سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو ٻيو

صفحو :10

 

باب اٺون

شاهدن جون شاهديون

شاهدن جون شاهديون شروع ٿيون. پر اسان پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اِيئن مسلسل بيان نه ڪنداسون، جيئن اڳي. اَسان اِنهيءَ تي اڪتفا نه ڪنداسون، ته ڪيئن نه نڪولائي پارفينووچ سڀ ڪنهن  شاهد تي زور ٿي آندو، ته هـُـو پنهنجي شاهدي سچ ۽ پنهنجي ضمير جي موافق ڏي ۽ اُن کان پوءِ ساڳي شاهديءَ قسم تي وري دهرائي. اِهڙيءَ ريت هرهڪ شاهد کي سڏيو ٿي ويو، ته پنهنجي شاهدي جي اصلي مسودي تي اَچي صحيح ڪري. اَسان هتي فقط اُنهيءَ حقيقت تي، جنهن تي خاص طور زور ٿي ڏنو ويو، بيان ڪنداسون. يعني ٽي هزار روبل جي سوال تي، جا رقم اُتي خرچ ڪئي وئي هئي. ماڪرو ۾ ۽ مـِـتيا جي هٿان ۽ مهينو اڳ. اُهي ٽي هزار هئا يا پندرنهن سـَـؤ؟ اُن کان پوءِ هن وري، ٽي هزار يا پندرنهن سـَـؤ روبل وري به خرچ ڪيا هئا. پر افسوس، جو جنهن به  شاهدي ڏني، اُها مـِـتيا جي خلاف هئي. ڪو هڪڙو به سندس فائدي ۾ نه هو. ڪن شاهدن ته ڪي نيون حقيقتون ٻڌايون، جي سندس تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون، اُهي مـِـتيا جي ڪهاڻي کان بلڪل الڳ ٿي ڏٺيون.

پهريون شاهد، جنهن کان پڇا ڪئي وئي، تريفان بورسووچ هو. کيس وڪيلن جي سامهون بيهڻ ۾ ڪوبه شرم نه ٿي آيو. مگر اُن جي خلاف ، سندس مجرم بابت روش سخت ۽ نفرت واري هئي. جنهن منجهس صداقت ۽ پنهنجي رتبي جو ڏيکاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. هـُـن تمام ٿورو ڳالهايو، حد اندر ۽ پنهنجي سوالن لاءِ ترسيو ٿي. جواب ڏنائين ٿي، ته به مختصر ۽ چڱيءَ ريت سوچي ۽ سمجهي. هن پختگي ۽ ڪنهن به هٻڪ کان سواءِ ٻڌايو، ته مهينو اڳي جا رقم اُتي خرچ ڪئي وئي هئي. اُها ٽن هزارن کان گهٽ نه هئي. هتي جا سڀئي ڳوٺاڻا، اُن جي  تائيد ڪندا، ته خود دمتري فيودورپاولووچ پاڻ خرچ ڪيل رقم ٽي هزار روبل ٿي ٻڌائي. هن خانه بدوش ڇوڪرين تي ڪافي خرچ ڪيو هو. مان هام هڻي چوان ٿو، ته اِها رقم هڪ هزار روبل کان گهٽ نه هوندي.

مـِـتيا پاسي ۾ ويٺو هو ۽ سندس پـُـٺ پـَـردي ڏانهن هئي. هـُـن مايوسيءَ مان سڀ ڪجهه ٻڌو ٿي. مٿس غم ۽ ٿـَـڪ سوار هئا. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، هي اعتبار جي لائق نه آهي. مان اُنهن تي پنج سـَـؤ روبل خرچ ڪيا هئا.  ”هيءَ سندس مايوس ڀـَـري تشريح هئي. مون کي افسوس آهي، ته مون اُن وقت پيسن کي نه ڳڻيو هو، مان پيتل هوس.“  هـُـن تريفان ڏي منهن ڪري چيو، ته  ”هاڻي توکي، جو ڪجهه چوڻو هجي، چئي ڏي. اِنهيءَ کان ڪو تفاوت نه پوندو.“

 ”دمتري فيودورپاولووچ تو، هزار روبل کان مٿي اُنهن تي خرچ ڪيو هو.“  تريفان بورسووچ اعتماد سان چيو.  ”تو اڻ ڳڻيل پيسا اُنهن ڏي اُڇلايا ٿي ۽ اُنهن پئي ٿي کنيا. اِنهن گهوڙن جي بيوقوفن چورن کي ڪافي مليو هو. کين هتان هڪاليو ويو آهي، نه ته هـُـو پاڻ شاهدي ڏين ٿا، ته کين ڪيترو پيسو حاصل ٿيو هو. مان پاڻ تنهنجي هٿن ۾ رقم کي ڏٺو هو. ڳڻيو مان نه هو، نه وري تو اُن جي اِجازت ڏني هئي - اِها ته حقيقت آهي - پر اُن جي ڏسڻ مان، مان چئي ٿو سگهان، ته اِهي پئسا سچ پچ پندرنهن سـَـؤ روبل کان گهڻا هئا. اَسان به رقم ڏٺي هئي ۽ اُن جو اندازو چڱيءَ ريت لڳائي سگهون ٿا ......“

 ”ڪالهه جا رقم هن خرچ ڪئي هئي، اُن لاءِ دمتري فيودورپاولووچ پهچندي ئي ٻڌايو هو، ته ٽي هزار روبل آهن.“

 ”هاڻي ٻڌاءِ ته اِيئن آهي ڇا؟ تريفان بورسووچ!“  مـِـتيا کيس جواب ڏنو.  ”مان اِهو يقين سان ته ظاهر نه ڪيو هو، ته مان پاڻ سان ٽي هزار روبل آندا آهن؟“

 ”تو اِيئن چيو هو دمتري فيودورپاولووچ! تو ائنڊري جي سامهون اِها حقيقت بيان ڪئي هئي. اَئنڊري اَڃا به موجود آهي. کيس گهرائي وٺ. هال ۾ جڏهن تو ’ڪورس‘ ٿي ٻـُـڌو، ته واڪو ڪري چيو هو، ته تون پنهنجي ڇهه هزار روبلن کي هت وڃائي اُٿندين. اِنهيءَ مان ئي ته اَسان سمجهيو، ته هن کان اڳ ۾ تو وٽ ڇا هو؟ اسٽپيان ۽ سميان اُن کي ٻڌو هو. پيوٽرفوموچ ڪلگنوف به ڀرسان اُن وقت بيٺو هو. ٿي سگهي ٿو ته کيس به ياد هجي .....“

ڇهن هزارن جي شاهدي، وڪيلن جي مٿان وڏو اَثر پيدا ڪيو. هن نئين حساب ڪتاب کان هـُـو بيحد خوشيءَ ۾ ڀـَـرجي ويا. هـُـو حساب ڪرڻ لڳا، ته ٽي هزار روبل ۽ ٽي هزار، ڇهه هزار ٿيا، ٽي هزار روبل هاڻي ۽ ٽي هزار روبل اڳ ۾. هاڻي ته بلڪل صاف ٿي ويو.

جيئن تريفان کين مشورو ڏنو هو، هنن سڀني ڳوٺاڻين، اسٽپيان، سميان، ڪوچبان ائنڊري ۽ ڪلگنوف کان سوال ڪيا. ڳوٺاڻين ۽ ڪوچبان بنا ڪنهن هٻڪ جي هن کي قبول ڪيو. هنن تريفان جي شاهدي کي ٽيڪو ڏنو. هنن، هن حقيقت کي خاص طرح خبرداريءَ سان لکيو. اُن کان سواءِ اُها گفتگو به جا رستي ۾ ائنڊري ۽ مـِـتيا جي وچ ۾ ٿي هئي. جتي هن چيو هو ته  ”دمتري فيودورپاولووچ جي حيثيت ۾ مان بهشت ڏي وڃي رهيو آهيان، يا جهنم ڏي. مان ٻئي جهان ۾ بخشيو به ويندس يا نه؟“

نفسيات جي ماهر ائپولٽ ڪريليووچ، ڳنڀير مـُـرڪ سان اُن کي ٻـُـڌو. هن آخر ۾ سفارش ڪئي، ته دمتري فيودورپاولووچ جا هي رايا، جي کيس ڪنهن طرف وٺي ٿي ويا، مقدمي ۾ شامل ڪيا وڃن.

ڪلگنوف کي جڏهن سڏ ٿيو، ته هـُـو بيدليءَ سان آيو. سندس پيشانيءَ ۾ گهنج هئا ۽ خوش مزاجيءَ کان ٻاهر هو. هن وڪيلن سان اِيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ ته سڄي حياتيءَ ۾ ساڻن مليو ئي نه هو. جيتوڻيڪ سندن واقفيت هئي ۽ ڪيتري وقت کان هـُـو، هڪٻئي سان ملندا ٿي رهيا. اڪثر ڏهاڙي. هـُـن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته کيس ڪابه خبر ڪانه آهي، نه وري اُن جي بابت هو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو. پر هيءُ ظاهر ٿيو، ته هن ڇهن هزارن لاءِ ٻڌو هو. هـُـن هيءُ به قبول ڪيو، ته هـُـو اُن وقت سندس قريب بيٺو هو. پيسن جي ڏسڻ بابت ٻڌايو، ته کيس ڪابه خبر پئجي نه سگهي ته مـِـتيا جي هٿ ۾ ڪيتري رقم هئي؟ هـُـن هيءُ به قبول ڪيو، ته پتن جي راند ۾ پولن ساڻس ٺڳي ڪئي هئي، بار بار دهرائڻ وارن سوالن جي جواب ۾ هن چيو، ته جڏهن پولن کي ٻاهر هڪاليو ويو، ته مـِـتيا جا تعلقات اگرافينا اليگزينڊرووينا سان، يقينـََـا خوشگوار بڻجي ويا هئا. هـُـن کيس هيئن به چيو هو، ته هوءَ ساڻس محبت ٿي ڪري. هن اگرافينا اليگزينڊرووينا جي لاءِ، عزت ۽ احترام سان ڳالهايو. ڄڻ ته هوءَ سماج جي بهترين عورت آهي. هن هڪ ڀيرو به کيس گروشينڪا جي نالي سان نه سڏيو. اُن نوجوان جي واضح ناموافقت هوندي، به شاهدي ڏيندو رهندو ڪرينلووچ، کانئس طويل پڇا ڪئي. پر اُن کان فقط هيءُ ئي تفصيل ٻڌي سگهيو، ته مـِـتيا اُن رات پنهنجي رومان کي ڪيئن نڀايو هو. مـِـتيا هڪ ڀيرو به ڪلگنوف جو توجهه پنهنجي طرف نه ڦيرايو. آخر اُنهن، هـُـن نوجوان کي وڃڻ لاءِ اِجازت ڏني. هو، پنهنجي نفرت کي ڏيکاريندي، ڪمري کي ڇڏي ويو.

پولن کان پڻ پڇا ڪئي وئي، جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجي ڪمري ۾ آرام لاءِ هليا ويا هئا. هنن سڄي رات آرام نه ڪيو، پر پوليس جي پهچڻ شرط، هنن يڪدم پنهنجي لباس کي پهريو ۽ تيار ٿي ويا، کين محسوس پئي ٿيو، ته هـُــو شاهدي لاءِ يقينـََـا گهرايا ويندا. هنن وڏي شان سان پنهنجي شاهدي ڏني. جيتوڻيڪ منجهن پريشاني به هئي. ننڍي قد وارو پول، هڪ خارج ٿيل آفيسر هو. هن سائبيريا ۾ جانورن جي ڊاڪٽريءَ جا فرائض اَدا ڪيا هئا. سندس نالو ميسالووچ هو. پان وريوبليوسڪي، بنا سـَـند جي ڏندن جو ڊاڪٽر هو. جيتوڻيڪ نڪولائي پارفينووچ، کين ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي ئي ، سوالن جي ڀـَـرمار ڪري ڏني، پر هنن پنهنجا جواب مهائيل ماڪرووچ کي ٿي ڏنا، هـُـو پاسي سان بيٺو هو، مگر هنن کيس وڏي شخصيت ٿي سمجهيو ۽ هرهڪ لفظ سان کيس ’پان ڪرنل‘ ٿي سڏيائون. هنن خود مائيڪل ماڪرووچ جي اظهار ڪيل ڪيترين ڳالهين مان فقط، هي نتيجو ڪڍيو، ته کين جواب نڪولائي پارفينووچ کي ڏيڻ گهرجن. هيءُ به ظاهر ٿيو، ته هـُـو روسي زبان چڱيءَ ريت ڳالهائي ٿي سگهيا، سواءِ ڪن ٿورن لفظن جي. حال ۽ ماضي ۾ گروشينڪا جي تعلقات بابت سيالووچ نهايت گرمجوشي ۽ فخر سان حقيقت کي ٻڌايو. هيءُ ٻڌندي ئي مـِـتيا هڪدم پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ ظاهر ڪيائين، ته هـُـو ڪڏهن به هيءُ برداشت نه ڪندو، ته هيءُ بدمعاش، سندس حاضريءَ ۾ اِهڙيءَ ريت گفتگو ڪن! سيالووچ، هڪدم بدمعاش جي لفظ ڏانهن سڀني جو ڌيان ڇڪايو ۽ کين عرض ڪيائين، ته پنهنجي ياداشت ۾ اُن کي داخل ڪن. مـِـتيا اُن وقت ڪاوڙ سان ڀرجي ويو.

 ”هيءُ بدمعاش  آهي، بدمعاش، اوهان هن کي ضرور لکو ۽ هيءُ به لکو، ته ياداشت ۾ لکڻ کان پوءِ به مان اِيئن چوندس، ته هيءُ بدمعاش آهي.“  هن واڪو ڪري چيو.

جيتوڻيڪ نڪولائي پارفينووچ، هن کي ياداشت ۾ داخل ڪيو، پر هن تعريف جهڙي روش ۽ انتظام رکيو. مـِـتيا کي سخت ڇينڀ ڪرڻ کان پوءِ، هن بلڪل مختصر نموني مقدمي جي رومانوي حقيقت بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هـُـو هڪدم ضروري حقيقت ڏي مڙيو. پڇا جي هڪ حصي وڪيلن ۾ وڏي دلچسپي پيدا ڪئي، ته هن ساڳي ڪمري ۾ ڪيئن مـِـتيا، مسيالووچ کان گروشينڪا جي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، کيس ٽي هزار روبل اِنهيءَ لاءِ ٿي ڏنا، ته هـُـو دستبردار ٿي وڃي. ست سـَـؤ روبل هڪدم ۽ باقي ٻه هزار ۽ ٽي سـَـؤ روبل هن سڀاڻي تي شهر ۾ ڏيڻا ڪيا هئا. مـِـتيا هن حقيقت تي گرم ٿي ويو ۽ چيائين، ته هي غلط آهي. هن چيو هو، ته کيس پـَـڪَ آهي، ته اها رقم هـُـو شهر ۾ سڀاڻي ڏيندو. هـُـن قسم تي اِيئن ڪونه چيو هو، ته ماڪرو ۽ وٽس پيسا ڪونه آهن ۽ شهر ۾ آهن. پر پان وريوبليوسڪي اُن شاهديءَ جي تصديق ڪئي. مـِـتيا ٿوري ويرم کان پوءِ ڪاوڙ ۾، هن حقيقت کي قبول ڪيو، ته شايد اِيئن ئي هجي، جيئن هي پول چون ٿا. هن وڌيڪ هيءُ به ٻڌايو ته هـُـو اُن وقت جوش ۾ هو. ٿي سگهي ٿو، ته سچ پچ، هن اِيئن چيو هجي.

جاچ ڪندڙ عملدار هن شاهديءَ جي هيٺان ليڪو ڏنو. جنهن مان معلوم پئي ٿيو، ته اُن کي وڌيڪ جاچ لاءِ رکيو ويو  آهي، (هنن سچ پچ هن کي بنيادي حقيقت بڻايو.) ته اُهي پيسا جي مـِـتيا کي هٿ آيا آهن، اُنهن جو اَڌ يا ڪو حصو، سچ پچ شهر ۾ لڪايو ويو هجي يا اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته اِهي پيسا هتي ماڪرو ۾ ڪٿي لڪل هجن. هيءَ حقيقت ئي اُن سبب کي سمجهائيندي ته ڇو جاچ کي مروڙيو سروڙيو ويو آهي؟ اِنهيءَ ڪري ئي شايد هجي، ته مـِـتيا کان فقط اَٺَ سـَـؤ روبل هٿ آيا آهن. هيءُ سبب ثابتيءَ جو هڪ اِهڙو حصو هو، جو جيتوڻيڪ خفيف آهي، پر جيئن ٻڌايو ويو آهي، ڪنهن حد تائين مـِـتيا جي فائدي ۾ آهي. پر هن شاهديءَ جي حصي کي مايوس ڪيو ويو. جاچ ڪندڙ عملدار جي پڇا ۾، ته اِهي ٻه هزار ٽي سـَـؤ روبل ڪٿي آهن؟ جيئن ته هـُـن پاڻ ئي انڪار ڪيو آهي، ته وٽس پندرنهن سـَـؤ روبل کان مٿي ڪجهه به نه هو. مـِـتيا رازداراڻي نموني جواب ڏنو، ته سندس مطلب ته هـُـو هـُـن ننڍي قد واري، کي شرماشينا جا اُهي سڀئي حق ڏيندو، جي هن اڳ ۾ ئي مسونوف ۽ خاتون هائلڪوف کي ڏيڻا ڪيا هئا. جاچ ڪندڙ عملدار، اعتماد سان سندس سخن سازيءَ جي معصوميت تي مرڪڻ لڳو.

 ”تو اِيئن خيال ڪيو هو، ته هـُـو ٻه هزار ٽي سـَـؤ روبل نقد جي عيوض، تنهنجي هن سودي کي قبول ڪندو؟“

 ”هـُـو يقينـََـا هن کي قبول ڪري ها.“  مـِـتيا گرم جوشيءَ سان ظاهر ڪيو. ڇو؟ هيڏي نهاريو، هـُـو اِيئن ڪرڻ سان شايد ٻن کان وڌيڪ، چار اَڃا به وڌيڪ ڇهه هزار روبل حاصل ڪري ها. هـُـو پنهنجا پول ۽ يهودي وڪيل هن معاملي لاءِ ڇڏي ها ۽ شايد ٽن هزارن کان سواءِ اُن پوڙهي کان سڄي ملڪيت حاصل ڪري ها.

پان مسيولووچ جي شاهدي کي ياداشت ۾ داخل ڪيو ويو ۽ پوري تفصيل سان، اُن کان پوءِ پول کي رخصت ڏني وئي. پتن تي جا ٺڳي ڪئي وئي هئي، اُن کي مشڪل سان هٿ لاتو ويو. نڪولائي پارفينووچ کائن بيحد خوش هو ۽ هن نه ٿي چاهيو ته ٿوري رقم جي لاءِ، پاڻ کي رنج ۾ وجهن، جا هڪ بيوقوفي هئي ۽ نشي جو جهڳڙو. اُن رات ڪافي بدنظمي ۽ شراب جو دور هو ..... اِن ڪري، ٻه سـَـؤ روبل پول جي کيسي ۾ ئي رهجي ويا.

هنن کان پوءِ ميڪزيموف کي سڏيو ويو. هـُـو بزدليءَ جو اظهار ڪندو، ننڍڙيون ننڍڙيون وکون کڻندو آيو. هـُـو پريشان ۽ ڏکويل پئي معلوم ٿيو. هن سموري وقت ۾، هـُـو گروشينڪا سان گڏ هو. سندس پاسي ۾ هيٺ خاموش ويٺو هو. هـُـو وقت بوقت چپ ڪڍي، مٿس روئي رَهيو هو ۽ اکين جي ڳوڙهن کي چيڪ جي نيري رومال سان اُگهندو ٿي رهيو. جيئن مائيڪل ماڪرووچ پوءِ ٻڌايو ٿي، ته سندس حالت اُن وقت بيحد خراب هئي، ايتري قدر جو هوءَ کيس تسلي ڏيندي ۽ پرچائيندي ٿي رَهي. پوڙهي هڪدم قبول ڪيو، ته هـُـن پنهنجي غربت جي باعث ڏهه روبل هن کان قرض طور ورتا هئا ۽ هـُـو کيس موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. نڪولائي پارفينووچ جي سـِـڌن سوالن موجب، ته اُن وقت دمتري فيودورپاولووچ جي هٿن ۾ ڪيتري رقم هئي ۽ جيئن ته هن کيس ڏهه روبل ڏنا هئا، اِهڙيءَ حالت ۾ هـُـو کيس ايترو ته ويجهو هو، جو رقم کي هـُـو چڱيءَ ريت ڏسي سگهيو هوندو. ميڪزيموف بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي ڏنو ته،  ”ويهه هزار روبل!“

 ”تو اڳي ايتري رقم، ٻي هنڌ به ڪٿي ڏٺي آهي؟“  نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇيو.

 ”ويهه هزار روبل ته نه، پر يقين سان مان چوان ٿو، ته ست هزار روبل مان ڏٺا آهن. منهنجي زال منهنجي ملڪيت، ايترن پيسن ۾ گروي رکي هئي. هـُـن مون کي اِها رقم پري کان ڏيکاري هئي ۽ اُن بابت لاف هڻي رَهي هئي. اِهو هڪ ٿلهو بنڊل هو ۽ سڀئي نوٽ انڊلٺ جي رنگ وارا هئا. دمتري فيودورپاولووچ جا به ساڳي رنگ وارا هئا .....“

کيس گهڻو وقت نه ترسايو ويو. آخر گروشينڪا جو وارو آيو. نڪولائي پارفينووچ، هن خوف کي محسوس ڪيو، ته سندس آمد جو اَثر مـِـتيا تي ضرور پوندو. اُن ڪري، هن اڳ ۾ ئي ٿورا لفظ تسليءَ لاءِ کيس چيا. پر مـِـتيا خاموشيءَ سان پنهنجي مٿي کي جهڪايو، جنهن مان سندس مطلب هو، ته هـُـو ڪوبه تماشو نه بڻائيندو. مائيڪل ماڪرووچ پاڻ گروشينڪا کي اندر وٺي آيو. هوءَ سخت ۽ اُداس چهري سان اندر آئي. نڪولائي پارفينووچ جي آڇڻ تي، خاموشيءَ سان ڪرسي تي ويهي رَهي. هوءَ زرد ۽ سرد ٿي نظر آئي ۽ پاڻ کي هڪ شاندار ڪاري شال سان ڍَڪي ڇڏيو هئائين. هو خفيف سرديءَ جي بخار کي محسوس ڪري رَهي هئي. هيءَ اُن طويل بيماريءَ جا جيوڙا هئا، جي اُن رات جي اَثر جي سبب کان هئا. سندس ڳنڀير روش، سندس سنئين سـِـڌي انتظار واري نگاهه، ۽ ماٺيڻين عادتن، اُتي جي ويٺلن تي، سندس ئي فائدي ۾ وڏو اَثر پيدا ڪيو. خود نڪولائي پارفينووچ، سندس هن شان شوڪت کان ڪنهن حد اندر موهجي چـُـڪو هو. هن بعد ۾ انهيءَ حقيقت کي قبول ٿي ڪيو، ته هـُـن پهريون ڀيرو ڏٺو هو، ته عورت ڪيتري قدر حسين ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيترائي دفعا اڳ به کيس ڏٺو هو، پر هـُـو هميشھ کيس شهر جي هڪ بيوفا عورت سمجهندو ٿي رهيو. کيس سماج جون بهترين خوبيون حاصل هيون. جيئن ته پوءِ هن ڪيترين شريف عورتن ۾ چيو ٿي، ته هيءَ عورت وڏي شخصيت ۽ لڇڻن واري آهي. ايتري قدر جو زالن جي صف ۾ ۽ هر طرح سان اول رهڻ جي حقدار آهي. اُنهن عورتن کيس ناراض ٿي، هڪ ٻئي جوابدار نوجوان جو مهڻو ڏنو.

جيئن هوءَ ڪمري ۾ اندر آئي، ٿوري وقت لاءِ هن مـِـتيا ڏي ڏٺو. جنهن بي آراميءَ سان کيس نهاريو ٿي. سندس چهري کي ڏسندي ئي، منجهس پختگي پيدا ٿي وئي. ابتدائي لازمي جاچ کان پوءِ نڪولائي پارفينووچ، هٻڪندي کيس چيو، جنهن ۾ وڏي مروت به هئي، ته هوءَ ڪهڙن شرطن سان، برطرف ٿيل ليفٽيننٽ سان گڏ هئي؟ يعني دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف سان؟ هن سوال جي جواب ۾ گروشينڪا، نهايت مستعدي ۽ خاموشيءَ سان چيو ته:

 ”هـُـو منهنجو ڏٺل هو. هڪ واقف جي حيثيت سان هڪ مهينو اڳ، هـُـو مون کي ڏسڻ لاءِ آيو هو.“  پڇيل سوالن ۾ هن نهايت صراحت ۽ مڪمل وضاحت سان جواب ٿي ڏنا. جيئن ته ڪن وقتن تي، هـُـن کيس نهايت جاذب ۽ موهيندڙ ٿي ڏٺو، پر هـُـن جي ساڻس محبت ڪانه هئي. پر هوءَ سندس ۽ سندس پوڙهي جي دل کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. هوءَ پنهنجي بد جنسي ۽ پستيءَ جي ڪري، هـُـن ڏٺو ته مـِـتيا، پنهنجي پيءُ ۽ منهنجي ٻين دوستن سان ساڙ ٿو رکي. پر هن سڄي تماشي کان سندس مقصد هو ’مزو وٺڻ‘. سندس مقصد ڪڏهن به اِهو نه هو، ته فيودورپاولووچ ڏي وڃي. هوءَ فقط مٿس کلندي ٿي رَهي.  ”گذريل مهيني ۾، هنن ٻنهي مان ڪنهن سان به منهنجي محبت ڪرڻ جو اِرادو نه هو. هن سڄي مهيني ۾ مان ڪنهن ٻي ماڻهوءَ جي انتظار ۾ هيس، جنهن مون کي تباهه ڪيو هو. پر مان خيال ڪريان ٿي،“  هن پڇاڙيءَ ۾ چيو، ته  ”پر توهان کي اِنهن ڳالهين جي پڇڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. نه وري مون لاءِ ضروري آهي، ته اُنهن جا جواب ڏيان. ڇاڪاڻ ته هيءُ منهنجو پنهنجو معاملو آهي.“

نڪولائي پارفينووچ، هڪدم هن اِشاري تي هلڻ لڳو. هن هڪدم مقدمي جي رومانوي پس منظر کي ڇڏي ڏنو ۽ لازمي شين ڏي مـُـڙيو. جيئن ته هن نهايت ضروري سوال پڇڻ شروع ڪيا، جن جو تعلق ٽن هزار روبلن سان هو. گروشينڪا هڪدم قبول ڪيو ته ماڪرو جي پهرئين نشاط جي محفل ۾ ٽي هزار روبل خرچ ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ هـُـن پاڻ اُن رقم کي نه ڳڻيو هو، پر هن دمتري فيودورپاولووچ جي زبان کان اِيئن ٻڌو هو.

 ”ڇا هن اِهو توکي اڪيلائيءَ ۾ ٻڌايو هو يا ڪنهن ٻي جي سامهون به. يا ٻين کي ٻڌائيندي، توکيس اِيئن چوندي ٻڌو هو؟“  جاچ ڪندڙ عملدار جلديءَ مان کانئس پڇيو.

هن سوال جي جواب ۾ گروشينڪا کيس ٻڌايو، ته هن ٻين ماڻهن جي سامهون کيس اِيئن چوندي ٻڌو هو ۽ اَڪيلائيءَ ۾ به کيس اِيئن ئي چوندي ٻڌو هو.

 ”ڇا هن اَڪيلائيءَ ۾ توکي هڪ دفعو اِيئن ٻڌايو هو، يا ڪيئي ڀيرا.“  جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو ۽ کيس هيءُ حاصل ٿيو، ته هـُـن ڪيئي ڀيرا، کيس اِيئن چيو هو.

ائبولٽ ڪريليووچ، هن شاهدي جي ٽڪري کان بلڪل مطمئن ٿي نظر آيو. وڌيڪ شاهدي وٺڻ مان معلوم ٿيو، ته گروشينڪا کي پڻ اِها خبر هئي، ته اِها رقم ڪٿان آئي هئي؟ دمتري فيودورپاولووچ، اِها رقم ڪيٽرينا ايونونا کان ئي حاصل ڪئي هئي.

 ”تو ڪڏهن به اِيئن نه ٻڌو هو ته رقم، جا صرف ڪئي وئي هئي، سا ٽي هزار روبل نه هئي، پر اُن کان گهٽ هئي ۽ دمتري فيودورپاولووچ اُن مان اَڌ بچائي پنهنجي مقصد لاءِ رکي هئي؟“

 ”نه مان اِيئن ڪڏهن به نه ٻڌو هو“  گروشينڪا جواب ڏنو.

 ”هن وڌيڪ ٻڌايو ته مـِـتيا، اُن جي برعڪس اڪثر اِيئن ٿي ٻڌايو، ته وٽس ڪچي ڪوڏي به ڪانه آهي.“  گروشينڪا آخر ۾ چيو.

 ”ڇا، هن تنهنجي سامهون، ڪنهن سبب کان يا ڪاوڙ ۾،“  نڪولائي پارفينووچ اوچتو کانئس پڇيو، ته  ”هـُـو پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ تي حملي ڪرڻ جو اِرادو ٿو رکي؟“

 ”اڙي،“  هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته،  ”ڪيئي ڀيرا.“

 ”هـُـو ڪيئي دفعا، ڪاوڙ ۾ اِيئن چوندو هو.“

 ”ڇا توکي يقين هو ته اِيئن ڪندو به؟“

 ”نه، مان ڪڏهن به اِيئن نه ٿي سمجهيو.“  هن يقين، سان جواب ڏنو.  ”مون کي سندس شاندار دل لاءِ پورو پورو ويساهه هو.“

 ”شريف انسانو! مون کي اجازت ڏيو.“  اوچتو مـِـتيا رڙ ڪري چيو، ته  ”مون کي اِجازت ڏيو، ته اوهان جي حاضري ۾ اگرافينا اليگزينڊرووينا کي ڪي لفظ چوان.“

 ”تون ڳالهائي سگهين ٿو!“  نڪولائي پارفينووچ قبول ڪندي چيو.

 ”اگرافينا اليگزينڊرووينا!“  مـِـتيا پنهنجي ڪرسي تان اُٿي بيٺو،  ”خدا ۽ مون ۾ پنهنجو اعتبار رک. مان پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهيان.“

هنن لفظن چوڻ کان پوءِ، وري پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. گروشينڪا اُٿي بيٺي ۽ بي بي مريم جي مجسمي جي سامهون، وڏيءَ حب مان، پنهنجي مٿان صليب جو نشان بڻايو.

 ”خدايا! مان تنهنجو شڪر اَدا ڪريان ٿي.“  هـُـن چيو. سندس آواز جوش سان ڀريل هو ۽ هوءَ اَڃا بيٺي هئي. هن نڪولائي پارفينووچ ڏي منهن ڪري چيو ته:

 ”هن، هاڻي جو ڪجهه چيو آهي، اُن تي اوهان اعتبار ڪريو. مان هن کي ڄاڻان ٿي. هـُـو جو به چوندو آهي، اُهو يا ته مذاق هوندو آهي يا ٺٺرائپ. مگر هيءُ پنهنجي ضمير جي خلاف ڪڏهن به اوهان کي فريب نه ڏيندو. هـُـو جو ڪجهه به چوي ٿو، سچ چوي ٿو ۽ اوهان کي اعتبار ڪرڻ گهرجي.“

 ”مهرباني! اگرافينا اليگزينڊرووينا، تو مون کي تازي همٿ ڏياري آهي.“  مـِـتيا سست ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.

 ”اُهي پيسا جي ڪالهه خرچ ڪيا ويا هئا!؟“  هـُـن جواب ڏيندي چيو، ته  ”اُنهن جي مون کي خبر نه آهي، ته ڪيترا هئا. پر مان ڪيترن ماڻهن کي کيس چوندي ٻـُـڌو هو، ته وٽس ٽي هزار روبل آهن.“  هن سوال تي ته هـُـن اِهي پيسا ڪٿان  آندا، گروشينڪا کين ٻڌايو، ته هن کيس چيو ٿي ته هو اِها رقم کيس موٽائي ڏي ۽ اِها چورائڻ نه کپندي هئي. جاچ ڪندڙ عملدار کانئس هن حقيقت جي وضاحت گهري، ته اها رقم جا هن ڪيٽرينا ايونونا جي چورائي هئي، سا ساڳي هئي، جا هن ڪالهه خرچ ڪئي هئي ۽ اُن مان هئي، جا مهينو اڳ هن اِتي خرچ ڪئي هئي. هن جي جواب ۾ هـُـن وضاحت ڪندي چيو، ته اِها رقم اِنهيءَ مان ئي هئي، جا هـُـن مهينو اڳ اُتي خرچ ڪئي هئي. هـُـن اِيئن ٿي سمجهيو.

گروشينڪا کي آخر ڇڏيو ويو. نڪولائي پارفينووچ کيس زور ڏيندي چيو، ته هوءَ هڪدم شهر ڏي موٽي وڃي. جيڪڏهن کيس ڪا مدد کپي يعني گهوڙن وغيره جي يا ڪنهن بورائي ته هـُـو، کيس ميسر ڪري ڏيندو.

 ”مان سچيءَ دل سان اوهان جي مهرباني اَدا ڪريان ٿي.“  گروشينڪا کيس جهڪندي چيو.  ”مان هن پوڙهي ماڻهوءَ سان گڏجي شهر ڏي وينديس ۽ هن کي ئي ساڻ وٺي وينديس. پر جيڪڏهن اوهان مون کي اِجازت ڏيو، ته مان هيٺ ترسان، ايستائين جو مون کي خبر پوي، ته دمتري فيودورپاولووچ جي لاءِ اوهان ڪهڙو ٿا فيصلو ڏيو؟“

هـُـو ٻاهر نڪري وئي. مـِـتيا بلڪل خاموش هو ۽ شگفته ٿي نظر آيو. پر فقط هڪ گهڙيءَ جي لاءِ. هـُـو طبعي ڪمزوري کان گهڙي گهڙي نٻل پوندو ٿي ويو. سندس اکيون ٿـَـڪ ۽ اوجاڳي کان بند ٿينديون ٿي ويون. شاهدن جون شاهديون آخر پوريون ٿيون. هـُـو آخري طرح تحريري ياداشت کي دهرائڻ لڳا. مـِـتيا اُٿيو ۽ پنهنجي ڪرسيءَ کي ڇڏيائين. هـُـو پردي جي آخري ڪـُـنڊ تائين هليو ويو. هـُـو وڏي پيتي جي مٿان، جنهن تي ڪنبل پيو هو، سمهي پيو ۽ کيس ننڊ کڻي وئي

کيس هڪ عجيب خواب نظر آيو، جو وقت ۽ جاءِ جي مناسبت کان بلڪل عليحده هو.

هـُـو اُٰن ميدان مان گذري رهيو هو، جتي هـُـو گهڻو اڳي ملازمت ۾ هو. هڪ ڪوچبان، کيس هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ڪري وٺيو ٿي ويو. گاڏيءَ ۾ گهوڙن جو جوڙو هو. هـُـو کيس برف ۽ طوفان مان وٺيو ٿي ويو. کيس سردي پئي محسوس ٿي. اِها نومبر جي ابتدا ٿي ڏٺي ۽ برف وڏن ڳڙن جي صورت ۾ وسي رَهي هئي. زمين تي ڪرندي ڳري ٿي وئي. ڪوچبان کيس چالاڪيءَ سان وٺيو ٿي ويو. کيس نهايت عمدي ۽ ڊگهي ڏاڙهي هئي. هـُـو ايترو پوڙهو نه هو، پر پنجاهه ورهين جو ٿي لڳو. کيس جسم تي ڪڙمين جهڙي پراڻي ۽ ڀوري رنگ جي پوستين پيل هئي. اُتان هڪ ڳوٺ ويجهو ٿي ڏٺو. هـُـو اُتان جهوپڙين کي صاف ڏسي رهيو هو، جن مان اَڌ سڙيل هيون. پري کان اُنهن جي ڪاراڻ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نظر نه ٿي آئي. جيئن هـُـو پنهنجي سواري کي اوڏانهن وٺي ويا، کين رستي تي ڳوٺاڻيون عورتون نظر آيون. زالن جو هڪ وڏو گروهه يعني سڄي قطار. سڀئي ڀوري رنگ جون ٿي ڏٺيون، خاص ڪري، اُنهن مان هڪ قد جي ڊگهي، ڀريل هڏن واري ۽ ڪمزور چهري واري رستي جي ڪناري تي دمتريءَ کي نظر آئي، جا چاليهن ورهين جي ٿي ڏٺي. ممڪن آهي ته سندس صحيح عمر ويهه ورهيه هجي. سندس منهن اُڀو ۽ سنهو هو. سندس ٻانهن ۾ هڪ ٻار روئي رَهيو هو. سندس ڇاتي ايتري ته سڪل هئي، جو منجهس کير جي ڦـُـڙي جي اُميد به ڪانه هئي. سندس اُگهاڙين ٻانهن ۾ ٻار روئندو ٿي رهيو. اُن جا ننڍڙا هٿ ٿڌ کان نيرا ٿي ويا هئا.

هـُـوءَ جيئن وٽانئس گذري، مـِـتيا پڇيو ته  ”هيءُ ڇو روئي رهيو آهي؟“

 ”هيءُ ٻار آهي،“  ڪوچبان کيس جواب ڏنو.  ”ٻار روئي رهيو آهي.“  ڳوٺاڻڪي جواب مـِـتيا تي وڏو اَثر ڪيو. ’ٻار‘ هڪ عجيب جواب هو. کيس ڳوٺاڻيءَ جو ’ٻار‘ چوڻ ڏاڍو پسند آيو. اُن جي اندر رحم جو گهڻو عنصر هو.

 ”پر هي ڇو روئي رهيو آهي؟“  مـِـتيا بيوقوفيءَ کان اُن تي زور ڏيڻ لڳو.

 ”ڇو، هيءُ غريب آهن، سندن گهر سڙي ويا آهن ۽ هيءُ مجبور ٿي پنڻ لاءِ نڪتيون آهن.“

 ”هن جون ننڍڙيون ٻانهون اُگهاڙيون ڇو آهن، کيس ڪپڙي ۾ ويڙهين ڇو نه ٿيون؟“

 ”ٻار کي ٿڌ ٿي ٿئي. سندن ڪپڙا ٿڌ کان ڄمي ويا آهن، پوءِ هيءَ ڪهڙي ريت کيس گرم ڪن؟“

نه، نه، مـِـتيا اَڃا به نه سمجهيو. هو چوڻ لڳو، ته مون کي ٻڌاءِ ته هيءُ غريب مائرون اِتي ڇو بيٺيون آهن؟ هيءُ ماڻهو ڇو غريب آهن؟ هيءُ ٻار ڇو غريب آهن؟ هن ميدان کي ڇو باهه لڳي آهي؟ هيءُ ڇو نه ٿيون هڪٻئي کي ڀاڪر پائين، چمين؟ هو ڇو نه ٿيون خوشيءَ جا راڳ ڳائين. هيءُ ڪارين يادگيرين کان ايترو تاريڪ ڇو آهن؟ ٻار کي ڇو نه ٿيون کارائين؟“

جيتوڻيڪ هن محسوس ٿي ڪيو، ته سندس سوال بي معنيٰ ۽ بي سمجهيءَ وارا هئا، پر هـُـن چاهيو ٿي، ته اُهي پڇي ۽ هو اِهڙي ريت پڇي رهيو هو. هن ساڳي وقت رحم جي جذبات کي به محسوس ڪيو، جي اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪيا هئائين، نه وري سندس دل ۾ اِيئن ڪڏهن اُڀريا هئا. هن چاهيو ٿي، ته پاڻ به روئي ۽ اُنهن جي لاءِ ڪجهه ڪـَـري، جيئن اُهو ٻار وري نه روئي ۽ اُها اونداهي منهن واري ۽ سڪل ڇاتيءَ واري ماءُ وري نه روئي. نه وري، اُن گهڙيءَ کان پوءِ، ڪا وري ڳوڙها ڳاڙي. هـُـن چاهيو ٿي، ته هـُـو جلدي اِيئن ڪري. ڪرامازوف خاندان جي غلطين ۾ گهٽتائين هوندي به هـُـن هڪدم اِيئن ڪيو.

 ”مان به توڏي اَچان ٿي. مان هاڻي توکي باقي رهيل حياتيءَ ۾ اَڪيلو نه ڇڏينديس. مان توڏي اَچان ٿي.“  هن پنهنجي قريب، پاسي ۾ گروشينڪا جي نازڪ آواز کي ٻڌو، جا جوش کان ڏڪي رهي هئي، پر سندس دل چمڪي رَهي هئي. هـُـو روشنيءَ ڏي وڌڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳو. سندس دل ۾ اُمنگ پيدا ٿي، ته هـُـو جيئرو رَهي، ۽ نئين روشني ڏي وڌندو رَهي، اُن لاءِ هـُـو هاڻي ئي تڪڙ ڪري ۽ هڪدم!

 ”ڇا؟ ۽ ڪٿي؟ هـُـن اکيون کوليندي چيو. هـُـو صندوق تي اُٿي ويهي رَهيو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن بيهوشيءَ مان اُٿيو هو. هـُـو خوشيءَ مان مشڪي رهيو هو. نڪولائي پارفينووچ سندس مٿان بيٺو هو ۽ کيس چئي رهيو هو، ته هـُـو لکيل يادگيرين کي ٻڌي، جا هاڻي وڏي آواز سان کيس پڙهي ٻڌائڻي هئي ۽ کانئس صحيح وٺڻي هئي. مـِـتيا سمجهيو، ته هن ڪلاڪ يا اُن کان مٿي ننڊ ڪئي آهي. هن نڪولائي پارفينووچ کي ٻڌوئي نه، کيس حيرت ٿي ته جنهن وقت هو، صندوق تي سمهيو هو، ته سندس مٿي جي هيٺان وهاڻو نه هو. جڏهن هـُـو پوئتي جهڪيو هو ته اُهو موجود ڏٺائين.

 ”هيءُ وهاڻو ڪنهن منهنجي مٿي جي هيٺان رکيو؟ ۽ اِهو مهربان ڪير آهي؟“  سندس آواز خوشيءَ کان جهومندو رهيو. ڄڻ ته ڪنهن مٿس وڏو ٿورو ڪيو هو.

هـُـو ڪڏهن به اُن مهربان انسان کي ڳولي نه سگهيو. شايد ڪو ڳوٺاڻو شاهد هجي، يا نڪولائي پارفينووچ جو ننڍڙو منشي، جنهن ترس کائي سوچيو هجي، ته سندس مٿي جي هيٺان وهاڻو رکي. پر سندس سڄو روح ڄڻ ته ڳوڙها ڳاڙي رَهيو هو ۽ ڏڪي رهيو هو. هـُـو ميز ڏي وڌيو ۽ کين چيائين، ته جيئن هـُـو چاهين، ۽ هـُـو صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 ”مان هڪ عجيب خواب ڏٺو آهي، شريف انسانو.“  هـُـن نهايت عجيب اَنداز ۾ چيو. سندس چهري مان، خوشيءَ جي نئين روشني نظر اَچي رهي هئي.

 

dc


 

 

باب نائون

مـِـتيا کي پـَـري وٺي وڃن ٿا

جڏهن لکيل يادگيرين تي صحيح ٿي چـُـڪي، نڪولائي پارفينووچ خاموشيءَ سان قيدي ڏي ڦريو ۽ اُن جي سامهون وڏي آب تاب واري آواز سان ان لکيل کي پڙهيائين، جنهن ۾ لکيو ويو هو، ته فلاڻي سال جي فلاڻي ڏينهن ۾ فلاڻي جاءِ تي، جاچ ڪندڙ عملدار، فلاڻي ضلع ڪورٽ جي، فلاڻن فلاڻن شاهدن (مـِـتيا جي معاملي بابت) کان پڇا ڪئي آهي ۽ سڀني تهمتن کي لکيو ويو آهي. اُنهن مان ڏسڻ ۾ اَچي ٿو، ته جوابدار، جيئن ته متن جو ڏوهي ٺهرايو ويو آهي، اُن جي خلاف ڪوبه بچاءِ ڏئي نه سگهيو آهي. ٻي طرف فلاڻن فلاڻن شاهدن ۽ فلاڻن فلاڻن سببن، سندس خلاف پنهنجو اظهار ڪيو آهي. اُن ڪري، قانون جي ڪتاب جي فلاڻي، فلاڻي جز موجب حڪم ٿو ڪجي، ته فلاڻي (مـِـتيا) کي مقدمي جي صفائي ۽ فيصلي تائين فلاڻي جيل ۾ نظربند رکيو وڃي ٿو. هن پابنديءَ جي حڪم جو نقل، ڊپٽي پراسيڪيوٽر ۽ ٻين ڏي موڪليو وڃي ٿو.

مختصر ته مـِـتيا کي ٻڌايو، ته هـُـو اُن گهڙيءَ کان قيدي آهي ۽ کيس هڪدم شهر ڏي وٺي وڃبو ۽ کيس ڪنهن اڻ وڻندڙ جاءِ تي بند ڪيو ويندو. مـِـتيا خبرداريءَ سان ڌيان ڏئي ٻڌو. هن فقط پنهنجي ڪلهن کي جهڪايو.

 ”شريف انسانو! مان اوهان کي ڪوبه الزام نه ٿو ڏيان. مان تيار آهيان .... مان ڄاڻان ٿو، ته اوهان هن کان سواءِ، ٻيو ڪري ئي ڇا ٿا سگهو؟“

نڪولائي پارفينووچ نرمائيءَ سان اطلاع ڏنو، ته کيس هڪدم ڳوٺاڻي پوليس جو آفيسر ماورڪي ماروڪووچ پاڻ سان وٺي ويندو، جو اُتي موجود هو.

مـِـتيا، اوچتو وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، ته  ”ترسو!“  ۽ هن اُن جذبات سان، جا سندس ضابطي کان ٻاهر هئي، ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن کي خطاب ڪري چيو ته:

 ”مهربانو! اَسان سڀ ظالم آهيون ۽ اسان سڀ واڳون آهيون. اسان فقط ماڻهن کي روئارڻ ڄاڻون ٿا. مائرن ۽ ٻارن کي پريشان ڪرڻ اَچي ٿو. پر اوهان سڀني مان، هاڻي هت فيصلو ٿيڻ گهرجي، ته مان گهٽيا نانگ آهيان. پنهنجي عمر ۾ مان ڏهاڙي سيني اندر هي قسم کڻندو ٿي رهيس، ته پنهنجي اصلاح ڪندس. پر وري به اِنهن ساڳين پنهنجي بيهوده ڪاررواين ۾ مشغول رهيو آهيان. مان هاڻي سمجهان ٿو، ته مون جهڙي ماڻهوءَ کي اُن جي سزا ملڻ کپي. اُها سزا تقدير جي ضرب هئڻ گهرجي، جو پنهنجي ڦاسيءَ ۾ ڦاسائي ٿو ۽ زور سان قابو ڪري رکي ٿو. جيئن ته هاڻي سندس کنوڻ منهنجي مٿان ڪري رهي آهي، مان هن تهمت جي عذاب کي قبول ٿو ڪريان ۽ اَن کان سواءِ عوام جي اڳيان شرمساري! مون کي اِهو عذاب سهڻ گهرجي ۽ هن برداشت جي باعث مان پاڪ ٿي ويندس، شريف انسانو! پر آخري دفعي لاءِ ڌيان ڏيئي ٻڌو. مان پنهنجي پيءُ جي رت هارڻ جو گنهگار نه آهيان. مان پنهنجي سزا کي اِنهيءَ لاءِ قبول نه ٿو ڪريان، ته مان اُن کي ماريو  آهي، پر سچ پچ سان کيس ماريان ها. شايد مان کيس ماري به وجهان ها. مان اَڃا به هن حقيقت جي لاءِ وڙهندس، جنهن لاءِ مان اوهان کي خبردار ٿو ڪريان. مان پنهنجي لاءِ آخري دم تائين وڙهندس ۽ پوءِ خدا ئي فيصلو ڪندو. شريف انسانو! الوداع! مون تي اِنهيءَ لاءِ رنج نه ٿجو، ته مان پڇا جي دوران اوهان سان واڪا ڪري ٿي ڳالهايو. مان اَڃا به ته ساڳيو ئي بيوقوف هوس ...... منٽ کان پوءِ مان قيدي هوندس، پر هاڻي هن آخري وقت ۾ آزاد انسان آهيان ۽ دمتري ڪرامازوف اوهان سان هٿ ٿو ملائي. مان اوهان کي خدا حافظ چوان ٿو ۽ هتي جيڪي موجود آهن تن انسانن کي به.“

سندس آواز ڏڪي رهيو هو، هن پنهنجي هٿن کي وڌايو، پر نڪولائي پارفينووچ جو اتفاق سان سندس ويجهو بيٺو هو، پنهنجي هٿن کي پٺيءَ جي پويان لڪائي ڇڏيو. هي سڀ اوچتو ۽ بيخوديءَ ۾ ٿي گذريو. مـِـتيا ان وقت ئي کيس ڏسي ورتو ۽ کانئس ڇرڪ نڪري ويو ۽ سندس ٻاهر نڪتل هٿ، هيٺ ڪري پيا.

 ”ابتدائي جاچ اَڃا پوري نه ٿي آهي.“  نڪولائي پارفينووچ هٻڪندي چيو، هـُـو ڪجهه منجهيل ٿي ڏٺو. اَسان هن کي شهر ۾ به جاري رکنداسون. مان پنهنجي طرفان، بيشڪ تيار آهيان، ته توکي ڪاميابي حاصل ٿئي ..... جيئن حقيقتون آهن .. توکي بچاءَ ۾ فائدو ٿئي، دمتري فيودورپاولووچ. مان هميشھ تنهنجي عزت جو لحاظ رکيو آهي ۽ مان اِيئن سمجهيو آهي، ته گنهگار کان وڌيڪ تون بدقسمت آهين. اَسان سڀئي جي هتي موجود آهيون، هن خيال جا آهيون، ته تون بلڪل نيڪ ۽ شريف نوجوان آهين، پر افسوس جو تون پنهنجي نفساني هوَس جي چنبي ۾ حد کان گهڻو گرفتار آهين.“

جاچ ڪندڙ عملدار، پنهنجي گفتگو کي پوري ڪرڻ کان پوءِ سنجيده بڻجي ويو. اوچتو دمتريءَ کي اِيئن نظر آيو، ته هي اَجائي گفتگو ڪندڙ جوان، کيس آغوش ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس گوشي ۾ وٺي، وري  ”ڇوڪرين“  جي بابت گفتگو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري رهيو آهي. پر اِهڙا ڪيئي بيهوده خيال ۽ غير سنجيده فڪر، ڪڏهن ڪڏهن قيديءَ جي دل ۾ اُجاگر ٿيندا آهن، جڏهن کيس موت جي سزا لاءِ وٺي ويندا آهن.

 ”شريف انسانو! اوهان، نيڪ، انسانيت وارا آهيو. ڇا مان هن کي آخري ڀيرو الوداع چئي سگهان ٿو؟“  مـِـتيا کانئن پڇيو.

 ”بيشڪ، پر ..... اسان جو خيال آهي، ته اِها ملاقات اَسان جي روبرو اوهان کي ميسر ٿي سگهندي.“

 ”بهتر، اِيئن ئي، پر ملاقات ضرور ٿيڻ گهرجي.“

گروشينڪا کي اندر گهرايو ويو، پر هيءَ موڪلاڻي نهايت مختصر هئي ۽ ٿورن لفظن ۾ هئي. نڪولائي پارفينووچ کي ڪابه تسلي نه ٿي. گروشينڪا، مـِـتيا کي بيحد جـُـهڪي سلام ڪيو.

 ”مان توکي ٻڌايو آهي، ته مان تنهنجي آهيان ۽ مان تنهنجي ئي ٿي رهنديس. مان هميشھ لاءِ تنهنجي ئي پٺ وٺنديس. ڪٿي به توکي موڪليندا، مان تنهنجي پويان هونديس. الوداع! تون بي ڏوهي آهين، جيتوڻيڪ هيءُ تنهنجون پنهنجون ئي غلطيون آهن.“

سندس چپ ڏڪي رهيا هئا ۽ سندس اکين مان لـُـڙڪ وهي رهيا هئا.

 ”مون کي معاف ڪر گروشينڪا، منهنجي محبت جي صدقي مون کي معاف ڪر. مان پنهنجي محبت سان توکي برباد ڪيو  آهي.“

مـِـتيا اَڃا به ڪجهه وڌيڪ چوي ها، پر هـُـو ٽٽي پيو ۽ ٻاهر هليو ويو. هڪدم اُهي ماڻهو کيس ويڙهي ويا، جي سندس سخت نگراني ڪري رهيا هئا. ڏاڪڻ جي هيٺ، جتي، هڪ ڏينهن اڳ ۾ ائنڊري جي ٽن گهوڙن واري سواريءَ ۾ تيزي سان پهتو هو، ٻه گاڏيون تيار بيٺيون هيون. ماورڪي ماروڪووچ، هڪ مضبوط ۽ پهلوان قسم جو ماڻهو هو، جنهن جي منهن ۾ ڪيئي گهنج هئا، ڪنهن ڳالهه تان پريشان هو. ڪنهن اوچتو بي قاعدگيءَ کان خفا ٿي ڏٺو. هـُـو ڪاوڙ مان واڪا ڪري رهيو هو. هن مـِـتيا کي سخت خفگيءَ سان گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ حڪم ڏنو.

 ”جڏهن مان هن کي شرابخاني ۾ شراب پيئندي ڏٺو هو، ته سندس چهرو بلڪل ٻي طرح جو هو.“  مـِـتيا سوچيو. اِيئن سوچيندي هـُـو گاڏيءَ ۾ اندر گهڙيو. دروازي وٽ ماڻهن جو انبوهه هو. ماڻهو، ڪـُـڙمي، ڪوچبان ۽ عورتون تريفان بورسووچ پڻ ڏاڪڻ کان هيٺ لهي آيو. سڀ مـِـتيا کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا.

هن جدائيءَ جي وقت نيڪ انسانو! مـِـتيا اوچتو گاڏي مان  واڪو ڪري چيو.

 ”اسان کي به معاف ڪر! هن ٽن چئين آوازن کي ٻڌو.

 ”تنهنجو به خدا حافظ! تريفان بورسووچ“

پر تريفان بورسووچ، کيس مـُـڙي به نه ڏٺو. هو بيحد مشغول ٿي ڏٺو. هـُـو پڻ ڪنهن ڳالهه کان واڪا ۽ لـُـڙ ڪندو ٿي رَهيو. ان مان معلوم پئي ٿيو، ته ٻي گاڏيءَ ۾ اَڃا بندوبست مڪمل نه ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻه سپاهي ماورڪي ماروڪووچ سان گڏ وڃڻ وارا هئا. ڪڙمي، جنهن ڪوچبان کي ٻي گاڏي هلائڻي هئي، هو پنهنجي پوستين کي ڇڪي اِهو مضبوطيءَ سان ظاهر ڪري رهيو هو، ته سندس وڃڻ جو وارو نه  آهي، پر آڪم جو. پر آڪم نظر ئي نه ٿي آيو. هـُـو کيس ڏسڻ لاءِ ڊوڙيا. ڪوچبان مٿن زور آندو ۽ عرض ڪيو، ته هـُـو ٿورو ترسن.

 ”ڏسين ٿو ماورڪي ماروڪووچ، اَسان جا ڪوچبان ڪهڙي قسم جا آهن. کين ڪوبه شرم ڪونه آهي.“  تريفان بورسووچ چوڻ لڳو.  ”آڪم ڪالهه توکي پنجويهه ڪاپيڪس (سڪا) ڏنا هئا. تو اُنهن جو شراب پيتو. هاڻي وري دانهون به ڪرين ٿو. ماورڪي ماروڪووچ، مان هنن گهٽ ذات وارن سان تنهنجي نيڪ طبعيت کي ڏسي عجب ٿو کاوان. مان اِيئن ئي چوندس.“

 ”پر ٻي گاڏي اوهان کي ڇا جي لاءِ کپي؟“  مـِـتيا سوال ڪيو. اَسان کي تيار ٿيڻ کپي ۽ هن هڪ سان ئي هلڻ کپي، ماورڪي ماروڪووچ. مان انتظام ۾ رخنو نه وجهندس، نه وري ڀڄي ويندس. هيءُ پوليس جو حفاظتي دستو ڇا جي لاءِ؟“

 ”مان جيڪر توکي تڪليف ڏيان، ته تون اهو سکين، ته مون سان توکي ڪيئن ڳالهائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته تو اڃا ڳالهائڻ سکيو ئي نه آهي. مان هاڻي تنهنجو پراڻو واقفڪار نه آهيان. تون پنهنجي صلاح کي ڪنهن ٻي موقعي جي لاءِ سانڍي رک.“  ماورڪي، هڪ وحشي وانگر بڙ بڙ ڪندو رهيو. ڄڻ ته هـُـو خوش پئي ٿيو، ته پنهنجي ڪاوڙ کي ڪنهن تي هاري رهيو آهي.

مـِـتيا خاموش ٿي ويو، پر ڪاوڙ کان بي تاب هو. اُن وقت هو سردي محسوس ڪرڻ لڳو. برسات هاڻي بند ٿي وئي هئي، پر آسمان، اَڃا ڪڪرن سان ڀريل هو ۽ سخت هوا سندس منهن تي لڳي رَهي هئي.

 ”مون کي شايد ٿڌ لڳي آهي.“  مـِـتيا پنهنجي ڪلهن کي سڪوڙيندي چيو.

آخر ماورڪي ماروڪووچ، گاڏيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. هن مـِـتيا کي اِهڙيءَ ريت ويهندي ڏٺو، ڄڻ ته کيس اُن جي ڪابه خبر نه آهي. هـُـو ڪـُـنڊ ۾ ڦاسي پيو. هيءُ سچ هو ته هـُـو پنهنجي مزي ۾ نه هو. جو ڪم کيس حوالي ڪيو ويو هو، اُن کي هن پسند به نه ٿي ڪيو.

 ”الوداع، تريفان بورسووچ!“  مـِـتيا وري واڪو ڪري چيو. هن محسوس ڪيو، ته هن ڀيري، هـُـن نيڪ خيال سان کيس اهي لفظ نه چيا آهن، پر ڪاوڙ مان.

هـُـو مٿي اُگهاڙو، اِيئن غرور سان بيٺو رَهيو. سندس ٻئي هٿ، پٺيءَ جي پويان هئا. هـُـو ڪاوڙ ۽ جوش مان سنئون سڌو مـِـتيا طرف نهاري رهيو هو ۽ ڪوبه جواب نه ڏنائين.

 ”الوداع، دمتري الوداع!“  هن اوچتو ڪلگنوف جي آواز کي ٻڌو. هـُـو نهايت تيزيءَ سان گاڏي ڏي ڊوڙيو، هـُـن پنهنجي هٿ کي وڌايو. سندس مٿي تي به ٽوپي ڪانه هئي.

مـِـتيا وٽ ايترو وقت هو، جو سندس هٿ کي جهلي ۽ اُن کي زور ڏي.

 ”منهنجا عزيز ساٿي، خدا حافظ! مان تنهنجي نيڪدل کي وساري نه سگهندس.“  هن گرم جوشيءَ سان کيس چيو.

پر گاڏي هلڻ لڳي ۽ سندن هٿ جدا ٿي ويا. گهنڊڻي وڄڻ لڳي ۽ مـِـتيا کي پري وٺي ويا.

ڪلگنوف ڊوڙي پوئتي موٽي آيو ۽ ڪـُـنڊ ۾ ويهي رهيو. سندس مٿو جهڪي ويو ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ جهليائين. هـُـو وڃي روڄ ۾ پيو. ڪيتري وقت تائين، هـُـو اُن حالت ۾ ويٺو رهيو. هـُـو ننڍن ٻارن وانگر روئيندو رَهيو. هـُـن بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، مـِـتيا کي بيگناهه ٿي سمجهيو.

 ”هيءُ ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ هنن کي انسان چئي ئي ڪيئن ٿو سگهجي؟ هنن ۾ ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي؟“  هـُـو پاڻ سان پاڻ نااُميديءَ ۾ چوندو رَهيو. اُن وقت ڄڻ ته سندس دل ۾ زندگيءَ جي لاءِ ڪوبه اتساهه ئي نه رهيو هو.

 ”هـِـن جي اهائي قيمت آهي؟ هن جو اِهوئي قدر آهي.“  هـُـو ٻار، رنج ۾ اِيئن چوندو رَهيو.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org