باب ڏهون
بچاءَ ۾ تقرير. هـِـڪُ ٻئي پاسا وٺندڙ دليل
مشهور مقرر جا پهريان لفظ ٻـُـريا ته چوڌاري ماٺ
ٿي وئي. ٻڌڻ وارن جون نظرون منجهس کـُـتل هيون. هن
سادگيءَ سان ۽ سنئون سڌو ۽ پوري اعتماد سان،
ڳالهائڻ شروع ڪيو. ذرو به گهمنڊ يا غرور ڪو نه
هوس. هن فصاحت بلاغت، دلسوزيءَ يا جذباتي جملن کان
ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ائين ٿئي لڳو ڄڻ هو
ويجهن ۽ همدرد دوستن جي حلقي ۾ ڳالهائي رهيو هجي.
سندس آواز ڏاڍو سٺو هو، کليل ۽ همدرديءَ وارو، ۽
اهو ٻڌڻ ۾ سچو ۽ سادو ٿي لڳو. پر هر ڪنهن کي احساس
هو ته تقرير اوچتو رقت آميز ٿي ”هانوَ کي زبردست
طاقت سان سل ي“ سگهي ٿي. هن جي ٻولي شايد اپولٽ
ڪـِـردووچ کان وڌيڪ بي ترتيب هئي، پر هن جا جملا
ننڍا ننڍا ۽ تـُـز هئا. هڪ ڳالهه عورتن کي ڪانه ٿي
وڻي. اهو هو هن جو اڳتي نـِـوڙڻ، خاص ڪري تقرير جي
منڍ ۾. هو جهڪيو ته ڪو نه ٿي پر ائين ٿي لڳو ڄڻ هو
پنهنجن ٻـُـڌڻ وارن ڏانهن ڌوڪڻ وارو هجي. هو ٻيڻو
ٿي ٿي ويو ڄڻ سندس ڊگهي ڪرنگهي ۾ اسپرنگ هجي ،
جنهن جي آڌار تي هو ذري گهٽ گوني ڪنڊ تي نـِـوڙي
ٿي آيو.
تقرير جي مـُـنڍ ۾ هن ڪيتريقدر بي ربط ڳالهايو،
ائين کڻي چئجي ته بنا سرشتي جي، حقيقتن کي الڳ الڳ
کڻندي، توڻي جو آخر ۾ انهن حقيقتن جو ڪـُـل جڙي
ويو. سندس تقرير کي هوند ٻن اڌن ۾ ورهائجي: پهرين
۾ هن الزام جي ترديد ۾، ڪنهن ڪنهن مهل طنز ۽ ڪيني
کان ڪم وٺندي، ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. پر ٻئي اڌ ۾ هن جو
آواز، ويندي هن جو رويو به، بدلجي ويو، ۽ هڪدم دل
ڀڄائيندڙ ٿي ويو. ٻـُـڌڻ وارا ڄڻ ته ان ئي انتظار
۾ هئا، ۽ اتساهه وچان ڪـَـنبڻ لڳا.
هن سڌو ڳالهه جو ڳاٽو کنيو، ۽ شروع هينئن ڪيائين
ته جيتوڻيڪ هو وڪالت پيٽرسبرگ ۾ ڪندو هو، پر هڪ
کان وڌيڪ ننڍن شهرن ۾ اهڙن قيدين جي بچاءَ ۾ پيش
ٿيندو رهيو هو. جن جي بيڏوهي هجڻ جي کيس پڪ هئي يا
گهٽ ۾ گهٽ اهڙو اڳ ويچاريل خيال هوس. ”هن ڪيس ۾
مون سان ائين ئي ٿيو آهي،“ هن وضاحت ڪئي.
”اخبارن منڍ ۾ ئي ان ڪيس بابت جيڪي ڇاپيو، تنهن ۾
ڪجهه اهڙو ڏٺم، جنهن مون کي قيديءَ جي پاسي ڪري
ڇڏيو. جنهن ڳالهه منهنجو چاهه وڌايو، سا وڪالت جي
ڌنڌي ۾ اڪثر درپيش ايندي آهي، پر ورلي اهڙي انتها
واري ۽ عجيب انداز ۾، جهڙي هن ڪيس ۾. مون کي ان
ڳالهه جو ذڪر پنهنجي تقرير جي پڇاڙيءَ ۾ ڪرڻ
جڳائي، پر مان مـُـنڍ ۾ ئي ائين ڪندس، ڇو ته سڌو
ڪم تي چڙهڻ، پنهنجي تاثرات کي بچائي نه رکڻ ۽
پنهنجي مواد ۾ ڪفايت ڪرڻ منهنجي ڪمزوري آهي. ٿي
سگهي ٿو ته اها منهنجي اياڻپ هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ
اها پرخلوص ضرور آهي. منهنجي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه
آهي: قيديءَ جي خلاف ساکـُـن جي هڪ نهوڙي ڇڏيندڙ
زنجير آهي، پر ساڳئي وقت هڪ به اهڙي حقيقت ڪانهي،
جيڪا پنهنجي ليکي اڪيلي سر پرکجڻ وقت ٽيڪا ٽپڻيءَ
اڳيان بيهي سگهي. مان جيئن جيئن اخبارن ۾ ايندڙ
خبرون پڙهندو ويس، تيئن تيئن منهنجي خيال جي تصديق
ٿيندي وئي، تان جو مون کي قيديءَ جي مائٽن جو
نياپو پهتو ته اچي سندس بچاءَ ۾ وڪيل طور پيش
ٿيان. مان جلد هليو آيس، ۽ هتي مان پوريءَ طرح
قائل ٿي ويس. مون ڪيس کنيو ته جيئن حقيقتن جي
ڀوائتي زنجير ٽوڙيان ۽ ڏيکاريان ته هر حقيقت اڪيلي
سر وٺبي ته اڻ ثابت ٿيل ۽ پـُـورالي نڪرندي.“
فيتيوڪووچ جي شروعات اها هئي.
”جيوريءَ جا صاحبو!“ هن اُمالڪ احتجاج ڪيو،
”مان هن پاسي نئون آهيان. مون وٽ ڪي اڳ جـُـڙيل
خيال ڪونهن. قيدي ڏاڍو وڳوڙي ۽ بي لغام سڀاءَ وارو
آهي. منهنجي ته نه پر شايد شهر ۾ چڱن ڀلن جي
بيعزتي ڪري کين اڳيئي پنهنجي برخلاف ڪري ڇڏيو اٿس.
بيشڪ مان مڃان ٿو ته هتان جي آبرو وارن جو کيس بد
اخلاق سمجهڻ حقي واجبي آهي. قيدي چيڙاڪ ۽ ويڙهاڪ
طبيعت جو ڌڻي آهي، تڏهن به هتان جي سوسائٽيءَ ۾
سندس آجيان ڪئي ويندي هئي، ويندي منهنجي ٻهڳڻي
دوست سرڪاري وڪيل جي گهر ۾ پڻ!“
(ڌيان لائق: انهن لفظن تان ڪي ٻه ٽي ٻڌڻ وارا کليا
۽ چپ به ٿي ويا، پر سندن کل سڀني ٻڌي. اسان کي پتو
هو ته سرڪاري وڪيل جي گهر ۾ سندس مرضيءَ جي خلاف
متيا جي آجيان ٿيندي هئي، رڳو ان ڪري جو سندس زال
الائجي ڪيئن متيا ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي هئي. هوءَ ڏاڍي
نيڪ ۽ ستياوان عورت هئي. پر ساڳئي وقت پورالي،
ريچڪي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ مڙس جي مخالفت ڪرڻ
واري به هئي. بهرحال متيا جو ڪو گهڻو اچڻ وڃڻ ڪو
نه هون.)
”تنهن هوندي به مان اهو چوڻ چاهيندس“ ، فيتيوڪووچ
چوندو رهيو، ”ته منهنجو مخالف هونءَ آهي ته
پنهنجي دماغ وارو ۽ انصاف پسند، پر پنهنجي اڀاڳي
اصيل جي خلاف غلط تعصب جو شڪار ٿي ويو آهي، پر اهو
بلڪل سڀاويڪ آهي ڇو جو اهو بدنصيب انسان آهي ئي ان
لائق. ويل اخلاق ۽ ان کان وڌيڪ ويل ذوق اڪثر ڪري
بي ترس هوندا آهن. اسان ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي
تقرير ۾ قيديءَ جي سڀاءَ ۽ هلت جو سخت ڇيد ٿيندي
ٻڌو، ۽ هن جو ڪيس ڏانهن سخت تنقيدي رويو به ظاهر
هو، ۽ تنهن کان وڌيڪ هن نفسياتي موشگافيون به
ڪيون، جيڪي هو هوند نه ڪري ها، جيڪڏهن قيديءَ خلاف
هن جو تعصب ٿورو به ڄاڻيل واڻيل ۽ بغض وارو هجي
ها، پر ڪي اهڙيون ڳالهيون به آهن، جيڪي ههڙن مامرن
۾ حد کان چڙهيل بغض واري ۽ ڄاڻيل واڻيل نا
انصافيءَ واري رويئي کان وڌيڪ خراب، ويندي موتمار،
هونديون آهن. تڏهن پاڻ وڌيڪ ڳڙ ٻڙ ٿئي ٿي، جڏهن
اسان فنڪاريءَ واريءَ جبلت، ائين کڻي چئجي ته ڪو
رومانس سرجڻ جي خواهش هٿان گهلجي وڃون ٿا، خاص ڪري
تڏهن جڏهن خدا اسان کي نفسياتي ادارڪ سان نوازيو
هجي. جڏهن مان هيڏانهن اچي رهيو هوس، تڏهن
پيٽرسبرگ ۾ مون کي چتاءُ ڏنو ويو، ۽ پاڻ مون کي به
اندازو هو، ته هت مون کي هڪ اهڙو ٻهڳڻو مخالف
ملندو، جنهن جي نفسياتي ادارڪ ۽ لطافت کيس
قانوندان حلقن ۾ تازن ورهين اندر مخصوص قسم جي
مشهوري ڏياري آهي. نفسيات گهري برابر آهي، پر کائي
ٻئي پاسا ٿي .“ (خلق ۾ ٽهڪ)، ”توهان مون کي شخصي
مشابهت تي ضرور معاف ڪندا، مان خوش گفتاريءَ جي
هام نٿو هڻان. پر مان سرڪاري وڪيل جو ڪو به نڪتو
مثال طور کڻندس.“
”قيدي باغ منجهان ڀڄندو لوڙهو ٽپيو ۽ نوڪر اچي
جهليس ته کيس ٽامي جي مهري هڻي ڊاهي رکيائين. پوءِ
هو واپس باغ ۾ ٽپيو، ۽ پنج منٽ اهو ڏسڻ ۾ وڃايائين
ته نوڪر کي ماري رکيو هئائين يا نه، ۽ سرڪاري وڪيل
قيديءَ جي انهيءَ بيان تي وسهڻ کان انڪاري آهي ته
هو پوڙهي گريگوريءَ ڏانهن ترس وچان ڊوڙيو هو. ’نه‘
هو چوي ٿو، ’هو اهو ڏسڻ لاءِ ڊوڙيو هو ته سندس
ڏوهه جو اڪليو شاهد مري ويو هو يا جيئرو هو، ۽
ائين ڪري هن ڏيکاريو ته قتل جو جوابدار هوئي هو،
ڇو ته ڪنهن به ٻئي سبب جي ڪري ڊوڙندو نه موٽي ها.‘
اها آهي نفسيات: پر ساڳيو طريقو اختيار ڪندي ان کي
مامري جي ٻئي پاسي کان لاڳو ڪبو ته نتيجو ڪو گهٽ
وسهڻ جوڳو نه نڪرندو، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته
قيديءَ هيٺ ٽپو اڳواٽ احتياط جي ڪري ڏنو، اهو ڏسڻ
لاءِ ته شاهد جيئرو هو يا نه، جڏهن ته هو فوتي
پيءُ جي ڪمري ۾، جيئن سرڪاري وڪيل پاڻ دليل ڏي ٿو،
ڦاٽل لفافي جي شڪل ۾ پنهنجي خلاف هڪ اهم ساک ڇڏي
آيو هو. لفافي تي لکيل هو ته ان ۾ ٽي هزار روبل
آهن. ’جيڪڏهن هو اهو لفافو پاڻ سان کڻي وڃي ها ته
دنيا ۾ ڪنهن کي به ان بابت، ۽ ان ۾ پيل نوٽن بابت،
۽ اهو ته اها رقم قيديءَ چورائي آهي، پتو نه پوي
ها.‘ اهي سرڪاري وڪيل جا پنهنجا لفظ آهن. سو
اوهان هڪڙي پاسي احتياط ۾ سخت ڪوتاهي ڏسو ٿا، هڪ
اهڙو ماڻهو جنهن جا هوش خطا آهن ۽ ڊپ ۾ هڪ اهم سڳ
فرش تي ڇڏيو ڀڳو ٿو وڃي ۽ جنهن ٻه منٽ پوءِ هڪ ٻيو
ماڻهو به ماري ڇڏيو آهي، تنهن لاءِ اسان کي فرض
ڪرڻو آهي ته سخت ڪٺور ۽ چٻ چٿ ڪندڙ دور انديش هو.
پر اهو مڃجي به کڻي ته هو ائين آهي ته منهنجي خيال
۾ اها نفسياتي موشگافي آهي، جنهن موجب مان هڪڙيءَ
گهڙيءَ ۾ ڪاڪيشيا جي باز جهڙو رت پياڪ ۽ تکي نظر
وارو ته ٻي گهڙيءَ ۾ ڇڇوندر جهڙو ڪانئر ۽ انڌو ٿي
ٿو وڃان، پر جيڪڏهن مان ايترو ئي رت پياڪ، ڪٺور چٻ
چٿ ڪندڙ آهيان جو جڏهن ماڻهو ماري ٿو ڇڏيان، تڏهن
موٽي وڃي ڏسان ٿو ته هو منهنجي خلاف شاهدي ڏيڻ
لاءِ جيئرو ته ناهي، پوءِ مان پنهنجي شڪار جي خبر
لهڻ ۾ پنج منٽ وڃائي ٻين شاهدن کي نظر اچڻ جو جوکو
ڇو کڻان؟ ڇو پنهنجي رومال سان سندس نرڙ اُگهي اهو
رتهاڻو ڪريان ته جيئن پوءِ اهو منهنجي خلاف
ثابتيءَ طور پيش ٿئي؟ جيڪڏهن قيدي اهڙو ئي ڪٺور ۽
چٻ چٿ ڪندڙ هو ته پوءِ هن ڇو ڪو نه نوڪر کي ان
ٽامي جي مهريءَ جا ڌڪ هڻي هڻي اُڦٽ ماري ڇڏيو ۽ هن
جو پنهنجي خلاف شاهد بنجڻ جو اُلڪو ختم نه ڪيو.
”وري جڏهن هن موٽي وڃي ڏٺو ته ڪٿي شاهد جيئرو ته
نه هو، تڏهن پنهنجي خلاف هڪ ٻيو شاهد واٽ تي رهايو
ويو، يعني اها سڃاڻي ٽامي جي مهري، جيڪا هـُـن
زائفن کان ورتي هئي ۽ جيڪا اُهي پوءِ ساک ڏيئي ٿي
سگهيون ته هن ئي کانئن ورتي هئي، ۽ ائين به ناهي
ته مهري هن کان واٽ تي ڪري پئي هجي ۽ ٻيهر کڻڻ
وسري وئي هجيس، بلڪ هن اها زور سان اڇلائي هئي، ڇو
ته اها اُتان پندرهن وکون پري ملي هئي، جت گريگوري
ڪريل هو. هن ائين ڇو ڪيو؟ رڳو انهيءَ ڪري ته هن
کان ماڻهو، پوڙهو نوڪر مري پيو هو ۽ هن مهري
پاراتو ڏيندي پري اُڇلائي ڇڏي جو اها خوني هٿيار
هئي. ضرور ائين ئي هوندو نه ته وٽس اها ايتري پري
اُڇلائڻ جو ٻيو ڪهڙو سبب هو؟ ۽ جيڪڏهن هو ماڻهو
مارڻ تان ڏک ۽ ڪهل جوڳو هو ته پوءِ هو پيءُ کي
مارڻ جو ڏوهاري نه هو. جيڪڏهن هو پيءُ کي ماري ها
ته پوءِ هو ڪهل وچان ڊوڙي وڃي ٻئي شڪار جي خبر نه
لهي ها. تڏهن هن جي سوچ ٻي هجي ها، کيس پاڻ بچائڻ
جو اونو هجي ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته کيس ڪهل ٻهل
جو خيال ئي نه اچي ها. برخلاف ان جي، هو نوڪر جي
خبر لهڻ ۾ پنج منٽ وڃائڻ جي بدران هن جو مٿو ڦاڙي
ڇڏي ها. ڪهل ۽ پرائي اُون جي گنجائش هئي، انهيءَ
ڪري جو تنهن وقت تائين هن جو ضمير صاف هو. هت اسان
وٽ نفسيات مختلف آهي. جيوريءَ جا صاحبو، مون اهو
طريقو ڄاڻي واڻي اهو ڏيکارڻ لاءِ اختيار ڪيو آهي
ته اوهان ان سان ڪجهه به ثابت ڪري سگهو ٿا. سڄو
دارو مدار ان تي آهي ته اهو ڪير ٿو ڪم آڻي،
نفسيات، ٻيو ته ٺهيو، تمام ڳنڀير ماڻهن کي به
رومانس گهڙڻ تي هرکائيندي آهي، سو به بيخياليءَ ۾.
صاحبو، مان نفسيات جي غلط استعمال جي ڳالهه ڪري
رهيو آهيان.“
ڪورٽ ۾ پسنديدگيءَ ۽ سرڪاري وڪيل تي کلڻ جا آواز
وري ٻڌڻ ۾ آيا. مان تقرير جا تفصيل ڪو نه
ورجائيندس. پر ان جا ڪي ٽڪرا، ڪي اهم نڪتا نقل
ڪندس.
باب يارهون
ڪا رقم ڪانه هئي، ڦر ڪانه ٿي
فيتيوڪووچ جي تقرير ۾ هڪڙو نڪتو اهڙو هو جيڪو هر
ڪنهن هنڊايو. هن انهن موتمار ٽن هزار روبلن جي هجڻ
کان ٺپ انڪار ڪيو، ۽ ان ڪري انهن جي چوريءَ ٿيڻ جي
امڪان کان به انڪاري ٿيو.
”جيوريءَ جا صاحبو،“ هو شروع ٿيو. ”ڪوبه نئون
بي تعصب ماڻهو ڏسندو ته هن کي هڪ ڳالهه ڏاڍي عجيب
لڳندي، ۽ اُها آهي ڦر جو الزام ۽ اهو ثابت ڪرڻ
ناممڪن هجڻ ته ڪا شئي هئي جا چوري ٿي. اسان کي
ٻڌايو ويو آهي ته رقم چوري ٿي هئي، ٽئي هزار روبل،
پر اِهي روبل هئا به سهي سا ڪنهن کي ڄاڻ ڪانهي.
ٿورو سوچيو، اسان ان بابت ڪيئن ٻڌو ۽ ڪنهن کان ٻڌو
آهي؟ جنهن اڪيلي ماڻهوءَ اُهي ڏٺا ۽ چيائين ته اهي
لفافي ۾ وڌا ويا هئا، سو هو خاص نوڪر سمرڊياڪوف.
هن ان بابت آفت کان اڳ قيديءَ ۽ سندس ڀاءُ، ايون
ڪرامازوف، کي ٻڌايو هو. مادام سويتلوف کي به انهن
بابت ٻڌايو ويو هو. انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪڙي به
اهي نوٽ اکين سان ڪو نه ڏٺا هئا. ڪنهن به نه، رڳو
سميرڊياڪوف ڏٺا هئا.“
”اتي سوال اهو ٿو اٿي ته اهي سچ پچ هئا به سهي ۽
سميرڊياڪوف اهي ڏٺا هئا ته پوءِ هن آخري ڀيرو ڪڏهن
ڏٺا هئا؟ جيڪڏهن سندس مالڪ کيس ٻڌائڻ کانسواءِ اهي
نوٽ لفافي ّمان ڪڍي ورائي روڪڙ پيتيءَ ۾ وجهي ڇڏيا
هجن ته پوءِ؟ ڌيان رهي ته سميرڊياڪوف جي چوڻ موجب،
نوٽ گاديلي جي هيٺيان رکيا ويا هئا. قيديءَ ضرور
اهي ڇڪي ڪڍيا هوندا، پر ان هوندي به بستري تي ڪو
گهنج نه هو، اهو روبڪاريءَ ۾ چٽيءَ طرح لکيل آهي.
بستري تي سعيو ڪري نفيس ۽ بيداغ چادرون وڇايل
هيون. اهي قيديءَ جي رتهاڻن هٿن کان لوئجڻ کان
ڪيئن بچي ويون؟“
”پر مون کان پڇيو ويندو: فرش تي پيل ڦاٽل لفافي
بابت ڇا ٿا چئو؟ هائو، ان لفافي بابت هڪ ٻه لفظ
ڳالهائڻ ضروري آهي. مون کي ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي
واتان اهو ٻڌي ٿوري حيرت ٿي هئي ته اهو لفافو نه
هجي ها، اُتي فرش تي پيل، رهجي ويل نه هجي ها ته
ڪنهن کي به اُن جي هجڻ جو ۽ ان ۾ پيل نوٽن جو ۽ ان
ڪري انهن جي قيديءَ هٿان چوري ٿيڻ جو پتو نه پوي
ها. سو، سرڪاري وڪيل جي پنهنجي چوڻ موجب، پني جو
ڦاٽل ٽڪرو ئي اڪيلي ثابتي آهي، جنهن تي ڦر جو
الزام مدار رکي ٿو: ’نه ته ڪنهن کي به ڦر جي خبر
نه پوي ها ۽ نه ئي شايد رقم جي.‘ پر ڇا رڳو اها
حقيقت ته اهو پني جو ٽڪر فرش تي پيل ان ڳالهه جي
ثابتي آهي ته ان ۾ رقم هئي ۽ ته اها رقم چوري ٿي
وئي؟ ۽ پوءِ به اهو اعتراض اُٿاريو ويندو ته هن
اها رقم آخري ڀيرو ڪڏهن ڏٺي هئي؟ مون سميرڊياڪوف
سان ڳالهايو هو، ۽ هن مون کي ٻڌايو هو ته هن لفافي
۾ رقم آفت کان ٻه ڏينهن اڳ ڏٺي هئي. پوءِ ڇا اهو
سوچي نٿو سگهجي ته پوڙهي فيودور پاولووچ جنهن بند
ڪمري ۾ اڪيلو پنهنجي پرينءَ جو انتظار ٿي ڪيو،
تنهن وقت ڪاٽڻ لاءِ لفافو ڦاڙي کوليو هوندو ۽ نوٽ
ڪڍي ورتا هوندائين؟ ٿي سگهي ٿو ته هن پاڻ کان پڇيو
هجي، ’لفافي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ متان کيس اعتبار
نه اچي ته ان ۾ نوٽ آهن، پر جڏهن مان کيس انڊلٺ جي
رنگن وارن ٽيهن نوٽن جي ٿهي ڏيکاريندس تڏهن هوءَ
متاثر ٿيندي ۽ پڪ ئي پڪ هن جو وات پاڻي پاڻي
ڪندو.‘ سو هو لفافو ڦاڙي رقم ڪڍي ٿو وٺي ۽ لفافو
پٽ تي ڦٽو ٿو ڪري ڇڏي، هو پاڻ مالڪ آهي ۽ ڪا ثابتي
ڇڏڻ جو ڪو اُلڪو ڪونهيس.“
”ٻڌو، صاحبو، ان نظرئي ۽ اهڙي عمل کان وڌيڪ ڪائي
ڳالهه ممڪن آهي؟ ان جو سوال ڇو نٿو پئدا ٿئي پر جي
اهڙي ڪا ڳالهه هجي ته ڦر جو الزام ڦهڪو وڃي ڪندو،
جيڪڏهن رقم ڪانه هئي ته ان جي چوري به ڪانه ٿي
هئي. جيڪڏهن پـَـٽَ تي لفافي جو هئڻ ان ڳالهه جي
ثابتي سمجهي سگهجي ٿو ته ان ۾ رقم هئي، ته پوءِ
مان اهو ڇو نه سمجهان ته اهو فرش تي ان لاءِ پيل
هو جو مالڪ پاڻ ان منجهان رقم ڪڍي اهو اتي ڦٽي ڪري
ڇڏيو هو.“
”پر مون کان پڇيو ويندو، جيڪڏهن فيودور پاولووچ
لفافي مان رقم ڪڍي ورتي هئي ته اُها وئي ڪيڏانهن،
ڇو ته پوليس جڏهن گهر جي جهڙتي ورتي هئي، تڏهن
اُها اُتي ڪا نه ملي هئي؟ پهرين ته ان رقم مان
ڪجهه روڪڙ پيتيءَ مان ملي هئي، ۽ ٻيو ته ٿي سگهي
ٿو ته هن اُها تنهن صبح جو يا اڳئين سانجهيءَ جو
ٻاهر کڻي وڃي ڪنهن ٻئي ڪم آندي هجي، ڪنهن کي ڏني
هجي يا ڪاڏي موڪلي ڇڏي هجي، متان هن پنهنجو خيال ۽
جيڪي ڪرڻ جو رٿيو هئائين، اهو سڄي جو سڄو مٽائي
ڇڏيو هجي ۽ سميرڊياڪوف کي اڳواٽ ٻڌائڻ ضروري نه
سمجهيو هجي. ۽ جيڪڏهن ان سمجهاڻيءَ جي صحيح هجڻ جو
تر جيترو به امڪان آهي ته پوءِ قيديءَ تي ڪيئن
ايتري پختائيءَ سان ڦـُـر لاءِ خون جو ۽ سچ پچ ڦر
ڪرڻ جو ڏوهه رکي سگهجي ٿو؟ ائين ڪرڻ رومانس جي راڄ
۾ حد دخلي ٿيندو. جيڪڏهن اهو چيو ٿو وڃي ته ڪا
شيءَ چوري ٿي آهي ته اها شئي پيدا ڪئي وڃي، يا گهٽ
۾ گهٽ ان جو هجڻ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ثابت ڪيو
وڃي، ان هوندي به ڪنهن به اهي نوٽ ڪڏهن ڏٺا ئي ڪو
نه هئا.“
”ڪو گهڻو وقت ناهي گذريو ته پيٽرسبرگ ۾ هڪڙو
ارڙهن ورهين جو نوجوان، جيڪو گهوريئڙو هو، سو
ڏينهن ڏٺي جو ڪهاڙيءَ سان هڪڙي رقمون مٽائيندڙ جي
دڪان ۾ ويو ۽ دڪان جي سنڀاليندڙ کي، خاص نوجوانن
واري بيڊپائيءَ سان اُڦٽ ماري ڇڏيائين، ۽ پندرهن
سو روبل کڻي هليو ويو. پنج ڪلاڪ پوءِ پڪڙجي پيو، ۽
پندرهن روبلن کانسواءِ جيڪي هن خرچ ڪري ڇڏيا هئا،
باقي سموري رقم وٽانئس هٿ آئي هئي. جڏهن خون کان
پوءِ دڪان جو مالڪ موٽيو، تڏهن هن پوليس کي نه رڳو
چوري ٿيل رقم جو پورو پورو انگ ٻڌايو، پر اهو پڻ
ٻڌايائين ته ان ۾ ڪيترا نوٽ ۽ ڪيترا سونا سـِـڪا
هئا، ۽ اهي ساڳيا نوٽ ۽ سـِـڪا ڏوهيءَ وٽان هٿ آيا
هئا. ان تي خونيءَ سڄي سچي ڪئي هئي. جيوريءَ جا
صاحبو، اها آهي ثابتي! ائين ٿئي ٿو ته مان رقم
بابت ڄاڻان ٿو، اها ڏسان ٿو، ڇـُـهان ٿو، ۽ اُن جي
وجود کان انڪار نٿو ڪري سگهان. ڇا هن مامري ۾ به
ائين آهي؟ توڻي جو هت زندگيءَ ۽ موت جو سوال آهي.“
”ها، مون کي ٻڌايو ويندو، پر اُن رات هو پيالا
چاڙهي رهيو هو، ڏوڪڙ اُڏائي رهيو هو، هن وٽ پندرهن
سوَن روبلن جو هجڻ ڏيکاريو ويو هو - اها رقم ڪٿان
ملي هيس؟ پر اها ئي ڳالهه ته هن وٽ پندرهن سؤ هئا
۽ باقي پندرهن سوَن جو ڪو پتو ڪونهي، ڏيکاري ٿو ته
اها ساڳي رقم نه هئي، ۽ ڪڏهن به ڪنهن لفافي ۾ نه
رهي هئي. اوائلي پڇا ڳاڇا دوران وقت جو پورو پورو
ليکو ڪري ڏٺو ويو ته معلوم ٿيو ته هو انهن
نوڪرياڻين وٽان سڌو پرهوتن ڏانهن ڀڳو هو ۽ گهر يا
ٻيو ڪاڏي ڪو نه ويو هو. سو هو سمورو وقت ڪنهن نه
ڪنهن سان گڏ هو، تنهن ڪري ٽئي هزار اڌواڌ ڪري
پندرهن سؤ شهر ۾ ڪٿي لڪائي ڪو نه ٿئي سگهيو. اهائي
ڳالهه آهي، جنهن جي ڪري سرڪاري وڪيل اهو کڻي فرض
ڪيو آهي ته اهي پندرهن سئو موڪروءِ ڪنهن جهير،
چير اندر لڪايل آهن. صاحبو، اوڏولفو واري ڪوٽ جي
اونداهي بنديخاني ۾ ڇو ڪو نه؟ ۽ ڏسو جيڪڏهن اهو
مفروضو ڦهڪو ٿو ڪري ته ڦـُـر وارو سمورو الزام
هوائون ٿي وينديون، ڇو ته انهن پندرهن سوَن جو ڪو
وجود ئي ڪو نه هو. جيئن ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته
قيدي ٻيو ڪاڏي ڪو نه ويو هو ته پوءِ ڪهڙي ڪرشمي
اهي پندرهن سئو غائب ڪري ڇڏيا؟ ۽ اسان اهڙين
آکاڻين سان هڪ ماڻهوءَ جي حياتي برباد ڪرڻ تي
سنبريل آهيون!
”مون کي ٻڌايو ويندو ته هو ڪو نه ٻڌائي سگهيو هو
ته جيڪي پندرهن سو وٽس هئا، سي ڪٿان آندا هئائين،
۽ هر ڪنهن کي پتو هو ته اُن رات کان اڳ وٽس ڏوڪڙ
هو ئي ڪونه. ٻڌايو، اهو پتو ڪنهن کي هو؟ قيدي صاف
صاف ۽ بنا هٽڪ جي ٻڌايو آهي ته هن اها رقم ڪٿان
آندي هئي ۽، جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي اها وضاحت
قبول ڪرڻ کپي ته ان کان وڌيڪ وسهڻ جوڳو ۽ قيديءَ
جي سڀاءَ ۽ مزاج سان ٺهڪندڙ ٻيو ڪجهه ڪونهي.
سرڪاري وڪيل کي سندس پنهنجي رومانس مـَـنڊي ڇڏيو
آهي. هڪ ڪمزور ارادي وارو ماڻهو جنهن پنهنجي مڱ جا
اهڙي ذليل ڪندڙ نموني ۾ آڇيل ٽي هزار روبل ورتا
هجن سو، اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي، انهن مان اڌ ڪڍي
سبي ڪو نه ٿي سگهيو ۽ ائين ڪيو به هوندائين ته هر
ٻئي ڏينهن ٽوپا اُڊيڙي سئو سئو ڪڍندو ويو هوندو
تان جو هڪ مهيني ۾ سڀ کپائي ڇڏيا هوندائين. اوهان
کي ياد هوندو ته اهو جنهن لهجي ۾ چيو ويو هو، اهو
ترديد سهندڙ نه هو. پر جي ان جي صفا ابتڙ ٿيو هجي
ته پوءِ؟ اوهان رومانس اُڻي رهيا هجو، سو به بنهه
الڳ قسم جي ماڻهوءَ بابت ته پوءِ؟ ته پوءِ ان جو
مطلب اهو ٿيو ته اوهان ڪو ٻيو مختلف ماڻهو ايجاد
ڪري ويٺا آهيو.“
”شايد مون کي ٻڌايو ويندو ته وٽن انهيءَ ڳالهه جا
شاهد موجود آهن ته کيس مڱ کان مهينو اڳ جيڪي ٽي
هزار روبل مليا هئا، سي هن هڪڙي ڏينهن ۾ کائي
کپائي ڇڏيا هئا. سو هو اها ٻي يعني چورايل رقم ئي
اڌواڌ ڪري ٿي سگهيو. اهي شاهد ڪير آهن؟ سندن
شاهديءَ جو ملهه هن ڪورٽ ۾ اڳيئي ظاهر ٿي چڪو آهي.
تنهن کان سواءِ، ٻئي جي هٿ ۾ نوٽن جي ٿهي وڌيڪ وڏي
لڳندي آهي ۽ انهن شاهدن مان ڪنهن به اها رقم ڳڻي
ڪا نه هئي. هنن رڳو ڏسي اندازو لڳايو هو. ۽
سئڪسيموف نالي شاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته
قيديءَ جي هٿ ۾ ويهه هزار هئا. اوهان ڏٺو، جيوريءَ
جا صاحبو، نفسيات ٻٽي ڌار وارو هٿيار آهي. مان
هاڻي ٻي ڌار آزمائيندس ۽ ڏسجو ان مان ڇا ٿو پرگهٽ
ٿئي.
”آفت کان ٻه مهينا اڳ ڪيٽرينا ايوانونا قيديءَ کي
ٽي هزار روبل سونپيا هئا ته ٽپال رستي سندس ڀيڻ کي
ڏياري موڪلي. پر سوال آهي، ڇا اهو سچ آهي ته اهي
کيس ذليل ۽ خوار ڪندڙ نموني ۾ ڏنا ويا هئا، جيئن
هن ڪورٽ ۾ ساجهر چيو ويو؟ انهيءَ خاتون جيڪو
پهريون بيان ڏنو هو، سو مختلف هو، بلڪل مختلف. ٻئي
بيان ۾ اسان رڳو چڙ ۽ وير جون وايون ٻڌيون، گهڻي
وقت کان لڪايل ڌڪار جون وايون، ۽ اها حقيقت ته
سندس پهريون بيان ڪوڙو هو، اسان کي حق ڏي ٿي ته
اسان سندس ٻيو بيان به ڪوڙو سمجهون. سرڪاري وڪيل
انهيءَ پهرين بيان کي ڇـُـهيو ئي ڪو نه، بلڪ
(سندس پنهنجا لفظ) ڇـُـهڻ جي همت ئي ڪو نه ٿيس.
ائين ئي سهي. مان به ڪو نه ڇـُـهندس: پر ايترو
ضرور چوندس ته ڪائي اُتم ۽ اعليٰ اُصولن واري
هستي، جهڙي هيءَ جوان خاتون آهي، جيڪڏهن اهڙي
هستي، مان چوان ٿو، قيديءَ کي برباد ڪرڻ جي ظاهر
ظهور مقصد سان پاڻ کي هن ڪورٽ ۾ ڏنل پنهنجي پهرين
بيان جي ترديد ڪرڻ ڏي ٿي ته پوءِ اهو صاف ظاهر آهي
ته اها ترديد بي ريائيءَ ۽ ٿڌي دماغ سان نه ڪئي
وئي آهي. ڇا اسان کي ائين سمجهڻ جو حق ناهي ته هڪ
وير تي سندرو ٻڌي بيٺل عورت گهڻو وڌاءُ ڪري سگهي
ٿي؟ هن خاص ڪري قيديءَ کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ
رقم آڇڻ واري ڳالهه برابر وڌائي ڪئي هوندي. نه،
اها اهڙي نموني آڇي وئي هئي جو اها وٺڻ ممڪن هو،
خاص ڪري قيديءَ جهڙي سڄي ماڻهوءَ لاءِ جنهن کي
پيءُ وٽان اُهي ٽئي هزار ستت ملڻ جو آسرو هو، جيڪي
هن سمجهيو ٿي ته هو لهڻي. اها هن جي سوچ جي ڪوتاهي
هئي، پر سوچ جي اها غير ذميوار ڪوتاهي ئي هئي.
جنهن کيس اهو ويساهه ڏنو ته پڻس ڏوڪڙ ڏيندس، ته
کيس ڏوڪڙ ملندا، سو هو هميشه سونپيل رقم رواني ڪري
پنهنجو قرض لاهي سگهي ٿو.“
”پر سرڪاري وڪيل اهو مڃڻ کان انڪاري آهي ته قيدي
ساڳئي ڏينهن رقم اڌو اڌ ڪري هڪڙو اڌ ننڍڙي ڳوٿريءَ
۾ سبي ڇڏيو هو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته قيديءَ جو
سڀاءُ اهڙو نه هو، کيس اهڙو خيال نه پئي اچي
سگهيو. پر هن پاڻ ڪرامازوفن جي مجموعي سڀاءَ بابت
ڳالهايو. هن زور ڏيندي چيو ته ڪرامازوف هڪ ئي وقت
ٻه ڇيهه ڳڻي ڳوتي سگهي ٿو. ڪرامازوف سڀاءَ بس اهڙو
ئي ٻه پاسائون آهي. ٻن ڇيهن جي وچ ۾ گهٽ وڌ ٿيندڙ.
زوردار کل خوشيءَ ۾ مگن هوندي به اهو پاڻ کي ٻئي
پاسي جي چـُـرچ تي روڪي سگهي ٿو، ۽ ٻئي پاسي آهي
سندس عشق. اهو ٻيو عشق، جيڪو سندس دل ۾ ڀڙڪي اُٿيو
هو ۽ اِن عشق لاءِ کيس پئسا کپندا هئا، تنهن کان
گهڻا وڌيڪ جيڪي پنهنجي سنگتياڻيءَ سان پيئڻ کائڻ
لاءِ کپندا هيس. جيڪڏهن هوءَ کيس چوندي ’مان
تنهنجي آهيان، فيودور پاولووچ نه کپيم‘ ته پوءِ
پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ کپن. اهو پيئڻ کائڻ کان
وڌيڪ اهم هو. ڇا ڪرامازوف اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهي
ٿي سگهيو؟ اهوئي اُلڪو ته کيس نهوڙي رهيو هو. هن
جو اها رقم ڌار ڪري ڪنهن هنگامي ضرورت لاءِ لڪائڻ
۾ ڪهڙي اهڙي ناممڪن ڳالهه آهي؟“
”پر وقت وهامندو ويو، فيودور پاولووچ قيديءَ کي
آسري وارا ٽي هزار روبل نه ڏنا، ان جي ابتڙ هن ٻڌو
ته پڻس اها رقم ان وينگس کي ڌتارڻ جي ڪم آڻڻ چاهي
ٿو، جنهن سان سندس يعني قيديءَ جي پريت هئي.
’جيڪڏهن فيودور پاولووچ مون کي نه ڏنا،‘ هن سوچيو،
ته ’ڪيٽرينا ايوانونا مون کي چور سمجهندي.‘ ۽ پوءِ
کيس خيال سجهيو ته هو ڪيٽرينا ايوانونا وٽ ويندو ۽
کيس اهي پندرنهن سئو پيش ڪندو، جيڪي هن ڳچيءُ سان
ٻڌي ڇڏيا هئا. ۽ چوندو، ’مان بدمعاش برابر آهيان
پر چور ناهيان.‘ هت اوهان وٽ ٻٽو سبب آهي ته هو
ڳوٿريءَ جو ٽوپو اڊيڙي اُن ۾ پيل رقم سئو سئو ڪري
ڇو نه کپائيندو. اوهان قيديءَ کي خودداريءَ کان
محروم ڇو ٿا سمجهو؟ هائو، هو خوددار آهي، جو سندس
اهو مادو غلط جاءِ تي آهي ۽ اڪثر ڀل ڪري ٿو: تڏهن
به اهو بلڪل موجود آهي، ۽ بيحد زوردار آهي ۽ هن
اهو ثابت ڪيو آهي.“
”پر هاڻي سـُـٽ وڌيڪ منجهي وڃي ٿو. هن جي رقابت
واري پيڙا چوٽ تي پهچي وڃي ٿي، ۽ اهي ساڳيا ٻه
سوال هن جي تپيل دماغ کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ
آزارين ٿا: ’جي ڪيٽرينا ايوانونا کي موٽائي ٿو
ڏيان ته گروشينڪا سان هلي وڃڻ جا سببَ ڪٿان مهيا
ڪندس؟‘ هي جو هن ان مهيني دوران مستيون ڪيون،
پيالا چاڙهيا ۽ گتن ۾ ڌمچر ڪيا ته اهو شايد ان ڪري
هو ته هو وڏي وئل ۽ تاءَ ۾ هو، جيڪو سندس سهپ کان
ٻاهر هو. انهن ٻن سوالن ايترو ته سوڙهو ڪيس جو هو
آخرڪار سڀ آسرا لاهي ويٺو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي
آخري ڀيرو پيءُ ڏانهن موڪليو ته کيس ٻاڏائي ٽئي
هزاروٺي اچي، پر جواب جي انتظار کان سواءِ هن پاڻ
وڃي اندر ٺڪاءُ ڪيو، ۽ دنگ پيءُ کي شاهدن جي
موجودگيءَ ۾ مار ڏيڻ تي ڪيائين. ان کان پوءِ کيس
ڪنهن کان به ڏوڪڙن ملڻ جو آسرو نه رهيو، پڻس به
مار کان پوءِ ڪو نه ڏنا هيس.“
”ان ساڳي سانجهيءَ جو هن سيني تي، سيني جي مٿين
ڇيڙي تي، جتي ننڍڙي ڳوٿري هئي، ڌڪ هنيو ۽ پنهنجي
ڀاءُ اڳيان قسم کنيائين ته وٽس بدمعاش نه هجڻ جا
سببَ هئا، پر تڏهن به هو بدمعاش رهندو، ڇاڪاڻ جو
کيس اڳيئي ڄاڻ هئي ته هو اهي سببَ ڪم نه آڻيندو،
ته هن جو سڀاءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندو، ته وٽس
ائين ڪرڻ جو ست ئي نه هوندو. ڇو، آخر به ڇو سرڪاري
وڪيل اليگزي ڪرامازوف جي شاهديءَ کي، جيڪا ايتري
سچائيءَ ۽ خلوص سان پاڻيهي ئي قائل ڪندڙ انداز ۾
ڏني وئي، قبول نٿو ڪري؟ ۽ ڇو هو بجاءِ ايئن ڪرڻ
جي، اسان کي ڪنهن جهير چير ۾، اڊولفو جي اونداهي
بنديخاني ۾ لڪل رقم کي وسهڻ تي مجبور ٿو ڪري؟“
”ساڳئيءَ سانجهيءَ جو پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهائڻ
کان پوءِ هن اهو موتمار خط لکيو ۽ اهو خط قيديءَ
جي خلاف مکيه ۽ ڳري ۾ ڳري ثابتي آهي ته ڦـُـر هن
ڪئي هئي! ’مان هر ڪنهن کان پنندس، ۽ جي نه مليم ته
جيئن ئي ايون ويندو، تيئن ئي پيءُ کي ماري ڇڏيندس،
۽ گلابي پٽيءَ وارو لفافو گاديلي هيٺان ڪڍي
وٺندس.‘ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو خون ڪرڻ جو
مڪمل پروگرام هو. ان ڪري خوني هو ئي آهي. سرڪاري
وڪيل واڪو ٿو ڪري، ’جيئن هن لکيو، تيئن ئي ڪيو
ويو.“
”پر پهريون ته اهو هڪڙي پيتل ماڻهوءَ جو خط آهي،
۽ سخت چڙ جي حالت ۾ لکيو ويو هو، ٻيو ته لفافي جو
ذڪر سميرڊياڪوف کان وري ان بابت ٻڌي ٿو ڪري، نه ته
پاڻ اهو لفافو ڪونه ڏٺو اٿائين، ٽيون ته هـُـن اهو
برابر لکيو پر اوهان ڪيئن ثابت ڪندا ته هن ائين
ڪيو به هو؟ ڇا قيديءَ اهو لفافو وهاڻي جي هيٺيان
کنيو، ڇا هن کي رقم ملي، ڇا رقم سچ پچ هئي؟ ياد
ڪريو، ڇا قيدي رقم کڻڻ لاءِ ڀڳو آيو هو؟ هو چوري
ڪرڻ لاءِ نه پر اهو ڏسڻ آيو هو ته هوءَ، جنهن کيس
نهوڙي رکيو هو، اُتي هئي يا نه. هو ڪنهن پروگرام
تي عمل لاءِ، جيڪو لکيو هئائين، تنهن تي عمل لاءِ
نه ڀڳو آيو هو، جيڪي لکيو هئائين يعني اڳ رٿيل ڦر
جي لاءِ نه، پر رقابت وچان غضبناڪ ٿي ڀڳو آيو هو.
هائو! مون کي ٻڌايو ويندو، پر جڏهن هو اتي پهتو ۽
پيءُ کي ماري ڇڏيائين، تڏهن رقم تي پڻ قبضو ڪيائين
. پر ڇا هن سچ پچ خون ڪيو هو؟ ڦر جو الزام مان چڙي
رد ٿو ڪريان. ڪنهن ماڻهوءَ کي ڦر جو ڏوهه تڏهن نٿو
ڏيئي سگهجي، جڏهن اهو پڪ سان چوڻ ناممڪن هجي ته ڇا
چورايو ويو آهي. اهوئي قاعدو آهي. پر ڇا هن خون
بنا ڦر جي ڪيو؟ ڇا هن سچ پچ خون ڪيو؟ ڇا اهو ثابت
ٿي چڪو؟ ڪٿي اهو پڻ رومانس ته نه آهي؟
dc
باب ٻارهون
۽ خون پڻ ڪونه ٿيو هو
”جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي ياد ٿو ڏياريان ته
هڪ ماڻهوءَ جي حياتي داءَ تي لڳل آهي، ۽ اوهان تي
لازم آهي ته احتياط کان ڪم وٺو. اسان سرڪاري وڪيل
تکي پاڻ اهو مڃيندي ٻڌو ته اڄ کان پهرين تائين هو
قيديءَ تي اڳ- رٿيل خون جي ڏوهه رکڻ کان هٽڪيو ٿي،
هو تيستائين هٽڪندو رهيو، جيستائين هن اهو موتمار
نشي ۾ لکيل خط نه ڏٺو، جيڪو اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو
ويو. ’سڀ تيئن ڪيو ويو جيئن لکيل هو.‘ پر مان وري
به اهو ورجايان ٿو ته هو پنهنجي پرينءَ ڏانهن ڀڳو
هو، کيس ڳولڻ لاءِ، اهو ڏسڻ لاءِ ته هوءَ ڪٿي هئي.
اها حقيقت اهڙي آهي، جنهن کي تڪراري نه ٿو چئي
سگهجي. جيڪڏهن هوءَ گهر هجي ها ته هو ڀڳو نه وڃي
ها، پر سندس ڀر ۾ موجود رهي ها، ۽ اهو نه ڪري ها،
جيڪو خط ۾ لکيو هئائين. هو اُمالڪ ۽ اتفاق سان ڀڳو
آيو هو، ۽ تيستائين شايد پنهنجو نشي ۾ لکيل خط ياد
به نه رهيو هوس. هو چون ٿا ته هن مهري جهٽ هڻي
کنئي، ۽ اوهان کي ياد هوندو ته ان مهريءَ جي مٿان
نفسيات جو هيڏو سارو مانڊاڻ کڙو ڪيو ويو- ته هن
مهريءَ کي هٿيار ڪري ڏٺو ۽ جهڙپ هڻي کنيائين،
وغيره. اتي منهنجي ذهن ۾ هڪ عام خيال آيو آهي:
جيڪڏهن ان مهريءَ تي نظر نه پوي ها، تختي تي پيل
نه هجي ها جتان اها جهڙپي کنئي وئي، الماڙيءَ ۾
رکيل هجي ها ته پوءِ قيديءَ کي اها نظر نه اچي ها
۽ هو هٿيار کان سواءِ خالي هٿين ڀڳو هليو وڃي ها،
ته پوءِ هو پڪ ئي پڪ ڪنهن کي به ڪونه ماري ها. مان
مهريءَ کي اڳ - رٿڻ جي ثابتي ڪيئن سمجهان؟“
”ها، پر هن گـُـتن ۾ پنهنجي پيءُ کي مارڻ جي
ڳالهه ڪئي هئي، ۽ ٻه ڏينهن اڳ، تنهن سانجهيءَ جو
جڏهن هن اهو خط لکيو، تڏهن هو چپ هو ۽ رڳو هڪڙي
هٽئيءَ سان وڙهيو ڇو ته هڪ ڪرامازوف جهيڙي
کانسواءِ رهي نٿو سگهي، برابر! پر مون وٽ ان جو
جواب هيءُ آهي ته جيڪڏهن هو، پنهنجي خط موجب، خون
جي سٽ سٽي رهيو هو ته ڪنهن هٽئيءَ سان ڪو نه وڙهي
ها، ۽ گهڻو ڪري ڪنهن گتي ۾ ئي نه وڃي ها، ڇو ته
اهڙي سٽ سٽيندڙ ماڻهو ماٺ ۾ ۽ ڪنڊائتو رهڻ چاهيندو
آهي، پاڻ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪنهن کي نظر
اچڻ ۽ ٻڌجڻ کان بچڻ جي ڪندو آهي، ۽ اهو سڀ سوچي
سمجهي نه پر جبلت جي ڪندو آهي. جيوريءَ جا صاحبو،
نفسياتي طريقو ٻٽي ڌار وارو هٿيار آهي، ۽ اسان به
اهو ڪم آڻي سگهون ٿا. سارو مهينو گتن ۾ ڪيل واڪا
ئي وٺو. ڇا ٻار ۽ گتن مان ٻاهر ايندڙ پياڪ واڪا نه
ڪندا آهن: ’ماري وجهندو مان‘ پر هو ڪنهن کي به
ڪونه ماريندا آهن. ۽ اهو موتمار خط، ڇا اها پيتل
چڙ نه آهي؟ اهو پڻ رڳو جهيڙاڪ جي گتي جي ٻاهران
باهوڙ نه آهي ڇا؟ ’مان توهان کي ماري ڇڏيندس!
هڙنيءَ کي ماري ڇڏيندس!‘ ڇو اهو خط اهو نٿو ٿي
سگهي؟ اسان ان خط کي ’موتمار‘ ڇو چئون، واهيات ڇو
نه چئون؟ ڇاڪاڻ ته قيديءَ جي پيءُ جو خون ٿيو آهي،
ڇاڪاڻ ته هڪڙي شاهد قيديءَ کي باغ منجهان ڀڄندي
ڏٺو، جنهن ڌڪ هڻي ڪيرائي رکيس، انهيءَ ڪري اسان کي
ٻڌايو وڃي ٿو: سڀ ڪجهه ائين ئي ڪيو ويو، جيئن هن
لکيت ۾ رٿيو هو، سو خط ’واهيات‘ نه پر ’موتمار‘
آهي.“
”خدا جو شڪر آهي جو اسان هاڻ اصل ڳالهه تي پهتا
آهيون: ’جيئن ته هو باغ ۾ هو، ان ڪري لازمي طرح هن
ئي قتل ڪيو هوندو.’ انهن ٿورن لفظن ‘ جيئن ته هو،
ان ڪري لازمي طرح هن’ ۾ سرڪاري ڌر جو سڄو ڪيس
سمايل آهي. هو اتي هو. سو هن لازمي طرح ڪيو هوندو،
۽ سندس اتي هجڻ جي باوجود ان ۾ ’لازمي طرح‘ نه هجي
ها ته پوءِ؟ ها، مان مڃان ٿو ته شاهدين - اتفاقن -
جي زنجير مان سچ پچ ائين ٿو ڀاسي. پر انهن سڀني
حقيقتن کي، سندن هڪ ٻئي سان لاڳاپي کان رک ٽار
ڪندي، الڳ الڳ پرکي ڏسو. مثال طور، سرڪاري ڌر
قيديءَ جي انهيءَ بيان کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته
هو پيءُ جي دريءَ وٽان ڀڄي آيو هو. اها ٽوڪبازي
ياد ڪريو، جيڪا سرڪاري وڪيل قيديءَ تي اوچتو طاري
ٿيندڙ ’ادب‘ ۽ ’نيڪ‘ جذبن جي حوالي سان ڪئي. پر
جيڪڏهن اهڙو ڪو جذبو هو، جي پٽ جو پيءُ لاءِ ادب
نه ته مذهبي ڏيا ته پوءِ؟ ’امڙ ضرور ان وقت مون کي
دُعا ڪري رهي هوندي. ’اهي هئا قيديءَ جا شروعاتي
پڇاڳاڇا وقت چيل لفظ، ۽ جيئن ئي هن کي پڪ ٿي ته
مادام سويتلوف سندس پيءُ جي گهر ڪانهي، تيئن ئي هو
اُتان ڀڄي نڪتو. سرڪاري وڪيل جو اعتراض آهي، ’پر
هو دريءَ کان ڏسي پڪ نه ڪري سگهيو هوندو.‘ ڇو نه
ڪري سگهيو هوندو؟ ڇو؟ قيديءَ جي اشاري تي دري کليل
رکي وئي هئي. فيودور پاولووچ متان ڪو لفظ ڳالهايو
هجي، ڪو واڪو، ڪا دانهن ڪئي هجي، جنهن مان قيديءَ
سهي ڪيو هجي ته هوءَ اتي ڪانه هئي. ڇو اسان ڪائي
ڳالهه تصور ۾ آڻيون، جيئن ان کي تصور ۾ آڻڻ جو
فيصلو ڪريون، تيئن اها مڃون به کڻي؟ حقيقت ۾
هزارين ڳالهيون اهڙيون به ٿينديون آهن، جيڪي اونهي
۾ اونهي تصور ۾ به نه اينديون آهن.“
”ها، پر گريگوريءَ در کليل ڏٺو هو، سو قيدي يقيني
طرح اندر ويو هوندو، ان ڪري هن ئي کيس قتل ڪيو،
جيوريءَ جا صاحبو، هاڻي در کي ٿا وٺون. ڌيان رهي
ته ان در بابت اسان وٽ رڳو هڪڙي شاهد جو بيان آهي،
پر ان شاهد جي ان وقت اهڙي حالت هئي- پر کڻي ٿا
مڃون ته در کليل هو، کڻي ٿا مڃون ته قيديءَ ان جي
ترديد ڪري ڪوڙ ڳالهايو آهي، پاڻ کي بچائڻ جي جبلت
کان جو قيديءَ واريءَ صورت ۾ اهو بلڪل سڀاويڪ هو،
کڻي ٿا مڃون ته هو سچ پچ گهر اندر ويو هو- هون،
پوءِ ڇا؟ اهو نتيجو ڪيئن ٿو نڪري ته خون هن ڪيو؟
هو ڌوڪي پيو هجي، ڪمرا ڊوڙندو ڏسندو ويو هجي، پيءُ
کي ڌڪو ڏيئي پري ڪيو هجيائين، ۽ جيئن ئي پڪ ٿي
هجيس ته مادام سوتيلوف اُتي ڪانهي، اُتان ڊوڙندو
نڪري آيو هجي، انهيءَ ڳالهه تي خوش ٿيو هوندو ته
هوءَ اُتي ڪانه هئي، ۽ هن پيءُ کي ڪونه ماريو. ۽
شايد ان ڪري ته هو پيءُ کي مارڻ جي ڌُتار کان بچي
ويو، ان ڪري ته هن جو ضمير صاف هو ۽ هو کيس نه
مارڻ تان خوش هو. هو نج جذبن جي قابل هو، ڪهل ۽
ڪهڪاءَ جي جذبن جو، ۽ هو ويرم پوءِ گريگوريءَ کي
اُتاولي جوش وچان ڊاهي رکڻ کان پوءِ سندس واهر
لاءِ لوڙهو ٽپي ٿو.“
”سرڪاري وڪيل زبردست فصاحت ۽ بلاغت سان موڪروءِ
قيديءَ جي خوفناڪ ذهني حالت بيان ڪئي، جڏهن محبت
سندس سامهون موجود هئي ۽ کيس نئين حياتيءَ ڏانهن
سڏي رهي هئي، پر هن لاءِ محبت ناممڪن هئي، ڇو ته
پيءُ جو رتورت مڙهه پٺيان هيس ۽ مڙهه کان اڳتي هئي
ڪرڻي ڀرڻي، ۽ پوءِ به سرڪاري وڪيل هن لاءِ محبت
ماڻڻ جي گنجائش، پنهنجي حساب سان، قيديءَ جي نشي
واري حالت بابت، ڏوهاريءَ کي ڦاسيءَ گهاٽ ڏانهن
وٺي وڃڻ بابت، ان جي اڃا پري هجڻ وغيره بابت
ڳالهائڻ جاير رکيو. پر پوءِ به مان پڇان ٿو، وڪيل
صاحب، ڪٿي اوهان نئين شخصيت ته ايجاد نه ڪري ويٺا
آهيو؟ ڇا قيدي ايترو اڻگهڙيو ۽ اڻاسو آهي جو ان
وقت، جنهن وقت سندس هٿ پيءُ جي رت سان رڱيل هئا،
تنهن وقت هو سزا کان بچڻ جي طريقن ۽ محبت ماڻڻ
بابت سوچي رهيو هو؟ نه، نه، نه! جڏهن اهو چٽيءَ
طرح سامهون آيو ته هوءَ ساڻس پيار ٿي ڪري ۽ پنهنجي
پاسي ۾ ٿي سڏيس، تڏهن، مان زور ڏيئي چوان ٿو، تڏهن
سندس آپگهات ڪرڻ وارو پـُـو، ضرور ٻيڻو ٽيڻو ٿي
ويو هوندو. ۽ جيڪڏهن پيءُ کي سچ پچ ماريو هجيس ها
ته ضرور پاڻ ماري ڇڏي ها، نه نه، هن ڪونه وساريو
هوندو ته سندس پستول ڪٿي رکيل هو؟؟ مون کي قيديءَ
جي خبر آهي، سرڪاري وڪيل هن سان جيڪا ڇتي ۽
پٿرائين بيدلي منسوب ڪئي آهي، سا هن جي سڀاءَ سان
نٿي ٺهڪي. اها پڪي ڳالهه آهي ته هو پاڻ کي ماري
ڇڏي ها. هن پاڻ کي نه ماريو ڇو ته ’سندس ماءُ جي
دعائن کيس بچائي ورتو هو‘ ۽ هو پيءُ جي خون کان
بيڏوهي هو. هو پريشان هو، ان رات هو موڪروءِ رڳو
پوڙهي گريگوريءَ لاءِ ترسيل هو ۽ خدا کي ٻاڏائي
رهيو هو ته پوڙهو سنئين لڱين ٿئي، ته سندس ڌَڪُ
موتمار نه هجي، ۽ کيس ان تان ڀوڳڻو نه پوي. حقيقتن
جي اها سمجهاڻي ڇو نه قبول ڪئي وڃي؟ اسان وٽ ڪهڙو
ويساهه جوڳو ثبوت آهي ته قيدي ڪوڙ پيو ڳالهائي؟“
”پر اسان کي هڪ ڀيرو وري ٻڌايو ويندو، ’سندس پيءُ
جو مڙهه جو پيو آهي! جي هو کيس مارڻ کان سواءِ
نڪتو هليو ويو هو ته پڻس کي ڪنهن ماريو؟‘ مان
ورجايان ٿو، سرڪاري ڌر جي سڄي منطق اجها اها آهي.
جي هن نه، ته کيس ڪنهن ماريو هو؟ ڪو به ڪونهي،
جنهن کي سندس جاءِ تي رکجي.“
”جيوريءَ جا صاحبو، ڇا سچ پچ ائين ئي آهي؟ ڇا اهو
قطعي طرح ۽ واقعي صحيح آهي ته ٻيو ڪو به ڪونهي؟
اسان سرڪاري وڪيل کي اهي سڀ آڱرين تي ڳڻيندي ٻڌو
آهي، جيڪي ان رات گهر ۾ هئا. اهي پنج هئا. منجهائن
ٽي مان مڃان ٿو ته جوابدار نٿا ٿي سگهن. مقتول
پاڻ، پوڙهو گريگوري ۽ سندس زال. باقي بچيا قيدي ۽
سميرڊياڪوف، ۽ سرڪاري وڪيل ڊرامائي انداز ۾ واڪو
ڪري ٿو ته قيديءَ سميرڊياڪوف ڏانهن اشارو ڪيو ڇو
ته سندس نظر ۾ ٻيو ڪو ڪونه هو، ۽ جي ڪو ڇهون ماڻهو
هجي ها يا ان جو پرياءُ ئي هجي ها ته هو هڪدم
پشيمان ٿي سميرڊياڪوف کي ترڪ ڪري ها ۽ ان ڇهين
ماڻهوءَ تي ڏوهه رکي ها. پر، جيوريءَ جا صاحبو، ڇو
نه مان اُبتڙ نتيجو ڪڍان؟ ٻه ڄڻا قيدي ۽
سيمرڊياڪوف آهن. مان اهو ڇو نه چوان ته اوهان
منهنجي اصيل تي انهيءَ ڪري ڏوهه ٿا رکو جو اوهان
وٽ ٻيو ڪو ڏوهه رکڻ لاءِ ڪونهي؟ ۽ اوهان وٽ ڪو ٻيو
انهيءَ لاءِ ڪونهي جو اوهان سميرڊياڪوف کي هر شڪ
کان ٻاهر رکڻ جو پختو پهه ڪري چڪا آهيو.
”تحقيق اهو صحيح آهي ته سميرڊياڪوف تي ڏوهه رکڻ
وارا فقط قيدي، سندس ٻه ڀائر ۽ مادام سويتلوف آهن.
پر ٻيا به آهن، جيڪي مٿس ڏوهه رکن ٿا: سوال جا، شڪ
جا، مبهم اطلاع جا، امڪان جي احساس جا اُڏندڙ
افواهه آهن. آخر ۾، اسان وٽ حقيقتن جي ميلاپ جي
ڏاڍا ڏَسَ ڏيندڙ ساک آهن، جا، مان مڃان ٿو، ڪافي
نه آهي. اسان وٽ پهرين آهي ٺيڪ ان ڏينهن پوندڙ
دورو، جنهن جي سچائيءَ جو سرڪاري وڪيل ڪنهن سبب
کان، وڏي هشياريءَ سان بچاءُ ڪيو آهي. ان کان پوءِ
اچي ٿو سميرڊياڪوف جو، ڪيس هلڻ کان ترت اڳ اوچتو
آپگهات ڪري ڇڏيو. پوءِ آهي اوتري ئي ڇرڪائيندڙ
شاهدي، جيڪا قيديءَجي وڏي ڀاءُ، جنهن کي ننڍي ڀاءُ
جي بي گناهيءَ جي پڪ هئي، اڄ ڪورٽ ۾ ڏني ۽ نوٽن جي
ٿهي پيش ڪري سميرڊياڪوف کي ڏوهي ٺهرايو. هائو، مان
سرڪاري وڪيل ۽ ڪورٽ سڳوريءَ جي انهيءَ خيال سان
سهمت آهيان ته ايون ڪرامازوف کي ڪاپاري تپ آهي، ته
سندس چريائپ جي حالت ۾ ڏنل بيان هڪ مئل ماڻهوءَ تي
ڏوهه رکي پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جي چوٽ تي پهتل
نراسائي مان ڪيل ڪوشش به ٿي سگهي ٿو. پر وري
سميرڊياڪوف جو نالو ورتو وڃي ٿو ۽ اسرار جو ڏس ملي
ٿو. ڪائي ته ڳالهه آهي جا اپٽاري نه وئي آهي، جا
اڻپوري آهي، ۽ شايد اها ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن
اُپٽاري وڃي. پر هينئر اسان ان ۾ نٿا وڃون، ان کي
پوءِ ڏسبو.“
”ڪورٽ سڳوريءَ ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکڻ جو پهه ڪيو
آهي، پر انهيءَ وچ ۾ سرڪاري وڪيل سميرڊياڪوف جي
ڪردار جو جنهن صفائيءَ ۽ ڏات سان نقشو چٽيو آهي،
مان تنهن بابت ٻه چار ڳالهيون ڇو نه چئي وٺان. مان
هن جي ڏات کي واکاڻيان ٿو، پر ساڻس سهمت نٿو ٿي
سگهان. مان سميرڊياڪوف سان مليو آهيان، ساڻس
ڳالهائي ڏٺو اٿم، هن مون تي بنهه ٻيو اثر ڇڏيو. هو
صحت ۾ هيڻو، پر سڀاءَ ۾، حوصلي ۾، سرڪاري وڪيل جي
نقشي جي برخلاف، هيڻو نه هو. سرڪاري وڪيل جي خيال
۾ هو ڊڄڻو هو، پر مون هن ۾ انتهائي درجي جي
بدگماني ڏٺي، جا سادگيءَ جي تهه هيٺ لڪايل هئي، ۽
چڱو خاصو عقل وارو به هو. کيس ڪم عقل سمجهڻ سرڪاري
وڪيل جي سادائپ آهي. هن مون تي تمام واضح تاثر
ويهاريو: هن وٽان اٿڻ سان مون کي پڪ ٿي وئي ته هو
وڏو ڪيني وارو، بيحد هوَسي، وير وٺو ۽ سخت ساڙ
سڙيو آهي. مون هن بابت پڇائون ڪيون: هن کي پنهنجي
انس تي چڙ ۽ شرم ايندو هو، ۽ اهو سارڻ تي ڏند
ڪرٽيندو هو ته هو ان ڌپ ڪيل لزاويٽا جو پٽ هو. هو
نوڪر گريگوريءَ ۽ سندس زال، جن کيس ٻار وتڻ ۾
پاليو هو، تن سان گستاخي ڪندو هو، هو روس کي
پٽيندو ۽ ان تي ڇٿرون ڪندو هو، فرانس وڃڻ ۽ فرانسي
ٿيڻ جا سپنا ڏسندو هو، اڪثر دانهيندو هو ته وٽس
ائين ڪرڻ جا وسيلا ڪونهن. منهنجو خيال آهي ته هن
جو ڪنهن سان به پيار ڪو نه هو، سواءِ پاڻ جي، ۽
پاڻ کي ڪا وڏي شئي سمجهندو هو. هن ۾ سڌريلائيءَ
بابت ويچار سٺن ڪپڙن، اُجرين قميصن ۽ چمڪندڙ بوٽن
تائين محدود هو. پاڻ کي فيودور پاولووچ جو حرامي
پٽ (ان جي ثابتي موجود آهي) ڄاڻڻ جي ڪري هو پنهنجي
مالڪ جي حلالي پٽن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حيثيت تي ضرور
خار کائيندو هوندو. هنن وٽ سڀڪجهه هو، يا هن وٽ
ڪجهه به نه، هنن کي سڀ حق هئا، هو وارث هئا، جڏهن
ته هي ڇڙو بورچي هو. هن پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته هن
فيودور پاولووچ کي لفافي ۾ نوٽ وجهڻ ۾ هٿ ونڊايو
هو. اها رقم، جنهن مان سندس حياتي ٺهي وڃي ها، ان
جو ماڳ ضرور هن لاءِ ڌڪار جوڳو هوندو. ان کان
سواءِ، هن ٽن هزارن روبلن جا نوان انڊلٺ جي رنگن
وارا کڙاڪيدار نوٽ ڏٺا ها (مون کانئس ڄاڻي واڻي
اهو پڇيو هو). ڪنهن هوسي ۽ حاسد ماڻهوءَ کي هڪ ئي
وقت وڏي رقم ڏيکارڻ کان پاسو ڪريو. هن اڪيلي
ماڻهوءَ جي هٿن ۾ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي رقم ڏٺي
هئي. انڊلٺ جي رنگن وارن نوٽن ٿي سگهي ٿو ته هن جي
سوچ تي روڳي اثر وڌو هجي، پر ان جا ترت نتيجا ڪونه
نڪتا.
”ٻهگڻي سرڪاري وڪيل وڏي هوشياريءَ سان اسان جي
آڏو ان انومان جي فائدي ۽ مخالفت ۾ دليل پيش ڪيا
ته سميرڊياڪوف ڏوهي هو يا نه، ۽ اسان کان خاص طور
تي پڇيائين ته هن وٽ دوري جي مـِـنهن ڪرڻ جو ڪهڙو
سبب هو. پر ٿي سگهي ٿو ته هن مـِـنهن نه ڪيو هجي ۽
دورو سچ پچ پيو هجيس، ۽ سچ پچ ڇڏي ويو هجيس، شايد
پوريءَ طرح نه، پر هو سرت ۾ اچي ويو هجي، جيئن
مرگهيءَ جي مريض سان ٿيندو آهي.“
”سرڪاري وڪيل پڇي ٿو ته سميرڊياڪوف ڪهڙي گهڙيءَ
خون ڪيو هوندو. پر اها گهڙي وڏي سولائيءَ سان
سمجهي سگهجي ٿي. متان هو ان گهڙيءَ گهري ننڊ مان
جاڳيو هجي (ڇا لاءِ ته هو ستل هو، مرگهيءَ جي دوري
کان پوءِ هميشه گهري ننڊ کڄي ويندي آهي)، جنهن
گهڙيءَ پوڙهي گريگوريءَ وڏي واڪي دانهن ڪئي هئي:
’پيءُ گهات!‘ اوندهه ۽ سانت ۾ انهيءَ دانهن
سميرڊياڪوف کي جاڳائي ڇڏيو هوندو، يا ٿي سگهي ٿو
ته هو ڪلاڪ اڳ پنهنجو پاڻ جاڳي پيو هجي.“
”هو هنڌ تان لهي ذري گهٽ بيخياليءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن
خاص مقصد جي، دانهن جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڃي
ٿو. هن جو مٿو دوري پوڻ جي ڪري اڃا گهوماٽيل آهي،
۽ سندس حواس اڃا اڌ سـُـتل آهن! پر باغ ۾ پهچي هو
بتي ٻريل دريءَ ڏانهن ڏسي ٿو، جتي هو مالڪ کان،
جيڪو کيس ڏسي ضرور خوش ٿيو هوندو، ڏاڍي خراب خبر
ٻڌي ٿو. هن جو دماغ هڪدم ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. هو پنهنجي
مالڪ کان سمورو تفصيل ٻڌي ٿو، ۽ هري هري سندس
گهوماٽيل مغز ۾ هڪ خيال روپ وٺي ٿو. خيال خوفناڪ
آهي، پر ساڳي وقت هرکائيندڙ ۽ اهڙو دل سان لڳندڙ
آهي جو ان کان پاڻ جهل نه ٿيندي، پوڙهي کي ماري
ڇڏجي، ٽئي هزار روبل کڻجن، ۽ سڄو ڏوهه پٽهنس تي
رکجي. جيئن ئي کيس احساس ٿيو هوندو ته هو ڪو نه
ڦاسندو، تيئن ئي ڏوڪڙن جو، مال غنيمت جو موهه
ويڙهي ويو هوندس. هاءِ، اهي اوچتا ۽ جهلڻ کان زور
ريچڪ تڏهن اڪثر وٺ ڪندا آهن، جڏهن سڻائو وجهه
هوندو آهي، ۽ خاص ڪري انهن خونين کي، جن اڳي ڪڏهن
خون جو نه سوچيو هجي. سو سميرڊياڪوف متان اندر ويو
هجي ۽ پنهنجي خيال تي عمل ڪيو هجيس. ڪهڙي هٿيار
سان؟ ڇو، باغ مان کنيل سروٽي پٿر سان، پر ڇا لاءِ،
ڪهڙي مقصد سان؟ ڇو، ٽن هزارن روبلن لاءِ، جن سان
سندس حياتي ٺهي وڃڻي هئي. نه نه مان پاڻ کي رد نه
ڏيئي رهيو آهيان . رقم جو وجود هوندو ۽ شايد رڳو
سميرڊياڪوف کي پتو هو ته اها رقم ڪٿان لڀندي، سندس
مالڪ ڪٿي رکندو هو، ۽ رقم جو ڍڪ فرش تي پيل ڦاٽل
لفافو؟“
”سوير ڀرو جڏهن سرڪاري وڪيل پنهنجو اهو سيبتو
نظريو پيش ڪري رهيو هو ته ڪرامازوف جهڙو
ناتجربيڪار چور لفافو فرش تي پيل ڇڏي وڃي ها ۽
سميردياڪوف جهڙو ڪو همراهه پنهنجي خلاف ڪا ساک ڇڏڻ
کان پاسو ڪري ها، تڏهن مون کي ٻڌڻ سان خيال آيو ته
مان ڪائي اڳيئي ٻڌل ڳالهه ٻڌي رهيو آهيان، ۽ اوهان
اعتبار ڪندا ته مان ٻه ڏينهن اڳ سميرڊياڪوف جي
واتان ٻڌي چڪو هوس ته ڪرامازوف ڇا ڪري ها. اها
ڳالهه ٻڌڻ سان ئي کـُـپي وئي هئم. مون کي خيال آيو
هو ته هن ۾ هٿراڌو سادائپ هئي، ته کيس ان ڳالهه جي
ڏس ڏيڻ جي اتاولائي هئي ته جيئن مان ان کي شايد
پنهنجو خيال ڪري سمجهان. ائين کڻي چئجي ته هن اهو
خيال اٽڪل سان ٽنبيو هو. ڇا هن اهو ساڳيو خيال
اٽڪل سان پڇا ڳاڇا وقت ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي مغز ۾
ته نه ويهاري ڇڏيو ۽ سندس دل ۾ وڌو هو؟“
”مون کان پڇيو ويندو ته پوڙهي مائيءَ يعني،
گريگوريءَ جي زال بابت ڇا ٿو چوان؟ هوءَ سڄي رات
اگهي همراهه جو ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ ڀر وٽان ٻڌندي رهي
هئي. هائو هوءَ ٻڌندي رهي هئي، پر اها ساک ڀروسي
جوڳي بلڪل ناهي. مان هڪڙي ڪراڙيءَ کان واقف هوس،
جنهن دانهون ڪيون هيون ته اڱڻ واري ڪتي کيس سڄي
رات سمهڻ نه ڏنو هو. پوءِ خبر پئي ته ويچارو ڪتو
رات جو رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا ئي ڀونڪيو هو. پر ائين
ٿيندو آهي. ڪو ستو پيو هوندو ۽ ڪنجهه ٻڌندو ته
جاڳائڻ تي چڙندو. پر اوڏيءَ جو اوڏيءَ مهل وري
سمهي رهندو، ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ وري ڪنجهه ٻڌي، وري
اٿي پوندو ۽ وري سمهي رهندو، ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ وري
ساڳي ڳالهه، سڄي رات ۾ ڪل ٽي ڀيرا. صبح جو اهو ستل
همراهه جاڳڻ سان دانهن ڪندو ته ڪنهن کيس سڄي رات
ڪنجهي ڪنجهي سمهڻ نه ڏنو، ۽ کيس اوس ائين ئي
لڳندو. ننڊ ۾ ٻن ٻن ڪلاڪن جون وٿيون کيس ياد ئي
ناهن، کيس رڳو جاڳ جون گهڙيون ياد آهن، سو هو
سمجهي ٿو ته هو سڄي رات جاڳندو رهيو آهي.“
”سرڪاري وڪيل پڇي ٿو ته هن آخري خط ۾ باسيو ڇو
نه؟ ڇو هن جي ضمير کانئس هڪڙي وک کڻائي، ٻي نه؟ پر
معاف ڪجو، ضمير جو مطلب آهي پڇتاءُ، ۽ آپگهاتي رڳو
نراسائي محسوس ڪندو ۽ پڇتاءُ نه. نراسائي ۽ پڇتاءُ
ٻه بنهه الڳ الڳ شيون آهن. نراسائي وير وٺو ۽
پرچاءُ نه ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، ۽ آپگهاتيءَ کي پاڻ ۾
هٿ وجهندي انهن لاءِ ڌڪار ٻيڻو ٿيندو محسوس ٿيو
هوندو، جن کان هو ساري ڄمار سڙندو رهيو هو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، نا انصافيءَ کان خبردار رهجو!
مون هينئر جيڪو اوهان جي آڏو رکيو آهي، تنهن ۾ ڇا
آهي جيڪو ممڪن نه هجي؟ مون جيڪي دليل ڏنا آهن، تن
۾ ڪا غلطي آهي، ڪا اڻ ٿيڻي آهي، ڪا ڇسائي آهي ته
ڳولي ڪڍو. پر جيڪڏهن منهنجن انومانن ۾ ذرڙو به
انهن جي گهٽ يا وڌ ٿيڻ جوڳي هجڻ جو امڪان هجي ته
قيديءَ کي ڏوهي نه ٺهرائجو. ۽ رڳو ذرڙو ڇو؟ مان هر
سڳوري شئي جو قسم کڻي ٿو چوان ته خون جي جيڪا
سمجهاڻي مون پيش ڪئي آهي، مان ان ۾ پورو پورو
ويساهه رکان ٿو. مون کي جا ڳالهه اُلڪائي ۽ چڙ ٿي
ڏياري، سا هيءَ آهي ته سرڪاري ڌر قيديءَ جي خلاف
جن حقيقتن جو مانڊاڻ کڙو ڪيو آهي، تن ۾ ڪا هڪ به
اهڙي ڪانهي جيڪا يقيني هجي ۽ رد نه ٿي سگهي، ان
هوندي به انهن حقيقتن جو ڪٺ هن اڀاڳي انسان کي
برباد ڪري ڇڏيندو. هائو، مجموعي تاثر ڏاڍو ڀوائتو
آهي: رَتُ، سندس آڱرين مان ٽمندڙ رت، رت هاڻي
قميص، ڪاري رات ۾ ”پيءُ گهات!“ جو واڪو، ۽ پوڙهي
جو ڦاٽل مٿي سان ڦهڪو. ۽ پوءِ ٻولن، بيانن، تالن
پکالن، رڙين واڪن جو سٿ! ووءِ ووءِ! اهو ڪيڏو نه
اثر ٿو ڪري، ۽ اهو ذهن کي پنهنجي پاسي لاڙي سگهي
ٿو. ياد رکو، اوهان کي ٻڌ ڇوڙ جو قطعي اختيار ڏنو
ويو آهي، ۽ اختيار جيترو وڌيڪ هوندو آهي، جوابداري
به اوتري ئي ڳري ٿئي ٿي.“
”مون هينئر جيڪي چيو آهي، ان مان ذرو به واپس نٿو
وٺان، پر گهڙي پل لاءِ سمجهو کڻي ته مان سرڪاري ڌر
سان سهمت آهيان ته منهنجي اڀاڳي اصيل پنهنجا هٿ
پيءُ جي رت سان رڱيا آهن، مان ورجايان ٿو ته اهو
رڳو انومان ئي آهي، مون کي پنهنجي اصيل جي
بيگناهيءَ ۾ تر جيترو به شڪ ڪونهي، پر کڻي ٿو مڃان
ته منهنجو اصيل ”پيءُ گهات“ جو ڏوهاري آهي. ان
هوندي به جيڪي مان چوان سو ٻڌو. منهنجي دل ٿي چوي
ته اوهان آڏو ڪجهه وڌيڪ چوان ٿو ته مون کي لڳي ٿو
ته اوهان جي دلين ۽ دماغن جي وچ ۾ وڏو موجود
هوندو... مون کي اوهان جي دلين ۽ دماغن جي حوالي
ڏيڻ تان معاف ڪندا. پر، جيوريءَ جا صاحبو، مان
پڇاڙيءَ تائين دل جي حضور سان سچ ڳالهائڻ چاهيان
ٿو !“
ان تان تاڙين جي ڪيقدر زوردار ڦهڪي تقرير ۾ رخنو
وڌو. تحقيق، آخري لفظ ايتري ته دل جي حضور سان
اُچاريا ويا هئا جو هر ڪنهن کي لڳو ته هن کي ڪجهه
وڌيڪ چوڻو هوندو، ۽ جيڪي چوڻو هوندس، سو وڏي اهميت
وارو هوندو. پر صدر تاڙين جو ڦهڪو ٻڌندي ئي چتاءُ
ڏنو ته جيڪڏهن وري ائين ٿيو ته هو ڪورٽ خالي ڪرائي
ڇڏيندو. هر آواز بند ٿي ويو، ۽ فيتيوڪووچ پنهنجي
تقرير وري شروع ڪئي ته سندس آواز هيلتائين جنهن
لهجي ۾ ڳالهايو هئائين، تنهن کان بلڪل مختلف احساس
سان ڀريل هو.
dc |