باب ٽيون
سون جون کاڻيون
هيءَ اُها ملاقات هئي، جنهنجو ذڪر، گروشينڪا،
ريڪٽن سان ڊنل حالت ۾ ڪيو هو. هوُ اُن پيغام جي
لاءِ منتظر هئي ۽ خوش هئي، ته مـِـتيا کيس هڪ
ڏينهن اڳ ۾ ۽ اُن ڏينهن نه مليو هو. هوُ دعا گهري
رهي هئي، ته خدا ڪري هو ايستائين نه اچي، جيستائين
هوءَ اُتان هلي وڃي. پر هوُ آيو ۽ مٿس اُٿلي پيو
هو، وڌيڪ حقيقت جي اسان کي اڳ ۾ ئي خبر آهي.
گروشينڪا کانئس جان ڇڏائڻ لاءِ ، هڪدم اُن جي
اڳيان رٿ رکي، ته کيس (گروشينڪا کي) هڪدم سامسونوف
وٽ وڃي، حساب ڪتاب کي صاف ڪرڻ گهرجي. مـِـتيا ساڻس
متفق ٿيو ۽ گڏجي هليو. گروشينڪا، دروازي تي پهچي
کيس خداحافظ چيو ۽ ساڻس وعدو ڪيو ته هوُ ٻارهين
بجي اچي، کيس اتان وٺي وڃي. مـِـتيا هن وعدي تي
نهايت خوش ٿيو. هن سمجهيو ته هوُ جيڪڏهن سامسونوف
وٽ آهي، ته ڪڏهن به فيودورپاولووچ وٽ نه ويندي. پر
هنُ يڪدم هيءُ به چئي ڏنو، ته جيڪڏهن هنُ ڪوڙ نه
ڳالهايو آهي ته ..... پر هن خيال ڪيو ته هن ڪوڙ
نه ڳالهايو هو.
هوُ اُن ساڙيلي قسم جي ماڻهن مان هو، جي پنهنجي
محبوب عورت جي غير حاضريءَ ۾ خطرناڪ خيالن ۾ مبتلا
ٿي ويندا آهن. ۽ اُن جي لاءِ طرحين طرحين گمان
آڻيندا آهن، ته هوءَ ڪيئن، نه کين فريب ڏئي رهي
آهي، پر جڏهن هـُـو لـُـڏندي لمندي، دل شڪسته ٿي
سندس وفاداريءَ کان متاثر ٿيندا آهن، ته وري اُن
ڏي ڊوڙي پوندا آهن. هنُ جي چهري ۾ پهرين ئي نگاهه
سان، سندس مسرت ڀري،کلندڙ ۽ نياز منداڻي چهري کي
ڏسي، هوُ هڪدم خيالن کي ڦيرائيندا آهن، سڀني شڪ ۽
شبهن کي پري رکي، پاڻ کي ملامت ڪندا آهن، ته هنن
اهڙي قسم جي ساڙ جو ڇو مظاهرو ڪيو هو.
گروشينڪا کي دروازي وٽ ڇڏي، هوُ گهر ڏي تڪڙو تڪڙو
موٽيو. کيس هن ڏينهن تي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو. ڪيئن
به هوُ، سندس دل تان بار لهي چڪو هو.
”هاڻي مون کي تڪڙ ڪرڻ کپي ۽ سميرڊياڪوف کان معلوم
ڪرڻ گهرجي، ته گذريل رات ڇا وهيو واپريو؟ هوءَ
ڪنهن طريقي سان فيودورپاولووچ وٽ وئي يا نه؟ اُف!“
هيءُ خيال هئا جي سندس دل تي تري رهيا هئا.
ايتري وقت ۾ جو، هوُ گهر پهچي وڃي، رقيباڻن خيالن
سندس بي قرار دل کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.
”رقابت! آ ٿيلو(1)
کي ڪو به حسد نه هو، پر کيس ته اعتماد هو.“ پشڪن
جو اهو قول آهي. هيءَ راءِ ڪافي آهي جا ڏيکاري ٿي،
ته اسان جو عظيم شاعر ڪيڏو نه بالغ نظر هو. آٿيلو
جو قلب ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هو ۽ سندس نقطهِّ نگاهه
تي بادل ڇانئجي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته سندس مقصد برباد
ٿي چڪو هو، پر آٿيلو ڪڏهن به نه لڪيو هو، نه
جاسوسي ڪئي هئائين، نه وري جهاتيون پاتيون هئائين.
اُن جي برعڪس کيس گمراهه ڪيو ويو، اڳتي ڌڪيو ويو.
انهيءَ کان اڳي جو هوُ فريب کي سمجهي سگهي، کيس
بيحد جوش ڏياريو ويو. سچو پچو حاسد اِيئن نه ٿيندو
آهي. اهو نهايت مشڪل آهي، ته اهڙي ماڻهوءَ جي
اخلاقي ڪوتاهي ۽ شرمندگيءَ جي تصوير ڪڍي وڃي، جو
حاسد انسان جي حيثيت ۾ ضمير جي ڪمزوريءَ جي باعث
پـَـستيءَ ڏي لهي اچي. اِيئن به نه آهي ته محبت جو
هر حاسد بيهودو ۽ بدنام دل جو مالڪ آهي، پر اُها
مٿانهين شخصيت، جنهنجي محبت پاڪ ۽ خود قربانين سان
ڀريل آهي، مجبور ٿي ميزن جي هيٺان به لڪي ٿو ۽ بد
ترين ماهن کي رشوت ڏئي ٿو. هوُ جاسوسي جي ذليل
حرڪت ۽ ڪـَـن ڏيئي، بيهي ٻڌڻ جي عادت سان هري وڃي
ٿو.
آٿيلو،! هن ڪڏهن به نه ٿي چاهيو، ته پنهنجي اندر ۾
بي اعتباريءَ کي جاءِ ڏي. نه وري هن اهو چاهيو ٿي،
ته انهن ڳالهين کي هوُ معاف ڪري ڇڏي. پر کيس اِيئن
مجبوراً ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ سندس روح ّمعصوم هو ۽
ننڍي ٻار وانگر خرابين کان پاڪ. هيءُ ڳالهيون سچي
پچي حاسد ماڻهوءَ سان لاڳو نه هونديون آهن. اهو
نهايت ڏکيو آهي، جو ويهي خيال ڪجي ته ڪي حاسد
ماڻهوءَ ڪهڙا بـُـرا خيال دل ۾ رکن ٿا، ڪهڙن خيالن
کي ڇڏي ڏين ٿا ۽ ڪهڙن خيالن کي معاف ڪن ٿا. حاسد
ماڻهو معاف ڪرڻ ۾ به اُٻهرا هوندا آهن ۽ اها سڀني
عورتن کي خبر هوندي آهي. حاسد غير معمولي تڪڙ سان
معاف ڪندو آهي (جيتوڻيڪ گهڻي جنجال ۽ وحشت
انگيزيءَ کان پوءِ ). هوُ اُن خيانت کي به بخشي
ڇڏيندو آهي، جا ذري گهٽ ثابت به هوندي آهي. هـُـو
پيار ۽ محبت جي عمل کان، جو کيس ٻي ڌر کان حاصل
ٿئي ٿو، ڪيئن به هجي، هوُ متاثر ٿئي ٿو، ته هيءُ
سڀ آخري طور ٿي گذريو آهي ۽ سندس رقيب غائب ٿي
دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي پهچي ويو آهي ۽ وري نظر نه
ايندو، يا هوُ پنهنجي محبوبا کي اهڙي جاءِ تي وٺي
وڃي ٿو، جتي هو خطرناڪ رقيب، اُن جي ويجهو اچي ئي
نه سگهندو، پر اهو ٺاهه ۽ پرچاءُ فقط ڪلاڪ لاءِ
هوندو آهي. ڇو ته سندس رقيب ٻئي ڏينهن تي ڇو نه
غائب ٿي وڃي، پر هوُ وري ڪو نئون رقيب پيدا ڪندو
آهي ۽ وري اُن تي حسد ڪرڻ شروع ڪندو آهي. واقعي
هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اهڙي محبت جي لاءِ ڇا
چئجي، جنهن جي نگراني ڪئي وڃي. اُن محبت جي ڪهڙي
قيمت آهي، جنهن جي سختيءَ سان نگهباني ڪئي وڃي. پر
حاسد هن کي ڪڏهن به نه سمجهندو، پر اُن هوندي به
هنن ۾ شاندار دل واريون شخصيتون به ٿين ٿيون. هيءَ
به ڏسڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هيءُ شاندار دلين جا
مالڪ، اسان کي ڪنهن الماريءَ جي پويان، لڪيل
جاسوسي ۽ ڪن ڏيڻ ۾ مشغول نظر ايندا. کين اُن وقت
ضمير تي ڪو به ڏنگ لڳندي نظر نه ايندو. ڪيئن به
هجي هوُُ پنهنجي شاندار دلين جي هوندي، هن شرمندگي
جي اونهائيءَ کي سمجهندي به، اُن ۾ غرق نظر ايندا.
هي سڀ محبت جو ڪرشمو آهي.
گروشينڪا کي ڏسندي مـِـتيا جي رقابت جو خيال مٽجي
ويو ۽ ٿوري وقت لاءِ ، هوُ اعتماد وارو ۽ سنجيده
بڻجي ويو. پاڻ کي هن بڇڙن خيالن لاءِ ملامت ڪرڻ
لڳو. پر هن حقيقت فقط هيءُ ثابت ڪيو ته عورت جي
محبت ۾ سندس ڪو مٿانهون عنصر شامل آهي، جو سندس
سمجهه کان گهڻو مٿي هو. اُن ۾ نه نفساني خواهشون
هيون نه بدن جي گولائي، جن جي بابت هن اليوشا سان
ذڪر ڪيو هو، پر جيئن ئي گروشينڪا وٽانئس هلي وئي،
مـِـتيا سندس بي وفائي ۽ بد ترين فريب جي اُٿندڙ
شڪ ۽ شبهن تي سوچيندو رهيو، مگر هاڻي هن پنهنجي
ضمير تي ڪوبه ڏنگ لڳندي محسوس نه ڪيو.
اهڙيءَ ريت حسد وري سندس اندر ۾ باهه ٻارڻ شروع
ڪئي، کيس ڪنهن به حالت ۾ تيزيءَ کان ڪم وٺڻو هو.
پهرين ڳالهه جا کيس ڪرڻي هئي، سا هئي ته کيس ٿوري
ئي رقم ڪنهن به طرح عارضي طرح حاصل ڪرڻي هئي. وٽس
جي نـَـوَ روبل هئا، سي سندس سفر ۾ خرچ ٿي چڪا هئا
۽ اسان ڄاڻون ٿا، ته پيسي کان سواءِ ، ڪو به ماڻهو
هڪ قدم به کڻي نه ٿو سگهي. پر هنُ گاڏيءَ ۾ اهو
خيال ڪيو ته هوُ پيسو ڪٿان حاصل ڪري سگهندو. وٽس
هڪ عمدو پستول هو، مياڻ جي اندر موجود هو. هنُ اُن
کي اڃا تائين گروي نه رکيو هو، ڇو ته سڄي ملڪيت
کان وڌيڪ هوُ اُن کي پيارو گهرندو هو.
”ميٽروپولس ” جي شرابخاني ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندس هڪ
نوجوان آفيسر سان گڏجاڻي ٿيندي هئي. هنُ سمجهي
ورتو هو ته اُن نوجوان ڪنواري آفيسر کي هٿيارن سان
ڏاڍو شوق هو. هو هميشھ پستول، ريوالور ۽ خنجر خريد
ڪندو رهندو هو، جي سندس ڪمري جي ديوارين تي لڙڪندا
ٿي رهيا ۽ سندس واقفيت جي شاهدي ڏيندا ٿي رهيا.
هـُـن انهن شين تي فخر ٿي ورتو ۽ ريوالور جي مشين
جو خاص طرح ماهر هو. مـِـتيا وڌيڪ غور ڪرڻ کان
سواءِ ، هڪدم وٽس لنگهي ويو ۽ ڏهه روبل ۾ وٽس
ريوالور گروي رکڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪيائين. آفيسر
هيءَ ٻڌي نهايت خوش ٿيو ۽ کيس وڪڻڻ جي لاءِ آڇ
ڪيائين، مگر مـِـتيا قبول نه ڪيو. نوجوان آفيسر
کيس ڏهه روبل ڏنا ۽ کيس چيائين ته اُن لاءِ ڪوبه
وياج نه ورتو ويندو. هوُ دوستاڻي نموني هڪ ٻئي کان
جدا ٿيا.
ـِـتيا نهايت تڪڙ ڪرڻ ٿي چاهي، هوُ تڪڙو تڪڙو
پٺئين رستي کان فيودورپاولوچ ڏانهن روانو ٿيو. هن
ان وڻن ۽ ولين جي ڪنڊ ڏانهن، هن مقصد سان وڃڻ ٿي
گهريو، ته هوُ سميرڊياڪوف کي جيتري قدر جلد ٿي
سگهي اُن کي هٿ ڪري. اهڙي موقعي تي هن حقيقت جو
بنياد رکيو ويو، ته ٽي يا چار ڪلاڪ اڳ ۾ مـِـتيا
وٽ پائي به نه هئي، پر ڪنهن اهڙي واقعي جي باعث،
جنهن جو ذڪر مان پوءِ ڪندس، اُهو شخص جو پنهنجي
قيمتي شيءِ کي ڏهه روبل ۾ گروي پيو رکي، هاڻي
هزارن جو مالڪ هو....... مان پيش بنديءَ کان ڪم
وٺي رهيو آهيان. ماريا ڪنڊيٽريوونيا (اُها عورت جا
فيودورپاولوچ جي ويجهو ٿي رهي) کان کيس سميرڊياڪوف
جي علالت جي پريشان ڪندڙ خبر ملي. هن کان کيس
معلوم ٿيو، ته هو ڪهڙيءَ ريت ماڙيءَ جي حجري مان
ڪري پيو هو ۽ ڪيئن بيهوش رهيو ۽ وٽس ڪهڙي ريت
ڊاڪٽر آيو. فيودورپاولوچ کي ڪيڏو نه ان جو انتظار
هو. هن وڏي دلچسپيءَ سان هن ذڪر کي ٻڌو ته سندس
ڀاءُ ساڳي صبح جو ماسڪو روانو ٿي ويو آهي.
دمتريءَ خيال ڪيو، ته ”انهيءَ جي معنيٰ اها آهي ته
هوُ مون کان اڳ ۾ ولوويا جي اسٽيشن تي پهتو
هوندو.“ پر کيس سميرڊياڪوف جي حالت بابت وڏي
پريشاني هئي. ”هاڻي ڇا ٿيندو؟ منهنجي لاءِ هاڻي
ڪير نگهباني ڪندو؟ ۽ مون کي ڪير خبرون ٻڌائيندو“
هوُ خيال ڪرڻ لڳو. هوُ هٻـڇ مان اُن عورت کان سوال
ڪرڻ لڳو، ته هنُ اڳئين شام تي ڪو نئون واقعو به
ڏٺو هو. هن عورت چڱيءَ ريت سندس سوالن جو مقصد پئي
سمجهيو، ته هوُ ڪهڙي ريت کانئس اصل مطلب ڪڍائڻ ٿو
گهري. هنُ کيس مڪمل طرح يقين ڏياريو، ته اُن شام
جو ڪو به گهر ۾ ڪو نه آيو هو. ايون فيودورپاولووچ
سڄي رات گهر ۾ هو ۽ سڀ ڪجهه معمول وانگر هيو، جيئن
هوندو آهي. مـِـتيا خيالن ۾ پئجي ويو. هن خيال ڪيو
ته اڄ کيس پوري ريت جاچ رکڻ گهرجي، پر ڪٿي؟
سامسونوف جي دروازي تي؟ هنُ فيصلو ڪيو ته هو
هـِـتي ۽ هـُـتي ٻنهي جاين تي پنهنجي نگهباني قائم
رکندو. ساڳي وقت کيس هيءَ به مشڪل هئي، ته پنهنجي
نين رٿن کي، جي هن سفر ۾ سوچيون هيون، عملي جامو
پهرائي. کيس پنهنجي ڪاميابي جو يقين هو، پر پنهنجي
عمل ۾ دير نه وجهي. مـِـتيا فيصلو ڪيو، ته هوُ ان
جي لاءِ هڪ ڪلاڪ جي قرباني ڪندو. ”هڪ ڪلاڪ جي اندر
مان سڀ ڪجهه ڪري وٺندس ۽ سڀ ڪجهه ٿي ويندو. اُن
کان پوءِ سامسونوف ڏي هليو ويندس. اُتان پڇا ڪندس
ته گروشينڪا اُتي آهي ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ ۾ موٽي
ايندس ۽ وري سامسونوف جي گهر يارهين بجي وڃي، کيس
پنهنجي گهر پهچائي ايندس.“ هيءُ پروگرام هو، جو هن
پنهنجي دل ۾ رٿيو هو.
هوُ گهر ڏي تيزيءَ سان ويو. وهنجي، وارن کي ڦڻي
ڏنائين، ڪپڙن کي صاف ڪيائين ۽ انهن کي پهري بيگم
هائلڪوف ڏانهن ويو. افسوس! هن پنهنجن اميدن کي مٿس
رکيو. هن فيصلو ڪيو هو ته هوُ کانئس ٽي هزار روبل
قرض طور وٺندو. هـُـن اوچتو هي به محسوس ڪيو ته
هوءَ کيس قرض ڏيڻ ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪندي. شايد
هن تي عجب جو اظهار ڪيو وڃي ته جڏهن کيس اهڙي به
پڪ هئي، ته ڇو نه پهريائين اُن ڏي ٿي ويو. هوءَ
اُن جهڙي هئي، جنهن سان ڳالهائڻ ۾ کيس آساني به
هئي، به نسبت سامسونوف جي، جنهن سان سندس ڪابه
واقفيت ڪانه هئي ۽ نه وري سندس ڪوفي مان به هو.
کيس اها به خبر ڪانه هئي، ته ساڻس ڪهڙي ريت گفتگو
ڪري؟
پر هيءَ حقيقت هئي، ته هو بيگم هائلڪوف کي به چڱي
ريت نه سڃاڻندو هو ۽ گذريل مهيني ۾ ته هو ساڻس
مليو به نه هو. اُن کان سواءِ هن ڄاتو ٿي ته هوءَ
ڪڏهن به کيس برداشت نه ڪري سگهندي. هوءَ کيس بري
نظر سان ڏسي رهي هئي، ڇو ته هو پهريائين ڪيٽرينا
ايونونا سان مڱيل هو ۽ هوءَ ڪن سببن جي ڪري هن
ڳالهه ڏي مائل هئي، ته ڪيٽرينا کيس ڦٽو ڪري ڇڏي ۽
ايون جهڙي خوبصورت، مردانه خصلتن جي مالڪ ۽ وضعدار
سان شادي ڪري. مـِـتيا جي لڇڻن کي هوُ نفرت سان
ڏسي رهي هئي. مـِـتيا مٿس کلندو هو ۽ کيس هڪ ڏينهن
چئي ڏنو هئائين، ته ”هوءَ ايتري ئي حسين آهي،
جيتري غير تهذيب يافته آهي.“ پر اُن صبح جو
گاڏيءَ ۾ هڪ عجيب خيال پيدا ٿيو هو، ته ”جيڪڏهن
هوءَ ايتري منتظر آهي ته مان ڪيٽرينا سان شادي نه
ڪريان (ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته ان ڳالهه جو کيس
جنون آهي) پوءِ کيس ٽن هزارن کان ڇو انڪار ڪرڻ
گهرجي، هوُ مون کي ٽي هزار روبل ڏيئي، انهيءَ جي
قابل بڻائيندي، ته مان ڪيٽرينا کي ڇڏي ڏيان ۽
کانئس هميشھ لاءِ دور ٿي وڃان. هيءُ غلاظت ڀريون
حسين بيگمون، جڏهن ڪنهن چيز تي دل رکنديون آهن، ته
اُن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به خرچ جي پرواهه نه
ڪنديون آهن. اُن کان سواءِ هوءَ ڪافي شاهوڪار
آهي.“ مـِـتيا هيءُ به دليل ڏنو.
سندس رٿ اِيئن کڻي چئجي، ته اڳين جهڙن وانگر هئي.
اهائي رٿ، جنهن موجب هن پنهنجي حقن جي آڇ شرماشينا
جي لاءِ پيش ڪئي هئي. پر هن ۾ ڪوبه تجارتي مقصد
ڪونه هو، جيئن سامسونوف جي حالت ۾ هو. هنُ اها
ڪوشش نه ٿي ڪئي، ته هو اُن بيگم کي لالـچ ڏئي، ته
کيس ستن اٺن هزارن جو فائدو ٿيندو. فقط قرض جي
ضمانت. جيئن هوُ هن خيال تي غور ڪندو رهيو، هو
خوشيءَ سان ڀربو ويو. جيئن هميشھ هوُ اهڙين حالتن
تي اظهار ڪندو رهندو هو، جي ناگهاني طور منجهس
پيدا ٿينديون رهنديون هيون. هوُ هرهڪ خيال وٽ وڏي
جوش واري خوشيءَ مان پاڻ کي سپرد ڪندو ٿي رهيو. پر
جڏهن هو بيگم هائلڪوف جي گهر جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو
ته هن محسوس ڪيو، ته سندس پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ خوف جي
ڏڪڻي پيدا ٿي آهي. اُن وقت هـُـن ڏٺو، ته حسابي
انداز سان هيءَ سندس آخري ڪوشش آهي. جيڪڏهن سندس
هيءَ اميد به پوري نه ٿي، ته پوءِ دنيا ۾ هن جي
لاءِ ٻي ڪا به شيءِ نه رهي هئي، انهيءَ کان سواءِ
ته هو خون ۽ ڌاڙي سان ٽي هزار روبل گڏ ڪري سگهي.
اُن وقت ساڍا ست ٿيا هئا، جو هن گهنڊڻي وڄائي.
پهريائين ته بخت ڄڻ مٿس مشڪي رهيو هو. جيئن ئي کيس
گهرايو ويو، سندس مرحبا غير معمولي طرح ٿي. ”ڄڻ ته
هوءَ سندس انتظار ۾ هئي. مـِـتيا اهو خيال ڪندي،
ملاقات جي ڪمري ۾ گهڙيو. کيس ڏسندي گهر جي
مالڪياڻي ڊوڙي پئي ۽ هن ظاهر ڪيو ته هوءَ ان جي
انتظار ۾ هئي.“
”مان توکي ياد ٿي ڪيو، مان توکي ياد ٿي ڪيو.“
جيتوڻيڪ مون کي اِيئن وسهڻ لاءِ ڪوبه سبب ته نه
هو، تون پاڻ به ان کي سمجهي سگهين ٿو. پر ان هوندي
به مون کي تنهنجي اچڻ جي اميد هئي. دمتري
فيودورووچ تون شايد منهنجي هن حقيقت کي ڪرامت
سمجهين، پر مان صبح کان وٺي، تنهنجي آمد جي پئي ٿي
اميد رکي.“
”واقعي هيءَ عجب جهڙي حقيقت آهي،بيگم ” مـِـتيا
کيس عاجزاڻي طرح چيو. ”پر مان تو وٽ ضروري ڪم سان
آيو آهيان.......... پر هيءُ نهايت ضروري ڪم آهي
بيگم....... اهو منهنجو شخصي آهي......... ۽ مان
تيزيءَ سان آيو آهيان.....“
مان ڄاڻان ٿي، دمتري فيودورپاولووچ ته تون نهايت
ضروري ڪم سان آيو آهين. هيءَ ڪا الهامي شيءِ يا
معجزو نه آهي، (مربي زوسيما لاءِ ڪجهه ٻڌو اٿيئي؟)
جو مون کي اوهان جي اچڻ جي خبر پئي، بلڪ هيءُ هڪ
رياضي جو دليل آهي. ڪيٽرينا ايونونا سان جو ڪجهه
گذريو. ان کان پوءِ تون پاڻ کي هيڏي اچڻ کان روڪي
ئي نه ٿي سگهين. انهيءَ ۾ ئي رياضي جي صداقت آهي.
”بيگم روزمره جي زندگيءَ جي اهائي حقيقت آهي، بس.
مگر مون کي اجازت ڏي، ته مان ان جي تشريح ڪريان.“
هائو دمتري فيودورپاولووچ! اها ئي عين حقيقت آهي.
مان به هاڻي اصل حقيقت جي پيروي جي طلبگار آهيان.
معجزن ڏي ويندي، مان پڻ عبرت جو سبق حاصل ڪيو آهي.
تو کي خبر آهي ته مربي زوسيما گذاري ويو.
دمتري ٿورو متاثر ٿيندي کانئس پڇيو، ته ”نه بيگم،
ڇا هوُ گذاري ويو؟ هيءَ پهريائين اوهان کان ٿو
ٻڌان.“ مـِـتيا عجب ۾ پئجي ويو ۽ اليوشا جو عڪس
سندس دل ۾ اُٿڻ لڳو.
”ڪالهه رات ۾ اوهان خيال ڪيو ته......“
مگر دمتري سندس جملي کي ڪاٽي، چوڻ لڳو ته ”بيگم،
مان هن کان سواءِ ٻيو خيال ئي نه ڪيو هو، ته مان
خود نااُميديءَ جي حالت ۾ آهيان ۽ جيڪڏهن تون مون
کي مدد نه ڪندين، ته منهنجو سڀ ڪجهه غم ۾ بدلجي
ويندو. مان انهن کان اڳ ۾ تباهه ٿي ويندس. مان
توکان پنهنجي هن گفتگو جي لاءِ معافي ٿو گهران. پر
اوهان کي خبر هجي ته مون کي بخار آهي.“
”مون کي خبر آهي، ته توکي بخار آهي. مان سڀني
حالتن جي نشيب ۽ فراز کان آگاهه آهيان. تون مون کي
جو ڪجهه چوڻ گهرين ٿو، اُن کان به باخبر آهيان.
مان گهڻي وقت کان وٺي تنهنجي عاقبت تي ويچاريندي
رهي آهيان. مان تنهنجي حالتن تي نگاهه به وجهندي
رهان ٿي ۽ مطالع به ڪندي رهان ٿي. فيودورووچ توکي
هي خبر هئڻ کپي، ته مان روح جي تجربيڪار طبيب
آهيان.“
”بيگم، جيڪڏهن تون تجربي ڪار طبيب آهين، ته مان
به تجربي ڪار مريض آهيان.“ مـِـتيا پنهنجي گفتگو
۾ ڪوشش ٿي ڪئي ته هو حليمت کي اختيار ڪري. ”مون کي
احساس ٿو ٿئي، ته جيڪڏهن تون اهڙيءَ ريت منهنجي
قسمت جي نگراني ٿي ڪرين ته تون ضرور منهنجي بربادي
۾ مون سان مدد ڪندينءَ، اُن ڪري مون کي اجازت ڏي
ته گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي اڳيان مان پنهنجي رٿ جي
سمجهاڻي ڏيان، جنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ تو وٽ پنڌ
ڪري آيو آهيان....... ۽ مون کي تو ۾ ڪهڙي اميد
آهي...... بيگم توکي سمجهائڻ لاءِ آيو آهيان.“
اُن جي تشريح نه ڪر، اها ثانوي ضرورت آهي.
جيستائين مدد جو سوال آهي، تون ڪو پهريون نه آهين،
جنهن جي مان مدد ڪريان ٿي. مان سمجهان ٿي، تو ضرور
منهنجي سوٽ بيگم بيلميسوف بابت ٻڌو هوندو. سندس
مرد تباهه ٿي ويو هو، هوُ تڪليف ۾ اچي ويو هو،
جيئن تون. مان کيس صلاح ڏني، ته هو گهوڙن جي پرورش
ڪري. هاڻي هوُ خوشحال آهي. دمتري فيودورپاولووچ
توکي گهوڙن جي پرورش جو خيال چڱو لڳي ٿو.
مـِـتيا پنهنجي ذهني بيصبريءَ کان پريشان ٿي،
پنهنجي جاءِ کان اُٿي بيٺو ۽ واڪو ڪري چيائين، ته
”همٿ هارڻ نه گهرجي بيگم، همٿ هارڻ نه گهرجي. مان
توکي عرض ڪريان ٿو ته تون فقط منهنجي حقيقت کي
ڌيان ڏيئي ٻڌ. مون کي آزاد گفتگو لاءِ فقط ٻه منٽ
ڏي، ته جيئن مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان. سڄي ئي
رٿ، جنهن کي کڻي مان تو وٽ آيو آهيان. اُن کان
سواءِ مون کي تمام ٿورو وقت آهي. مون کي نهايت
جلدي آهي.“ مـِـتيا جنوني ڪيفيت ۾ واڪا ڪندو
رهيو. هن محسوس ٿي ڪيو، ته هوءَ وري ڳالهائڻ شروع
ڪري ڏيندي، جنهن کي هن ٿوري ۾ ئي قطح ڪرڻ گهريو
ٿي. ”مان نااُميديءَ ۾ تو وٽ آيو آهيان. اها
منهنجي آخري نااُميدي آهي. مان توکي عرض ٿو ڪريان،
ته مون کي ٽي هزار روبل قرض ڏي. جنهن جي لاءِ مان
نهايت سلامتي واري ضمانت ڏيڻ گهران ٿو بيگم. جنهن
جي لاءِ مان اعتبار جهڙو يقين ڏيارڻ گهران ٿو. مون
کي فقط تشريح ڪرڻ ڏي......“
”تون مون کي هي سڀ ڪجهه پوءِ ٻڌائجانءِ “ بيگم
هائلڪوف جهٽڪي سان اِيئن چوندي، پنهنجي واري تي
سندس خاموشي ٿي چاهي. ”تون جو ڪجهه مون کي
ٻڌائيندينءَ، مان اُن کي اڳ ۾ ئي ڄاڻان ٿي. مان
توکي اهو اڳ ۾ به ٻڌايو آهي. تو ڪنهن رقم جي گهر
ڪئي آهي، ٽي هزار روبل جي لاءِ ، پر مان توکي وڌيڪ
ڏينديس. اندازي کان وڌيڪ. مان توکي بچائي وٺنديس،
دمتري فيودورپاولووچ، پر تون مون کي ڌيان سان ٻڌ.“
مـِـتيا وري پنهنجي جاءِ تان اُٿڻ لڳو.
”بيگم، سچ پچ تون ايڏي مهربان ٿيندين؟“ عجيب
جذبي سان هن رڙ ڪري چيو. ”خدايا! تو مون کي هڪ
خطرناڪ موت کان بچائي روتو آهي. هڪ گوليءَ
کان..... جنهن لاءِ منهنجي دائمي شڪرگذاريءَ کي
قبول ڪر......“
”مان توکي وڌيڪ ڏينديس، بيحد گهڻو، ٽن هزارن کان
مٿي.“ بيگم هائلڪوف روشن مشڪ سان مـِـتيا جي
پريشاني کي ڏسندي زور سان چيو.
”بي حد، پر مون کي وڌيڪ ضرورت نه آهي. مون کي
انهن بد بخت ٽن هزارن جي ضرورت آهي. پنهنجي طرفان
مان انهن پيسن جي ضمانت شڪرگذاريءَ سان ڏيان ٿو.
مان پنهنجي طرفان هڪ رٿ ڏيان ٿو، جا.......“
”ڪافي آهي دمتري فيودورپاولووچ، جنهن چيو تنهن
ڪيو.“ بيگم هائلڪوف سندس جملي کي قطع ڪندي چيو،
جنهن ۾ شرميلي سخاوت جي خوشي ٿي ڏٺي. ”مان واعدو
ڪيو آهي، ته توکي بچائي وٺنديس ۽ مان توکي
بچائينديس، جهڙي ريت بيلميسوف کي بچايو هيم. دمتري
فيودورپاولووچ، سون جي کاڻين لاءِ تون ڇا ٿو خيال
ڪرين؟“
”سون جون کاڻيون بيگم، مان انهن جي بابت ڪڏهن به
نه سوچيو آهي.“
”پر مان انهن کي تنهنجي لاءِ سوچيو آهي. مان
ورائي ورائي سوچيو آهي. مان گذريل مهيني کان
تنهنجي نگراني ڪندي رهي آهيان. تون جيئن گهمندو
لنگهيو آهين، مان توکي سوين ڀيرا ڏسندي رهي آهيان
۽ پاڻ کي خطاب ڪندي رهي آهيان، ته هن ماڻهو ۾ اُهي
صلاحيتون آهن، جو سون جي کاڻين ۾ هجي. مان تنهنجي
هلڻ جي انداز جو مطالعو ڪيو آهي ۽ هن نتيجي تي
پهتي آهيان، ته هيءُ ئي ماڻهو آهي، جو سون کي
ڳولهي لهندو.“
”منهنجي هلڻ جي انداز مان بيگم؟“ مـِـتيا مشڪندي
چيو.
”هائو تنهنجي هلڻ جي انداز مان. تون هن کان انڪار
نه ڪندين ته هلڻ جي انداز مان انسان جي ڪردار کي
معلوم ڪري سگهجي ٿو. سائنس هن خيال جي تائيد ٿي
ڪري. مان هاڻي سائنس ۽ حقيقت پسنديءَ جي معتقد
آهيان. هيءَ سڄي تبديلي مربي زوسيما جي باعث آهي،
جنهن مون کي منجهائي ڇڏيو آهي. مان اُن ڏينهن کان
حقيقت پسند بڻجي وئي آهيان، ۽ مان آئندهه عملي
مفاد جي شين لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي
اصلاح ٿي چڪي آهي. ڪافي آهي، جيئن ترگنيف چيو
آهي.“
”پر بيگم، تو وڏي مهربانيءَ سان مون کي ٽي هزار
روبل قرض ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.....“
”دمتري فيودورپاولووچ، اهي تنهنجا آهن، بيگم وري
به سندس گفتگو کي قطع ڪندي چيو. پيسا ڄڻ تنهنجي
کيسي ۾ پيا آهن. ٽي هزار نه، پر ٽيهه لک! سي به
تمام ٿوري وقت ۾. مان توکي هن ڪم جو خاڪو پيش
ڪنديس. تون سون جي کاڻين کي دريافت ڪر ۽ لکين روبل
گڏ ڪري موٽي اچ ۽ وڏو ماڻهو بڻجي وڃ. اسان کي
جاڳاءِ ۽ عمدن ڪمن جي طرف وٺي وڃ. ڇا اسان هي سڀ
ڪجهه يهودين کي ئي ڏيئي ڇڏيون؟ تون علمي ادارن جو
بنياد رک ۽ سڀني خير جي ڪمن ۾ بهرو وٺ. تون غريبن
کي مدد ڪري سگهندين ۽ هوُ توکي دعائون ڏيندا. هيءَ
ريلوي جو زمانو آهي فيودورپاولووچ. تون مالي محڪمي
جو لازمي طرح رڪن بڻجي ويندين، جو هاڻي بري حالت ۾
آهي. تون مشهور ٿي ويندين. روبل جي قيمت جي گهٽجڻ
سبب اڪثر مان راتين جو جاڳندي آهيان. ماڻهن کي
منهنجي هن پاسي جي خبر ئي نه آهي......“
”بيگم، بيگم ” دمتريءَ سخت اضطراب جي حالت ۾ وچ ۾
دخل ڏيئي چيو، ته ”مان سچ پچ اوهان جي مشوري تي
هلندس. اوهان جي نيڪ صلاح تي بيگم..... مان سون جي
کاڻين ڏانهن روانو ٿي ويندس........ مان هن ڳالهه
جي لاءِ وري اوهان سان اچي ملندس..... ڪيئي ڀيرا
سچ پچ...... پر هاڻي اُهي ٽي هزار روبل جي اوهان
وڏي مهربانيءَ سان مون کي ڏيڻا ڪيا آهن.........
اُهي مون کي تڪليف کان آزاد ڪندا، پر جيڪڏهن اُهي
اڄ ڏئين ته...... تون ڏسين ٿي ته مون وٽ منٽ به
وڏو آهي ۽ مان اڄ هڪ منٽ به وڃائڻ نه ٿو
گهران.....“ ”بس بس دمتري فيودورپاولووچ بس!.“
بيگم هائلڪوف، پنهنجي جملي تي زور ڏيندي تپي پئي.
”سوال اهو آهي ته تون سون جي کاڻين ڏي ويندين يا
نه؟ تنهنجو ارادو آهي به يا نه؟ جواب ڏي هائو يا
نه؟“
”بيگم مان ڪجهه وقت کان پوءِ ويندس..... مان
اوڏانهين ويندس، جيڏانهن تون چاهين ٿي.... پر
هاڻي...“
””ترس“، بيگم هائلڪوف رڙ ڪري چيو ۽ ٽپو ڏيئي،
پنهنجي دلڪش الماريءَ ڏانهن وئي، جنهن ۾ ڪيترائي
خانا هئا. هوءَ هڪ خاني جي پويان ٻيو خانو کوليندي
وئي. جن ۾ نااُميديءَ جي حالت ۾ ڪجهه ڳولهيندي
رهي.
”ٽي هزار روبل“ مـِـتيا خيال ڪيو. سندس دل ڄڻ ته
بيهڻ لڳي هئي... ”هيءُ سڀ ڪجهه هن ئي گهڙيءَ ۾
....... سواءِ ڪنهن ڪاغذ ۽ قبوليت جي! واقعي هيءَ
وڏي وضعداري آهي. هيءَ ته عجيب نيڪ عورت آهي، پر
جيڪڏهن منجهس گهڻي ڳالهائڻ جي عادت نه هجي.“
”هيڏي ” بيگم هائلڪوف کيس رڙ ڪري چيو. هوءَ
خوشيءَ مان وري مـِـتيا ڏي ڊوڙي آئي. ”اجهو هيءَ
شيءِ هئي، جنهن کي مون ڳولهيو ٿي!“
هيءُ هڪڙو چانديءَ جو ننڍڙو مجسمو هو، جو هڪ ڌاڳي
۾ پوتل هو. اهو اهڙي قسم جو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن صليب
سان گڏ پهريو ويندو آهي.
”هي ڪيف جي شهر مان آيو آهي، دمتري
فيودورپاولووچ“. هوءَ بزرگن وانگر ڳالهائيندي وئي.
مقدس شهيد واراويرا جي نشانين مان آهي. مان اُن کي
تنهنجي ڳچي ۾ وجهان ٿي، جنهن کان تنهنجي نئين
حياتيءَ جو آغاز ٿئي ٿو.“
هن سچ پچ اُهو ڌاڳو سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ اُن کي
ٺاهڻ لڳي. مـِـتيا انتهائي بي صبريءَ ۾، هيٺ جهڪيو
۽ کيس مدد ڪرڻ لڳو. آخر هن اُن کي نيڪٽاءِ جي
هيٺان آندو ۽ قميص جي ڪالر کان هيٺ سيني ڏي وڌائي
ڇڏيائين.
”هاڻي تون ڀلي وڃ ” بيگم هائلڪوف اِيئن چوندي
بيحد خوشيءَ مان وري پنهنجي جاءِ تي ويهندي چيو.
”بيگم، مان توهان کان بيحد متاثر ٿيو آهيان. مان
نه ٿو ڄاڻان ته ڪهڙي ريت توهان جو شڪريو ادا
ڪريان..... سچ پچ.... تنهنجي ايڏي مهرباني لاءِ ،
پر....... جيڪر توهان کي خبر هجي ها، ته منهنجو
وقت ڪيڏو نه قيمتي آهي..... رقم جنهن جي لاءِ مان
اوهان جي مهربانين جو مقروض ٿي رهندس.... بيگم
جيئن ته تون مون تي بيحد مهربان آهين ۽ منهنجي
احساس کان به وڌيڪ (مـِـتيا بي اختياريءَ مان
ڳالهائيندو ويو.) مان اُن ڪري تو وٽ ظاهر ڪرڻ
گهران ٿو..... جيتوڻيڪ تون اُن کي گهڻي وقت کان
ڄاڻين ٿي...... ته مان هتي ڪنهن سان محبت ڪريان
ٿو..... مان ڪيٽيا سان بي وفائي ڪئي آهي.......
مون کي کيس ڪيٽرينا ايونونا چوڻ گهرجي. افسوس
منهنجي روش ساڻس انسانيت سوز ۽ بي عزتيءَ واري رهي
آهي. مان هتي ڪنهن ٻي عورت جي محبت ۾ گرفتار ٿي
چڪو آهيان..... اُها عورت، جنهن کي بيگم اوهان
نفرت جي نگاهن سان ٿا ڏسو. ڇاڪاڻ ته اوهان کي سڀني
ڳالهين جي خبر آهي. پر مان اُن کي پنهنجي طرف کان
ڇڏي نه ٿو سگهان. اُن ڪري ٽي هزار هاڻي......“
بيگم هائلڪوف نهايت فريبي نموني ۾ چوڻ لڳي، ته
”دمتري فيودورپاولووچ سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏي. خاص
طرح عورت کي. تنهنجي نگاهه جو مرڪز سون جون کاڻيون
هئڻ گهرجن. اهڙي حالت ۾ اتي ڪنهن به عورت جو مقام
ٿي نه ٿو سگهي. پوءِ جڏهن تون مشهور ۽ شاهوڪار ٿي
موٽندين، پنهنجي دل موافق ڪنهن مٿانهين سماج واري
ڇوڪريءَ کي انتخاب ڪجانءِ . اُها هڪ جديد قسم جي
ڇوڪري هوندي. تعليم يافته ۽ خيالن ۾ ترقي پذير.
ايندڙ دور ۾ جديد عورتن جو سوال حل ٿي ويندو ۽
جديد عورت پيدا ٿي ويندي.“
”بيگم، منهنجو خيال اهو نه آهي، ڪڏهن به نه ....“
مـِـتيا پنهنجي هٿن کي نااُميديءَ ۾ مهٽيندو
رهيو.
هائو دمتري فيودورپاولووچ، اهو ئي خيال آهي، جنهن
جي توکي گهرج آهي. انهيءَ ئي شيءِ لاءِ تڙپندو
رهين ٿو، جيتوڻيڪ توکي ان جي لاءِ ڪوبه احساس ڪونه
آهي. مان موجوده عورت جي تحريڪ جي هروڀرو خلاف به
نه آهيان، دمتري فيودورپاولووچ. عورت جي اصلاح ۽
قريبي مستقبل ۾ سندس سياسي آزادي منهنجو مقصد آهي.
مون کي به پنهنجي ڌيءَ آهي، پر ماڻهو منهنجي طرف
کان بي خبر آهن. مان هڪ خط اُن مضمون بابت مصنف
شسندرين کي لکيو آهي. هن مون کي عورت جي صلاحيت
بابت گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي. سو گذريل سال، مان
کيس ٻن سٽن ۾، هڪ گمنام خط لکي موڪليو، ته مان
توکي جديد عورت جي طرفان پيار ڪريان ٿي. ثابت قدم
رهجو. مان اُن تي صحيح ڪئي، هڪ ماءُ . مان خيال
ڪيو ته اُن تي مان پنهنجي صحيح ’همعصر ماءُ‘
وجهان، مگر اُن جي ترديد ڪري، سادي صحيح ’هڪ ماءُ‘
ڪافي سمجهيم. دمتري فيودورپاولووچ هن ۾ هڪ اخلاقي
دلڪشي آهي. لفظ همعصر کان ممڪن هو ته سندس ذهن ۾
ڪا تلخي پيدا ٿئي. خدايا! توکي ڇا آهي؟“
مـِـتيا آخر پنهنجي جاءِ کان ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ اُن
جي سامهون پنهنجي هٿن کي مهٽيندي چيائين ته ”بيگم
جيڪڏهن تون دير وجهندينءَ ته مون کي تنهنجي بلند
همٿيءَ تي روئڻ اچي ويندو.“
”ها، روءَ، دمتري فيودورپاولووچ روءَ. اهو شاندار
جذبو آهي....... اهو ئي رستو تنهنجي اڳيان کليل
آهي! ڳوڙها ئي تنهنجي دل کي آرام ڏيئي سگهن ٿا ۽
اُنهن جي هارڻ کان پوءِ ، ئي توکي خوشي حاصل ٿي
سگهي ٿي. تون سائبيريا کان مون وٽ هن نقطهِّ نگاهه
کان موٽي ايندين ۽ پنهنجي خوشيءَ ۾ مون کي شريڪ
ڪندين.“
”مون کي اجازت ڏي.“ مـِـتيا زور سان چيو ته ”مان
آخري طرح اوهان کي عرض ڪري چڪو آهيان، مون کي اُها
رقم جنهن جو اوهان وعدو ڪيو آهي، اڄ ملندي؟ جيڪڏهن
نه ته مان اُن کي ڪڏهن وٺڻ اچان؟“
”ڪهڙي رقم دمتري فيودورپاولووچ؟“
”ٽي هزار روبل جنهن جو اوهان واعدو ڪيو آهي؟.....
اُنهن جي لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني.“
”ٽي هزار روبل؟ نه نه مون وٽ ٽي هزار ڪٿان آيا؟“
بيگم هائلڪوف نهايت سنجيده تعجب سان کيس جواب
ڏنو. مـِـتيا حيرت زدهه رهجي ويو.
”ڇو،“ تو هاڻي ته چيو هو........... تو اهڙي ريت
چيو هو، ڄڻ ته اها رقم منهنجي مٺ ۾ آهي.....“
نه، نه. تو غلط سمجهيو آهي، دمتري فيودورپاولووچ.
توکي هن معاملي ۾ غلطي ٿي آهي. مان سون جي کاڻين
جي ڳالهه ڪري رهي هيس. هي سچ آهي ته مون توسان،
انهيءَ رقم کان به وڌيڪ جو وعدو ڪيو آهي. يقيناً
ٽن هزار روبلن کان مٿي. مون کي هاڻي به چڱي طرح
ياد آهي. پر منهنجو حوالو سون جي کاڻين لاءِ هو.“
”پر رقم؟ ٽي هزار روبل؟“ مـِـتيا اڻ وڻندڙ لهجي
۾ چيو.
”اڙي جيڪڏهن تنهنجو مطلب ڪنهن رقم کان هو، ته مون
وٽ ته هڪ پيسو به ڪونه آهي. مان ته پنهنجي ڪوچبان
سان پيسي جي لاءِ به وڙهندي رهان ٿي. مان تازو
ميوسوف کان 500 روبل قرض ورتو آهي. نه نه، مون وٽ
ڪو به پيسو ڪونه آهي، پر دمتري فيودورپاولووچ،
توکي خبر آهي. مون وٽ جيڪڏهن ڪجهه هجي به ها، ته
توکي ڪڏهن به نه ڏيان. پهريائين ته مان ڪنهن کي
قرض نه ڏيندي آهيان. قرض ڏيڻ جي معنيٰ دوستي وڃائڻ
۽ مان خاص طرح ته جيڪر توکي اصل قرض نه ڏيان.
ڇاڪاڻ ته مان توکي پسند ڪريان ٿي ۽ توکي بچائڻ
گهران ٿي. توکي سون جي کاڻين جي گهرج آهي. سون جون
کاڻيون، سون جون کاڻيون.“
مـِـتيا گـجندي چيو، ”شيطان ڪٿان جي!“ پنهنجي
پوري زور سان هن مٺ کي ميز تي هنيو.
اڙي، اڙي، بيگم هائلڪوف دهشت زده ٿي چيو ۽ ملاقات
جي ڪمري جي ٻي پڇاڙيءَ تي وڃي پهتي.
مـِـتيا، زمين تي ٿـُـڪ ڦٽي ڪئي. ڊگها ڊگها قدم
کڻندي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ اونداهي گهٽيءَ ۾
وڃي پهتو. هوُ اهڙي نموني سان گهمي رهيو هو، ڄڻ ته
پنهنجي سيني کي ڌڪ هڻي رهيو آهي. هوُ انهيءَ جاءِ
تي پهچي ويو، جتي ٻه ڏينهن اڳ ۾ هن پاڻ کي، اليوشا
جي سامهون ڌڪ هنيا هئا. سندس سيني تي هنن ڌڪن کان
ڪهڙو مطلب هو؟ اهو وقت جي لحاظ کان هڪ راز هو.
جنهن جي دنيا ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي. جنهن جي
اليوشا کي به خبر نه هئي. پر هيءُ راز اُن جي لاءِ
پريشانيءَ کان به گهڻو مٿي هو. اُن جو مطلب هو،
بربادي ۽ خودڪشي. هن محڪم ارادو ڪيو هو، ته جيڪڏهن
هوُ ٽي هزار روبل حاصل ڪري نه سگهيو ۽ ڪيٽرينا
ايونونا کي قرض ڏيئي، اُن بار کي سيني تان هلڪو
ڪري نه سگهيو، ته انهيءَ داغ کي جو سيني تي لڳل
آهي، اُن کي صاف ڪندو. اُن بيشرميءَ کي، جا سندس
ضمير تي سوار آهي دور ڪندو. هيءُ سڀ تفصيل سان
پڙهندڙ جي اڳيان بعد ۾ پيش ڪندس. پر هاڻي جڏهن
سندس آخري اُميد به موڪلائي وئي، ايڏو سارو ڏسڻ جو
ڏيل، بيگم هائلڪوف جي گهر کان ٿورا قدم اڳتي هلي،
ٻار وانگر روئڻ لڳو. هوُ هلندو رهيو، جيتوڻيڪ کيس
ڪابه خبر نه ٿي پئي، ته هوُ ڇا ڪري رهيو آهي؟ هوُ
پنهنجي اکين جا ڳوڙها، هٿ جي مـُـٺ سان اُگهي رهيو
هو. اهڙي ريت هوُ چونڪ وٽ پهتو. اوچتو هن محسوس
ڪيو، ته هوُ ڪنهن شيءِ سان ٽڪرجي ڪريو آهي. هن
متاثر ڪرڻ واري دانهن ٻڌي. اُها هڪ پوڙهي عورت جي
هئي، جنهن کي هن ڪيرائي وڌو هو.
”خدايا! تو ته مون کي ذري گهٽ ماري ڇڏيو هو. تون
چڱيءَ ريت ڇو نه ٿو ڏسين؟ پر تون وڃي ڪيڏانهن رهيو
آهين وحشي؟“
”اڙي تون آهين؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو. هن
اونداهي ۾ پوڙهي عورت کي سڃاڻي ورتو هو. هيءَ
سامسونوف جي پوڙهي نوڪرياڻي هئي. جنهن کي مـِـتيا
خاص طرح اُن ڏينهن تي ڏٺو هو.
”پر تون ڪير آهين؟ نيڪ بخت؟“ پوڙهيءَ بلڪل
جداگانه لهجي ۾ چيو ”مان توکي اونداهي ۾ سڃاڻي نه
ٿي سگهان!“
”تون ڪزوماڪزمچ وٽ رهندي آهين. تون اُتي نوڪري ۾
آهين نه ؟“
”اِيئن برابر آهي سائين. مان پروهورچ ٿي ويس. پر
مان توکي هاڻي نه ٿي سڃاڻان.“
”منهنجي نيڪ عورت، مون کي ٻڌاءِ ته اگرافينا
اليگزينڊرووينا، هاڻي اُتي هئي؟“ مـِـتيا کيس شڪ
گڏيل خيال سان چيو. ”مان ٿورو وقت ٿيو، کيس
اوڏانهن ويندي ڏٺو هو.“
”هوءَ اُتي هئي سائين. ٿورو وقت ترسي ۽ وري هلي
وئي.“
”ڇا؟ هلي وئي؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو. ” پر هوءَ
ڪهڙي وقت وئي؟“
”اڙي، اڙي،“ ڪراڙي عورت هٻڪندي چيو، پر مـِـتيا
وڃي چڪو هو.
هوُ گروشينڪا جي گهر ڏي پوري زور سان ڊوڙيو. هوُ
اُن وقت اُتي پهتو، جڏهن هوءَ ماڪروءَ جي رستي تي
هئي. هوُ سندس وڃڻ کان پندرنهن منٽ کن پوءِ پهتو.
فينا پنهنجي ڏاڏيءَ سان اُتي موجود هئي. پوڙهي
بورچياڻي ميٽرونا رڌڻي ۾ هئي. ڪپتان اندر گهڙي
آيو. کيس ڏسندي ئي فينا کان رڙ نڪري وئي.
مـِـتيا رڙ ڪري چيو ته ”تون ته رڙيون ٿي ڪرين، پر
هوءَ ڪٿي آهي؟“
انهيءَ کان اڳي جو هوءَ خوفزده ڪجهه ڳالهائي، هوُ
ڍير وانگر سندس پيرن ۾ ڪري پيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته
”فينا، مسيح جي صدقي ٻڌاءِ ته هوءَ ڪٿي آهي؟“
”منهنجا پيارا دمتري فيودورپاولووچ، مون کي ڪابه
خبر نه آهي. مون کي ڀلي ماري ڇڏ، پر مون کي ڪابه
خبر نه آهي.“ فينا قسم کڻڻ لڳي ۽ اعتراض ڪرڻ لڳي
ته ”گهڻو وقت ٿيو، تون ته اُن سان گڏجي ويو
هئين.....“
”هوءَ موٽي آئي آهي.“
”سچ پچ، هوءَ هيڏي نه آئي آهي. مان خدا جو قسم
کڻي چوان ٿي، ته هوءَ هيڏي نه آئي آهي.“
”تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين،“ مـِـتيا کيس چيو،“ مان
تنهنجي خوف مان ڄاڻان ٿو ته هوءَ ڪٿي آهي؟“
هو تيزيءَ سان هليو ويو. خوفزده فينا خوش ٿي، ته
سندس جان جلدي ڇٽي وئي. پر هن ضرور سمجهيو ته هوُ
تڪڙ ۾ هو، ان ڪري اِيئن ٿيو، نه ته ايترو جلدي
سندس جان ڪين ڇٽي ها. پر جيئن هوُ ٻوڙيندو ٿي ويو،
کيس فينا ۽ پوڙهي ميٽريونا جي غير معمولي حرڪتن تي
عجب ٿي لڳو، ميز تي ٽامي جي ڪونڊي رکي هئي، جنهن ۾
ٽامي جو ننڍڙو ڏنڊو به هو، جو ڇهن انچن کان مٿي نه
هو. مـِـتيا اڳ ۾ ئي، هڪ هٿ سان دروازو کوليو ۽
ٻئي هٿ سان اُن ڏنڊي کي کڻي کيسي ۾ وڌائين.
”خدايا! هيءُ ڪنهن کي خون ڪندو ” فينا هٿن کي
مهٽيندي رڙ ڪندي چيو.
dc
باب چوٿون
اونداهيءَ ۾
هوُ
ڪيڏانهن
ڊوڙي
رهيو هو؟ فيودورووچ پاولووچ کان
سواءِ ، هوءَ ٻي هنڌ
ڪٿي
هوندي؟ هيءَ
هاڻي
صاف هو
ته
هوءَ سامسونوف
کان،
اُن
ڏي
ئي وئي
آهي.
هيءُ سڄو
منصوبو هو ۽ ظاهر ظهور فريب! هيءُ خيال سندس دماغ
۾ چڪر لڳائيندا رهيا. هوُ ماريا ڪونڊٽريونيا ڏي
ڪونه ويو ”اُن ڏي وڃڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي......
ذري جيتري به ضرورت ڪانه آهي..... هوُ ڪوبه خطري
جو آواز نه ڪڍندو...... هيءُ ته سنئون سڌو کيس
ٻڌائيندا... ماريا ۽ سميرڊياڪوف، ٻئي هن منصوبي ۾
شامل نظر اچن ٿا. سڀني کي هنُ خريد ڪري ورتو آهي.“
هن پنهنجي عمل جو نئون طريقو سوچيو. هوُ
فيودورپاولووچ جي گهر جي چوڌاري، ايڏو ڊگهو رستو
ڊوڙندو رهيو. گهٽيءَ کان ٽپي، دمترووسڪي رستي کان
ڊوڙندو، ننڍي پل تي پهتو. اُتان سڌو اُن پٺ واري
ويران ڪوٺي وٽ اچي نڪتو. اُها خالي هئي ۽ اُن ۾ ڪو
به نه رهندو هو. اُن جي هڪ پاسي کان پاڙيسريءَ جي
رڌڻي جي باغ جو لوڙهو هو. اُن جي ڀرسان نهايت
مضبوط ۽ بلند، فيودورپاولووچ جي باغ جو لوڙهو هو.
هوُ ان جي چوڌاري ڊوڙندو رهيو. آخر هن هڪ جاءِ کي
چونڊيو. هيءَ اُها ساڳي جاءِ هئي، جنهن کي هنُ
گذريل روايت موجب بخوبي ڄاتو ٿي، ته هڪ ڀيري
لزاوٽيا، اُن تي چڙهي وئي هئي. هن خيال ڪيو ته
”جيڪڏهن هڪ عورت اُن تي چڙهي سگهي ٿي، ته پڪ سان
مان به اُن تي چڙهي ويندس.“ خدا ڄاڻي، اهو خيال
سندس دل ۾ الائي ڪيئن آيو. هن ٽپو ڏنو ۽ لوڙهي جي
مٿان وڃي ويٺو. باغ ۾ ڀرسان غسل خانو هو. پر هوُ
لوڙهي کان گهر جي دري به ڏسي سگهيو ٿي، جنهن مان
روشني اچي رهي هئي.
”هان، پوڙهي جي سمهڻ واري ڪمري ۾ روشني آهي. هوءَ
يقيناً اتي آهي!“ هوُ ٽپو ڏئي، لوڙهي کان هيٺ باغ
۾ آيو. جيتوڻيڪ کيس خبر هئي، ته گريگري بيمار آهي
۽ سميرڊياڪوف به ۽ کيس ڏسڻ وارو ٻيو هيوئي ڪونه،
پر اُن هوندي به هن پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. هوُ خاموش
بيٺو رهيو ۽ ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو. پر هتي بلڪل خاموشي
هئي ۽ چوڌاري چپ چپات. ايتري قدر جو هوا جو به ڪو
کڙڪو ڪونه هو. بلڪل خاموشي هئي. ڪو دليل وارو خيال
سندس دل ۾ جاڳيو. مان سمجهان ٿو ته لوڙهي جي مٿان،
مون کي ٽپو ڏيندي، ڪنهن نه ڏٺو آهي. هڪ منٽ جي
ترسڻ کان پوءِ ، هوُ آهستي باغ ۾ گاهه مٿان گهمڻ
لڳو. وڻن ۽ ٻوٽن کان پاسو ڪندو ويو. هر قدم تي
چورن وانگر چرندو ٿي ويو. فقط پنهنجي قدمن جي آواز
کي ٿي ٻڌائين. فقط پنجن منٽن ۾ هوُ روشنيءَ واري
دريءَ وٽ وڃي پهتو. کيس ياد آيو، ته دريءَ جي
هيٺان ڪيئي ڪنڊن وارا ٻوٽا ۽ اوڀڙ موجود آهن. کٻي
هٿ تي باغ ڏانهن کلندڙ دروازو بند هو. هنُ دروازي
جي لنگهه کي ڪنهن مقصد سان پوري ريت جاچي ڏٺو. آخر
اُهو اُن ٻوٽن تائين پهتو ۽ اُنهن ّ۾ لڪي ويو. هنُ
پنهنجي ساهه کي روڪيو. هنُ خيال ڪيو، ته کيس اُتي
ترسڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سندس قدمن جي آواز کي ٻڌو
به آهي ته کين سندس بابت پڪ ٿي ويندي ۽ هوُ ڏسي
وٺندا. ”مون کي نه کنگهڻ گهرجي نه زور سان ساهه
کڻڻ گهرجي.“
هوُ ٻه منٽ ترسيو. سندس دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي
هئي. اهڙي حالت ۾ به هوُ مشڪل سان ساهه کڻي رهيو
هو. هن خيال ڪيو ته دل جي هيءَ ڌڪ ڌڪ ڪڏهن به بس
نه ٿيندي ۽ مان گهڻو وقت ترسي نه ٿو سگهان. هوُ هڪ
ٻوٽي جي پويان، پاڇي ۾ بيٺو هو. دريءَ جي روشني،
ٻوٽي جي اڳئين حصي تي پئجي رهي هئي.
”ڪهڙيون نه اڇيون ۽ ڳاڙهيون ٻيريون سهڻيون آهن!“
بنا ڪنهن ارادي جي هوُ چوڻ لڳو. هوريان هوريان
بنا ڪنهن لڙُ ۽ گوڙ جي، هوُ قدم به قدم وڃي دريءَ
وٽ پهتو ۽ کڙين تي بيهي رهيو. هاڻي فيودورپاولووچ
جي سمهڻ وارو ڪمرو سڄوئي سندس سامهون هو. هيءَ ڪا
وڏي ڪوٺي نه هئي. ڳاڙهي پردي سان هوءَ ٻن حصن ۾
ورهايل هئي. اهو ڪپڙو چيني هيو. جيئن
فيودورپاولووچ اُن کي سڏيو ٿي. چيني مـِـتيا جي
اندر ۾ بجلي وانگر چمڪو ڏنو. هن خيال ڪيو ته اُن
پردي جي پويان گروشينڪا موجود آهي. هوُ
فيودورپاولووچ کي جاچڻ لڳو، جنهن کي نئون پٽاپٽي
ريشم جو، شب خوابي جو چوغو پيل هو. جنهن کي
مـِـتيا اڳ ۾ ڪونه ڏٺو هو. سندس چيلهه جي چوڌاري
ريشمي ڏوري ٿي ڏٺي. هڪ صاف سٿري، لؤن جي قميص،
سونن بٽڻن سان، چوغي جي ڪالر جي اندران صاف ٿي نظر
آئي. فيودورپاولووچ جي مٿي تي هڪ سرخ پٽي هئي،
جنهن کي اليوشا ڏٺو هو.
”هن چڱيءَ ريت پاڻ کي سينگاريو آهي.“ مـِـتيا سو
چيو.
سندس پيءُ دريءَ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ پنهنجي خيالن
۾ گم هو. اوچتو هنُ پنهنجي مٿي کي لوڏيو. ويرم
لاءِ ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو. جڏهن ڪو به آواز نه ٻڌائين
تڏهن ميز ڏي ويو. بي پرواهيءَ سان اڳتي وڌيو ۽
دريءَ مان اڌورو گلاس برانڊيءَ جو کڻي پي ويو. اُن
کان پوءِ ٿڌو ساهه کنيائين. گهڙي کن بيهي رهيو ۽
ڀت ۾ لڳل آئيني ڏانهن ويو. سڄو هٿ مٿي کنيائين.
مٿي جي پٽي کي ٿورو مٿي ڪري زخمن ۽ نشانن کي غور
سان ڏسڻ لڳو، جي اڃا پنهنجي جاءِ تي موجود هئا.
”هيءُ اڪيلو آهي،“ مـِـتيا خيال ڪيو ته ”هيءُ
يقيناً اڪيلو آهي.“
فيودورپاولووچ، آئيني کان اڳتي وڌيو، اوچتو دريءَ
ڏي هليو آيو ۽ ٻاهر نهاريائين. مـِـتيا هڪدم ڀاڇي
ڏانهن سرڪي ويو.
”ٿي سگهي ٿو ته هوءَ پردي جي پوئتان هجي ۽ هاڻي
ننڊ پئي هجي.“ هن دل ۾ سٽ محسوس ڪئي.
فيودورپاولووچ، دريءَ کان سرڪي ويو. ”هوُ اُن جي
لاءِ دريءَ کان نهاري رهيو آهي ۽ هوءَ وٽس ڪانه
آهي. هوُ نه ته ڇو، اونداهي ۾ گهوري نهاري. هوءَ
اتي نه آهي ۽ هيءُ بي صبريءَ کان وحشي بڻجي ويو
آهي.“ .... مـِـتيا وري پوئتي هٽي ويو ۽ وري دريءَ
مان نهارڻ لڳو. پوڙهو ميز جي ڀرسان ويٺو هو. هوُ
بلڪل نااُميد ٿي ڏٺو. آخر هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي
رکي ۽ پنهنجي سڄي ڳل کي هٿ تي ٽيڪ ڏنائين. مـِـتيا
کيس وڏي شوق مان ڏسڻ لڳو.
”هيءُ اڪيلو آهي، هيءُ اڪيلو آهي.“ هوُ ورائي
ورائي چوڻ لڳو. ”هوءَ جيڪڏهن هتي هجي ها، ته سندس
چهرو ٻيءَ طرح هجي ها.“
عجب جهڙي ڳالهه هئي جو، گروشينڪا جي غير موجودگيءَ
سبب، منجهس غصي جي رڳ ڦڙڪي اُٿي. انهيءَ حالت کان
متاثر ٿي چيو، ته اُن جي نه هئڻ سبب، منهنجي دل ۾
غصو نه آهي، جيڪڏهن آهي به ته انهيءَ لاءِ ، ڇاڪاڻ
ته مون کي خبر نه آهي ته هوءَ ڪٿي آهي؟ مـِـتيا
پوءِ ياد ٿي ڪيو، ته اُن وقت سندس دل خاص طرح صاف
هئي ۽ هن هر شيءِ کي تفصيل سان ٿي ڏٺو. ڪا به
ڳالهه هن کان نه ٿي گـُـٿي. اُن هوندي به سندس
اضطراب ۽ شڪ، دل ۾ سخت کان سخت ٿيندو ٿي ويو. هنُ
اوچتو پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪيو ۽ پنهنجو هٿ ڪڍي
دريءَ جي طاق کي آهستي کڙڪايائين. هنُ اُهي ساڳيون
نشانيون ڪم آنديون، جي پوڙهي ۽ سميرڊياڪوف جي وچ ۾
مقرر ٿيل هيون. ٻه ڀيرا آهستي ۽ ٽي ڀيرا جلدي.
انهيءَ اشاري جو مطلب هو ته گروشينڪا موجود آهي!
پوڙهي کان ڇرڪ نڪري ويو، هن پنهنجي مٿي کي لوڏو
ڏنو. تڪڙ ۾ ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ دريءَ ڏي ڊوڙيو.
مـِـتيا، وري پاڇي ۾ سرڪي ويو. فيودورپاولووچ
دريءَ کي کوليو ۽ اُن مان پنهنجو سڄو مٿو ٻاهر
ڪڍيائين ۽ چوڻ لڳو:
”گروشينڪا تون آهين؟ تون آهين؟“ سندس آواز
جيتوڻيڪ ڀڻڪي وانگر هو، پر پئي ٿي ڏڪيو. ”تون ڪٿي
آهين؟ منهنجا فرشتا؟ تون ڪٿي آهين؟“ هوُ جوش ۾
خوفزدهه هو ۽ ساهه کڻي نه ٿي سگهيو.
مـِـتيا کي يقين ٿي ويو ته هوُ اڪيلو آهي.
”ڪٿي آهين؟“ پوڙهي زور سان چيو. هن پنهنجو هٿ
ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڪلهن تائين نڪري ويو. کٻي ۽ سڄي
نهاري چوڻ لڳو ته ”هيڏي اچ. مون وٽ تنهنجي لاءِ
سوکڙي آهي، اچ ته ڏيکاريانءِ .“
”هان! سندس مطلب ٽن هزارن کان آهي.“ مـِـتيا
سوچيو.
”پر تون ڪٿي آهين، دروازي وٽ. مان اُن کي کوليان
ٿو.“
پوڙهو ذري گهٽ دروازي جي مٿان چڙهي ويو. هوُ سڄي
طرف جتي باغ جو دروازو هو، نهارڻ لڳو. وڏي ڪوشش
سان اونداهي ۾ هيڏي هوڏي گهورڻ لڳو ۽ هوُ سيڪنڊ
کان پوءِ ، گروشينڪا جي آواز ٻڌڻ کان سواءِ ئي
دروازي کولڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
ـِـتيا، هيڏي هوڏي ٿيڻ کان سواءِ ، کيس ڏٺو. پوڙهي
جي چهري جي تصوير، جنهن کي هن نفرت سان ڏٺو، حضرت
آدم عليه السلام جي صورت وانگر لڙڪيل ٿي ڏٺي. سندس
نوڪدار نڪ، سندس چپ جي شهواني شوق ۾ مرڪي رهيا
هئا، فانوس جي روشنيءَ ۾، جا ڪمري جي کٻي طرف کان
ٿي آئي. صاف ڏٺا. مـِـتيا جي دل ۾ اوچتو خطرناڪ
نفرت جو جذبو پيدا ٿيو. سندس رقيب موجود هو. هيءُ
اُهو ماڻهو هو، جنهن سندس زندگيءَ کي عذاب ۾ وجهي
ڇڏيو هو. هيءَ اهڙي ته جوش ڀري ۽ انتقام ۽ غصي
واري باهه هئي، جنهن بابت هن چار ڏينهن اڳ ۾ وڻن
جي جـُـهنڊ ۾، اليوشا جي هن سوال تي ته ”تون
پنهنجي پيءُ کي ماريندين؟“ هنُ چيو هو ته ”مون کي
خبر نه آهي، ته مون کان ڇا ٿي گذرندو! شايد مان هن
کي نه ماريان يا ماري ڇڏيان. مون کي خوف ٿو ٿئي،
ته هوُ منهنجي لاءِ ڪنهن وقت گهڻي نفرت جهڙو نه
بڻجي وڃي. مان سندس ٻٽي کاڏي، سندس نڪ ۽ سندس اکين
۽ سندس بيشرميءَ جي نگاهن کي نفرت سان ٿو ڏسان.
مون ۾ شخصي طرح ڪراهت پيدا ٿي وڃي ٿي. مون کي اُن
جي لاءِ ڌڪار آهي ۽ شايد مان اُن کي برداشت ڪري نه
سگهان......“ هيءَ شخصي نفرت هاڻي سـَـهڻ کان
نڪرندي ٿي وئي، هوش ۾ هوندي به هن اوچتو ٽامي جو
ڏنڊو پنهنجي کيسي مان ڪڍي ورتو.
”خدا مون کي اُن وقت ڏسي رهيو هو.“ مـِـتيا پوءِ
پاڻ ٻڌايو ٿي. اُن وقت گريگري پنهنجي بيماري جي
بستري تي جاڳي پيو. ساجهري شام جو، هوُ علاج هيٺ
آيل هو، جنهن جو ذڪر سميرڊياڪوف ايون سان ڪيو هو.
هن پنهنجي سڄي بدن کي ڪنهن پراسرار عرق سان مالش
ڪئي هئي ۽ اُن جي بچيل حصي کي پيتو هئائين. اُن
وقت مارفا دعا ٿي گهري. سندس ننڊ کان پوءِ هن به
اُن عرق کي پيتو ۽ اُن جي اَثر کان مـُـردي وانگر،
مڙس جي پاسي ۾ پئجي رهي.
پر گريگري رات جو ننڊ مان اوچتو جاڳي پيو. ٿوري
وقت جي خيال کان پوءِ ، جيتوڻيڪ هن پٺ ۾ تيز سور
کي محسوس ڪيو به، اُٿي ويٺو. هنُ پوءِ ڄاڻي واڻي،
اُٿي تڪڙ ۾ ڪپڙا پاتا. شايد سندس ضمير ۾ بي چيني
پيدا ٿئي هئي، ڇاڪاڻ ته سڄو گهر غير ّمحفوظ هو ۽
هوُ ننڊ ۾ هو. سو به اهڙي تڪليف واري زماني ۾.
سميرڊياڪوف، پنهنجي بيهوشيءَ جي حملي سبب، ٻي ڪمري
۾ ڪنهن به چـُـر پـُـر کان سواءِ بي خبر پيو هو.
مارفااگناٽيانا به بي حرڪت پئي هئي. گريگري کيس
نهاريندي چيو ته: ”اهڙي قسم جي شيءِ عورت جي لاءِ
تمام خراب آهي.“ اِيئن ڀڻڪندو، هوُ ڏاڪن ڏي هليو
ويو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سندس مقصد فقط
اِهو هو، ته فقط ڏاڪڻ کان نگاهه ڪري، ڇاڪاڻ ته هوُ
پنڌ ڪرڻ جي لائق نه هو. سندس پٺيءَ ۽ سڄيءَ ٽنگ ۾
سور برداشت کان ٻاهر هوس. پر اوچتو کيس ياد آيو،
ته هن، شام جو باغ جي دروازي کي قلف نه ڏنو هو.
هوُ نهايت وقت تي ڪم ڪندڙ ۽ سوچڻ وارو ماڻهو هو،
ڪيتري وقت کان نه تبديل ٿيندڙ عادتن جو عادي هو،
جيڪي هوُ سالن کان اختيار ڪري چڪو هو. سور سان
ڌڏندو ۽ لڏندو، هو ڏاڪڻ کان لهي باغ ڏي ويو. هن
دروازي کي کليل ڏٺو. خود بخود سندس قدم باغ ڏي هلڻ
لڳا. ٿي سگهيو ٿي، ته ڪنهن شيءِ جو کيس احساس ٿيو
هجي يا ٿي سگهي ٿو، ته هنُ ڪو آواز ٻڌو هجي. کٻي
طرف ڏي ڏسندي، هنُ پنهنجي آقا جي دري کليل ڏٺي.
اُن وقت اُن مان ڪنهن به نه ٿي نهاريو. ”هيءَ ڇو
کـُـلي پئي آهي؟ هاڻي اونهارو ته نه آهي.“ گريگري
خيال ڪيو. اوچتو اُن ويرم ۾، هنُ باغ ۾ غير معمولي
نظاري کي پنهنجي سامهون ڏٺو. چاليهه قدم پري، هنُ
هڪ ماڻهوءَ کي اونداهي ۾ ڊوڙندي ڏٺو. هڪ پاڇي جو
قسم هو، جو نهايت تيزيءَ سان ٿي ويو. هنُ قريبي
رستي کي ورتو ڇاڪاڻ ته هوُ باغ جو پورو پورو واقف
هو ۽ هن ڀڄندڙ ماڻهو کي وٺڻ ٿي گهريو. ڀڄندڙ ماڻهو
غسلخاني ڏانهن ويو ۽ اُن جي پويان ڦري، هن لوڙهي
ڏانهن وڃڻ ٿي گهريو. گريگري ان جي پويان پيو ۽ کيس
نظر کان غائب ٿيڻ نه ڏنائين. کانئس ٻيو سڀ ڪجهه
وسري وڃي ٿو. اُن وقت ماڻهو لوڙهي تي چڙهڻ لڳو.
گريگري رڙ ڪري، کيس روڪڻ گهريو ۽ اُن جي ٽنگ کي ٻن
هٿن سان ورتائين.
هاڻي، اُن جو جسم کيس ٺڳي نه سگهيو. هنُ، هـِـن
بلا کي سڃاتو. هي اُهوئي ”پدرڪش“ هو.
”پدرڪش ” پوڙهي بلند آواز سان چيو، جيئن پاڙو پنو
اُن کي ٻڌي سگهي. پر وٽس وڌيڪ وقت ڪونه هو، جو هوُ
وڌيڪ دانهون ڪري سگهي. مـِـتيا جي هٿ ۾ ٽامي جو
ننڍو ڏنڊو هو، جنهن کي رمز سان هن گاهه ۾ ڦٽو ڪري
ڇڏيو. گريگري ڪري پيو. ٽامي جو ڏنڊو گريگري کان ٻن
قدمن تي وڃي ڪريو. اهو گاهه ۾ نه ڪـِـريو پر رستي
تي وڃي پيو. ٿورن سيڪنڊن لاءِ هن منهن ڀر پيل
ماڻهو کي جاچي ڏٺو. پوڙهي جو سڄو مٿو رت سان ڀريل
هو. مـِـتيا پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن جي مٿي کي
لائي ڏٺائين ۽ کيس احساس ٿيو. هن پوءِ ياد ٿي ڪيو،
ته هن اُن وقت ڏٺو هو ته پوڙهي جو مغز ڦاٽي پيو
آهي يا کيس معمولي زخم آيا آهن. پر رت خوفناڪ طرح
سان وهندو رهيو ۽ ٿوري وقت ۾ مـِـتيا جون آڱريون
گرم رت سان ڀرجي ويون. هن کي پوءِ ياد آيو ٿي، ته
هن پنهنجي کيسي مان هڪ صاف ۽ سفيد رومال ڪڍي ورتو
هو، جنهن کي هن بيگم هائلڪوف جي ملاقات لاءِ پاڻ
سان کنيو هو. هن اُن کي پوڙهي جي مٿي تي رکيو ۽
بيهوشي ۾ سندس مٿي ۽ نرڙ کي اُن سان صاف ڪندو ٿي
رهيو. اُن وقت سندس سڄو رومال رت سان آلو ٿي ويو.
خدايا! مان هي ڇا جي لاءِ ڪري رهيو آهيان؟ اوچتو
پاڻ کي سميٽيندي هن چيو. جيڪڏهن مان سندس مغز جي
هڏي کي ڀڃي ڇڏيو آهي، ته اُهو هاڻي ڪٿان ايندو؟ ۽
هن مان ڪهڙو فائدو؟ هوُ نااُميدي ۾ چوندو ويو.
”جيڪڏهن مان کيس قتل ڪيو آهي، ته اُن لاءِ ڪهڙو ڏک
ڪريان. پوڙها تون اتي ئي پيو رهه.“ پويون جملو هن
زور سان چيو. اُن کان پوءِ هوُ لوڙهي ڏي ڦريو ۽
اُن تان ٽپي گهٽيءَ ۾ آيو ۽ ڀڄڻ لڳو. رت ڀريل
رومال سندس هٿ ۾ هو، ڊڪندي هن، اُن کي ڪوٽ جي پٺ
واري کيسي ۾ وڌو. هوُ تيز ڊوڙڻ لڳو. رستي ۾ کيس
تمام ٿورا ماڻهو مليا. اُنهن کي پوءِ ياد آيو، ته
اونداهي ۾ کين هڪ ماڻهو ڊوڙندي نظر آيو هو. هوُ
وري موروزوف جي بيوهه جي گهر ڏانهن مڙيو.
اُن شام جو جيئن ئي هن فينا کي ڇڏيو هو، هوءَ مکيه
چوڪيدار نذر ايوانووچ ڏي ڀڄندي وئي ۽ هنُ کيس عرض
ڪيو، ته حضرت عيسيٰ جي صدقي، هو وري ڪپتان کي اڄ
يا سڀاڻ وٽس اچڻ جي اجازت نه ڏي. هن ساڻس انجام
ڪيو. پر بدقسمتيءَ سان سندس مالڪياڻي کيس بالاخاني
ڏي سڏي ورتو. هن پنهنجي ڀائٽي کي، جو ويهه ورهين
جو ڇوڪرو هو ۽ تازو ٻهراڙيءَ کان آيو هو، دروازي
تي بيهاري هليو ويو. کانئس وسري ويو، ته هو کيس
سڄي ڳالهه سمجهائي وڃي. ايتري ۾ مـِـتيا ڊوڙندو
آيو ۽ دروازي کي کڙڪايائين. ڇوڪري کيس سڃاتو.
ڇاڪاڻ ته مـِـتيا کيس ڪيئي ڀيرا رشوت ڏئي چڪو هو.
هن دروازو کوليو ۽ کيس اندر اچڻ ڏنائين ۽ وٽس تڪڙ
مان پهتو، ته کيس مشڪندي ٻڌائي ته اگرافينا
اليگزينڊرووينا، هن وقت گهر ۾ موجود ڪانه آهي.
”تڏهن ڪٿي آهي، پروهوور؟“ مـِـتيا ٿورو ترسندي
کانئس پڇيو.
”هوءَ اڄ شام جو ٻه ڪلاڪ کن اڳ ۾ ٽموفي سان گڏ
ماڪرو هلي وئي آهي.“
”ڇو؟“ مـِـتيا کانئس پڇيو.
”اها مون کي خبر نه آهي. شايد ڪنهن آفيسر کي ڏسڻ
وئي آهي. کيس ڪنهن دعوت ڏني آهي، ڇو ته گهوڙا کيس
وٺي وڃڻ لاءِ موڪليا ويا هئا.“
مـِـتيا کيس ڇڏي، چرين وانگر فينا ڏي ڊوڙيو.
dc
|