ رهندس. هڪ هلڪڙي ۽ لچي آفيسر جو
سچي عالي ظرفيءَ ۽ اتم آدرش کي مان ڏيڻ همدرداڻي
روشنيءَ ۾ ڏيکاريو ويو. پر سـُـتت پوءِ هن ئي ڪورٽ
۾ اسان تمغي جو ٻيو پاسو ڏٺو. مان وري به انهيءَ
اندازي لڳائڻ جي ڪوشش آدم نه ڪندس ته ائين ڇو ٿيو،
پر ان جا سبب هئا. ساڳي خاتون، گهڻي وقت کان پيتل
ڪاوڙ جا ڳوڙها ڳاڙيندي، تهمت رکي ته ٻئي ڪنهن نه
پر هن شخص ئي کيس سندس عمل تان تڇ ڄاتو هو، جيڪو
عمل غير محتاط ۽ شايد لاپرواهه هوندي به اتم ۽
وڙائتي مقصد سان ڪيل هو. هن، هن پنهنجيءَ مڱ کي
اهڙي ته ٺٺول ڪندڙ مرڪ سان ڏٺو هو، جو اها ڪنهن
ٻئي جي نه پر هن جي هئڻ ڪري ڏاڍي اڻسهائيندڙ هئي،
۽ اهو ڄاڻندي به کيس اڳيئي دوکو ڏيئي چڪو هو (هن
کيس دوکو ڏنو هو جو کيس ويساهه هو ته هوءَ سندس هر
ڳالهه، ويندي دغا به، سهي ويندي)، کيس ڄاڻي واڻي
ٽي هزار روبل آڇيا، ۽ کيس چٽيءَ طرح، حد کان وڌيڪ
چٽيءَ طرح، اشارو ڏنو هو ته هوءَ ڏوڪڙ ڏيئي رهي
هئي ته ڀلي کيس دوکو ڏي: چئو، وٺين ٿو يا نه، ڪو
شرم حيا به اٿئي يا نه؟ سندس ڦولهيندڙ اکين ۾ اهو
گونگو سوال هو. هن ڏانهس نهاريو،صاف ڏٺائين ته
سندس ذهن ۾ ڇا هو (هن پاڻ هت اوهان جي اڳيان مڃيو
آهي ته سڀ سمجهيائين ٿي) پوءِ به هن اهي ٽئي هزار
بنا ڪنهن شرط جي ورتا، ۽ پنهنجي نئين پرينءَ سان
گڏجي ٻن ڏينهن ۾ اُڏائي ڇڏيا.“
”پوءِ اسان ڇا وسهون؟ تنهن جوان آفيسر جي ڏند
ڪٿا، جنهن سخاوت جي اتم جوش ۾ پنهنجي پڇاڙڪي پونجي
به قربان ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن پوتيءَ پاڪ جو سنمان ڪيو،
يا هيءَ بڇان ڏياريندڙ رُخ؟ قاعدي موجب، ٻن ڇيهن
جو وِچُ وٺبو آهي. پر موجوده مامري ۾ اهو صحيح نه
ٿيندو. امڪان اهو آهي ته هـُـو پهرين عمل ۾ به سچو
اُتم هو، ۽ ٻئي ۾ به تيترو ئي سچو نيچ هو، ۽ ڇو؟
ڇاڪاڻ ته هـُـو ٿـُـلهي ليکي ڪرامازوف سـُـڀاءُ
وارو-- ۽ مان اِهو ٻـُـڌائڻ چاهيان ٿو-- هو، يعني
چوٽيءَ تي پهچڻ جوڳو به ۽ تري ۾ ڪرڻ جوڳو به هو.
هڪ اهڙي جـُـوان جو تـُـز گفتو ياد ڏياريانوَ ٿو،
جنهن ڪرامازوف ڪٽنب جو ويجهائيءَ کان مشاهدو ڪيو
آهي، يعني مسٽر رَڪيتـِـن: اِنهن بيپرواهه ۽ اواڳ
سـُـڀاءَ وارن لاءِ سندن بيمانائيءَ جو احساس به
ايترو ئي لازمي آهي، جيتروڪ وڏ- وڙائپ جو، اِهو
بلڪل صحيح آهي، کين اهو غير فطري گاڏوڙ لڳاتار
گهرجي. هڪ ئي وقت ٻئي ڇيهه، نه ته هـُـو ڏجهارا ۽
غير مطمئن رهندا ۽ سندن جيوت اڻپوري. هـُـو وسيع
آهن، اهڙا وسيع جهڙي امڙ رشيا، هـُـو هر شيءِ پاڻ
۾ سمائن ٿا، ۽ هر شيءِ سان نڀاءُ ڪن ٿا.
”جيوريءَ جا صاحبو، جيئن ته ٽن هزار روبلن جي
ڳالهه نڪتي آهي، سو مان ٿوري اڳ-ڪٿ جو جتن ڪندس.
ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ته هن جهڙو ماڻهو، جنهن
اِها رقم اهڙي نموني، ايترو بيعزت، ايترو بيمانو ۽
ايترو ذليل ٿي هٿ ڪئي هجي، سو اُن جو اڌ ساڳي
ڏينهن الڳ ڪري، هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سـِـبي، سڄو
سارو مهينو پاڻ سان کڻي هليو هوندو، ۽ هزار هرکجڻ
۽ لوڙ جي باوجود اها ڳوٿري نه کولي هوندائين، تڏهن
به نه جڏهن گتن اندر پيالا چاڙهي عياشي ٿي ڪيائين
۽ تڏهن به نه، جڏهن پنهنجي پريتما کي پنهنجي پيءُ
جي چڙهت کان پري وٺي وڃڻ ڪاڻ ضرور گهربل رقم خدا
ڄاڻي ڪنهن کان وٺڻ لاءِ ڳوٺ ڀڳو هوندو؟ آخر ڇو،
جڏهن ته هو ڳوٿري کولي ان ۾ پيل رقم سان پنهنجي
پريتما کي رقيب کان بچائي ٿي سگهيو، رقيب به اهو،
جنهن کان هو سخت بدگمان هو. ائين ڪري ها ته کيس
ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ نه وڃڻو پوي ها، ۽ هو گهر ۾
رهي پريتما جي چوڪسي رکي سگهي ها- تيستائين،
جيستائين هوءَ کيس چوي ها، ”مان تنهنجي آهيان.“
۽ هو کيس وٺي اهڙي موتمار ماحول کان تمام پري هليو
وڃي ها.“
”نه، هن پنهنجي اِن ڪرشماتي ڳوٿريءَ کي هٿ نه
لاتو، ۽ ائين ڪرڻ جو سبب ڪهڙو ٿو ٻـُـڌائي؟ مکيه
سبب، جيئن مون هينئر هينئر چيو، هيءُ هو ته جڏهن
هوءَ چوي ’مان تنهنجي آهيان، مون کي جيڏانهن وڻئي
تيڏانهن وٺي هل،‘ تڏهن وٽس کيس وٺي وڃڻ سارو خرچ
پکو هجي. پر قيديءَ جا پنهنجا لفظ آهن ته اِهو
پهريون سبب ايترو وزن وارو نه هو، جيتروڪ ٻيو. هن
جو چوڻ آهي ته جيستائين اِها رقم وٽس هوندي،
تيستائين هو چور نه پر بدمعاش رهندو، ڇوته هـُـو
جڏهن چاهي، پنهنجي هـَـٿ ڪيل مـَـڱ وٽ وڃي سگهي ٿو
۽ کانئس ٺڳيءَ سان ورتل رقم جو اڌ سندس آڏو پـَـٽ
تي رکي چئي سگهي ٿو، ”مون تو وارا اڌ ڏوڪڙ کپائي
ڇڏيا آهن، ۽ ڏيکاريو اٿم ته مان ڪمزور، ۽ بدڪردار
ماڻهو ۽ بيشڪ بدمعاش آهيان. (خيال رهي ته مان
قيديءَ جا پنهنجا لفظ پيو ورجايا). بدمعاش برابر
آهيان، پر چور ناهيان. هيءَ اڌ رقم به موٽائڻ نه
اچان ها ۽ جيئن باقي اڌ کنئي اٿم، تيئن هيءَ به
کڻي ڇڏيان ها!’ زبردست وضاحت! هيءُ مست پر ڪمزور
شخص، جيڪو ٽي هزار روبل ايتري بيعزتيءَ سان وٺڻ تي
هرکجي ويو هو، ان ساڳي ماڻهوءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو
ايتري نرموهي پختائي اچي ٿي وڃي جو هو هزار روبل
پاڻ سان گهمائيندو رهي ٿو، پر انهن کي ڇـُـهڻ جو
ست نٿو ساري. جنهن سڀاءَ جو اسان ڇيد ڪري رهيا
آهيون، ڇا هيءُ ان سان پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو؟ نه،
۽ مان توهان کي اهو ٻڌائڻ جو جتن ڪندس ته جيڪڏهن
اصل دِمتري ڪرامازوف پاڻ کي ڏوڪڙ سنڀالي رکڻ تي
آمادو ڪري ها ته هو انهن حالتن ۾ ڇا ڪري ها.“
”پهرين هـِـرکاءَ تي: مثال طور، جنهن عورت جي
سنگت ۾ هن اڌ رقم اڳيئي اُڏائي ڇڏي هـُـئي، تنهن
جي وندر ورونهن ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ هـُـو ڳوٿري کولي
سئو جو نوٽ ڪڍي ها، ڇوته جهڙي اڌ رقم يعني پنڌرهن
سو روبل موٽائڻا، تهڙا چوڏهن سئو ڇو نه؟ هـُـو
تڏهن به اهوئي چئي پئي سگهيو ته هـُـو چور ناهي
ڇوته چوڏهن سئو روبل آندا اٿائين. ٻئي ڀيري وري هو
ڳوٿري کولي ها، ٻيو سئو جو نوٽ ڪڍي ها ۽ ٽين ڀيري
به، ۽ چوٿين ڀيري به، تان جو باقي وڃي هڪڙو سئو
رهي ها ۽ سوچي ها ته رڳو هڪ سئو موٽائڻ به ڪم اچي
سگهي ٿو، ڇوته چور ته سڄي جي سڄي روڪڙ چورائيندو،
۽ پوءِ هو سئو جي انهيءَ پوئين نوٽ کي ڏسي پنهنجي
منهن چوي ها، ’رڳو سؤ موٽائي ڏيڻ ٺهي نٿو، چڱو آ
ته اِهو پڻ کپائي ڇڏيان!‘ جنهن اصل دمتري ڪرامازوف
کان اسان واقف آهيون. سو بلڪل ائين ڪري ها. ان
ننڍڙي ڳوٿريءَ جي ڏند ڪٿا کان وڌيڪ حقيقت سان نه
ٺهڪندڙ ڳالهه جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ان کان
وڌيڪ تصور کان ٻاهر ڪجهه ٿي ئي نٿو سگهي. پر ان
ڳالهه جو ذڪر اڳتي هلي ٿيندو.“
ڪاروائيءَ دوران پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ مالي لاڳاپن
بابت جيڪو ظاهر ٿيو هو، تنهن جو سرسري ذڪر ڪندي،
اپولٽ ڪرلووچ وري وري اِهو نڪتو اُٿاريو ته معلوم
حقيقتن جي آڌار تي اهو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي ته
ڪير غلطيءَ تي هو. تنهن کان پوءِ هـُـو مـِـتيا جي
مغز ۾ ويٺل انهيءَ خيال ته هـُـن پيءُ کان ٽي هزار
لهڻا هـُـئا، تنهن بابت ڊاڪٽرن جي ساک تي آيو.
dc
|