سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

پڄاڻي

صفحو :27

 

 

باب ٽيون

اليوشا جو جنازو: تڏي تي تقرير

کيس واقعي دير ٿي وئي هئي. هنن سندس اوسيئڙو ڪيو هو. ۽ پوءِ کانئس سواءِ سهڻو، گلن سان ڍڪيل ننڍڙو تابوت گرجا کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هئائون. اهو ويچاري ننڍڙي اليوشا جو تابوت هو، جيڪو متيا کي ٽيپ ملڻ کان ٻه ڏهاڙا پوءِ گذاري ويو هو. اليوشا کي گهر جي ڦاٽڪ وٽ ڇوڪرن اليوشا جي اسڪولي ساٿين، جا رڙيون واڪا منهن پيا. هو سڀ سندس بيصبريءَ سان انتظارڪري رهيا هئا، ۽ هن جي نيٺ اچي پهچڻ تي خوش هئا. هو ٻارهن کن هئا. سڀني کي سندن اسڪولي ٿيلها ۽ پوٽڙيون ڪلهن تي هيون،  ”بابو روئيندو، بابي وٽ وڃو.“  هن کين چيو هو، جڏهن اليوشا جا پويان پساهه هئا. ڇوڪرن کي اهو ياد هو. هنن ۾ ڪوليا ڪراسوتڪين سڀني ۾ مـُـک هو.

 ”تنهنجي اچڻ تي مان ڏاڍو خوش آهيان، ڪرامازوف!“  ڪوليا هٿ وڌائيندي رڙ ڪئي.  ”هي ڏاڍو ڀوائتو آهي. ڏسي هراس ٿو وٺي. سنيگريوف پيتل ناهي. اسان کي پتو آهي ته هن ڪجهه به ناهي پيتو، پر لڳي ائين ٿو ڄڻ پيتل هجي. مان هميشه مڙسي ڏيکاريندو آهيان، پر هي گهڻو ڀوائتو آهي. ڪرامازوف، مان تو کي روڪيان نٿو ته اندر هلڻ کان اڳ هڪڙو سوال پڇانءِ؟“

 ”پـُـڇ ڪوليا.“  اليوشا چيو.

 ”تنهجو ڀاءُ بيڏوهي يا ڏوهي؟ ڇا تنهنجي پيءُ کي هن ماريو هو يا اهو خاص نوڪر هو؟ جيڪو تون چوندين، هوندو به ائين ئي. مان پويون چار راتيون اهو سوچي سوچي سـُـمهي نه سگهيو آهيان.“

 ”کيس خاص نوڪر ئي ماريو هو، منهنجو ڀاءُ بيڏوهي آهي.“  اليوشا وراڻيو.

 ”مون به اهوئي چيو ٿئي.“  سموروف ٻوليو.

 ”سو هو بيڏوهو ڀوڳيندو.“  ڪوليا چيو.  ”برباد ٿي ويو آهي، تڏهن به خوش آهي!‍ مون کي هن سان ريس ٿي ٿئي“

 ”ڇا پيو چوين؟ تو کي ڇو؟ ڇو؟“  اليوشا اچرج وچان پڇيو.

 ”جيڪر مان به ڪڏهن سچ تان پاڻ گهوري سگهان!“  ڪوليا اُتساهه سان چيو.

 ”پر هن وانگر نه، ايڏيءَ خواريءَ ۽ هئبت سان نه!“  اليوشا چيو.

 ”بلڪل.... مان سڄي انسانذات لاءِ مرڻ ٿو چاهيان، ۽ خواري، مون کي اِن جي پرواهه ڪانهي - اسان جو نانءُ ڀـَـل ناس ٿئي. مان تنهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهيان!“

 ” ۽ مان پڻ!“  ان ڇوڪري چيو، جنهن هڪڙي ڀيري اعلان ڪيو هو ته کيس پتو هو ته ٽراءِ(1) جو پايو ڪنهن وڌو هو، ائين چوندي هن جو مـُـنهن ڪنن تائين پيونيءَ(2) جيان اهڙو ئي ڳاڙهو ٿي ويس، جهڙو اڳينءَ ڀيري ٿيو هوس.

اليوشا ڪمري اندر گهڙيو، اليوشا نيري رنگ جي تابوت ۾، جنهن کي چوڌاري جهالر ڏنل هئي، پيل هو. سندس اکيون بند هيون ۽ ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي هڪ ٻئي مٿان رکيل هئس. سندس سنهي مـُـنهن ۾ ڪا خاص تبديلي ڪانه آئي هئي، ۽ عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته مڙهه مان ڪني ٿيڻ جي بانس به ڪانه ٿي آئي. هن جي مـُـنهن جو تاثر ڳنڀير، ائين کڻي چئجي ته، سوچيندڙ هو. هن جا ڇاتيءَ تي هڪ ٻئي مٿان هٿ رکيل سهڻا ٿئي لڳا، ڄڻ سنگ مرمر مان گهڙيا ويا هجن. سندس هٿن ۾ گل هئا، ۽ تابوت اندران توڙي ٻاهران، گلن سان سينگاريل هو. اهي گل لزي هئا، جيڪي لاڪوف صبح جو سوير اُماڻيا هئا. ڪيٽرينا ايوانونا وٽان به گل آيل هئا، جڏهن اليوشا در کوليو تڏهن ڪئپٽن جي ڏڪندڙ هٿن ۾ به ڇڳو جهليل هو، جيڪي هو پنهنجي پياري پٽ مٿان وکيري رهيو هو. اليوشا آيو ته هن پورو ڏٺيس ئي ڪو نه، هن ڪنهن کي به نه ٿي ڏٺو، پنهنجي چري روئندڙ زال، مما، کي به نه، هوءَ پنهنجن جڏين ڄنگهن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري هئي ته جيئن پنهنجي مئل پٽ کي ويجهو ڏسي سگهي. ڇوڪرا نينا کي سندس ڪرسي ريڙهي، تابوت جي ويجهو وٺي آيا هئا. هوءَ تابوت کي هٿن ۾ جهليو ويٺي هئي ۽ پڻ چپ چاپ روئي رهي هئي. سينگريوف جي مــُــنهن تي سڪ هئي، ۽ ساڳئي وقت حيرت ۽ چڙ پڻ. هن جا تال پکال ۽ جيڪي اکر اُڪليس ٿي، چرين وارا هئا. اليوشا کي تڪيندي رکي رکي دانهن ٿي ڪيائين.  ”پوڙها، پيارا پوڙها!“  جڏهن اِليوشا جيئرو هو، تڏهن هو کيس پاٻوهه وچان  ”پوڙها“  ڪري سڏيندو هو. اها سندس عادت هئي.

 ”بابا، مون کي به هڪڙو گل ڏي، او هـُـو اڇو گل. سندس هٿ مان ڪڍي مون کي ڏي.“  چري ماءُ ڪوڪاريندي ٻاڏايو. يا ته اِليوشا جي هٿ وارو اڇو گل کيس وڻي ويو هو،يا وري هن اهو سندس يادگيريءَ طور پاڻ وٽ رکڻ پئي گهريو. هوءَ، گل لاءِ هٿ ڊگهيڙي، بي آراميءَ سان چــُــري پــُــري رهي هئي.

 ”مان اهو ڪنهن کي به نه ڏيندس، تو کي به نه!“  سنيگريوف سختدليءَ سان رڙ ڪئي.  ”اهي سندس گل آهن، تنهنجا ناهن! هر شئي سندس آهي، تنهنجي ڪا ڪانهي.“

 ”بابا، امڙ کي هڪڙو گل ڏي.“  نينا پنهنجو ڳوڙهاٽيل مـُـنهن مٿي کڻي چيو.

 ”مان ڪابه شئي نه ڏيندس، هن کي اصل به نه. کيس اِليوشا سان ذرو به پيار ڪونه هو. هن کانئس ننڍڙي توب کسي هئي ته هـُـن کيس ڏيئي ڇڏي هئي.“  ڪئپٽن اهو سوچي وڏا وڏا سڏڪا ڀرڻ لڳو ته اِليوشا کي ڪيئن نه پنهنجي توب ماءُ کي ڏيڻي پئي هئي. هوءَ ويچاري، پنهنجو مــُــنهن هٿن ۾ لڪائي بي آواز ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي.

ڇوڪرن جڏهن ڏٺو ته پيءُ تابوت کي ڇڏي ئي نٿو ۽ جنازي کڻڻ جو وقت اچي ڀريو آهي. تڏهن هو تابوت کي گهيرو ڪري کڻڻ لڳا.

 ”مان هن کي گرجا واري مقام ۾ پورڻ نه ڏيندس.“  سني گريوف اوچتو دانهن ڪئي،  ”مان هن کي پهڻ وٽ، اسان واري پهڻ وٽ پوريندس! اِليوشا پاڻ مون کي وصيعت ڪئي هئي. مان هن کي ٻاهر کڻي وڃڻ نه ڏيندس!“

هو ٽن ڏينهن کان چئي رهيو هو ته کيس پهڻ وٽ پوريندو، پر اليوشا ڪراسوتڪين، گهر جي مالڪياڻيءَ، سندس ڀيڻ ۽ سڀني ڇوڪرن مخالفت ڪئي هئي.

 ”اها وري ڪهڙي سوچ آهي ناپاڪ پهڻ وٽ پورڻ جي، ڄڻ ته ڦاهو کائي مئو هجي،“  پوڙهي گهر - مالڪياڻيءَ سختيءَ سان چيو.  ”گرجا جي مقام ۾ زمين ٽياسيل آهي. اتي هن لاءِ دعا ڪئي ويندي، اُتي گرجا ۾ ڳائجندڙ گيت ٻڌبا آهن ۽ پادري تلاوت ايتري چٽي ڪندو آهي جو هر دفعي اها هن تائين پهچندي، ڄڻ سندس قبر مٿان ڪئي پئي وڃي.“

نيٺ ڪئپٽن نراسائيءَ وچان اشارو ڪيو، ڄڻ چوندو هجي،  ”جاڏي وڻيوَ، تاڏي کڻي وڃونس.“  ڇوڪرا تابوت کڻي هليا ۽ جڏهن ماءُ وٽ پهتا تڏهن هيٺ لاٿائون ته جيئن هوءَ اِليوشا کي خدا حافظ چئي سگهي، پر اهو امل ننڍڙو چهرو، جنهن کي هوءَ پويان ٽئي ڏينهن پري کان تڪيندي رهي هئي، سو ڏسندي ئي هوءَ سڄي ٿڙڪڻ ۽ مٿو تابوت مٿان ڌوڏڻ لڳي.

 ”امان، هن مٿان ٽياس جو نشان ٺاهه، کيس دعا ڪر، چمي ڏينس،“  نينا رڙ ڪري چيس. پر سندس مٿو، ڪنهن پاڻ وهيڻيءَ ڪل وانگر ڌڏندو ئي رهيو ۽ سخت ڏک وگهي مروٽجندڙ منهن سان هـُـن پٽڻ شروع ڪري ڏنو. هنن تابوت کنيو ۽ اڳتي وڌيا، نينا وٽ پهتا ته هن آخري ڀيرو ڀاءُ جا چپ چـُـميا. اليوشا گهر مان نڪرندي ئي گهر- مالڪاڻيءَ کي پٺتي رهجي ويلن جي خيال رکڻ جي پارت ڪئي، پر اڃا هن ڳالهايو پئي ته گهر- مالڪياڻيءَ اڌ ۾ ڪٽيندي چيس:

 ”الڪو نه ڪر. مان هنن سان ترسنديس. آخر اسان به ڪرستان آهيون.“  پوڙهيءَ ائين چوندي روئي ڏنو.

کين تابوت ڪو گهڻو پري کڻي وڃڻو هو، گرجا، گهر کان ڪي ٽي سؤ وکون پري هئي. اهو ٿوري پاري سان چٽو سانتيڪو ڏينهن هو. گرجا جا گهـِـنڊ اڃا وڄي رهيا هئا. سنيگريوف، ڌانڌلايل ڌانڌلايل ۽ حيران حيران، پنهنجو پراڻو لنڊو اوورڪوٽ پايو ۽ نرم جهونو ۽ وڏي ڪـَـني وارو ٽوپلو هٿ ۾ ڪيو، تابوت جي پٺيان ڊوڙي رهيو هو. هو متين منجهيل ڳڻتيءَ ۾ ٿئي لڳو. ڪنهن مهل اڳيان اچي جنازي کي ڪلهي ڏيڻ جي ٿي ڪيائين ۽ ائين ڪندي ٻين کي ٿئي رنڊڪايائين، ۽ ڪنهن مهل جنازي جي سـَـنوَت ۾ ٿئي هليو من اتي ڪٿي جاءِ ملي وڃيس. هڪڙو گل ترڪي اچي هـِـمَ ۾ ڪريو ته هن ڀڄي وڃي اهو کنيو، ائين ڄڻ ان گل جي زيان تي سڄي دنيا جي سڀني شين جو مدار هجي.

 ”اڙي ڍوڍو، ڍوڍو وسري ويو آهي!“  هن اُمالڪ گهٻرائجي دانهن ڪئي. پر ڇوڪرن کيس هڪدم ياد ڏياريو ته هن ڍوڍو کنيو هو ۽ کيسي ۾ هوس. تنهن تي هن جهٽ پٽ کيسي مان ڍوڍو ڪڍي ڏنو ته دلجاءِ ٿي ويس.

 ”ان لاءِ اليوشا مون کي چيو هو،“  هن بنا دير اليوشا کي ٻڌايو.  ”هڪڙي رات مان هن جي پاسي ۾ ويٺو هوس ته هن اوچتو مون کي چيو، ’بابا، منهنجي ڀرجي وڃي ته ڍوڍو ڀورا ڪري ان جي مٿان پٿارجو ته جيئن جهرڪيون اُڏامي هيٺ اچن، مان ٻڌندس ۽ دل خوش ٿيندم ته اڪيلو پيل ناهيان‘.“

 ”اها ته سٺي ڳالهه آهي.“  اليوشا چيو.  ”اسان کي اڪثر ائين ڪرڻ کپي.“

 ”هر روز، هر روز.“  ڪئپٽن خوش ٿي اُٻهرائيءَ مان چيو.

هو آخرڪار گرجا پهچي ويا ۽ تابوت اتي وچ ۾ رکي ڇڏيائون. ڇوڪرا ان جي چوڌاري ادب سان بيهي رهيا، ۽ جيستائين عبادت هلي تيستائين ائين ئي بيٺا رهيا. اها ڪائي جهوني ۽ غريباڻي گرجا هئي. اتي ٽنگيل پيغمبرن ۽ ولين جون شبيهون فريمن کانسواءِ هيون. پر اهڙيون گرجائون عبادت واسطي بهترين هونديون آهن. عبادت دوران سنيگريوف ڪجهه ڪجهه سانتيڪو ٿي ويو. توڙي جو ڪنهن ڪنهن مهل سندس ساڳئي بيخياليءَ واري ۽ ائين چئجي ته، بي ميلي ڳڻتيءَ ڦاٽ ٿي کاڌا. هڪڙي ڀيري هن تابوت وٽ وڃي ان جو ڍڪ يا گلدستو ٺيڪ ڪيو،ٻئي ڀيري ميڻ بتي شمعدان مان ڪري پئي ته هن ڀڄي وڃي ورائي وڌي ۽ ائين ڪرڻ ۾ چڱو وقت وٺي ڇڏيائين. پوءِ ماٺيڻو ٿي چپ ڪري تابوت ڀرسان بيهي رهيو. بي آرام ۽ منجهيل منجهيل. انجيل ۾ آيل حواريءَ جي چٺي پڙهجڻ  کانپوءِ هن اُمالڪ ڀرسان بيٺل اليوشا کي چيو ته چٺي چڱي طرح نه پڙهي وئي هئي، پر ائين ڇو ٿئي چيائين. سو ڪو نه ٻڌايائين ’چيروبم جيان’ واري دعا دوران ٻين سان گڏ هو پڻ ڳائڻ لڳو، پر پڇاڙيءَ تائين نه. هن گوڏا کڻي کوڙيا ۽ مٿو پٿر جي فرش تي رکي ڇڏيائين. ۽ گهڻي وقت تائين ائين ئي پيو رهيو.

نيٺ دفنائڻ واري رسم جو وارو آيو ۽ ميڻ بتيون ورهايون ويون، بدحواس پيءُ وري ڦر ڦر ڪرڻ لڳو. پر دعا ايتري ته دل ڀڄائيندڙ ۽ اثرائتي هئي جو هن جو اندر وٺجي ويو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته هو اوچتو سـُـسـَـي ويو هجي، ننڍا ننڍا تڪڙا تڪڙا سڏڪا ڀرڻ لڳو، جن کي هن پهريون گهٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ ڏاڍيان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. جڏهن هو آخري ديدار کانپوءِ تابوت بند ڪرڻ لڳا. تڏهن هن کين اِليوشا کي ڍڪڻ کان روڪيو ۽ مئل پٽ جا چپ بکايلن وانگر وري وري چمڻ لڳو. هو کيس مسين مسين ڏاڪي کان پري وٺي ويا؟ پريوءِ به هن ڪوريچڪ اچڻ تي هٿ وڌائي تابوت تان ڪجهه گل جهڙپي ورتا. گلن کي ڏٺائين ته ڪو نئون خيال آيس، ۽ کن پل لاءِ پنهنجو ڏک وساري ويٺو، هوريان هوريان پــُــورن ۾ پئجي ويو، ايترو جو کين تابوت کڻي وڃڻ کان ڪو نه جهليائين، قبر چڱي مـُـلهه واري هئي ۽ گرجا جي ويجهو ان جي پنهجي مقام ۾ هئي. ان جو خرچ ڪئٽرينا ايوانوونا ڀريو هو. آخري رسمن کان پوءِ قبر کوٽيندڙن تابوت قبر ۾ لاٿو. سني گريوف هٿن ۾ گل جهليو کليل قبر مٿان ايترو ته جهڪي ويو جو لڳو ٿئي ته پورو پتو ڪو نه پئي پيس ته ڇا پئي ٿيو. جڏهن هو قبر مٽيءَ سان ڀرڻ لڳا، تڏهن هن ڳڻتيءَ وچان ڪرندڙ مٽيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چوڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، ۽ اوچتو چپ به ٿي ويو. پوءِ کيس ياد ڏياريو ويو ته ڍوڍي جا ڀورا ڪري ته ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو ۽ ڍوڍو ڇڪي ڪڍي ان جا ڀورا ڪري قبر مٿان اڇلائڻ لڳو، ۽ انتظاريءَ وچا سڏ ڪرڻ لڳو:

 ”پکيو، اُڏامي هيٺ اچو، جهرڪيون اچو اڏامي اچو!“

ڪنهن ڇوڪري چيس ته گل هٿن ۾ هجڻ ڪري کانئس ڀورا ڏکيا ٿيندا هوندا، سو هو گل ڪنهن ٻئي کي ڏي ته اهو ڪجهه وقت جهلي. پر هن ائين نه ڪيو، ۽ اوچتو اچي ڀؤ ويٺس ته گل کانئس کسي وٺندا. پوءِ هن قبر تي نظر وجهي پڪ ڪئي ته هر شئي ٺيڪ ٺاڪ هئي ۽ ڍوڍو به ڀورجي چڪو هو، سو هو هر ڪنهن کي حيران ڪندي، ڏاڍي ڌيرج سان پٺتي مــُــڙيــو ۽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳو، پر هن جون وکون تکيون ٿينديون ويون. تان جو هو ذري گهٽ ڊوڙڻ لڳو. ڇوڪرا ۽ اليوشا به ساڳئي رفتار سان هن جي پويان هئا. هو اوچتو واڪا ڪرڻ لڳو:

 ”گـــُــل مما لاءِ آهن، گل مما لاءِ آهن! مون مما سان چڱو نه ڪيو.“

ڪنهن کيس اطلاع ڏني ته ٿڌ جي ڪري ٽوپلو پائي ته هن اهو کڻي هــِــمَ ۾ ڦٽو ڪيو، ڄڻ ڪاوڙ آئي هجيس ۽ ورائي ورائي چوڻ لڳو ،  ”مون کي ٽوپلو نه کپي مون کي ٽوپلو نه کپي.“  سموروف ٽوپلو کڻي سندس پٺيان هلڻ لڳو. سڀ ڇوڪرا روئي رهيا هئا. ۽ سڀني کان وڌيڪ ڪوليا ۽ اهو ڇوڪرو جنهن ٽراءِ بابت لڀ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ سموروف جي هٿ ۾ ٽوپلو هو ۽ زارو زار روئي به رهيو هو، تڏهن به هن ڀڄندي ڀڄندي واٽ تي پيل سروٽو کنيو ۽ پاسي کان اُڏامندڙ جهرڪين جي ولر کي هنيو. ڌڪ گسڻو هو، ســو گــُــسي ويو، پر هو روئيندو ڀڄندو رهيو. سنيگريوف اڌ پنڌ تي اُمالڪ بيهي رهيو، کن پل بيٺو رهيو، ڄڻ ڪجهه ياد آيو هجيس، ۽ اوچتو گرجا ڏانهن منهن ڪري نڌڻڪي ٿي ويل قبر ڏانهن لــُــوهه پاتائين، پر ڇوڪرا وڃي پــُــڳـــس ۽ سڀني پاسن کان ورائي ويس ته هو بيوس ٿي هـِــــمَ ۾ ڪري پيو، ڄڻ ڪنهن ڌڪ هـــڻــي ڪيرائي وڌو هجيس، ۽ ڇڙيون هڻندي، ۽ واڪا ڪندي دانهڻ لڳو،  ”اِليوشا، پوڙها، پيارا پوڙها!“  اليوشا ۽ ڪوليا کيس پرڀائي ۽ پرچائي اُٿارڻ جي ڪرڻ لڳا.

 ”ڪئپٽن، بس ڪر، بهادر ماڻهو ڌيرج کان ڪم وٺندو آهي.“  ڪوليا ڀڻڪو ڪيو.

 ”گـُـل لـُـٻوڙي ڇڏيندين.“  اليوشا چيس،  ”مما انهن جي واٽ پئي نهاري، هوءَ ويٺي روئي ته توکيس پهرين هڪڙو گل به ڪونه ڏنو. اِليوشا جو ننڍڙو پلنگ اڃا اتي ئي آهي.“

 ”ها ها مما!“  سنيگريوف، اوچتو سنڀريو،  ”هو پلنگ کڻي ويندا، هو پلنگ کڻي ويندا.“  هن ائين چيو ڄڻ اچي ڀئو ويٺو هجيس ته هو سچ پچ پلنگ کڻي ويندا . هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ وري گهر ڏانهن ڀڄڻ لڳو. پر اهو  پري ڪو نه هو، ۽ سڀ ڪٺا اچي پهتا. سنيگريوف تڪڙو در کوليو ۽ پنهنجي زال کي، جنهن سان ٿوري دير اڳ ايڏي بي رحميءَ سان وڙهيو هو، سڏ ڪيائين:

 ”مما، ويچاري جڏي مـِـٺي مما، اِليوشا توکي هي گل موڪليا آهن.“  هن هٿن ۾ جهليل گلن جو ڇڳڙو زال ڏانهن وڌائيندي چيو. گل تڏهن ڄمي ڀڄي ويا هئا، جڏهن هن هـِـمَ ۾ ڇڙيون هنيون هيون. اوڏيءَ مهل سندس نظر وڃي ڪنڊ ۾ پلنگ جي ڀرسان پيل اِليوشا جي ننڍڙن بوٽن تي پئي، جيڪي گهر - مالڪياڻيءَ سڌا ڪري ٺاهي رکيا هئا. اهي پراڻا، چتين لڳل، ڪـَـٽُ جهڙي رنگ وارا، سخت بوٽ ڏسي هن پنهنجا هٿ اُڀا ڪيا ۽ بوٽن ڏانهن ڊوڙيو. اُتي وڃي گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ هڪڙو پادر کڻي چپن سان لائي بـُـکين وانگر چمڻ لڳو ۽ روئڻ لڳو.  ”اليوشا، پوڙها، پيارا پوڙها، تنهنجا ننڍڙا پير ڪٿي آهن؟“

 ”توهان هن کي ڪاڏي کڻي ويا آهيو؟ هن کي ڪاڏي کڻي ويا آهيو؟“  چري ماءُ هنيانءُ ڏاريندڙ آواز ۾ دانهن ڪئي. نينا پڻ اوڇنگارون ڏيڻ لڳي. ڪوليا ڪمري منجهان ڀڄندي ٻاهر نڪري ويو. ڇوڪرا پٺيان ويس. نيٺ اليوشا به ٻاهر نڪري آيو.

 ”ڀلي روئن.“  هن ڪوليا کي چيو،  ”کين هينئر آٿت ڏيڻ جو ڪو فائدو نه ڪونهي. ٿورو ترسي وري اندر هلبو.“  

 ”نه، واقعي فائدو ڪونهي، ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي.“  ڪوليا سهمت ٿيندي چيو.  ”خبر ٿئي، ڪرامازوف،“  هن آواز جهڪو ڪري ڇڏيو ته جيئن ٻيو ڪو نه ٻڌي .  ”مون کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي. کيس موٽائڻ ممڪن هجي ها ته مان اِن جي لاءِ پنهجو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيان .“

 ”ووءِ، مان پڻ ڏيئي ڇڏيان.“  اليوشا چيو.

 ”تون ڇا ٿو سمجهين ڪرامازوف؟ هت رات جو اچڻ وڌيڪ چڱو نه ٿيندو؟ پتو ٿي نه، ته هو پيتل هوندو.“

 ”ها متان هجي، ڇو نه اسان گڏجي اچون، تون ۽ مان، بس اهو ڪافي ٿيندو ۽ ڪلاڪ کن وٽن ويهون، ماءُ ۽ نينا وٽ. اسان سڀ گڏجي آياسين ته کين وري سڀڪجهه ياد پوندو.“  اليوشا صلاح ڏني.

 ”گهر - مالڪياڻي هنن لاءِ ميز لڳائي رهي آهي- مرڻي جي ماني هوندي شايد، پادري به اچڻو آهي. پاڻ اندر نه هلون، ڪرامازوف؟“

 ”ڀلي.“  اليوشا چيو.

 ”ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي، ڪرامازوف، ايڏو ڏک، پوءِ پئنڪيڪ(1) . اها اسان جي مذهب جي ڪيڏي نه غير فطري ڳالهه ٿي لڳي.“

 ”سيئري مڇي به هوندي.“  جنهن ڇوڪري ٽراءِ بابت ٻڌايو، تنهن ڏاڍيان چيو ته ڪوليا، چڙي، رهڙ ڪڍيس:

 ”مان توکي منٿ ٿو ڪريان، ڪرتاچوف، توسان ڪو ڳالهائي ته ڳالهائيندو ڪر نه ته پنهنجن ڇـَـسـَـن ٻولن سان وچ ۾ نه ٽپندو ڪر. تنهنجي هجڻ نه هجڻ جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي!“

ڇوڪرو شرم وچان ڳاڙهو ٿي ويو، پر اتر ڏيڻ جي همت ڪانه ٿيس.

هو ڳالهائيندا ٿورو پرتي هليا آيا هئا ته ايتري ۾ سموروف اوچتو واڪو ڪيو:  ”اليوشا وارو پهڻ اجهو هي ٿو، هن کيس هت پورڻ ٿئي گهريو.“  

هو سڀ ان وڏي پهڻ وٽ بيهي رهيا. اليوشا نـِـهار ڪئي، ۽ سنيگريوف جي واتان تنهن ڏينهن ٻڌل ڳالهه جي سڄي تصوير سندس ذهن ۾ اڀري آئي ته ڪيئن اليوشا پيءُ کي ڀاڪر پائي روئيندي رڙيو هو.  ”بابا، بابا، هن توهان جي ڪيڏي نه بيعزتي ڪئي هئي.“  اوچتو سندس من ۾ ڪو اُڌمو اُسريو. هن اِليوشا جي اسڪولي ساٿين جي روشن ۽ وڻندڙ چهرن کي هڪ هڪ ڪري ڳنڀيرتا ۽ پاٻوهه سان ڏٺو ۽ اُمالڪ کين چوڻ شروع ڪيائين:

 ”ڇوڪرئو، مان هن هنڌ توهان سان ڪا ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهيان.“  

ڇوڪرا کيس گهيرو ڪري بيهي ويا ۽ اکيون کڻي کيس، هڪ چتا ۽ آسائتا، تڪڻ لڳا.

 ”ڇوڪرئو. اسين جلد وڇڙي ويندا سين. مان ڪجهه وقت پنهنجن ٻن ڀائرن سان هوندس، انهن مان هڪڙو سائبيريا وڃڻو آهي ۽ ٻيو موت جي در تي پيو آهي. پر مان جلد ئي شهر، شايد گهڻي وقت لاءِ، ڇڏي ويندس، سو اسان جدا ٿيڻ وارا آهيون، اچو ته هت، اليوشا جي پهڻ وٽ اهو پهه ڪريون ته اليوشا کي ۽ هڪ ٻئي کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، ۽ حياتيءَ ۾ اڳتي اسان سان ڇا به ٿئي، جي پوءِ ويهه ورهيه هڪ ٻئي سان نه به ملي سگهون. اچو ته پوءِ به اسين هميشه ياد رکون ته اسان ان ويچاري ڇوڪري کي ڪيئن پوريو هو، جنهن کي اسان پل وٽ ڦوڙ هنيا هئا، ۽ پوءِ اسين سڀ کيس ڪيڏو نه ڀانئڻ لڳا هئا سين. هو سٺو ۽ سٻاجهو ۽ دلير نينگر هو. کيس پنهنجي پيءُ جي عزت جو وڏو اونو هو ۽ هن جي بيعزتيءَ تان ڏاڍي چڙ ايندي هيس ۽ سندس بدر کڻڻ ۾ پختو هو. سو، ڇوڪروئو، پهرين ته اسين هن کي ساري ڄمار ياد رکنداسين، ۽ جي اسين تمام اهم ڪمن ۾ لڳي وڃون، جي اسين وڏي پد تي پهچون يا بدنصيبيءَ جي ور چڙهي وڃون. سدائين ياد رکون ته ڪڏهن هت ڪيڏو نه چڱو هو. جڏهن اسين سڀ گڏ هئاسين، هڪ چڱي ۽ مهربان جذبي ۾ ٻڏل- جذبو، جنهن اسان کي جيترو وقت اسين هن ويچاري نينگر کي ڀائيندا رهياسين، تيترو وقت ان کان بهتر بڻايو، جيترا شايد اسين آهيون. منهنجا ننڍڙا پاريلئو- ڇڏيو ته مان توهان کي انهيءَ نالي سان سڏيان ، ڇو ته توهان هن وقت جڏهن توهان جون سٺيون پياريون شڪليون سامهون آهن، انهن سهڻن نيرن پکين جهڙا ئي لڳو ٿا. پيارا ٻارئو، مان جيڪي چئي رهيو آهيان، اهو متان توهان کي سمجهه ۾ نه اچي، ڇو ته منهنجو ڳالهائڻ گهڻو ڪري سمجهه ۾ نه ايندڙ هوندو آهي، پر تڏهن به توهان اهو ياد رکندا ته ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي منهنجو چيل ڪو گفتو توهان کي دل سان لڳي. توهان کي اوس ڄاڻڻ کپي ته آئنده حياتيءَ ۾ ڪابه ڳالهه، سٺي ساروڻي، خاص ڪري ٻاروتڻ ۽ گهر جي ساروڻيءَ کان وڌيڪ اتم ۽ سگهاري ۽ صحت بخش نه آهي. ماڻهو توهان کي سٺي تعليم بابت گهڻو ڪجهه چوندا آهن، پر ٻاروتڻ جي ڪا سٺي، سڳوري ساروڻي شايد بهترين تعليم آهي، جيڪو ماڻهو اهڙيون ڪيئي ساروڻيون پنهنجي حياتيءَ ۾ کڻي هلي ٿو، سو حياتيءَ جي پوري ٿيڻ تائين سلامت رهي ٿو، ۽ جي ڪنهن دل ۾ رڳو هڪ اهڙي چڱي ساروڻي وڃي رهي آهي ته اها به ڪنهن نه ڪنهن وقت اسان جي ڇوٽڪاري جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، متان اسين اڳتي هلي ڪٺور ٿي وڃون، ڪنهن ڪـُـڌي ڪم کان ٽارو نه ڪري سگهون، ماڻهن جي ڳوڙهن تي ۽ سندن ائين چوڻ تي کلون، جيئن ڪوليا هينئر چيو ’مان سڀني ماڻهن لاءِ ڀوڳڻ چاهيان ٿو.‘  اهڙن ماڻهن تي ماڳهين چٿرون ڪريون. اسين کڻي ڪيترا به بڇڙا ٿي وڃون- شل خدا نه ڪري ته ائين ٿئي- تڏهن به جڏهن اسين اِهو ساريون ته اسان اِليوشا کي ڪيئن پوريو هو، ڪيئن سندس پوين ڏينهن ۾ کيس ڀانيون هوسين ۽ هن پهڻ وٽ ڪيئن پاڻ ۾ ڳالهايو هوسين، تڏهن اسان مان سڀني ۾ ڪٺور ۽ چٿرون ڪندڙ به- جي اسين اهڙا ٿي به وڃون ته- دل ۾ ان ڳالهه تي کلڻ جي همٿ نه ڪري سگهندو ته اسين هن گهڙيءَ سٻاجها ۽ سٺا هئا سين، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها هڪ ساروڻي کيس ڪنهن وڏي بديءَ کان روڪي ۽ هو ويچاري، ’ها مان تڏهن سٺو، دلير ۽ ايماندار هوس! هو ڀلي پنهنجي مـُـنهين کلي، ڪا وڏي ڳالهه ناهي ڇو ته ماڻهو جيڪي سٺو ۽ سٻاجهو آهي، تنهن تي اڪثرکلندو آهي. ائين رڳو ناسمجهيءَ جي ڪري ٿئي ٿو. پر مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان، ڇوڪرئو، ته جيئن هو کلندو، تيئن ئي دل ۾ چوندو، ’مان کلي چڱو نٿو ڪريان ڇو ته اها ڳالهه اهڙي ناهي ، جنهن تي کلجي.’“

 ”ائين ئي ٿيندو، مان تنهنجي ڳالهه سمجهان ٿو، ڪرامازوف.“  ڪوليا تجلا ڏيندڙ اکين سان واڪو ڪيو.

ڇوڪرا به اُتساهيل هئا ۽ پاڻ به ڪجهه ڪجهه چوڻ ٿي گهريائون، پر پاڻ کي روڪي رکيائون، ۽ تقرير ڪندڙ کي پوري اتساهه سان نهارڻ لڳا.

 ”مان اِها ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان ته متان اسين بڇڙا ٿي وڃون.“

اليوشا وري چوڻ لڳو،  ”پر اهو ڪو سبب ڪونهي ته اسين بڇڙا ٿي وڃون، ڪو آهي ڇا، ڇوڪرئو؟ پهرين ۽ سڀ کان مٿي اسان کي سٻاجهو ٿيڻ کپي پوءِ ايماندار، ۽ پوءِ اسان کي کپي ته هڪ ٻئي کي ڪڏهن به نه وساريون! مان اهو وري چوان ٿو. مان پنهنجي پاران توهان کي قول ٿو ڏيان ته مان توهان منجهان ڪنهن کي به ڪڏهن به نه وساريندس. هر اهو چهرو، جيڪو هينئر مون کي تڪي رهيو آهي، مان ان کي ٽيهه ورهيه پوءِ به نه وساريندس. ساجهر ڪوليا ڪرتاچوف کي چيو ته کيس ان جي پرواهه ڪانهي ته هو آهي ناهي. پر مان اهو نٿو وساري سگهان ته ڪرتاچوف آهي ۽ اهو به ته هو هن وقت شرم وچان ائين ڳاڙهو نه ٿيو آهي، جيئن تڏهن ٿيو هو، جڏهن هن ٽراءِ جو پايو وجهندڙ ڳولي لڌا هئا، بلڪ هينئر هو مون کي پنهنجين خوش طبع، سٻاجهين ۽ قربائيتن اکڙين سان تڪي رهيو آهي. ڇوڪرئو، منهنجا پيارا ڇوڪرئو، اچو ته اسين اِليوشا جهڙا سٻاجها ۽ بهادر ٿيون، ڪوليا جهڙا سمجهو، بهادر ۽ سٻاجها ٿيون. (توڻي جو هو وڏو ٿيندو ته هاڻي کان وڌيڪ سمجهو ٿي ويندو)، ۽ ڪرتاچوف جهڙا نهٺا، بهادر ۽ سٻاجها ٿيون. پر مان اِنهن ٻن جي ڳالهه ڇو پيو ڪريان؟ اڄوڪي ڏينهن کان توهان سڀ مون کي پيارا آهيو، ڇوڪرئو. منهنجيءَ دل ۾ توهان سڀني لاءِ جاءِ آهي، ” مان توهان کي ٻاڏايان ٿو ته توهان به پنهنجين دلين ۾ منهنجي لاءِ جاءِ رکجو! ڀلا اُهو ڪير آهي، جنهن اسان کي هن سٻاجهي، سٺي جذبي ۾ ڳنڍيو آهي ۽ جنهن کي اسين سڄي عمر ياد رکنداسين ۽ ياد رکڻ چاهيون ٿا. ٻيو ڪير به نه، سواءِ سٺي ۽ پياري ۽ اسان لاءِ سدا اَمـُـل اِليوشا جي! اسين کيس ڪڏهن به نه وسارينداسين. شل هن جي سـَـارَ اسان جي دلين ۾ اڄ کان سدا لاءِ موجود رهي!“

 ”ها ها، سدا لاءِ، سدا لاءِ!“  ڇوڪرن پنهنجن ٻـُـرائيندڙ  آوازن ۽ ڪومل چهرن سان آکيو.

 ”اچو ته ياد رکون هن جو مـُـنهن، هن جا لٽا ۽ هن جا غريباڻا ننڍڙا بوٽ، هن جو تابوت ۽ هن جو ڏکويل گنهگار پيءُ، ۽ ڪيئن هو پنهجي پيءُ جي حمايت ۾ سڄي اسڪول خلاف سورهيه ٿي بيٺو هو.“

 ”اسين ياد رکنداسين، اسين ياد رکندا سين.“  ڇوڪرن واڪو ڪيو،

 ”هو سورهيه هو، هو سٺو هو!“

 ”مان هن کي ڪيڏو نه ڀائيندو هوس.“  ڪوليا چيو.

 ”ٻارئو، پيارا ٻارئو، حياتيءَ کان ڊڄو نه! ماڻهو ڪو چڱو ۽ نياءَ وارو ڪم ڪري ٿو ته حياتي ڪيڏي نه سٺي لڳندي آهي.“

 ”هائو هائو.“  ڇوڪرن اُتساهه سان ورجايو.

 ”ڪرامازوف اسين توکي پيار ٿا ڪريون،“  ڪنهن آواز ، شايد ڪرتاچوف جي، اُڌمي سان چيو.

 ”اسان توکي پيار ٿا ڪريون.“  سڀني سـُـر ملايو. هنن مان ڪيترن جي اکين م ڳوڙها هئا.

 ”ڪرامازوف جي جئي!“  ڪوليا جوش وچان نعرو هنيو.

 ”شل فوتي ڇوڪري جي سارَ قائم رهي.“  اليوشا جذبي سان چيو.

 ”سدا، سدا.“  ڇوڪرن وري سـُـر مـِـلايو.

 ”ڪرامازوف.“  ڪوليا رڙ ڪئي.  ”ڇا اهو سچ آهي، جيڪو اسان کي مذهب ۾ سيکاريو وڃي ٿو ته اسين مئلن مان وري اُٿنداسين ۽ وري جيئنداسين ۽ وري هڪ ٻئي کي ڏسنداسين، سڀ، اِليوشا پڻ؟“

 ”بيشڪ،اسين وري اُٿنداسين، بيشڪ اسين وري هڪ ٻئي کي ڏسنداسين، ۽ خوشيءَ ۾ چوڄ سان اهو سڀ ٻڌائيندا سين، جيڪي ٿي چڪو هوندو.“  اليوشا اڌ کلندي ۽ اڌ اُتساهه سان ورندي ڏني.

 ” ۽  اِهو ڪيڏو نه شاندار هوندو.“  ڪوليا جي واتان نڪتو.

 ”چڱو هاڻي اسين ڳالهائڻ بند ڪنداسين ۽ سندس مـَـرڻي جي مانيءَ تي هلنداسين، ۽ پئنڪيڪ کائڻ تان شرمسار نه ٿجو. اها تمام جهوني رسم آهي، ۽ ان ۾ ڪا نه ڪا چڱائي ضرور آهيّ!“  اليوشا کلندي چيو.  ”چڱو هاڻي هلو ته هلون، ۽ هاڻ اسين هٿن ۾ هٿ ڏيئي هلندا سين.“

 ”سدائين ائين، هٿن ۾ هٿ ڏيئي. ڪرامازوف جي جئي.“  ڪوليا وري وڏي چوڄ سان نعرو هنيو، ۽ هڪ ڀيرو وري ڇوڪرن سندس آواز ۾ آواز ملايو:

 ”ڪرامازوف جي جئي!“

 

dc


(1) Troy: آڳاٽي يونان جي ڏند ڪٿائن موجب، اُتر-اولهه ايشيا مائنر ۾ سڪائندڙ نديءَ جي ڪنڌي تي اڏيل شهر، جنهن کي يونانين ٽراءِ واري جنگ ۾ گهيرو ڪري فتح ڪيو هو. اها جنگ سپارٽا جي بادشاهه ميني لاس جي زال، هيلن ، تان لڳي هئي، جنهن کي پئرس نالي جوان ڌتاري ٽراءِ ڀڄائي ويو هو. اهو ڏند ڪٿائي شهر ئي رهيو. تان جو 81-1873ع ۾ هينئريخ شلائمان ان جو پڌ هسارڪ وٽ کوٽي ڪڍيو (س.ن.ح)

(2) Peony: باغ جو ٻوٽو، جنهن جا وڏا وڏا گل رنگ جا گلابي، ڳاڙها يا اڇا هوندا آهن.

(1) Pancake: گول چپٿرو ڪيڪ، جيڪو سوجيءَ، بيدن ۽ کير کي ملائي، ٻئي پاسا تري ٺاهبو آهي. اهي ڪيڪ گهڻو ڪري گرم کائبا آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي اندر مٺائي يا ٻي ڪا سوادي شيءِ به ڀريندا آهن. (س.ن.ح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org