سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :1

ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

 

فيودور دوستو وسڪي

.

ڇپائيندڙ پاران

 

ادب جي دُنيا ۾ ناول نويسي انتهائي مقبول پر محنت طلب صنف آهي، ڇاڪاڻ جو ناول لکندي هڪ ليکڪ نه رڳو فني ۽ ٽيڪنيڪي نزاڪتن کي نظر ۾ رکي ٿو، پر گهري ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ انساني نفسيات بابت گهڻ رُخي ڄاڻ رکڻ سان گڏ هڪ منفرد تصوراتي دُنيا جي اُڻت به ڪري ٿو. ان ننڍي دُنيا ۾ ڪي ڪردار چـُـرندي پـُـرندي، ساهه کڻندي، احساساتي ڀائيچارو ڪندي، مرندي نظر اچن ٿا- ۽ مري ٻيهر زندهه ٿيندي بلڪه ڪن مرحلن تي اُهي اَمـَـر به ٿي وڃن ٿا! رڳو ڪردار ئي ڇو، انهن تحريرن جي ڀاڪرن ۾ آيل جايون، جڳهون، جهلڪون، ادائون، صورتحالون (Situations) ۽ ناتا به ياد جي ڦرهيءَ تي اُڪرجي وڃن ٿا.

ادب ۾ ناول نگاريءَ جو اهو مقام هوندي به ضروري ناهي ته دُنيا ۾ لکيل/ لکجندڙ سڀ ناول انهيءَ پـَـدَ تي پـُـورا لهن. انساني لکت جي تاريخ ۾ بيشمار ناولن جي عـُـمر چند هفتن، مهينن ۽ سالن تي به محيط رهي آهي. بلڪه ادب جي دُنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ناول به لکيا ويا، جن کي ڇپجڻ ته نصيب ضرور ٿيو، پر اُهي پڙهندڙن جو ڪو خاص ڌيان نه ڇڪائي سگهيا ۽ آخرڪار ڪٻاڙ خانن، ڊرائنگ رومن ۽ رديءَ جي ٽوڪرين جو بـَـکُ بڻجي ويا. تنهن ڪري اها حقيقت سمجهڻ گهرجي، ته اُهي ناول جن انساني دل ۽ ذهن تي صدين ۽ ڏهاڪن تائين حـُـڪمراني ڪئي، سي چند درجنن کان مٿي هرگز به نه آهن. ڇاڪاڻ جو مٿي ڪيل گذارش مطابق ناول لکڻ لاءِ نه رڳو انساني حواسن، تجربن جو َتتُ پيش ڪرڻو ٿو پوي، پر اهڙي ڪنهن لافاني تحرير لاءِ قدرت جي ڪرم نوازيءَ جو هـُـجڻ به بيحد ضروري آهي. يعني انساني جستجو ۽ فطرت جي مهربانيءَ سان عطا ٿيل ڏات جو لاڳاپو، جڏهن پورڻتا جي حد تائين هڪ ٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿو، تڏهن ڪو غير معمولي ناول جنم وٺي ٿو.

 

انهيءَ حوالي سان ناول جي صنف ۾ دُنيا جي عظيم ترين ناول نگارن ۾ جن ڪلاڪارن کي امتيازي حيثيت حاصل آهي، تن مان روس جو فيودور دوستو وسڪي پهرين قطار ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. موضوعن جي نـُـدرت، فڪر جي گهرائي ۽ انساني سڀاءَ جو گهرو ادراڪ رکندڙ هيءُ ناميارو ليکڪ فقط ناول نويسيءَ ۾ ئي نه، پر نثر جي دُنيا جو به اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جي قلم جي جولان سان هن سرشٽيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو قلمڪار بـَـرُميچي سگهي. انتهائي سادن پلاٽن کي بيشمار ڪردارن سان ٽمٽار ڪندي، جنهن تـُـز طريقي سان دوستو وسڪي زندگيءَ جي جيڪا سچي ۽ ايذائيندڙ منظر ڪشي ڪئي آهي، سا عام پڙهندڙ کي  ”خاص شخص“  ۽ خاص شخص کي هڪ شاندار ليکڪ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. دوستو وسڪي پنهنجين تحريرن جي ابتدا ۾ هڪ عام قصه گو وانگر انتهائي آسان ۽ روايتي ڪهاڻيون بيان ڪرڻ لڳي ٿو، پر وقت گـُـذرندي هـُـو پڙهندڙ کي فني سحر ۾ جڪڙي ۽ انساني نفسيات جي پيچيدگين تان پردو کڻندي، کيس پنهنجين تحريرن جو ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي جو گـُـذريل سوا صديءَ دوران ناول نگاريءَ جي دُنيا ۾ جيترا سندس مداح پيدا ٿيا، ايترا شايد ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ کي ميسر ٿيا هـُـجن!

 

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي-- ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن. هڪ ننڍڙي روسي ڪـُـٽنب سان لاڳاپيل فردن جي روزاني زندگيءَ کي بحث ۾ آڻيندي، هـُـن دراصل انساني دل ۽ دماغ جي وچ ۾ ٿيندڙ تضادن کي چٽو ڪري، اُنهن تضادن جا حل ڏَسيا آهن- ۽ ائين ڪندي هڪ ’ڪامل راهه‘ جو تصور عطا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.

 ”ڪرامازوف ڀائر“  اڻويهين صديءَ جي روس ۾ فئشني مادي پرستي، ڪٽر يسوعي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي، جن ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف خاندان جا فرد ترتيبوار ايون، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هيءُ اهڙو دور آهي، جنهن ۾ عيسائي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي مضبوط ڪندي نظر اچن ٿيون. ڪرامازوف ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي دراصل ان دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياراتي تضادن جو اولڙو آهي. ناول اندر انهيءَ ويڙهه ۾ ڪاميابي بهرحال ڪرامازوف ڀائرن جي پيءُ جهوني فيودور کي حاصل ٿئي ٿي، جيڪو پنهنجي اندر تمام تر بشري بـُـرايون رکندي به هڪ صوفي منش آهي. هـُـو انساني ڪمزورين جو مجموعو هوندي به نظرين، فرقن ۽ روايتي فڪر جو داعي نه پر ڌرتي ۽ اُن جي روايتن جو امين ۽ اعليٰ انساني قدرن ۾ يقين رکندڙ هڪ گنهگار شخص آهي. دوستو وسڪي پاڻ پراڻ پسند مسيحي هوندي به سڄي عمر ڪئين بـُـرين عادتن ۾ ڦاٿل رهيو، پر هـُـن ڪڏهن به انسانيت لاءِ دل ۾ موجود احترام ۽ پيار کي پنهنجي اندر مان هڪالڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته:  ”ڪرامازوف ڀائر“  هن عظيم ليکڪ جي آخري تحرير ئي نه پر سڄي عـُـمر جي علم، مشاهدي ۽ تفڪر جو تـَـتُ آهي، جنهن کي هـُـن انتهائي شاندار طريقي سان عام پڙهندڙ تائين پـُـڄائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 ”ڪرامازوف ڀائر“  جو پهريون ڇاپو سن1880ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ اُن ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ عالمي سطح تي شـُـهرت حاصل ڪري ورتي. ويهين صدي شروع ٿيندي ئي هيءُ ناول دُنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو ۽ اُن يورپ سميت دُنيا جي مڙني لکندڙن، پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.  ”ڪرامازوف ڀائر“  جو انگريزي ترجمو سن 1915ع ۾  ”Constance Carnett“  جي هٿان ٿيو، نتيجي ۾ هيءُ ناول ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچي ويو. ۽ اهڙيءَ طرح وقت گذرندي ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ مرحوم احسان بدويءَ هٿان سن1965ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سن 1978ع ۾ مڪمل ٿي سنڌي ادبي بورڊ تائين پهتو. پر افسوس جي ڳالهه آهي، ته ايترو عرصو اڳ بورڊ کي سونپيل هن ڪتاب جي سنڌي مسودي کي موجوده روپ ۾ توهان جي هٿن تائين پهچڻ ۾ ٽيهن سالن جو وڏو عرصو لڳي ويو.

ظاهر آهي ته ايترو وقت گذرندي، ڪنهن به تحرير جي ٻولي، لهجي، بلڪه مـُـحاورن ۾ ڪافي فرق پئجي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حقيقت پسنديءَ جي تقاضا اها هئي ته موجوده دور جي نسل تائين پهچائڻ کان اڳ ان شاهڪار جو نئين سر ترجمو ٿئي ها، پر محنت، معيار ۽ صبر کان پري ڀڄندڙ اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهو مـُـمڪن نظر نه آيو، ته ڪو علم جو صاحب گوڏو ڀڃي هزار صفحن تي ڦهليل  هن تحرير کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ جو ڪشٽ پنهنجي سر تي کڻي سگهندو. تنهن ڪري عافيت انهيءَ ڳالهه ۾ سمجهي وئي، ته بورڊ جي لائبريريءَ ۾ پيل مسودي کي ادب جي ڪنهن ڪـُـل وقتي عاشق وٽان سنواري سـُـڌاري شايع ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ڪشالو ڪرڻ جو ڪـُـڻو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ جناب نصير مرزا جي نالي تي نڪتو، جنهن صاحب ڪيترا مهينا ڪتاب جي مسودي تي نظر ثانيءَ جو پورهيو ڪندي، اُن کي ڇپائيءَ جي لائق بنائڻ ۾ اداري جي سهائتا ڪئي ۽ ڪتاب کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ هٿ ونڊايو. مرزاصاحب ان کان علاوه ڪتاب توڙي مصنف بابت تفصيلي ۽ معلومات نوٽس لکي، ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ پڻ جستجو ڪئي. ادارو سندس ۽ بورڊ جي ٻين مڙني ورڪرن جا ٿورا مڃيندي  ”ڪرامازوف ڀائر“  کي سنڌ واسين تائين پهچائيندي انتهائي مـُـسرت محسوس ڪري ٿو. اُميد اٿئون، ته هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ املهه سوکڙي ثابت ٿيندو.

ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي بابت

ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جو ’ڀاڱو ٻيو‘ مهربان پڙهندڙ حضرات جي هٿن ۾ آهي. هن ناول جو ’ڀاڱو پهريون‘ جولاءِ 2005ع ۾ بورڊ جي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ’ڪرامازوف ڀائر‘ ناول جو تفصيلي تعارف اسان ڀاڱي پهرئين ۾ بيان ڪري چڪا آهيون، پر هتي نهايت اختصار مان ڪم وٺندي صرف ايترو عرض رکنداسين، ته هيءُ ناول اصل ۾ روسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جيڪو جڳ مشهور روسي ناول نگار فيودور دوستووسڪي جي سحرانگيز قلم جو تخليقي ثمر آهي. تقريباً چاليهه سال اڳ هن ناول جو ’ڀاڱو پهريون‘ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب پروفيسر احسان بدويءَ ترجمو ڪيو هئو جڏهن، ته پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي فيصلي مطابق هن ڀاڱي جي پنجين باب کان پڄاڻي تائين ترجمو ٿيل حصو، نامياري ليکڪ جناب سليم خواجه ڪيو آهي، ڇو ته پروفيسر احسان بدويءَ جو مذڪوره ترجمي جو آخري حصو گهڻي ڳولا جي باوجود نه ملي سگهيو. بورڊ جناب سليم نور حسين خواجه جو ٿورائتو آهي، جنهن صاحب محدود وقت اندر باقي رهيل حـصي جو ترجمو ڪري ڏنو.

 

 

’ڪرامازوف ڀائر‘ ناول جو ’ڀاڱو ٻيو‘ اوهان لائق پڙهندڙن جي هٿن ۾ ڏسي سچ پچ اسان کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. هن شاهڪار ناول جي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ سميت ٻين اشاعتي مرحلن ۾ الاهي محنت ۽ وقت صرف ٿيو آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪردارن جا نالا نهايت منجهائيندڙ ۽ ڏکيا هئا، تنهنڪري ضروري هو، ته انهن نالن لاءِ ڪنهن هڪ صورت تي اڪتفا ڪيو وڃي. اسان وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها ڪئي آهي، ته ڪردارن جا نالا، جيڪي ڀاڱي پهرين ۾ ڏنا ويا آهن، سي جيئن جو تيئن ڀاڱي ٻئي ۾ به ڏنا وڃن. ان هوندي به ٿي سگهي ٿو، ته هن ڀاڱي ۾ ڪٿي ڪا ڪمي پيشي رهجي وئي هجي، ان لاءِ لائق پڙهندڙن حضرت کان معذرت ڪجي ٿي.

 

اسان کي اميد آهي، ته ناول جو هيءُ ڀاڱو، پهرين ڀاڱي وانگر باذوق ادبي حلقي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                                              انعام الله شيخ

جمعة المبارڪ 8- ربيع الاول 1427هه                       سيڪريٽري

بمطابق 7- اپريل 2006ع                                  سنڌي ادبي بورڊ

 

 

ليکڪ جو تعارف

فيودور ميخائل دوستووسڪي سن 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا ٿيو هو. سندس والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو.

دوستووسڪيءَ، ابتدائي تعليم ماسڪو جي ڪنهن خانگي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد، سينٽ پيٽرسبرگ جي فوجي انجنيئرنگ اسڪول منجهان گريجوئيشن ڪئي ۽ ان ئي سال فوج جي انجنيئرنگ واري شعبي ۾ ڊزائينر مقرر ٿيو. اِن ملازمت سان سندس دل نه لڳي، ته سن 1844ع ڌاري استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ لکڻ پڙهڻ کي پنهنجو پيشو بنايائين. سن 1864ع ڌاري سندس پهريون ناول ’ويچارا ماڻهو‘ شايع ٿيو. ۽ 1860ع ڌاري هـُـن جو ٻيو جڳ مشهور ناول پڌرو ٿيو: ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘. سن 1861ع ڌاري هن پنهنجي ڀاءُ جي سهڪار سان ’زمانو‘ رسالو جاري ڪيو، جنهن کي سن 1863ع ڌاري رياست بندش هيٺ آڻي ڇڏيو. سن 1866ع ۾ سندس شاهڪار ناول ’جـُـرم ۽ سزا‘ شايع  ٿيو. سن 1871ع ۾ ’ڀوت پريت‘ ۽
سن 1869ع ۾ سندس ٻيو جڳ مشهور ناول ’اِيڊيٽ‘ شايع ٿيو. سن 80-1879ع ڌاري دوستووسڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ضخيم ترين ناول: ’ڪرامازوف ڀائر‘ تحرير ڪيو، جنهن جي شايع ٿيڻ سان ئي وڏي شهرت ماڻي ورتي.

دنيا جا سڀ وڏا نقاد، اڄ اِن ڳالهه تي سهمت آهن، ته ناول نويسيءَ جو فنَ، فيودور دوستووسڪيءَ تي ختم آهي. روسي ادب ۾، دوستووسڪيءَ کي روسي ليکڪن جو ’سرتاج‘ ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.

سن 1881ع ڌاري، عظيم روسي شاعر پشڪن جي ورسيءَ جي موقعي تي، هـُـن جيڪا شاندار تقرير ڪئي هئي، اُن دوستووسڪيءَ جي ادبي ساک کي ڄڻ سونا کنڀَ هڻي ڇڏيا هئا.

افسوس! اِن ئي سال، موت، هن عظيم ليکڪ جو رستو روڪي، سندس اڳيان اچي بيهي رهيو. ڪجهه عرصو شديد عليل رهڻ کان پوءِ، نيٺ دوستووسڪيءَ هـِـن جهان مان لڏيو.

دنيا جي هن عظيم ناول نگار جو مڙهه، نهايت وقار ۽ پوري اعزاز سان ايئن کنيو ويو، جو چوڻ وارن چيو، ته اهڙي احترام ۽ اعزاز تي ته جيڪر بادشاهه به رشڪ ڪن! نقادن جو چوڻ آهي، ته دنيا جي ادب کي، سڃاڻپ لاءِ، ورهايو وڃي، ته ان جا صرف ٻه دور ٿي سگهندا. هڪڙو دوستووسڪيءَ کان پهرين وارو ۽ ٻيو هن کان پوءِ واري ادب جو دور!

(نصير مرزا)


 

 

سنڌيڪار پروفيسر احسان بدويءَ بابت

سنڌ جي نوجوان اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾، 22- نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.

مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.

احسان، مارچ 1926ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو، ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. سن 1944ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سن 1945ع ۾ سي- ايس گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.

سن 1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور آندو، ته اُهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اُتي ايس- ايم- ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي- اي- آنرس پرشين ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.

تعليم جي دور ۾، شمس العلما ِّ علامه دائود پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي- اي پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. پر علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.

 

 هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هيءُ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايم- اي پڻ ڪيائين.

آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسيپال، ايس- ايم ڪاليج ڪراچي جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرباد چئي، ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ با اخلاق استاد جي حيثيت سان پندرنهن سال خدمت ڪيائين.

علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا آهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان عطا ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.

سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشھ ”سنڌي ادبي سنگت“  سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو آيو.

تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:
1- تنقيد ۽ تنقيد نگاري. 2- ڊان ويسٽ 3- انقلاب جو فلسفو 3-منتخب ڪلام سانگي.

سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.

 

”وياسي وينجهار“ - از: غلام محمد گرامي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org