سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو چوٿون

صفحو :16

 

 

باب چوٿون

ترانو ۽ راز

 دير ٿي وئي هئي، (نومبر ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن) جڏهن اليوشا، قيدخاني جي دروازي جي گهنٽي وڄائي. انڌيرو ڇانئجي رهيو هو، پر اليوشا ڄاتو ٿي ته کيس مشڪل کان سواءِ، اندر داخل ٿيڻ جي اِجازت ڏني ويندي. اَسان جي هن ننڍڙي شهر ۾ اُهو ئي ٿي سگهيو پئي، جو ٻين هنڌن ۾ ٿيندو آهي. پهريائين بيشڪ ابتدائي جاچ کان پوءِ عزيزن ۽ ٻين ماڻهن کي مـِـتيا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ. ڪن اَڻٽر رواجن مان گذرڻو ٿي پيو. پر پوءِ جيتوڻيڪ هنن رواجن کي لاٿو ته نه ويو هو، پر  مـِـتيا جي ملاقاتين لاءِ ڪجهه پابندين ۾ گهٽتائي آندي وئي هئي. اِهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن قيديءَ سان ملاقات جي لاءِ، جدا ڪمرو به ڏنو ويندو هو، ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جي موجودگي نه رکي ويندي هئي.

هي رعايتون جيتوڻيڪ انداز ۾ گهٽ هيون ۽ فقط گروشينڪا، اليوشا ۽ ريڪيٽن تائين محدود هيون، پر پوليس جو ڪپتان مائيڪل مڪائيلووچ، گروشينڪا جي حالت ۾ وڌيڪ مهربان ٿي ڏٺو. هن ماڪرو ۾ کيس خوب گاريون ٿي ڏنيون ۽ سندس ضمير تي اِهو وڏو بار هو، پر جڏهن هن سڄي ڪهاڻي ٻـُـڌي، هن مڪمل طور تي هـُـن جي لاءِ پنهنجي خيالن کي بدلائي ڇڏڻو پيس. هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، ته باوجود هن ڳالهه جي، ته کيس  مـِـتيا بابت قاتل هئڻ جو يقين هو، هو هڪ ڀيري قيدخاني ۾ وٽس لنگهي ويو ۽ هن پوڙهي انسان ساڻس بيحد نرمائيءَ جي هلت ڪئي. هن خيال ٿي ڪيو، ته هيءُ نيڪ دل انسان هو، جو پنهنجي شراب خوريءَ ۽ بي عمليءَ سبب تڪليف ۾ آيو آهي. سندس پهريون خوف هاڻي رحم سان ڀرجي چڪو هو. اليوشا بابت، ته کيس بيحد عمدو خيال هو ۽ کيس گهڻي وقت کان ڄاڻندو هو. ريڪيٽن، جو گهڻو پوءِ اَڪثر قيديءَ وٽ ايندو هو. ان جي، ڪپتان جي نوجوان بيگمن سان قريبي واقفيت هئي ۽ اڪثر سندن گهر ۾ به ويندو هو. هو قيدخاني جي سپرنٽينڊنٽ (ناظم) جي گهر ۾ پاڙهيندو ٿي رهيو. هو پنهنجي فرائض ۾ سخت گير هئڻ جي ڪري نيڪدل پيرسن هو. هن کان سواءِ، اليوشا جي گهڻي وقت کان سپرنٽينڊنٽ سان گهري واقفيت هئي. هو ساڻس گفتگو ڪرڻ جو بيحد شوقين هو، خاص ڪري پاڪ مضمونن بابت. هو ايون فيودورپاولووچ جي به گهڻي عزت ڪندو هو، ۽ سندس راءِ کان خوفزده رهندو هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ به وڏو فلاسافر ۽ تعليم يافته هو، پر اليوشا ۾ ان جي لاءِ، بي حد ڪشش هئي. گذريل سال کان پوڙهي، هڪ تشريح واري انجيل کي پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ مٿس جو ان تاثر ڇڏيو هو، اُن بابت هو پنهنجي ننڍڙي دوست سان ڳالهائيندو هو. هو اُن کي ڏسڻ لاءِ مڙهيءَ ۾ ويندو هو ۽ ساڻس ۽ ٻين راهبن سان گڏجي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندو هو، اُن ڪري اليوشا جيڪڏهن قيدخاني ۾ دير سان به پهچندو هو، ته فقط سپرنٽينڊنٽ ڏي هليو ويندو هو ۽ پوءِ سڀ ڪجهه آسان ٿي ويندو هو، اُن کان سواءِ قيدخاني ۾ مٿانهين ماڻهوءَ کان وٺي وارڊر تائين هر ڪوئي اليوشا سان هري ويو هو. سنتري ايستائين کيس ڪا به تڪليف ڏيڻ نه چاهيندو هو، جيستائين سڀئي آفيسر منجهانئس راضي هئا.

جڏهن  مـِـتيا کي قيدخاني جي ڪوٺيءَ مان گهرايو ويندو هو، هو هميشه ڏاڪڻ تان لهي اُن جاءِ ڏي ويندو هو، جتي ملاقات ٿيندي هئي، جيئن ئي اليوشا اندر گهڙيو، هن ريڪيٽن کي ڏٺو جو مـِـتيا کان موڪلائي رهيو هو. هو هڪٻئي سان زور سان ڳالهائي رهيا هئا. مـِـتيا کيس ٻاهر ويندو ڏسي، خوب کلي رهيو هو. هوڏانهن ريڪيٽن ڪـُـرڪـُـندو ٿي ريو. ريڪيٽن نه ٿي چاهيو ته اليوشا سان ملي. سو به ايتري دير سان، هو تمام ٿورو ساڻس ڳالهائيندو هو ۽ کيس سلام به ڪاوڙ منجهان ڪندو هو. اليوشا کي اندر گهڙندو ڏسي، سندس پيشانيءَ ۾ گهـُـنج پئجي ويا ۽ هو کانئس ٻي طرف نهارڻ لڳو. ڄڻ ته هو، پنهنجي وڏي گرم ۽ پشمي ڪوٽ جي بٽڻن پائڻ ۾ مشغول هو، ان کان پوءِ هو هڪدم پنهنجي ڇٽيءَ کي ڏسڻ لڳو.

 ”مون کي پنهنجون شيون وسارڻ نه گهرجن“، هيءُ لفظ هن انهيءَ لاءِ چيا جو کيس ڪجهه ڳالهائڻو هو.

 ”توکي هيءُ به خيال ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ٻين جون شيون به نه وسارين.“  مـِـتيا مذاق ڪندي، پنهنجي نوع ۾ کليو، ريڪيٽن کي هڪدم غصو اچي ويو.

  ”چڱو آهي ته اِها صلاح توکي پنهنجي ڪٽنب وارن کي ڏيڻ کپي، جي هميشه غلاماڻي ذهنيت رکن ٿا. توکي اِها صلاح ريڪيٽن کي ڏيڻ نه گهربي هئي.“  هن لرزندي ڪاوڙ مان کيس جواب ڏنو.

 ”توکي ڇا ٿي ويو؟ مان ته توسان مذاق ٿي ڪئي. ڇڏينس، هيءُ ماڻهو سڀئي هڪجهڙا آهن. هـُـو اليوشا ڏي ڦريو ۽ ريڪيٽن کان منهن کي موڙيائين، جو تيز قدمن سان ٻاهر وڃي رهيو هو. هي کلندو رهيو ۽ نهايت خوش ٿي ڏٺو، اوچتو هيءُ ايئن جوش ۾ اچي ويو، هن توکي اشارو به نه ڪيو. ڇا، اوهان جا تعلقات پوريءَ ريت ختم ٿي چـُـڪا آهن. تو ايتري دير ڇو ڪئي؟ مان فقط تنهنجي انتظار ۾ نه هوس، پر بيتاب هوس، صبح کان وٺي تنهنجي لاءِ بيتاب هوس، صبح کان ئي بيتابيءَ ۾ گذاريو اَٿم. ٺهيو، هاڻي اُن جي پوئواري ڪئي ويندي.“

 ”هو اَڪثر توڏي ڇو ايندو ٿو رهي؟ مون کي خبر آهي ته اوهان پاڻ ۾ ايترا دوست به نه آهيو. اليوشا کانئس پڇيو. هن اُن دروازي ڏي اشارو ڪيو، جنهن کان هو خود آيو هو ۽ ريڪيٽن ويو هو.

 ”ريڪيٽن سان گهري دوستي؟ نه ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو، ايئن ٿي سگهي ٿو. اِهڙي جانور سان؟ هو خيال ڪري ٿو ته مان...... سياهه محافظ آهيان. هو مذاق به نه ٿو سمجهي سگهي. هنن ماڻهن ۾ هيءَ انتهائي برائي آهي. سندن روح خالي ۽ خشڪ آهن. جڏهن مون کي هتي پهريائين آندو ويو هو، ته هن مون کي گويا قيد جون ديوارون ٿي ياد ڏياريون، هيءُ ڏاڍو سياڻو ماڻهو آهي، پر اليڪزي مان ختم ٿي چـُـڪو آهيان.“

هو بينچ تي ويهي رَهيو ۽ اليوشا کي به ڀرسان ويهڻ لاءِ چيائين.

 ”هائو. مقدمو، سڀاڻي تي رکيل آهي. ڀاءُ ڇا تون نااُميد آهين؟“  اليوشا جذبات جي فراواني کان چيو.

 ”تون ڇا ٿو ڳالهائين؟ مـِـتيا کيس ناراضگيءَ مان ڏسندي چيو. تون شايد مقدمي لاءِ ٿو چوين، کڏ ۾ وجهينس! هن وقت تائين اَسان اُنهن ڳالهين تي ڳالهايو آهي، جن جو مقدمي سان ڪو به تعلق نه آهي. مان توکي اهميت وارين حقيقتن بابت هڪ حرف به چيو آهي، هائو، مقدمو سڀاڻي تي آهي. پر مان جڏهن چيو ته ”منهنجو ڪم تمام ٿي ويو آهي، هيءُ مقدمي بابت نه هو. تون مون کي ايڏو ڪاوڙ ۾ ڇو ٿو ڏسين؟ ”تنهنجو مطلب ڇا آهي مـِـتيا؟“

 ”منهنجا خيالات! اخلاق! اخلاق ڇا آهي؟“

 ”علوم اخلاق“ اليوشا حيرت مان کانئس پڇيو.

 ”هائو، اِها سائنس آهي.“

هائو، هيءَ گهڻو ڪري سائنس کي قريب آهي، پر...... مان قبول ٿو ڪريان، ته مان توسان اُن جي تشريح نه ڪري سگهندس، ته اِهو سائنس جو ڪهڙو قسم آهي.

ريڪيٽن ڄاڻي ٿو، ريڪيٽن ان بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو. کڏ ۾ وجهينس. هو راهب ٿيڻ نه ٿو گهري، سندس مقصد آهي ته هو پيٽرسبرگ وڃي، اُتي تنقيدي اجتماعت جو مطالعو ڪري. ڪير ٿو ڄاڻي ته هو اُتي ڪم جهڙو ماڻهو نڪري پوي ۽ پنهنجي حياتي ٺاهي وجهي. اِهڙيءَ ريت ڪنهن مقام جي حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن ماڻهن ۾ مهارت گهڻي آهي. کڏ ۾ وجهه اخلاقي علوم کي، منهنجو ڪم تمام ٿي چڪو آهي. اليڪزي مرد خدا، مان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ توسان محبت ڪريان ٿو، منهنجي دل تنهنجي ڏسڻ لاءِ سڪندي آهي. اِهو ڪارل برنارڊ ڪير هو؟“

 ”ڪارل برنارڊ؟“  اليوشا عجب ۾ پئجي ويو.

 ”نه نه، ڪارل نه. ترس مون کان غلطي ٿي آهي. ڪلاڊ برنارڊ. هو ڪير هو؟ هو ڪيميادان يا ٻيو ڪجهه آهي؟“

 ”هي ڪو دانشمند ٿي سگهي ٿو. اليوشا جواب ڏنو، پر مان قبول ٿو ڪريان ته اُن بابت مان اوهان کي ڪو نه ٻڌائي سگهندس. مان کيس هڪ دانشمند جي حيثيت سان ٻڌو آهي. پر هو ڪهڙي قسم جو دانشمند آهي؟ اُن بابت مون کي ڪا به خبر نه آهي.“

 ”ٺيڪ آهي، کڏ ۾ وجهينس. مون کي هن بابت ڪجهه به ٻڌڻو نه آهي. مـِـتيا قسم کڻندي چيو“ ٿي سگهي ٿو ته ڪو بدمعاش هجي يا اِهڙي قسم جو ماڻهو. هي سڀئي بدمعاش آهن ۽ ريڪيٽن پنهنجو چڱو تـَـرُ ٺاهي ويو آهي. ريڪيٽن ڪنهن به طرف وڃي سگهي ٿو، هيءُ ٻيو برنارڊ آهي. اهيءُ برنارڊ! هي سڀ ڪنهن جاءِ تي موجود آهن.“

 ”پر حقيقت ڇا آهي؟“  اليوشا موقعي تي چيو.

 ”هي چاهي ٿو، ته مون تي هڪ مضمون لکي. منهنجي مقدمي تي لکي، هو پنهنجي اَدبي زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ گهري ٿو. اِهو ئي سبب آهي، جو هو مون وٽ اچي ٿو. هن مون کي ايئن پاڻ ٻڌايو ٿي. هو ڪنهن نظرئي کي ثابت ڪرڻ گهري ٿو. هو ٻڌائڻ گهري ٿو، ته هو پنهنجي پيءُ کي به مارڻ کان دريغ نه ٿو ڪري سگهي. هو پنهنجي ماحول مان ئي خراب ٿي سگهي ٿو، وغيره. هن اُن جي سڄي تشريح ڪري مون کي ٻڌايو. هي هن ڳالهه کي سوشلزم جي زنجير ۾ ڦاسائڻ گهري ٿو. هن ماڻهوءَ کي به، کڏ ۾ وجهينس. جيئن به کيس وڻي، اُن زنجير ۾، اُن کي سوگهو ڪري. مون کي اُن جي ڪا به پرواهه نه آهي. هو ايون کي به برداشت ڪري نه ٿو سگهي. هيءُ کيس ڌڪاري ٿو. کيس توسان به ڪا محبت ڪانه آهي. پر کيس مان ٻاهر نه ٿو ڪڍان، ڇو ته ماڻهو هوشيار آهي، ۽ پنهنجي لاءِ بيحد ڪوڙو هٺ اٿس. مان هاڻي کيس چيو ٿي، ته ڪرامازوف رذيل نه آهي، پر فلاسافر آهي. ڇو ته جيڪي به محب وطن روسي آهن، سي فلاسافر آهن. جيتوڻيڪ تو باقاعده پڙهيو آهي. ان هوندي به تون فلاسافر نه آهين. تون هيٺئين درجي جو ماڻهو آهين. هو بدنيتي سان کليو ۽ مان کيس چيو، ته تو وٽ ڪو به فڪر ڪونه آهي. پر جهڳڙو آهي. ڇا هي بهتر نه آهي؟ مان به قديم اَدب کي ترتيب ڏئي سگهان ٿو.“  دمتري اوچتو ٽهڪ ڏنو.

 ”تنهنجو ڪم ڇو ختم ٿي ويو آهي؟ تو هاڻي ٿي چيو. اليوشا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. منهنجو ڪم ڇو لهي ويو آهي...... اَڙي..... اُن جي حقيقت آهي........... جيڪڏهن تون سڄي حقيقت کي وٺندين، ته مون کي ڏک آهي ته مان خدا کي وڃائي ويهندس. اِهو ئي ته معاملو آهي.“  توکي ڏک ٿو ٿئي ته تون خدا کي وڃائي ويهندين.  انهيءَ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

 ”ذرا غور ڪر، هنن رڳن جي اندر، دماغ ۾- هن مان معلوم ٿو ٿئي، ته رڳون دماغ ۾ آهن.... (کڏ ۾ وجهينس،) هنن رڳن جا ننڍا ننڍا پڇ ٿين ٿا، جيئن هو لڏڻ شروع ڪن ٿا..... ۽ مان ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ گهران ٿو، ته هڪ عڪس نظر اچي ٿو.... هـُـو هڪدم ته ظاهر نه ٿو ٿئي، پر ٿورو وقفو يعني سيڪنڊ گذري ٿو.... پوءِ ڪا شيءِ ٿوري لحظي وانگر ظاهر ٿي ٿئي. اِهو لحظو نه آهي، وقت نه آهي. شيطان اُهو وقت ٿي پوي ٿو. پر اُهو عڪس، اُها هڪڙي شيءِ آهي يا هڪ عمل آهي. کڏ ۾ وجهينس! اِهو ئي سبب آهي، جو مان اُن کي ڏسان ٿو ۽ فڪر ڪرڻ شروع ڪريان ٿو. مان هنن پڇن جي ڪري ئي ڏسان ٿو ۽ فڪر ڪريان ٿو. ايئن نه آهي ته مون وٽ روح آهي ۽ مان هڪ قسم جو پرتوو آهيان. هيءَ سڀ بيوقوفي آهي. ريڪيٽن ڪالهه، هن جي تشريح ٿي ڪئي، منهنجا ڀاءُ اُن کي ٻڌي ته مان هول ۾ اچي ويس. هيءَ سائنس، اليوشا نهايت عظيم شيءِ آهي! هڪ نئين انسان جو بيدار ٿيڻ آهي. مان اُن کي سمجهان ٿو...... پر اُن هوندي به مون کي ڏک آهي، ته خدا کي وڃائي ويهندس!“

 ”ڪيئن به هجي، اِها چڱي شيءِ آهي“ اليوشا کيس چيو.

ها، مون کي ڏک ٿو ٿئي، ته مان خدا کي وڃائي ويهندس! هي علم ڪيميا آهي، علم ڪيميا. ريڪيٽن خدا کي پسند نه ڪندو آهي. ڀاءُ علم ڪيميا کي ڄاڻڻ کان سواءِ ڪو چاڙهو نه آهي. اُف! پر هـُـو اُن کي ڪٿي ناپسند ڪندو آهي! ٻين سان گڏ ئي هيءُ ايذاءُ ڏيندڙ نقطو آهي. مان کانئس پڇيو آهي، ته هن بابت تبليغ ڪندين؟ هن جواب ڏنو ته جيڪڏهن مان هن کي کليل طور چوان ته اُن جي اجازت ڏني ويندي. هو کلڻ لڳو. مان کانئس پڇيو ته پوءِ، انسان جو ڇا ٿيندو؟ خدا کان سواءِ ۽ غير فاني حيات بنا؟ پوءِ ته سڀئي شيون قانوني بڻجي وينديون ۽ جنهن کي جيئن وڻندو،  ايئن ڪندو. هن کلندي مون کي چيو ته توکي خبر نه آهي، ته هڪ داناءَ ماڻهو اُهو سڀڪجهه ڪري سگهي ٿو، جو هو چاهي. دانا ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي جي خبر آهي ته تو ان ۾ قدم به رکيو آهي. تو قتل ڪيو آهي ۽ قيد ۾ سڙي رهيو آهين. هن هيءُ منهنجي سامهون چيو. هـُـو بي حيا آهي، مان هميشه اِهڙن ماڻهن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍندو آهيان، پر هاڻي ڌيان ڏئي ٻڌڻو پوندو آهي. پر هو ڪي ڳالهيون سمجهه واريون به ڪندو آهي. لکي به ڄاڻندو آهي. گذريل هفتي، هن مون کي هڪ مضمون پڙهي ٻڌايو هو. مان ان مان ٽن سٽن کي نقل ڪيو هو، هڪ منٽ ترس. هان هيءُ آهن.“

مـِـتيا، تڪڙ مان، پنهنجي کيسي مان هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي ڪڍيو ۽ پڙهيائين. ”هن مسئلي جو حـَـلُ“ سڀ ڪنهن چيز کان اڳ ۾ لازمي آهي، ته پنهنجي شخصيت کي مخالفت جي صداقت ڏانهن آڻي. تو هن کي سمجهيو؟

اليوشا کيس جواب ڏنو ته ”مان هن کي سمجهي نه سگهيس.“  هن مـِـتيا ڏي ڏٺو ۽ عجب مان کيس ڌيان ڏيئي ٻڌندو رهيو.

مان به سمجهي نه سگهيو آهيان. هيءُ جملو مبهم ۽ منجهيل آهي، پر ان مان ذهني قابليت نظر ٿي اچي. هن چيو ٿي ته هاڻي هرڪو ايئن ئي لکي ٿو، اهو مٿن، سندن ماحول جو اثر آهي. هو پنهنجي ماحول کان ڊڄندا رهن ٿا. هيءُ بيوقوف شعر به چوي ٿو. بيگم هائلڪوف جي پير جي شان ۾ ڪو شعر لکيو اٿس. ها، ها، ها.

مان اُن جي لاءِ ٻڌو آهي. اليوشا جواب ڏنو.

 ”ها، پر تو، سندس شعر کي ٻڌو آهي؟“

 ”نه!“

مون وٽ اِهوئي آهي. اِجهو هيءُ آهي. مان توکي پڙهي ٻڌائيندس. توکي خبر نه آهي ۽ مان توکي اِها حقيقت نه ٻڌائي آهي. هن بابت هڪ ڪهاڻي آهي، هيءُ بيوقوفي آهي. ٽي هفتا اڳ، هو مون کي چيڙائڻ لڳو ته تو پاڻ کي ٽن هزارن جي لاءِ هڪ بيوقوف جي حيثيت ۾ تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو، پر مان هڪ لک پنجاهه هزار روبل حاصل ڪرڻ وارو آهيان. مان هڪ بيواهه سان شادي ڪرڻ وارو آهيان ۽ پيٽرسبرگ ۾ گهر خريد ڪندس. هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو، ته هو بيگم هائلڪوف سان پيار ڪري رهيو آهي. هائلڪوف کي جوانيءَ ۾ ڪو به دماغ ڪو نه هو. هاڻي چاليهن ورهين جي عمر ۾ ته هوءَ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي آهي. پر هوءَ حد کان وڌيڪ پـُـورالي آهي. هن ٻڌايو ٿي ته هو اهڙي ريت کيس قبضي ۾ آڻي وجهندو. هن چيو ٿي ته جڏهن مان شادي ڪندس، ته اُن کي پيٽرسبرگ وٺي ويندس ۽ اُتي اخبار جاري ڪندس. سندس وات پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو، اِهو اِن جانور جو اُن بيوهه لاءِ نه هو، پر ڏيڍ لک روبل لاءِ هو. مون کي هن اُن جو يقين ڏياريو. هو مون کي هر روز ڏسڻ ايندو هو. هن مون کي ٻڌايو ته هاڻي هوءَ راضي ٿي ويئي آهي. هو خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو. ان کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو کيس اُن گهر کان هڪاليو ويو، پروهيٽن سڀ ڪجهه سندس سامهون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. آفرين! مان جيڪر اُن پوڙهي بيوقوف عورت کي، هن جي هڪالڻ سبب ڀاڪر ۾ وٺان. هـِـن ان لاءِ تڪبندي به لکي. هو چوڻ لڳو ته هيءُ پهريون دفعو آهي، ته مان پنهنجي هٿن کي شعر لکڻ لاءِ آلوده ڪيو آهي. مان سندس دل تي قبضي ڪرڻ لاءِ هن ڳالهه کي چڱو سمجهيم. مان جڏهن هن عورت جي خوش قسمتيءَ کي قبضي ۾ آڻيندس، ته مان عظيم سماجي ڪم جي لاءِ ڪارائتو ٿيندس. هنن ماڻهن وٽ جو به هـُـو برو ڪم ڪن ٿا، سماجي صورت ۾ حق ثابت ڪرڻ گهرن ٿا. هن چيو ٿي ته ڪيئن به هجي، هي تنهنجي پشڪن جي شعر کان گهڻو بهتر شعر آهي. مان اجتماعي احساس کي عوامي شاعريءَ جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هن پشڪن لاءِ جو ڪجهه چيو ٿي، اُن کي سمجهيم ٿي. هو وڏي استعداد وارو ماڻهو هو، پر هن فقط عورت جي پيرن لاءِ لکيو آهي. پر ريڪيٽن پنهنجي تڪبندي کان متاثر هو. هنن ماڻهن جي عجيب خودبيني آهي! هن پنهنجي شعر جي عنوان لاءِ چيو ٿي، ته اُهو آهي سـُـڄيل پير جي صحيح ٿيڻ تي منهنجي خوشنوديءَ جو اظهار. هي عجيب مسخرو آهي.

 ”فريفته ڪرڻ وارو ننڍڙو پير،

جيتوڻيڪ سڄيل آهي، ڳاڙهو ۽ نازڪ،

ڊاڪٽر اَچن ٿا ۽ ان تي مرهم رکن ٿا،

پر ان هوندي به، ان جو علاج نه ٿا ڪن.

پر مان سندس پير جي حالت کان متاثر نه آهيان،

پشڪن جي موسيقي جو نغمو، شايد وڌيڪ اَثر وارو ٿئي،

هيءُ سندس پير نه آهي، پر ناياب موتي جو داڻو آهي،

مان ان جي لطافت جي نقصان کان ڏڪي رهيو آهيان.

ڇاڪاڻ ته سندس پير جئين سـُـڄي ٿو، ته مون کي هيئن چوندي حيرت ٿي لڳي ته سندس خوبيءَ ۾ گهٽتائي اچي ٿي.

 ها، مان اُن جي شفا لاءِ دعا گهران ٿو.

ته جيئن پير ۽ دماغ ٻئي وري ترقي پذير ٿين.“

 ”هو هڪ جانور آهي، پورو جانور، پر هو پهرئين درجي جو چالاڪ آهي، هن بيوقوف سچ پچ پنهنجي خيالن کي وڌايو هو. جڏهن هن کي ڌڪا ڏئي اُن گهر مان ڪڍيو ويو، تڏهن ڪو به غصي جو اظهار نه ڪيو هو،

هو پنهنجي ڏندن کي ڪرٽي رهيو هو.“

 ”هن کانئس انتقام وٺي ڇڏيو آهي.“  اليوشا کيس چيو،”هن بيگم هائلڪوف بابت، هڪڙو ٽڪرو لکي ڇڏيو آهي.“

 ”اليوشا کيس پوءِ مختصر طرح ”گاسپ“  پيل ٽڪري بابت ٻڌايو. اِهو، انهيءَ جو ئي ڪرتوت آهي. مـِـتيا غصي مان تائيد ڪئي. هيءُ ئي آهي. هي ٽڪرا.... مون کي خبر آهي.... هي بي عزت ڪندڙ شيون، جي گروشينڪا جي لاءِ لکيون ويون آهن،.... ۽ ڪـِـٽيا جي لاءِ پڻ..... هي سڀ سندس ڪرتوت آهن.

هو ڪمري ۾ هراس جي حالت ۾ گهمندو رهيو.

 ”ڀاءُ، مان گهڻو وقت ترسي نه سگهندس. اليوشا ٿوري دم وٺڻ کان پوءِ چيو. سڀاڻي تنهنجي لاءِ ڀيانڪ ڏينهن آهي.

 ”سڀاڻي خدا جي فيصلي جو ظهور ٿيندو. مون کي توکي ڏسي عجب ٿو ٿئي، ته تون هتي گهمندو ٿو وتين ۽ اُهو ٿو ڳالهائين، جنهن کي مان سمجهي نه ٿو سگهان...“

 ”نه، مون تي عجب نه کاءُ.“  مـِـتيا گرمجوشيءَ سان کيس چيو، “ڇا مان ان بدبودار ڪتي بابت ڳالهائي رهيو آهيان؟ ڇا مان اُن قتل جي باري ۾ ڳالهايان؟ هن بدبودار پيءُ جي بدبودار پٽ بابت وڌيڪ نه ڳالهائيندس. خدا کيس ناس ڪندو، تون ڏسندين. خاموش!“

هو جوش مان اليوشا ڏي ويو ۽ کيس چميائين. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. ريڪيٽن اِنهن ڳالهين کي نه سمجهندو. هن سرفرازيءَ جي حالت ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. پر تون اِنهن ڳالهين کي سمجهندين. اِهو ئي سبب هو، جو مان تنهنجو انتظار ٿي ڪيو. مون وٽ ڪيتريون ڳالهيون هيون، جن کي هنن ننگين ديوارن جي اندر، گهڻي وقت کان توکي ٻڌائڻ ٿي گهريم. پر اُنهن اهم حقيقتن بابت توکي ڪجهه به چئي نه سگهيو آهيان. اِهڙي گهڙي سمجهان ٿو ته ايندي ئي ڪانه. مان هاڻي ترسي به نه ٿو سگهان. منهنجي دل ۾ جو وهي ۽ واپري ٿو، اُن کي تو وٽ بيان ڪري ٿو ڇڏيان. ڀاءُ، گذريل ٻن مهينن ۾، مان پنهنجي اندر هڪ نئين انسان کي ڏٺو آهي. هڪ نئون انسان منهنجي اندر ۾ پيدا ٿيو آهي. هو منهنجي اندر مخفي هو، جيڪڏهن هي آسماني ضرب مون کي نه لڳي ها، ته هو ڪڏهن به پنهنجي سطح تي نه اچي ها. مون کي خوف ٿو ٿئي! مون کي هن جي ڇو پرواهه ڪرڻ گهرجي، جي مون کي کاڻين ۾ مترڪي سان پٿر ڀڃندي ويهه سال گذارڻا پوندا؟ مون کي ان لاءِ ڪو به خوف نه آهي. پر ها، اِها ٻي ڳالهه آهي، جنهن کان ڊڄي رهيو آهيان. اِهو نئون انسان مون کي شايد ڇڏي وڃي، اُتي به کاڻين ۾ زمين جي هيٺان، مان ڪا انساني دل لهي وجهان. جا منهنجي پاسي ۾ ڪنهن سزايافته يا خونيءَ جي هجي ۽ مان ساڻس دوستي رکان. ڇو ته اُتي به ڪنهن کي رهڻو آهي. محبت ڪرڻي آهي ۽ سهڻو آهي. اُتي برف ۾ گذارڻو آهي ۽ قيد جي اَيام ۾ ٺري برف ٿيل دل کي حرڪت ۾ رکڻو آهي. اُن جي لاءِ سالن جا سال گذارڻا پوندا، ۽ آخر تاريڪين جي گهرائين مان هڪ سرفراز روح مٿي اچي ويندو. هڪ غمزده ۽ حساس حيوان، ملائڪ پيدا ڪري وجهي يا ڪو شجاع. اُتي اِهڙا گهڻي ئي آهن. اَسان اُنهن کان داغدار آهيون. مان اِهڙي نازڪ گهڙيءَ ۾ ان ٻار کي خواب ۾ ڇو ڏٺو هو؟ اُهو ٻار ايترو ڇو غريب هو؟ اِها مون لاءِ ان گهڙيءَ ۾ بشارت هئي. مان اُن  ٻار لاءِ ئي اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته اَسين سڀئي، سڀ جي لاءِ جوابدار آهيون. سڀني ٻارن لاءِ پوءِ هو ننڍا آهن يا وڏا. هو سڀئي ڇوڪرا آهن. مان اُنهن سڀني لاءِ وڃي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته هنن سڀني جي لاءِ، ڪنهن کي ته وڃڻ گهرجي. مان پيءُ کي نه ماريو آهي، پر مان اوڏانهن ويندس جو ڪجهه به هن مصيبت خيز چؤديواريءَ ۾ پيش ايندو، مان اُن کي قبول ڪندس. اُنهن زمين دوز جاين ۾ لاتعداد، سوين ماڻهو، جن جي هٿن ۾ مترڪا هوندا، اُتي موجود آهن. اَسان کي ڪا به آزادي نه هوندي. پر انتهائي غم ۾ به سـُـرور اُڀرندي نظر ايندو. جنهن کان سواءِ انسان ۽ خالق ڪڏهن به وانجها رَهي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته خدا کان ئي سـُـرور حاصل ٿئي ٿو. اِها سندس ئي بخشش آهي. نهايت عظيم! انسان کي عبادت ۾ مستغرق ٿيڻ کپي! خدا کان سواءِ مان زير زمين ڪهڙي ڪم جو ٿيندس! ريڪيٽن کلي ٿو. جيڪڏهن هـُـو خدا کي زمين تي وساري ڇڏيندا، ته آسان کيس زير زمين آڻينداسون. ڪو به ماڻهو خدا کان سواءِ قيد ۾ رَهي نه ٿو سگهي. قيدخاني کان ٻاهر ته اَڃا به ڏکي ڳالهه آهي. اَسين زير زمين خلوت خاني ۾ سندس عظمت جا گيت ڳائينداسون، جنهن سان سـُـرور ۽ مسرت جو تعلق آهي. مبارڪ آهي خدا ۽ سندس سرور. مان کيس محبت ڪريان ٿو.“

مـِـتيا، تازه دم ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيئن هن پنهنجي زوردار تقرير کي ختم ڪيو. هو زرد ٿي ويو هو ۽ سندس چـَـپَ ڏڪائي، سندس اکين مان ڳوڙها وَهي اَچي ڳلن تي پهتا.

 ”ها، زندگي مڪمل آهي. زير زمين به زندگي آهي.“  هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. اليڪزي، تون شايد نه مڃين، ته ڪيترو مان هاڻي جيئڻ چاهيان ٿو. هنن مصيبت خيز ديوارن جي اندر ڪيڏي نه زندگي ۽ بيداري جي تڙپ منهنجي اندر ۾ ٽپي آئي آهي. ريڪيٽن هن کي سمجهي نه ٿو سگهي. هو فقط گهر جي تعمير ۽ ماڙين جي ٺهرائڻ ۾ گم آهي. مون کي تنهنجو انتظار آهي ۽ هيءُ مصيبتون ڇا آهن؟ مون کي انهن کان خوف نه ٿو ٿئي. اُهي ڇو نه بيشمار هجن، مون کي هنن کان خوف نه ٿو ٿئي. اڳي خوف ٿيندو هو.

شايد مان مقدمي جي دوران ڪو به جواب نه ڏيان. منهنجي اندر اِهڙي طاقت پيدا ٿي چڪي آهي، ته مان ڪنهن به تڪليف کي برداشت ڪريان ۽ همٿ سان مقابلو ڪريان. مون ۾ فقط ايتري سگهه پيدا ٿي، ته مان هر گهڙيءَ ايئن دهرائيندس، ته مان آهيان! هزارن عذابن ۾ به مان زندهه آهيان. مون کي هن لوهي سيخن جي اندر عـَـذاب ملي ٿو. مگر مان زندهه آهيان. جيتوڻيڪ مان ٿنڀي وٽ اَڪيلو آهيان، پر مان زندهه آهيان. مان سج کي ڏسان ٿو، پر جيڪڏهن اُن کي به نه ڏسان ته مون کي خبر آهي ته هو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هن حقيقت ۾ سچ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. سڄي حياتي گويا پوشيده آهي. اليوشا! منهنجا فرشتا! هيءَ سڄي فلاسافي، منهنجي لاءِ موت آهي، کڏ ۾ وجهينِ، منهنجو ڀاءُ ايون....“

 ”ايون کي ڇا آهي؟“  اليوشا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. پر مـِـتيا کيس نه ٻڌو.

 ”توکي خبر نه آهي، مون وٽ اڳ ۾ اِهي شڪ نه هئا. اِهي سڀئي منهنجي اندر لڪيل ٿي رهيا. ايئن ڇو هو؟ اِهو شايد انهيءَ ڪري هو، ته جي حقيقتون مان سمجهي نه ٿي سگهيس، سي هاڻي سطح تي اُڀريون آهن. اُنهن جي ڪري مان شراب پيئندو رهيس، وڙهندو رهيس ۽ غصي ۾ ايندو رهيس. مون کي پنهنجي اندر اُنهن جي ڪري کين ضابطي ۾ رکڻو هو. خاموش ڪرڻو هو ۽ ٺاپر ۾ آڻڻو هو. ايون، ريڪيٽن نه آهي. اُن وٽ ڪا حقيقت آهي. ايوان ابوالهول جو بت آهي، پراسرار شخصيت آهي ۽ هميشه خاموش! اِهو خدا ئي آهي، جو مون کي پريشاني ڏئي رهيو آهي. ڇا سندس وجود نه آهي؟ ريڪيٽن جي دعويٰ آهي ته خدا هڪ مصنوعي فڪر آهي، جنهن کي انسان پيدا ڪيو آهي. ڇا سندس خيال سچو آهي؟ پر جيڪڏهن خدا جو وجود نه هجي ته انسان هن زمين ۽ جهازن جو مطلق العنان فرمان روا هجي، ڪيڏو نه بلند فڪر آهي. هيءُ به خيال ۾ رکڻو آهي، ته انسان خدا کان سواءِ ڪهڙي ريت پاڪ ۽ بافضيلت ٿي ٿو سگهي؟ هيءُ هڪ بنيادي سوال آهي. انسان کي ڪهڙي پئي آهي، ته ڪنهن کي دوست رکي، ڪنهن جي شڪرگذاري ڪري ۽ ڪنهن جي شان ۾ گيت ڳائي؟ ريڪيٽن ته کلي ٿو. ريڪيٽن جو چوڻ آهي، ته انسان خدا کان سواءِ، انسانيت سان پيار ڪري سگهي ٿو، ٺيڪ آهي هڪ رياڪار بيوقوف ئي اِها ڳالهه سوچي سگهي ٿو. مان ته هيءُ سمجهي نه ٿو سگهان. زندگي ريڪيٽن لاءِ آسان آهي. هو چوي ٿو ته پنهنجي وقت کي انساني سماج جي حقن ۾ صرف ڪر يا گوشت جي قيمت جي اضافي تي غور ڪر، اِيئن ڪرڻ سان تون سادگي ۽ سنئين ريت، انسانيت سان پيار ڪري سگهندين، جو فلسفي کان مٿي هوندو. مون چيو مانس ته صحيح آهي. پر خدا کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته تون گوشت جي اگهه ۾ اضافو ڪرين ۽ هر سير جي لاءِ هڪ روبل وڌائين. هو ڪاوڙجي ويو. آخر نيڪي ڇا آهي؟ اليڪزي مون کي ان جو جواب ڏي. فضيلت منهنجي لاءِ هڪ شيءِ آهي ۽ هڪ چينيءَ جي لاءِ ساڳي، اِها شيءِ هڪ ٻئي سان تعلق ٿي رکي، هڪ پرفريب سوال! تون اُميد ته نه کلندين، جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان ته هن خيال ۾ مان ٻه راتيون جاڳندو رهيس. مون کي تعجب ٿو ٿئي ته ماڻهو زندهه به آهي ۽ اِنهن ڳالهين تي نٿو سوچي. هيءَ خودپسندي آهي! ايون کي خدا نه آهي، پر وٽس ڪا مراد آهي. هو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ خاموش آهي. مان سمجهان ٿو ته هو ”فري مين“  آهي. مان کانئس پڇيو، پر هو خاموش ٿي رهيو. مان چاهيان ٿو ته سندس روح جي چشمي مان ڪجهه پيئان. پر هـُـو خاموش هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو لفظ ٿي ڳالهايائين.“

 ”اليوشا کيس جلدي مان چيو ته  ”هن ڇا ٿي ڳالهايو؟“

مان کيس چيو، ته هر شيءِ قانون تي ٻڌل آهي. ايئن آهي نه؟ سندس چهري ۾ گهنج پئجي ويا.

 ”فيودور پاولووچ، اسان جو پيءُ.“  هن چيو ته ”بيوقوف هو، پر سندس خيال حقيقت وارا هئا.“  اِهو ئي فقط هن ٻڌايو، پر هو ريڪيٽن کان بهتر آهي.“  ”هائو“ اليوشا اُن کي تڪليف سان قبول ڪندي چيو ته  ”هو تو وٽ ڪڏهن آيو هو؟“  ٿورو وقت اڳ ۾ هاڻي مان ڪنهن ٻي ڳالهه تي ڳالهائڻ ٿو گهران. مون کي ايون لاءِ اڳ ۾ ڪجهه ٻڌايو ئي نه آهي، مان اُن کي آخر ۾ رکندس. جڏهن منهنجو معاملو پورو ٿيندو ۽ فتويٰ ملندي، تڏهن مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. اسان وٽ هڪ نهايت خوفائتي ڳالهه آهي.... تون منهنجي لاءِ اُن جو منصف ٿيندين، پر هاڻي اُن حقيقت کي نه ڇيڙ ۽ خاموش رهه. تون سڀاڻي جي لاءِ ڳالهاءِ، ۽ مقدمي بابت. پر توکي اعتبار ايندو، مون کي اُن بابت ڪا خبر نه آهي.

تو صلاح ڪارن سان ڳالهايو آهي؟

 ”هن وڪيل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. هو صاف دل ۽ شهر جو پليل بدمعاش آهي. برنارڊ! پر هو مون تي اعتبار ئي نه ٿو ڪري. هو فقط اِهو خيال ۾ رکيو ويٺو آهي، ته مان اِهو ڪم ڪيو آهي. مان هن کي ڏسندس. هن حالت ۾ مان کيس چيو ته تون منهنجي بچاءَ ۾ ڇو آيو آهين؟ هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهه. هنن وٽ هڪ ڊاڪٽر به آهي. جو ثابت ڪندو ته مان پاڳل آهيان.

مون کي اُن جي ڪا به ضرورت نه آهي. ڪيٽرينا ايونونا، آخر تائين پنهنجي فرض کي نڀائڻ گهري ٿي. پوءِ کڻي ڪهڙو به نتيجو نڪري! مـِـتيا غم سان مشڪيو. ”هي ٻالي ۽ سنگدل انسان! کيس خبر آهي ته ماڪرو ۾ ان بابت چيو هو، ته نهايت غصي واري عورت آهي. ٻڌندڙن اُن کي دهرايو به آهي. منهنجي خلاف حقيقتون، سمنڊ جي واريءَ وانگر ڍڳ بڻجي ويون آهن. گريگري پنهنجي ڳالهه کي چنبڙيو پيو آهي. گريگري ايماندار آهي، پر بيوقوف آهي. ڪيترا ماڻهو ايماندار ته هوندا آهن، پر ساڳي وقت بيوقوف به هوندا آهن. اِهو ريڪيٽن جو خيال آهي. گريگري منهنجو دشمن آهي. ڪي اِهڙا به ماڻهو هوندا آهن، جن جي دوستي کان بهتر دشمني هوندي آهي. منهنجو مقصد ڪيٽرينا ايونونا کان آهي. مون کي خوف ٿو ٿئي، ته هوءَ اِها ڳالهه ضرور ڪندي ته چئن هزارن کان پوءِ هوءَ منهنجي سامهون جهڪي پئي هئي. هوءَ پائي پائي ڪري ڏيڻ چاهيندي. مون کي سندس قرباني نه ٿي کپي. هوءَ مون کي مقدمي جي وقت شرمندگي ۾ مبتلا ڪندي. مون کي عجب ٿو لڳي، ته مان سندس سامهون ڪيئن بيهي سگهندس. اليوشا، تون وٽس وڃ ۽ کيس چؤ ته هوءَ اِها ڳالهه ڪورٽ ۾ ظاهر نه ڪري. ڇا تون ايئن نه ڪندين؟ پر هن ڳالهه کي ڇڏ، هن ۾ ته ڪا حرڪت نه آهي! مان هن کان گذري ويندس. مون کي مٿس ڪو به رحم نه ٿو اَچي. هيءُ سڀ سندس ئي فعل آهي. هوءَ ان جي لائق آهي. جو کيس ملي رهيو آهي. مون کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻي آهي اليڪسي.“

هو وري به غم کان مشڪيو.  ”فقط گروشيا، گروشيا! خدايا! هن کي هيءُ مصائب ڇو برداشت ڪرڻ گهرجن.“  هن ڳوڙها وهائيندي چيو، گروشيا جي حالت مون کي ماري رهي آهي. سندس خيال مون کي ماري ٿو.

 ”هوءَ هاڻي به مون سان گڏ هئي.“ ”هن مون کي ٻڌايو آهي، ته اڄ هوءَ تنهنجي طرفان نهايت ڏک ۾ هئي. مون کي خبر آهي، مان پنهنجي فطرت کان مجبور آهيان! هيءُ سڄو ئي حسد هو. مون کي اُن جو ڏک هو. هوءَ جيئن وڻي ٿي ته مان کيس پيار ڪيو. مان کيس بخشي ڇڏڻ لاءِ ڪو نه چيو.“

 ”تو ڇو نه چيس؟“  اليوشا کانئس پڇيو.

اوچتو مـِـتيا بيحد خوشيءَ مان کلڻ لڳو.

 ”خدا توکي سلامت رکندو، منهنجا عزيز نينگر! اُن عورت کان پنهنجي غلطيءَ لاءِ معافي وٺڻ، جنهن کي ڪجي ٿو، ڪيئن ٿيندو. توڙي ڇو نه ڪا اهم غلطي هجي. عورت - شيطان ئي ڄاڻي سگهي ٿو ته هاڻي معاملو ڪيئن نڀائجي؟ ڪيئن به هجي، مون کي اِنهن عورتن بابت ڪجهه خبر آهي. پر عورت وٽ، جڏهن تون غلطي تي هجين ته پنهنجي غلطي جي قبوليت ڏي. چوڻ گهرجي ته مون کي ڏک آهي ۽ معاف ڪر. ايئن چوڻ سان ملامت مٿان هلي ايندي. پوءِ ڪا به شيءِ کيس معافي لاءِ سادگي سان سنئين طرح، معافي ڏيڻ لاءِ تيار نه ڪندي. هوءَ توکي زمين تي  اُڇلائڻ لاءِ جهڪائيندي ۽ اهڙيون ڳالهيون آڻيندي، جي ڪڏهن وجود ۾ ئي نه آيون هونديون. هوءَ سڀئي ڳالهيون اچي گڏ ڪندي. کانئس ڪا به شيءِ نه وسرندي، پر اُٽلو ٻيون ڳالهيون به ڳنڍيندي، پوءِ ئي معافي ملندي. هنن مان چڱين ۾ چڱيون به ايئن ڪن ٿيون. هو کـُـرچي پنهنجي راهه کي هموار بڻائيندي. سڄو بار تنهنجي سر تي اڇلائيندي. هـُـو جيئري ئي کل لاهڻ لاءِ تيار هونديون آهن. مان توکي ٻڌايان ٿو ته هيءُ سڀ هڪجهڙيون آهن. هيءُ سڀ فرشتا، جن کان سواءِ اسان جيئرا رهي نه ٿا سگهون، منهنجا پيارا نينگر! مان توکي صاف ٻڌايان ٿو ته هرهڪ شريف انسان ڪنهن نه ڪنهن عورت جي قبضي ۾ آهي. منهنجو اِهو فيصلو آهي، فيصلو نه پر جذبات! ماڻهوءَ کي عاليٰ حوصلي وارو ٿيڻ گهرجي، هن ۾ انسان جي بي عزتي ته نه آهي؟ هيءَ برگزيده انسان جي بي عزتي نه آهي. توڙي جو هو قيصر هجي. پر ڪنهن به صورت ۾ کانئس معافي وٺڻ لاءِ نه ٻاڏاءِ. هن قاعدي کي ياد رکج، جو تنهنجو ڀاءُ مـِـتيا توکي ٻڌائي رهيو آهي. اُهو جو عورت جي هٿ کان برباد ٿي چڪو آهي. مان ڪنهن به ريت معافي وٺڻ کان سواءِ گروشيا سان صلح صفائي ڪري ڇڏيندس. مان سندس پوڄا ڪندو آهيان. اليڪسي پوڄا! فقط هوءَ اُن کي نه ٿي ڏسي. نه، هوءَ اڃا به انهيءَ خيال جي آهي، ته مان ساڻس پوري محبت نه ٿو ڪريان. هوءَ مون کي پنهنجي محبت سان عذاب ڏيندي ٿي رهي. ماضي ڪجهه نه هو. ماضي ۾ فقط هيءَ سندس جهنمي بدن جا موڙ هئا. جن مون کي عذاب ٿي ڏنو. پر هاڻي پاڻ مرد بڻجي ويو آهي. ڇا هوءَ مون سان شادي ڪندي؟ جيڪڏهن هن نه ڪئي ته مان رقابت کان مري ويندس. منهنجي تصور ۾ ڪا به شيءِ روز رهي ٿي..... هن توکي منهنجي لاءِ ڇا پئي چيو“

گروشينڪا جو ڪجهه کيس چيو هو، اليوشا اُن کي دهرايو. مـِـتيا ڌيان ڏئي ٻڌو. اُنهن ڳالهين کي دهرائڻ لاءِ وري وري ٿي چيائين ۽ خوش ٿي نظر آيو.”تڏهن منهنجي حاسد ٿيڻ تي هوءَ ڪاوڙيل نه هئي“ هن چيو.

 ”هوءَ غير معمولي عورت آهي. مون وٽ پاڻ خطرناڪ دل آهي ۽ مان اِهڙي خطرناڪ دلين سان محبت ڪندو آهيان. جيتوڻيڪ مان هيءُ برداشت نه ڪندو آهيان ته ڪو منهنجو رقيب بڻجي. مان هيءُ سهي نه سگهندس. اسان وڙهنداسون، پر مان هن کي محبت ڪندو رهندس. مان کيس لامحدود طور تي محبت ڪندو رهندس. هو مون کي شادي ڪرڻ ڏيندا؟ هو سزا وارن جوابدارن کي شادي ڪرڻ ڏيندا آهن؟ اِهو ئي ته سوال آهي ۽ مان اُن کان سواءِ جيئرو رهي نه سگهندس.....؟

مـِـتيا جوش کان ڪمري ۾ گهمندو رهيو. هاڻي چڱي اوندهه ٿي وئي هئي، اوچتو هو سخت پريشان بڻجي ويو. هوءَ چوي ٿي ته ڪو راز آهي، راز! اَسان هن جي خلاف منصوبو رٿيو آهي. ڪٽيا به اُن ۾ شامل آهي. هيءُ ئي سندس خيال آهي؟ نه منهنجي نيڪ گروشينڪا اِيئن نه آهي. تون پنهنجي بيوقوفيءَ واري نسواني طريقي ۾ نهايت وسيع تصور ٿي رکين. عزيز اليوشا، ٺيڪ آهي مان توکي پنهنجو راز ٻڌايان ٿو!

هن چوڌاري ڏٺو ۽ جلدي مان اليوشا جي قريب ٿي ويو. هـُـو سندس سامهون بيٺو هو ۽ رازدارانه ڳالهائيندو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ حقيقت ۾ ڪو به کين ٻڌي نه رهيو هو. پوڙهو محافظ ڪنڊ ۾ اوجهراٽيون کائي رهيو هو ۽ پهري تي بيٺل سولـجر سندن هڪ لفظ به ٻڌي نه ٿي سگهيا.

 ”مان توکي پنهنجو سڄو ئي راز ٻڌايان ٿو. مـِـتيا ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. منهنجو مقصد پوءِ جي ڳالهين سان آهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان توکان سواءِ ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري سگهان؟ تون منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهين، جيتوڻيڪ مان ايئن چوڻ لاءِ مجبور آهيان، ته ايون اَسان سڀني کان مٿانهون آهي. پر تون منهنجي لاءِ فرشتي جي مثال آهين. تنهنجي راءِ ئي، هن جو فيصلو ڪندي ۽ شايد تون ئي مٿانهون آهين، نه ايون. هي ضمير جو سوال آهي ۽ مٿانهين ضمير جو. اِهو راز نهايت  اهميت وارو آهي، جنهن بابت مان پاڻ ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگهان. جيستائين مان توسان نه ڳالهايو آهي اُن کي پٺتي وجهي ڇڏيو اٿم، اُن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ، هيءُ وقت گهڻو اڳي آهي. اسان کي فتويٰ لاءِ ترسڻ گهرجي. جيئن ئي فتويٰ ملي، تون منهنجي قسمت بابت فيصلو ڪج. هاڻي فيصلو نه ڪج. مان ته سڀ ڪجهه توکي هاڻي ٻڌايان ٿو. تون اُن کي ڌيان سان ٻـُـڌ، پر ڪو به فيصلو نه ڏي. تون خاموشيءَ سان ٻڌ، مان توکي سڀ نه ٻڌائي سگهندس. مان توکي تفصيل کان سواءِ مقصد ٻڌائيندس ۽ تون خاموش رهندين. نه ڪنهن سوال جي ضرورت آهي، نه چرپر جي. ٻڌاءِ تون قبول ڪرين ٿو؟ پر خدايا مان تنهنجي اکين کي ڇا ڪريان؟ مون کي خوف ٿو ٿئي. چڱو اليوشا ٻـُـڌ. ايون مون کي صلاح ڏني آهي، ته مان ڀڄي وڃان. مان توکي اُن جو ڪو به تفصيل نه ٻڌائيندس. اِهو سڀ ڪجهه خيال ۾ رکيو ويو آهي. بس پنهنجو فيصلو نه ڏي. مان گروشيا سان گڏ آمريڪا ويندس. توکي خبر هجي ته مان گروشيا کان سواءِ رهي نه سگهندس. ڇا ٿيندو جيڪڏهن هنن کيس مون سان گڏ سائبيريا ڏانهن نه ڇڏيو؟ ڇا هـُـو سزا يافته کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏيندا؟ ايون جو خيال آهي، ته هو نه ڏيندا. گروشينڪا کان سواءِ مان زير زمين مترڪي سان ڇا ڪري سگهندس. مان پنهنجي مغز کي اُن سان ڀڃي ڇڏيندس، پوءِ ٻئي طرف منهنجي ضمير جو ڇا ٿيندو؟ مان مصيبتن کان بچي ويندس. مون کي نجات جو رستو مليو آهي، مان هن نجات جي رستي کي رد ٿو ڪريان. مون وٽ نجات جا پنهنجا اصول آهن. ان ڪري مان هن جو انڪار ٿو ڪريان. ايون ٻڌايو ٿي ته آمريڪا ۾، حسن نيت جي باعث، زير زمين کان اُتي گهڻو آسودو رهندس، پر اسان جي زير زمين واري گيت جو ڇا ٿيندو؟ آمريڪا ڇا آهي؟ آمريڪا اجائي هوس جي جاءِ آهي. آمريڪا ۾ پڻ ذلالت گهڻي آهي. مون کي صليب تي چڙهڻ کان ڀڄڻو آهي. مان هيءُ توکي ئي ٻڌائي رهيو آهيان اليڪسي. ڇاڪاڻ ته تون اُن کي چڱي ريت سمجهي سگهين ٿو. ٻيو ڪو ماڻهو هن کي سمجهائڻ لاءِ نظر نه ٿو اچي. ٻيا ته هن کي بيوقوفي ۽ جنون سمجهندا. مان توکي اُن گيت جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. ٻيا ته ائين چوندا ته مان پنهنجي خيال ۾ نه آهيان يا بيوقوف آهيان، پر مان نه پنهنجي خيال کان ٻاهر آهيان، نه بيوقوف آهيان. ايون گيت کي سمجهي ٿو، پر جواب نه ٿو ڏي. هو ڳالهائي نه ٿو. سندس گيت ۾ اعتماد نه آهي. خبردار تون نه ڳالهاءِ، تون نه ڳالهاءِ! مان ڏسان ٿو ته تون ڪيئن نهاري رهيو آهين! تون فيصلو ڪري چڪو آهين. تون فيصلو نه ڪر ۽ مون کي فارغ رک! مان گروشيا کان سواءِ جيئرو رهي نه ٿو سگهان. ترس، مقدمي جي فيصلي کان پوءِ!“

مـِـتيا پنهنجي گفتگوءَ کي پورو ڪيو. هن اليوشا کي مضبوط جهليو ۽ سندس ڪلهن تي ٻئي هٿ رکي، پنهنجون نماڻيون اکيون، ڀاءُ جي اکين ۾ کپائي ڇڏيون. هو هڪ سزا کاڌل کي شادي ڪرڻ نه ڏيندا؟ هن ٽيون ڀيرو اِهو سوال التماس طور ڪيو.

اليوشا کيس سخت حيرت مان ٿي ڏٺو ۽ سخت متاثر هو. ”مون کي هڪ ڳالهه ٻڌاءِ“. هن کانئس پڇيو. ڇا ايون هن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ اِهو ڪنهن جو خيال آهي؟ سندس ئي اِهو خيال آهي ۽ هو هن ۾ بيحد دلچسپي وٺي رهيو آهي. هو مون کي پهريائين ڏسڻ نه آيو هو. پر هڪ هفتو ٿيو، هو اوچتو مون وٽ هليو آيو ۽ مون سان سنئين سڌي اِها ڳالهه ڪيائين. هو هـِـن ۾ سخت دلچسپي وٺي رهيو آهي. هو مون کي چوي نه ٿو، پر پڇڻ لاءِ حڪم ٿو ڏي، پنهنجي حڪم مڃائڻ لاءِ کيس مون ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جيتوڻيڪ مون پنهنجي سڄي دل سندس اڳيان کولي رکي. جيئن تنهنجي اڳيان کولي رکي اٿم. کيس اُن گيت لاءِ به ٻڌايو اٿم. هن مون کي جواب ڏنو، ته هو اُن جو سڀ ڪوئي بندوبست ڪندو. پر اهو سڀ ڪجهه پوءِ ٿيندو، فقط اِرادي جي پختگي کپي. هي سڀ پيسي جو معاملو آهي، هو ڏهه هزار روبل ڀڄڻ وقت ڏيندو ۽ ويهه هزار روبل آمريڪا لاءِ. هن چيو ٿي ته ڏهه هزار روبل خرچ ڪرڻ سان هو ڀاڄ کي شاندار بڻائي سگهندو.“

 ” ۽ هن توکي هيئن به چيو هو، ته ڪنهن به قيمت تي تون مون کي اِها حقيقت نه ٻڌائيندين؟“  اليوشا وري کانئس پڇيو.

 ”هن چيو هو ته ڪنهن کي به نه ٻڌائج، خاص ڪري توکي. ڪنهن به قيمت تي ٻڌائڻو نه هو. اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته کيس خوف پئي ٿيو ته تون منهنجي ضمير وانگر منهنجي سامهون روڪ ٿي بيهندين. مان توکي جو ڪجهه به ٻڌايو آهي، اُن کي نه ٻڌائج، ڪنهن به قيمت تي کيس نه ٻڌائج.

تون سچ ٿو چوين، اليوشا کيس چيو. مقدمي جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي. مقدمي جي فيصلي ٿيڻ کان پوءِ، تون پاڻ مرادو اُن جو فيصلو ڪري ڇڏج. اُن کان پوءِ ئي تون پنهنجي اَندر هڪ نئون انسان ڏسندين ۽ اُهو ئي فيصلو ڪندو.

 ”نئون انسان يا برنارڊ، پر ڪير فيصلو ڪندو؟ برنارڊ! ڇاڪاڻ ته منهنجو عقيدو آهي، ته مان خود نفرت جهڙو برنارڊ آهيان.“  مـِـتيا سخت ڪڙي نوح ۾ چيو.

پر ڀاءُ، ڇا توکي اِها اميد ئي ڪا نه آهي. تون آزاد ٿي ويندين؟

مـِـتيا ڪلهن کي ڀيڪڙيو ۽ شدت سان مٿي کي لوڏيو.

 ”اليوشا عزيز، تنهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن کيس جلديءَ مان چيو. جيل جو سپرنٽينڊنٽ، ميدان ۾ زور سان ڳالهائي رهيو آهي. هو سنئون سڌو، هيڏي ايندو. اسان کي دير ٿي وئي آهي ۽ هيءُ غير رواجي آهي. مون کي جلدي ڀاڪر پاءِ ۽ مون کي چمي ڏي. منهنجي مٿان صليب جي نشاني جوڙ، ڇاڪاڻ ته مون کي سڀاڻي صليب تي چڙهڻو آهي.“

هنن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو ۽ چميون ڏنيون.

 ”ايون“ ۽ اوچتو مـِـتيا چيو ته ”مون کي ڀڄي وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ سندس اعتقاد آهي ته مان اُن کي قبول ڪيو آهي.“

سندس چپن تي ماتمي مشڪ پکڙجي ويئي.

 ”تو کانئس  پڇيو آهي، ته سندس اِهو اعتقاد آهي.“  اليوشا کانئس پڇيو.

نه، مان هن کان نه پڇيو آهي. مان کانئس پڇڻ ٿي گهريو، پر مان ايئن نه ڪري سگهيس. مون کي همٿ ٿي نه سگهي. پر مان سندس اکين مان سمجهي ورتو هو. چڱو خدا حافظ! هنن وري به تڪڙ ۾ هڪٻئي سان ڀاڪر پائي موڪلايو. اليوشا وڃڻ تي هو ته مـِـتيا اوچتو کيس سڏ ڪيو.

 ”مون ڏي منهن ڪري بيهه! هان ايئن.“  هن وري اليوشا کي ورتو ۽ ٻئي هٿ سندس ڪلهي تي رکيائين. سندس چهرو اوچتو پيلو ٿي ويو ۽ اِهو اونداهيءَ ۾ صاف ٿي ڏٺو. سندس چپ ڀيڪوڙجي ويا. سندس اکيون اليوشا ۾ کپي ويون.

 ”اليوشا مون کي سچ ٻڌاءِ! پاڻ کي ايئن سمجهه ته ڄڻ خدا جي سامهون آهين. ڇا، تنهنجو خيال آهي ته مان خون ڪيو آهي؟ ڇا، تون ايئن وسهين ٿو. مون کي سچ پچ ٻڌاءِ، ڪوڙ نه ڳالهاءِ!“  هن نااميدي مان رڙ ڪري چيو.

اليوشا جي سامهون، ڄڻ ته هر شيءِ چڪر کائيندي نظر آئي. هن ايئن محسوس ڪيو، ته سندس دل ۾ ڄڻ ته خنجر هنيو ويو آهي.

 ”بس ڪر! تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ هو سخت مونجهاري ۽ عجب ۾ پئجي ويو،“ سچ ڳالهاءِ، ڪوڙ نه ڳالهاءِ، ڪوڙ نه ڳالهاءِ“ مـِـتيا وري دهرايو.

 ”مان هڪ ويرم لاءِ به ايئن خيال نه ڪيو آهي، ته تون قاتل آهين.“  اليوشا جو آواز سندس سيني ۾ پيهي ويو. هن پنهنجي سڄي هٿ کي هوا ۾ کنيو، ڄڻ ته هو پنهنجي لفظن تي خدا کي گواهه بڻائي رهيو هو. مـِـتيا جو سڄو چهرو روحاني خوشيءَ کان چهڪي اُٿيو.

 ”مهرباني“. هن آهستگيءَ سان وضاحت ڪندي چيو. هن ٿڌو ساهه کنيو. ڄڻ ته پاڻ کي بيهوشيءَ کان بچائي رهيو هو. ”تو مون کي هاڻي ڄڻ ته نئين حياتي ڏني آهي. تون اعتبار ڪندين. مان هن وقت تائين توکان هن سوال پڇڻ لاءِ خوف ٿي کاڌو. چڱو وڃ. تو مون کي سڀاڻي جي لاءِ همٿ ڏياري آهي. خدا توکي برڪتون ڏئي. وڃ! ايون کي پيار ڪج!“  مـِـتيا جا هيءَ آخري لفظ هئا.

اليوشا ڳوڙها وهائيندو ٻاهر نڪتو. مـِـتيا ۾ ايڏي بي اعتباري، سو به منهنجي لاءِ، اليوشا جي لاءِ، هنن سڀني ڳالهين اليوشا جي سامهون سندس بدقسمت ڀاءُ جي شڪ ۽ شبهي کان ٻاهر غم جي فراواني ۽ روح جي نااُميديءَ کي ظاهر ڪري وڌو. سندس دل لامحدود تاثر ۽ رحم جي احساس سان ڀرجي وئي. سندس تار تار ٿيل دل ۾ سنهڙو سور اُڀري رهيو هو. هن اوچتو مـِـتيا جي لفظن کي ياد ڪيو، ته ايون سان محبت ڪج. ”هاڻي هو ايون ڏي وڃي رهيو هو ۽ هن، سڄو ڏينهن ايون سان ملڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي ڪئي. هو ايون لاءِ به ايترو ئي اضطراب ۾ هو، جيترو مـِـتيا جي لاءِ. هاڻي ته اُن کان به وڌيڪ.“

 

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org