باب ٽيون
ننڍڙو شيطان
لزيءَ وٽ ويندي هن ڏٺو، ته هوءَ پنهنجي ڪرسيءَ ۾
نيم دراز هئي، جنهن کي ان وقت جڏهن هو گهمي ڦري نه
سگهندي هئي، هلايو ويندو هو. هو ساڻس ملڻ لاءِ نه
چري، پر سندس تيز ۽ گهرائي واريون اکيون سندس منهن
۾ کپي ويون. سندس اکين ۾ بخار جهڙيون نگاهون هيون
۽ سندس چهرو ڪوماڻيل ۽ زردو ٿي ڏٺو. ٽن ڏينهن جي
اندر جا منجهس تبديلي اچي وئي هئي، ان کي ڏسي،
اليوشا کي عجب لڳو. هو بدن ۾ لهي وئي هئي. هن
پنهنجي هٿ کي به نه وڌايو. هن ڊگهين ۽ سنهين آڱرين
کي چميو، جي بنا ڪنهن چرپر جي سندس لباس تي رکيل
هيون. ان کان پوءِ، هو بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي ان
ڏانهن منهن ڪري ويهي رهيو.
”مان ڄاڻان ٿي ته توکي قيد خاني ڏي وڃڻ لاءِ جلدي
آهي.“ لزي بيتابيءَ سان چيو. اما! توکي، ڪلاڪن
لاءِ پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو. هوءَ توکي يوليا ۽
منهنجي لاءِ ڪجهه چئي رهي هئي.“
”توکي ان جي ڪيئن خبر پئي؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
”مان ڌيان ڏئي ٻڌي رهي هيس. تون مون تي عجب ڇو ٿو
کائين؟ مان ڌيان ڏيئي ٻڌندي آهيان ۽ اِيئن ڪندي
آهيان. هن ۾ ڪو ڏوهه به نه آهي. هن لاءِ ڪنهن
عذرداري جي ضرورت نه آهي.“
”تون ڪنهن ڳالهه کان پريشان آهين؟“
”مان ان جي خلاف نهايت خوش آهيان. مان اڃا هاڻي
ٽيهه ڀيرا هن ڳالهه تي سوچيندي رهي آهيان، ته اها
ڪهڙي نه چڱي شيءِ هئي، جو مان توسان شادي ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو. تون مڙس ٿيڻ جي لائق نه آهين. مان
جيڪڏهن توسان شادي ڪريان ها ۽ توکي ڪنهن پرزي کي
ڏئي، ان ماڻهوءَ ڏي موڪليان ها، جنهن سان توکان
پوءِ محبت ڪرڻ گهران ها، ته تون کڻي وڃين ها ۽ پڪ
سان ان کي ڏين ها، ان جو جواب به آڻي ڏين ها.
جيڪڏهن تون چاليهن ورهين جو هجين ها، ته تون اڃا
به آسانيءَ سان منهنجي محبت آميز خطن کي آڻين ۽
نئين ها.“
هوءَ اوچتو کلي ويٺي.
”تو وٽ ڪا نفرت ڀري ڳالهه آهي، پر ان هوندي به
تنهنجي کليل دل آهي.“ اليوشا کيس ڏسي مشڪيو.
”هيءَ دل جي ڪشادگي، جا مون ۾ ڏسين ٿو، اها ان
ڪري آهي، جو مون کي توکان ڪو به عار نه آهي.
انهيءَ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه به آهي، ته مان
چاهيندي آهيان ته توکان عار نه هجي. اليوشا، اها
ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مان تنهنجي ڪابه عزت نه ٿي
ڪريان؟ جيڪڏهن مان تنهنجي عزت ڪريان ها، ته مان
توسان ڳالهائيندي شرمندگي محسوس ڪريان ها. اِيئن
جيڪر ڪريان ها؟“
”نه.“
”پر توکي اعتبار اچي ٿو ته مون کي توکان ڪا به
شرمندگي نه ٿي ٿئي؟“
”نه، مون کي هن ڳالهه تي ڪو به اعتبار نه آهي.“
لزي بي اختيار وري کلڻ لڳي. هوءَ تڪڙو ڳالهائيندي
وئي:
”مان تنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورپاولووچ کي، قيد
خاني ۾ ٿوري مٺائي موڪلي ڏني هئي. اليوشا توکي خبر
آهي ته تون حسين آهين. مان توکي هن لاءِ بيحد پيار
ڪريان ٿي، ته تو مون کي جلدي مان اجازت ڏئي ڇڏي ته
مان توکي پيار نه ڪريان.
”لزي تو اڄ مون ڏي ماڻهو ڇو موڪليو هو؟“
”مان چاهيو ٿي ته ان انتطار کي توکي ٻڌايان، جو
مون کي آهي. مون کي اهو پسند ٿو اچي ته ڪو مون کي
عذاب ڏي، مون سان شادي ڪري ۽ وري عذاب ڏي. مون سان
مڪاري ڪري ۽ هليو وڃي. مان پاڻ کي خوش ڏسڻ نه ٿي
گهران.“
”تون بي ترتيبيءَ سان محبت ۾ گرفتار آهين.“
”هائو مان بي ترتيب رهڻ گهران ٿي. مان ته اِيئن
چاهيان ٿي، ته گهر کي باهه ڏئي ڇڏيان. مان اهو
تصور ڪندي آهيان، ته ڪهڙيءَ ريت مان چونديس ۽
شرارت ڪري گهر کي باهه ڏينديس. هي سڀ شرارت هوندي.
سڀئي ان جي وسائڻ جي ڪوشش ڪندا، پر اها ٻرندي ئي
رهندي. مون کي خبر هوندي، پر ڪجهه به نه چونديس.
اڙي ڪيڏي نه بيوقوفي ۽ ڪيئن نه مان ڪڪ ٿي پئي
آهيان.“
هن هٿ کي لوڏيندي نفرت جو اظهار ڪيو.
”هيءَ تنهنجي عيش واري حياتي آهي.“ اليوشا
آهستگيءَ سان چيو.
”ان ڪري غريب هجڻ ضروري آهي؟“
”هائو، اهو وڌيڪ چڱو آهي.“
”اهوئي توکي، تنهنجي راهب سيکاريو آهي. هن ۾
صداقت ڪانه آهي. مون کي شاهوڪار رهڻ ڏي، ڀلي ته
ٻيا غريب هجن. مان مٺايون ۽ ڪريم کائيندس ۽ انهن
مان ڪنهن ٻي کي ڪجهه به نه ڏينديس. ها، نه ڳالهاءِ
۽ ڪابه ٻي ڪوشش نه ڪر.“ هن اليوشا سان پنهنجي هٿ
کي ملايو، جيتوڻيڪ هوُ خاموش رهيو.“ تو هيءُ سڀئي
ڳالهيون مون کي اڳ ۾ ئي ٻڌايون هيون، اهي مون کي
چڱيءَ ريت ياد آهن. اهي مون کي ڪڪ ٿيون ڪن. جيڪڏهن
مان غريب ٿي پوان، ته ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيندس.
توڙي جو مان شاهوڪار آهيان، شايد ڪنهن کي خون ڪري
ڇڏيان. ڇا ٿي نه ٿو سگهي. پر توکي خبر هجي، ته مان
جو پوکيان ان کي لڻڻ گهران ٿي. مان توسان شادي ڪرڻ
گهران ٿي. تون هاري بڻجي ويندين ۽ ڪڙمي. اسان هڪ
وچ رکنداسون. هائو نه؟ تون ڪلگنوف کي سڃاڻين؟“
”هائو!“
”هو هميشھ رلندو وتندو آهي ۽ خواب ڏسندو رهندو
آهي. هوُ چوندو آهي ته ڇا جي حقيقي حياتي؟ چڱو آهي
ته خواب ڏسندو رهجي. ماڻهو خواب ۾ سڀ کان وڌيڪ
خوشيءَ واريون شيون ڏسي سگهي ٿو، پر حقيقي حياتي
ڪڪ ڪندڙ آهي. پر ان هوندي به هوُ هاڻي جلدي شادي
ڪرڻ وارو آهي. هوُ مون سان اڳ ۾ ئي محبت ڪري رهيو
آهي. ڇا تون لاٽون ڦيرائي سگهين ٿو؟“
”هائو!“
”صحيح آهي، هوُ لاٽونءَ وانگر آهي. هوُ ڦرڻ گهري
ٿو ۽ ڦرندو رهي. ان کان پوءِ کيس لڪڻن سان ماريو
وڃي. ۽ ماريو وڃي. جيڪڏهن مان ساڻس شادي ڪريان، ته
کيس لاٽونءَ وانگر سڄي عمر ڦيرائيندي رهان. توکي
مون کان شرم ته نه ٿو اچي؟“
”نه.“
”تون سخت پريشان هوندين، ڇو ته مان مقدس شين لاءِ
ڪابه گفتگو نه ٿي ڪريان. اهي مون کي ٻي جهان ۾ ڇا
ڪنديون. جيڪڏهن مان ڪو وڏو ڏوهه ڪريان ٿي. توکي
انهن سڀني ڳالهين جي خبر هوندي؟“
اليوشا، جيئن کيس وقت سان ڏسي رهيو هو، چيائينس ته
”خدا توتي نگاهه ٿو رکي.“
”اهائي ڳالهه مون کي پسند آهي. مان مٿي وينديس،
هوُ مون کان محاسبو ڪندا، ته مان سندن منهن ۾
نهاري کلنديس. مان خوفناڪ طرح سان، هن ڳالهه کي
چاهيان ٿي، ته گهر کي باهه ڏيان ۽ اليوشا پنهنجي
گهر کي. تون اڃا به هن تي بانور نٿو ڪرين؟“
”ڇو؟ ڪيترائي ٻارنهن ورهين جا ڇوڪرا آهن، جي
اِيئن چاهيندا آهن، ته ڪنهن شيءِ کي باهه ڏيون.
اهي ڪن شين کي باهه ڏيئي به ڇڏيندا آهن، هيءَ هڪ
بيماري آهي.“
”اهو سچ آهي. اهو سچ آهي. ڪي اهڙا ڇوڪرا ٿي سگهن
ٿا، پر مان جو ڪجهه چئي رهي آهيان، اهو اِيئن نه
آهي.“
”تون نيڪيءَ کي بديءَ سان بدلائي رهي آهين. اهو
اهڙي قسم جو بحران آهي، جو شايد تنهنجي بيماريءَ
جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.“
”تون مون کان نفرت ڪري رهيو آهين. اهو فقط انهيءَ
لاءِ آهي ته مان نيڪي ڪرڻ نه ٿي چاهيان، پر بدي
ڪرڻ گهران ٿي. هن جو ته بيماريءَ سان ڪو به واسطو
نه آهي.“
”تون بدي ڇو ٿي ڪرين؟“
”انهيءَ لاءِ ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃي! توکي ته
خبر آهي اليوشا، ته مان ڪڏهن ڪڏهن خطرناڪ شين کي
عمل ۾ آڻڻ لاءِ سوچيندي آهيان، ته جيئن سڀ ڪنهن
شيءِ کي نقصان پهچي ۽ بڇڙي بڻجي. مان هي گهڻو ڪري
ڊگهي شرارت جي سبب ڪرڻ چاهيان ٿي، ته جيئن پوءِ ان
جي خبر پوي. جيئن سڀئي منهنجي چوڌاري بيهي وڃن ۽
آڱرين سان اشارو ڪري چون، ته هي ڪم هن جو آهي ۽
مان وري کين ڏسندي رهان. هيءُ نهايت عمدو ٿيندو.
اهو ڀلا اليوشا ڇو عمدو ٿيندو؟“
”مون کي خبر نه آهي. اها شايد تنهنجي آرزو هجي،
ته ڪنهن چڱي شيءِ کي برباد ڪرين، يا جيئن تون چوين
ٿي، ته ڪنهن کي باهه ڏئين. اِيئن ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو
آهي.“
”مان اِيئن فقط چوڻ نه ٿي گهران، پر اِيئن ڪرڻ
چاهيان ٿي.“
”مون کي توتي اعتبار آهي.“
”اڙي ڪيڏو نه مان توکي هنن لفظن لاءِ، ته توکي
مون تي اعتبار آهي، پيار ڪريان ٿي. هن ۾ تنهنجي
ڪوڙ جو ڪو به ذرو داخل نه آهي. پر تون خيال ڪندو
هوندين، ته هيءُ مان سڀ ڪجهه تنهنجي برخلافي
ڏيکارڻ لاءِ چوان ٿي؟“
”نه، مان اِيئن خيال نه ٿو ڪريان.... جيتوڻيڪ
منهنجي ٿوري خواهش آهي، ته شايد اوهان جو لاڙو
اِيئن نه هجي.“
”اِيئن ٿورو هجي به. مان توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه
ڳالهائيندي آهيان.“ هن وضاحت سان چيو ۽ سندس اکين
۾ عجيب ڪاوڙ ٿي ڏٺي.
اليوشا تي جنهن شيءِ وڌيڪ اثر ڪيو هو، سان سندس
سنجيدگي هئي. هاڻي منجهس ڪنهن به مذاق يا مسخري جي
ڪابه نشاني موجود نه هئي. جيتوڻيڪ ماضي ۾ سندس
سنجيدهه گهڙين ۾ به کانئس مذاق ۽ خوش طبعي رڪي نه
هئي.
اليوشا فڪرمند ٿي کيس چيو ته ”ڪي اهڙيون به گهڙيون
ٿينديون آهن، جن ۾ انسان ڏوهه سان محبت ڪندو آهي.“
”هائو، هائو، تو ڄڻ ته منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي
آهي. هوُ گناهه کي پيار ڪندا آهن. هر ڪوئي گناهه
سان محبت ڪندو آهي. هر ڪو دائمي طرح اُن سان محبت
ڪندو آهي. نه ڪنهن گهڙيءَ لاءِ، اِيئن ٿو معلوم
ٿئي ته ماڻهن، ان بابت ڪوڙ هڻڻ جي قبوليت ڏئي ڇڏي
آهي ۽ هوُ ان بابت ڪوڙ ڳالهائيندا ئي رهندا. هوُ
سڀ اعلان ته اهو ڪندا آهن ته هوُ بديءَ کي ڌڪار ڪن
ٿا، پر مخفي طرح اُن سان پيار ڪن ٿا.“
”ڇا تون اڃا به بيهودا ڪتاب پڙهندي رهين ٿي؟“
”هائو، مان پڙهندي آهيان. منهنجي ماءُ به پڙهندي
آهي، پر انهن کي هوءَ وهاڻي جي هيٺان لڪائيندي
آهي. مان وري اتان چورائي وٺندي آهيان.“
”ڇا، تون پاڻ کي برباد ڪندي شرمندي نه ٿي ٿئين؟“
”مان پاڻ کي برباد ڪرڻ چاهيان ٿي. اسان وٽ هڪڙو
ڇوڪرو آهي، هوُ بند تي ان وقت سمهي پيو هو، جڏهن
گاڏيءَ کي اتان گذرڻو هو. خوش قسمت انسان! ڌيان
ڏيئي ٻڌ. تنهنجي ڀاءُ جي مٿان هاڻي مقدمو هلي رهيو
آهي، ته هن پنهنجي پيءُ جو خون ڪيو آهي. پر پيءُ
جي مارڻ سبب، هر ڪو ساڻس محبت ڪري رهيو آهي.“
”ساڻس انهيءَ لاءِ محبت ڪئي وڃي ٿي، سڀ ڪو ئي هن
عمل سان محبت ڪري ٿو. هر ڪوئي اِيئن چوي ٿو، ته
هيءَ نهايت خطرناڪ شيءِ آهي، پر مخفي طرح ان سان
محبت ڪئي وڃي ٿي.“
”تون جو ڪجهه چوين ٿي، ان ۾ ٿوري صداقت آهي.“
اليوشا آهستگيءَ سان کيس چيو.
”اڙي ڪهڙا نه خيال آهن!“ لزي خوشيءَ مان رڙ ڪري
چيو. ”هوڏانهن تون راهب به آهين؟ توکي شايد
اعتبار نه اچي، ته مان توکي ڪيڏو نه پيار ڪريان ٿي
اليوشا. ڇاڪاڻ ته تون ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهين. مان
توکي پنهنجو هڪ مزيدار خواب ٻڌايان ٿي. مان ڪڏهن
ڪڏهن شيطانن کي خواب ۾ ڏسندي آهيان. مان ڏٺو ته
رات جو وقت آهي، منهنجي ڪمري ۾ شمع ٻري رهي آهي.
اوچتو شيطان اتي ڇانئجي ويا. ڪمري جي هرهڪ ڪنڊ ۾ ۽
ميز جي هيٺان به. هنن دروازا کولڻ شروع ڪيا. مان
ڏٺو ته دروازي جي پويان، انهن جو وڏو ميڙ هو. هنن
چاهيو ٿي ته اندر اچي، مون کي پڪڙين. هوُ هاڻي
اندر گهڙي آيا ۽ مون کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائون. مان
اوچتو پنهنجي مٿان صليب جو نشان ڪڍيو ۽ هوُ سڀئي
پوئتي هٽي ويا. هوُ دروازي ۽ ڪـُـنڊن تي بيهي رهيا
۽ ويا ڪونه. ان وقت اوچتو مان خوفزده ٿي، خدا جو
نالو ورتو، هو وري مون کي پڪڙڻ لاءِ وڌيا. مان وري
به صليب جو نشان پنهنجي مٿان ڪڍيو. هوُ وري پوئتي
هٽي ويا. هيءُ خطرناڪ مذاق هو. هن کان ته ساهه سڪي
ويندو آهي.“
”مون به ساڳيو ئي خواب لڌو آهي.“ اليوشا چيو.
”سچ!“ لزي عجب مان رڙ ڪري چيو. ”مان توکي چوان
ٿي اليوشا، ته کل نه. هيءُ نهايت اهميت وارو آهي.
اِيئن ٿي سگهي ٿو، ته ٻه جدا جدا ماڻهو هڪ ئي خواب
ڏسن؟“
”ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اِيئن ٿي سگهي ٿو.“
”اليوشا، مان توکي چوان ٿي ته هيءُ نهايت اهميت
وارو آهي.“ لزي سچ پچ حيرت جي مبالغي کان
ڳالهائيندي وئي. ”خواب ته ايڏو اهميت وارو نه به
هجي، پر تون مون جهڙو ساڳيو خواب ڏسين، هيءَ اهم
ڳالهه آهي. تون مون سان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو
آهين، هاڻي به ڪوڙ نه ڳالهاءِ، ڇا اهو سچ آهي؟ تون
کلين ته نه ٿو؟“
”اهو سچ آهي.“
لزي غير معمولي طور تي متاثر ٿي ڏٺي. هوءَ اڌ منٽ
لاءِ خاموش ٿي وئي.
”اليوشا، تون مون کي ڏسڻ لاءِ ايندو ڪر ۽ اڪثر
ايندو ڪر،“ هن اوچتو التجائي آواز ۾ چيو.
ءِ مان ته تو وٽ هميشھ ايندو آهيان ۽ سڄي حياتي
ايندو رهندس.“ اليوشا مضبوطيءَ سان کيس جواب ڏنو.
”تون ئي هڪڙو ماڻهو آهين، جنهن سان مان ڳالهائي
سگهان ٿي.“ لزي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”مان ڪنهن
سان به نه ڳالهائيندي آهيان، پر توسان ۽ پاڻ سان
سڄي جهان ۾ تون ئي منهنجي لاءِ ڳالهائڻ وارو آهين.
مان توسان، پاڻ کان به وڌيڪ حجت سان ڳالهائيندي
آهيان. مون کي توکان ڪوبه شرم نه ايندو آهي.
اليوشا، ڇو ڀلا توسان گفتگو ڪرڻ ۾ مون کي شرم نه
ايندو آهي. اليوشا، ڇا هيءُ سچ آهي ته ايسٽر جي
موقعي تي هڪ يهودي، هڪ ٻار کي چورايو هو ۽ ان کي
ماريو هئائين؟“
”مون کي ان جي خبر نه آهي.“
مون وٽ ڪتاب آهي، جنهن ۾ لکيل آهي، ته هڪ يهوديءَ
تي اهڙو مقدمو هليو هو. هن چئن سالن جي هڪ ٻار کي
کنيو هو ۽ سندس ٻنهي هٿن جي آڱرين کي ڪٽيو هئائين
۽ ان کان پوءِ، کيس ڀت تي صليب وانگر چاڙهيو
هئائين ۽ ان کي ميخون هنيائين. جڏهن پوءِ مٿس
مقدمو هليو، ته هن ٻڌايو هو ته ٻار جلدي مري ويو.
اٽڪل چئن ڪلاڪن کان پوءِ، سندس نظر ۾ اها جلدي
هئي. هن ٻڌايو هو ته ٻار ڪنجهندو رهيو ۽ ڪنجهندو
رهيو ۽ هوُ نهايت مزي سان ان کي ڏسندو رهيو. هيءُ
نهايت مزيدار واقعو هو!“
”مزيدار؟“
”مزيدار، مان ڪڏهن ڪڏهن اِيئن تصور ڪندي آهيان،
ته اها مان ئي هيس، جنهن کيس صليب تي چاڙهيو ويو
هو. هوُ جيڪر اتي لٽڪندو ۽ ڪنجهندو هجي ۽ مان اتي
ان جي سامهون ويهي انناس جو مربو کائيندي رهان.
مون کي انناس جي مربي جي کائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو
آهي. توکي به اها شيءِ پسند آهي؟“
اليوشا، خاموشي سان کيس ڏٺو. سندس زرد چهري ۾
اوچتو گهنج پئجي ويا ۽ سندس اکين مان باهه وسڻ
لڳي.
”توکي خبر آهي، ته جڏهن مان ان يهوديءَ جي ڪرتوت
بابت پڙهيو، ته مان لرزي ويس ۽ سڄي رات اوڇنگارون
ڏيندي رهيس. مان حيرت ۾ هيس ته هوُ ننڍڙو ٻار ڪهڙي
ريت ڪنجهندو رهندو هوندو، (سو به چئن ورهين جو
ٻار، تون ان کي سمجهي ڏس.) ۽ سڄو وقت انناس جي
مربي جو خيال مون کي ڊيڄاريندو رهيو. صبح سان مان
ڪنهن ماڻهوءَ کي لکي موڪليو، ته هوُ مون سان اچي،
خاص طرح ملي وڃي. هوُ مون وٽ آيو ۽ مان کيس سڄي
ڳالهه، انناس جي مربي سميت ڪري ٻڌائي. کيس چيم ته
نهايت عمدي ڳالهه آهي. کليو ۽ چيائين ته نهايت
عمدي آهي. تنهن کان پوءِ هوُ اٿيو ۽ هليو ويو. هوُ
هتي فقط پنج منٽ کن هو. ڇا هن منهنجي توهين ڪئي؟
اليوشا، مون کي ٻڌاءِ ته ڇا هن منهنجي توهين ڪئي؟
هوءَ ڪوچ تي اٿي ويٺي ۽ سندس اکيون ٻرڻ لڳيون.“
”مون کي ٻڌاءِ،“ اليوشا کيس انتظار مان چيو، ته
تو ان ماڻهوءَ ڏي قاصد موڪليو هو؟“
”هائو.“
”فقط هن ڇوڪريءَ جي پڇا بابت؟“
”نه، ان جي لاءِ نه. پر جڏهن هوُ آيو ته مان هڪدم
ان کان پڇيو. هن جواب ڏنو،کليو، اُٿيو ۽ هليو
ويو.“
”هن ماڻهوءَ جي هلت عزت واري هئي.“ اليوشا
ڀڻڪندي چيو.
”هن منهنجي بي عزتي ڪئي؟ هو مون تي کليو به ٿي.“
”نه، هو پاڻ به انناس جي مربي جو شوقين هوندو.
هوُ هاڻي پاڻ به بيمار آهي لزي.“
”هائو، هوُ پاڻ به ان جو شوقين آهي. لزيءَ جي
اکين ۾ چمڪ اچي وئي.“
”هو ڪنهن جي بي عزتي نه ڪندو آهي.“ اليوشا
گفتگوءَ جاري رکندي چيو. هوُ فقط ڪنهن تي اعتبار
نه ڪندو آهي. بيشڪ هوُ سندس بي عزتي ڪندو آهي.“
تڏهن ته منهنجي به بي عزتي ڪئي آهي؟“
”تنهنجي به.“
”صحيح،“ لزي ڏندن کي ڪرٽڻ لڳي. ”تڏهن هوُ کلندو
ٻاهر هليو ويو. مان محسوس ڪيو ته بي عزت ٿيڻ ڪهڙو
نه عمدو آهي. ٻار جي آڱرين جو ڪٽجڻ به عمدو آهي ۽
بي عزت ٿيڻ به عمدو آهي....... جيئن هن اليوشا جي
منهن تي کليو، منجهانئس بخار جون علامتون نظر
آيون.
”توکي خبر آهي اليوشا، توکي خبر آهي، مون کي بي
عزتي پسند آهي..... اليوشا، مون کي بچاءِ!“ هوءَ
اوچتو ڪوچ تان اٿي بيٺي ۽ ان ڏانهن ڊوڙي ۽ کيس
ٻنهي هٿن سان سوگهو جهليائين. ”مون کي بچاءِ.“
هوءَ ڄڻ ته ڪنجهڻ لڳي. ڇا دنيا ۾ اهڙو ماڻهو به ٿي
سگهي ٿو، جنهن کي مان اهي ڳالهيون ٻڌايان، جي توکي
ٻڌايون اٿم؟ مان توکي سچ ٻڌايو آهي. مان پاڻ کي
ماري وجهنديس، ڇاڪاڻ ته مان سڀ کان نفرت ڪريان ٿي.
مان زندهه رهڻ پسند نه ٿي ڪريان. مان سڀ سان نفرت
ڪريان ٿي. اليوشا، ڇا تون به مون سان محبت نه ٿو
ڪرين؟ هن پنهنجي گفتگوءَ کي جنون جي حالت ۾ ختم
ڪيو.
”پر مان ته توسان محبت ڪريان ٿو،“ اليوشا
گرمجوشيءَ مان چيو.
”ڇا، تون منهنجي مٿان روئيندين، روئيندين نه؟“
”هائو!“
”انهيءَ لاءِ نه ته مان تنهنجي زال نه بڻيس، پر
تون فقط منهنجي لاءِ روئج.“
”هائو!“
”شڪريه، مون کي تنهنجا فقط لڙڪ کپن. ٻيو ڪو مون
کي سزا ڏي يا پيرن هيٺ ڀلي لتاڙي. مان ڪنهن مان
محبت جي اميد به نه ٿي رکان. ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن
سان محبت ئي نه ٿي ڪريان. تون ٻڌين ٿو، ڪنهن سان
به نه. ان جي خلاف کين ڌڪاريان ٿي! اليوشا وڃ،
تنهنجو وقت ٿي ويو آهي. تون ڀاءُ ڏي وڃ.“ هوءَ
کانئس اوچتو جدا ٿي وئي.
”مان توکي هن حالت ۾ ڪيئن ڇڏيان؟“ اليوشا ڏک جو
اظهار ڪندي چيو. تون پنهنجي ڀاءُ ڏي وڃ. قيد خانو
بند ٿي ويندو. ها، هيءَ تنهنجي ٽوپي آهي.
متيا کي منهنجي طرفان پيار ڪج. هن اليوشا کي زور
سان ڌڪو ڏئي کيس دروازي کان ٻاهر ڪيو. هن غمگين
حيرت مان کيس ڏٺو. اوچتو سڄي هٿ ۾ خط ڏسي حيران ٿي
ويو. هو هڪڙو ننڍڙو ويڙهيل لفافو هو، جنهن تي مهر
لڳل هئي. هـُـن اُن کي ڏٺو ۽ ايڊريس کي پڙهيو،
جنهن تي ايون فيودورپاولووچ ڪرامازوف لکيل هو. هن
تڪڙ مان لزيءَ کي ڏٺو. سندس اکين مان ذري گهٽ ڌمڪي
ٿي ڏٺي.
”هيءُ اُن کي ڏج، توکي ضرور ڏيڻ گهرجي.“ هن
تحڪماڻي آواز ۾ چيو، هو ازخود ڏڪي به رهي هئي، اڄ
ئي ۽ هڪدم ٻي حالت ۾ پاڻ کي زهر ڏئي ماريندس.
اِنهيءَ ڪم لاءِ ئي مان توکي گهرايو هو.
هن هڪدم دروازي کي ٻيڪڙيو. اندرين بلٽ آواز ڪيو.
اليوشا اُن ڪاغذ کي کيسي ۾ رکيو ۽ هيٺ ڏاڪڻ مان
لهندو ويو. هـُـو وري بيگم هائلڪوف ڏي نه ويو. ڄڻ
ته کيس وساري ڇڏيو هئائين. جيئن اليوشا ويو، لزي
وري دروازي کي کوليو ۽ در جي ٻيڪڙ ۾ پنهنجي آڱر کي
وڌائين. دروازي کي وري زور سان بند ڪيائين، سندس
آڱر چپجي پئي. هوءَ پوءِ هوريان هوريان پنهنجيءَ
ڪرسيءَ ڏي وئي ۽ اِرادتاً آڱر کي ڏٺائين، جا چپجڻ
ڪري ڪاري ٿي وئي هئي ۽ ننهن مان رت وَهي رهيو هو،
سندس چپ لرزي رهيا هئا ۽ پاڻ کي آهستي آهستي چوندي
رهي ته:
”مان بدقسمت آهيان، بدقسمت آهيان، بدقسمت آهيان!“
dc |