سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو پنجون

صفحو :24

 

 

باب ستون

تاريخي جائزو

 ”ڊاڪٽرن اسان کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته قيديءَ جو دماغ جاءِ تي ناهي ۽ در حقيقت هو جنوني آهي. مان انهيءَ راءِ جو آهيان ته هن جو دماغ صحيح آهي ۽ جي نه هـُـجي ها ته هـُـو وڌيڪ چالاڪي ڏيکاري ها. اِهو ته هو جنوني آهي، تنهن سان مان البت متفق آهيان، پر فقط هڪڙي ڳالهه ۾، سا اها آهي ته هن جي مغز ۾ جيڪو ٽن هزارن وارو خيال ويٺل آهي. ان خيال جو سبب سندس پاڳلپڻي واري لاڙي کان وڌيڪ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. جيستائين منهنجو لاڳاپو آهي ته مان نوجوان ڊاڪٽر جي انهيءَ راءِ  شامل آهيان ته قيديءَ جون ذهني صلاحيتون هميشه نارمل رهيون آهن، البت هـُـو چڙ ۽ ڪاوڙ سان ڀريل رهيو آهي. قيديءَ جي لاڳيتي ۽ ڏاڍاري ڪاوڙ جو سبب اِها رقم نه آهي، پر ان جي پويان هڪ خاص ڪارڻ هو، اهو ڪارڻ هو رقابت!“

اِتي اپولٽ ڪرلووچ تفصيل سان قيديءَ جي گروشينڪا سان موتمار عشق جو ورنن ڪيو. هـُـن اُتان شروع ڪيو، جڏهن قيدي  ”جوانڙيءَ جي گهر تي کيس مار ڏيڻ ويو.“   ”مان سندس پنهنجا لفظ پيو ورجايان.“  سرڪاري وڪيل وضاحت ڪئي،  ”پر ڇوڪريءَ کي مار ڏيڻ جي بدران سندس پيرن ۾ ويهي رهيو. اِها هن جي عشق جي ابتدا هئي. ساڳي وقت قيديءَ جو پيءُ پڻ ان جوانڙيءَ تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. هڪ عجيب ۽ موتمار اتفاق، ڇو جو ٻئي همراهه هڪ ئي وقت کيس دل ڏيئي ويٺا هئا، توڻي جو هـُـوءَ سندن اڳي کان ڏٺل هـُـئي. وينگس ٻنهي ۾ اهڙو ته زور آور نينهن جاڳايو، جهڙو ڪرامازوفن ۾ ئي جاڳي سگهي ٿو. هـُـنَ پاڻ مڃيو آهي: ’مان ٻنهي تي کـِـلندي هـُـيس.‘ اوچتو کيس هنن جي مذاق بنائڻ جي خواهش ٿي، سو هن ٻنهي کي هڪدم فتح ڪري ورتو.ڪراڙو هو ته ناڻي جو پوڄاري، تڏهن به ان ئي وقت کيس ٽي هزار روبل ڏيڻا ڪيائين، پر جلد ئي هو اِن تي به خوش هو ته جي هوءَ ساڻس پرڻجي ته هوند هو پنهنجي ساري ملڪيت ۽ نالو سندس قدمن ۾ رکي. اسان وٽ ان ڳالهه جي چڱي ثابتي آهي ۽ قيدي، سندس ڪم بختي ظاهر آهي، اسان جي آڏو آهي. پر جوانڙيءَ جي ’راند‘ اِهائي ته هـُـئي. جادوگرياڻيءَ هـِـن اڀاڳي جـُـوان کي ڪا آس اُميد ڪانه ڏياري، تان جو هـُـو آخري وقت تي وٽس وڃي گوڏا کوڙي ۽ هٿ، جيڪي پڻس ۽ رقيب جي رت سان رڱيل هئا، ڊگهيري ويهي رهيو. کيس اِن حالت ۾ ئي پڪڙيو ويو. جوانڙيءَ کي اهڙو پڇتاءُ ٿيو، جو سندس پڪڙجڻ وقت واڪو ڪري چيائين، ’مون کي به هن سان گڏ سائبيريا موڪليو، ساڻس هيءَ ويڌن منهنجي ڪري ٿي آهي. اِن جو ڏوهه مون کي ڏيو.‘

 ”جنهن ٻهڳڻي جـُـوان جو حوالو مون اڳ ڏنو، يعني مسٽر ريڪيٽن، تنهن هن سورميءَ جي ڪردار نگاري مختصر پر اثرائتن لفظن ۾ ڪئي آهي. ’سندس خوشفهميون حياتيءَ ۾ جلد ئي دور ٿي ويون هيون، جو سندس مڱيندو کيس ريهڻ ريبڻ کان پوءِ ڇڏي هليو ويو هو. کيس غربت ۾ ڇڏيو ويو هو، سندس عزت واري ڪنٌنب کيس پـِـٽون پاراتا ٿي ڏنا، ۽ هوءَ هڪ پوڙهي شاهوڪار جي پناه ۾ اچي وئي هـُـئي، جنهن کي هوءَ هاڻي پنهنجو مـُـحسن سمجهي ٿي. سندس جوان دل ۾ گهڻي چڱائي هئي، پر اها سوير ئي ڪڙاڻ جي ور چڙهي وئي هـُـئي. هـُـن دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي ڏوڪڙ بچائڻ شروع ڪيا. هـُـن جي سماج جي برخلاف چٿر ۽ چڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي.‘ سندس ڪردار جي هـِـن خاڪي جي آڌار تي اِهو سمجهي سگهجي ٿو ته هوءَ ٻنهي ڄڻن تي شرارت وچان، ساڙ وچان کلي سگهي ٿي.“

 ”بي فائدي عشق ۽ اخلاقي ابتريءَ جو مهينو، جنهن دوران اسان جي قيديءَ پنهنجي مـَـڱ کي دوکو ڏنو ۽ هن پاران امانت طور سونپيل رقم کائي ويو، تنهن آخرڪار سندس اِها حالت ڪئي جو هو ڇتو، مـُـسـلسل رقابت وگهي اصل چريو ٿي پيو، رقابت به ڪنهن سان يعني پنهنجي پيءُ سان! ۽ وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ هـُـئي ته پاڳل پوڙهو پـُـٽ جي پريمڪا کي انهن ٽن هزار روبلن جي ٻل تي ريبي ۽ ڌُتـاري رهيو هو، جيڪي پـُـٽ ماءُ کان مليل ورثي جو حصو سمجهندي پنهنجي ملڪيت ٿي ڄاتا ۽ جيڪي کانئس پڻس ٺڳي رهيو هو. هائو، مان مڃان ٿو ته اِهو سڀ برداشت کان ٻاهر هو! اهو ماڻهوءَ کي چريائپ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. ڳالهه رقم جي نه هئي، پر اِن حقيقت جي هئي ته ان رقم کي ايتري بڇان ڏياريندڙ بيدرديءَ سان سندس خوشيءَ کي برباد ڪرڻ تي خرچ ڪيو ٿي ويو.“

پوءِ سرڪاري وڪيل اهو بيان ڪيو ته پيءُ کي مارڻ جو خيال قيديءَ جي دماغ ۾ ڪيئن آيو هو. پنهنجي انهيءَ نظريي جي فائدي ۾ حقيقي مثال ڏنائين.

 ”شروع شروع ۾ هـُـن اِها ڳالهه رڳو گـُـتن ۾ ڪئي-- هو سڄو مهينو اِها ڳالهه ڪندو رهيو. هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي ۽ پنهنجن سنگتين ساٿين کان ڪا به ڳالهه نه لڪائيندو آهي، ويندي کين پنهنجا خطرناڪ شيطاني خيال به ٻڌائي ڇڏيندو آهي، هو ٻين کي پنهنجن خيالن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جو شوقين آهي، ۽ ڪنهن سبب جي ڪري اها آس رکندو آهي ته جن کي هو پنهنجو اندر ڏي ٿو، سي ساڻس همدردي ڪندا، سندس سڀني اهنجن ۽ اُلڪن جو احساس ڌاريندا، سندس پاسو کڻندا، ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ سندس مخالفت نه ڪندا. جيڪڏهن هو ائين نه ڪن ته هو تپي باهه ٿي گتي جا ٽپڙ ڀڃڻ لڳندو آهي. (ان کان پوءِ ڪئپٽن سنگريوف واري واقعي جو ذڪر آيو.) جن قيديءَ کي ٻڌو، تن نيٺ اهو سوچڻ شروع ڪيو ته متان هن جي نيت ڌمڪين کان وڌيڪ جي هجي، ۽ ايڏي چڙ دڙڪن کي ڪاروائيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.“

اتي سرڪاري وڪيل خانقاهه ۾ ڪٽنبن جي گڏجاڻيءَ جو، اليوشا سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو، ۽ ويڙهاند جي ان ڀوائتي ڏيک جو ذڪر ڪيو، جڏهن قيدي مانيءَ کان پوءِ پيءُ جي گهر ۾ ڪاهي پيو هو.

 ”مان اهو يقين سان نٿو چئي سگهان.“  سرڪاري وڪيل تقرير جاري رکندي چيو،  ”ته قيدي انهيءَ واقعي کان اڳ پيءُ کي مارڻ جو ارادو ڪري چڪو هو. بهرحال، اهو خيال کيس ڪيترائي ڀيرا آيو هو، ۽ هن ان بابت ويچاريو هو. ان لاءِ اسان وٽ حقيقتون آهن، شاهد آهن ۽ سندس پنهنجا لفظ آهن. جيوريءَ جا صاحبو، مان باسيان ٿو،“  هن وڌيڪ چيو،  ”ته اڄوڪي ڏينهن کان اڳ مان ٻـُـڏتر ۾ هوس ته قيديءَ سان اڳ - ويچار منسوب ڪجي يا نه. مون کي اها ته پڪ هئي ته هن موتمار گهڙيءَ جو تصور ڪيو هو، پر فقط اهو تصور ئي هو، جنهن تي هن هڪ امڪان طور ويچار ڪيو هو. هن پڪيءَ طرح اهو نه سوچيو هو ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏوهه ڪندو.“

 ”پر مان ته اڄ تائين ٻڏتر ۾ هوس، تيستائين جيستائين اهو خوني خط ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو هو. توهان پاڻ جوان خاتون کي اهو چوندي ٻڌو  ”اها رٿ آهي، خون جو پروگرام!“  اجهو ائين هن دکي قيديءَ جي ڏجهاري، نشي ۾ لکيل خط جو ورنن ڪيو. ۽ حقيقت ۾، انهيءَ خط مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خون جي سڄي ڪاروائي اڳ - رٿيل هئي. خط ٻه ڏينهن اڳ لکيو ويو هو، ۽ هاڻ اسان کي اهو حقيقت طور معلوم آهي ته قيديءَ پنهنجي خوفناڪ ارادي تي عمل کان اٺيتاليهه ڪلاڪ اڳ قسم کنيو هو ته جيئن ئي ايون گهران هليو ويندو، تيئن ئي هو پيءُکي ماري سندس وهاڻي هيٺان رکيل نوٽن وارو لفافو تڳائيندو. توهان ٻڌو: سو هن هر ڳالهه تڪي توري سٽ سٽي هئي، ۽ ان تي ائين ئي عمل ڪيائين، جيئن لکيو هئائين. اڳ - ويچار جي ثابتي پڪي آهي: ڏوهه لازمي طرح ڏوڪڙن لاءِ ئي ڪيو ويو هوندو، اهو چٽيءَ طرح چيل آهي، اهو لکيت ۾ صحيح سان آهي. قيدي پنهنجي صحيح کان انڪار ڪونه ٿو ڪري.

 ”مون کي ٻڌايو ويندو ته قيديءَ جڏهن خط لکيو، تڏهن هو نشي ۾ هو. پر ان سان خط جو ملهه گهٽ ڪونه ٿو ٿئي. ماڳهين پاڻ وڌي ٿو، جيڪي هن نشي ۾ نه هوندي رٿيو، اهو هن نشي ۾ هوندي لکيو. جيڪڏهن نشي ۾ نه هوندي نه رٿي ها، ته نشي ۾ هوندي اها لکيت ۾ نه آڻي ها. مون کان پڇيو ويندو ته پوءِ هـُـن ان بابت گـُـتن ۾ ڇو ڳالهايو؟ جيڪو ماڻهو اهڙو ڏوهه اڳ - ويچاري ٿو، سو ماٺ رهندي ان کي پاڻ تائين رکي ٿو. برابر، پر هن ان بابت رٿ رٿڻ کان اڳ ڳالهايو هو، تڏهن جڏهن هن ان جي خواهش ڪئي، رڳو ائين ڪرڻ چاهيو هو. تنهن کان پوءِ هن ان بابت گهٽ ڳالهايو. جنهن پوياڙيءَ جو هن  ”ميٽرو پولس“  گتي ۾ اهو خط لکيو، تنهن پوياڙيءَ جو هو، پنهنجي عادت جي اُبتڙ، ماٺ ۾ رهيو، توڻي جو هو پي رهيو هو. ٻيو ته ٺهيو، هو بليئرڊ راند به ڪونه کيڏيو، ڪنڊ ۾ ويٺو رهيو، ڪنهن سان ڪونه پئي ڳالهايائين. اهو برابر آهي ته هن ڪنهن ٻئي کي سندس جاءِ تان اٿاري ڇڏيو هو، پر ائين هن بيخياليءَ ۾ ڪيو هو، ڇو ته هو گتي ۾ گهڙڻ سان ڪونه ڪو بکيڙو ضرور ڪندو هو. اهو سچ آهي ته آخري فيصلي کان پوءِ کيس ضرور انديشو ٿيو هوندو ته هن پنهنجي ارادي بابت اڳواٽ حد کان وڌيڪ ڳالهايو هو، متان ان جي ڪري پوءِ هو پڪڙجي پوي ۽ مٿس ڪيس هلي. پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو، هو پنهنجا ڳالهايل لفظ موٽائي ته نه پئي سگهيو، پر نصيب اڳ به يا وري ڪئي هيس، هاڻي به ڪندو، کيس پنهنجي بـُـرج ۾ ويساهه هو. مان اهو به مڃان ٿو ته هن آخري آفت کي ٽارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.  ”سڀاڻي مان ڪنهن نه ڪنهن کان اوڌر وٺڻ جو جتن ڪندس، ۽ جي نه ملي ته رتوڇاڻ ٿيندي.“

اتي اپولٽ ڪردووچ تفصيل سان اُهي جتن بيان ڪيا، جيڪي متيا ڏوڪڙ اُڌارا وٺڻ لاءِ ڪيا هئا. هن قيديءَ جي سئمسانوف سان ملڻ ۽ لياگوئيءَ وڃڻ جو ذڪر ڪيو.  ”کيس تنگ ڪيو ويو، مٿس چٿرون ڪيون ويون، هو بکن ۾ باهه ٿيو، ۽ سفر جي خرچ پکي لاءِ پنهنجي واچ وڪيائين (توڻي جو وٽس، سندس چوڻ موجب، پندرهن سو روبل هئا: آهي نه مڃڻ جهڙي ڳالهه!) ۽ موٽي آيو. سڄو وقت کيس اهو اُلڪو ستائيندو رهيو ته هي جو هو پنهنجي پريمڪا کي شهر ۾ ڇڏي پاڻ هليو ويو هو، سو متان هوءَ سندس غيرحاضريءَ ۾ فيودور پاولووچ ڏانهن نه هلي وئي هجي. پو موٽي اچي اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته هوءَ سندس پيءَ جي ويجهو به نه وئي هئي. هو ساڻس گڏجي سندس سرپرست وٽ ويو (عجيب ڳالهه آهي ته کيس سئمسانوف سان رقابت ڪا نه هئي، جا ڳالهه نفسياتي لحاظ کان دلچسپ آهي). پوءِ هو تڪڙو تڪڙو پٺيري باغ ۾ وڃي بيٺو. جتي کيس خبر پئي ته سميرڊياڪوف کي دورو پيو آهي ۽ ٻيو نوڪر چاڪ ناهي. ميدان صاف آهي، کيس ڏسن جو پتو آهي. ڪيڏي نه هرکائيندڙ ڳالهه آهي!پر هو کجي نٿو: هو هڪڙي خاتون ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا ڪافي وقت کان شهر ۾ ترسيل آهي، ۽ جنهن جي اسان وڏي عزت ڪندا آهيون. يعني مادام هلاڪوف هو. هيءَ خاتون اسان جي قيديءَ جي جيوت تي ڪهل واري نظر رکندي آئي هئي. هوءَ کيس ڏاڍي سهڻي صلاح ڏي ٿي ته عياشي ڇڏي ڏي، بي فيض عشق تان هٿ کڻي ڇڏ، گتن اندر ويچار ۾ پنهنجي حياتي ۽ سگهه برباد نه ڪري، سائيبريا وڃي سون جي کاڻين تي ڪم ڪري:  ”ائين ڪندين ته تنهنجي وڳوڙي سگهه، روماني سڀاءُ ۽ ايڊونـچر لاءِ اُڃ جي تسڪين ٿيندي!“

اها ڳالهه ڪري اپولٽ ڪردووچ ٻڌايو ته جڏهن قيديءَ کي خبر پئي ته گروشينڪا سامسانوف وٽ ڪونه ترسي هئي ته رقابت جي ماريل، ٿڪ کان چور، اڀاڳي انسان کي اچي آنڌ مانڌ ورايو ته هوءَ کيس دوکو ڏيندي ضرور سندس پيءُ وٽ وڃي ويٺي هوندي. اهو ٻڌائي سرڪاري وڪيل قضا جي موتمار هجڻ تي ڳالهه پوري ڪئي.  ”جيڪڏهن نوڪرياڻي کيس ٻڌائي ها ته سانئڻ پنهنجي اڳوڻي چاهيندڙ وٽ موڪروءَ ويل هئي ته ڪجهه به نه ٿئي ها، پر نوڪرياڻيءَ جي مت منجهي وئي ۽ هوءَ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جا قسم کڻي پڪ ڏيارڻ لڳي. جيڪڏهن قيدي پنهنجي پريتما جي پيڇي ۾ اُڏار نه ڪري ها ته هوند نوڪرياڻيءَ کي اُڦٽ ماري وجهي ها.“

 ”پر ڌيان رهي ته ڏاڍو تڪڙو هوندي به هن پتل جي مهري پاڻ سان کنئين. اها ڇو؟ ٻيو ڪو هٿيار ڇو نه؟ پر جيئن ته هو سڄو سارو مهينو پنهنجي رٿ تي ويچاريندو ۽ ان لاءِ تياري ڪندو رهيو هو، سو هو ڪابه اهڙي هٿيار جي ڏک ڏيندڙ شئي کنڀي کڻندو، جيڪا نظر ايندس. کيس مهيني کان اها پروڙ هئي ته ڪا به اهڙي شيءِ هٿيار جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي. سو هن هڪدم بنا هٽڪ جي سهي ڪري ورتو ته اها مهري سندس مقصد پورو ڪندي. تنهنڪري هن اها بيخياليءَ ۾ يا بنامرضيءَ جي کنئي هئي. ۽ پوءِ اسان کيس پنهنجي پيءُ جي پٺيري باغ ۾ ڏسون ٿا. ميدان صاف آهي، ڪو ڏسڻ وارو ڪونهي، اوندهه ۽ رقابت. ان شڪ ۾ ته هوءَ اتي هئي، هن وٽ، سندس رقيب وٽ، هن جي ٻانهن ۾ ۽ شايد ان مهل مٿس کلي به رهي هئي، سندس ساهه منجهائي ڇڏيو. ۽ اهو ڪو ٺلهو شڪ نه هو، کليل دوکو هو، پڌرو هو. هوءَ ضرور هتي آهي، او هـُـن بتي ٻريل ڪمري ۾، پردي جي پٺيان ۽ هي ڏجهارو انسان اسان کي ويساهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته هو لڪندو دريءَ تائين ويو، ادب سان اندر جهاتي پائي ڏٺائين ۽ چپ چپات ۾ موٽي ويو ته متان ڪا ڀوائتي ۽ غيراخلاقي ڳالهه نه ٿي پوي. هو اسان کي قائل ڪرڻ ٿو چاهي، اسانکي جيڪي سندس سڀاءُ کي سمجهون ٿا، جن کي سندس تنهن مهل واري ذهني حالت جي به سـُـڌ آهي ۽ اهو به پتو آهي ته کيس انهن ڏَسن جي خبر هئي. جن کي ڏسي هو بنا دير گهر اندر گهڙي ٿي سگهيو.“  اتي اپولٽ ڪردووچ اها ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، اهو تفصيلي بحث شروع ڪري ڏنو ته سميرڊياڪوف جو ڪو لاڳاپو هو يا نه.سندس بحث رڳو شڪ پئدا ڪندڙ حالتن جي اپٽار هو. سڀني اهو سمجهيو ٿي. هن انهيءَ شڪ کي ڪين جهڙو ڄاڻندي به وڏي اهميت وارو ڪري ورتو.

 

dc

 

باب اٺون

قصو سميرڊياڪوف جو

 ”ڳالهه منڍ کان کڻجي ته اهو شڪ پيدا ڪيئن ٿيو.“  اپولٽ ڪـِـردووچ چوڻ شروع ڪيو:  ”پهريون ماڻهو جنهن اهو شڪ ڏيکاريو، سو خود قيدي هو، جنهن گرفتاريءَ وقت رڙ ڪئي هئي ته خون سميرڊياڪوف ڪيو هو، پر تڏهن کان وٺي هينئر تائين هو انهيءَ تهمت جي فائدي ۾ هڪڙي ثابتي به نه آڻي سگهيو آهي، نه ئي ڪا اهڙي شئي پيش ڪئي اٿائين جيڪا ثابتيءَ جي ڏکَ ڏي. تهمت جي پٺڀرائي رڳو ٽن ڄڻن، قيديءَ جي ٻن ڀائرن ۽ مادام سويتلوف ڪئي آهي. ڀائرن مان وڏي ته پنهنجو شڪ رڳو اڄ ڏيکاريو آهي، جڏهن هو لاشڪ ڪاپاري تپ ۾ ورتل هو، پر اسان کي خبر آهي ته گذريل ٻن مهينن کان اسان وانگر کيس به پنهنجي ڀاءُ جي ڏوهي هجڻ جي پڪ پي رهي آهي. ۽ ان خيال کي ختم ڪرائڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي اٿائين. پر ان ڳالهه تي پوءِ ٿا اچون. ننڍي ڀاءُ مڃيو آهي ته وٽس سميرڊياڪوف جي ڏوهي هجڻ جي ٽيڪ ۾ ڪا ثابتي ڪانهي، ته کيس قيديءَ جي واتان ٻڌي ۽ سندس چهري جا تاثرات ڏسي اهو شڪ ٿيو آهي. هائو اها اچرج ۾ وجهندڙ شاهدي هن اڄ ٻه ڀيرا ڏني آهي. مادام سويتلوف ته پاڻ وڌيڪ اچرج ۾ وجهندڙ هئي.  ”قيدي جيڪي چوي سچ سمجهيو وڃي. هو اهڙو ماڻهو ئي ناهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائي.“  سميرڊياڪوف جي خلاف بس ايتري ئي ساک انهن ٽن ڄڻن سامهون آندي آهي، توڻي جو کين قيديءَ جي حشر جو سخت اونو آهي. ان هوندي به، سميرڊياڪوف جي ڏوهي هجڻ جو نظريو زور شور سان پيش ڪيو ويو آهي. ۽ اڃا تائين قائم رکيو پيو وڃي. ڇا اهو ويساهه جوڳو آهي؟ ڇا اهو خيال ۾ آڻي سگهجي ٿو؟“

اتي اپولٽ ڪردووچ پنهنجي حياتي پاڻ پوري ڪندڙ سميرڊياڪوف جي شخصيت جي اپٽار ضروري ڄاتي. هن سميرڊياڪوف کي ڪمزور ذهن رکندڙ ماڻهوءَ طور پيش ڪيو، جنهن جي تعليم نالي ماتر هئي ۽ جنهن جو مغز سندس سطح کان مٿاهن فيلسوفاڻن خيالن ۽ فرض بابت ڪن جديد نظرين ڦيرائي ڇڏيو هو. اهي نظريا هن پنهنجي مالڪ يعني فيودور پاولووچ، جيڪو شايد سندس پيءُ به هو، تنهن جي ڇڙواڳ جيوت کان عملي طرح ۽ پنهنجي مالڪ جي وچين پٽ ايون فيودوروچ سان وقت بوقت ٿيل عجيب فيلسوفاڻي ڳالهه ٻولهه مان پرايا هئا. ايون شايد پاڻ کي موڳو ڀائيندي يا خاص نوڪر کي ڀنڀلائي پاڻ وندرائڻ جي خيال کان ائين ڪندو هو. هن پاڻ مون سان گذريل ڪن ڏينهن ۾ پنهنجي روحاني حالت جي باري ۾ ڳالهه ڪئي هئي.“  اپولٽ ڪردووچ وضاحت ڪئي،  ”پر ٻين پڻ اهڙي ساک ڏني آهي. خود قيديءَ سندس ڀاءُ، ۽ نوڪر گريگوريءَ پڻ مطلب ته انهن سڀني جيڪي کيس چڱي پر سڃاڻندا هئا.

 ”تنهن کان سواءِ،سميرڊياڪوف، جنهن جي تندرستيءَ کي مرگهيءَ جي دورن لوڏي ڇڏيو هو، سو چوزي کان به گهٽ دلير هو.  ”هو منهنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ انهن کي چمڻ لڳو:“  قيديءَ پاڻ اسان کي ان احساس ٿيڻ کان اڳ ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه خود هن لاءِ ڪيتري هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.  ”هو مرگهي ماريل چوزو آهي،“  هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو. قيديءَ کيس پنهنجي رازدار طور چونڊيو (اها ڳالهه هن پاڻ ڪئي آهي) ۽ کيس مجبور ڪري پاڻ لاءِ جاسوسي ڪرڻ تي راضي ڪيائين. ان حيثيت ۾ هن پنهنجي مالڪ سان دغا ڪندي قيديءَ کي نوٽن واري لفافي ۽ انهن ڏَسن بابت ٻڌايو، جن جي مدد سان هو گهر ۾ داخل ٿي سگهي. هن لاءِ کيس ٻڌائڻ ڌاران ٻي ڪهڙي واهه هئي؟  ”هو مون کي ماري ڇڏي ها، مون کي پڪ هئي ته هو مون کي ماري ڇڏي ها.“  هن پڇا ڳاڇا وقت اسان جي اڳيان ڏڪندي ڏڪندي چيو هو. توڻي جو تنهن وقت کيس آزاريندڙ پڪڙجي چڪو هو ۽ کيس ڪو به ڇيهو رسائي نٿي سگهيو،  ”هو هر وقت مون ۾ شڪ پيو ڪندو هو. مان ڊپ کان ڪنبندي کيس تڙ تڪڙ ۾ هر ڳالهه ٻڌائي ٺارڻ جي ڪندو هوس، ته جيئن هو ڏسي ته مان کيس دوکو نه پيو ڏيان ۽ مون کي جيئرو رهڻ ڏي.“  اهي هن جا پنهنجا لفظ آهن، مون اهي لکي ڇڏيا هئا، ۽ برزبان ياد اٿم.  ”جڏهن منهنجي رڙيون ڪندو هو ته مان گوڏن ڀر ڪري پوندو هوس.“

 ”هو فطري طرح ڏاڍو ايماندار هو، ۽ مالڪ جو تڏهن کان گهڻو راز ٿي ويو هوس، جڏهن کان هن کيس هڪڙي وڃائجي ويل رقم ڳولي ڏني هئي. ان ڪري اهو انومان ڪرڻ بي واجبي نه ٿيندو ته ويچاري کي پنهنجي مالڪ سان، جنهن کي هو پنهنجو محسن ڄاڻي پيار ڪندو هو، ڊوهه ڪرڻ تان پڇتاءُ جون سٽون اينديون هونديون. وڏا ماهر ڊاڪٽر اسانکي ٻڌائين ٿا ته مرگهيءَ جي شڪار ماڻهن ۾ لاڳيتو پاڻ ڏوراپڻ جو مريضاڻو لاڙو هوندو آهي، هو پنهنجي بڇڙائيءَ تان ڳڻتيون کائيندا آهن، ضمير جا چهڪ آزاريندا اٿن، گهڻو تڻو بي سبب، هو قسمين قسمين ڏوهه ۽ خطائون وڌائي ٻڌائيندا ۽ ڪڏهن ته گهڙيندا آهن، ۽ هت اسان وٽ اهڙي ئي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن ڊپ ڊاءَ ۽ دڙڪن ۾ اچي غلط ڪم ڪيا. تنهن کان سواءِ کيس اهي پرون به پئجي ويا هئا ته سندس آڏو جيڪا صورتحال جڙي رهي هئي. تنهن جو نتيجو تمام ڀوائتو نڪرڻو هو. جڏهن ايون فيودورووچ آفت کان ٿورو اڳ ماسڪو اُسهڻ وارو هو، تڏهن سميرڊياڪوف کيس نه وڃڻ جون منٿون ڪيون، پر جيڪي ٿيڻ جو ڊپ هيس، سو صاف ٻڌائڻ تي دل نه ٻڌي سگهيو، گهڻائي اشارا ڪيائين پر اڳلي کي سمجهه ۾ نه آيا.

 ”پڌرو هجي ته سميرڊياڪوف جي نظر ۾ ايون فيودورووچ اهڙو محافظ هو، جنهن جي گهر ۾ موجودگي ان ڳالهه جي ضمانت هئي ته ڪو هاڃو ڪونه ٿيندو. دمتري ڪرامازوف جي نشي ۾ لکيل خط جو هيءُ جملو ياد ڪريو: مان پوڙهي کي تڏهن ئي ماريندس، جڏهن ايون ويندو هليو. سو ايون فيودورووچ جي موجودگي هر ڪنهن جي نظر ۾ ضمانت هئي ته گهر ۾ امن امان رهندو.

 ”پر هو هليو ويو، ۽ سميرڊياڪوف کي پنهنجي ننڍي مالڪ جي روانگيءَ کان ڪلاڪ جي اندر مرگهيءَ جو دورو پئجي ويو. پر اهو بلڪل سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هت مان اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته سميرڊياڪوف هڪ طرح جي ڏهڪاءَ ۽ نراسائيءَ جي چنبي ۾ هو: پوين ٿورن ڏهاڙن کان کيس محسوس ٿي رهيو ته کيس دٻاءَ جي گهڙين ۾ جيڪي دورا پيا آهن، تهڙو ڪو دورو پوڻ وارو هوس. دورو ڪهڙي ڏهاڙي ۽ ڪهڙي وقت پوندو، سو، برابر، اڳواٽ نٿو ڄاڻي سگهجي، پر مرگهيءَ جي مريض کي اڳ ئي احساس ٿي ويندو آهي ته کيس دورو پوڻ وارو آهي. ڊاڪٽر اسان کي اهو ئي ٻڌائن ٿا. سو، ايون فيودورووچ جيئن ئي گاڏي هڪليندو اڱڻ مان نڪتو، تئين ئي سمرڊياڪوف، پنهنجي اڪيلائپ ۽ غير محفوظ حالت جي ڳڻتي کائيندو، بهري ڏانهن ويو. ڏاڪڻ لهندي هو گهيرٽ کائيندو ويو ته الائي دورو پوندو يا نه، ۽ جي هاڻي جو هاڻي پئجي ويو ته ڇا ٿيندو! انهيءَ اُلڪي، انهيءَ گهيرٽ جي ڪري سندس نڙيءَ ۾ اها ڳڍڙي پئي، جيڪا هميشه اهڙن دورن کان اڳ ۾ پوندي آهي. ۽ هو سرت وڃائي وڃي بهري ۾ ڪريو. ۽ ماڻهو انهيءَ بنهه سڀاويڪ واقعي ۾ اهو شڪ ڪن، اهو ڏس لهن ٿا ته هو ڄاڻي واڻي دوري جو - منهن ڪري رهيو هو. پر جيڪڏهن اهو سڀ ڄاڻي واڻي هو ته هڪدم سوال ٿو اُٿي ته ڇو، ڄاڻي واڻي ڇو؟ کيس ڇا کپندو هو؟ سندس مقصد ڇا هو؟ مان ڊاڪٽريءَ بابت ڇو نه ٿو چوان. سائنس، مون کي ٻڌايو ويو آهي، ٿڙي سگهي ٿي: ڊاڪٽر ڪوڙي ۽ سچي دوري ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن. بيشڪ ائين هوندو، پر هڪڙي سوال جو جواب ڏيو: هن جو اهڙي ڪوڙ جو ڪهڙو مقصد هو؟ جي هن خون جي سٽ ٿي سٽي ته ڇا هن ان کان ستت پهرين دوري جو مـِـنهن ڪري گهر وارن جو ڌيان ڇڪائڻ ٿئي چاهيو؟

 ”جيوريءَ جا صاحبو، ياد رهي ته تنهن رات فيودور پاولووچ جي گهر ۾ پنج ڄڻا هئا: فيودور پاولووچ پاڻ (پر ظاهر آهي ته هن پنهنجو پاڻ نه ماريو هو). ٻيو سندس نوڪر گريگوري، جيڪو ذري گهٽ پاڻ به مارجي ويو هو. ٽيون ماڻهو هو گريگوريءَ جي زال، مارفا اگناتي ايوا. اهو خيال ئي شرمناڪ آهي ته هوءَ پنهنجي مالڪ جو خون ڪندي. باقي بچيا ٻه ڄڻا: قيدي ۽ سميرڊياڪوف. پر جيڪڏهن اسان قيديءَ جي ان بيان تي وسهون ٿا ته خون هن نه ڪيو هو ته اهو ضرور سميرڊياڪوف ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو هوئي ڪونه، جيڪو ائين ڪري سگهي. اهو ڏجهارو احمق، جنهن ڪالهه پاڻ ماري ڇڏيو، تنهن جي برخلاف اهڙي حرفت ڀري ۽ اچرج ۾ وجهندڙ تهمت جو سبب اجهو اهوئي آهي. ڪنهن ٻئي تي شڪ جو ٿورو پاڇو ئي پوي ها، ڪو ڇهون ڄڻو هجي ها ته مون کي يقين آهي ته خود قيديءَ کي به سميرڊياڪوف تي تهمت رکڻ کان شرم اچي ها، ۽ ڇهين ڄڻي کي ڏوهه ڏي ها، ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف کي خوني سمجهڻ وڏي نامعقوليت آهي.

 ”صاحبو، نفسيات کي به ڇڏيو، ڊاڪٽريءَ کي به ڇڏيو، ويندي منطق کي به ڇڏيو، رڳو حقيقتن کي وٺو ۽ ڏسو ته اهي اسان کي ڇا ٿيون ٻڌائين. جيڪڏهن سميرڊياڪوف قتل ڪيو ته ڪيئن ڪيائين؟ اڪيلي سر يا قيديءَ جي مدد سان؟ اول پهرينءَ کي ٿا وٺون، يعني اڪيلي سر ڪيائين. جيڪڏهن خون ڪيائين ته اهو ضرور ڪنهن اهڙي مقصد سان هوندو، جيڪو پاڻ کيس فائدو پهچائي. پر جيئن ته هن وٽ قتل جا اهي سبب ڪونه هئا جيڪي قيديءَ وٽ هئا، جهڙوڪ رقابت، نفرت وغيره، ته پوءِ هن ڪنهن شخصي فائدي لاءِ، انهن ٽن هزار روبلن لاءِ خون ڪيو هوندو، جيڪي هن پنهنجي مالڪ کي لفافي ۾ وجهندي ڏٺا هئا. ان هوندي به هو اهڙي ماڻهوءَ کي، جنهن جي ان معاملي ۾ وڏي دلچسپي هئي، رقم بابت ٻڌائي ٿو، کيس ڏس ڏي ٿو ته رقم لفافي ۾ آهي، ۽ لفافو ڪٿي رکيل آهي، ان مٿان ڇا لکيل آهي، اهو ڇا سان ٻڌل آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ڏس ته هو گهر ۾ ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو. ڇا هن اهو سڀ پنهنجو ڦوڪ ڦاڙڻ لاءِ ڪيو،يا هن تنهن ماڻهوءَ کي نينڍ ٿي ڏني، جنهن اهو لفافو پاڻ ڦٻائڻ ٿئي گهريو؟ هائو، مون کي چيو ويندو، ’پر هن ائين ڊپ وچان ڪيو.‘ پر توهان ان جي ڪهڙي تشريح ڪندا؟ اهو ماڻهو، جيڪو اهڙو دليريءَ وارو ۽ وحشياڻو ڪم خيال ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ ان تي عمل به ڪري سگهي ٿو، سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن کي اهي ڳالهيون ٻڌائي، جن کان دنيا ۾ڪو به ٻيو ماڻهون واقف ڪونهي ۽ جي هو پنهنجي زبان بند رکي ته هوند ڪنهن کي سمڪ به ڪانه پوي.“

 ”نه، هو ڪيقترو به ڪانئر هـُـجي، جيڪڏهن هـُـن ان ڏوهه جي رٿابندي ڪئي هجي ها ته ڪجهه به ٿي پوي ها، هو ڪنهن کي به ان لفافي بابت ڪونه ٻڌائي ها، نه ڏَس ڏي ها، ڇو ته ائين ڪري هو اڳواٽ پاڻ پڌرو ڪري وجهي ها، جي کيس ڄاڻ ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ها ته هو ڪجهه نه ڪجهه گهڙي وٺي ها، ڪونه ڪو ڪوڙ ڳالهائي ها، پر لفافي ڏسڻ بابت ماٺ رهي ها. ڇا لاءِ ته جيڪڏهن رقم جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪري ها، پر خون ڪري ها ۽ رقم چورائي ها ته دنيا ۾ڪو به هن کي رقم لاءِ خون جو الزام نه ڏئي سگهي ها، ڇو جو هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رقم ڪانه ڏٺي هئي، هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به گهر ۾ رقم جي هجڻ جو پتو نه هو. جيڪڏهن هن تي قتل جو الزام رکيو به وڃي ها ته ائين سمجهيو وڃي ها ته هن اهو ڪم ڪنهن ٻئي سبب کان ڪيو هوندو. پر، ان جي اُبتڙ، هر ڪنهن اهو ڏٺو هو ته کيس مالڪ ڏاڍو ڀائيندو ۽ ويساهه ڪندو آهي. سو ڪو به مٿس شڪ نه ڪري ها. ماڻهو سڀ کان پهرين ان تي شڪ ڪن ها، جنهن وٽ سبب هو، جنهن پاڻ اعلان ڪيو هو ته وٽس اهڙو سبب هو، جنهن اُن کي ڳجهو نه رکيو هو: هو پڪ ئي پڪ فوتيءَ جي پٽ يعني دمتري فيودورووچ تي شڪ ڪن ها. جيڪڏهن سميرڊياڪوف کيس قتل ڪيو هجي ها ۽ الزام پـُـٽ تي اچي ها ته ائين ٿيڻ سميرڊياڪوف لاءِ واهه جو ٿئي ها. ته پوءِ ڇا اسان اهو وسهون ته هن قتل جي رٿابندي ڪرڻ جي باوجود، هن جي پٽ دمتريءَ کي رقم لفافي ۾ ڏسڻ بابت ٻڌايو؟ ڇا اهو مناسب آهي؟ ڇا اهو چٽو آهي؟“

 ”قتل جو رٿيل ڏينهن آيو ته اسان سميرڊياڪوف کي دوري جو مـِـنهن ڪري ڏاڪڻ تان هيٺ ڪرندي ڏسون ٿا. ڪهڙي مقصد سان؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته گريگوري پنهنجو دوا وٺي اچڻ جو خيال لاهي گهر جي چوڪسي ڪري، ڇو جو ٻيو ڪو چوڪسي ڪرڻ لاءِ ڪونهي: يا وري سندس مالڪ اهو ڏسي ته سندس حفاظت لاءِ ڪوبه موجود ڪونهي ۽ پنهنجي پٽ جي اچڻ جي ڊپ کان وڌيڪ سچيت ۽ خبردار ٿي وڃي. يا شايد گهڻو تڻو کيس، يعني سميرڊياڪوف کي دوري سبب بيوس ٿي وڃڻ ڪري رنڌڻي مان، جتي هو سڀني کان الڳ اڪيلو سمهندو هو ۽ جتان اندر ٻاهر جڏهن وڻيس تڏهن اچي وڃي سگهندو هو، کڻائي گريگوريءَ جي ڪمري ۾ نيو وڃي: اهو ڪمرو گهر جي ٻئي ڇيڙي تي هو ۽ اتي کيس دوري پوڻ تي سدائين زال مڙس جي هنڌ کان ٽي وکون پري پردي جي پويان رکيو ويندو هو. اهو نيم پاڻ مالڪ جو ۽ رحمدل انگن تي ايوان جو جوڙيل هو. اتي پردي جي پويان رهندي کيس پنهنجي دوري جو مـِـنهن قائم رکڻ لاءِ ضرور ڪنجهڻو ۽ ڪرڪڻو پيو هوندو، ۽ کين (جيئن گريگوري ۽ زالهس ساک ڏني آهي) سڄي رات جاڳيل رکيو هوندائين. ۽ اسان کي وسهڻون آهي ته اهو سڀ ان لاءِ هو ته جيئن هو سهوليت سان اُٿي وڃي پنهنجي مالڪ کي قتل ڪري!

 ”پر مون کي چيو ويندو ته هن بيماريءَ جو مـِـنهن ان ڪري ڪيو ته جيئن مٿس شڪ نه ڪيو وڃي، ۽ اهو ته هن قيديءَ کي رقم ۽ ڏَسن بابت  انهيءَ ڪري ٻڌايو ته جيئن قيدي قتل ڪري ۽ جڏهن قتل ڪري رقم کڻي گوڙ ڪندو، ماڻهن کي جاڳائيندو هليو وڃي، تڏهن، مون کي وسهڻو آهي، سميرڊياڪوف اٿيو ۽ اندر ويو. ڇا لاءِ؟ پنهنجي مئل مالڪ کي وري مارڻ لاءِ ۽ اڳئي چورائجي ويل رقم کڻڻ لاءِ؟ صاحبو، توهان کلي رهيا آهيو ڇا؟ مان اهي اشارا ڏيڻ تان شرمندو آهيان، اعتبار ڪرڻ جي ڳالهه ته ناهي، پر قيديءَ جو چوڻ اهو ئي آهي. جڏهن هو گهران نڪتو ۽ گريگوريءَ کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌائين ۽ هاءِ گهوڙا ڪيائين، تڏهن سميرڊياڪوف اٿيو. ۽ اندر ويو ۽ پنهنجي مالڪ کي ماري رقم چوري ڪيائين! مان ان ڳالهه تي زور نه ڏيندس ته سميرڊياڪوف لاءِ اڳواٽ اهو اندازو لڳائڻ، اڳ پسڻ ڏکيو هو ته ڪاوڙيل ۽ چڙيل پٽ اچي ادب سان جهاتي، فقط جهاتي پائي اندر ڏسندو، توڻي جو کيس ڏَسن جو پتو هو، ۽ مال غنيمت سميرڊياڪوف لاءِ ڇڏي، چپڙي ڪري موٽي ويندو. جيوريءَ جا صاحبو، مان سنجيدگيءَ سان توهان کان هيءُ سوال پڇان ٿو: اها مهل ڪهڙي هئي، جڏهن سميرڊياڪوف ڏوهه ڪري سگهيو هوندو؟ انهيءَ مهل جو نالو وٺو نه ته توهان کيس ڏوهه نٿا ڏيئي سگهو.“

 ”پر شايد دورو سچو هو، اگهو ماڻهو اوچتو نيڪ ٿي ويو، ڪا رڙ ٻڌائين ۽ ٻاهر نڪتو. پوءِ ڇا؟ هن هيڏي هوڏي نهاريو ۽ چيائين، ’ڇو نه اندر وڃي مالڪ کي ماري ڇڏيان؟‘ ۽ کيس خبر ڪيئن پئي ته ڇا ٿيو هو، جڏهن ته هو سڄو وقت ان مهل تائين بيهوش پيو هو؟ پر اهڙن پورن جي اڏام جي ڪاته حد آهي! بلڪل آهي، ڪي سمجهو ماڻهو مون کي ٻڌائيندا پر جي هو ٻئي ٻـِـٽ هجن ته پوءِ؟ ٻنهي گڏجي کيس ماريو هجي ۽ ڏوڪڙ پاڻ ۾ ورهائي کنيا هجن ته پوءِ؟ واقعي ڳرو سوال آهي! ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ حقيقتون حيرت انگيز آهن. هڪڙو خون ٿو ڪري ۽ سڀ ڏوڪڙ ٿو کڻي ۽ ساري تڪليف پاڻ ٿو ڪري، جڏهن ته سندس ساٿي دوري جو مـِـنهن ڪري پاسو ورائي ليٽيل ٿو رهي ته جيئن هر ڪنهن کي شڪ پوي، مالڪ به خبردار ٿئي، گريگوري به خبردار ٿئي. اهو ڄاڻڻ دلچسپيءَ وارو ٿيندو ته اهي ڪهڙا مقصد هئا،جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڄٽن اهڙي چريائپ واري سٽ سٽي؟“

 ”پر شايد اهو سرگرميءَ سان ٻـِـٽ هجڻ جو نه پر ماٺڙي ڪري مڃڻ وارو مامرو هو. شايد سميرڊياڪوف کي ڊيڄاري مڃايو ويو هو ته هو خون روڪڻ جي نه ڪندو. کيس اهو اندازو به هوندو ته هن طرفان ڪا روڪ ٽوڪ يا مدد لاءِ هاءِ گهوڙا نه ٿيندي ته مالڪ جي خون جو ڏوهه کيس ڏنو ويندو، سو هن دمتري ڪرامازوف کان موڪل ورتي هوندي ته جيئن مرگهيءَ جي دوري مـِهل ڪري رستي کان هٽي وڃي: ’جيئن وڻيئي، تيئن مارينس: منهنجو ڇا!‘ پر جيئن ته سميرڊياڪوف جو دورو سڄي گهر ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي ها، سو دمتري ڪرامازوف کڻي مڃجي به ته اها رٿ قبول ڪئي هوندي، تڏهن به هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي ته خوني ۽ سازشي دمتري ڪرامازوف ئي آهي. ۽ سميرڊياڪوف فقط غير سرگرم شريڪ هو ۽ شريڪ به نه، مرضيءَ جي خلاف ڊپ وچان راضي ٿيندڙ هو.“

 ”پر اسان ڇا ٿا ڏسون؟ جيئن ئي قيدي پڪڙجي ٿو، تيئن ئي هو سڄو الزام سميرڊياڪوف تي مڙهي ٿو ڇڏي. محض شريڪ هجڻ جو نه، ماڳهين خوني هجڻ جو.  ”هن خون اڪيلي سر ڪيو“  هو چوي ٿو ’هن ئي کيس ماريو ۽ ڦـُـريو. اهو هن جو ئي ڪم هو.‘ هي ڪي عجيب ڄـُـٽ آهن، جيڪي هڪدم هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏين ٿا‍ ۽ ڏسو، ان ۾ ڪرامازوف لاءِ ڪيڏو جوکو هو. خون ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي بستري داخل شريڪ تي ڏوهه رکي ٿو، جيڪو انهيءَ تان ڪاوڙ ۾ اچي سڄو سچ باسي پئي سگهيو: دير تائين ٽيپ جو ڊپ به متان کيس نه روڪي سگهي، ڇو جو کيس اهو اندازو ته هوندو ته ڪورٽ کيس ڪيترو جوابدار سمجهندي، سو کيس ٽيپ آئي به سهي ته اها اصل خوني جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ سخت هوندي. پر انهيءَ صورت ۾ کيس باسڻ کپندو هو، جيڪو هن نه ڪيو، سمردياڪوف قيديءَ سان ٻٽ هجڻ ڏانهن ڪڏهن به اشارو نه ڪيو، جيتوڻيڪ اصل خونيءَ کيس ڏوهه ڏيڻ ۽ اهو چوڻ جاري رکيو ته هن ڏوهه اڪيلي سر ڪيو هو.“

 ”وڏي ڳالهه ته سميرڊياڪوف پڇا ڳاڇا مهل پاڻيهي ئي اهو ٻڌايو ته اهو هو ئي هو، جنهن قيديءَ کي لفافي ۽ ڏَسن جي ڄاڻ ڏني هئي، ۽ جي هو نه ٻڌائيس ها ته کيس ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهي ها. جيڪڏهن هو سچ پچ ڏوهه ۾ شريڪ هو ته ڇا هو اها ڳالهه پاڻيهي چوي ها؟ برخلاف ان جي، هو اها ڳالهه لڪائڻ، حقيقتن کي مسخ يا گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها. ڪو بيڏوهي ماڻهو، جنهن کي ڏوهه ۾ شريڪ جي الزام ّ لڳڻ جو خوف نه هجي، سو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، جيئن هن ڪيو. ۽ پنهنجي مرض جي ملولائيءَ ۽ هن آفت کان خفقان ۾ اچي ڪالهه آپگهات ڪري ڇڏيائين. هن هڪ خط ڇڏيو، جيڪو سندس مخصوص ٻوليءَ ۾ لکيل آهي: ’مان پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ان نيت سان پاڻ کي ناس پيو ڪريان ته جيئن ٻئي ڪنهن تي الزام نه اچي.‘ هن جي ائين لکڻ سان ڪهڙو فرق پوي ها ته خوني ڪرامازوف نه پر هو آهي. هن جو اهو لکڻ ڇا سندس ضمير هو. جنهن کانئس آپگهات ته ڪرايو پر پنهنجو ڏوهه نه باسرايو؟“

 ” ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ٽن هزارن روبلن جا نوٽ ساجهر ڪورٽ ۾ آندا ويا ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته اِهي اُهي ساڳيا نوٽ آهن، جيڪي هاڻ اسان جي اڳيان هن ميز تي رکيل لفافي ۾ پيل هئا، اهي نوٽ شاهد کي پوئين ڏهاڙي سميرڊياڪوف کان مليا هئا. پر انهيءَ ڏکوئيندڙ ڏيک کي ياد ڏيارڻ جو ضرور ڪونهي، البت مان هڪ ٻه تبصرا ڪندس، اهڙين ننڍين ڳالهين تي، جيڪي متان پهرين نظر ۾ هر ڪنهن کي نظر نه آيون هجن ۽ ان ڪري نظرانداز ٿي ويون هجن. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته سميرڊياڪوف ضرور رقم موٽائي ڏني هوندي ۽ ڪالهه پاڻ کي پڇتاءَ وچان ڦاهو ڏنو هوندائين. ۽ جيئن ايون فيودورووچ اسان کي ٻڌايو، اهوئي ڪالهه هو، جڏهن هن ايون اڳيان پنهنجو ڏوهه باسيو، جي ائين هو ته پوءِ ايون فيودورووچ هاڻي دير تائين ماٺ ڇو رهيو؟ سو جيڪڏهن هن باسيو هو ته مان پڇان ٿو ته هن اها سچي پنهنجي آخري خط ۾ ڇو ڪونه ڪئي، اها ڄاڻ رکڻ کانپوءِ به نه ته بيڏوهي قيديءَ سان ٻئي ڏينهن ڪهڙي نه ڀوائتي ويڌن ٿيڻي هئي؟“

 ”فقط اڪيلي رقم ڪا ثابتي ناهي، هفتو اڳ مون کي ۽ هن ڪورٽ ۾ موجود ٻن ماڻهن کي محض اتفاق سان حقيقت معلوم ٿي ته ايون فيودورووچ پنجين پنجين هزارين جا ٻه يعني ڪل ڏهن هزارن جا پنج سيڪڙي وارا ڪوپن صوبي جي مکيه شهر موڪلي کليا ڪرايا هئا. مان اها ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان ته ڏوڪڙ ڪنهن وٽ به ٿي سگهن ٿا، ۽ ان سان اهو ثابت نٿو ٿئي ته اِهي اُهي ساڳيا نوٽ آهن، جيڪي فيودور پالووچ واري لفافي ۾ هئا.“

 ”ايون ڪرامازوف اصل قاتل کان اهڙي اهم اطلاع ملڻ تي چـُـريو ئي ڪونه هو. هن ان بابت هڪدم سڌ ڇو نه ڏني؟ ڇو ٻئي ڏينهن صبح تائين ٽاري ڇڏيائين؟ مون کي حق آهي ته اندازو لڳايان ته ڇو. سندس صحت هفتي کن کان ڍرڪندي ٿي وئي: هن هڪڙي ڊاڪٽر ۽ پنهنجن گهاٽن يارن آڏو مڃيو هو ته هو خيالي جواب ۽ مري ويلن جا ڀوت ڏسڻ لڳو هو: کيس تڏهن ڪاپاري تپ ٿيڻ وارو هو، ۽ اڄ ٿي پيس. ان حالت ۾ هن اوچتو سميرڊياڪوف جي مرڻ جي خبر ٻڌي ته خيال آيس: ’ماڻهو مري چڪو آهي، ڇو نه مان خون جو ڏوهه مٿس رکان ۽ ڀاءُ کي بچايان. ڏوڪڙ مون وٽ آهن، جن مان نوٽن جي هڪڙي ٿهي ڪڍان ٿو ۽ چوان ٿو ته اها مون کي سميرڊياڪوف مرڻ کان اڳ ڏني هئي.‘ توهان چوندا ته مئلن تي تهمت رکڻ ته ذلالت آهي! پوءِ ڇو نه ائين ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ ڪيو ويو هجي. صحيح! پر جي هن تهمت غيرشعوري طرح رکي هجي ته پوءِ؟ نوڪر جي اوچتي موت جي خبر سندس دماغ اکوڙي ڇڏيو هجي ۽ هن سمجهيو هجي ته حقيقت به اها ئي آهي ته پوءِ؟ توهان ساجهر وارو ڏيک ڏٺو: توهان شاهد جي حالت ڏٺي. هو بيٺل هو ۽ ڳالهائي رهيو هو، پر سندس دماغ ڪنهن جاءِ تي هو؟“

 ”تنهن کان پوءِ آيو قيديءَ جو خط، جيڪو ڏوهه کان ٻه ڏينهن اڳ لکيو ويو هو ۽ جنهن ۾ قتل جو پورو پروگرام ڏنل هو. پوءِ اسان ٻئي ڪنهن پروگرام لاءِ ڇو واجهائي رهيا آهيون؟ ڏوهه بلڪل انهيءَ پروگرام موجب ۽ ڪنهن رنڊڪ جي ٿي گذريو! هو پنهنجي پيءَ جي دريءَ وٽان ادب سان چـُـپڙي ڪري هٽي ڪونه ويو هو. پورو پورو يقين جو هوس ته سندس پريتما اتي هئي. نڪو، سندس هٽڻ واري ڳالهه غير معقول ۽ ناممڪن آهي! هو اندر ويو ۽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيائين. شايد جيئن ئي پنهنجي ڌڪار جوڳي رقيب کي ڏٺائين، تيئن ئي کيس ڪاوڙ ۽ چڙ ۾ پڄرندي ماري ڇڏيائين. شايد ٽامي جي مهريءَ جي هڪ ڌڪ سان ماري وجهڻ ۽ اها چڱيءَ طرح جاچي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته هوءَ اتي ڪانه هـُـئي، هن وهاڻي هيٺان هٿ وجهي اتي پيل لفافو کڻڻ ڪونه وساريو، اهو لفافو ڦاٽل ڍڪ سان اسان جي سامهون ميز تي رکيو آهي.

 ”مون اها ڳالهه انهيءَ لاءِ بيان ڪئي آهي ته جيئن هڪ ڳالهه جا، منهنجي خيال ۾، قيديءَ جي سڀاءَ موجب آهي، سا توهان جي ڌيان تي اچي. جيڪڏهن هو تجربيڪار قاتل هجي ها ۽ قتل ڇڙو ڏوڪڙن لاءِ ڪيو هجيس ها ته ڇا اهو ڦاٽل لفافو فرش تي ڇڏي ها، جتي اهو لاش جي ڀرسان لڌو ويو هو. مثال طور، جيڪڏهن هن جي جاءِ تي سميرڊياڪوف هجي ها ۽ مالڪ جو خون کيس ڦرڻ لاءِ ڪيو هجيس ها ته هو لفافو پنهنجي شڪار جي لاش وٽ بيهي کولڻ جي تڪليف وٺڻ جي بدران، جيئن جو تيئن کنيو نڪتو هليو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته کيس لفافي ۾ نوٽن جي هجڻ جي پڪ هجي ها- ۽ جيڪڏهن هـُـو لفافو پاڻ سان کڻي وڃي ها ته ڪنهن کي ڦر جو پتو نه پوي ها. مان توهان صاحبن کان پڇان ٿو ته ڇا هو ائين نه ڪري ها؟ ڇا لفافو فرش تي پيل ڇڏي وڃي ها؟

 ”نه اهو اُٻهري خونيءَ جو ئي ڪم هو، خوني جيڪو چور نه هو ۽ ان کان اڳ ڪڏهن چوري نه ڪئي هئائين، جنهن وهاڻي هيٺان لفافو ڪنهن چوري ڪندڙ چور وانگر نه پر ائين جهڙپ ڏيئي ڪڍيو ڄڻ ڪو ساڌ ڪنهن چور کان پنهنجو سڳ ورائيندو هجي، ان رقم بابت اهائي ته ڳالهه هئي، جنهن دمتري ڪرامازوف کي سوداءُ ڏيئي ڇڏيو هو: ۽ لفافو، جيڪو هن اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، سو جهٽ پائي کنيائين، ڦاڙي کولي اها پڪ ڪيائين ته ان ۾ نوٽ هئا، ۽ اهي ڪڍي کيسي ۾ وجهي نڪري ويو، اهو وساري ڇڏيائين ته ڦاٽل لفافي جي شڪل ۾ هن پنهنجي خلاف هڪ وڏي ثابتي اتي فرش تي ڇڏي ڏني هئي. اها ڀـُـل کانئس انهيءَ لاءِ ٿي جو هو سميرڊياڪوف نه پر ڪرامازوف هو، نه سوچيائين، نه ويچاريائين، ڀلا ڪيئن سوچيندو ويچاريندو؟ هو ڀڳو ته پٺيان نوڪر جي دانهن ٻڌائين: پوڙهي نوڪر کيس جهليو. کيس روڪيو، ۽ ٽامي جي مهريءَ جي هڪئي ڌڪ ليٽائي رکيس.

 ”قيدي رحم کائي هيٺ ٽپو ڏنو ۽ ڌڪيل مٿان جهڪيو. آهي نه اعتبار جهڙي ڳالهه، هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته رحم وچان هيٺ ٽپيو هو، ڪهل وچان، اهو ڏسڻ لاءِ ته ڌڪيل لاءِ ڪجهه ڪري پئي سگهيو يا نه. ڇا اها مهل ڪهل ڪرڻ جي هئي؟ نه، هو ڇڙو اهو ڏسڻ لاءِ هيٺ ٽپيو هو ته سندس ڏوهه جو اڪيلو شاهد جيئرو هو يا مري ويو هو. ڌڪيل جي نرڙ اگهڻ جي تڪليف ڪري سندس مرڻ جي پڪ ڪئي هئائين، ۽ پنهنجي پريتما جي گهر ڀڳو هو، گهٻرايل ۽ رت هاڻو. آخر کيس اهو خيال ڇو نه آيو ته هو رت هاڻو هو ۽ ان ڪري هڪدم ڦاسي ويندو؟ پر قيدي پاڻ اسانکي پڪ ٿو ڏياري ته ڪو هو رت هاڻو هو، اهو وسهي سگهجي ٿو، اهو بلڪل ممڪن آهي، اهڙين گهڙين ۾ ڏوهارين سان سدائين ائين ئي ٿيندو آهي. هڪڙيءَ ۾ هو شيطاني چالاڪي ڏيکاريندا ته ٻيءَ ۾ سمڪ ئي نه پوندن. پر قيدي ان گهڙيءَ رڳو هڪڙي ڳالهه سوچي رهيو هو: هوءَ ڪٿي آهي؟ هن بنا دير اهو ڄاڻڻ ٿي گهريو ته هوءَ ڪٿي آهي، سو هو اوڏانهين ڀڳو، جتي هوءَ رهيل هئي. اتي کيس اڻ چتايل اچرج ۾ وجهندڙ خبر پئي ته هوءَ پنهنجي پهرين چاهيندڙ ڏانهن ويل هئي.“  

 

dc

 

باب نائون

چؤپيري ڊوڙندڙ ٽروئيڪا. سرڪاري وڪيل جي تقرير جي پڄاڻي

اپولٽ ڪردووچ پنهنجي تقرير لاءِ تاريخي طريقو چونڊيو هو. اهو طريقو گهٻرايل مقررن جو پسنديده طريقو آهي، ڇو ته هو ان جي پابنديءَ ۾ پنهنجي جوشيلي وضاحت تي روڪ ڏسندا آهن. سرڪاري وڪيل پنهنجي تقرير جي ان ڀاڱي ۾ گروشينڪا جي پهرين چاهيندڙ جي وياکياڻ ۾ ڪاهي پيو، ۽ ان موضوع تي ڪيترائي دلچسپ ويچار پيش ڪيائين.

 ”دمتري ڪرامازوف هونءَ ته هر ڪنهن کي پنهنجو رقيب سمجهندو هو، پر گروشينڪا جي ان پهرينءَ چاهيندڙ اڳيان جهڙوڪ ڊهي پيو ۽ پاڻ کي ميساري ڇڏيائين ۽ هيءَ ڳالهه پاڻ وڌيڪ عجب ۾ وجهڻ جهڙي آهي ته کيس پنهنجي هن ڳري رقيب جو ڄڻ ته خيال ئي نه آيو هو. شايد هن کيس ڏورانهون خطرو ٿئي ڄاتو، ۽ ڪرامازوف هميشه حال ۾ جيئي ٿو. ممڪن آهي ته هو کيس ڪائي ڏند ڪٿا سمجهندو هجي. پر سندس زخمي دل کيس هڪدم اهو سمجهايو ته گروشينڪا سندس رقيب کي لڪائي کيس دوکو ڏيئي رهي هئي، ڇالاءِ ته هو سندس يعني گروشينڪا لاءِ ڪائي ڏند ڪٿا نه هو، ان ڪري به ته هـُـو سندس حياتيءَ جي هڪ ئي آس هو. جيئن ئي قيديءَ اهو سمجهيو تيئن هو راضي برضا ٿي ويو.“

 ”جيوريءَ جا صاحبو، مان قيديءَ جي انهيءَ اڻچتايل رُخ تي ڳالهائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان، هـُـو اوچتو ئي اوچتو انصاف، عورت لاءِ عزت، ۽ سندس پيار ڪرڻ جي حق جي مڃتا لاءِ اڻجهل خواهش ڏيکاري ٿو. ۽ اهو سڀ ان مهل، جنهن مهل سندس هٿ ان ئي عورت خاطر پنهنجي پيءُ جي رت سان رنگيل هئا! اهو سچ آهي ته جيڪو رت هن وهايو هو، تنهن اڳيئي بدلي وٺڻ لاءِ رڙڻ شروع ڪري ڏنو هو، ڇا لاءِ جو هن دنيا ۾ پنهنجي روح ۽ حياتيءَ کي تابع ڪرڻ کان پوءِ هيءَ پاڻ کان ان مهل پڇڻ تي مجبور هو ته هو ڇا هو، هاڻ ان هستيءَ لاءِ ڇا هو، جيڪا کيس پنهنجي روح کان وڌيڪ پياري هئي، ۽ سندس ڀيٽ ۾ هيءُ اڳيون چاهيندڙ هو، جيڪو پنهنجي اڳين روش تي پشيمان ٿي، نئين پاٻوهه سان ساڳيءَ عورت ڏانهن انهيءَ عزت ڀري آڇ سان موٽي آيو هو ته اڳيان هو سڌري هلندو ۽ کيس خوش رکندو. ۽ هيءُ اڀاڳو انسان هاڻي ان عورت کي ڇا ٿي ڏيئي سگهيو، ڇا ٿي آڇي سگهيو؟“

 ”ڪرامازوف اهو سڀ پروڙيو ٿي، ڄاتائين ٿي ته سندس ڏوهه سندس لاءِ سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا هئا، ۽ هو سزا هيٺ آيل ڏوهاري هو، ۽ نه ڪي اهڙو ماڻهو، جنهن جي اڳيان هنڊائڻ جهڙي جيوت هجي! ان خيال کيس نهوڙي ڇڏيو. سو هن هڪ اهڙي رٿ ڏانهن اُڏار ڪئي، جهڙي ڪرامازوف سڀاءَ واري ماڻهو لاءِ ڪنهن ڀوائتي صورتحال مان نڪرڻ جي هڪ ئي واٽ، هڪ ئي واهه هوندي آهي. اها واٽ هئي آپگهات. سو هو پنهنجي دوست پرهوتن وٽ امانت رکيل پستول وٺي اچڻ لاءِ ڀڳو ۽ ڀڄندي ڀڄندي کيسي مان اها رقم ڪڍيائين، جنهن لاءِ هن پنهنجي پيءُ جي رت سان هٿ رڱيا هئا. کيس هاڻي ان رقم جي جيتري لوڙ هئي، تيتري اڳي ڪڏهن به ڪانه هئي. ڪرامازوف مرندو، ڪرامازوف پاڻ کي گولي هڻندو، ۽ اهو ياد رکيو ويندو! مڃجي کڻي ته هو شاعر هو ۽ سڄي حياتي ميڻ بتيءَ جا ٻئي ڇيڙا هڪ ئي وقت ٻاريندو رهيو هو. هـُـن وٽ، هن وٽ! ۽ اُتي، اُتي مان سڄي دنيا جي اهڙي دعوت ڪندس، جهڙي اڳي ڪڏهن ڪانه ڪئي وئي آهي، ۽ جيڪا پوءِ ڊگهو ڊگهو مدو ياد رکي ويندي! اُتي ڇڙواڳ کل خوشيءَ جي وچ ۾، ڇتن سانگي راڳن جي وچ ۾ مان جام کڻندس ۽ اُن وينگس ۽ سندس نئين لڌل خوشيءَ تان خالي ڪندس! پوءِ اُن ئي هنڌ. سندس قدمن ۾، سندس آڏو پنهنجو ميڄالو ٺڪاءَ سان ڪڍي پاڻ کي سزا ڏيندس! هوءَ ڪڏهن ڪڏهن متيا ڪرامازوف کي ياد ڪندي. هوءَ ساريندي هئي ته متيا کيس ڪيڏو نه پيار ڪندو هو، هوءَ متيا لاءِ ارمان ڪندي هئي.“

 ”هت اسان ڪرامازوف جي تاثر لاءِ، روماني نراسائيءَ ۽ جذباتيت لاءِ حد کان چڙهيل چاهه ڏسون ٿا . برابر، پر، جيوريءَ جا صاحبو، ٻيو ڪجهه به آهي، جيڪو روح ۾ رڙي ٿو، ذهن ۾ لاڳيتو ڌڙڪي ٿو، ۽ اندر کي مرڻ گهڙيءَ تائين وهه ڪري ٿو- اهو ٻيو ڪجهه، جيوريءَ جا صاحبو، آهي ضمير. ان جو فيصلو، ان جا ڀوائتا آزار‍ پستول سڀ ڪجهه نبيري ڇڏيندو، پستول ئي آخري واهه آهي. پر ان کان اڳتي- مان نٿو ڄاڻان ته ڪرامازوف کي تنهن مهل اهو پور پيو هو يانه - ان کان اڳتي ڇا آهي؟ ته هن هئملٽ وانگر سوچيو هو،  ”اڳتي ڇا آهي؟“  نه جيوري جا صاحبو، هنن وٽ پنهنجا هئلمٽ آهن. پر اسان وٽ پنهنجا ڪرامازوف آهن!“

اتي اپولٽ ڪردووچ، متيا جي تيارين جي، ۽ پرهوتن وٽ، دڪان تي گاڏي هڪليندڙن سان ڇا پيش آيو، تنهن جي ذري پرزي جي چٽسالي ڪئي. هن اڪيچار لفظن ۽ ڪمن جو حوالو ڏنو، جن شاهدن تصديق ڪئي هئي، ۽ ان چٽ ٻڌندڙن تي ڀوائتو اثر ڇڏيو. سڀني حقيقتن کي ڪٺو ڪيو ويو ته هراسيل ۽ نراسائيءَ وچان نتيجن کان لاپرواهه انسان جو ڏوهه چٽو ۽ پاڻ مڃائيندڙ ٿي اُڀريو.

 ”کيس احتياط جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٻه ٽي ڀيرا هن ذري گهٽ باسيو ٿئي، اشارو ڪيو هئائين، پير زبان نه کوليائينّ“  (ان کان پوءِ شاهدن جي ساک جو وارو آيو.)  ”هن ويندي ان گاڏيءَ واري ڪڙميءَ کي به رڙ ڪري چيو:  ”پتو ٿئي تون هڪ خونيءَ کي کنيو پيو هلين!“  پر هن لاءِ سچي ڪرڻ ناممڪن هو، کيس موڪرو ۽ پهچڻو هو ۽ پنهنجي رومانس(1) کي توڙ پڄائڻو هو. پر اڀاڳي انسان لاءِ ڇا اوسيئڙيل هو؟ موڪروءِ  ذري گهٽ پهرين پل ۾ هن سهي ڪري ورتو ته سندس اجيت رقيب هروڀرو اهڙو اجيت به ڪو نه هو، ته سندن نئين لڌل خوشيءَ تي جام خالي ڪرڻ جي خواهش ڪا نه ٿي ڪئي وئي ۽ نه ئي قبول ڪئي ويندي . پر، جيوريءَ جا صاحبو، هي شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران سامهون ايندڙ حقيقتون آهن. ۽ توهان اهي سڀ ڄاڻو ٿا. ڪرامازوف جي پنهنجي رقيب تي فتح مڪمل هئي، ۽ هن جو روح هڪ بلڪل نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، شايد سڀني کان ڀوائتو مرحلو، جنهن منجهان هن جو روح نه اڳي ڪڏهن لنگهيو هو ۽ نه اڳيان لنگهڻو هو.“

 ”جيوريءَ جا صاحبو، اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو“  سرڪاري وڪيل تقرير جاري رکندي چيو ته،  ”ڪاوڙايل فطرت ۽ ڏوهاري دل ڪنهن به زميني انصاف جي ڀيٽ ۾ پاڻ پنهنجو پورو وير وٺندا آهن. پر اهو سچ آهي ته زمين تي ٿيندڙ انصاف ۽ ملندڙ سزا فطرت جي سزا کي يقيني طرح نرم ڪري ڇڏيندا آهن، ۽، تحقيق، ڏوهاريءَ کي نراسائيءَ مان ڪڍڻ لاءِ ضروري پڻ آهن، مان خيال ۾ ئي نٿو آڻي سگهان ته ڪرامازوف کي اوڏي مهل ڪيڏو نه ڌڌڪو آيو هوندو ۽ ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳي هوندائين، جيڏيءَ مهل کيس خبر پئي ته هو ساڻس پيار ڪري ٿي، ته هن پنهنجي پهرين چاهيندڙ کي سندس خاطر رد ڪري ڇڏيو هو، ته هوءَ کيس، متيا کي نئين جيوت ڏانهن سڏي رهي هئي، ته هوءَ کيس خوشيءَ جي بشارت ڏيئي رهي هئي. پر ڪڏهن؟ جڏهن هن لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو ۽ ڪجهه به ممڪن نه رهيو هو.“

 ”هتي مان ڏنگين ۾ هڪ اهم نڪتو بيان ڪندس، جو اهو قيديءَ جي ان وقت واريءَ حالت تي روشني وجهي ٿو. هيءَ عورت، سندس محبت جنهن کيس دل وجان سان چاهيو ٿئي، آخري گهڙيءَ تائين، سندس گرفتاريءَ جي گهڙيءَ تائين حاصل نه ٿي سگهي هئي. سو هن تڏهن پاڻ کي گولي ڇو نه هنئين؟ هن پنهنجو ارادو ڇو ترڪ ڪيو ۽ ڇو اهو به وساري ڇڏيائين ته سندس پستول ڪٿي رکيل هو؟ اها هن جي محبت لاءِ زبردست خواهش ۽ ان خواهش جي پوري ٿيڻ جي آس هئي، جنهن کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو. موج مزا ماڻڻ وارو سمورو وقت هو پنهنجي محبوبڙيءَ جي ويجهو رهيو، هوءَ شاهاڻي دعوت ۾ به ساڻس گڏ هئي، ۽ کيس اڳي کان وڌيڪ محبوبڙي موهي رهي هئي، سندس پاسو نه ڇڏيائين ۽ کيس مان ڏيڻ ۾ پاڻ ڪري وڌائين.“

 ”سندس عشق نه رڳو گرفتاريءَ جي خوف کي پر ضمير جي چهڪن کي به گهڙي کن لاءِ دٻائي ڇڏيو هوندو، گهڙي کن لاءِ، بس گهڙي کن لاءِ! مان تصور ڪري سگهان ٿو ته قيدي جن اثرن جي چنبي ۾ چوکنڀو ڦاٿل هو، تن سندس ڪهڙي حالت ڪئي هوندي: پهرين پيئڻ جو اثر، ڌم ڌڙي ۽ مستانائيءَ جو اثر، ناچ جي ٽاپڙي ۽ راڳ جي آلاپ جو اثر ۽ مڌ ۾ ڪڪوريل هن لاءِ نچندڙ، ڳائيندڙ کلندڙ گروشينڪا جو اثر! ٻيو هو پسمنظر ۾ انهيءَ آس جو اثر ته موتمار پڄاڻي متان اڃا پري هجي، شايد سڀاڻي صبح تائين، جڏهن هو اچي کيس سوگهو ڪندا. سو هن وٽ ڪي ڪلاڪ هئا، ۽ اهو به گهڻو هو، تمام گهڻو! ٿورن ڪلاڪن ۾ ماڻهو ڇاڇا نه محسوس ڪري سگهي ٿو! مان ڀانيان ٿو ته هن به ائين ئي محسوس ڪيو هوندو، جيئن ڏوهاري ڦاسي گهاٽ ڏانهن ويندي محسوس ڪندا آهن. کين هڪ ٻي گهٽي، ڊگهي گهٽي، وک ۾ وک وجهي، هزارين ماڻهن وٽان لنگهندي پار ڪرڻي هوندي آهي، ۽ اها گهٽي وڃي کٽندي موت جي خوفائتي هنڌ تي ! مان سمجهان ٿو ته پنڌ جي منڍ ۾ سزا آيل ماڻهو پنهنجي شرم جوڳي ڇڪڙي تي ويٺي اهو محسوس ڪندو ته اڃا گهڻي عمر پئي آهي. گهر گذرندا ٿا وڃن، ڇڪڙو هلندو ٿو رهي. اوهه! اهو ڪجهه ناهي، ٻي گهٽيءَ جو وڪڙ اڃا پري آهي، ۽ هو اڃا اڻ ڊنل نظرن سان ساڄي کاٻي انهن هزارين بيدرد سونجهڻن ماڻهن کي ڏسي ٿو، جن جون اکيون منجهس کتل آهن، ۽ اڃا به پاڻ کي اهڙو ئي ڄاڻي ٿو، جهڙو اهي آهن. اوهه! اهو ڪجهه به ناهي، ڪجهه به نه، اڃا هڪڙي سڄي ساري گهٽي پئي آهي، کڻي ڪيترا به گهڻا گهر لنگهي ويا هجن، هو اهو ئي سمجهي ٿو ته اڃا ڪيئي رهيل آهن، ۽ پڇاڙيءَ تائين، ڦاسيءَ گهاٽ تائين ائين ئي سمجهي ٿو.

 ”مان سمجهان ٿو ته تڏهن  ڪرامازوف جي اهڙي ئي حالت هئي. هنن اڃا مون کي ٻـَـڌو ناهي.“  هن اوس سوچيو هوندو،  ”مان اڃا به پاڻ بچائڻ جي ڪا واٽ ڳولي وٺندس ها، اڃا بچڻ جي ڪا ئي رٿ ٺاهڻ جو وقت آهي، ۽ هوءَ هاڻ به ڪيڏو نه موهي ٿي.“

 ”سندس روح مونجهاري ۽ ڊپ ۾ ورتل هوندو، پر پوءِ به هن اڌ رقم ڪڍي ڪٿي لڪائي ڇڏي. هن پيءُ جي وهاڻي هيٺان جيڪي ٽي هزار ڪڍيا هئا، تن جي اڌ جي گم ٿيڻ جي ٻي ڪا سمجهاڻي ڪانهي. هو پهرين به موڪروءِ آيو هو. اتي پيالا چاڙهيندي اڳيئي ٻه ڏينهن ٿي چڪا هئس. کيس هن وڏي جهوني حويليءَ جي سڀني لنگهن ۽ لاڳاپيل جاين جي ڄاڻ هئي. مون کي لڳي ٿو ته ان رقم جي هڪ پتي، گرفتاريءَ کان ٿورو اڳ،حويليءَ جي ڪنهن چير، فرش هيٺان، ڪنهن ڪنڊ، ڪنهن پڇنڊيءَ ۾ لڪائي وئي هئي. ڪهڙي مقصد لاءِ؟ مون کان پڇيو ويندو. مصيبت جي ڪهڙي خبر ڪنهن وقت به ڪڙڪي سگهي ٿي. هن اڃا اهو نه سوچيو هوندو ته ائين اوچتو ڪڙڪندڙ مصيبت کي ڪيئن منهن ڏيندو. مغز ڌنوي رهيو هوس. ۽ دل به وٽس هئي، پر ڏوڪڙ -- ڏوڪڙن کانسواءِ ته سرندي ڪانهي، مڙس ّمڙس آهي ئي ڏوڪڙن سان. شايد توهان کي اهڙي دور انديشي، اهڙي ڏکي وقت تي غير فطري لڳندي. پر هو پاڻ اسان کي پڪ ڏياري ٿو ته مهينو کن اڳ هڪڙي نازڪ ۽ وائڙي گهڙيءَ ۾ هن اڌ رقم هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سبي ڇڏي هئي. ۽ جيتوڻيڪ جيئن اسان سگهو ئي ثابت ڪنداسون ته، اهو صحيح نه هو، پر اهو ڏيکاري ٿو ته ڪرامازوف کي اهو خيال آيو هو ۽ هن ان تي ويچاريو هو. وڏي ڳالهه ته جڏهن هن پڇاڳاڇا وقت چيو ته هن پندرهن سو روبل ڳوٿريءَ (جنهن جو ڪو وجود ڪو نه هو) ۾ وڌا هئا، تڏهن هن ڳوٿريءَ جو ڪوڙ اوڏيءَ مهل ٿڏي تي ٺاهي ورتو هوندو. ڇو ته هن ٻه ڪلاڪ اڳ اڌ رقم ڪڍي موڪروءِ  صبح تائين لڪائي ڇڏي هئي، اوکيءَ ويل ڪم اچڻ لاءِ، پاڻ وٽ نه رکڻ لاءِ، ٻه ڇيهه، جيوريءَ جا صاحبو، ياد رهي ته ڪرامازوف هڪ ئي وقت ٻه ڇيهه ڳڻي ڳوتي سگهي ٿو.“

 ”اسان حويليءِ  ڳولا ڪئي آهي. پر رقم نه لڌي اٿئون. ٿي سگهي ٿو ته اها اڃا به اتي هجي، يا ٻئي ڏينهن غائب ٿي وئي هجي، ۽ هن وقت قيديءَ وٽ هجي. بهر حال ، هو پنهنجي محبوبڙيءَ جي پاسي ۾ گوڏن ڀر ويٺل هو. هوءَ هنڌ تي ليٽيل هئي، سندس هٿ هن ڏانهن ڊگهريل هئا ۽ هر ڳالهه اهڙي ته وسري ويل هئس جو کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ ايندڙن جي اچڻ جي خبر ئي ڪانه پئي، کيس پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪنهن رٿ رٿڻ جو وجهه ئي نه مليو. کيس بيخبريءَ ۾ پڪڙي آڻي ججن وٽ پيش ڪيو ويو، ججن کي سندس قسمت جو، حشر جو فيصلو ڪرڻو آهي.“

 ”جيوريءَ جا صاحبو، اسان کي پنهنجي فرض ادائيءَ دوران اهڙيون گهڙيون درپيش اينديون آهن، جڏهن اسان لاءِ ڪنهن کي منهن ۾ نهارڻ ڏاڍو اهنجائيندڙ هوندو آهي، اهنجائيندڙ هن خاطر پڻ. اهي گهڙيون حيواني خوف جو گهڙيون هونديون آهن: جڏهن ڏوهاري ڏسي ٿو ته سڀ ڪجهه ويو هليو، تڏهن به هو جاکوڙي ٿو، جاکوڙڻ جو جتن ڪري ٿو: گهڙيون، جڏهن پاڻ بچاءَ جون سڀ جبلتون منجهس هڪ ئي وقت جاڳي اٿن ٿيون ۽ هو توهان کي پڇندڙ ۽ ڏکويل نظرن سان ڏسي ٿو. توهان کي، توهان جي منهن کي، توهان جي خيالن کي پرکي ٿو، بي يقينيءَ سان ته توهان الائجي ڪهڙي پاسي ڌڪ هڻندا، ۽ هن جو حيران پريشان دماغ هڪڙي ويرم ۾ هزارين رٿون جوڙي وٺي ٿو، پر هو اڃا به ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿو ته متان پاڻ پڌرو نه ڪري وجهي! روح جو اهو ايذاءُ، هيءَ پاڻ بچاءَ جي حيواني اُڃ: انساني روح جون اهي هٺ ڀڃندڙ گهڙيون آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڪيل ۾ به ڏوهاريءَ لاءِ ڊپ ۽ ڪهل پئدا ڪنديون آهن. ۽ اسان تڏهن اهوئي مشاهدو ڪيو هو.

 ”پهرين هو تپرس ۾ پئجي ويو هو، ۽ ڀؤ ۾ ڪي ڏاڍا شڪي ٻول ٻولي ويٺو هو. ’رت! مان اهوئي لهڻان؟‘ پر هن ترت پاڻ کي روڪي ورتو. اها تياري ڪونه ڪئي هئائين ته ڇا چوندو، ڪهڙو جواب ڏيندو، وٽس ٻيو ڪجهه به نه، ٺلهو انڪار تيار هو، ’مان پنهنجي پيءُ جي موت جو ڏوهي نه آهيان.‘ في الحال وٽس اهو ئي لوڙهو هو، جنهن جي پٺيان هو ڪو نه ڪو لڪڙ ڪوٽ کڙو ڪري پئي سگهيو. پهرين جيڪي شڪي ٻول ٻولي ويٺو هو، تن جي وضاحت هيئن ڪيائين: پاڻ رڳو نوڪر گريگوريءَ جي موت جو ذميوار هو: ’ان رتو ڇاڻ جو ڏوهاري مان آهيان: پر، صاحبو، منهنجي پيءُ کي ڪنهن ماريو آهي، ڪنهن ماريو آهي؟ جي مان نه ته کيس ڪنهن ته ماريو هوندو؟‘ ٻڌو ٿا نه؟ هن اسان کان اهو پڇيو، اسان کان جيڪي کانئس اهو ئي پڇڻ ويا هئا سون! ايڏي بيوقتي اُٻهرائيءَ سان ٻوليل ٻول توهان ٻڌو-  ’جي مان نه‘ - حيواني چالاڪي، ڀورائي، اهائي ڪرامازوف واري اُٻهرائي؟ مون هن کي ڪونه ماريو آهي، ۽ توهان اهو نه سوچيو ته مون ماريو آهي! مون کيس مارڻ گهريو هو، صاحبو، مون کيس مارڻ گهريو هو. هو اُٻهرائيءَ وچان مڃي ٿو (کيس تڪڙ هئي، ڏاڍي تڪڙ). ’پر پوءِ به مان ڏوهي ناهيان، اهو مان ناهيان، جنهن کيس ماريو آهي.‘ هو اسان سان ايترو باسي ٿو ته هن پيءُ کي مارڻ چاهيو هو، ڄڻ چوندو هجي ته توهان پاڻ ڏسي سگهو ٿا ته مان ڪيڏو نه سچار آهيان، سو توهان ويساهه ڪريو ته مون کيس قتل نه ڪيو آهي. اوهه! اهڙن معاملن ۾ ڏوهاري اڪثر حيرت انگيز طور تي ترانگهڙو ۽ ويساهه وسوڙو هوندو آهي.“

 ”ان مرحلي ۾ وڪيلن مان هڪڙي کانئس، جهڙو ڪر اتفاق سان، هڪ تمام سادو سوال پڇيو: ’کيس مارڻ وارو سميرڊياڪوف ته نه هو؟‘ اتي کيس، جيئن اسان کي توقع هئي، ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته سندس اڳلو قدم اڳواٽ سهي ڪري ويا هئا سون ۽ بيخبريءَ ۾ سوگهو ڪيو هوسين، تنهن کان اڳ ته کيس تياري ڪرڻ جي مهلت ملي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت بلڪل سڀاويڪ نموني ۾ سميرڊياڪوف جو نالو وٺي سگهي. هو هڪدم جيئن هو سدائين ڪندو آهي، ٻئي ڇيهه ڏانهن ڌوڪي ويو، ۽ اسان کي يقين ڏيارڻ لڳو ته سميرڊياڪوف نه ماريو هوندو، ڇو ته هو ائين ڪرڻ جوڳو نه هو. پر هن تي اعتبار نه ڪريو، اها هن جي چالاڪي هئي: هن سميرڊياڪوف وارو خيال ترڪ ڪونه ڪيو هو، برخلاف ان جي، کيس سميرڊياڪوف جو نالو وري آڻڻو هو، ڇالاءِ ته کيس سچ ته ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه ٿئي سـُـجهيو، جنهن کي اڳتي آڻي سگهي. پر ائين پوءِ ڪندو ڇو ته في الحال کانئس اها واٽ ڦرجي وئي هئي. هو کيس پوءِ ٻئي ڏينهن يا ڪجهه ڏينهن پوءِ ڪو وجهه وٺي اڳتي آڻيندو، جڏهن هو واڪو ڪري چئي سگهي، ’توهان کي پاڻ ياد هوندو، مان سميرڊياڪوف بابت توهان کان وڌيڪ شڪ ۾ هوس، پر هاڻ مون کي پڪ ٿي وئي آهي. هن ئي کيس ماريوآهي.لاشڪ هن ئي ائين ڪيو آهي.‘ ۽ في الحال هو مونجهه ۽ چڙ وچان انڪار جو سهارو وٺي ٿو. بهرحال بي صبريءَ ۽ ڪاوڙ کانئس ان ڳالهه جي نهايت ڇسي ۽ اعتبار نه ڪرڻ جوڳي توصيح ڪرائي ته هن ڪيئن پيءُ جي دريءَ کان جهاتي پاتي هئي ۽ ڪيئن هن ادب سان پٺيان پير ڪيا هئا. وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ هئي ته کيس تڏهوڪي صورتحال جي ڄاڻ ڪانه هئي، نه اها به ته گريگوري پنهنجي شاهديءَ ۾ ڇا چيو هو.“

 ”اسان سندس جهڙتي ورتي، جهڙتيءَ کيس ڪاوڙايو به ۽ همٿايو به، وٽانئس هڙئي ٽي هزار نه پر انهن جو رڳو اڌ مليو هو. ۽ لاشڪ ڪاوڙيل ماٺ جي ان ئي گهڙيءَ ۾ کيس ڳوٿريءَ جي ڏند ڪٿا سجهي هئي. بيشڪ کيس پاڻ به ان ڪهاڻيءَ جي ممڪن نه هجڻ جو احساس هو. سو هن پوري ڪوشش ڪئي ته اها ڪهاڻي ٻڌڻ ۾ ٿيڻ جوڳي لڳي، ۽ وسهڻ جوڳي بنائڻ لاءِ ان تي رومانس جو رنگ چاڙهيائين. اهڙن مامرن ۾ جاچ ڪندڙ وڪيلن جو پهريون ڪم ڏوهارين کي تياريءَ کان روڪڻ، بنا چتاءَ جي مٿان وڃي پوڻ هوندو آهي ته جيئن سندن خيال جهڙا سندس اندر ۾، سادا، اڻ ٺهڪندڙ هجن، تهڙائي ٻاهر هليا اچن، ڏوهاريءَ کان رڳو تڏهن ئي اندر اورائي سگهبو آهي. جڏهن کيس ڪا نئين حقيقت اتفاقي طرح ٻڌائبي آهي يا ڪيس لاءِ وڏي اهميت رکندڙ ڪنهن اهڙي ڳالهه جي ڄاڻ ڏبي آهي، جنهن کان هو اڳي اڻڄاڻ هو ۽ نه ئي ان کي اڳ پسيو هئائين. اسان وٽ هڪ اهڙي حقيقت تيار هئي. اها هئي گريگوريءَ جي کليل در بابت شاهدي، جنهن منجهان قيدي ٻاهر ڀڳو هو. هن کان ان در جي ڳالهه صفا وسري وئي هئي، ۽ ويندي اهو شڪ به ڪو نه پيو هوس ته گريگوري ڪو اهو ڏٺو هو.“

 ”ان جو اثر حيرت انگيز ٿيو. هن اڇانگ ڏنو ۽ اسان کي رڙ ڪيائين، ’ته پوءِ سميرڊياڪوف هن کي ماريو هوندو، اهو سميرڊياڪوف ئي هو!‘  ائين هن پنهنجو بچاءُ، جيڪو هيستائين هن پاڻ وٽ رکيو هو سو نهايت غير ممڪن شڪل ۾ ظاهر ڪري ڇڏيائين، ڇو ته سميرڊياڪوف گريگوريءَ کي ڌڪ هڻي ليٽائڻ کان پوءِ ئي خون ڪري ٿي سگهيو. جڏهن اسان قيديءَ کي ٻڌايو ته گريگوريءَ ڪـِـرڻ کان اڳ در کليل ڏٺو هو ۽ ڪمري مان ٻاهر ايندي سميرڊياڪوف کي پردي پٺيان ٻڌو هئائين، تڏهن قيدي اصل ڍرڪجي ويو. منهنجي مانواري ۽ حاضر جواب دوست وڪيل، نڪولي پارفينووچ، پوءِ مون کي ٻڌايو ته هن قيديءَ کي ڏسي ذري گهٽ روئي ڏنو هو. ۽ وري چڱو اهو ٿيو ته قيديءَ اسانکي ننڍڙي ڳوٿريءَ بابت ٻڌائڻ جي تڪڙ ڪئي. ائين ته ائين ئي سهي، توهان اهو رومانس به ٻڌندا.“

 ”جيوريءَ جا صاحبو، مان توهان کي اڳيئي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان ان رومانس کي ڇو نه فقط اڻ ٿيڻي پر هڪ اهڙي نه وسهڻ جوڳي هٿ ٺوڪي ڳالهه ٿو سمجهان، جنهن جهڙي ٻي ڪا انهن حالتن ۾ اڳتي نه آندي وئي آهي. جي ڪوئي شرط رکي سڀني کان وڌيڪ اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪهاڻي گهڙڻ چاهيندو ته کيس هن کان وڌيڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه ورلي ملندي. انهن ڪهاڻين جي خراب ۾ خراب ڳالهه هيءَ آهي ته سوڀارن رومانس گهڙيندڙن تن تفصيلن سان هر وقت مونجهاري ۾ وجهي ۽ پيڙي سگهي ٿو، جن سان حقيقي حياتي ايتري شاهوڪار آهي ۽ جنهن کي اهي ناخوش ۽ مجبور ڪهاڻي ٻڌائيندڙ غير اهم فضوليات سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن. اوهه! وٽن انهن تفصيلن تي سوچڻ جو دماغ ئي ڪونهي، سندن ذهن سندن عظيم ايجاد جي ڪـُـل تي مرڪوز آهن، ۽ ڪوئي سندن ڌيان انهن فضوليات ڏانهن ڇڪائڻ جي همت نه ڪري! پر هو ائين ئي ته ڦاسندا آهن. قيديءَ کان سوال پڇيو ويو، ’تو پنهنجي ننڍڙي ڳوٿريءَ لاءِ سامان ڪٿان ورتو ۽ اها تو کي ڪنهن ٺاهي ڏني؟‘  ’مون پاڻ ٺاهي هئي‘   ’۽ تو ان لاءِ ڪپڙو ڪٿان آندو؟‘ قيديءَ کي ڏاڍي چڙ لڳي. هن اهڙي خسيس سوال جي پڇڻ کي ذري گهٽ پنهنجي هتڪ ڄاتو، ۽ توهان اعتبار ڪندا هن جي چڙ اصلي هئي! پر هو سڀ اهڙا ئي هوندا آهن. ’مون پنهنجي قميص ڦاڙي هئي.‘ ’ته پوءِ اها قميص سڀاڻي تنهنجن لٽن ۾ ملي ويندي ۽ ان مان ٽڪرو ڦاٽل هوندو.‘ ۽،  جيوريءَ جا صاحبو، جيڪڏهن اسانکي اها قميص ملي ها ( ۽ اسان کي اها سندس خانن واري الماريءَ يا پيتيءَ مان ڪيئن نه هٿ اچي ها) ته اها حقيقت، طبعي حقيقت سندس بيان جي فائدي ۾ وڃي ها. پرهو اهڙي سوچ جوڳو هو ئي ڪونه. ’مون کي ياد ڪونهي، پنهنجي قميص مان ٽڪرو ڦاڙي نه پر گهر جي مالڪياڻيءَ جي ٽوپين مان ڪنهن ۾ سبي هئي.‘ ’ڪهڙي قسم جي ٽوپيءَ ۾؟‘ ’اها اُتي ڪٿي پيل پراڻي اڌوراڻي سـُـٽ جي ٽوپي هئي.‘ ’چٽيءَ طرح ياد اٿئي نه؟‘ ’نه‘ ۽ هو ڪاوڙجي، ڏاڍو ڪاوڙجي ويو، ۽ ٿورو سوچيو، پوءِ به ياد ڪونه آيس! ماڻهوءَ کي سندس حياتيءَ جي ههڙين نازڪ گهڙين ۾، مثال طور جڏهن ڦاسيءَ لاءِ نيو ويندو آهي، اهڙيون ئي خسيس ڳالهيون ياد اينديون آهن. هو ڪجهه به وساري ڇڏيندو، پر واٽ ويندي ڪائي سائي ڇت يا ڪو ٽياس تي ويٺل ڪانوَ جهڙو پکي ڏٺو هوندائين ته اهو به ياد رهندس. هن پنهنجن گهر وارن کان اُن ننڍڙي ڳوٿريءَ جو سبڻ لڪايو، کيس اهو عزت گهٽ ڪندڙ ڊپ هو ته متان ڪو اچي وڃي ۽ سندس هٿ ۾ سـُـئي نه ڏسي وٺي، ڪيئن نه هو ٿوري کڙڪي تي پردي پٺيان وڃي لڪو (سندس ٽڪڻ واري جاءِ  پردو به آهي).“

پر، جيوريءَ جا صاحبو، مان توهان کي اهو سڀ، اهي تفصيل، اهي خسيس ڳالهيون ڇو ٻڌائي رهيو آهيان؟“  اپولٽ ڪردووچ اوچتو رڙ ڪئي. رڳو ان لاءِ ته قيدي اڃا تائين اهي ڇسيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هـُـن ٻه مهينا اڳ واري موتمار رات کان وٺي ڪنهن به ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي آهي:  ”هن پنهنجن اڳين عجب جهڙن بيانن ۾ ڪنهن به چٽو ڪندڙ حقيقت جو واڌارو نه ڪيو آهي. اهي سڀ فضوليات آهن.  ’منهنجي قسم جو لحاظ ڪندي مون تي اعتبار ڪريو.’ اسان هن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ اَتا آهيون توڻي جو سندس چيو رڳو قسم تي آهي! ڇا اسان ماڻهوءَ جي رت لاءِ اُڃايل گدڙ آهيون؟ اسانکي قيديءَ جي فائدي ۾ ڪا هڪ حقيقت ڏيکاريو. اسان سرها ٿينداسين، اها مائيدار اصل حقيقت هجي، نه ڪي اهڙو نتيجو، جيڪو قيديءَ جي تاثر مان سندس ڀاءُ ڪڍيو هجي يا تڏهن جهڙو، جڏهن هن پنهنجو سينو ڪـُـٽيو هو، سو به اوندهه ۾، ۽ ضرور ننڍڙي ڳوٿريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ گهريو هوندائين. اسان ڪنهن به نئين حقيقت تي خوش ٿينداسون، اسان مٿس آيل الزام کي رد ڪرڻ وارا پهريان ماڻهو هوندا سون، اسان ان کي رد ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا سون، پر هاڻي انصاف واڪا پيو ڪري ۽ اسان ڪجهه به رد نٿا ڪري سگهون.“

اتي پهچي اپولٽ ڪردووچ پنهنجي تقرير جو پڇاڙڪو تاتپرچ ڏيڻ شروع ڪيو. هو ۾ ائين ٿي نظر آيو ڄڻ تپ هجيس. هن رت جي ڳالهه ڪئي، جيڪو عيوض لاءِ پڪاري رهيو هو، پٽ هٿان مارجي ويل پيءُ جو رت، ڦر جهڙي نيچ حرڪت تان مارجي ويل پيءُ! هن حقيقتن جي هڪ ٻئي سان دکدائڪ ۽ چٽي مناسبت جو حوالو ڏنو.

 ”توهان بچاءَ جي ٻهڳڻي ۽ ناليري وڪيل کان کڻي ڇا به ٻڌو،“  اپولٽ ڪردووچ اهو چوڻ کان رهي نه سگهيو،  ”توهان جي جذبات کي کڻي ڪيتريون به فصيح ۽ دلسوز التجائون ڪيون وڃن، پر اهو ياد رکو ته توهان هن وقت انصاف جي مندر ۾ ويٺل آهيو. ياد رکو ته توهان هن وقت اسان جي انصاف جا پاسدار آهيو، اسان جي مقدس روس جا، ان جي اصولن جا، ان جي خاندان جا، ۽ هر ان شئي جا پاسدار، جنهن کي اهو مقدس سمجهي ٿو. توهان هن گهڙيءَ هت روس جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، ۽ توهان جو فيصلو نه رڳوهن هال اندر ٻڌو ويندو پر سڄي روس اندر پڙاڏو ڪندو، ۽ سڄو روس توهان کي،پنهنجن پاسدارن کي، پنهنجن ججن کي ٻڌندو، ۽ توهان جي فيصلي کان همٿائبو يا دلشڪستو ٿيندو. روس کي ۽ ان جي اميدن کي نراس نه ڪريو. اسان جي موتمار ٽروئيڪا شايد پنهنجي تباهيءَ ڏانهن ڌوڪيندي پئي وڃي، ۽ ساري روس ۾ ماڻهو گهڻي وقت کان هٿ ٻڌيو ان جي انڌاڌنڌ اُڏار کي روڪڻ جون منٿون ڪندا پي آيا آهن، ۽ جيڪڏهن ٻيون قومون ان ٽروئيڪا جي واٽ تان هٽي پري ٿين ته اهو، جيئن شاعر وسهي خوش ٿين ٿا، احترام وچان نه پر هراس وچان آهي، هراس وچان، شايد اَڻاءَ وچان، ۽ چڱو آهي جو اهي هٽي پري ٿين ٿيون، پر ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڏينهن ائين ڪرڻ بند ڪن ۽ ان ڌوڪيندڙ جـِـن جي سامهون اڏول ڀت کڙي ڪن ۽ پنهنجي سلامتي، روشن خياليءَ ۽ تهذيب کي بچائڻ لاءِ اسان جي لاقانونيت جي ڇتي ڊوڙ کي روڪي ڇڏين. اسان اڳيئي يورپ کان خبرداريءَ جا آواز ٻڌا آهن، هنن اڳيئي وڄت شروع ڪري ڏني آهي. کين وجهه نه ڏيو! پٽ هٿان پيءُ جي خون کي جائز ٺهرائي کين وڌيڪ نه ڪاوڙايو!“

اپولٽ ڪردووچ پاڻ سچ پچ ته جذبات ۾ هوندي به پنهنجي تقرير انهيءَ فصيح التجا تي پوري ڪئي، ۽ جيڪو اثر پيدا ڪيائين سو غير معمولي هو. جيئن ئي هن تقرير پوري ڪئي، تيئن ئي ٻاهر نڪري ويو ۽ جيئن اڳ ذڪر ڪيو اٿم، وڃي پاسي واري ڪمري ۾ بيهوش ٿي ويو. ڪورٽ ۾ تاڙيون ته ڪو نه وڳيون، پر ڳنڀير ماڻهو خوش ٿيا هئا. عورتون ڪو گهڻو مطمئن نه ٿيون هيون، پر کين پڻ سندس فصاحت وڻي هئي ، خاص ڪري ان ڪري به ته کين ڪيس جي نتيجي ۾ ڪي به شڪ ڪونه هئا، ۽ فيتيوڪووچ ۾ پورو پورو ويساهه هونَ.  ”هو نيٺ ڳالهائيندو ۽ سڀ تقاضائون پوريون ڪري ڇڏيندو.“

هر ڪنهن متيا ڏانهن نهاريو، هو سرڪاري وڪيل جي سڄي تقرير دوران ڏند ڀيڪوڙيو، هٿ ڀيڙيو، ڪنڌ هيٺ ڪيو چپ چاپ ويٺو رهيو هو. رڳو ڪنهن ڪنهن مهل ڪنڌ کڻي ٻڌائين ٿئي، خاص ڪري تڏهن جڏهن گروشينڪا جو ذڪر ٿئي آيو. جڏهن سرڪاري وڪيل گروشينڪا بابت رڪيٽـِـن جي راءِ جو حوالو ڏنو، تڏهن هن ڪجهه ڏاڍيان ڀڻڪو ڪيو.  ”برنارڊ!“  جڏهن اپولٽ ڪردووچ ٻڌايو ته هن ڪيئن موڪروءِ  پڇاڳاڇا وقت کيس ايذايو هو. تڏهن هن مٿو کڻي ڪن لائي ٻڌو هو. هڪڙي هنڌ ائين لڳو هو ته ٽپ ڏيئي اُٿندو ۽ واڪو ڪندو، پر هن پاڻ جهلي ورتو هو ۽ رڳو حقارت وچان ڪلها لوڏيا هـُـئائين. ماڻهن پوءِ تقرير جي پڄاڻيءَ بابت، سرڪاري وڪيل جي موڪروءِ  قيديءَ کان پڇاڳاڇا واري ڪارنامي بابت ڳالهيون ڪيون، ۽ اپولٽ ڪردووچ تي چٿرون ڪيون. هنن چيو،  ”هي همراهه پنهنجي چالاڪيءَ تي پاڻ پڏائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.“

ڪورٽ ٿوري وقت، پندرهن يا وڌ ۾ وڌ ويهن منٽن لاءِ، مهمل ٿي وئي. ڪيس جي ڪاروائي ڏسڻ لاءِ آيلن ۾ ڀـُـڻ ڀـُـڻ ۽ واڪا شروع ٿي ويا. مون کي انهن مان ڪجهه ياد آهن.

 ”ڳري تقرير.“  هڪڙي ٽوليءَ ۾ ڪنهن صاحب ڳنڀيرتا سان آکيو.

 ”هن نفسيات جي گهڻ ڪئي.“  ٻئي آواز چيو.

 ”پر اهو سڀ صحيح هو، سڀ بلڪل صحيح.“

 ”ها، اهائي ته هن جي خاص خوبي آهي.“

 ”دريا ِّ ڪوزي ۾ بند ڪري ڏيکاريائين.“  ڪنهن ٻئي ڳالهايو.  ”ياد اٿوَ ته هن پنهنجي تقرير جي مـُـنڍ ۾ چيو هو ته اسان سڀ فيودور پاولووچ جهڙا آهيون؟“

 ” پڇاڙيءَ ۾ پڻ، اها سڄي بڪواس هئي.“

 ” ۽ مبهم پڻ.“

 ”ڪجهه مڙيوئي وڌيڪ گهلجي ويو هو.“

 ”اها نا انصافي آ، اها نا انصافي آ.“

 ”نه، بهرحال ٺاهوڪي تقرير ڪيائين. گهڻو انتظار ڪرڻو پيو هوس.پر آخر پنهنجي ڳالهه ڪري ويو، ها ها ها ها‍‍.“

 ”بچاءَ وارو وڪيل ڇا چوندو؟“

ٻي ٽوليءَ ۾ مون هيءُ ٻڌو:

 ”پيٽرسبرگ واري همراهه تي جـُـلهه ڪرڻ جو ڪو ڪم نه هوس، ’توهان جي جذبات کي التجائون‘ -- ياد ٿـَـوَ نه؟“

 ”ها، اها هن جي اڍنگائي هئي.“

 ”ڏاڍي ڪا تڪڙ هـُـيس.“

 ”نروس ماڻهو آهي.“

 ”اسان کلون ٿا، پر قيديءَ ڇا محسوس ڪيو هوندو؟“

 ”هئو ٻيلي، متيا ڪيئن ڀانئيو هوندو؟“

ٽين ٽوليءَ ۾:

 ”هوءَ ڊگهي هٿيئي واري عينڪ (1) سان ٿـُـلهيري مائي ڪير آ، جيڪا پٺيان ويٺي آهي؟“

 ”هوءَ جنرل جي زال آهي، طلاق ٿي وئي اٿس، مان کيس چڱي طرح سڃاڻان.“

 ”ان ڪري اها عينڪ ٿي پائي.“

 ”ڪنهن خاص ڪم جي ناهي.“

 ”اڙي نه، مائي آهي چهري.“

 ”کانئس ٻه جايون پٺتي هڪ ٻي موچاري عورت ويٺي آهي، اها وڌيڪ ٺاهوڪي آهي.“

 ”هنن موڪروءَ ۾ چڱي وٺ ڪئي هيس، ها ني؟“

 ”برابر، چڱي وٺ، پر اسان اهو اڳ به ٻڌي چڪا آهيون، هن اها ڪهاڻي ڪئين ڀيرا ماڻهن جي گهرن تي کنئي آهي!“

 ” ۽ هاڻي وري ٻڌائڻ کان پاڻ جهلي نه سگهيو. اهو ٿـَـوَ اڀمانُ.“

 ”مڙيوئي ڪو ڏک سور اٿس. هي هي هي!“

 ”ها، ۽ چڙي به جهٽ ٿو. ۽ لفاظي به بيحد گهڻي هئي، ايڏا ڊگها ڊگها جملا!“

 ”ها، هو اسان کي اڳچتائڻ جي ڪوشش پـيو ڪري، هو اسانکي اڳچتائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ٽروئيڪا بابت ته ياد اٿوَ نه؟ ڪجهه ڪجهه اهو ته هـُـنن وٽ هئملٽ آهن، پر اسان وٽ اڃا رڳو ڪرامازوف آهن. ڇا ته ٻولي آهي!“

 ”اهو آزاد مزاجن کي ريجهائي لاءِ هو. هو کانئن ڊڄندو آهي.“

 ” ۽ ها. هو بچاءُ جي وڪيل کان به ڊڄي ٿو.“

 ”ها، فيتيوڪووچ ڇا چوندو؟“

 ”جيڪو به چوي، اسان جي ڪڙمين کي ڪونه مڃائي سگهندو.“

چوٿين ٽولي:

 ”هن جيڪو ٽروئيڪا بابت چيو، اهو سٺو هو، خاص ڪري اهو ٻين قومن وارو ٽڪرو.“

 ” ۽ جيڪو هيءُ چيائين ته ٻيون قومون ان کي برداشت نه ڪنديون سو سچ هو.“

 ”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟“

 ”پوئين هفتي انگريزن واري پارليامينٽ جو هڪڙو ميمبر اُٿي بيٺو ۽ نائلسٽن (1) بابت ڳالهائيندي وزارت کان پڇيائين ته ڇا وقت نه اچي ويو آهي ته وچ ۾ پئجي ۽ انهن وحشي ماڻهن کي تعليم ڏجي. اپولٽ هن بابت ڳالهائي رهيو هو. مون کي خبر آهي ته اِن بابت ٿئي ڳالهايائين. پوئين هفتي هن ئي اها ڳالهه ٻڌائي هئي.“

 ”اهڙو سولو ڪم ته ناهي.“

 ”سولو ڪم ناهي، ڇو ناهي؟“

 ”ڇو، اسان ڪراسٽاٽ کي چپ ڪرائي ڇڏيندا سون، ۽ کين مڪئيءَ جو واڻو به نه ڏيندا سون، پوءِ ڪٿان وٺندا.“

 ”آمريڪا کان. هاڻي آمريڪا کان وٺندا آهن.“

 ”بڪواس.“

پر اِتي گهنٽي وڳي، ۽ سڀ پنهنجين پنهنجين جاين ڏانهن ڀڳا. فيتيوڪووچ ٿلهي تي چڙهي ويو.

 

dc


(1) Romance: سنڌيءَ ۾ انگريزيءَ جي ان لفظ جو تـُـل ڪونهي. اڙدو ٻوليءَ وارو لفظ  ”رومان“  عشق محبت تائين محدود معنيٰ رکي ٿو، جڏهن ته  ”رومانس“  ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه شامل آهي. (س ن ح)

(1) Lorgnette.

(1) Nihilists: مذهب ۽ اخلاق کي هلت چلت جو بنياد مڃڻ کان انڪار ڪندڙ. اڻويهين صدي عيسويءَ جي روس جي ان انقلابي گروهه سان لاڳاپي، جيڪو تڏهوڪي روسي سماج جي ڪنهن به وٿ ڳالهه کي سٺو نه سمجهندو هو. (س ن ح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org