سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو ٽيون

صفحو :11

 

 

حصو ٽيون

 

ڇوڪرا

 

باب پهريون

ڪوليا ڪراسوتڪين

هيءَ نومبر جي ابتدا هئي. سخت پارو ٿي ڄميو. ٿرماميٽر يارنهن ڊگرين تي وڃي پهتو هو،حالا نڪ برفباري ڪانه هئي، پر برفيلي زمين تي رات جي ٿوري خشڪ برفباري ٿي چڪي هئي، اسان جي شهر جي ويران گهٽين ۾ سخت هوا لڳي رهي هئي.خاص ڪري مارڪيٽ جي طرف. هيءُ هڪ اداس صبح هو، پر هاڻي برفباري بند ٿي چڪي هئي.

مارڪيٽ کان گهڻو پري نه، پلاٽنيڪوف جي دڪان جي ڀرسان، هڪڙي ننڍڙي جاءِ موجود آهي. نهايت صاف، اندران توڙي ٻاهران نهايت وڻندڙ! اهو گهر، خاتون ڪراسوتڪين جو آهي، جا اڳوڻي صوبائي سيڪريٽريءَ جي بيواهه آهي. جنهن کي مئي چوڏهن سال گذريا. سندس بيواهه ٻٽيهن ورهين جي، اڃا به دلڪش صورت واري، هن صاف ۽ ننڍڙي گهر ۾، خانگي زندگي گذاري رهي هئي. هوءَ عزت واري مـجرد حياتي بسر ڪري رهي هئي. هوءَ اڃا به آرام ۽ راحت سان گذاريندي ٿي رهي. پنهنجي مڙس جي موت جي وقت هوءَ ارڙنهن سالن جي هئي. سندس شادي کي هڪ سال گذريو هو، هن پنهنجي روح ۽ دل کي، اُن ٻار جي پرورش لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جو سندس قيمتي خزانو هو. سندس نالو ڪوليا هو. جيتوڻيڪ هوءَ ساڻس غير معمولي محبت ڪندي ٿي رهي، پر هنن چوڏهن سالن ۾ هن کي خوشيءَ کان وڌيڪ تڪليفن مان گذرڻو پيو هو. سندس ماءُ هرروز خوف کان ڏڪندي ۽ ڪنبندي ٿي رهي ته متان بيمار نه ٿي پوي. کيس ٿڌ نه لڳي. ڪا حرڪت نه ڪري ويهي. ڪنهن ڪرسي تي چڙهي، ڪري نه پوي. اهڙا خيال هئا، جي کيس ستائيندا ٿي رهيا. جڏهن ڪوليا، اسڪول وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس ماءُ، ساڻس گڏ اُهي مضمون پڙهڻ شروع ڪيا، جيئن هوءَ سندس سبقن ۾ کيس مدد ڪري سگهي. هن استادن سان به جلدي واقفيت پيدا ڪرڻ شروع ڪئي، سندن زالن سان به گهرائي پيدا ڪيائين. نه فقط ايترو، پر ڪوليا جي هم مڪتب ٻارن سان به ڄاڻ سڃاڻ رکيائين، جيئن هوُ کيس نه چيڙائين نه مٿس ٺٺوليون ڪن نه مارين. هوءَ ايترو ته وڌي وئي، جو ٻارن، ڇوڪري تي طعني بازي شروع ڪئي، ته هوُ ماءُ جو لاڏلو آهي. پر هيءُ ٻار پنهنجي راهه تي روان هو، آهستي آهستي پنهنجي بچاءُ جي فن کي حاصل ڪندو رهيو. هوُ پختي طبعيت وارو ۽ غير معمولي طاقتور هو. هن اڳتي هلي هي ثابت ڪري ڏيکاريو، ته هوُ چـُـست ۽ چالاڪ، مضبوط ارادي وارو ۽ بي باڪ ۽ منچلي طبعيت جو مالڪ آهي. هوُ پنهنجي سبقن ۾ ايترو ته قابل هو، جو ڪلاس ۾ هيءَ افواهي حقيقت گشت ڪندي ٿي رهي، ته هوُ پنهنجي استادن ڊارڊانيلوف کي حسابن ۽ عالمي تاريخ ۾ شڪست ڏئي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مٿس سڀ جي نظر ٿي پئي هوُ نخوت پسند نه هو، پر چڱو رفيق هو. هوُ پنهنجي هم مڪتب وارن کان عزت ته وٺندو هو، جنهن جو هو مستحق به هو، پر سڀني سان سندس تعلقات دوستاڻا هئا. سڀ کان مٿي کيس خبر هئي ته پنهنجي ارادي کي ڪهڙي ريت منزل مقصود تي پهچائي. مرڪن موقعن تي، پاڻ کي ڪهڙي حد ّ۾ رکڻ جو عادي هو،استادن جي تعلقات جي حالت ۾، هو ڪڏهن به پنهنجي حد کان اڳتي نه وڌيو هو ۽ ڪڏهن به شيطانيت کي پاڻ وٽ جاءِ نه ڏني هئائين، جيئن انتظام ۾ ناقابل بخشش ڪو رخنو پيدا نه ٿئي. پر هوُ هر موقعي تي حرڪت ۽ شرارت ڪرڻ جو ضرور عادي هو، جيتوڻيڪ اسڪول ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڇوڪرو پئي شمار ٿيو. خاص ڪري اهڙن موقعن تي، جڏهن خود نمائي ۽ پنهنجي برتري، سندس مقصد هوندو هو، تڏهن هو ننڍن ٻارن وانگر، شرارت کان نه مڙندو هو. هوُ پنهنجي خودداريءَ جو وڏو شوقين هو. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ کي به پنهنجي قبضي ۾ آڻي وڌو هئائين. اُن سان سندس هلت شوخي واري هئي. پر هوءَ گهڻي وقت کان سندس ضابطي ۾ اچي چڪي هئي. شايد اهڙي حالت ۾ ڪو خيال ڪري ته اها حالت برداشت کان ٻاهر آهي ۽ سندس ماءُ اهو سهي نه سگهي، ته ٻار کي ساڻس ڪا به محبت نه آهي. هوءَ هميشھ عجب کائيندي رهندي هئي، ته ڪوليا سندس معاملي ۾ ڪيڏو نه بي احساس آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ جنوني حالت ۾ لڙڪ وهائيندي رهندي هئي. هوءَ سندس سرد مهري جي باعث به ساڻس گرم جوشيءَ سان ملندي هئي. پر ٻارن کي ناپسند ڪندو هو. جيتري منجهس مهر ۽ محبت جي اُميد ٿي رکي وئي، هوُ سنگدليءَ ۽ سختيءَ ۾ وڌندو ٿي ويو. هن ڄاڻي واڻي هن سرد مهريءَ جو اظهار نه ٿي ڪيو، پر بنيادي طرح سندس طبعيت اهڙي هئي. سندس ماءُ کي به شڪ ۽ شبهو ٿي رهيو. جيتوڻيڪ هوءَ غلطي تي هئي. هو ماءُ کي بيحد پيار ڪندو هو. کيس فقط روز جهڙا بزدلاڻا خيال پسند نه هئا، جن کي هوُ اسڪول جي ٻاراڻي زبان ۾ ظاهر ڪندو ٿي رهيو.

وٽن ڪتابن جي هڪ الماڙي هئي، جنهن ۾ سندس پيءُ جا ٿورا ڪتاب موجود هئا. ڪوليا مطالعي جو ڏاڍو شوقين هو. هن انهن مان ڪيترائي پاڻ پڙهي ورتا هئا. سندس ماءُ کي ڪوبه اعتراض نه هو، پر هوءَ هيءُ ڏسي عجب ۾ ٿي پئي، ته ٻار ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيئن نه الماڙي جي ڀرسان، بيٺو آهي ۽ راند جي بجاءِ، ڪتابن جي مطالعي ۾ غرق آهي. اهڙي ريت ڪوليا، ڪي اهڙيون به ڳالهيون پڙهيون، جي سندس عمر لاءِ ناموزون هيون.

قاعدي موجب، ڇوڪري کي هيءَ خبر هوندي آهي، ته هو پنهنجي شرارت جي ليڪ کي ڪٿان ڇڪي، پر هن گهڻو اڳي شوخيءَ جا اُهي سڀ طريقا ڪم آڻڻ شروع ڪيا هئا، جن کي ڏسي، سندس ماءُ خوفزده ٿي وئي هئي. هيءَ به حقيقت آهي، ته هوُ جو ڪجهه به ڪري رهيو هو، اُن ۾ ڪا به بري ڳالهه ڪانه هئي. فقط وحشياڻي عاقبت انديشي هئي.

جولاءِ جي وئڪيشن ۾ هڪ عجيب اتفاق بڻيو. ماءُ پٽ پنهنجي ڏورانهن مائٽن سان ملڻ لاءِ ٻي ضلعي ۾ ويا، جو اُتان چاليهه پنجيتاليهه ميلن تي هو. کين هڪ هفتي لاءِ اُتي رهڻو هو. سندن ان مائٽياڻيءَ جو مڙس، ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو آفيسر هو. (هيءُ اُها ساڳي اسٽيشن آهي، جتان مهينو کن اڳي، ايون فيودورووچ ڪرامازوف ماسڪو ويو هو.) ڪوليا خبرداريءَ سان ريلوي جي هر ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءُ لاءِ ته جيئن پنهنجي گهر موٽي وڃي، ته پنهنجي هم ڪلاسين کي اهي خبرون ٻڌائي عجب ۾ وجهي. اتفاقاً اُتي ڪي ٻيا ڇوڪرا به ٿي رهيا جي جلد ئي سندس دوست بڻجي ويا. انهن مان ڪي اسٽيشن جي نزديڪ ٿي رهيا، ته ڪي ان جي پسگردائي ۾. اهي ڇهه يا ست هئا، جن جون عمريون ٻارنهن ۽ پندرنهن ورهين جي وچ ۾ هيون. انهن مان ٻه ته اسان جي شهر جا هئا. هيءُ سڀئي پاڻ ۾ گڏجي رانديون ڪرڻ لڳا. اسٽيشن تي ڪوليا جي اچڻ کان چار يا پنج ڏينهن پوءِ، هڪ بيوقوفيءَ واري شرط ٻارن پاڻ ۾ رکي. ڪوليا، جو هن ٽولي ۾ سڀ کان ننڍو هو ۽ ان ڪري ٻين جي نگاهن ۾ نه ٿي سمايو، ڪجهه خودداري جي باعث ۽ ڪجهه بيباڪي ۽ خودسريءَ جي باعث، ساڻن ٻن روبل جي شرط ٻڌي، ته رات جو يارهين بجي، جڏهن گاڏي اتان گذري ته هو لوهي ريلن جي وچ ۾، پٺيرا ٿي سمهن ۽ اهڙيءَ ريت گاڏي تيز رفتاريءَ سان مٿانئن گذري وڃي. حقيقت ۾ هن، اڳ ۾ هن حقيقت کي ڏسي ڇڏيو هو، ته ٻن لوهي ريلن جي وچ ۾ ڪو سنئون سڌو ٿي سمهي پوندو، ته گاڏي ان کي ڇهي ئي نه سگهندي. هاڻي کيس اهو ڏسڻو هو، ته اهڙو ڪهڙو ڇوڪرو آهي، جو هن خطرناڪ آزمائش کي پنهنجي سر تي ٿو کڻي. سڀني هن شرط کي مذاق سمجهيو. پر ڪوليا مضبوطيءَ سان چيو، ته هو اِيئن ڪري سگهندو. پهريائين ته هو مٿس کلڻ لڳا ۽ کيس ننڍڙو ڪوڙ ۽ لاف زن سڏڻ لڳا، پر هو هن طعني زنيءَ کان وڌيڪ پختو ٿي ويو، جنهن ڳالهه کيس وڌيڪ کجايو، سا هيءَ هئي، ته هنن پندرنهن سالن جي ٻارن حقارت کان مٿس نڪ کي ٿي موڙيو ۽ چيڙايو. هنن غرور کان کيس ننڍڙو ٻار ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي صحبت جي لائق نه ٿي ڄاتو. هيءَ هڪ نه سهڻ جهڙي بي عزتي هئي.

هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو، ته شام جو اسٽيشن کان اڌ ميل پري وڃي ترسجي، جتان گاڏي، اسٽيشن کي ڇڏي ڪافي تيز رفتاريءَ سان گذرندي. ٻار سڀئي گڏ ٿي ويا. هي سخت اونداهي رات هئي. چنڊ جو ڪوبه نالو ۽ نشان نه هو. مقرر وقت تي ڪوليا، لوهي بند جي وچ ۾ سمهي پيو. پنج ڇوڪرا، جن ساڻس شرط رکي هئي، مٽيءَ جي بند جي هيٺان ٻوٽن جي جهنڊ ۾ وڃي ويٺا. سندس دليون خوف کان لرزي رهيون هيون، جن ۾ خوف ۽ رحم جهلڪا ڏئي رهيا هئا. آخر هنن پري کان گاڏي جي گڙگڙاهٽ کي ٻڌو، جنهن هاڻي اسٽيشن کي ڇڏيو هو. اونداهيءَ ۾ ٻه ڳاڙهيون روشنيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ بلا جيئن ويجهو ٿي پئي، تيئن سندس شور وڌيڪ ٿيندو ٿي ويو.

 ”بند کان ٻاهر ڀڄي وڃ. ڊوڙ. ڊوڙ ۽ ڇوڪرن ٻوٽن جي جهنڊ مان، ڪوليا کي رڙيون ڪري چيو. هوُ خوف کان بي دم ٿي چڪا هئا. پر هاڻي هيءُ سڀ دير سان هو. گاڏي تيزيءَ سان آئي ۽ اڏري وئي، ڇوڪرا ڪوليا ڏي ڊوڙيا. هو بنا ڪنهن چرپر جي سمهيو پيو هو، هو کيس ڇڪڻ ۽ ڌوڏڻ لڳا. هوُ اوچتو اُٿي پيو ۽ بنا ڳالهائڻ جي هلڻ لڳو. هن کين ٻڌايو ته هو اهڙي ريت سمهي پيو هو، جو ڄڻ ته کيس هوش ئي نه آهي. در حقيقت هوُ کين ڊيڄاري رهيو هو. پر حقيقت هيءَ هئي ته هوُ سچ پچ خوف کان بيهوش ٿي ويو هو. گهڻو پوءِ، هن ماءُ سان اُن جو اقرار به ڪيو هو. اهڙي ريت سندس شهرت، هڪ بيباڪ ڪردار جي حيثيت ۾ هميشھ لاءِ قائم ٿي وئي. هوُ اسٽيشن کان گهر اهڙيءَ ريت موٽيو، جو سفيد ڪاغذ کان وڌيڪ سندس رنگ اڇو ٿي ويو هو. ٻي ڏينهن مٿانئس هلڪي بخار جو حملو ٿيو. پر ان هوندي به هو اُن کان بيپرواهه هو ۽ پاڻ کان بيحد خوش هو. هيءُ واقعو هڪدم ته مشهور نه ٿيو، پر جڏهن هوُ پنهنجي شهر ۾ موٽي آيو، ته هي واقعو اسڪول ۾ اچي ويو ۽ ماسترن تائين به وڃي پهتو. ڪوليا جي ماءُ جلدي ۾ ماسترن تائين وڃي پهتي. آخر ۾ ڊارڊانيلوف جو عزت ۽ اثر وارو استاد هو، هن معاملي کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو. سندس فائدي ۾ ڪم ڪيو ۽ معاملو رفع دفع ٿي ويو.

ڊارڊانيلوف ڪرڙوڍ ۽ ڪنوارو هو، جنهن جي بيگم ڪراسوتڪين سان غير معمولي محبت هئي، جنهن کي سال گذري چڪا هئا. ايتري قدر جو هڪ ڀيري، جنهن کي سال کن گذريو هو، هن خوف کان ڏڪندي، پنهنجي جذبات جي فراواني کان، نهايت عزت سان کيس ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، پر هن کيس صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس خيال هو، ته سندس استدعا کي قبول ڪرڻ، پنهنجي پٽ سان ڄڻ ته دغا ڪرڻ جي برابر ٿيندو. جيتوڻيڪ ڊارڊانيلوف ڪن مخفي ڳالهين مان سمجهي ويو هو، ته غمگين ۽ عصمت مآب بيواهه، ساڻس شادي ڪرڻ ۾ سچ پچ ناراض نه آهي. ڪوليا جي هن چريائيءَ واري شرارت، هن مشڪل کي آسان ڪري ڇڏيو ۽ ڊارڊانيلوف جي خدمتن جي باعث، سندس آرزوئن  جي پوري ٿيڻ ۾ اميد پيدا ٿي. جيتوڻيڪ هن اميدواريءَ ۾ ڪا پختگي نه ٿي ڏني. پر ڊارڊانيلوف ايترو ته پاڪائيءَ جو مجسمو هو، جو ڪجهه وقت لاءِ اهو ڪافي هو، ته اُن کان خوش بڻجي وڃي. کيس ڇوڪري سان بيحد پيار هو. پر اُن هوندي به هن محسوس ٿي ڪيو، ته هوُ ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي به سگهندو يا نه. ڪلاس ۾ هوُ ساڻس نهايت سخت ۽ تندپيش ايندو هو. ڪوليا پڻ کيس عزت سان، ڪجهه دور فاصلي تي رکندو هو. هوُ پنهنجي سبق کي چڱيءَ ريت سکندو هو. هوُ پنهنجي ڪلاس ۾ ٻئي نمبر تي هو ۽ ڊارڊانيلوف سان مخصوص هو. سڄي ڪلاس کي هي پختگيءَ سان يقين هو، ته ڪوليا عوامي تاريخ جي مضمون ۾ ايترو هوشيار آهي، جو ڊارڊانيلوف کي به ماري سگهي ٿو. ڪوليا سچ پچ، هن کان اهڙا سوال پڇندو به هو، ته  ”ٽراءِ کي ڪنهن آباد ڪيو هو؟“  جنهن جو جواب ڊارڊانيلوف کيس بي سمجهي جهڙو ڏيندو هو. هوُ قومن جي لڏ پلاڻ جي قصي کي ڇيڙيندو هو ۽ عهد قديم جي ڳالهين ۽ حسن جي تاريخ جي داستانن ۾ وڃي پوندو هو. پر اهو سوال ته ٽراءِ ڪنهن آباد ڪيو هو؟ پنهنجي جاءِ تي جواب کان سواءِ رهجي ويندو هو. ايتري قدر جو ڪوليا جي سوال کي مهمل ۽ بي معنيٰ سمجهيو ويندو هو. هي حالات ڏسي ڇوڪرن کي يقين ٿي ويو هو، ته ڊارڊانيلوف اهو به نه ٿو ڄاڻي ته ٽراءِ کي پهريائين ڪنهن آباد ڪيو هو. هوڏانهن ڪوليا کي هي خبر اسماراگنوف جي ڪتاب مان پئي هئي، جو ڪتاب، سندس پيءُ جي ڪتابن مان هو. آخر سڀئي ٻارهن سوال ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا، ته ٽراءِ کي پهريائين ڪنهن آباد ڪيو هو؟ پر ڪراسوتڪين هن راز کي ظاهر ڪرڻ نه ٿي گهريو ۽ سندس علم جي شهرت پنهنجي جاءِ تي قائم رهجي وئي.

ريل گاڏي جي واقعي کان پوءِ ڪوليا جي طبعيت ۾ ماءُ جي لاءِ عجيب تبديلي پيدا ٿي وئي هئي. جڏهن اينا فيڊرووينا بيگم ڪراسوتڪين، پٽ جي بيهودي روش کي ٻڌو، ته هوءَ خوف کان پاڳل ٿيڻ جي قريب وڃي پهتي. مٿس جنون جا خطرناڪ حملا ٿيڻ لڳا. جي ڪيترا ڏينهن لاڳيتا هلندا ٿي رهيا. آخر ڪوليا، ماءُ جي بيماريءَ کان سخت هراس ۾ اچي ويو. هن پاڻ سان انجام ڪيو، ته هوُ وري اهڙيون شرارتون نه ڪندو. هن ماءُ جي حاضريءَ ۾، حضرت عيسيٰ عليـھ السلام جي تصوير جي سامهون ۽ پيءُ جي يادگيري ۾ ٿي قسم کنيو. بي پرواهه ڪوليا اهڙي ريت هنجون هارڻ لڳو، ڄڻ ته ڇهن ورهين جو ننڍڙو ٻار آهي. اُهو سڄو ڏينهن هيءُ ۽ سندس ماءُ، هڪٻئي سان ڀاڪر ۾ چنبڙي روئندا رهيا. ٻي ڏينهن ڪوليا، دستور موجب بي احساس ٿي اُٿيو، پر هو اڳي کان وڌيڪ خاموش، وڌيڪ فڪر وارو بڻجي پيو.

هيءَ حقيقت آهي، ته ڇهه هفتا پوءِ، هوُ اهڙي حادثي ۾ اچي ويو، جنهن جي ڪري سندس نالو اسان جي منصف تائين پهچي ويو، هيءُ حادثو بلڪل ٻي نوع جو هو، جنهن مان سندس بيوقوفيءَ ۽ کل جهڙي شرارت، اڳئين کان به وڌيڪ ٿي نظر آئي. هن اُن ۾ ڪو به وڏو حصو نه ورتو هو، پر ٻين جي تقليد ڪئي هئائين. سندس ماءُ اڃا به رُني ۽ لرزي ٿي. هو اڃا به وڌيڪ بي چين ٿي ڏٺي، جنهنڪري ڊارڊانيلوف جون اميدون وڌيڪ سرسبز ٿينديون ٿي نظر آيون. هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته ڪوليا سمجهي ويو هو، ته ڊارڊانيلوف جي دل ۾ ڪهڙيون اميدون آهن. اُن ڪري هوُ کانئس متنفر هو. ايتري قدر جو ماءُ جي حاضريءَ ۾ به هوُ هن نفرت جو اظهار ڪندو ٿي رهيو. هوُ اشارن ۽ رمزن ۾ ظاهر ڪندو ٿي رهيو، ته ڊارڊانيلوف جي من ۾ ڇا وهي واپري ٿو؟ پر ريل گاڏي واري واقعي کان پوءِ، سندس روش ۽ استاد جي عزت ۾ گهڻي تبديلي اچي وئي هئي. هن هنن رمزن ۽ اشارن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ ماءُ جي اڳيان ڊارڊانيلوف جي لاءِ وڏي عزت سان سندس بيحد شڪرگذاري پئي ظاهر ٿي. پر جڏهن ڪنهن به ملاقاتي جي سامهون، ڪوليا جي حاضري ۽ ڊارڊانيلوف جو ذڪر ٿي آيو، ته هوءَ گلاب جي گل وانگر ڳاڙهي بڻجي ٿي وئي. اُن وقت ڪوليا بي چينيءَ کان يا ته دريءَ کان ٻاهر نهاريندو هو يا بوٽن کي ڏسندو هو، يا غصي مان پنهنجي ڪتي پريزيوان کي سڏيندو هيو. پريزيوان قد ۾ نهايت وڏو هو ۽ سندس جسم تي بي انداز پشم هئي ۽ ڏسڻ جو نهايت بد هو. ڪوليا هڪ مهينو اڳ ۾، ان کي پنهنجي گهر ۾ کڻي آيو هو ۽ معلوم ٿي نه سگهيو هو، ته هن ڪهڙي سبب کان اُن کي گهر ۾ پنهنجي دوستن کان لڪائي رکيو هو. هو ان حيوان کي آزاريندو ٿي رهيو ۽ اُن سان گڏ تربيت به ڏيندو ٿي رهيو. کيس طرحين طرحين رانديون سيکاريندو ٿي رهيو. اُن ڪري هي غريب ڪتو، جڏهن هوُ اسڪول جي سبب گهر کان غير حاضر هوندو هو، ته زور سان ڀؤنڪندو هو. جڏهن هو، گهر موٽي ايندو هو، ته خوشيءَ کان ٽپا ڏيڻ شروع ڪندو هو. هوُ زمين تي اهڙيءَ ريت ليٽي پوندو هو، ڄڻ ته هو مري ويو آهي ۽ ٻيون به عجيب حرڪتون ڪندو هو. حقيقت ۾ هوُ اهي سڀئي بازيون ڪري ڏيکاريندو هو، جي کيس سيکاريون ويون هيون. هيءُ هنر هو ڪنهن حڪم يا اشاري تي نه ڪندو هو، پر پنهنجي حق شناسيءَ جي جوش جي انتها کان مجبور ٿي ڪندو هو.

هتي مون کان هيءَ حقيقت ٻڌائڻ وسري وئي هئي، ته ڪوليا ڪراسوتڪين اهو ڇوڪرو هو، جنهن کي، هڪ ڇوڪري چاقو هنيو هو. هن ڪتاب جي پڙهندڙن کي ياد هوندو، ته ڪپتان اسنگيريوف جي پٽ اسلوشيا، پنهنجي پيءُ جي بچاءَ ۾، جنهن بابت هو کيس چيڙائي رهيا هئا، کيس گهرو زخم رسايو هو.

 

dc

 

باب ٻيو

ٻـــارَ

سو اُن ڪوهيڙي واري، برفاني ۽ طوفاني نومبر جي ڏينهن تي، ڪوليا ڪراسو تڪين گهر ۾ ويٺو هو. اُهو آچر جو ڏينهن هو ۽ اسڪول بند هو. اُن وقت يارنهن لڳا هئا ۽ کيس خاص طرح ضروري ڪم سان ٻاهر وڃڻو هو، پر کيس گهر جي سنڀال لاءِ روڪيو ويو هو. اتفاقاً گهر جا سڀئي وڏا ڀاتي هڪ اوچتي ۽ اڪيلي معاملي جي سبب ٻاهر هليا ويا. خاتون ڪراسوتڪين گهر جي ٻن ڪمرن کي، جي هڪ گهٽيءَ جي ڪري گهر کان جدا هئا، هڪ ڊاڪٽر جي زال کي، جنهن کي ٻه ٻار هئا، مسواڙ تي ڏنا هئا. اُها خاتون، اينا فيودوروينا جي همعمر هئي ۽ سندس دوست هئي. سندس مڙس ڊاڪٽر، ٻارنهن مهينن کان ٻاهر موڪلائي ويو هو، هوُ پهريائين اورينبرگ ويو هو ۽ پوءِ تاشقند. ڇهن مهينن کان هن خاتون کي سندس ڪابه خبر نه ملي هئي. جيڪڏهن سندس بيگم ڪراسوتڪين سان دوستي نه هجي ها، جا هن بدقسمت عورت جي لاءِ تسلي جو سبب هئي، ته هوند ڳوڙها ڳاڙيندي مري وڃي ها. هاڻي سندس بدقسمتيءَ ۾ هڪ وڌيڪ اضافو ٿيو هو. سندس ملازمه ڪيٽرينا هڪ ڏينهن اڳ شام جو ظاهر ڪيو هو، ته هوءَ صبح کان اڳ دنيا ۾ ٻار پيدا ڪرڻ واري آهي. سندس مالڪياڻيءَ کي هي ٻڌي بيحد عجب لڳو هو. هيءَ ڄڻ ته سڀ جي لاءِ پـُـراسرار ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي به اڳ اهڙيءَ حالت جي خبر نه هئي. عجب ۾ پيل ڊاڪٽر جي زال فيصلو ڪيو، ته ڪيٽرينا کي اتان ڪنهن ٻي جاءِ تي پهچائي. اڃا به وقت هو، ته هوءَ کيس اُن دائيءَ وٽ وٺي وڃي، جنهن شهر ۾ اهڙن نازڪ موقعن جي لاءِ بندوبست ڪري رکيو هو. جيئن ته ڪيٽرينا سان سندس بيحد محبت هئي، هن، انهيءَ رٿ تي عمل ڪيو ۽ اُن جي خدمت لاءِ اُتي رهي پئي. صبح جو بيگم ڪراسوتڪين، جي اندر ۾ اُن جي لاءِ محبت جو جوش پيدا ٿيو ۽ هن چاهيو، ته اُن جي مدد ڪري ۽ هن حالت ۾ ڪنهن کي عرض ڪري ته هوُ سندس پـُـرگهور لهي.

انهيءَ ڪري هي ٻئي عورتون گهر کان غير حاضر هيون. ڪراسوتڪين جي خادمه آئيافا، بازار وئي هئي ۽ ڪوليا کي ٿوري وقت لاءِ ڇڏيو ويو هو، ته ٻارن جي نگهباني ڪري: يعني ڊاڪٽر جي ڌيءَ پٽ، جي گهر ۾ اڪيلا هئا. ڪوليا کي گهر جي سنڀال ڪندي، ڪو به خوف ڪونه پئي ٿيو. اُن کان سواءِ وٽس پريوان به هو، جنهن کي حڪم ڏنو ويو هو، ته هوُ سنئون سڌو ٿي ليٽي پوي، بينچ جي هيٺان ڪنهن به چرپر کان سواءِ پيو رهي. ڪوليا هر وقت، ڪمرن ۾ هيڏي هوڏي آيو ۽ ويو ٿي ۽ وري هال ۾ آيو ٿي، ڪتو پنهنجي مٿي کي لوڏي رهيو هو ۽ پڇ سان زمين تي ٺڪاءَ ڪري رهيو هو، پر افسوس جو ڪوليا جي سيٽي کان کيس ڇوٽڪارو نه ٿي مليو. ڪوليا اُن بدقسمت کي شوخيءَ سان نهاري رهيو هو، جو وري فرمانبرداريءَ جي سخت ڦندي ۾ هو. هڪ ڳالهه، جا ڪوليا کي تڪليف ڏيئي رهي هئي، سا هئي انهن ٻارن جي نظرداري. هوُ ڪيٽرينا جي هن اوچتي ڪارنامي کي نفرت سان نهاري رهيو هو، پر هن هنن ٻارن کي حد کان وڌيڪ محبت ٿي ڪئي. هن کين اڳ ۾ ئي هڪ تصويرن وارو ڪتاب ڏئي ڇڏيو هو. ناستيا جا عمر ۾ وڏي هئي ۽ اٺن ورهين جي هئي. پڙهي سگهي ٿي. ڇوڪرو ڪوسٽيا، جنهن جي عمر ست ورهيه هئي، ڀيڻ جي پڙهڻ کي نهايت شوق سان ٻڌڻ جو عادي هو. ڪراسوتڪين سندن وندرائڻ لاءِ، اڃا به وڌيڪ ڳالهيون مهيا ٿي ڪيون. هن کين هڪٻئي سان ملائي ٿي بيهاريو ۽ ساڻن فوجي رانديون ڪري رهيو هو يا کين لڪ ڇپ جي راند ٿي ڪرايائين. هوُ اڳ ۾ به کين اهڙي ريت وندرائيندو رهندو هو ۽ کيس ٻارن سان راند ڪرڻ ۾ ڪوبه عار نه هوندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري اسڪول ۾ مشهور ٿيو هو، ته ڪراسوتڪين، گهر ۾ ننڍن ٻارن سان گهوڙي راند ڪندو هو ۽ شرط جي گهوڙن وانگر پنهنجي مٿي کي هڪ طرف رکي ڊوڙندو ٿي رهيو. پر هوُ نفرت سان هن مذاق واري حملي کي رد ڪندو هو. چوندو هو، ته گهوڙي راند پنهنجي هم سن تيرنهن سالن جي ٻارن سان کيڏڻ شرم جي ڳالهه آهي، سو به هن عمر ۾. پر هوُ ٻارن جي تفريح لاءِ اِيئن ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته هوُ کين پيار ڪندو هو. انهيءَ ڪري ڪنهن کي به حق نه هو، ته سندس جذبات جي باعث، ڪو مٿس حرف گيري ڪري. اهي ٻئي ٻار به کيس پيار ڪندا هئا.

پر هن موقعي تي سندس طبعيت راند جي طرف مائل نه هئي، کيس پنهنجو ضروري ڪم درپيش هو، جو نهايت پراسرار هو. وقت گذري رهيو هو، آگافيا اڃا بازار کان نه موٽي، جنهن جي سنڀال ۾ هوند، هوُ ٻارن کي ڇڏي وڃي ها. هوُ ڪيئي ڀيرا گهٽيءَ کان گذري، مسواڙيءَ جي ڪوٺي جو دروازو کولي اندر ويندو هو ۽ ڏاڍي شوق مان ٻارن کي ڏسندو هو، جي ڪنهن ڪتاب جي مٿان ويٺا هوندا هئا، جو هوُ کين ڏئي ايندو هو. جڏهن جڏهن هوُ دروازو کولي وٽن ويندو هو، ته کيس ڏسي بيحد خوش ٿيندا هئا ۽ سمجهندا هئا، ته هوُ اندر اچي، انهن جي خوشي ۽ وندر جو سامان پيدا ڪندو. پر هن ڀيري ڪوليا، ايترو ته منجهيل هو، جو دروازو کولي، اُنهن ڏي نه ويو.

آخر يارنهن وڳا ۽ هن پختو ارادو ڪيو، ته جيڪڏهن آگافيا ڏهن منٽن جي اندر موٽي نه آئي، ته هوُ، اُن جي لاءِ وڌيڪ ترسڻ کان سواءِ، ٻاهر هليو ويندو. هن خيال ڪيو، ته هوُ ٻارن کان واعدو وٺندو، ته هوُ سندس غير حاضري ۾ بهادر ۽ باهمٿ ٿي رهندا. نه شرارت ڪندا، نه وري خوف کان دانهون ڪندا. اِيئن خيال ڪندي، هن سياري جي وڏي ڪوٽ کي کنيو، جنهن جي ڪالر تي ٻليءَ جي کل لڳل هئي. هن اُن کي پاتو ۽ شال کي ڪلهن جي چوڌاري ويڙهيائين. ماءُ جي بار بار هن تاڪيد کان، ته اهڙي سردي ۾ هو پيرن ۾ جورابن کي ضرور پائي، ڪناره ڪشي ڪندي، اُنهن کي ڏسندو هال کان گذريو ۽ فقط بوٽ ئي پاتائين. پريزيوان کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ سنبريل ڏسي، فرش تي زور زور سان پنهنجو پـڇ هڻڻ لڳو. سندس سڄو بدن لرزش ۾ اچي ويو هو ۽ ڀؤنڪڻ لڳو. پر ڪوليا، پنهنجي ڪتي جي جوشيلي بي صبري کي ڏسي، ارادو ڪيو، ته هن سندس انتظام ۾ جيئن ته رخنو وڌو آهي، ان ڪري کيس ڪجهه وڌيڪ وقت بينچ جي هيٺان رهڻ گهرجي. هن گهٽيءَ جو دروازو کوليندي، کيس فقط سيٽي جو آواز ڏنو. ڪتو ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ وحشي جانورن وانگر سندس سامهون جهڪي، ليٽ پيٽ ٿيڻ لڳو.

ڪوليا دروازي کي کولي، ٻارن ڏي جهاتي پائي ڏٺو، هو دستور موجب ميز جي سامهون ويٺا هئا، هنن ان وقت پڙهيو ته ڪونه ٿي، پر ڪنهن بحث ۾ سرگرم ٿي ڏٺا. اڪثر هي ٻار انساني زندگيءَ جي حادثن ۽ مسئلن تي بحث ڪندا رهندا هئا. ناستيا جيئن ته عمر ۾ وڏي هئي، ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي هئي. جيڪڏهن ڪوستيا ساڻس متفق نه ٿيندو هو،  ته هو هميشھ ڪوليا ڪراسوتڪين کي ٽياڪڙ مقرر ڪندا هئا ۽ سندس فيصلو ٻئي حرف آخر سمجهندا هئا. هن ڀيري ٻارن جو بحث ڪراسوتڪين جي لاءِ بيحد دلچسپ هو. هو گهٽيءَ ۾ ان جي ٻڌڻ لاءِ، خاموش بيهي رهيو. ٻارن ڏٺو، ته هو کين ڌيان ڏيئي ٻڌي رهيو آهي، ان ڪري سندن جهڳڙو اڳي کان به تيز ٿي ويو.

ناستيا چوڻ لڳي، ته ”مان هن ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪنديس، ته پوڙهيون عورتون، رڌڻي واري باغ ۾ ٻارن کي ڪڏهن به گرميءَ سبب لهي نه اينديون آهن. هاڻي ته سيارو آهي ۽ گرمي ته آهي ئي ڪونه. ان ڪري پوڙهي عورت ڪيٽرينا کي نئون ٻار ڪٿان آڻي ڏيندي؟“

ڪوليا سيٽي ڏيڻ لڳو.

 ”يا ته اِيئن آهي، ته اهي ٻار ڪٿان کڻي ايندا آهن، پر اهي انهن عورتن جي لاءِ هوندا آهن، جي شادي ٿيل هونديون آهن.“

ڪوستيا عجب مان ناستيا کي ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لڳو ۽ گهري ويچار ۾ پئجي ويو هو.

آخر هن چيو ته ”ناستيا تون ڪيڏو نه بيوقوف آهين.“ هيءُ جملو هن نهايت پختگيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان چيو. ”ڪيٽرينا کي ٻار ڪيئن ٿيندو، جڏهن ته هوءَ پرڻيل ئي نه آهي؟“

ناستيا غصي ۾ ڀرجي وئي.  ”مان سمجهان ٿي ته کيس مڙس آهي، پر هو قيدخاني ۾ آهي. ان ڪري ئي کيس هاڻي ٻار ٿيڻ وارو هوندو.“  هن اطمينان سان چيو.

 ”ڇا! اهو سچ آهي، ته ڪيٽرينا جو مڙس جيل ۾ آهي؟“  ڪوستيا نهايت سنجيدگيءَ سان، کانئس اهو معلوم ڪرڻ گهريو.

ناستيا پنهنجي پهرئين حقيقت کي فراموش ڪندي، تحڪماڻي آواز ۾ چيو، ته کيس مڙس ڪونه آهي، تون هن ۾ برابر آهين. پر هوءَ چاهي ٿي، ته شادي ڪري. ان ڪري هوءَ ان تي خيال ڪندي رهي ٿي. اهڙي ريت خيال ڪندي ڪندي، ان کي حاصل ڪيو اٿس، پر اهو سندس مڙس نه آهي پر ٻار آهي.“

 ”پر سچ پچ اِيئن هوندو.“  ڪوستيا پوري ريت غالب ٿيندي قبول ڪيو.“  پر  ”تو، اڳ ۾ ته اِيئن چيو ئي نه هو. تون ڪيئن ٿي ڄاڻين ته مان ان کي سمجهان؟“

ڪوليا، اندر قدم رکندي، کين چيو ته ”ٻارو هيڏي اچو. مان ڏسان ٿو، ته اوهان خطرناڪ ماڻهو آهيو.“

ڪوستيا مشڪندي کانئس پڇيو، ته ڇا پريزيوان به ساڻس آهي؟ اِيئن چئي هن پوءِ ڪتي کي آواز ڏنو ۽ آڱرين سان اشارا ڪرڻ لڳو.

 ”ٻارو مان نهايت مشڪل ۾ آهيان.“  ڪراسوتڪين نهايت ڳنڀير ٿي کين چيو. ”اوهان کي منهنجي مدد ڪرڻ کپي. آگافيا جي شايد ڪٿي ٽنگ ڀڄي پئي آهي. انهيءَ ڪري هوءَ پوئتي موٽي نه سگهي آهي. مون کي ان جو يقين آهي. مان ٻاهر ويندس. ڇا اوهان مون کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندا؟“

ٻار هڪٻئي کي انتظار مان نهارڻ لڳا. سندن مشڪندڙ چهرن ۾ بي آرامي اچي وئي. پر اڃا تائين، هنن ان حقيقت کي نه سمجهيو هو، جيتري قدر سمجهڻ جي اميد ٿي رکيائون.

 ”جڏهن مان وڃان، ته اوهان ڪابه شرارت نه ڪجو. اوهان الماڙي تي چڙهي، پنهنجون ٽنگون نه ڀڃجو. اڪيلائي ۾ نه ڊڄجو نه دانهون ڪجو؟“

ٻارن جي چهرن مان گهري مايوسي ظاهر ٿيڻ لڳي.

 ”مان اوهان کي هڪ شيءِ انعام طور ڏيکارڻ گهران ٿو. اها ننڍڙي ٽامي جي هڪ توب آهي. ان ۾ جيڪڏهن بارود وڌو وڃي، ته اها باقاعده ڇٽي پوندي.“

انهيءَ گهڙي ٻارن جون اکيون خوشيءَ کان چمڪي اٿيون.  ”اسان کي اها توب ڏيکار.“  ڪوستيا، سڄو ئي خوشيءَ سان ڀرجي ويو.

ڪراسوتڪين پنهنجو هٿ کيسي ۾ وڌو ۽ هڪ ڌات جي ننڍڙي توب ڪڍي، ميز تي رکيائين.

 ”توهان هن جي لاءِ هرڪا ڳالهه پڇي سگهو ٿا. هن جي ڦيٿن کي ڏسو. ”هن رانديڪي کي ميز تي گهمايو. هن مان ٺڪاءُ به نڪري سگهندو. جيڪڏهن هن کي بارود سان ڀريو وڃي، ته اها ڇٽي به پوندي.“

 ”ڇا! اها ڪنهن کي ماري به سگهي ٿي؟“

 ”بيشڪ! اها ڪنهن کي ماري به سگهي ٿي، پر شرط اهو آهي ته نشان چڱيءَ ريت ورتو وڃي.“

ان کان پوءِ ڪراسوتڪين کين سمجهائڻ شروع ڪيو، ته ڪٿي بارود وڌو وڃي ۽ ڪهڙي جاءِ تي لبلبي کي زور ڏنو وڃي؟ کين ان ۾ هڪ ننڍڙو سوراخ ڏيکاريائين، ته جڏهن لبلبي جو ڌڪ لڳندو، ته ان مان بارود ڌماڪو ڪري نڪري ايندو.

ٻار کيس پوري ڌيان سان ٻڌي رهيا هئا، سندن تصور ۾ اها ڳالهه وڌيڪ کپي وئي هئي، ته اها توب ڌڪ به هڻي سگهي ٿي.

 ”ڇا توکي بارود به آهي،“  ناستيا کانئس معلوم ڪرڻ گهريو.

 ”هائو.“

 ”اسان کي بارود به ڏيکار.“  ناستيا مشڪندي کيس عرض ڪرڻ جي انداز ۾ چيو. ڪراسوتڪين وري کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ ننڍڙي شيشي کوليائين، جنهن ۾ ٿورو سچو پچو بارود پيل هو. ٿورو انداز گندرف جو به ڪڍيائين. جو ڪاغذ جي پـُـڙيءَ ۾ هو. ڪجهه بارود کڻي تريءَ تي رکيائين ۽ چوڻ لڳو ته:

 ”ماڻهوءَ کي هميشھ خبردار ٿيڻ گهرجي، ته هن شيءِ جي ڀرسان باهه نه هجي. نه ته هيءُ ڦاٽي پوندي ۽ اسان سڀني کي ماري وجهندي.“  ڪراسوتڪين کين جذباتي طرح خطري کان آگاهي ڏني.

ٻارن نهايت خوف مان ان بارود کي ڏٺو. هنن ان جي ڏسڻ مان فقط پاڻ کي وندرائڻ گهريو. پر ڪوستيا چاهيو ٿي ته ان کي ڇٽندو به ڏسي.

 ”ڇٽڻ وقت، هن کي باهه لڳي ويندي؟“  هن معلوم ڪرڻ گهريو.

 ”نه، اِيئن نه ٿيندو.“

هن جستجو ڪرڻ واري آواز ۾ کيس چيو، ته ”مون کي اهو ڇوڙي ڏيکار؟“

 ”مان اوهان کي ڇوڙي ڏيکاريان ٿو. هن کي وٺ پر منهنجي موٽي اچڻ تائين پنهنجي ماءُ کي نه ڏيکارجو. هوءَ هن کي سچو پچو بارود سمجهي، يا ته خوف کان مري ويندي، يا اوهان کي خوب سيکت ڏيندي.“

 ”ماءُ اسان کي ڪڏهن به لڪڻ نه هڻندي.“  ناستيا هڪدم کيس جواب ڏنو.

 ”مان ڄاڻان ٿو. مان هيءُ پنهنجي جملي کي پوري ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هن موقعي کان سواءِ اوهان وري ڪڏهن به پنهنجي ماءُ سان ٺڳي نه ڪجو. منهنجي موٽڻ تائين چپ رهجو. سو ٻارڙو، هاڻي مان ٻاهر وڃان؟ مان جڏهن وڃان ته نه اوهان ڊڄجو نه دانهون ڪجو.“

 ”اسان دانهون ڪنداسين.“  ڪوستيا مشڪندي چيو. سندس اکيون اڳ ۾ ڳوڙهن سان ڀريل هيون.

 ”اسان رئنداسون، توکي يقين هئڻ کپي، ته اسان رئنداسون. ناستيا بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي تڪڙ مان چيو.

 ”اڙي ٻارو! اڙي ٻارو! اوهان جي هيءَ عمر ڪيڏي نه خطرناڪ آهي. ڪوبه ڪم ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه آهي، ته اوهان وٽ رهان. وقت گذرندو وڃي ٿو، اُف! خبر نه آهي ته ڪيترو وقت ترسڻو پوندو.“

ڪوستيا کيس ليلائي چيو، ته پريزيوان کي حڪم ڏي ته مردو بڻجي وڃي؟

انهيءَ کان سواءِ چارو نه آهي. اسان کي پريزيوان سان واسطو قائم ڪرڻ گهرجي. مان پريزيوان سان. ڪوليا ڪتي کي حڪم ڏيڻ لڳو، ته هن پنهنجون بازيون شروع ڪري ڏنيون.

هو کهرن وارن وارو ڪتو هو، سندس قد ۽ جسم پورو پنو هو. سندس وارن جو رنگ، لـِـلي جي گل جي رنگ جهڙو ڀورو هو ۽ سڄي اک کان انڌو هو. سندس کٻو ڪن چيريل هو. هو ڀؤنڪيو به ٿي ۽ ٽپا به ٿي ڏنائين. هو پنهنجي پوين ٽنگن تي بيٺو به ٿي ۽ گهميو به ٿي. هو ٽنگون هوا ۾ مٿي ڪري زمين تي ليٽي به ٿي پيو. هو ليٽڻ وقت ايڏو ته خاموش ۽ سخت بڻجي ٿي ويو، جو ڄڻ ته مري ويو آهي. جيئن ئي سندس پويون کيل هلي رهيو هو، دروازو کليو ۽ آگافيا بيگم ڪراسوتڪين جي خادمه، چاليهن ورهين جي مضبوط ڪرڙوڍ عورت، جنهن جي منهن تي ڪيئي ماتا جا داغ هئا، ظاهر ٿي. هوءَ بازار کان موٽي هئي ۽ سندس کٻي هٿ ۾ سودي سان ڀريل ڇٻي هئي. هوءَ خاموش بيهي رهي ۽ ڪتي کي ڏسندي رهي. جيتوڻيڪ ڪوليا سندس موٽڻ لاءِ بيحد منتظر هو، پر هن پنهنجي تماشي ۾ ڪابه ڪثر نه وڌي. مقرر وقت لاءِ کيس مردي جي صورت ۾ رکڻ کان پوءِ، آخر هن سيٽي ڏني. ڪتو ٽپو ڏئي اٿيو ۽ خوشيءَ کان پڇ لوڏيندو رهيو، ڄڻ ته هن پنهنجي فرض کي پوريءَ ريت سرانجام ڏنو هو.

 ”اهو خيال ڪر ته هيءَ ڪتو آهي!“  آگافيا پـُـر معنيٰ لفظن ۾ کيس ڇينڀيو.

 ”عورت تو دير ڇو ڪئي آهي؟“  ڪراسوتڪين سختيءَ مان کيس چيو.

 ”هائو ڇوڪرا! تنهنجو هن سان ڪهڙو واسطو آهي، جي مان دير به ڪئي آهي. جيڪڏهن مان دير سان آئي آهيان، ته مون کي ان جي لاءِ ڪو سـُـهائيندو سبب هوندو.“  آگافيا ڀڻڪندي کيس چيو. هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي وئي. سندس آواز ۾ نه ڪاوڙ هئي، نه ناراضپي جو اظهار. هوءَ بلڪل خوش ٿي ڏٺي. درحقيقت هو پنهنجي خوشنود ننڍڙي آقا سان مذاق ڪري رهي هئي.

 ”ڌيان ڏئي ٻڌ، مهمل ۽ پوڙهي عورت!“  ڪراسوتڪين صوفي تان اٿندي، ڳالهائڻ شروع ڪيو.  ”دنيا جي اندر، تون سڀني پاڪ شين جو قسم کڻي چوندينءَ، ته تون منهنجي غير حاضريءَ ۾، هنن ٻارن جي چڱيءَ ريت خبرداري ڪندينءَ؟ مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان.“

 ”پر مان قسم ڇا جي لاءِ کڻان؟“ آگافيا کلڻ لڳي. ”مان قسم کان سواءِ به هنن جي سنڀال ڪنديس.“

 ”نه، جيستائين تون پنهنجي غير فاني ايمان جو قسم نه کڻندينءَ، تيستائين مان نه ويندس.“

 ”ٺيڪ آهي نه وڃ. منهنجو انهيءَ سان ڇا بگڙندو. ٻاهر سخت سردي آهي، توکي گهر ۾ رهڻ گهرجي.“

 ”ٻارو“  ڪوليا ٻارن ڏي مڙندي چيو. ”هيءَ عورت اوهان جي سنڀال ڪندي، جيستائين مان موٽي اچان يا اوهان جي ماءُ موٽي اچي، ڇاڪاڻ ته کيس گهڻو وقت اڳ ۾ موٽڻ کپندو هو. هوءَ اوهان کي مزيداريءَ سان ڏينهن جو کاڌو ڏيندي. آگافيا تون به هنن کي ڪجهه ڏي. هائو نه؟“

 ”مان ڏيندس.“

 ”خداحافظ ٻارو! مان پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ لاءِ وڃان ٿو.“ هو جيئن آگافيا وٽان گذريو، ته کيس هلڪي آواز ۾ چوندو ويو، ته ”ناني! مون کي اميد آهي ته تون هنن جي ننڍڙي عمر کي خيال ۾ رکي، پوڙهين زالن وانگر، ڪيٽرينا جي بابت واهيات ڳالهيون نه ٻڌائينديئن.“ ان کان پوءِ هن ڪتي کي سڏ ڪيو، ته ”اچ پريزيوان!“

هن دفعي آگافيا، سخت غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ کيس رڙ ڪري چيائين، ته ”عجيب ڇوڪرا، تون پنهنجو رستو وٺ. اهڙين ڳالهين ڪرڻ لاءِ توکي چهبڪ هڻڻ گهرجن. ها تون چاهين به اهو ئي ٿو.“

 

dc

باب ٽيون

اسڪول جو ڇوڪرو

پر ڪوليا کيس ٻڌوئي ڪونه. آخر هو ٻاهر هليو ويو. جڏهن هو دروازي کان ٻاهر نڪتو، ته چوڌاري ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي ڪلهن کي ڀيڪوڙيو ۽ چوڻ لڳو، ته ”برف ڄمي رهي آهي.“ هو سڌو گهٽيءَ ۾ هليو ويو ۽ سڄي پاسي مارڪيٽ ڏانهن مڙيو. جڏهن هو، ان گهر وٽ پهتو، جو ڇيڙي تي بلڪل مارڪيٽ جي لڳ هو، هو ان جي دروازي تي بيهي رهيو. کيسي مان سيٽي ڪڍيائين ۽ پوري زور سان ان کي وڄايائين. ڄڻ ته ڪنهن کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ٿي ڏنائين. هو منٽ به نه ترسيو، جو هڪ گلابي ڳلن وارو ڇوڪرو، جنهن جي عمر يارنهن ورهين جي لڳ ڀڳ ٿي ڏٺي، ڊوڙندو ساڻس ملڻ لاءِ آيو. کيس گرم، صاف، فيشن وارو ڪوٽ پهريل هو. هيءُ سيموروف هو، جو تياري ڪلاس ۾ هو. (ڪوليا ڪراسوتڪين کان ٻه درجا هيٺ) وڏي عهدي واري آفيسر جو پٽ. سندس مائٽن جو کيس سخت تاڪيد هو، ته هو ڪراسوتڪين سان صحبت نه رکي. ڇو ته هي بريءَ طرح شرير ڇوڪرو مشهور هو. ان ڪري سيموروف، خوف کان لڪندو ۽ ڀڄندو آيو هو، جيڪڏهن پڙهندڙ کان وسري نه ويو هجي، ته هو انهن ڇوڪرن جي ٽولي مان هو، جن ٻه مهينا اڳ اليوشا کي پٿر هنيا هئا، اليوشا جي باعث. مان تنهنجي لاءِ سخت انتظار ۾ هوس، ڪراسوتڪين.“  سيموروف کيس شيرين آواز ۾ چيو. ٻئي ٻار وڏا وڏا قدم کڻندا. مارڪيٽ ڏي هليا.

 ”مون کي دير ٿي وئي.“  ڪراسوتڪين، کيس جواب ڏنو. مان ڪن سببن جي ڪري ترسي پيو هوس. توکي مون سان گڏ هئڻ جي ڪري سزا ته نه ملندي؟

 ”اچ، مان توکي ٻڌايان ٿو، ته مون کي ڪڏهن به مار نه ملندي آهي. اڄ ته توسان پريزيوان به آهي؟“

 ”هائو.“

 ”تون، هن کي به وٺي ٿو وڃين؟“

 ”هائو.“

 ”او! جيڪڏهن فقط زهڪا هجي ها!“

 ”اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. زهڪا جو وجود ئي ڪونه آهي. اهو ته گمناميءَ جي ڌنڌ ۾ غائب ٿي ويو آهي.

 ”او! اسان ان کي هٿ نه ٿا ڪري سگهون؟“  سيموروف سڌو ٿي بيهي رهيو.

 ”ٻڌ ته، اليوشا چيو ٿي، ته زهڪا به ڊگهن وارن وارو، ڀوري ۽ ناسي رنگ جو پريزيوان وانگر هو. تون کيس اِيئن ڇو نه ٿو چوين ته هيءُ زهڪا آهي. هو توتي اعتبار ڪندو.“

 ”ٻار، ڪوڙ کي ڇڏ. پهرئين ڳالهه. پر ان ۾ ڪو چڱو مطلب به هجي، ٻي ڳالهه. پر سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي، ته مان اميد ٿو رکان، ته تو کيس منهنجي اچڻ جو ڪوبه اطلاع نه ڏنو هوندو.“

 ”خدا پناهه ڏي! توکي شايد خبر نه آهي، ته مان ڪهڙي قسم جو آهيان. پر تون کيس پريزيوان سان راضي نه ڪري سگهندين.“ سميوروف ٿڌو ساهه کڻي چيو.  ”تون سندس پيءُ ڪپتان کي ڄاڻين ٿو.“ چپ ٿي ٽنڊڻ“! اسان کي ٻڌايو هو، ته هو اڄ ان جي لاءِ هڪ جوان، اصل، نسل وارو، ڪاري رنگ جو ڪتو آڻيندو. هن خيال ٿي ڪيو ته هو کيس آرام ڏيندو، پر مون کي ان ۾ شڪ آهي.“

 ”پر اليوشا آهي ڪيئن؟“

 ”افسوس! سندس حالت خراب آهي. مان سمجهان ٿو، ته کيس سلهه آهي. هو بلڪل هوش ۾ آهي، پر ساهه کڻڻ ۾ تڪليف اٿس. سندس اهو نظام خراب ٿي پيو آهي. اڳئين ڏينهن تي هن چيو ٿي کيس بوٽ پارائي سڄي ڪمري ۾ گهمايو وڃي. هن گهمڻ لاءِ ڪوشش به ڪئي، پر هو بيهي نه سگهيو. جيئن مان توکي اڳ ۾ ٻڌايو هو. هن پيءُ کي چيو ٿي، ته اهو بوٽ چڱو نه هو. مان اُن سان چڱيءَ ريت گهمي نٿو سگهان. هن خيال ٿي ڪيو، ته انهن بوٽن جي سبب ئي هو پوري ريت بيهي نه ٿو سگهي، پر اها سندس ڪمزوري هئي. هو ٻيو هفتو جيئرو رهي نه سگهندو. هرزينسٽيوب سندس علاج ڪري رهيو آهي. هو وري شاهوڪار ٿي ويا آهن ۽ وٽن دولت جو ڪافي ڍير آهي.“

 ”هيءُ سڀئي گهٽيا آهن.“

 ”ڪير گهٽيا آهن؟“

 ”ڊاڪٽر! هيءَ سڀئي ۽ فرداً فرداً. سڄو ئي قافلو! مون کي دوائن تي ڪوبه ويساهه نه آهي. هيءَ بيڪار ادارو آهي. منهنجو مطلب آهي، ته مان انهن جو مطالعو ڪريان. مون کي نظر اِيئن ٿو اچي، ته تون اتي هر روز ويندو آهين؟ معلوم اِيئن ٿو ٿئي، ته سڄو ڪلاس روز وٽس ويندو رهندو آهي.“

 ”سڄو ڪلاس ته نه، پر اسان مان ڏهه ڇوڪرا فقط کيس هر روز ڏسڻ لاءِ ويندا آهن. هن ۾ ڪا خاص ڳالهه ته ڪانه آهي.“

 ”ڇا، مان سمجهي نه ٿو سگهان، ته هن سڄي ڪارنامي ۾ اليڪسي ڪرامازوف ڇو اهم حصو وٺي رهيو آهي. سندس ڀاءُ تي سڀاڻي يا پرينهن اهڙي ڏوهه ۾ مقدمو هلندو، جو نهايت نازڪ آهي، پر ان هوندي به هو الائجي ڪهڙي خيال کان ٻارن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيو آهي.“

 ”هن ۾ نرم مزاجي ۽ رحم دليءَ جو ڪهڙو سوال آهي؟ تون هاڻي پاڻ وڃين ٿو ۽ اليوشا جي حالت کي خود ئي ڏسندين ۽ ٺاهه ڪندين.“

 ”ساڻس ٺاهه ڪري رهيو آهيان، ڪهڙو نه بي معنيٰ جملو آهي! پر مان ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس، ته هو منهنجي عمل جي تفريق ڪري.“

 ”اليوشا توکي ڏسي، ڪيڏو نه خوش! ٿئي، کيس ڪوبه خيال نه هو، ته تون وٽس ويندين. اِيئن ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن سموري وقت ۾ تون ان ڏي ڪونه ويو آهين.“ سميوروف اوچتو گرم جوشيءَ سان چيو.

 ”منهنجا پيارا ٻار! هيءَ منهنجو عمل آهي، نه تنهنجو. مان پاڻ ئي ان ڏي وڃان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان ئي اهو انتخاب ڪيو آهي. پر اوهان کي ته اليڪسي ڪرامازوف دعوت ڏئي وٺي ويو آهي. هيءُ وڏو تفاوت آهي، جنهن کي تون سمجهي سگهين ٿو. مان ته اِيئن ڪونه ڪري رهيو آهيان، تنهنجو اهو بيوقوفيءَ جو جملو آهي.“

 ”اهو ڪرامازوف جو ڪم نه آهي. اسان جا سنگتي پنهنجو پاڻ ان ڏي ويا آهن. بيشڪ هو پهريائين ڪرامازوف سان گڏجي ويا هئا. انهيءَ ۾ ته ڪا اربع خطا ڪانه آهي. پهريائين هڪ ويو ۽ پوءِ ٻيو. سندس پيءُ اسان کي ڏسي بيحد خوش ٿيو. توکي خبر هئڻ کپي، ته جيڪڏهن اليوشا مري ويو، ته هو چريو ٿي پوندو. هو ڏسي ٿو ته اليوشا مري رهيو آهي. هو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، جو اسان اليوشا سان راس ٿي وياسون. اليوشا تنهنجو به احوال پڇيو هو ۽ ٻي ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئائين. سندس پيءُ کانئس پوءِ يا خودڪشي ڪندو يا چريو ٿي پوندو. هن اڳ ۾ به چرين جهڙو نمونو ڏيکاريو آهي. توکي خبر هئڻ کپي، ته هو نهايت معقول ماڻهو آهي. اسان کان اڳ ۾ غلطي ٿي هئي. هيءَ سڀ ان قاتل جي خطا هئي، جنهن کيس ماريو هو.“

 ”ڪرامازوف، ساڳي وقت منهنجي لاءِ هڪ ڳجهارت آهي. مان جيڪر هن سان پنهنجي واقفيت، گهڻو وقت اڳ ۾ پيدا ڪريان ها، پر ڪن حالتن ۾، مان پوري پوري خودداريءَ کي پسند ڪندو آهيان. ان کان سواءِ، مون وٽ ان جي لاءِ هڪ نظريو آهي، جنهن تي مان ڪم ڪري جاچ ڪندس.“

ڪوليا، شاندار خاموشيءَ سان چپ ٿي ويو. سميوروف به خاموش ٿي ويو. حقيقت ۾ سميوروف ڪراسوتڪين جي پوڄا ڪندو هو، هن خواب به نه ٿي لڌو ته ساڻس الجهي سگهي. هاڻي هو ڪوليا جي هن قول ۾ بيحد دلچسپي وٺي رهيو هو، ته ”هو پاڻ اليوشا کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. هن محسوس ڪيو ته ڪوليا جنهن ريت، اڄ ان کي ڏسڻ لاءِ وڃي ٿو، ان ۾ سندس ڪو راز ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ خيال اوچتو سندس دماغ ۾ اچي جائگير ٿيو هو. هو مارڪيٽ کان اڳتي وڌيا، جنهن ۾ ان وقت ڪيترا گاڏا سامان سان ڀريل ٻهراڙيءَ کان آيل ٿي ڏٺا. انهن مان گهڻن ۾ جيئريون ڪڪڙيون ٿي ڏٺيون. مارڪيٽ ۾ عورتون ڳوٽا، ڪپهه ۽ ڌاڳا وڪڻي رهيون هيون. مارڪيٽ جي اندر هميشھ آچر جو ڏينهن ميلو شمار ٿيندو آهي ۽ سال ۾ اهڙا ميلا گهڻائي لڳندا آهن.“

پريزيوان وحشياڻي رنگ ۾ ڊوڙندو ٿي ويو. ڪڏهن هڪ طرف ٿي سنگهيائين ته ڪڏهن ٻئي طرف. جڏهن هو ٻين ڪتن سان گڏيو ٿي، ته نهايت پيار سان هڪٻئي کي سنگهيائون ٿي، جو وحشي جانورن جو دستور آهي.

 ”مان هن حقيقت پسنديءَ جي اظهار جي منظر کي نهايت پسند ڪندو آهيان، سميوروف،“ ڪوليا اوچتو چيو. ”تو ڪڏهن ڏٺو آهي، ته ڪتا جڏهن هڪٻئي سان گڏبا آهن، ته هو هڪٻئي کي سونگهندا آهن؟ اهو سندن فطرت جو ڪو قانون آهي.“

 ”هائو! هي عجب ۾ وجهندڙ شيءِ آهي.“

 ”نه، اها ڪا عجب ۾ وجهندڙ حقيقت نه آهي. تون غلط آهين. فطرت ۾ ڪابه عجب ۾ وجهندڙ شيءِ ڪانه آهي. شايد انسان وٽ سندس بيجا تعصب جي باعث هيءَ عجيب شيءِ سمجهي وڃي. جيڪڏهن ڪتن وٽ دليل بازي ۽ تنقيد جو عنصر هجي ۽ ان سان اسان کي پرکن، ته هنن وٽ اسان جي بابت ڪيتريون ئي عجيب حقيقتون نروار ٿي پون. جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته وٽن فقط انساني سماجي تعلقات ئي ڪافي آهن. يعني سندن آقا. مان هن حقيقت کي وري دهرايان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان هن حقيقت جو قائل آهيان، ته اسان ۾ انهن کان وڌيڪ بيوقوفي موجود آهي. اهو ريڪٽن جو خيال آهي- انوکو خيال! مان اشتراڪيت پسند آهيان، سميوروف.“

 ”اشتراڪيت پسند ڇا آهي؟“  سيموروف کانئس پڇيو.

 ”هن جو مطلب آهي، مساوات ۽ هڪجهڙائي. سڀني جي ملڪيت ۾ هڪ جهڙو حصو. ڀلي ته ڪنهن جو ڪهڙو به مذهب ۽ قانون هجي، جنهن کي هو چاهي، ۽ ٻيون به ڳالهيون. تون اڃا ننڍو آهين، ۽ انهن ڳالهين کي سمجهي نه سگهندين. اڄ ڪافي سردي آهي.“

 ”هائو، پارو ٻارنهن ڊگرين تي پهتو آهي. منهنجي پيءُ هاڻي ٿرماميٽر کي ٿي ڏٺو.“

 ”سميوروف، تو ڪڏهن هن حقيقت ڏي ڌيان ڏنو آهي، ته سياري جي درمياني عرصي ۾، اسان کي ٿڌ جو ايترو احساس نه هوندو آهي، جڏهن ته پارو پندرنهن ۽ ارڙنهن ڊگرين تي هوندو آهي، پر هاڻي سياري جي شروع ۾ هن کي وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي ٿو. اها اوچتي تبديلي آهي، جو پارو ٻارهن درجن تي وڃي پهتو آهي. جڏهن ته ڪا وڌيڪ برفباري به نه ٿي آهي. ان جو سبب آهي ته ماڻهو هن تي اڃا نه هريا آهن. انسان وٽ هر شيءِ جي عادت ٿئي ٿي، پوءِ اها ڇو نه سماجي يا سياسي هجي. عادت ۽ هير هڪ وڏي تحرڪ ۾ آڻيندڙ طاقت آهي. هن ڳوٺاڻي هاريءَ تي نگاهه وجهه، ڪيڏو نه کـِـل جهڙو ٿو نظر اچي.“

ڪوليا هڪ ڊگهي قد واري هاريءَ ڏي اشارو ڪيو. سندس مهانڊي مان سندس طبعيت چڱي ٿي ڏٺي. کيس ڊگهي رڍ جي کل جي پوستين پهريل هئي. هو پنهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ پنهنجي بدنما چمڙيءَ جي دستانن ۾ ڍڪيل هٿن کي گرمي پهچائڻ لاءِ هڪٻئي سان مهٽي رهيو هو. سندس ڊگهي ڏاڙهي يخ زده ٿي ڏٺي.

 ”هن هاريءَ جي ڏاڙهي ڄمي وئي آهي.“  ڪوليا جيئن وٽانئس گذريو، وڏي آواز ۾ رڙ ڪندو چوندو ويو.

 ”گهڻن ئي ماڻهن جون ڏاڙهيون ڄمي ويون آهن.“  هاري تحمل ۽ آب تاب سان جواب ڏنو.

 ”هن کي نه چيڙاءِ.“  سميوروف خيال ڪندي کيس چيو.

 ”ٺيڪ آهي. هيءُ ڪونه چڙندو. هيءُ چڱو ماڻهو ٿو ڏسجي. خدا حافظ ماٽوئي.“

 ”خداحافظ!“

 ”ڇا تنهنجو نالو ماٽوئي آهي؟“

 ”هائو، ڇا توکي خبر نه آهي؟“

 ”نه، مون کي خبر نه آهي، اها منهنجي اٽڪل بازي آهي.“

 ”اِيئن نه چئو، تون اسڪول جو ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ٿو اچين؟“

 ”هائو.“

 ”مون کي اميد آهي، ته توکي چهبڪ هنيا ويندا هوندا؟ مان اِيئن ٿو سمجهان.“

 ”انهيءَ جي ڳالهه ئي ڇو ٿو ڪرين، ڪڏهن، ڪڏهن.“

 ”اهي توکي ايذاءُ ڏيندا آهن؟“

 ”هائو، اِيئن برابر آهي.“

 ”اف، اهائي ته زندگي آهي!“  هاري پنهنجي دل جي گهرائين مان هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو.

 ”خداحافظ ماٽوئي!“

 ”خداحافظ! تون هڪ وڻندڙ ڇوڪرو آهين.“

ڇوڪرا اڳتي وڌي ويا.

 ”هيءُ مزيدار ڳوٺاڻو هاري هو،“  ڪوليا سميوروف کي چيو.  ”مان اهڙن هارين سان گفتگو ڪرڻ پسند ڪندو آهيان ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ ۾ مون کي هميشھ خوشي ٿيندي آهي.“

 ”تو! اهو ڪوڙ ڇو ڳالهايو، ته اسڪول ۾ اسان کي مارون ملنديون آهن!؟“  سميوروف کانئس پڇيو.

 ”مان فقط کيس راضي ڪرڻ لاءِ اِيئن چيو.“

 ”انهيءَ کان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

 ”سميوروف توکي خبر آهي، ته مون کي اها ڳالهه ناپسند هوندي آهي، ته مون کان ڪو ساڳيو سوال ٻه دفعا پڇي. مان چاهيندو آهيان، ته ماڻهو پهرئين دفعي سان سمجهي وڃي. ڪي شيون اهڙيون هونديون آهن، جن جي تشريح نه ڪري سگهبي آهي. ڳوٺاڻن جي خيال موجب اسڪول ۾ ٻار کي ماريو ويندو آهي ۽ کيس ضرور چهبڪ هنيا ويندا آهن. اهو اسڪول جو ڇوڪرو ئي ڪهڙو، جنهن کي چهبڪ نه هنيا ويا هجن؟ جيڪڏهن مان کيس چوان ها، ته اِيئن نه آهي، ته هو نااميد ٿي وڃي ها. پر توکي هيءَ خبر نه آهي، ته ڳوٺاڻن هارين سان ڪهڙي ريت ڳالهائجي.“

 ”مهرباني ڪري تون هنن کي نه چيڙاءِ، نه ته وري ٻيءَ مصيبت ۾ ڦاسي ويندين، جيئن بدڪ جي معاملي ۾ ٿيو هو.“

 ”تڏهن توکي خوف ٿو ٿئي؟“

 ”ڪوليا کل نه. بيشڪ! مان ڊنل آهيان. منهنجو پيءُ ڏاڍي ڪاوڙ ڪندو. مون کي توسان گڏ گهمڻ کان سختي سان منع ڪئي وئي آهي.“

 ”پريشان نه ٿيءُ، هن ڀيري ڪجهه به نه ٿيندو.“  اڙي مٽاشا! هن پڙيءَ ۾ هڪ ويٺل عورت کي سڏ ڪيو.

 ”مون کي مٽاشا ڪري ڀلي سڏ ڪر! توکي ٻيو ڇا کپي! منهنجو نالو ماريا آهي.“  ڪرڙوڍ مارڪيٽ جي عورت، سندس منهن ۾ رڙ ڪري چيو.

 ”هيءَ ماريا آهي، مان اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. خداحافظ.“

 ”اڙي ننڍڙا بيوقوف! تو جهڙو ڇوڪرو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري.“

 ”مان تڪڙو آهيان. مان وڌيڪ ترسي نه ٿو سگهان. وڌيڪ مون کي ٻي آچر تي ٻڌائجان.“  ڪوليا پنهنجي هٿ کي لوڏي کيس سلام ڪيو. ڄڻ ته ان عورت مٿس حملو ڪيو هو.

 ”مون کي ٻي آچر تي، توکي ڪجهه به ٻڌائڻو نه آهي. تون مون تي چٿرون ڪري رهيو آهين، ننڍڙا باندر! مان توکي ٻيو ڪجهه به نه چونديس.“  ماريا غصي مان کيس چيو. ”تون مار کائڻ ٿو گهرين. اها شيءِ توکي کپي ٿي واهيات!“

سندس چوڌاري مارڪيٽ جي ٻين زالن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. اوچتو هڪ ماڻهو سخت غصي ۾، پري واري دڪان جي محراب کان ڊوڙندو ٻاهر آيو. هو نوجوان هو ۽ شهر جو ويٺل نظر نه ٿي آيو. سندس ڪارا، ڊگها ۽ گهنڍيدار وار هئا. سندس چهرو زرد هو. جنهن تي ماتا جا داغ هئا. کيس ڊگهو نيرو ڪوٽ پيو هو ۽ سندس مٿي تي ڪناري دار ٽوپي هئي. ڏسڻ ۾ هو، ڪنهن واپاريءَ جو منشي ٿي نظر آيو. هو بيوقوفي جهڙي جوش ۾ ڀريل ٿي نظر آيو ۽ ڪوليا تي پنهنجو ٺؤنشو الاريائين.

 ”مان توکي سڃاڻان ٿو.“  هن کيس غصي مان چيو.  ”مان توکي سڃاڻان ٿو.“

ڪوليا عجب مان کيس ياد نه ٿي آيو، ته هن جو ۽ سندس ڪٿي مکان ميلو ٿيو هو. هن گهٽين ۾ ايترا ته حادثا ڏٺا هئا، جو هن جي لاءِ بيحد مشڪل هو، جو انهن جي يادگيري رکي سگهي. کانئس مسخراڻي آواز ۾ سوال ڪيائين، ته ”تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“ هن کيس وري به ساڳي بيوقوفيءَ واري آواز ۾ چيو ته ”هائو، مان توکي سڃاڻان ٿو.“

 ”سڃاڻندو هوندين، ٺيڪ آهي. پر هن وقت مون کي ترسڻو نه آهي. خداحافظ.“

 ”تون وري پنهنجي جنجالي شرارتن تي آيو آهين.“  ان رڙ ڪري چيو.  ”مان سمجهان ٿو، ته تون وري پنهنجي حرڪتن تي لهي آيو آهين.“

 ”اهو ته تنهنجو ڪم نه آهي ڀاءُ، جيڪڏهن مان وري جنجالي شرارتن تي لهي آيو آهيان.“  ڪوليا خاموش بيٺو رهيو ۽ کيس توريندو رهيو.

 ”منهنجو ڪم نه آهي؟“

 ”نه، اهو تنهنجو ڪم نه آهي.“

 ”تڏهن ڪنهن جو ڪم آهي، تڏهن ڪنهن جو ڪم آهي؟“

 ”اهو تريفان نڪيتيج جو ڪم آهي، نه تنهنجو.“

 ”ڪهڙو تريفان نڪيتيج!؟“  ان نوجوان کانئس پڇيو. هو ڪوليا کي عجب مان نهاريندو رهيو، پر هو اڃا ڪافي غصي ۾ ٿي ڏٺو.

 ”تون ڪڏهن اسينشن جي ديول ۾ ويو آهين؟“  هن اوچتو کانئس پڇيو. سندس آواز مان سختي ٿي ڏٺي.

 ”ڪهڙي اسينشن جي ديول! ڇا جي لاءِ؟ مان ان کي ڪونه ڏٺو آهي.“  هو ڪيتري قدر روڪجي ويو هو.

 ”تون سامانيوف کي سڃاڻين ٿو؟“  ڪوليا اڳي کان وڌيڪ سخت ۽ تحڪماڻي آواز ۾ چيو.

 ”ڪهڙو سامانيوف؟ مان کيس نه سڃاڻان.“

 ”جيڪڏهن اِيئن آهي، ته وڃي کڏ ۾ پئو. ڪوليا پنهنجي گفتگوءَ کي مختصر ڪندي چيو. تيزيءَ سان هن سڄي پاسي مڙندي چيو، ته ”ان ماڻهوءَ سان ڪهڙو ڳالهائڻ آهي، جو سامانيوف کي به نه ٿو سڃاڻي؟“  هو وڏا وڏا قدم کڻي اڳتي هلڻ لڳو، ڄڻ ته کيس هن سان وڌيڪ گفتگو ڪرڻي نه هئي.“

اهو ماڻهو هاڻي ڄڻ ته هوش ۾ اچي ويو هو ۽ سخت پريشان ٿي رڙ ڪري چيائين ته، ”صبر ڪر، اڙي ڪهڙي سامانيوف جي ڳالهه ٿو ڪرين؟“

اُن کان پوءِ دڪاندار عورتن ڏي منهن ڪيائين ۽ احمقاڻي طرح اُنهن ڏي نهاريندي پڇيائين، ته ”هوُ ڇا چئي رهيو آهي؟“

عورتن ۾ وري ٽهڪڙو مـچي ويو. انهن مان هڪ کيس چيو، ته ”هيءُ عجيب ٻار آهي.“  

هڪ عورت کي چيو ته ”سامانيوف شايد اُهو هجي، جو ڪوزمـچيف جي نوڪري ۾ هو.“  نوجوان کيس وحشياڻي طرح نهارڻ لڳو.

ٻي عورت وري دهرايو ته ”ڪوزمـچيف وٽ جو ماڻهو هو، اُن جو نالو ته تريفان هو. سندس نالو ڪزما آهي. پر هن ٻار سندس نالو تريفان نڪيتي ورتو. ٿي سگهي ٿو، ته اهو ساڳيو هجي.“

 ”اُن جو نالو تريفان آهي. نه سامانيوف پر چيزوف آهي.“  ٽئين عورت ڳالهائيندي چيو، جا ڪيتري وقت کان خاموش هئي ۽ هنن جي گفتگوءَ کي بردباري سان ٻڌندي ٿي رهي. ”سندس پورو نالو اليڪسي ايوانچ چيزوف آهي. ۽ هن وري دهرايو.

 ”اهو چيزوف آهي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي.“  چوٿين عورت يقين سان ان جو يقين ڏياريو.

منجهيل نوجوان، هڪ کي ڏسي، وري ٻئي ڏي ٿي نهاريو.

هن بلڪل نااميديءَ ۾ رڙ ڪري چيو ته ”نيڪ انسانو! آخر هن ڳالهه ڪرڻ مان، سندس مطلب ڇا هو؟ هن پڇيو ته تون سامانيوف کي ڄاڻين ٿو. ڪهڙي شيطان کي ضرورت پئي آهي، ته هوُ سامانيوف کي ڄاڻي؟“

 ”تون هڪ بيوقوف ماڻهو آهين. مان توکي ٻڌايان ٿي، ته هو سامانيوف نه آهي، پر چيزوف اليڪسي ايوانچ چيزوف.“  انهن مان هڪ عورت نالي تي زور ڏيندي واڪو ڪري چيو.

 ”ڪهڙو چيزوف؟ هوُ ڪير آهي؟ جيڪڏهن تون ان کي ڄاڻين ٿي، ته مون کي اُن جي لاءِ ڪجهه ٻڌاءِ؟“

 ”هو هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو آهي، جنهن کي وار نهايت گهڻا آهن. هن سال هو بازار ۾ ايندو رهندو هو.“

 ”نيڪ انسانو! آخر اوهان جي چيزوف سان منهنجو ڪهڙو ڪم؟“

 ”اسان کي ڪهڙي خبر ته تنهنجو اُن سان ڪهڙو واسطو آهي؟“  هڪ عورت کيس چيو.

 ”اهو توکي پاڻ ڄاڻڻ گهرجي، ته تنهنجو اُن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ اهو تو ئي ته جنجال پيدا ڪيو آهي. هن توسان ٿي ڳالهايو، اسان سان ته نه ٿي ڳالهايو بيوقوف! تون سچ پچ هن کي نه ٿو سڃاڻين؟“

 ”ڪنهن کي نه ٿو سڃاڻان؟“

 ”چيزوف.“

 ”شال! چيزوف ۽ اوهان کي شيطان پاڻ سان وٺي وڃي. کيس سبق سيکاريندس، هوُ مون تي کلي رهيو هو.“

 ”تون چيزوف کي سبق سيکاريندين؟ ٿي سگهي ٿو هو تو کي سبق سيکاري، تون ته احمق ٿو نظر اچين!“

 ”چيزوف نه، چيزوف نه! اوهين نفرت جهڙيون شرير عورتون! مان هن ڇوڪري کي سبق سيکاريندس. پڪڙيوس، پڪڙيوس، هيءُ مون تي کلي رهيو هو.“

عورتون کلي رهيون هيون، پر ڪوليا گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. هو خوشيءَ مان اڳتي ڌوڪيندو ٿي ويو. سميوروف سندس پاسي ۾ پنڌ به ڪندو ٿي ويو ۽ چوڌاري اُن مجموعي کي ڏسندو به ٿي ويو، جي سندن پويان واڪا ڪندا ٿي رهيا. هوُ پاڻ مزي ۾ هو. جيتوڻيڪ کيس خوف به پئي ٿيو، ته هو ڪوليا جي دوستي ۾ ڪنهن شرارت ۾ ڦاسي نه پوي.

 ”سامانيوف کان تنهنجو مطلب ڇا هو؟“  هن ڪوليا کان انهيءَ لاءِ پڇيو ته کانئس جواب ڪهڙو ٿو ملي.

 ”توکي ڪهڙي خبر، مان ئي هن حقيقت کي ٿو ڄاڻان. هاڻي سڄو ڏينهن هنن جي وچ ۾ اها بڪ بڪ پئي هلندي. مان چاهيندو آهيان، ته سماج جي هر قسم جي بيوقوف انسان کي ڇيڙيندو رهان. مون کي انهيءَ ۾ مزو ايندو آهي. اجهو هوُ وري ٻيو بي مغز ڪڙمي ٿو نظر اچي. ٻڌندا آهيون، ته فيرنيچ کان وڌيڪ ڪو ٻيو بيوقوف نه ٿيندو آهي. پر بيوقوف روسي جي چهري ۾ به گهڻو ڪجهه نظر ٿو اچي. تون هن ڪڙمي جي چهري مان نه ٿو سمجهين ته هوُ ڪهڙي قسم جو بيوقوف آهي!“

 ”ڇڏي ڏينس ڪوليا، اچ ته هلون.“

 ”مون کي هاڻي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي، مان هاڻي ارادو ڪري چڪو آهيان. هان صبح بخير ڪڙمي!“

هوُ هڪ مضبوط، گول منهن وارو سادو ڪڙمي ٿي ڏٺو. سندس ڏاڙهي گهاٽي ۽ ڀوري هئي، هو پاسو وٺيو پئي ويو. سلام تي هن پنهنجو مٿو مٿي کنيو ۽ ڇوڪري ڏي ڏٺائين. هوُ ايترو سنجيده نه ٿي ڏٺو.

 ”صبح بخير، جيڪڏهن اوهان مون سان مذاق نه ڪري رهيا آهيو؟“  هن ڄاڻي واڻي اهو جواب ڏنو.

 ”پر جيڪڏهن مان اِيئن ڪريان ته!“  ڪوليا کلندي چيو.

ٺيڪ آهي، مذاق، مذاق آهي. ڀلي کل. مون کي دل ۾ نه ٿيندو. مذاق ۾ ڪو حرج به نه آهي.“

 ”مان توکان معافي ٿو گهران. اهو مذاق هو.“

 ”ٺيڪ آهي. خدا توکي معاف ڪري.“

 ”تون به مون کي معاف ڪندين؟“

مان توکي پوري ريت معاف ڪريان ٿو. ڀلي وڃ.“

 ”مان چوان ٿو ته تون سياڻو ڪڙمي آهين!“

 ”توکان به سياڻو.“  ڪڙميءَ کيس اميد جي خلاف ساڳي ڪشش سان جواب ڏنو

 ”مون کي هن ۾ شڪ آهي،“  ڪوليا پاڻ تي ضابطو رکندي چيو.

 ”شايد اهو سچ هجي.“

 ”اِيئن ئي آهي.“

 ”سچ ٿو چوين ڀاءُ.“

 ”خدا حافظ ڪڙمي.“

 ”خدا حافظ.“

دنيا ۾ هر ڪنهن قسم جا ڪڙمي ٿين ٿا. ڪوليا سميوروف وٽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. مان ڪيئن چئي سگهان، ته هڪ داناءَ کي مون پنهنجو نشانو ٿي بڻايو. مان هميشھ هارين ۾ سندن سمجهه ۽ فهم کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.“

پري ديول جي گهڙيال ساڍا يارنهن وڄايا. ڇوڪرا هاڻي تڪڙا ٿيا ۽ تيزيءَ سان ڪپتان سنيگريوف جي گهر ڏانهن روانا ٿيا، جو اُتان ڪافي مفاصلي تي هو. هوُ تيزي سان ٿي ويا ۽ خاموش هئا. اُن گهر کان ويهه قدم پري، ڪوليا ترسيو ۽ سميوروف کي چيائين، ته تون اندر وڃ ۽ ڪرامازوف کي نياپو ڏي، ته هو هيڏي اچي.

 ”پهريائين ماڻهوءَ کي هيڏي هوڏي ڏسڻ گهرجي“ هن سميوروف کي چيو.

 ”مان هن کي ڇو چوان ته ٻاهر اچي؟“  سميوروف اعتراض ڪندي چيو.  ”هوُ ته توکي ڏسي حد کان وڌيڪ خوش ٿيندا. هن ڪوهيڙي ۾ ڪهڙي ضرورت پئي آهي، ته ٻاهر ڪنهن سان دوستيءَ کي ڳنڍيو وڃي.“

 ”مان ئي ڄاڻان ٿو، ته ڇو ساڻس هن پاري ۾ ملڻ گهران ٿو؟“  ڪوليا آمراڻي آواز ۾ کيس قطع ڪندي چيو، هوُ هن طريقي کي ننڍن ٻارن جي حالت ۾ ڪم آڻڻ جو شوقين هو. سميوروف سندس خواهش موجب ڊوڙيو.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org