باب تيرهون
سوچ ويچار جو کاريندڙ
”جيوريءَ جا صاحبو،“ هو شروع ٿيو، ”اهو رڳو
حقيقتن جو ڪٺ ناهي، جنهن کان منهنجي اصيل کي ناس
ٿيڻ جو جوکو آهي، پر هڪ ٻي ڳالهه هن جي لاءِ وڌيڪ
جوکائتي آهي، سندس پيءُ جو مڙهه. جي اهو ڪنهن عام
خون جو مامرو هجي ها ته اوهان ساک جو هر ڀاڱو الڳ
الڳ تڪي توري ان جي خسيس، اڻپوري ۽ وائڙي هجڻ تان
الزام رد ڪري ڇڏيو ها، يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ انسان جي
حياتي تعصب ۾ برباد ڪرڻ کان هٻڪو ضرور ها. ان تعصب
جو هو پوريءَ طرح لائق به آهي. پر هيءُ خون جو ڪو
عام مامرو نه آهي، اهو ”پيءُ گهات!“ جو مامرو
آهي. ان جو اهڙو هجڻ ذهن کي متاثر ڪري ٿو، ايتري
حد تائين جو بي تعصب ذهن به ساک کي ان کان گهٽ
اڻپورو ۽ خسيس سمجهڻ لڳي ٿو، جيتري قدر اها سچ پچ
ٿئي ٿي. ڪنهن قيديءَ کي ڪيئن بيگناهه ٺهرائي سگهجي
ٿو؟ هر ڪو پنهنجيءَ دل ۾، ذري گهٽ بنا ارادي جي
جبلتي طرح ائين سوچي ٿو.“
”هائو پيءُ جو رت وهائڻ تمام ڀوائتي ڳالهه آهي،
پيءُ، جنهن مون کي جنميو، پيار ڏنو، منهنجي خاطر
پنهنجو خيال نه ڪيائين، منهنجي ننڍپڻ کان منهنجي
اگهائيءَ تان ڏکارو رهيو، منهنجي خوشيءَ خاطر سڄي
عمر پاڻ پتوڙيائين، ۽ منهنجين خوشين ۽ منهنجين
ڪاميابين ۾ گهاريائين. اهڙي پيءُ کي مارڻ خيال ۾
ئي نٿو اچي. جيوريءَ جا صاحبو، پيءُ، سچو پيءُ
ڪهڙو هجي ٿو؟ انهيءَ مهان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟
انهيءَ نالي ۾ ڪهڙو مهان خيال سمايل آهي؟ اسان
هينئر هينئر سچي پيءُ جا ڪجهه اهڃاڻ ٻڌايا، ۽ هن
کي ڇا هئڻ جڳائي، جنهن مامري ۾ اسان هن وقت اونها
ڳتل آهيون ۽ جنهن تان اسان جون دليون پيڙا ۾ آهن،
يعني موجوده مامري ۾ ”پيءُ“ يعني فيودور پاولووچ
ڪرامازوف، پيءُ جي تنهن تصور سان ڪو نه ٿو ٺهڪي،
جنهن جو اسان هينئر حوالو ڏنو. اها ئي بدنصيبي
آهي، ۽ تحقيق ڪي پيئر به بدنصيب هوندا آهن. اچو ته
انهيءَ بدنصيبي کي وڌيڪ ويجهائيءَ کان جاچيون:
جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي،
تنهن جي اهميت کي آڏو رکندي، اسان کي ڪنهن به
ڳالهه کان ڪيٻائڻ نه کپي. اهو اسان جو مکيه فرض
آهي ته، جيئن ٻهڳڻو سرڪاري وڪيل چوي ٿو، ڪنهن به
خيال کان ٻارن يا ڊنل عورتن وانگر نه ڪيٻايون.“
”پر پنهجي گرماگرم تقرير ۾ منهنجي مخالف (اهو
منهنجي وات کولڻ کان اڳ ئي منهنجو مخالف ٿي ويو
هو) ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو ’او مان قيديءَ جو
بچاءَ ان وڪيل تي نه ڇڏيندس، جيڪو پيٽرسبرگ کان
آيو آهي، مان الزام رکان ٿو پر مان بچاءُ به ڪيان
ٿو!’ هن اهو اعلان ڪيئي ڀيرا ڪيو، پر اهو ذڪر ڪرڻ
وسري ويس ته هن ڀيانڪ قيديءَ تي رڳو هڪڙي ئي
ماڻهوءَ ڪهل کاڌي هئي، جنهن کيس پائونڊ بوهي مڱن
جو ڏنو هو. ۽ هيءَ ان لاءِ ٽيويهه ورهيه ٿورائتو
رهيو هو: اهو قيدي ڇا اهو ياد نه رکندو ته هو
ٻاروتڻ ۾ پيءُ جي پوئين باغ ۾ ائين ڊوڙندو وتندو
هو جو، مهربان ڊاڪٽر هرزينٽوب چواڻيءَ، ’پيرن ۾
بوٽ ڪونه هوندا هيس ۽ لنڊي پتلون هڪ بٽڻ تي لڙڪندي
رهندي هيس؟“
”جيوريءَ جا صاحبو، اسان انهيءَ بدنصيبيءَ کي
ويجهائيءَ کان وڌيڪ ڇو ڏسون، ڇو جيڪي اڳيئي ڄاڻون
ٿا، وري ورجايون؟ منهنجو اصيل جڏهن هت پنهنجي پيءَ
جي گهر پهتو، تڏهن کيس ڇا پڙ پيو، ۽ کيس ڪٺور، خود
غرص ۽ دئت ڪري ڇو پيش ڪريون؟ هو اجهل آهي، منهن
زور ۽ ڇڙواڳ آهي- اِن تان اسان مٿس ڪيس هلائي رهيا
آهيون- پر سندس اهڙي جيوت لاءِ جوابدار ڪير آهي؟
اهڙي شاندار سڀاءَ ۽ ٿورو مڃيندڙ ۽ ڏکڻي دل واري
ماڻهوءَ جي اهڙي اڻسهائيندڙ پالنا لاءِ جوابدا ڪير
آهي؟ کيس ڪنهن ڪا معقوليت جي سکيا ڏني؟ ڇا کيس
پڙهائي روشن خيال ڪيو ويو؟ ڪنهن کيس ننڍي هوندي
ٿورو ئي سهي پر قرب ڏنو؟ منهنجي اصيل کي جهنگ جي
جانورن جيان رب جي آسري تي ڇڏي ڏنو ويو هو.
جدائيءَ جي ڊگهن ورهين کان پوءِ شايد کيس پيءُ سان
ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. هن پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو
هوندو، جڏهن هن سپنن ۾ جن ڀوت ڏسي اُهي هزارين
ڀيرا تڙيا هوندا، ۽ پيءُ کي ڳراٽڙي پائي کيس معاف
ڪرڻ چاهيو هوندو. پر سندس انتظار ۾ ڇا هو؟ سندس
آجيان رُکن طعنن، تنڪن، شڪن شبهن ۽ ڏوڪڙن تان وڙهڻ
سان ڪئي وئي. هن کي روزانو برانڊي پيئندي بڇان
ڏياريندڙ ڳالهيون ۽ بد نيت نصيحتون ٻڌڻيون پونديون
هيون، ۽ انت هن پيءُ کي هن جي ئي ڏوڪڙن سان هن جي
ئي پرينءَ کي ڌتاريندي ڏٺو. جيوريءَ جا صاحبو، اهو
سخت ڪٺور ۽ بڇان ڏياريندڙ عمل هو! ۽ اهو پوڙهو
هميشه پٽ جي بي ادبيءَ ۽ ڪٺورتا جون دانهون پيو
ڪندو هو، هن سوسائٽيءَ ۾ مٿس تهمتون هنيون، کيس
بدنام ڪيو، سندس گلائون ڪيون، سندس اڻ لاٿل اوڌرون
ڪڍي کيس قيد تائين ڪرايو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، منهنجي اصيل جهڙا ماڻهو مٿان
ڀوائتا، ڇڙواڳ ۽ اجهل هوندا آهن، پر اندران ڪڏهن
ڪڏهن بلڪ اڪثر ڪري ڏاڍا ڪونئرا هوندا آهن، توڻي جو
ظاهر ناهن ڪندا. منهنجي ڳالهه تي کلو نه، کلو نه!
ٻهڳڻو سرڪاري وڪيل ساجهر منهنجي اصيل تي شلر کي-
اُتم ۽ سندر کي پسند ڪرڻ تان بيرحميءَ سان کليو
هو! سندس جاءِ تي مان ان تان کلڻ نه چاهيان ها.
هائو، اهڙا سڀاءَ- مون کي اهڙن سڀائن جي بچاءَ ۾
ڳالهائڻ ڏيو، جو انهن کي اڪثر ۽ بيدرديءَ سان غلط
سمجهيو ويو آهي- اهي سڀاءَ سٻاجهائيءَ ۽ انصاف
لاءِ ائين کڻي چئجي ته پنهنجي، پنهنجي ڇڙواڳيءَ،
پنهنجي ڪرڙائيءَ جي برخلاف، اڪثر اڃايل هوندا آهن-
هو ان لاءِ اڻسڌيا اڃايل هوندا آهن. مٿان ڪرڙا ۽
جوشيلا هوندي به، مثال طور، عورت سان پيڙا ڏيندڙ
روحاني ۽ اُتانهين محبت ڪري سگهندا آهن. مون تي
وري نه کلو، انهن سڀائن سان گهڻو تڻو اها ئي حالت
هوندي آهي، پر پنهنجي موهه کي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن
ڏاڍو اڻ گهڙيل هوندو آهي، لڪائي نه سگهندا آهن، ۽
اهو پڌرو هوندو آهي، ۽ ڏٺو ويندو آهي، پر اندريون
ماڻهو اڻڏٺل رهي ٿو. سندس موهه ترت ئي پورو ٿي
ويندو آهي، پر هڪ اتم ۽ اعليٰ هستيءَ جي پاسي ۾
اهو بظاهر کهرو ۽ ڪرڙو انسان نئين سر جيئڻ چاهيندو
آهي، پاڻ کي سڌارڻ، وڌيڪ چڱو ٿيڻ چاهيندو آهي،
وڙائتو ۽ مانائتو ۽ پڻ، اتم ۽ سندر، ان اصطلاح جو
ڀلي ڪيترو به مذاق اڏايو ويو هجي.“
”مون سوير ڀرو چيو ته مان پنهنجي اصيل جي مڱڻي جو
ذڪر نه ڪندس. پر هڪ اڌ لفظ تڏهن به چوڻ مناسب
سمجهان ٿو، اسان هينئر جيڪي ٻڌو، سو ساک نه پر هڪ
جنون ۾ آيل ۽ وير تي سنبريل عورت جي وائي هئي، ۽
اهو سندس وڙ نه هو- ته کيس دغاباز چوي، ڇو ته هوءَ
پاڻ کيس دوکو ڏيئي چڪي آهي! جيڪڏهن سوچڻ جو ٿورو
به وقت ملي ها ته هوءَ اهڙي ساک نه ڏي ها. مٿس
ويساهه نه ڪريو! نه منهنجو اصيل دئت ناهي، جيئن
هوءَ چوي ٿي.“
”انسان ذات جي عاشق ٽياس تي چـڙهڻ کان اڳ چيو هو:
”آءٌ سٺو ريڍار آهيان. سٺو ريڍار پنهنجين رڍن
لاءِ پنهنجي حياتي گهوري ٿو ته جيئن انهن مان ڪا
هڪڙي رڇ به وڃائجي نه وڃي.’ شل اسان کان ڪنهن به
ماڻهوءَ جي آتما نه وڃائجي!“
”مون هينئر پڇيو هو ته پيءُ جي معنيٰ ڇا آهي، ۽
چيو هوم ته اهو هڪ مهان لفظ ۽ املهه نالو آهي، پر،
صاحبو، ماڻهوءَ کي لفظ سچيتائي سان واپرائڻ گهرجن،
۽ مان شين کي سندن صحيح نالن سان سڏڻ جو اُدم ڪيان
ٿو: پوڙهي ڪرامازوف جهڙي پيءُ کي پيءُ نٿو چئي
سگهجي، ۽ نه هو ان لائق آهي. هڪ نالائق پيءُ سان
اولاد جو پيار لغو ۽ ناممڪن آهي. پيار نانهن مان
پيدا نٿو ڪري سگهجي. رڳو خدا ئي نانهن مان ڪجهه
پيدا ڪري سگهي ٿو.“
”حواري(1)
پيار سان روشن دل سان لکي ٿو:
’پنهنجي اولاد کي چڙ ڏياري غضبناڪ نه ڪريو.‘ انهن
پاڪ لفظن جو حوالو مان پنهنجي اصيل خاطر ڪو نه پيو
ڏيان، بلڪ مان انهن جو ورجاءَ سڀني پيئرن لاءِ ٿو
ڪريان. مون کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته پيئرن کي
نصيحت ڪريان؟ ڪنهن به نه، پر مان هڪ انسان ۽ هڪ
شهريءَ جي حيثيت ۾ التجا ٿو ڪريان - وات سان! اسان
کي ڌرتيءَ تي گهڻو ناهي رهڻو. اسان گهڻائي ڪڌا ڪم
ڪريون ٿا ۽ ڪئين ڪڌا ٻول ٻوليون ٿا. اچو ته ڪنهن
سڻائي گهڙيءَ ۾ جڏهن اسان سڀ گڏ هجون، هڪ ٻئي کي
ڪي چڱا ٻول ٻڌايون. مان اهوئي ڪري رهيو آهيان، مان
هن هنڌ هجڻ جو مناسب فائدو وٺي رهيو آهيان. هي
منصف اسان کي سڀن کان مٿانهين اختياري هرو ڀرو نه
ڏنا آهن. سارو روس اسان کي ٻڌي رهيو آهي! مان رڳو
هت موجود پيئرن سان مخاطب نه آهيان، مان سڀني
پيئرن کي واڪو ڪري چوان ٿو: ’پيئرو، پنهنجي اولاد
کي چڙ ڏياري غضبناڪ نه ڪريو.‘ هائو پهرين اسان پاڻ
حضرت عيسيٰ جي حڪم جي پوئيواري ڪريون، ۽ پوءِ
پنهنجي اولاد کان ان جي آس رکون، نه ته اسان پيئر
نه پر پنهنجن اولادن جا دشمن هونداسون ۽ هو اسان
جا اولاد نه پر اسان جا دشمن هوندا، ۽ اسان پاڻ
هنن کي پنهنجو دشمن بڻايو هوندو. ’جهڙي هلت اوهان
هلندا، تهڙي هلت اوهان سان هلي ويندي.‘ اهو مان
نٿو چوان، پر انجيل پاڪ جو فرمان آهي،’جهڙي تڪ تور
اوهان ٻين جي ڪندا، تهڙي اوهان جي لاءِ ڪئي
ويندي.‘ اسان پنهنجي اولاد کي ڪيئن ميار ڏيئي
سگهون ٿا، جڏهن اهو اسان جي تڪ تور اسان جي ئي ماڻ
سان ڪن ٿا؟“
”ڪو گهڻو مدو ناهي لنگهيو جو فنلئنڊ ۾ هڪڙي
نوڪرياڻيءَ لڪ ڇپ ۾ ٻار ڄڻيو. مٿس چوڪسي رکي وئي
ته هڪ دٻو، جنهن جو ڪنهن کي به پتو نه هو، ڀڇنڊيءَ
جي ڪنڊ ۾ ڪن سرن جي پٺيان لڌو ويو.اهو کوليو ويو
ته اندران نئين ڄاول ٻار جو لاش نڪتو، جنهن کي هن
ماري ڇڏيو هو، ساڳئي دٻي مان ٻن ٻين ٻارن جا به
هڏاوان پڃرا نڪتا، جن کي هن باسيو، ته ڄڻيندي ئي
ماري ڇڏيو هئائين.
”جيوريءَ جا صاحبو! ڇا هوءَ انهن ٻارن جي ماءُ
هئي؟ هن کين ڄڻيو برابر هو، پر ڇا هوءَ سندن ماءُ
هئي؟ ڇا ڪوئي کيس ماءُ جي سڳوري نالي سان ڪوٺڻ جي
جرئت ڪندو؟ اچو ته دلير ٿيون، لفظن ۽ خيالن کان
ائين نه ڊڄون جيئن اسٽروفسڪيءَ جي ناٽڪ ۾ ماسڪو
جون عورتون ڪن لفظن جي اُچارن کان ڊڄن ٿيون. نه،
اچو ته ثابت ڪريون ته گذريل ٿورن ورهين ۾ ٿيل ترقي
اسان کي به ڇهيو آهي، ۽ چٽيءَ طرح چئون ته پيءُ
ڇڙو اهو ناهي جيڪو ٻار کي جنمي، پر اهو آهي جيڪو
جنمي به ٿو ۽ ان ڏانهن پاڻ تي عائد ٿيندڙ فرض به
پورا ڪري ٿو.“
”هائو، برابر، پيءُ لفظ جي اها ٻي معنيٰ، اها ٻي
تشريح به ڪئي وڃي ٿي، جنهن موجب ڪو به پيءُ، پوءِ
ڀلي دئت هجي، ڀلي هو اولاد جو دشمن هجي، منهنجو
پيءُ ئي رهي ٿو، رڳو انهيءَ ڪري جو هن مون کي
جنميو. پر اها معنيٰ ائين کڻي چوان ته اهڙي ڳجهه
ڳجهاندر معنيٰ آهي. جيڪا منهنجي سمجهه کان مٿي
آهي، ۽ رڳو ائين وسهي سگهان ٿو، جيئن ٻين ڪيترن
اهڙين سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهين تي ايمان آڻيندو يا
اعتقاد ڪندو آهيان. جن لاءِ منهنجو دين مون کي حڪم
ڪندو آهي. پر ان حالت ۾ ان کي زندگيءَ جي اصل
ميدان مان ٻاهر رکيو وڃي. زندگيءَ جي اصل ميدان کي
تحقيق پنهنجا حق آهن ۽ ان سان گڏوگڏ اهو اسان تي
ڳرا فرض ۽ جوابداريون به عائد ڪري ٿو. انهيءَ
ميدان ۾ جيڪڏهن اسان شفيق - في الحقيقت ڪرستان، ٿي
رهڻ چاهيون ٿا پوءِ اسان تي لازم آهي بلڪ جڳائي ته
رڳو تن عقيدن تي عمل ڪريون، جن کي عقل ۽ تجربن سچو
ٺهرايو هجي ۽ جيڪي ڇيد جي ڪوٺاريءَ منجهان لنگهيا
هجن، ٿوري ۾ ائين چئجي ته اسان تي لازم آهي ته عقل
موجب عمل ڪريون ۽ نه ڪي ائين ڄڻ سپني ۾ هجون، جيئن
ڪو هاڃو نه ڪريون، جيئن ڪنهن سان اُگرو ورتاءُ ڪري
کيس تباهه نه ڪري ڇڏيون. تڏهن اهو سچ پچ ڪرستاني
ڪم هوندو، نه رڳو صوفياڻو پر ساڃاهه وارو ۽
پراپڪاري پڻ......“
ان گفتي تي ڪورٽ ۾ زبردست تاڙيون وڳيون، پر
فيروڪووچ کين هٿ لوڏي جهڙوڪر اها التجا ڪئي ته کيس
بنا رنڊڪ جي پنهنجي ڳالهه جي پڄاڻي ڪرڻ ڏني وڃي.
ڪورٽ ۾ اوڏيءَ جو اوڏي مهل چپ چپات ٿي وئي. مقرر
تقرير جاري رکي.
”صاحبو! ڇا اوهان اهو ڀانئيو ٿا، ته ٻار وڏا ٿين
ٿا ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لڳن ٿا ته هو اهڙن سوالن کان
ٽارو ڪري ويندا؟ نه، هو ائين نه ڪندا، ۽ اسان هنن
تي ڪا ناممڪن پابندي نٿا مڙهي سگهون. هڪ جوان هستي
جڏهن پنهنجي نالائق پيءُ کي ڏسي ٿي ته سندس دل ۾
اهڙا ئي پيڙا ڏيندڙ سوال پاڻمرادو اَٿن ٿا، خاص
ڪري تڏهن جڏهن هو پنهنجي پيءُ کي پاڻ جيڏن جي
عاليشان پيئرن سان ڀيٽي ٿو. انهيءَ سوال جو روايتي
جواب هيءُ آهي: هن تو کي جنميو ۽ تون هن جو رت ۽
ماس آهين، ۽ انهيءَ ڪري تون سندس تابعداريءَ لاءِ
ٻڌل آهين، جوان پاڻمرادو سوچي ٿو: ’پر جڏهن مون کي
جنمايائين، تڏهن مون سان پيار هيس؟‘ هو پڇي ٿو ۽
اُڻ تـُـڻ جيئن پوءِ وڌيس ٿي، ’ڇا اهو منهنجي خاطر
هو جو مون کي جنمايائين؟ اُن گهڙي هن کي منهنجي ڪا
خبر ڪانه هئي، نه ئي منهنجي جنس جو پتو هوس.‘ ان
گهڙيءَ ان ڪامتا جي گهڙيءَ جڏهن شايد مڌ جي ڀڙڪايل
باهه ۾ جلي رهيو هو، ۽ هن مون کي نشي ۾ رهڻ جي
رغبت ڏني آهي. مون لاءِ بس ايترو ئي ڪيو
اٿائين...... ڇو مان کيس رڳو انهيءَ ڪري پيار ڪرڻ
لاءِ ٻڌل آهيان، نه هن مون کي جنميو آهي پر پوءِ
واري حياتيءَ ۾ مون لاءِڪجهه به نه ڪيو آهي؟“
”شايد هيءُ سوال اوهان کي گهڻا کهرا ۽ ڪٺور لڳن
پر هڪ جوان ذهن کان پاڻ تي ناممڪن پابنديءَ جي آس
نه رکو. ’فطرت کي در کان هڪاليندا، ته اها دريءَ
منجهان اڏامندي اندر ايندي.‘ ۽ وڏي ڳالهه ته اسان
کي لفظن کان ڊڄڻ نه کپي، ۽ لازم آهي ته سوال جو
نبيرو عقل ۽ ماڻهپي جي تقاضائن موجب ڪريون ۽ نه ڪي
ڪـِـن ڳجهه ڳجهاندڙ خيالن موجب، اهو ڪيئن نبرندو؟
اجهو هيئن: پٽ پيءُ آڏو بيهي ۽ پڇي: ’بابا، ٻڌايو
ته مان توهان کي پيار ڇو ڪريان؟ بابا، مون کي
ڏيکاريو ته مون تي لازم آهي ته توهان کي پيار
ڪريان،‘ ۽ جيڪڏهن پيءُ پٽ کي جواب ڏيئي سگهي ۽ کيس
سٺو سبب ڏيکاري سگهي ته پوءِ پيءُ پٽ جو ناتو سچو
۽ پورو هوندو، ۽ ڪنهن پـُـر اسرار تعصب تي نه پر
عقل واري، ذميوار ۽ پراپڪاري بنياد تي بيٺل هوندو.
پر جيڪڏهن پيءُ جواب نٿو ڏئي سگهي. سبب نٿو ڄاڻائي
سگهي، ته پوءِ مائٽاڻو ناتو نٿو رهي. هو پٽ لاءِ
پيءُ نه رهندو ۽ پٽ کي حق آهي ته کيس اوپرو يعني
دشمن سمجهي. جيوريءَ جا صاحبو! اسان جي ٽرائبيون(1) کي سچن ۽ صحتمند خيالن جو مڪتب هجڻ کپي.“
اتي مقرر کي پنهنجي تقرير تاڙين جي زبردست ڦهڪي جي
ڪري روڪڻي پئي. بيشڪ اهي سڀ ٻڌندڙ نه هئا، پر سندن
چڱي اڌ تاڙيون وڄايون هيون. پيئرن ۽ مائرن وهواهه
ڪئي. مهاڙين مان جتي عورتون ويٺل هيون ڪيهون ۽
ريهون ٻڌڻ ۾ آيون. رومال لوڏيا ويا. صدر پنهنجي
سموري سگهه سان گهنٽي وڄائڻ لڳو. کيس پڌري پٽ
ويٺلن جي روش تي سخت چڙ آئي هئي، پر ڪورٽ خالي نه
ڪرايائين توڙي جو اهڙو دڙڪو پڻ ڏنو هئائين. ويندي
اوچي حقيقت وارا پوڙها ماڻهو جن جي سيني تي ستارا
سجيل هئا ۽ جيڪي ججن جي پٺيان، خاص سندن لاءِ رکيل
ڪرسين تي ويٺا هئا، تن پڻ مقرر کي داد ڏنو ۽
پنهنجا رومال لوڏيا. نيٺ مـَـس مـَـس وڃي گوڙ بند
ٿيو ۽ صدر پاڻ کي ڪورٽ خالي ڪرائڻ واري دڙڪي تائين
محدود رکيو، ۽ فيتيوڪووچ، اُتساهه مان ڀرجي گدگد
ٿي، پنهنجي تقرير وري شروع ڪئي:
”جيوريءَ جا صاحبو! اوهان کي اها ڀوائتي رات ضرور
ياد هوندي، جنهن بابت اڄ ايترو ڳالهايو ويو آهي،
جڏهن پٽ لوڙهو ٽپي وڃي پنهنجي دشمن ۽ آزاريندڙ ۽
جنم ڏيندڙ جي آمهون سامهون بيٺو هو. مان وڏي شد مد
سان اصرار ٿو ڪريان، ته هو پيءُ ته هو پٽهنس پيءُ
جي گهر ڏوڪڙن ڪاڻ ڪانه ويو هو، ڦر جو الزام جيئن
مون اڳ ثابت ڪيو، ڇسو آهي. ۽ هن جو گهر اندر گهڙڻ
خون لاءِ به نه هو، بلڪل نه، جيڪڏهن سندس اهڙو ڪو
ارادو هجي ها ته هو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ڪو هٿيار
ضرور کڻي ها. ٽامي جي مـُـهري هن جهڙپي ته هئي، پر
ڇو؟ سا پروڙ ڪانه هيس. مڃيوسين ته هن پيءُ جي
دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪري کيس دوکو ڏنو، مڃيوسين ته هو
اندر گهڙي ويو. مون اڳيئي چيو آهي ته مان اها ڏند
ڪٿا ڪونه ٿو مڃان. پر جي ائين هيو به کڻي، اسان
گهڙي پل لاءِ کڻي مڃون ٿا، ته ائين هو. صاحبو، مان
هر سڳوري شئي جو قسم کڻي چوان ٿو، ته جيڪڏهن هو
سندس پيءُ نه پر ڪو عام دشمن هجي ها ته قيدي ڪمرو
ڪمرو ڊوڙي جاچڻ ۽ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ کان پوءِ ته
هوءَ اتي ڪانه هئي، پنهنجي رقيب کي ڪو هاڃو رسائڻ
کان سواءِ اُتان تکو تکو نڪتو هليو وڃي ها. هو
شايد کيس ڌڪ هڻي ها، وڌيڪ نه، ڇو جو هن وقت ائين
سوچڻ ۽ ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه هو. هن رڳو اهو ڄاڻڻ ٿي
گهريو، ته هوءَ ڪٿي هئي. پر هن جو پيءُ، جنهن
کيس سندس ٻاروتڻ کان ئي ڌڪاريو هو. آزاريو هو، ۽
سندس غير فطري رقيب هو، تنهن پيءُ کي ڏسڻ ئي ڪافي
هو! اهو ڌڪار جو جذبو هو، جيڪو کيس پاڻ هرتو، اڻ
جهليو ويڙهي ويو ۽ سندس مت مارجي وئي. هڪ ئي پل ۾
سڀ ويران وير چڙهي آيو، اها ڪا پاڳلپڻي ۽ چريائپ
جي لهر هئي، پر فطرت جي لهر به هئي، جيڪا (فطرت جي
هر شئي وانگر) پنهنجي ازلي قانونن جي ڀڃڪڙيءَ جو
وير وٺي رهي هئي.
پر قيديءَ تڏهن به کيس قتل نه ڪيو. مان انهيءَ
ڳالهه تي قائم آهيان ۽ واڪو ڪري چوان به ٿو!. نه،
هن چڙيل بڇان جي اڀام ۾ مـُـهري اولاري، پر کيس
مارڻ جي ارادي سان نه، نه ئي هو اهو ڄاڻيندو هو،
ته هو مري پوندو. جيڪڏهن اها موتمار مـُـهري هٿ ۾
نه هجيس ها، ته شايد پيءُ کي ڇڙو ڌڪ هڻي ڪيرائي
رکي ها، پر کيس قتل نه ڪري ها. هو ڀڳو ته کيس اها
ڄاڻ ڪانه هئي ته پيءُ کي ماري ڇڏيو هئائين. اهڙو
خون خون نه آهي. نه، اهڙي پيءُ جي خون کي ’پيءُ
گهات‘ نٿو ڪوٺي سگهجي. اهڙي خون کي فقط تعصب جي
ڪري ئي ’پيءُ گهات‘ چئي سگهجي ٿو.
”پر مان پنهنجي اندر جي اونهائيءَ سان اوهان کان
پڇان ٿو: ڇا اهو خون سچ پچ ٿيو هو؟ جيوريءَ جا
صاحبو، جيڪڏهن اوهان هن کي ڏوهي ٺهرائي سزا ڏني ته
هو پاڻ کي مخاطب ٿي چوندو: هنن ماڻهن مون کي نپائڻ
لاءِ، مون کي پڙهائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي،
منهنجي حالت کي سڌارڻ لاءِ، مون کي بهتر بنائڻ
لاءِ، مون کي سٺو ماڻهو بنائڻ لاءِ ڪجهه به نه،
هنن ماڻهن مون کي نه کائڻ لاءِ ڏنو آهي ۽ نه پيئڻ
لاءَ، نه قيد ۾ نه اوگهڙ ۾ مون سان ملڻ آيا آهن، ۽
هتي مون کي سخت پورهئي سان سزا ڏني اٿن. ليکو لٿ
پٿ، هو مون کان هاڻ ڪجهه به نه لهڻن، مون کان ڪو
به ڪجهه به هميشه لاءِ نه لهڻي. هي ظالم آهن، مان
به ظالم ٿيندس. جيوريءَ جا صاحبو، هو اهوئي چوندو،
۽ مان قسم کڻي چوان ته کيس ڏوهي ٺهرائي اوهان هن
لاءِ آساني ڪندا. هن جو ضمير هلڪو ٿي ويندو. هو ان
رت کي پاراتا ڏيندو جيڪو وهايو اٿـِـائين، ۽ ان
تان پڇتاءُ نه ٿيندس. ساڳئي وقت اوهان هن جي نئين
انسان بڻجڻ جي امڪان کي ناس ڪري ڇڏيندا، ڇو جو هو
ساري ڄمار هچارو ۽ انڌو ٿي رهندو.“
”پر ڇا اوهان کيس ڪائي تمام ڀوائتي ۽ هيبتناڪ ۽
ايتري ڀيانڪ سزا ڏيڻ چاهيو ٿا، جنهن جو تصور ئي نه
ڪري سگهجي، ۽ ساڳئي وقت کيس بچائڻ ۽ سندس اندر وري
جيئارڻ به چاهيو ٿا؟ جي ائين آهي ته پوءِ کيس
پنهنجي ٻاجهه سان پيڙي ڇڏيو. اوهان ڏسندا، اوهان
ٻڌندا ته هو ڪيئن نه ڏڪي ۽ هراسجي ٿو وڃي. ’مان
ايڏي ٻاجهه جالي سگهندس؟ مان ايڏو پاٻوهه ڪيئن سهي
سگهندس؟ ڇا مان انهيءَ لائق آهيان؟‘ هو اهو ئي
آکيندو.“
جيوريءَ جا صاحبو، مان اِن دل اُن وحشي پر
احسانمند دل کي سڃاڻان! اها اوهان جي ٻاجهه اڳيان
سر نوائيندي، اها مهان ۽ پاٻوهيل ڪرت لاءِ اُڃايل
آهي، اها رجي ويندي ۽ مٿي چڙهندي. اهڙا روح آهن،
جيڪي پنهنجي محدودائپ جي ڪري سڄي دنيا کي الزام
ڏيندا آهن. اهڙي روح کي پنهنجي ٻاجهه سان وس ۾
آڻيو، ان کي قرب ڏيو، ۽ اها دل پنهنجي ماضيءَ کي
پٽيندي ڇو جو ان ۾ ڪيئي جذبا به آهن. اها دل ويڪري
ٿي ويندي، ۽ ڏسندي ته خدا ٻاجهارو آهي، ۽ ماڻهو
سٺا ۽ نياءَ وارا آهن. هو هراس ۾ رهندو، کيس هميشه
پشيماني ۽ پاڻ مٿان آيل جوابداريءَ جي اون رهندي.
پوءِ هو ائين نه چوندو، ليکو لٿ پٿ،‘ پر چوندو،
’مان سڀني جي نظر ۾ ڏوهي آهيان، ۽ مان سڀني کان
وڌيڪ نالائق به آهيان.‘ هو پڇتاءَ جا، ڏک جا ۽
سيتل پيڙا جا ڳوڙها ڳاڙيندي واڪو ڪندو: ’ٻيا مون
کان وڌيڪ چڱا آهن، هنن مون کي بچائڻ ٿي چاهيو، نه
ڪي ناس ڪرڻ!‘ اوهه هيءُ ٻاجهه جو ڪم اوهان لاءِ
ڪيترو نه سهنجو آهي، ڇو جو پڪي پختي ثابتي لاءِ
اهو اعلان ڪرڻ ڏاڍو ڀوائتو ٿيندو: ’هائو هو ڏوهي
آهي.‘
”هڪڙي بي ڏوهيءَ کي سزا ڏيو، تنهن کان چڱو آهي ته
ڏهه ڏوهي ڇڏي ڏيو! اوهان ٻڌو ٿا، اسان جي شاندار
تاريخ جي گذريل صديءَ کان ايندڙ شاهاڻو آواز ٻڌو
ٿا؟ اهو نٿو سونهين ته مون جهڙو تڇ ماڻهو اوهان کي
ياد ڏياري ته عدالت جو وجود رڳو سزا ڏيڻ لاءِ نه
پر ڏوهه ڪندڙ جي ڇوٽڪاري لاءِ به آهي! ڀل ٻيون
قومون ڪيتي لوڙائڻ ۽ قانون جي لفظن جو سوچين، اسان
روح ۽ مفهوم - وڃايل جي ڇوٽڪاري ۽ سڌاري - سان
چهٽيل رهنداسون. جي اهو سچ آهي، جي روس ۽ ان جو
انصاف اهڙا آهن، ته اهو خوشدليءَ سان اڳتي وڌي
سگهي ٿو! اسان کي پنهنجين جنوبي ٽورئڪائن کان به
ڊيڄاريو، جن کان سڀ قومون بڇان وچان پاسو ڪن ٿيون.
ڪائي ريل ڇيل ڊوڙندڙ ٽروئيڪا، نه پر روس جو
شانائتو رَٿُ، سڪون ۽ دٻدٻي سان پنهنجي ماڳ ڏانهن
هلندو، منهنجي اصيل جي تقدير اوهان جي هٿن ۾، روسي
انصاف جي هٿن ۾ آهي. اوهان ان انصاف جو بچاءُ
ڪندا، ان کي بچائيندا، اوهان ثابت ڪندا، ته ان تي
چوڪسي رکڻ وارا موجود آهن، ۽ اهو ڀلوڙ هٿن ۾ آهي!“
dc
باب چوڏهون
ڪڙمي پختار هن ٿا
فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير ائين پوري ڪئي جو ٻڌندڙن
جو اُتساهه اڀاميل لاوي جيان ڦاٽي نڪتو، ان کي
روڪڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو. عورتون روئي رهيون
هيون. ڪيترا مرد پڻ روئي رهيا هئا، ۽ انهن اعليٰ
هستين مان به ٻه ڄڻا ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا: صدر ڪا
ڪاروائي نه ڪئي، ويندي گهنٽي وڄائڻ به مهمل
رکيائين. جيئن پوءِ عورتن چيو، اهڙي اتساهه کي
ٻنجو ڏيڻ ڪنهن سڳوري شئي کي ٻنجو ڏيڻ ٿئي ها. خود
مقرر به واقعي متاثر ٿيو هو.
ان ئي مهل اپولٽ ڪردووچ ڪي اعتراض وارڻ لاءِ اٿي
بيٺو. ماڻهن کيس ڌڪار سان ڏٺو، ڪن عورتن بڙ بڙ
ڪئي: ”ڇا؟ ان جو مطلب ڇاهي؟ هي سچ پچ ڪو اعتراض
وارڻ ٿو چاهي؟“ جيڪڏهن سندس زال سميت عورتن جي
سڄي دنيا به احتجاج ڪري ها ته به ڪير کيس ان
گهڙيءَ روڪي نه سگهي ها. هو هئڊر ٿي ويو هو، جذبات
وچان ڏڪي رهيو هو، سندس پهريان جملا سمجهڻ کان
ٻاهر هئا، ساهه چڙهي ويو هوس، چٽو ڳالهائڻ به نه
پئي ٿيس، ڀـُـلجي ڀـُـلجي ٿي ويو، پر سـُـتت ئي
پاڻ سنڀالي ورتائين. مان سندس اِن نئين تقرير جا
ٿورا جملا نقل ڪندس.
”مون کي رومانس ڪتڻ تان جهڙڪيو ويو هو. پر هيءُ
بچاءُ ڇا هڪ رومانس مٿان ٻيو رومانس نه آهي؟ رڳو
شاعريءَ جي اڻهوند هئي، فيودور پاولووچ پنهنجي
محبوبڙيءَ جي اوسيئڙي ۾ لفافو ڦاڙي کولي ٿو ۽ فرش
تي اُڇلي ٿو ڇڏي. اسان کي ويندي اهو به ٻڌايو وڃي
ٿو، جيڪي هن عجيب ڪم ڪندي آکيو. ڇا اها انومان جي
اڏام نه آهي؟ ۽ اسان وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هن رقم
ڪڍي ورتي هئي؟ هن جيڪي آکيو، سو ڪنهن ٻڌو؟ ڪم عقل
پاڳل سميرڊياڪوف جي ڪايا پلٽ ڪري کيس بائرن(1)
جو هيرو بڻايو ويو آهي. جيڪو
پنهنجي ناجائز ڄم جو وير سماج کان ٿو وٺي. ڇا اهو
بائرن جي طرز جو رومانس نه آهي؟ ۽ اهو پٽ جيڪو
پيءُ جي گهر ۾ گهڙي کيس خون ڪرڻ کان سواءِ خون ڪري
ٿو، سو رومانس ئي ناهي. هيءَ سـِـسـِـيفس(2)
آهي، جا اسان کي اهڙي پرولي ٿي ڏي، جيڪا پاڻ نٿي
ڀڃي سگهي. جيڪڏهن هن کيس خون ڪيو ته خون ڪيائين، ۽
هن جو کيس خون نه ڪرڻ کان سواءِ خون ڪرڻ جو مطلب
ڇا آهي؟ ان جو سـِـر پير ڪٿي آهي؟“
”ان کان پوءِ اسان کي ڇنڊ پٽائي ٿي وڃي ته اسان
جو ٽرائبيون صحيح ۽ صحتمند خيالن جو ٽرائبيون آهي،
۽ ان صحتمند خيالن جي ٽرائبيون کان اهو گنڀير
اعلان ٿو ٿئي ته پيءُ جي خون کي ’پيءُ گهات‘ ڪوٺڻ
تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جيڪڏهن ’پيءُ
گهات‘ تعصب آهي، ۽ جيڪڏهن هر ٻار کي پيءُ کان اهو
پڇڻو آهي ته هو کيس ڇو ٿو پيار ڪري ته پوءِ اسان
جو ڇا ٿيندو؟ ڪٽنب جو ڇا ٿيندو؟ لڳي ٿو ته ’پيءُ
گهات‘ ماسڪو جي واپارين جي عورتن جو للائو آهي.
روسي انصاف جي تقدير ۽ آئيندي لاءِ سڀني کان وڌيڪ
امـُـلهه ضمانتن کي اسان جي اڳيان تمام گمراهه ۽
ڇسي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي، محض هڪڙو مقصد حاصل
ڪرڻ لاءِ، ۽ اهو مقصد آهي هڪ اهڙي ڳالهه لاءِ جواز
پيدا ڪرڻ، جنهن جو ڪو جواز ڪونهي. بچاءَ جو وڪيل
واڪو ڪري.’کيس پنهنجي ٻاجهه سان پيڙي ڇڏيو:‘پر
ڏوهه ڪندڙ ايترو ئي ته گهري ٿو، ۽ سڀاڻي ڏٺو ويندو
ته هو ڪيترو پيڙجي ويو آهي. ڇا بچاءَ جي وڪيل رڳو
قيديءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي گهر ڪري انڪسار کان ڪم نه
ورتو آهي؟ ڇو نه پيءُ گهاتڪ جي مان ۾ خيراتي ادارو
برپا ڪري سندس ڪارنامي کي ايندڙ پيڙهين لاءِ
يادگار بڻايو وڃي. مذهب ۽ انجيل پاڪ کي درست ڪيو
ٿو وڃي. اها سڀ مايا آهي، ۽ اسان جي عيسائيت ئي
سچي آهي، ڇو جو ان کي عقل ۽ عام فهم جي ڪسوٽيءَ تي
پرکيو ويو آهي. ۽ ائين هو حضرت عيسيٰ (عليه
السلام) جي ڪوڙي شبيهه کڙي ڪن ٿا! ’جهڙي تڪ تور
اوهان ڪندا، تهڙي ئي اوهان جي ڪئي ويندي،‘ بچاءَ
جي وڪيل واڪو ڪيو هو، ۽ هڪدم اهو انومان ڪيائين ته
حضرت عيسيٰ (عليه السلام) اسان کي سيکاري ٿو ته
ائين ئي توريو، جيئن اوهانکي توريو وڃي. ۽ اهو اچي
ٿو سچ ۽ صحتمند سوچ جي طرفان! اسان انجيل پاڪ تي
رڳو ان وقت نظر وجهون ٿا، جنهن وقت اسان کي تقرير
ڪري ٻڌندڙن تي پنهنجي انجيل جي ڄاڻ جو رعب ويهارڻو
هوندو آهي. اهو پاڪ ڪتاب بيشڪ اصلوڪي رچنا آهي ۽
ان کان خاص اثر پيدا ڪرڻ جو ڪم به وٺي سگهجي ٿو.
پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ! پر حضرت عيسيٰ (عليه
السلام) جنهن ڳالهه جي هدايت ڪري ٿو، سا بلڪل
مختلف آهي: هو اسان کي ائين ڪرڻ کان خبردار ڪري
ٿو، ڇاڪاڻ ته هچاري دنيا ائين ئي ڪري ٿي. پر اسان
کي جڳائي ته معاف ڪريون ۽ ٻيو ڳل پيش ڪريون، ۽
پنهنجن آزاريندڙن سان اهو ورتاءُ نه ڪريون، جيڪو
هو اسان سان ڪن ٿا. اسان جي خداوند اسان کي اهوئي
سيکاريو آهي، ۽ نه اهو ته اولاد کي پيءُ جي خون
کان منع ڪرڻ تعصب آهي. ۽ اسان کي سچ ۽ صحتمند
خيالن واري ٽرائبيون کان پنهنجي ڌڻيءَ جي انجيل
درست ناهي ڪرائڻي، اهو ڌڻي جنهن کي بچاءَ وارو
وڪيل رڳو انسان ذات جو ٽياس تي چڙهيل عاشق سڏي ٿو،
توڻي جو سڄو ديندار روس هن کي هيئن ٻاڏائي ٿو: ’جو
تون اسان جو خداوند آهين!‘“
اتي صدر مداخلت ڪئي، ۽ حد کان وڌيڪ جوش ۾ آيل مقرر
کي روڪيو ته وڌاءُ نه ڪري، حد نه ٽپي، وغيره. جيئن
صدر اهڙي صورتحال هميشه ڪندا آهن. ٻڌندڙ پڻ لـُـڇ
پـُـڇ ۾ هئا. خلق بي آرام هئي، ويندي چڙ مان واڪا
پڻ ڪيا ويا. فيتيوڪووچ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي،
هو فقط مٿي چڙهيو ۽ پنهنجو هٿ دل تي رکي ڪاوڙيل
لهجي ۾ وڏي وقار سان ڪي لفظ چيائين. هن وري
”رومانس“ ۽ ”نفسيات“ کي هلڪو ۽ ٽوڪ سان
ڇـُـهيو، ۽ مناسب هنڌ تي حوالو ڏنو، ”جپيٽر(1) تون ڪاوڙيل آهين، ان ڪري غلط آهين.“ جنهن
تي ٻڌندڙن پسنديءَ جا ٽهڪ ڏنا - ڇو جو اپولٽ
ڪردووچ ڪنهن به طرح جـُـپيٽر جهڙو نه. انهيءِ تهمت
بابت ته هو جوان ٽهيءَ کي پنهنجا پيئر مارڻ جي
سکيا ڏيئي رهيو آهي. فيتيوڪووچ وڏي ڏيان سان چيو
ته هو ان جو جواب نه ڏيندو. سرڪاري وڪيل جي اِن
الزام بابت هو عيسائي شرع جي خلاف رايا ظاهر ڪري
رهيو هو. فيتيوڪووچ چيو ته اهو شخصي الزام هو ۽
کيس آس هئي ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ اهڙن الزامن کان آجو
رهندو. جيڪي سندس شهري ۽ وفادار رعيت جي حيثيت ۾
سندس ناماچار کي ڇيهو رسائن. اِتي صدر کيس به
روڪيو، ۽ فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير ڪورٽ سڳوريءَ
اڳيان سيس نمائي پوري ڪئي. جنهن تي ڪورٽ ۾ ويٺلن
پسنديءَ جي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ اسان جي عورتن جي راءِ ،
اپولٽ ڪـِـردووچ سدا لاءِ چيڀاٽجي ويو.“
پوءِ قيديءَ کي ڳالهائڻ جو وارو ڏنو ويو. متيا اٿي
بيٺو ۽ تمام گهٽ ڳالهايائين. هو بدني توڙي ذهني
طرح سخت ٿڪجي پيو هو، صبح جو ڪورٽ ۾ گهڙڻ وقت هن
جي منهن مان جا سگهه ۽ بيپرواهي بکي رهي هئي، سا
ذري گهٽ اَلوپ ٿي وئي هئي. هو ائين پئي لڳو ڄڻ
ڪنهن اهڙي آزمودي منجهان لنگهيو هجي، جنهن کيس
باقي ڄمار لاءِ اهڙي ڳالهه سيکاري ڇڏي هجي، جيڪا
هـُـن هاڻي تائين ڪو نه سمجهي هجي. هن جو آواز
نستو هو، ۽ اڳي جيان واڪا ڪونه ڪيائين. لهجي ۾
نهٺائي، هار ۽ متيا جا رنگ هئا.
”جيوريءَ جا صاحبو، آءٌ ڇا چوان؟ مون لاءِ فيصلي
جي گهڙي اچي وئي آهي. مان پاڻ تي خدا جو هٿ محسوس
ٿو ڪريان! هڪ غلط ڪار انسان جو انت اچي ويو آهي!
پر آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي وري به چوان ٿو ته
مون پنهنجي پيءُ کي مارڻ جو ڏوهه ناهي ڪيو. آءٌ
آخري ڀيرو ورجايان ٿو ته مون هن کي نه ماريو هو!
آءٌ غلط ڪار هيس پر، چڱائي سان چاهه هوم. مون هر
گهڙي پاڻ سڌارڻ جو اُدم ڪيو، پر جهنگلي جانور
وانگر گهاريم. آءٌ سرڪاري وڪيل جو ٿورائتو آهيان.
جنهن مون کي منهنجي باري ۾ ڪيئي اهڙيون ڳالهيون
ٻڌايون. جن جو پتو به نه هوم، پر اهو سچ ناهي ته
مون پنهنجي پيءُ کي ماريو هو، سرڪاري وڪيل غلط
آهي، آءٌ پنهنجي وڪيل جو به ٿورائتو آهيان. هن کي
ٻڌندي آءٌ رنو هوس، پر اهو سچ ناهي ته مون پنهنجي
پيءُ کي ماريو هو. کيس ائين ڀانئڻ جو ضرور نه هو،
۽ ڊاڪٽرن تي ويساهه نه ڪريو، آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان،
فقط منهنجو هنيانءُ ڀريل آهي. جيڪڏهن اوهان مون کي
ڇڏي ڏنو، جيڪڏهن اوهان مون کي وڃڻ ڏنو ته آءٌ
اوهان کي دعائون ڪندس. آءٌ چڱو ماڻهو ٿيندس. آءٌ
خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي قول ٿو ڏيان ته چڱو ماڻهو
ٿيندس! پر جيڪڏهن اوهان مون کي ڏوهي ٺهرايو ته آءٌ
پاڻ پنهنجي ترار پنهنجي مٿي تي ڀڃندس ۽ ان جا ٽڪر
چمندس. پر مون کي ڇڏي ڏيو، مون کان منهنجو خدا نه
ڦريو! آءٌ پاڻ کي سڃاڻان ٿو، آءٌ بغاوت ڪندس!
منهنجون هنيانءُ ڀريل آهي، صاحبو، مون کي ڇڏي
ڏيو.“
هو پنهنجي ڪرسيءَ تي ذري گهٽ ڪري پيو: سندس آواز
ڀرجي آيو هو: آخري جملو ڏکيو اُچاري سگهيو هو.
پوءِ جج سوال پڇڻ لڳا ۽ ٻنهي ڌرين کي چيائين ته
پنهنجا نتيجا وچوري وٺن، پر مان انهن جا تفصيل
بيان ڪونه ڪندس. آخرڪار جيوري صلاح مشوري لاءِ اٿي
وئي. صدر ڏاڍو ٿڪل هو، ۽ هن جي جيوريءَ کي آخري
تلقين ڪجهه مڙيوئي نٻل هئي، ”بي ريا ٿجو بچاءَ
واري وڪيل جي خوش ڪلاميءَ کان متاثر نه ٿجو، پر
تڏهن به دليلن جي تڪ تور ڪجو. ياد رکو ته توهان تي
وڏي ذميواري رکيل آهي.“ وغيره وغيره.
جيوري اُٿي وئي، ۽ ڪورٽ مهمل ٿي وئي. ماڻهو به
اٿيا ته ڄنگهون ساهين، پڻ گڏ ٿيل هڪ ٻئي سان خيالن
جي ڏي وٺ ڪن. ڇاندو پاڻي ڪن. ڏاڍي دير ٿي وئي هئي،
رات جو ذري گهٽ هڪ اچي ٿيو هو، پر ڪو به هليو ڪو
نه ويو هو: تاءُ ايترو ته گهڻو هو جو ڪنهن کي به
وڃي آرامي ٿيڻ جو خيال تائين نه آيو. سڀ ٻڏندڙ
دلين سان اوسيئڙي ۾ هئا. پر شايد عورتن لاءِ ائين
چوڻ وڌاءُ ٿيندو ڇو ته سندن اوسيئڙي ۾ سخت بيصبري
ته هئي پر دلين ۾ ڪو الڪو نه هونَ. سندن خيالن ۾
رِهائي اڻٽر هئي. فيتيوڪووچ کي به پنهنجي
ڪاميابيءَ جو يقين هو. هو ماڻهن جي گهيريّ ۾ هو.
جيڪي کيس مبارڪون ڏيئي رهيا هئا. ۽ سندس للو پتو
ڪري رهيا هئا.
مون کي پوءَ هـُـن ٻڌايو ويو ته هـُـن هڪڙي ٽوليءَ
کي چيو: ”بچاءُ وارو وڪيل ۽ جيوري ڏسڻ ۾ نه ايندڙ
سڳي ۾ پوئجي ويندا آهن. تقرير ڪندي سهي ڪبو آهي ته
پوئجڻ ٿي ويو آهي. مون سهي ڪيو هو. پوئجڻ ٿي ويو
آهي. اسان کٽنداسين دلجاءِ ڪريو.“
اسان جا ڪڙمي هاڻي ڇا چوندا؟ هڪڙي بت ۾ ڀريل ٽيڊين
اکين ۾ مائيءَ جي سينئرن سان همراهه، جيڪو ويجهي
ڇـَـڪَ جو زميندار هو، تنهن هڪڙي پاڻ ۾ ڳالهيون
ڪندڙ ٽوليءَ وٽ وڃي پڇيو.
”پر هو سڀ ته ڪڙمي ناهن. چار سرڪاري ڪلارڪ به
آهن.“
”هائو، ڪلارڪ به آهن،“ هڪڙي ضلع ڪائونسل جي
ميمبر ساڻن شامل ٿيندي چيو.
” ۽ هو ٻلي سان واپاري نذريوف، اهو به ته جيوريءَ
۾ آهي. هن جي خبر اٿوَ؟“
”ڇاهي هن کي؟“
”وڏي عقل وارو آ.“
”پر هو ته ڳالهائيندو ئي ڪونهي.“
”پاڻ چڱو جو ڳالهائيندو ڪونهي. پر پيٽرسبرگ واري
همراهه لاءِ کيس ڪجهه سيکارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
هو پاڻ ساري پيٽرسبرگ کي سيکاري سگهي ٿو. ٻارهن
ٻارن جو پيءُ جو ٿيو.“
هڪ ٻي ٽوليءَ ۾ اسان جي علمدارن مان هڪڙي چيو،
”ڇا ٿا ڀانئيو، ڪونه ڇڏيندس ڇا؟“
”ضرور ڇڏيندس.“ هڪ ٻئي اٽل آواز ۾ ورندي ڏني.
”نه ڇڏڻ ته وڏي شرم ۽ خواريءَ واري ڳالهه ٿيندي.“
علمدار چيو.
”سمجهو کڻي ته هن سچ پچ خون ڪيو هو. هتي پيئرن تي
پيئر آهن! ۽ هو وڏي جنون ۾ هو.... ڪجهه نه ڪيو
هجيس، رڳو مـُـهري هوا ۾ گهمائي هجيس ۽ ائين ڪندي
پوڙهي کي ڊاهي رکيو هجيس. پر خاص نوڪر کي هروڀرو
وچ ۾ گهلي آيا. اهو ڇسو نظريو هو! جيڪڏهن مان
فيتيوڪووچ جي جاءِ تي هجان ها ته سنئون سڌو چئي
ڏيان ها، هن ئي کيس قتل ڪيو هو، پر هو ڏوهي ناهي،
مار پوين!“
”هن به اهوئي چيو هو. پر مار پوين! کان سواءِ!“
”نه، مـخائيل سيمينو وچ، هن ذري گهٽ گهٽ اهو پڻ
چيو هو“ ، هڪ ٽين آواز آکيو.
”صاحبو، لينٽ ۾ هڪڙي ائڪٽريس، جنهن پنهنجي عاشق
جي زال جي نڙي ڪپي هئي، ڇٽي وئي هئي.“
”پر هـُـن پوري ڪونه ڪپي هئي.“
”ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هن ڪپڻ شروع ته ڪئي هئي
نه.“
”هن جيڪو ٻارن بابت چيو، تنهنجو ان باري ۾ ڇا
خيال آ؟ شاندار رهيو نه؟“
”شاندار“
” ۽ جيڪو ”مايا“ بابت چيائين، سو پڻ !“
”ڇڏيو مايا کي.“ ڪنهن ٻئي چيو.
”جيڪا ويڌن اڄ کان اپولٽ سان ٿيڻي آهي، ان جي
ڳالهه ڪيو. جوڻس سڀاڻي متيا جي خاطر تارا ڪڍي
وٺنديس.“
”هوءَ اتي آهي ڇا؟“
”واهه ڙي واهه، اتي هجي ها ته ڪورٽ ۾ ئي تارا ڪڍي
وٺيس ها. ڏندن جي سور کان گهر ۾ پئي آهي. هـِـي
هـِـي هـِـي!“
”هـِـي هـِـي هـِـي.“
ٽئين ٽوليءَ ۾:
”مون کي پڪ آهي، هو نيٺ متيا کي ڇڏي ڏيندا.“
”سڀاڻي ’ميٽروپولس‘ ۾ ڌمچر نه مچائي ته مون کي
چئجو. پورا ڏهه ڏهاڙا پيئندو رهندو!“
”جهڙو شيطان!“
”شيطان جو هٿ اوس هوندو. هت نه هوندو ڪٿ ته
هوندو؟“
”هائو صاحبو، زبردست تقرير هئي، پر پيئرن جا مٿا
مـُـهرين سان ناهن ڦاڙبا! نه ته اسان سان الائي ڇا
ٿئي؟“
”رَٿ! رَٿ ياد اٿو؟“
”هائو هن گاڏي کي رٿ ۾ مٽائي ڇڏيو هو!“
” ۽ سڀاڻي هو پنهنجي مقصد لاءِ رٿ کي گاڏي ۾
مٽائي ڇڏيندو.“
”اڄڪلهه ڪيڏا نه چلتا پرزا ٿي پيا آهن! روس ۾
هاڻي انصاف به ملندو ڪه الائي نه؟“
اِتي گهنٽي وڳي. جيوري پورو ڪلاڪ ڳڻ ڳوت ڪئي هئي،
پورو ڪلاڪ، نه گهٽ نه وڌ. جيئن ئي ماڻهو پنهنجين
پنهنجين جاين تي ويهي ويا، ڪورٽ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي.
مون کي ياد آهي ته جيوريءَ وارا همراهه ڪورٽ ۾
ڪيئن هلي آيا هئا. آخرڪار! مان سوالن جي ترتيب
ڪونه ورجائيندس: سچ ته اهي مون کي ياد ئي ناهن
رهيا. مون کي رڳو صدر جي پهرين ۽ مـُـک سوال جو
جواب ياد آهي: ”ڇا قيدي ڦر لاءِ ۽ اڳواٽ رٿي خون
ڪيو؟“ (مون کي سندس لفظن جي پوري يادگيري ڪانهي.)
چوڌاري چپ چپات ٿي وئي. جيوريءَ جي سرواڻ، جيڪو
ڪلارڪن مان ننڍي ۾ ننڍو هو، تنهن جو چٽو ۽ وڏو
آواز ڪورٽ جي موت جهڙي ماٺ ۾ گونجيو:
”ها، ڏوهي!“
۽ هر سوال جو ساڳيو جواب، ”ها، ڏوهي“ بنا ڪنهن
ڏوهه هلڪو ڪندڙ رائزنيءَ جي، ڏنو ويو. ان جي ڪنهن
کي به اميد نه هئي: ذري گهٽ سڀني جو خيال هو ته
ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ رحم جي سفارش ٿيندي. ڪورٽ ۾
ڇانيل موت جهڙي ماٺ ۾ ڪو رخنو نه پيو. سڀ ڄڻ ته
پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. اهي به جن کيس ڏوهي ٺهرائڻ ٿي
چاهيو ۽ اهي به جيڪي سندس ڇـُـٽي وڃڻ جا ڪانکي
هئا. پر ائين رڳو پهرين ويرم لاءِ ئي هو، ۽ ان
کانپوءِ زبردست لڙ شروع ٿي ويو. ٻڌندڙ مردن مان
گهڻن کي خوشي ٿي هئي. ڪي ته پنهنجي خوشي لڪائڻ جي
ڪوشش نه ڪندي هٿ مهٽي رهيا هئا. جيڪي فيصلي سان
سهمت نه هئا، سي نهوڙجي ويل ٿي ڏٺا. هنن پنهنجا
ڪلها لوڏيا، سـُـس ڦـُـس ڪيائون، پر لڳو ٿئي ته
اڃا ڳالهه مغز ۾ ڪو نه ويٺي اٿن. پر عورتن جي جيڪا
حالت هئي، سا مان ڪيئن بيان ڪريان؟ مون کي خيال
آيو ته هو وڳوڙ ڪنديون. پهرين ته کين پنهنجن ڪنن
تي ويساهه ئي نه آيو هو. پوءِ امالڪ سڄي ڪورٽ ۾
رڙيون مچي ويون: ”ڇا مطلب آ ان جو؟ هاڻي ڇا؟“ هو
پنهنجين جاين تان ٽپ ڏيئي اُڀيون ٿي ويون. سندن
خيال هو ته متان فيصلو وري ويچاري، بدلايو وڃي..
اوڏي مهل متيا اٿي بيٺو ۽ پنهنجون ٻانهون ڊگهيڙي،
هنيانءُ ڏاريندڙ آواز ۾ رڙيو:
”آءٌ خدا ۽ حشر جي ڀوائتي ڏينهن جو قسم کڻي ٿو
چوان ته آءٌ پنهنجي پيءُ کي مارڻ جو ڏوهي نه
آهيان! ڪاتيا مون کي معاف ڪجانءِ! ڀائرو، دوستو،
ٻي عورت تي ڪهل ڪجو!“
هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو، ۽ وٺي روڄ راڙو ڪيائين،
جيڪو ساري ڪورٽ ۾ ٻڌو ويو، ۽ اهڙي عجيب ۽ غير فطري
آواز ۾، جيڪو سندس پنهنجي آواز جهڙو بنهه نه هو.
ڪورٽ ۾ سڀني کان پرانهين ڪـُـنڊ کان هڪ چيريندڙ
ڪيڪ آئي. اها گرو شينڪا هئي، هوءَ وڪيلن جي تقريرن
جي شروع ٿيڻ کان اڳ، ڪورٽ ۾ وري داخل ٿيڻ جي موڪل
ٻاڏائي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. متيا کي ٻاهر وٺي
ويا، سزا ٻڌائڻ جو ڪم ايندڙ ڏينهن تي رکيو ويو سڄي
ڪورٽ ۾ لـُـڙ هو. پـُـر مان ٻڌڻ لاءِ ڪونه ترسيس.
البت ڪورٽ کان ٻاهر ويندي ڏاڪڻ تي ڪي جملا ڪنين
پيم:
”کيس ويهه ورهيه کاڻين کوٽڻ جي سزا ملندي.“
”گهٽ نه.“
”اسان جا ڪڙمي پـُـختا رهيا آهن.“
” اسان جي متيا سان ويڌن ڪئي اٿئون.“
dc
پڄاڻي
باب پهريون
متيا کي ڀڄائڻ جون رِٿون
ڪيس جي پوري ٿيڻ کان پنج ڏينهن پوءِ صبح ساجهر جو
نائين وڳي. اليوشا وڃي ڪيٽرينا ايوانونا سان اهم
معاملي تي ڳالهايو ۽ کيس ڪو نياپو به ڏنائين .هن
ساڻس ان ساڳئي ڪمري ۾ ويهي ڳالهايو، جنهن ۾ هوءَ
هڪڙو ڀيرو گروشينڪا سان ملي هئي. ڀر واري ڪمري ۾
ايون فيودورووچ سخت تپيو پيو هو. ڪيٽرينا ايوانونا
ڪورٽ واري واقعي کان ستت پوءِ، ماڻهن جي اڻٽر
چوپچو ۽ خلق ۾ خواريءَ جي پرواهه نه ڪندي، ايون کي
پنهنجي گهر کڻائي وئي هئي. جيڪي ٻه مائٽ وٽس رهيل
هئا، تن مان هڪڙو ڪورٽ واري واقعي کان هڪدم پوءِ
ماسڪو هليو ويو هو، ٻيو اڃا تائين رهيل هو.پر
جيڪڏهن ٻئي هليا وڃن ها، تڏهن به ڪيٽرينا ايوانونا
ڏينهن رات بيمار جي پاسي ۾ ويهي سندس پرگهور لهندي
۽ ٽهل ٽڪور ڪندي رهي ها. مريض جو علاج ۽ هرزينٽيوب
ڪري رهيا هئا. ناليرو ڊاڪٽر ماسڪو موٽي ويو هو، ۽
اها راءِ ڏيڻ کان نابري واري هئائين ته مريض
ڪيستائين چاڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽرن ڪيٽرينا ايوانونا ۽
اليوشا کي دلجاءِ ته ڪرائي هئي، پر اڃا کين
چاڪائيءَ جي پڪي اميد نه ڏياري سگهيا هئا.
اليوشا روز ٻه ڀيرا ڀاءُ کي ڏسڻ ايندو هو. پر هن
ڀيري ڪو خاص تڪڙو ڪم هوس، ۽ اڳواٽ خبر هيس ته
ڳالهه ڪڍڻ ڪيڏو نه ڏکيو ٿيندو، تڏهن به کيس ڏاڍي
تڪڙ هئي. ان صبح جو کيس ڪو ٻيو ڪم به هو. جيڪو
ضرور ڪرڻو هو ۽ تڪڙ ضروري هئي.
کين ڳالهائيندي پاءُ ڪلاڪ جو ٿي ويو هو.
ڪيٽريناايوانونا لهڪاريل ۽ ڏاڍي ٿڪل هئي، تڏهن به
هوءَ وڏي جوش ۾ هئي. کيس اندازو هو ته اليوشا وٽس
ڇا ڳالهائڻ آيو هو.
”سندس فيصلي جو اُلڪو نه ڪر.“ هن اليوشا کي پوري
ويساهه سان زور ڏيندي چيو. ”هيئن يا هونءَ کيس
اهو ئي فيصلو ڪرڻو هو، کيس ضرور ڀڄي وڃڻ کپي.
ڏکويل انسان، هو مانائتو ۽ وڙائتو سورمو. دمتري
فيودورووچ نه پر هو در جي ٻئي پاسي پيل انسان،
جنهن هن لاءِ ايڏي قرباني ڏني آهي.“ ڪاتيا تجلا
ڏيندڙ اکين سان وڌيڪ چيو. ” هن مون کي گهڻو اڳ
فرار جي سڄي رٿ ٻڌائي هئي. خبر ٿئي ته هن اڳيئي
ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون آهن....... مون توکي ٿورو
گهڻو اڳ به ٻڌايو ته آهي......... ڏس، اهو گهڻو
ڪري ٽين منزلگاهه وٽ تڏهن ٿيندو، جڏهن قيدين جي
ٽوليءَ کي سائبيريا وٺي وڃي رهيا هوندا. اڃا گهڻو
وقت پيو آهي. ايون فيودورووچ ٽين منزلگاهه جي
داروغي سان اڳيئي ملي چڪو آهي. پر اڃا اهو پتو
ناهي پيو ته ٽولي ڪنهن جي حوالي هوندي، ۽ اهو
ايترو اڳ معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي. سڀاڻي شايد مان
توکي رِٿ جو وچور ڏيکاريان. اهو ايون فيودورووچ
ڪيس هلڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ ڇڏي ويو هو ته
متان ان جي لوڙ پوي. ياد ڪر، ان ڏينهن، جنهن ڏينهن
تو اسان کي پاڻ ۾ جهيڙو ڪندي ڏٺو هو. ان مهل ڏاڪڻ
لهي ويو هو، پر توکي ڏسي مون کيس موٽي اچڻ تي
مجبور ڪيو هو. ياد ٿئي نه؟ خبر ٿئي ته تڏهن اسان
ڇا تان جهيڙي رهيا هئاسون؟“
”نه مون کي خبر ڪانهي.“ اليوشا وراڻيو.
”جائي هن توکي ڪونه ٻڌايو هوندو. اهو جهيڙو فرار
جي رٿ تان هو، ۽ اسان هڪدم جهڳڙڻ لڳا هئاسون، ۽
ٽئي ڏينهن ساندهه جهيڙندا رهيا هئا سون، جهيڙو
ايون فيودورووچ جي ائين چوڻ تان ٿيو هو ته جيڪڏهن
دمتري فيودورووچ کي ٽيپ آئي ته هو هن رن سان ڀڄي
ويندو. مون کي ان ئي مهل ايڏي ته سخت ڪاوڙ آئي هئي
جو مان توکي نٿي ٻڌائي سگهان ته ڇو، ڇو ته مون کي
پاڻ خبر ڪانهي ته ڇو....... ها، ائين برابر آهي ته
مان هن رن تي سخت ڪاوڙيل هيس، ۽ اِن تان به ڪاوڙي
هيس ته هوءَ دمتريءَ سان گڏ پرڏيهه وڃي!“ ڪيٽرينا
ايوانونا اوچتو واڪو ڪندي چيو ته سندس چپ ڪاوڙ
وچان ڪنبي رهيا هئا، ”ايون فيودورووچ جيئن ئي ڏٺو
ته مان ان رن تان اڃا به پئي ڪاوڙجان، تيئن ئي هن
اهو سمجهيو ته مان سڙان ٿي ۽ اڃا تائين دمتريءَ
سان پيار ٿي ڪريان، اسان جو پهريون جهيڙو ائين
شروع ٿيو هو. مون وٽ ڪا سمجهاڻي به ڪانه هئي، نه
معافي وٺڻ جهڙي هيس. مان اهو سوچي ئي نه پئي سگهان
ته ههڙو انسان مون ۾ اهو شڪ ڪري سگهي ٿو ته مان
اڃا به هن سان پيار ڪريان ٿي..... جڏهن مان کيس
گهڻو اڳ ٻڌائي چڪي هيس ته مون کي دمتريءَ سان محبت
ڪو نه رهي هئي، ۽ مون سواءِ هـُـن جي ٻئي ڪنهن سان
پيار به نٿي ڪيو! اها منهنجي هن رن سان چڙ هئي،
جنهن مون کي ايون فيودورووچ سان ويڙهايو هو، ٽئين
ڏينهن پوءِ، جنهن پوياڙيءَ جو تون آئين، هن مون کي
هڪ مهربند لفافو آڻي ڏنو. جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي پوي
ته مون کي اهو لفافو هڪدم کولڻو هو. ووءِ، هن کي
پنهنجي بيمار ٿيڻ جي اڳواٽ ئي سـُـڌ هئي! هن مون
کي ٻڌايو ته لفافي ۾ متيا جي فرار جو وچور هو، ۽
جيڪڏهن هو مري وڃي يا سخت بيمار ٿي پوي ته مون کي
اڪيلي سر متيا کي بچائڻو هو. پوءِ رقم ڏنائين.
جيڪا ذري گهٽ ڏهه هزار روبل هئي. اهي ئي نوٽ جن جو
سرڪاري وڪيل پنهنجي تقرير ۾ ذڪر ڪيو هو. جن بابت
کيس ڪنهن کان پتو پيو هو ته هن شهر موڪلي مٽرايا
هئا. مون کي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو هو ته ايون
فيودورووچ پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جو خيال اڃا لاٿو
ڪونه هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي فرار ڪرائڻ جي رٿ مون
کي ٻڌائي رهيو هو، توڻي جو تڏهن به ساڙ هيس ۽ پڪ
هيس ته مان متيا سان پيار ٿي ڪريان. اها قرباني
هئي! نه اليگزي فيودورووچ، تون ان قربانيءَ جي
مهانتا نه سمجهي سگهندين. مان احترام وچان سندس
پيرن تي ڪرڻ واري هيس، پر هڪدم خيال آيم ته مون
متيا جي بچائجڻ تان گد گد ٿي ائين پئي ڪيو ( ۽ هو
سچ پچ ائين سمجهي ها) ۽ ههڙي بيواجبي سوچ جي رڳو
امڪان تي ئي ايتري چڙ آيم جو مان آپي مان ٻاهر
نڪري ويس، ۽ بجاءِ سندس پيرن چمڻ جي ڪاوڙ ڏيکارڻ
لڳس! ووءِ، مان ڏکايل آهيان! اهو منهنجو سڀاءُ
آهي، منهنجو نڀاڳو سڀاءُ! ووءِ ووءِ، تون ڏسندين،
مان کيس به ايڏو بيزار ڪري ڇڏيندس جو هو مون کي
ڇڏي وڃي دمتريءَ جيان، ڪاٻي اهڙي هٿ ڪندو، جنهن
سان هلي سگهي. پر.... مون کان سٺو نه پئي ٿيو،
ڇونه پاڻ ماري ڇڏيان، ۽ پوءِ تون اچي وئين، ۽ مون
کيس واپس سڏيو. هن مون کي اهڙي حقارت ۽ ڌڪار ڀريل
نظرن سان ڏٺو، جو مون کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو- توکي
ياد هوندو- مون تو کي دانهن ڏني ته اهو ڇڙو هو ئي
هو، جنهن مون کي دمتريءَ جي خوني هجڻ جو يقين
ڏياريو هو! مون اها ڳالهه، بغض وچان کيس وري ڦٽڻ
لاءِ ڪئي هئي. هن مون کي ڪڏهن به،ڪڏهن به اهو يقين
نه ڏياريو هو ته ڀاڻس خوني هو. ان جي برخلاف اها
مان ئي هيس، جنهن کيس اهو يقين ڏياريو هو! ووءِ،
ووءِ، منهنجو بڇڙو سڀاءُ ئي هر ڳالهه جو ڪارڻ هو!
ڪورٽ اندر ان هيبتناڪ واقعي جي واٽ مون ئي گهڙي
هئي. هن مون کي ڏيکارڻ ٿي چاهيو ته هو عزت وارو
ماڻهو آهي ۽ توڻي جو مان سندس ڀاءُ سان پيار ٿي
ڪريان، هو وير يا ساڙ وچان کيس برباد نه ڪندو. سو
هو ڪورٽ آيو...... سڀ جي ڪارڻ مان آهيان، سڄو ڏوهه
منهنجو آهي!“
ڪاتيا اڳي ڪڏهن به اليوشا اڳيان اِهي ڳالهيون نه
باسيون هيون، ۽ کيس لڳو ٿي ته هوءَ سهڻ کان ٻاهر
پيڙا ڀوڳڻ جي انهيءَ منزل تي هئي، جتي هٺيلي ۾
هٺيلي دل به پنهنجو هٺ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندي آهي ۽
ڏک هٿان ماٺ کائي ڊهي پوندي آهي، ۽ ها اليوشا کي
سندس هاڻوڪي پيڙا جو هڪ ڀوائتو سبب به معلوم هو،
توڻي جو هوءَ ڪيس کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ کانئس
لڪائيندي رهي هئي، هوءَ ڪيس ۾ پنهنجي ’دغا‘ تان
ڀوڳي رهي هئي، ۽ اليوشا کي لڳو ٿي ته سندس ضمير
کيس مجبور ڪري رهيو هو ته هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي،
رڙندي ۽ فرش تي ڦٿڪندي هن آڏو، اليوشا آڏو، باسي
پر، هو ان پل کان ڊنو ٿئي ۽ چاهيائين ٿي ته هو
ائين نه ڪري، ائين ٿيو ته جنهن سانگ سان هو آيو
هو، سا وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. هن وري متيا جي ڳالهه
چوري.
”مڙيئي خيّر آهي، مڙيئي خير آهي، هـُـن جو الڪو
نه ڪر!“ هوءَ تکائيءَ ۽ هوڏ سان وري شروع ٿي وئي.
”اهو سڀ گهڙي پل لاءِ آهي. مان کيس سڃاڻان، مان
سندس سڀاءُ کان چڱي طرح واقف آهيان. يقين ڪر، هو
ڀڄي وڃڻ تي راضي ٿي ويندو. هڪدم به ته ناهي ٿيڻو،
کيس پنهنجو ذهن ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو، جيڪو وٽس آهي.
ايون فيودورووچ تيستائين چاڪ ٿي ويندو ۽ سڀ پاڻ
سنڀاليندو، ۽ منهنجو ڪو واسطو نه رهندو، ڳڻتي بلڪل
نه ڪر. هو ڀڄي وڃڻ تي اوس راضي ٿيندو. هن اڳيئي
مڃيو آهي: ڇا تون سمجهين ٿو ته هو ان رن کي ڇڏي
ڏيندو؟ ۽ هو کيس هن وٽ وڃڻ نه ڏيندا. سو هو ضرور
ڀڄي وڃڻ چاهيندو. اهو تون آهين. جنهن کان هو سڀني
کان وڌيڪ ڊڄي ٿو، هن کي ڀؤ آهي ته تون اخلاقي
اصولن جي ڪري سندس ڀڄي وڃڻ پسند نه ڪندين، پر جي
تنهنجي مرضي ايتري ئي ضروري آهي ته پوءِ تو کي
ڪهڪاءُ ڪندي مڃڻ گهرجي.“ ڪاتيا ڪرڙائيءَ سان چيو.
هن ساهي پٽي ۽ مرڪي ڏٺائين.
”هو ڪنهن مناجات جون ڳالهيون ٿو ڪري.“ هوءَ وري
چوڻ لڳي. ”ڪا ٽياس آهي، جا کيس کڻڻي آهي، ڪو فرض
آهي، جو کيس پورو ڪرڻو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته
ايون فيودورووچ مون کي ان باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو
هو. ۽ توکي خبر هوندي، هن ڪيئن ڳالهايو هو!“
ڪاتيا اوچتو اجهل جوش ّ۾ اچي رڙ ڪئي. ”اي ڪاش،
اهو تون ڄاڻين ها ته جنهن مهل هن مون سان اِها
ڳالهه ڪئي، تنهن مهل کيس ان اڀاڳي انسان سان ڪيڏو
نه پيار هو ۽ شايد ساڳئي وقت ڌڪار به هيس. مون چپن
۾ کلندي حقارت سان سندس ڪهاڻي ٻڌي ۽ سندس ڳوڙها
ڏٺا. حيوان! ها، مان حيوان آهيان، مان ئي هن جي تپ
جي ذميوار آهيان. پر هو قيد ۾ پيل ماڻهو ڀوڳڻ لائق
ئي ڪونهي.“ ڪاتيا چڙ مان ڳالهه پوري ڪئي. ”ڇا
اهڙي قسم جو ماڻهو ڀوڳي سگهي ٿو؟ هن جهڙا ماڻهو
ڪڏهن به ناهن ڀوڳيندا.“
هـُـن جي لفظن ۾ ڌڪار ۽ بڇان جا پرياءَ هئا، پر
تڏهن به اها هوءَ هئي، جنهن کيس دغا ڏني هئي.
’شايد هوءَ محسوس ڪري ٿي ته ساڻس جٺ ڪئي اٿائين،
ان ڪري ڪنهن ڪنهن پل کيس ڌڪارڻ لڳي ٿي،‘ اليوشا
پنهنجي منهين سوچيو. کيس اميد هئي ته اهو ڌڪارڻ
ڪنهن ڪنهن پل ئي ٿيو ٿئي. ڪاتيا جي آخري لفظن ۾
کيس للڪار نظر آئي هئي، پر هن ان کان ٽارو ڪيو.
”مون اڄ صبح توکي ان لاءِ سڏايو هو ته تون پاڻ هن
کي راضي ڪر. يا ڇا تون به ته اِهو نٿو سوچين ته
ڀڄي وڃڻ بيعزتي، ڀاڙ يائپ يا اهڙي ڪا شئي.... شايد
غير ڪـِـرستاني هوندو؟“ ڪاتيا لاپرواهيءَ سان
وڌيڪ چيو.
”نه، بلڪل نه، مان کيس سڀڪجهه ٻڌائيندس.“ اليوشا
ڀڻڪيو، ۽ سندس آلين اکين ۾ هڪ ٽڪ نهاريندي اوچتو
چئي ڏنائين، ” هن اڄ توکي ملي وڃڻ لاءِ چيو آهي.“
هوءَ ڇرڪي، ۽ صوفي تي کانئس ٿورو پري ٿي وئي.
”مون کي؟ ائين ڪيئن هوندو؟“ هوءَ هٻڪي، ۽ هئڊي
ٿي وئي.
”ائين آهي، ۽ هجڻ به گهرجي،“ اليوشا شد مد سان
چوڻ لڳو، ۽ جيئن پوءِ اتساهڪ ٿيندو ويو. ” کيس هن
وقت خاص تنهنجي ضرورت آهي. ضروري نه هجي ها ته مان
اها ڳالهه ڪري توکي پريشان نه ڪيان ها. هو بيمار
آهي، دل جاءِ ڪونهيس، وري وري تنهنجو ٿو پڇي. تو
کي پر چاءَ لاءِ نه سڏايو اٿئين، پر رڳو ان لاءِ
ته تون اوڏنهين وڃي درکان پاڻ پسائيندينءَ. تنهن
ڏينهن کان پوءِ ساڻس گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. کيس
احساس آهي ته حد کان وڌيڪ ڏکويو اٿس. معافي وٺڻ نه
ٿو چاهي. پاڻ چوي ٿو . ’مون کي معاف ڪرڻ ناممڪن
آهي.‘- پر فقط ايترو ته تون وڃي در کان منهن
ڏيکارينس.“
”اهو ايڏو اوچتو آهي.......“ ڪاتيا هٻڪندي چيو.
”ڪيترن ڏينهن کان مون کي پرون پئي پيا ته تون اهو
نياپو کڻي ايندين. مون کي پتو هو ته هو مون کي اچڻ
لاءِ چوندو. اهو ناممڪن آهي.“
”ڀلي ناممڪن هجي، پر ائين ڪر، رڳو اهو سوچ ته کيس
پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته توکي ڪيڏو نه ڏکويو
اٿس، حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو، هن اڳ ڪڏهن به ائين
پوريءَ ريت نه سمجهيو هو. هن چيو، ’جي هوءَ اچڻ
کان انڪار ٿي ڪري ته مون کي سڄي عمر اهو ڏک
رهندو.‘ ٻڌين ٿي نه. جيتوڻيڪ کيس ويهه ورهيه سخت
پورهئيءَ سان ٽيپ ملي آهي. تڏهن به هو خوش رهڻ ٿو
چاهي.- ڇا اها قياس جهڙي ڳالهه ناهي. سوچ، توکي هن
ڏي ضرور وڃڻ کپي: هو برباد ٿي ويو آهي ته ڇا ٿي
پيو، آهي ته بيگناهه.“ اليوشا جي واتان ائين
نڪتو، ڄڻ للڪاريندو هجي. ”سندس هٿ صاف آهن، اهي
رت هاڻا ناهن! خيال ڪر ته کيس اڳيان ڪيڏو ڀوڳڻو
آهي، هينئر وڃي ملي اچينس. کيس اوندهه ۾ وڃڻ واري
واٽ تي وڃي کيڪار- در تي وڃي بيهينس، بس ايترو ئي
ڪر..... تو کي ائين ڪرڻ جڳائي، تو کي جڳائي!“
اليوشا ”جڳائي“ لفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندي بس
ڪئي.
”مون کي جڳائي...... پر مون کان پڄندو ڪو
نه.................“ ڪاتيا هڙ ڪندي چيو. ”هو
مون کي ڏسندو.......... نه مون کان نه پڄندو.“
”توهان جون نظرون ملڻ کپن. جي هينئر ارادو نٿي
ڪرين ته سڄي ڄمار ڪيئن گهاريندينءَ؟“
”چڱو آهي ته سڄي ڄمار ڀوڳيان.“
”توکي وڃڻ جڳائي، توکي وڃڻ جڳائي،“ اليوشا
بيرحميءَ سان زور ڏيندي ورجايو.
”پر اڄ ڇو ..... هڪدم ڇو؟ مان اسان واري مريض کي
ڇڏي نٿي سگهان.“
”ڇڏي سگهين ٿي، گهڙيءَ کن لاءِ. بس گهڙي کن ئي
لڳندو. تون نه هلندينءَ ته هو رات تائين هذيان جي
ور چڙهي ويندو. مان توسان ڪوڙ نٿو ڳالهايان، هن تي
قياس ڪر.“
”مون تي قياس کاءُ!“ ڪاتيا ڪڙو ڏوراپو ڏنس ۽ اچي
روئڻ ۾ ڇٽڪي.
” ته پوءِ تون ايندينءَ.“ اليوشا سندس ڳوڙها ڏسي
پختائيءَ سان چيو. ”مان کيس وڃي ٻڌايان ٿو ته تون
اچڻ واري آهين.“
”نه کيس ڪڏهن به اهو نه ٻڌائجانءِ.“ ڪاتيا
هراسجي چيو. ” مان اينديس، پر کيس اڳواٽ نه
ٻڌائجانءِ، ڇو ته مان اتي وڃان، پر اندر نه
وڃان....... اڃا ڪا خبر ڪانهي.“
آواز جواب ڏيئي ڇڏيس، ۽ اُڀا ساهه کڻڻ لڳي. اليوشا
وڃڻ لاءِ اُٿي بيٺو.
”ڪنهن ڏسي ورتو ته پوءِ؟“ هـُـن جهيڻي آواز ۾
اوچتو چيو، ۽ وري هئڊي ٿي وئي.
”ان ڪري ئي ته چوان ٿو ته هينئر وڃ ته جيئن ڪو
ڏسي نه، مان توکي پڪ ٿو ڏيان ته هن وقت اتي ڪوئي
نه هوندو. اسان تنهنجو انتظار ڪنداسين.“ هن زور
ڏيندي ڳالهه پوري ڪئي ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
dc
باب ٻيو
گهڙي پل لاءِ ڪوڙ سچ ٿي پوي ٿو
اليوشا تڪڙو تڪڙو اسپتال ويو، جتي متيا هينئر
داخل هو. جنهن ڏينهن متيا جي قسمت جو فيصلو ڪيو
ويو هو. تنهن ڏينهن کيس حواسي تپ ٿي پيو هو، ۽ شهر
واري اسپتال جي قيدين واري وارڊ ۾ آڻي رکيو ويو
هو. پر ڊاڪٽر وارونسڪي گهڻن (اليوشا، مادام
هائلڪوف، لـِــزي وغيره) جي چوڻ تي متيا کي ٻين
قيدين سان گڏ نه پر هڪ ننڍي پاسيري ڪوٺيءَ ۾، جتي
سميرڊياڪوف کي رکيو ويو هو، داخل ڪيو هو. اها
رعايت مڙيئي ڪجهه قاعدي جي خلاف هئي، پر جيئن ته
دالان جي پرينءَ ڪنڊ تي پهريدار به هو ۽ ڪوٺيءَ جي
دري شـِـيخن جو پڃرو به لڳل هو. سو ڊاڪٽر
وارونسڪيءَ کي گهڻو الڪو ڪو نه هو، هو دل جو نرم ۽
ٻاجهارو جوان هو، کيس پتو هو ته متيا جهڙي ماڻهوءَ
لاءِ اوچتو ڌاڙيلن ۽ خونين جي صحبت ۾ وڃڻ ڪيڏو نه
ڏکيو ٿيندو. ۽ چڱو اهو آهي ته هو اهڙي صحبت سان
هوريان هوريان هـِـري . متيا کي ڊاڪٽر، مقدم ۽
ويندي پوليس ڪئپٽن طرفان مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ جي
موڪل هئي. پر رڳو اليوشا ۽ گروشينڪا ئي ملڻ ايندا
هئس. ريڪٽن ٻه ڀيرا زوريءَ اندر اچڻ جي ڪئي هئي،
پر متيا ڊاڪٽر کي ٻاڏايو هو ته کيس اندر اچڻ نه
ڏي.
اليوشا آيو ته متيا بستري تي اسپتال وارو جبو پايو
ويٺو هو. ٿوري ڪڻس هيس ۽ مٿي تي سـُـرڪي ۽ پاڻي ۾
ٻوڙيل ٽوال هوس. اليوشا اندر آيو ته متيا مبهم
تاثر وارين نظرن سان ڏٺس، پر تڏهن به انهن ۾ اُڊڪي
جهڙي ڪنهن شئي جو هلڪو رنگ به جهلڪيو ٿي. ڪيس
کانپوءِ هو سوچن ۾ غلطان رهڻ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته
اڌ اڌ ڪلاڪ به چپ رهندو هو ۽ لڳندو هو ته هو هر
شئي کان بيخبر ڪنهن تمام ڳري ۽ سـُـورائتي ويچار ۾
آهي. انهن سوچن مان سجاڳ ٿي ڪجهه چوندو هو ته سندس
ڳالهائڻ ۾ هميشه هڪ قسم جي اٻهرائي هوندي هئي. ۽
اهو نه چوندو هو، جيڪو سچ پچ چوڻون هوندو هوس.
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀاءُ کي پيڙا ڀوڳيندڙ منهن سان
ڏسندو هو. پاڻ اليوشا بنسبت گروشينڪا سان وڌيڪ
سهنجو ڀائيندو هو، توڻي جو ساڻس ڳالهائيندو ورلي
ڪو هو، پر جيئن ئي هوءَ اندر گهڙندي هئي، تيئن هن
جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳندو هو.
اليوشا اچي هن وٽ هنڌ تي ويهي رهيو. هن ڀيري متيا
کي اليوشا جي وڏي انتظاري هئي، پر کانئس ڪجهه پڇڻ
جي همٿ ڪانه پئي ٿيس. کيس ڪاتيا جي اچڻ تي راضي
ٿيڻ، اڻ ٿيڻي ٿئي ڀاسيو، ۽ ساڳي وقت کيس لڳو ٿئي
ته هوءَ آئي به سهي ته ڪائي سوچ کان پري ڳالهه
پرگهٽ ٿيندي. اليوشا سندس جذبات کي سمجهندو هو.
”مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي“ متيا وائڙو وائڙو، چوڻ
لڳو، ” ته تريفون بورسووچ پنهنجي سراءِ اڊيڙي ڇڏي
آهي. چون ٿا ته فرش پٽائي ڇڏيو اٿائين، تختا ڪڍائي
ڇڏيا اٿائين. مهاڙي ڀڃائي ڇڏي اٿائين. هر وقت
خزانو پيو ڳولي. اهي پنڌرنهن سؤ روبل جيڪي سرڪاري
وڪيل چوي ٿو ته مون اتي لڪايا آهن. چون ٿا ته هو
جيئن ئي گهر آيو هو، تيئن ئي اهي حرڪتون ڪرڻ لڳو
هو. ڪيتو ٿو ڀوڳي، ٺڳ ڪنهن جاءِ جو، مون کي
پهريدار ٻڌايو، هو اتان جو آهي.“
”قـُـُڌ،“ اليوشا چيس، ”هوءَ ايندي پر خبر ناهي
ته ڪڏهن. شايد اڄ، شايد ڏينهن ٻن ۾، اهو مان نٿو
چئي سگهان، پر هوءَ ايندي، اها پڪي ڳالهه آهي.“
متيا ڇـِـرڪ ڀريو. ڪجهه چوي ها، پر چپ رهيو. ان
خبر مٿس زبردست اثر ڪيو هو. هن پڌري پٽ ڄاڻڻ ٿي
چاهيو ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون، پر پڇڻ کان
گهٻرايائين پئي، متان ڪاتيا ڪا اهڙي ظلمي ۽ حقارت
واري ڳالهه ڪئي هجيس، جيڪا اندر ڪاتيءَ جيان ڪوري
وجهي.
”هن ٻين ڳالهين سان گڏ هيءُ پڻ چيو ته مان ڀڄي
وڃڻ واري مامري بابت تنهنجي ضمير کي مطمئن ڪيان،
ايون تيستائين چاڪ نه ٿيو ته هوءَ پاڻ سڀ ڪجهه
ڪندي.“
”تو اهو اڳي به چيو هو.“ متيا پور پچائيندي چيو.
”ها، ۽ تو اِها ڳالهه گروشينڪا کي ٻڌائي ڇڏي
آهي،“ اليوشا چيو.
”ها“ متيا مڃيو ”هوءَ اڄ صبح جو ڪو نه ايندي.“
هن ڀاءُ کي هيسيل نموني ۾ ڏٺو. ”هوءَ سانجهيءَ
کان اڳ نه ايندي. جڏهن مون ڪالهه کيس ٻڌايو ته
ڪاتيا اُپاءَ وٺي رهي آهي، تڏهن هوءَ چـُـپ رهي
هئي. پر چـَـپَ ڀيڪوڙي ڇڏيا هئائين. رڳو ايترو
ڀڻڪي هئي، ’ڀلي وٺي!‘ کيس مامري جي اهميت جو احساس
هو. مون ۾ کيس وڌيڪ چورڻ جي همت نه هئي. آءٌ
سمجهان ٿو ته هاڻ کيس سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته
ڪاتيا کي هاڻي منهنجي پرواهه ڪانهي، هوءَ ايون سان
پيار ٿي ڪري.“
”ڇا واقعي؟“ اليوشا جي وات مان نڪتو.
”شايد، پر اڄ صبح جو ڪونه پئي اچي،“ متيا تڙ تڪڙ
۾ وضاحت ڪئي. ”مون کيس هڪڙو ڪم چيو هو. ايون اسان
سڀني کان اُتم آهي. اسان جيئرا رهون نه رهون. کيس
رهڻ کپي. هت چاق ٿي ويندو.“
”اعتبار ڪندين ته ڪاتيا کي سندس ڏاڍي ڳڻتي آهي،
پر تڏهن به سندس چاڪ ٿيڻ ۾ خير ڪو شڪ اٿس.“
اليوشا چيو.
”چئبو ته هڪ پڪ ئي پڪ مري ويندو. اهو ان ڪري ته
هوءَ ڊڄي ٿي ته کيس سندس چاق ٿيڻ جي ايتري پڪ
آهي.“
”ايون سگهاري هاٺيءَ وارو آهي. مان پڻ وسهان ٿو
ته سندس چاق ٿيڻ جي هر ڪا اُميد آهي.“ اِليوشا
ڳڻتيءَ مان چيو.
”هائو هو چاق ٿي ويندي. پر هوءَ ضرور سمجهي ٿي ته
هو مري ويندو کيس ڏاڍو ڏک ڏسڻو آهي.......“ ماٺ
ڇانئجي وئي، متيا کي ڪنهن وڏي ڳڻتيءَ لــُــڇ
پــُــڇ ۾ وجهي ڇڏيو هو.
”اليوشا، مون کي گروشا سان ڏاڍي محبت آهي،“ هن
اوچتو ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”هو کيس ڪونه ڇڏيندو تو
ڏي اوڏنهين اچي.“ اليوشا هڪدم چيو.
” ۽ آءٌ تو کي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائڻ چاهيان ٿو،“
متيا گهڻڪاريندڙ لهجي ۾ چيو . ”جي هنن واٽ تي يا
اتي مون کي ماريو ته آءٌ ماٺ نه رهندس. آئون ڪنهن
کي ماري ڇڏيندس ۽ مون کي اِن تان گولي هڻي ڇڏيندا.
۽ ائين ويهه ورهيه هلندو! هو مون سان هونءَ ئي
کهرو ڳالهائيندا آهن. آئون هت سڄي سڄي رات پيو
هوندو آهيان ۽ پنهنجو پڇاڻو پيو ڪندو آهيان. آءٌ
تيار ناهيان! آءٌ پاڻ کي راضي رهڻ تي آمادو نه ڪري
سگهيو آهيان. آءٌ مناجات ڳائڻ ٿو چاهيان، پر ڪنهن
پهريدار مون سان کهرو ڳالهايو ته مون ۾ اِهو سهي
وڃڻ جي سگهه ڪانهي، گروشا لاءِ آءٌ ڪجهه به سهي
سگهان ٿو، سواءِ ڌڪن جي، پر کيس اوڏانهين اچڻ ڪو
نه ڏيندا.“
اليوشا سٻاجهي مرڪ مرڪيو.
”ٻـُـڌ، ادا، مان آخري ڀيرو چوانءِ ٿو.“ هو چوڻ
لڳو. ”ان سڄي مامري بابت منهنجو خيال اجهو هي
آهي، ۽ تو کي خبر آهي ته مان توسان ڪوڙ نه
ڳالهائيندس، ٻـُـڌ: تون تيار ناهين، ۽ اهڙي ٽياس
تو لاءِ ناهي. جڏهن تون ان لاءِ تيار ناهين، تڏهن
تون اها شهيدن واري ٽياس کڻ به نه. تو اسان جي
پيءُ کي ماريو هجي ها ته تون ان جي سزا رد ٿو
ڪرين، پر تون بيگناهه آهين، ۽ اهڙي ٽياس تو لاءِ
حد کان گهڻي آهي. تون ڏک ڀوڳي پاڻ کي ٻيو ماڻهو
بڻائڻ ٿو چاهين. مان چوان ٿو ته جتي به هجين اهو
ٻيو ماڻهو ياد رکجانءِ، ۽ اهو ئي تو لاءِ ڪافي
آهي، ان مهان ٽياس کي تنهنجو تياڳ تو کي ساري عمر
هڪ ٻئي وڌيڪ مهان فرض جي ياد ڏياريندو رهندو، ۽
اهو هر گهڙيءَ رهندڙ احساس شايد توکي نئون ماڻهو
بڻائڻ جي وڌيڪ ڪم ايندو، تنهنجي اوڏنهين وڃڻ کان
وڌيڪ، ڇو جو اُتي اهو احساس هوندو ئي ڪونه ، ۽ تون
اندر ئي اندر جهـُـرندو رهندين، ۽ شايد انت چئي
اٿيندين: ’ليکو لٿ پٿ‘ وڪيل اهو سچ چيو هو اهڙا
ڳرا بار سڀني ماڻهن جي کڻڻ جهڙا ناهن.ڪن لاءِ ته
ماڳهين ناممڪن هوندا آهن. اهي ٿئي منهنجا خيال، جن
جي تو کي ايڏي سـَـڌَ هئي، جيڪڏهن ٻين ماڻهن کي
تنهنجي ڀاڄ تان جواب ڏيڻو پوي ها ته مان تو کي
’موڪل‘ نه ڏيان ها،“ اليوشا مرڪيو. ”پر چون ٿا-
ان منزلگاهه جي داروغي پاڻ ايون کي ٻڌايو هو- ته
جي بندوبست جوڳو هوندو ته خاص وَڙول ڪانه ٿيندي، ۽
هو آسانيءَ سان ڇٽي ويندا. رشوت ڏيڻ برابر ڪڌو ڪم
آهي، ويندي ههڙن مامرن ۾ به، پر مان ڪائي فتوا نٿو
ڏيان، ڇو جو ايون ۽ ڪاتيا مون تي اهو ڪم رکندا ته
پوءِ مون کي خبر آهي ته مان وڃي رشوتون ڏيندس. مون
کي لازم آهي ته توسان سچ ڳالهايان. سو مان تنهنجي
ڀڄڻ بابت ڪا فتوا نه ڏيندس. پر مان تو کي يقين ٿو
ڏياريان ته توکي ڪڏهن به نه ننديندس، ۽ منهنجو ان
معاملي ۾ فتوا ڏيڻ ڏاڍو عجيب ٿيندو، هاڻي مان
سمجهان ٿو ته سڄي ڳالهه ڪري ڇڏي اٿم.“
”آءٌ پاڻ پاڻکي ننديان ٿو.“ متيا رڙڪئي. ”آءٌ
ڀڄي ويندس اهو ته تو کان سواءِ ئي طئي ٿي چڪو هو،
ڇا متيا ڪرامازوف ڀڄي وڃڻ ڌاران ٻيو ڪجهه ڪري سگهي
ٿو ڇا؟ آءٌ پاڻ کي ننديندس ۽ هميشه عبادت ڪندس.
يسوعي(1)
ائين ئي ڳالهائيندا آهن نه؟
جيئن اسان پيا ڳالهايون؟“
”هائو،“ اليوشا نرميءَ سان مرڪندي وراڻيو.
”مون کي تنهنجي اها ڳالهه وڻندي آهي ته سدائين
سڄو سچ چوندو آهين ۽ ڪڏهن به ڪجهه لڪائيندو
ناهين،“ متيا خوشدليءَ سان کلندي چيو، ”سو مون
پنهنجي اليوشا جو يسوعي هجڻ پڪڙي ورتو آهي. ان تان
آءٌ تو کان چمي وٺندس. هاڻي باقي ٻڌ، آءٌ پنهنجي
دل جو ٻيو پاسو تنهنجي لاءِ کوليان ٿو. مون هيءُ
رٿيو ۽ فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن آءٌ ڀڄي نڪتس، ۽
ڏوڪڙ ۽ پاسپورٽ به هوندم ۽ رخ آمريڪا ڏانهن رکيم
ته آئون انهيءَ خيال تان سرهو ٿيندو رهندس ته آءٌ
مزن ماڻڻ لاءِ، خوش گذارڻ لاءِ نه، پر شايد هڪ ٻي
سائبيريا جهڙي جلاوطنيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان.
اها تيتري ئي بڇڙي آهي، اليوشا تيتري ئي بڇڙي! مون
کي آمريڪا کان نفرت آهي، هاڻي ئي لعنت ٿو وجهانس،
جيتوڻيڪ گروشا مون سان ساڻ هوندي، رڳو هڪڙي نظر
وجهي ڏسينس.ڇا هوءَ آمريڪي آهي؟ هوءَ ته روسي آهي.
پنهنجن هڏن جي مــِــک تائين روسي. هوءَ سدائين
وطن لاءِ سڪايل رهندي، ۽ آءٌ هر گهڙي پيو ڏسندس ته
هوءَ منهنجي ڪري ڀوڳي رهي آهي. ۽ اها ٽياس منهنجي
خاطر کنئي اٿس. ۽ هن ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ هت جيڪا
ڪــُــت خلق هوندي، توڻي جو اهي مون کان وڌيڪ چڱا
هوندا، منهنجانئن هر هڪ، تڏهن به آءٌ هنن کي ڪيئن
جالي سگهندس؟ مون کي آمريڪا کان هاڻي ئي نفرت ٿي
وئي آهي! ۽ توڻي جو منجهانئن هر هڪ، مشينن ۾ ڀڙ
هوندا، تڏهن به هنن تي لعنت هجي ، هو منهنجي مٽيءَ
مان ناهن. مون کي روس سان پيار آهي، اليوشا، مون
کي روسي خدا سان پيار آهي، توڻي جو آءٌ لــُــچ
آهيان، آءٌ اتي ٻوساٽجي ويندس!“ هن ڳالهايو پئي
ته اکيون کـِـنوڻ وانگر کـِـنوي رهيون هيس، آواز
ڳوڙهن جي ڪري ٿڙڪي رهيو هوس. ”سو مون هي فيصلو
ڪيو آهي، اليوشا، ٻــُــڌ.“ هو پنهنجي جذبات کي
وس ۾ آڻي وري شروع ٿيو. ”آءٌ ۽ گروشيا اُتي پهچڻ
سان ئي زمين تي ڪم ڪرڻ لڳندا سون، ايڪانت ۾، ڪنهن
ڏورانهين هنڌ، جتي جهنگلي رِڇ هجن. ڪي ڏورانهان
هنڌ ته ضرور هوندا اُتي. مون ٻڌو آهي ته اُتي افق
جي ڇيڙي وٽ ڪٿي ڳاڙهي چمڙيءَ وارا اڃا آهن. سو
اسان جو رخ باقي بچيل موهيڪنن جي ملڪ ڏانهن هوندو،
۽ اتي اسان، آءٌ ۽ گروشيا، هڪدم ٻولي سکڻ جي ڪنداسين. ڪم ۽
ٻولي- ائين ٽئي ورهيه گذارينداسين. تيستائين اسان
انگريزن وانگر انگريزي ڳالهائڻ لڳنداسين، جيئن ئي
اسان ٻولي سکي ورتي، تيئن ئي آمريڪا کي خدا حافظ.
اسان آمريڪي شهرين جي حيثيت ۾ روس موٽي اينداسين.
اُلڪو نه ڪر، اسان هن ننڍڙي شهر ڪونه اينداسين،
ڪٿي پري اُتر ۾ يا ڏکڻ ۾ لڪي رهنداسين، تيستائين
آمريڪا ۾ منهنجو حـُـليو مٽجي ويندو ۽ گروشا جو
پڻ، اُتان جا ڊاڪٽر منهنجي منهن تي ڪو موهيڙو
وغيره ٺاهي ڇڏيندا، نه ته هنن جو مشينن ۾ اهڙي ڀڙ
هجڻ جو ڪهڙو فائدو! يا وري پنهنجي هڪڙي اک ڪڍي
ڇڏيندس، ڏاڙهي ڇڏي پوري هڪ وال ڪندس، ۽ روس لاءِ
سڪندي اڇا پئجي ويندم. مون کي پڪ آهي ته هو اسان
کي ڪونه سڃاڻي سگهندا، پر جي سڃاڻي ورتائون ته
پوءِ ڀلي پيا سائبيريا اُماڻين- مون کي پرواهه
ناهي. سمجهنداسين ته اسان جي نصيب ۾ اهو لکيل هو.
هتي پڻ اسان ڪنهن سڃي پاسي زمين تي ڪم ڪنداسين، ۽
آءٌ باقي ساري عمر آمريڪي هجڻ جو منهن ڪندس. پر
اسان پنهنجا پساهه پنهنجي وطن ۾ پورا ڪنداسين، اها
آهي منهنجي رٿ ۽ ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.....
توکي وڻي؟“
”هائو،“ اليوشا چيو. هن سندس ترديد نه ٿي ڪرڻ
چاهي. متيا منٽ کن ساهي کنئي، ۽ پوءِ اُمالڪ
چيائين:
”ڪيس ۾ هنن ڪيئن نه ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري
ڏيکاريو هو، ڳالهوڙو ڪري ڏيکاريو هون نه؟“
”جي نه به ڪن ها ته توکي ٽيپ ته ڏيڻي هين،“
اليوشا ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”هت ماڻهو مون مان تنگ آهن! خدا خوش رکين، پر آهي
ڪٺن.“ متيا ڏک وچان ڪــُــرڪيو. وري کن پل ماٺ ٿي
وئي.
”مون کي منهنجي پيڙا مان هڪدم ڪــَــڍُ!“ متيا
اوچتو واڪو ڪيو. ”مون کي ٻڌاءِ، هوءَ هينئر ايندي
يا نه؟ ٻڌاءِ مون کي هن ڇا چيو هو؟ ڪيئن چيو هو؟“
”اچڻ جو بلڪل چيو هئائين، پر مون کي پتو ناهي ته
اڄ ايندي يا نه. هن لاءِ ڏکيو به ته آهي، توکي پاڻ
خبر آهي.“ اليوشا ڊڄندي ڀاءُ ڏانهن نهاريو.
”ها، بيشڪ هن لاءِ ڏکيو آهي! اليوشا، ائين ته آءٌ
چريو ٿي پوندس. گروشيا مون کي نهاريندي رهندي آهي.
هوءَ سمجهي ٿي. منهنجا خدا. منهنجي دل کي سڪون ڏي.
مون کي ڇا ٿو کپي؟ ڇا ڪاتيا ٿي کپيم؟ ڇا مون کي
پتو آهي ته ڇا ٿو کپيم؟ اها ئي ڪرامازوفن جي هٺيلي
۽ بڇڙي طبع. نه آءٌ ڀوڳڻ جهڙو آهيان ئي ڪو نه. آءٌ
رڳو بدمعاش آهيان. بس اهو ئي چئي سگهجي ٿو.“
”هوءَ اچي پئي،“ اليوشا رڙ ڪئي.
ايتري ۾ ڪاتيا در مان پر گهٽ ٿي. هوءَ کن پل اتي
ئي بيهي متيا کي تپرس وچان تڪيندي رهي. هو ٽپ ڏيئي
اٿي کڙو ٿيو. ۽ اکين ۾ ڊنل هجڻ جو تاثر اُڀري آيس.
هو هئڊو ٿي ويو، پر اوڏيءَ مهل سندس چپن تي هيسيل،
ليلائيندڙ مرڪ ظاهر ٿي، ۽ هن جا ٻئي هٿ اجهل اُڌمي
وچان ڪاتيا ڏانهن وڌي ويا، جن کي ڏسندي ئي هوءَ
هوڙائيءَ وچان هٿن ڏانهس ڊوڙي آئي، ۽ سندس ٻئي هٿ
سـُـڪ ڪري ذري گهٽ زوريءَ هنڌ تي ويهاري ڇڏيائينس.
۽ پاڻ به سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليو، ڀرسان ويهي
رهيس. ٻنهي ڪيئي ڀيرا ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اکر
به نه اُڪلين، ۽ وري هڪ ٻئي کي عجيب مرڪ سان، اکين
۾ اکيون پائي تڪڻ لڳا.
”مون کي معاف ڪري ڇڏيو اٿئي نه؟“ متيا نيٺ چئي
ڏنو، ۽ ساڳئي وقت اليوشا ڏانهن مـُـڙي خوشيءَ وچان
ٻهڪندڙ منهن سان رڙ ڪيائين، ” ٻڌين ٿو، آءٌ ڇا
پيو پڇانس، ٻڌين ٿو نه؟“
”ان ڪري ئي مون ته تو سان پيار ڪيو هو، تون دل جو
سخي آهين،“ ڪاتيا جي وات مان نڪتو. ”منهنجو توکي
معاف ڪرڻ ۽ تنهنجو مون کي هاڻ ڪهڙي ڪم جو، تون مون
کي معاف ڪرينءَ يا نه، سدائين منهنجيءَ دل ۾ ڏکندو
رهندين، ۽ مان تنهنجيءَ ۾- هميشه ائين ئي رهندو..“
هن چپ ڪري ساهي پٽي. ”مان ڇا لاءِ آئي آهيان؟“
هوءَ بدحواس ٿي اُٻهرائيءَ مان وري چوڻ لڳي.
”تنهنجن پيرن کي ڳراٽڙي پائڻ ۽ تنهنجا هٿ هينئن
جهلڻ، تان جو سور ٿيڻ لڳي- تو کي ياد آهي نه،
ماسڪو ۾ ڪيئن انهن کي ڀيڪوڙيندي هيس- تو کي وري
اهو ٻڌائڻ ته تون منهنجو ديوتا آهين. منهنجي خوشي،
۽ اهو چوڻ ته مان تنهنجي پيار ۾ چري آهيان،“ هوءَ
پيڙا وچان ڪنجهي ۽ اُمالڪ سندس هٿ بکين وانگر
پنهنجن چپن سان لڳائي ڇڏيائين. سندس اکين منجهان
ڳوڙها وهڻ لڳا. اليوشا کي تپرس وچان ماٺ وٺي وئي
هئي، هو جيڪي ڏسي رهيو هو، سو ڪڏهن خيال ۾ ئي نه
آيو هوس.
”پيار پورو ٿي ويو آ متيا!“ ڪاتيا وري چيو. ”پر
ماضي مون کي ڏاڍو پيارو آهي. ڄاڻ ته تون مون لاءِ
سدا اهڙو ئي رهندين، پر هاڻ ڇڏ ته جيڪو هوند ٿي
پئي ها، سو گهڙي پل لاءِ ٿي پوي،“ هوءَ هٻڪي چپ
ٿي وئي، منهن تي ٿڪل ٿڪل مرڪ اچي ويس، وري متيا جي
اکين ۾ سرهائيءَ سان تڪڻ لڳي. ”تون ٻي عورت سان
پيار ٿو ڪرين مان ٻئي مرد سان، پر تڏهن به منهنجو
توسان هميشه پيار رهندو، ۽ تنهنجو مون سان، ڄاڻين
ٿو نه؟ ٻڌين ٿو ته؟ مون سان سڄي عمر پيار ڪجانءِ،
مون سان سڄي عمر پيار ڪجانءِ.“ هن ذري گهٽ دڙڪي
سان ڏڪندڙ لهجي ۾ چيو.
”آءٌ تو کي پيار ڪندس، ۽... خبر ٿي، ڪاتيا،“
متيا هر لفظ تي ڊگهو اونهو ساهه کڻندي چوڻ لڳو،
”خبر ٿي پنج ڏينهن اڳ. ساڳي پوياڙيءَ جو، جڏهن
تون ڦان ٿي ڪري پئي هئينءَ ۽ تو کي ٻاهر کڻي ويا
هئا.. مون تو سان پيار ڪيو هو.... آءٌ سڄي عمر
ائين ڪندس، هميشه ائين ڪندس-“
ٻئي هڪ ٻئي سان ائين ئي اُٻهرا لفظ ڀڻڪندا رهيا.
بي معنيٰ لفظ، جيڪي شايد سچا به نه هئا، پر اوڏيءَ
مهل اهو سڀ سچ هو، ۽ ٻنهي جيڪي ڪجهه چيو ٿئي، تنهن
۾ انڌو ويساهه به هونَ.
”ڪاتيا!“ متيا اوچتو رڙ ڪئي، ”تون وسهين ٿي ته
مون هن کي ماريو هو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون هينئر
ائين ڪونه ٿي وسهين، پر تڏهن...... جڏهن تو شاهدي
ڏني هئي....... تو پڪ ائين نٿي وسهيو!“
”مون تڏهن به ائين ڪونه وسهيو هو ، ۽ ڪڏهن به نه
وسهيو اٿم. مون تو کي ڌڪاريو ٿي، ۽ کن پل لاءِ پاڻ
کي مڃايو هوم. شاهدي ڏيڻ وقت پاڻ کي مڃايو هوم ۽
وسهيو هوم. پر ڳالهائڻ پورو ڪندي ئي وسهڻ ڇڏي ڏنو
هوم، ڪو شڪ شبهو نه ڪر! مون وساري ڇڏيو آهي ته مان
هت پاڻ کي سيکت ڏيڻ لاءِ آئي هيس.“ هن اهڙي لهجي
۾ چيو، جيڪو سندس ساجهر واري پاٻوهه ڀري لهجي کان
بلڪل الڳ هو.
”مائي، تنهنجو بار ڳرو آهي.“ متيا کان جهڙوڪر اڻ
جهليو نڪري ويو.
”مون کي ڇڏ ته وڃان هلي،“ هوءَ ڀڻڪي، ”مان وري
ايندس. هينئر مون کان سٺو نٿو ٿئي.“
هوءَ اٿڻ لڳي هئي، پر اوچتو رڙ نڪري ويس، ۽ ڍرڪي
وري ويهي رهي. گروشينڪا اوچتو بي آواز ڪوٺيءَ ۾
گهڙي آئي. ڪنهن کي سندس اچڻ جي اميد نه هئي. ڪاتيا
تـِـکي تـِـکي در ڏانهن وڌي، پر جيئن ئي گروشينڪا
وٽ پهتي، تيئن ئي منهن جو پنو لهي ويس، ۽ جهڪي
آواز ۾، جهڙوڪر ڀڻڪندي چيائين:
”مون کي معاف ڪر.“
گروشينڪا کيس گهوري ڏٺو، کن لاءِ دم پٽي، وير
وٺندڙ ۽ وهاٽيل آواز ۾ وراڻيائين:
”منهنجي سرتي، اسان، تون ۽ مان نفرت سان ڀريل
آهيون، ڄڻ ته اسان هڪ ٻئي کي معاف ڪري سگهون ٿا!
کيس بچاءِ، ۽ مان يا عمر تنهنجي پوڄا ڪنديس.“
”تون کيس معاف نه ڪندينءَ!“ متيا اُٻهرائيءَ مان
مهڻو ڏنس.
”اُلڪو نه ڪر. مان هن کي تنهنجي لاءِ بچائيندس،“
ڪاتيا تڪڙي ڀڻڪ ڪئي ۽ ڪوٺيءَ مان ڊوڙندي نڪري
وئي.
” ۽ تون کيس معاف ڪرڻ کان انڪاري آهين توڻي جو هن
پاڻ تو کان معافي گهري هئي.“ متيا دانهن ڪندي
ڏوراپو ڏنس.
”متيا، متان کيس ڏوهه ڏنو اٿئي، تو کي ڪو حق
ڪونهي.“ اليوشا گرمي کائيندي چيو.
”سندس هٺيلا چپ ٻوليا ها، دل نه.“ گروشينڪا ڌڪار
ڀري لهجي ۾ چيو. ”تو کي بچائي ٿي ته مان کيس هر
ڳالهه معاف ڪري ڇڏينديس-“
هوءَ چپ ٿي وئي، ڄڻ ڪجهه لڪائي رهي هجي، هوءَ اڃا
پاڻ سنڀالي نه سگهي هئي. پوءِ ظاهر ٿيو ته هوءَ
اتفاق سان اتي اچي نڪتي هئي، ۽ ڪو اندازو نه هيس
ته ڇا پـِـڙ پوندس.
”اليوشا، ڊوڙندو پٺيان وڃينس!“ متيا ڀاءُ کي رڙ
ڪئي، ”کيس ٻڌاءِ.... پتو ناهي...... ائين وڃڻ نه
ڏينس!“
”مان رات جو وري ايندس.“ اليوشا چيو، ۽ ڊوڙندو
ڪاتيا جي پٺيان ويو، ۽ اسپتال کان ٻاهر وڃي
پـُـڳس. هوءَ تڪڙيون وکون کڻي وڃي رهي هئي، پر
اليوشا جيئن ئي پـُـڳس، تيئن ئي اتاولائيءَ مان
چيائين:
”نه، اُن رن اڳيان مان پاڻ کي سيکت نٿي ڏيئي
سگهان! مون معافي گهري ئي انهيءَ لاءِ هئي ته پاڻ
کي توڙ تائين سيکت ڏيان. هن مون کي معاف نه
ڪيو...... سندس ائين ڪرڻ مون کي وڻيو“ هن
اسڀاويڪ لهجي ۾ چيو، ۽ اکيون سخت حـِـْڙ وچان چمڪڻ
لڳيس.
”منهنجي ڀاءُ کي اهڙو ڪو اُڊڪو نه هو.“ اليوشا
ڀڻڪيو. ”کيس پڪ هئي ته هوءَ ڪانه ايندي.“
”بيشڪ چڱو هاڻي ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي.“ هن ڇڙٻيو.
”ٻڌ: مان هينئر تو سان جنازي تي ڪونه هلي
سگهنديس. مون کيس گل موڪليا آهن. مان سمجهان ٿي ته
وٽن اڃا ڏوڪڙ آهن. ضروري هجي ته کين چئجانءِ ته
مان کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينديس..... هاڻي مون
کي اڪيلو ڇڏ، مهرباني ڪري، اڪيلو ڇڏ. تو کي اڳيئي
دير ٿي وئي آهي.... جنازي لاءِ گهنڊ وڄي رهيو
آهي.... مهرباني ڪري تون وڃ.“
dc
|