باب ٽيون
ٽي وڏا ڪنڀر
(پالسي، باٽگهر، ۽ ويج وُوڊ)
’جان رسڪن‘ چوي ٿو ته ”صبر ۽ تحمل، همت جو تمام
عمدو ۽ تمام شائستو ۽ تمام ڪمياب حصو آهي. صبر ۽
تحمل، سڀني خوشين ۽ سڀني طاقتن جي پاڙ آهي. خود
اُميد مان به، بيصبريءَ جي شامل ٿيڻ ڪري، خوشي
حاصل نٿي ٿي سگهي.“
مشهور ماڻهن جي تاريخي احوالن پڙهڻ مان معلوم ٿئي
ٿو ته ٿانون جوڙڻ جي هنر بابت جيڪو بيان ڏنل آهي،
تنهن مان تحمل ۽ اورچائيءَ جا تمام چڱا مثال ملي
سگھن ٿا. انهن مان جيڪي تمام عجيب آهن، تن منجھان
اسين ٽي چونڊي ڪڍون ٿا، جي هيٺين ٽن ماڻهن جي
احوال مان معلوم ٿيندا: هڪڙو ’برنارڊ پالسي‘ فرانس
جو رهاڪو؛ ٻيو ’فريڊرڪ باٽگھر‘ جرمنيءَ جو رهاڪو؛
۽ ٽيو ’جوشياويج ووڊ‘ انگلنڊ جو رهاڪو.
جيتوڻيڪ عام مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ جو هنر گھڻين
قديم قومن کي به ايندو هو، تڏهن به ڪاشيءَ جو يا
ميناڪاري ٿانون جوڙڻ جو هنر اهڙو عام نه هو. پر،
ايتري پڪ آهي ته قديم ’ايٽروشيا‘ جا ماڻهو اهو ڪم
ڄاڻندا هئا، ۽ انهن جي جڙيلن ٿانون جا نمونا اڳئين
وقت جي گڏ ٿيلن شين ۾ اڃا تائين لڀي سگھن ٿا. پر
اهو هنر رفتي رفتي گم ٿي ويو، ۽ هاڻ ٿورا ورهيه
ٿيندا، جو وري پيدا ٿيو آهي. ’ايٽرسڪن‘ ٿانو اڳئين
زماني ۾ تمام قيمتي هوندا هئا- شهنشاهه ’آگسٽس‘ جي
ڏينهن ۾ هڪڙو گلدان سون سان تُري وڪامندو هو. مُور
قوم جا ماڻهو به ڀانئجي ٿو ته اهو هنر ڄاڻندا هئا؛
ڇا لاءِ جو جڏهن 1115ع ۾ ’پئسا‘ جي رهاڪن
’مئجارڪا‘ جو ٻيٽ ورتو، تڏهن هنن مُورن کي اهو ڪم
ڪندي ڏٺو هو. جيڪو لٽ جو مال هو اتان کڻي ويا،
انهيءَ ۾ ڪيترائي مؤرن جا جڙيل ٿانو هئا، جي فتح
جي يادگيريءَ لاءِ ’پئسا‘ جي ڪيترين قديم ديولن جي
ڀتين ۾ هڻي لنبي ڇڏيا هئائون، جتي اڄ ڏينهن تائين
پيا ڏسجن. ٻن صدين کان پوءِ اٽليءَ جا ماڻهو،
اُنهن نمونن تي نقل ڪري، ميناڪاري يا ڪاشيءَ جا
ٿانو جوڙڻ لڳا، جن کي، مؤرن جي ڪارخاني واريءَ
جاءِ جي پٺيان، ’مئجاليڪا‘ جو نالو ڏنائون.
جنهن ماڻهوءَ اٽليءَ ۾ مينا يا ڪاشيءَ جو هنر وري
ڳولي ڪڍيو يا نئين سر جاڳايو، سو’ليوڪاڊيلا رابيا‘
هو، جو فلارنس جو هڪڙو بت ساز يا سنگتراش هو.
’وهاسري‘ هن جو احوال لکندي چوي ٿو ته ’هو
اهڙواڻٿڪ ۽ اڻورچ ماڻهو هو، جو سڄو ڏينهن پنهنجي
رنبيءَ سان ڪم ڪندو هو. رات جو گھڻو ڀاڱو، نقشن ۽
گلن ڪڍڻ ۾ مشغول رهندو هو. هن انهيءَ پوئين هنر ۾
ايتري سرجوشي ڪئي، جو جڏهن رات جو دير تائين ڪم
ڪندو هو، تڏهن پنهنجن پيرن کي سيءَ ۾ سڪڻ کان
بچائڻ لاءِ، ردي پرزن جي ٽوڪريءَ ۾ پير وجھي
ويهندو هو، انهيءَ لاءِ ته بدن گرم رهي، ۽ پاڻ
آرام سان ويٺو نقش ڪڍي، ’وهاسري‘ چوي ٿو ته ”انهي
ڳالهه تي مون کي ذرو به عجب نٿو لڳي؛ ڇا لاءِ ته
ڪوبه ماڻهو، جو ننڍي هوندي کان گرميءَ سرديءَ، بکه
اڃ، ۽ ٻين تڪليفن سهڻ جي عادت نٿو ڪري سو ڪنهن به
هنر ۾ ڪڏهن به نالو نه ڪڍندو؛ ۽ جيڪي ماڻهو ڀانئين
ٿا ته جڏهن اسين آرام ۾ گذارينداسين ۽ دنيا جي عيش
عشرتن جي وچ ۾ هونداسين، تڏهن پاڻيهي آبرو ۽
مشهوري حاصل ڪنداسين، اهي پاڻ کي پاڻيهي ٺڳين ٿا ۽
گمراهه ڪن ٿا- هن سبب، ته قابليت ڇو حاصل ڪبي آهي
۽ نالو ڇو ڪڍبو آهي، سو نه سمهڻ سان، پر جاڳڻ ۽
ڌيان ڏيڻ ۽ لڳو لڳ محنت ڪرڻ سان“.
پر، ’ليوڪا‘ ڪيترو به ڪشالو ۽ پورهيو ڪيو، ته به
سنگتراشيءَ مان ايترو پيسو ڪمائي نٿي سگھيو، جنهن
تي پوريءَ طرح پيٽ پاري؛ تنهنڪري هن کي دل ۾ آيو
ته اُهي بت ۽ بوتا ڪنهن اهڙيءَ شي مان جوڙيان، جا
سنگمرمر کان زياده نرم به هجي، ۽ گھٽ ملهه جي به
هجي. انهيءَ خيال سان هو مٽيءَ مان بت ۽ ٻيا نمونا
ٺاهڻ لڳو، ۽ ڪوشش ڪيائين ته آزمودو استعمال ڪري
مٽيءَ کي اهڙو پچايان ۽ اُن تي ڪو اهڙو پوش يا تهه
چاڙهيان، جنهن ڪري مٽيءَ جون شيون زياده جٽاءُ ڪن.
گھڻن آزمودن کان پوءِ، نيٺ هن هڪڙي تجويز ڳولي
ڪڍي، جنهن سان هن مٽيءَ تي اهڙيءَ هڪڙيءَ شي جو
پوش يا پردو ٿي چاڙهيو، جا
کوري ۾ باهه جي تمام گھڻي گرميءَ جي ڪري پگھري،
چڱي مضبوط مينا ٿيو ٿي پيئي. تنهن کان پوءِ هن وري
انهيءَ مينا ۾ رنڱ گڏڻ جي تجويز ڪڍي،
جنهنڪري اُها وڌيڪ سهڻي ڏسڻ ۾ آئي.
’ليوڪا‘ جي هنر جي تعريف سڄي يورپ ۾ پکڙي ويئي، ۽
سندس ڪم جا نمونا گھڻن ۽ پر انهن هنڌن تائين وڃي
پهتا. انهن مان گھڻا فرانس ۽ اسپين ڏي موڪليا ويا،
جتي انهن جي گھڻي قدرداني ڪيائون. اُنهن ڏينهن ۾
فقط سادا ڀوري رنگ جي ٺڪر جا مرتبان ۽ ڪوزا فرانس
۾ جڙندا هئا؛ ۽ اهو حال ’پالسي‘ جي وقت تائين هليو
آيو، ۽ ٻيو ڪوبه سڌارو ڪونه ٿيو. پر ’پالسي‘ همت
ڀريو ماڻهو هو؛ هو اهڙي مردانگيءَ سان وڏين وڏين
مشڪلاتن مان وڙهي پنهنجي جند ڇڏائي نڪتو، جو سندس
حياتيءَ جو رنگين احوال هڪڙو دلچسپ داستان پيو
معلوم ٿئي.
چون ٿا ته ’بر نارڊ پالسي‘، سال 1510ع ڌاري،
’ايجن‘ جي پرڳڻي ۾، فرانس جي ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ ڄائو
هو. شايد سندس پيءُ شيشه گرهو ۽ ’برنارڊ‘ پاڻ به
ننڍيءَ عمر ۾ اهو ڌنڌو سکيو. هن جا پيءُ- ماءُ
غريب مسڪين هئا- اهڙا غريب هئا، جو پنهنجي پٽ کي
ڪنهن مڪتب ۾ تعليم ڏيئي نٿي سگھيا. پوين ڏينهن ۾
هن پاڻ چيو ٿي ته ”مون کي زمين ۽ آسمان کان سواءِ
ٻيا ڪي به ڪتاب ڪين هوندا هئا، جي سڄي جڳ جي لاءِ
کليا پيا آهن“. اهڙي حال هوندي به، هو شيشي چٽڻ جو
هنر سکيو؛ تنهن کان پوءِ نقاشي سکيو، ۽ تنهن کان
پوءِ پڙهڻ لکڻ سکيو.
جڏهن ارڙهن ورهين جو ٿيو، تڏهن شيشي جو واپار بيهي
ويو. ’پالسي‘ پنهنجي ٿيلهي پٺن تي رکي، پيءَ جي
گھر مان نڪتو ۽ دنيا ۾ ڪاهي پيو؛ انهيءَ لاءِ، ته
ڳولي ڏسي ته اتي ڪا سندس جاءِ آهي يا نه. پهريائين
’گئسڪني‘ ڏي منهن رکيائين؛ ۽ رستي ۾ جتي ڪم لڳس
ٿي، اتي پنهنجو ڌنڌو ٿي ڪيائين، ۽ ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجي وقت جو ڀاڱو زمين ماپڻ يا ضابطيءَ جي ڪم ۾
ٿي لڳايائين. تنهن کان پوءِ اتر ڏي هليو، ۽ فرانس
۽ فلانڊرس ۽ هيٺينءَ جرمنيءَ جي جدا جدا شهرن ۾،
جدا جدا ملت تائين، ٽڪندو وتيو.
انهيءَ طرح ’پالسي‘ پنهنجي حياتيءَ جا ٻيا به ڏهه
ورهيه کن گذاريا. تنهن کان پوءِ هن شادي ڪئي، گھمڻ
ڦرڻ جي پچر ڦٽي ڪيائين، ۽ هيٺئين ’چارينٽي‘ جي
ننڍڙي شهر ’سينٽز‘ ۾ گھر ڪري ويهي رهيو، ۽ شيشن
چٽڻ ۽ زمين ماپڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. اتي ڪي ٻار به
ڄائس- نه رڳو فڪر ۽ ڳڻتيون وڌيس، پر خرچ به وڌي
ويس- ڪيترو به مٿو هڻي وڌيڪ ڪمائيندو هو، ته به
پورت نه پوندي هيس، تنهنڪري هن کي پاڻ پتوڙڻ ضرور
ٿيو. شايد هن پاڻيهي سهي ڪيو ته شيشن چٽڻ جھڙي بي
سوڀي ۽ شڪي ڪم ۾ هڄڻ کان ڪنهن ٻئي بهتر ڪم جي مون
۾ لياقت آهي؛ تنهنڪري هن جي دل ۾ آيو ته پنهنجو
ڌيان انهيءَ قسم جي ٻئي هنر، يعني ٺڪر جي ٿانون تي
نقش ڪڍڻ ۽ مينا يا ڪاشيءَ چاڙهڻ ڏي ڦيرايان. پر،
هن هنر جي هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي؛ ڇا لاءِ جو هن
ڪوشش شروع ڪرڻ کان اڳي هن ڪڏهن به مٽي باهه ۾ پڪل
نه ڏٺي هئي، تنهنڪري ڪنهن به ٻئي مدد ڏيڻ واري کان
سواءِ هن کي سڀڪا شي پنهنجي منهن سکڻي پيئي. پر هن
کي اميد گھڻي هئي، ۽ سکڻ جو ڏاڍو شوق هوس، ۽ منجھس
اورچائي ۽ تحمل حد کان زياده هو.
’پالسي‘ اٽليءَ جي ڪارخاني جو جڙيل هڪڙو سهڻو
پيالو ڏٺو- جو شايد ’ليوڪاڊيلارابيا‘ جي نموني تي
جڙيل هو، اهڙو رواجي اتفاق جيڪر ڪنهن عام ماڻهوءَ
جي دل تي ڪوبه اثر پيدا نه ڪري- ۽ خود ’پالسي‘ جي
دل تي به جيڪر ڪنهن ٻئي عام وقت تي اهڙو اثر نه
ڪري ها؛ پر اهو اتفاق اهڙي وقت ٿيو، جڏهن ’پالسي‘
پنهنجي ڌنڌي بدلائڻ جو ارادو ڪيو هو؛ تنهنڪري هن
کي هڪدم دل ۾ آيو ته انهيءَ پيالي جي نموني تي ڪو
ٻيو ٺاهيان. انهيءَ تي نظر پوڻ شرط، هن جي سڄي
حياتي لوڏو کائي ويئي؛ ۽ انهيءَ پيالي تي جا ڪاشي
يا مينا پئي چمڪي، تنهنجي حقيقت ۽ بناوت معلوم ڪرڻ
جو شوق انهيءَ کان پوءِ سندس دل ۾ جانشين ٿي ويو.
جيڪڏهن هو ڇڙهو هجي ها، ته انهيءَ راز جي ڳولا ۾
اٽليءَ ڏي به سفر ڪري وڃي ها؛ پر ٻارن ٻچن جو بند
ڳچيءَ ۾ هوس، تنهن چرڻ نه ڏنس؛ تنهنڪري، انهن جي
پاسي ۾ رهي، اونڌائيءَ ۾ هٿوراڙيون پيئي ڏنائين،
ته من مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ ۽ انهن تي ڪاشيءَ يا
مينا چاڙهڻ جو رستو هٿ لڳي وڃي!
پهريائين ته هن رڳو اوٽ تي ڪي شيون خيال ۾ آنديون،
جن مان سمجھيائين ته اُها ڪاشي يا مينا جڙيل آهي؛
پوءِ لڳو هر طرح آزمودا ڪرڻ، انهيءَ لاءِ ته معلوم
ڪري ته في الحقيقت اُهي ڇا آهن: جن شين بابت گمان
هوس ته انهن مان ڪاشي جڙيل آهي، سي سڀئي هن پيهي
اٽو ڪيون؛ تنهن کان پوءِ هن عام مٽيءَ جا ٿانوَ
خريد ڪيا، ۽ اُنهن کي ڀڃي ٽڪر ڪيائين؛ پوءِ جيڪو
اٽو تيار ڪيو هئائين، سو مٿين پکيڙي، کڻي هڪڙي
کوري جي مچ ۾ وڌائين، جو ٿانون جي پچائڻ لاءِ جوڙي
تيار ڪيو هئائين. هن جي آزمودن مان ڪي به ڪين
وريو؛ نتيجو اهو ٿيو جو ٿانو ڀڳا، ڪاٺيون کتيون،
دوائون زيان ٿيون، ۽ وقت ۽ پورهيو اجايو ويو! جن
آزمائشن ۾ رڳو پيسو زيان ٿيندو آهي، جنهن مان جيڪر
ٻارن جا ڪپڙا ۽ انهن جو کاڌو ٿي پوي، سي زالن کي
آسانيءَ سان پسند نه اينديون آهن؛ ۽ ’پالسي‘ جي
زال جيتوڻيڪ ٻين ڳاليهن ۾ مڙس جي فرمانبردار هئي،
تڏهن به انهيءَ ڳالهه تي راضي نه ٿي ته ٻيا ٺڪر جا
ٿانو خريد ٿين، جي ڄاتائين ٿي ته وري به ڀڄندا، ۽
ٻي حاصلات ڪا به ڪانه ٿيندي. انهيءَ هوندي به،
لاچار ٿي، هن اها ڳالهه قبول ڪئي؛ ڇا لاءِ جو
’پالسي‘ کي اهو خيال مغز ۾ اهڙو ويهي ويو هو، ۽
ڪاشيءَ جي ڳجھي نسخي معلوم ڪرڻ لاءِ اهڙو پڪو
ارادو ڪيو هئائين، جو مُڙڻ جو ئي ڪين هو.
مهينن جا مهينا ۽ ورهين جا ورهيه ’پالسي‘ پنهنجن
تجربن کي لڳو آيو. جڏهن پهريون کورو کري پيو، تڏهن
ٻيو وري گھر کان ٻاهر جوڙيائين. اتي اڳي کان به
گھڻيون ڪاٺيون ٻاريائين، گھڻيون دوائون کپايائين،
گھڻا ٿانو زيان ڪيائين، ۽ گھڻو وقت وڃايائين- تان
جو پاڻ عيال سوڌو مفلس ۽ ڪنگال ٿي رهيو. چوڻ لڳو
ته ”اجھو هيئن، پنهنجيءَ مراد تي نه پهچڻ ڪري، مون
هيترا ورهيه ڏکن ڏوجھرن ۾، بيوقوفي ڪري، اجايا
وڃايا!“ پر هنن آزمودن ڪندي به فرصت مهل هو پنهنجا
اڳوڻا ڌنڌا، شيشن ۽ نقشن ۽ تصويرن ڪڍڻ ۽ زمين ماپڻ
جا، به ڪندو هو؛ تڏهن به انهن مان گھڻي حاصلات
ڪانه ٿيندي هيس. نيٺ اهڙو حال اچي ٿيس، جو ڪاٺين
جي ڳري خرچ ڪري هو پنهنجي کوري ۾ وڌيڪ تجربا نه
ڪري سگھيو؛ پر هن وڌيڪ ٺڪر وهايو، ۽ اڳئين وانگي
ٿانو ڀڃي انهن مان ٽي چار سو ٽڪر ڪيائين، ۽ مٿن
دوائون ۽ مصالحو لائي، هڪڙي سرن پچائڻ جي کوري ڏي
کڻي هليو، جو ’سينٽز‘ شهر کان ٻه-اڍائي ڪوهه پري
هو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجا ٺڪر اتي پچائي. مدي
پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٺڪر ڪڍي ڏسڻ لاءِ وري اتي ويو،
۽ پنهنجو سڄو پورهيو برباد ڏسي، ويچاري جو منهن
هارجي ويو. پر، جيتوڻيڪ نا اميد ٿيو، ته به اصل دل
ڀڄي نه پيس؛ ڇاڪاڻ جو اتي جو اتي پڪو ارادو ڪيائين
ته وري نئين سر اهو تجربو شروع ڪندس.
ٿوري وقت تائين ته پيمائشي ڪم لڳڻ ڪري هن کي ڪنهن
پاسي وڃڻو ٿيو، ۽ پنهنجن تجربن ڪرڻ جو وجھ نه
مليس. سرڪاري حڪم موجب، زمين جي محصول قائم ڪرڻ
لاءِ، ’سينٽز‘ جي آسپاس جيڪي لوڻ جون کاڻيون ۽
ڍنڍون هيون، تن جي ماپ ڪرڻ جو ضرور هيو. اهو ڪم
’پالسي‘ تي رکيائون ته ماپ ڪري نقشا جوڙي ڏئي. ڳچ
ڏينهن تائين هو انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهيو، ۽ شڪ
ڪونهي ته انهيءَ محنت لاءِ چڱو اجورو مليس؛ پر
اڃان اهو ڪم پورو مس ٿيو، ته هو وري ڪاشيءَ جي
پٺيان ٻيڻي جھد ۽ اُدم سان مٿا هڻڻ لڳو. پهريندي
ٽي درجن نون ٿانون جا وٺي ڀڳائين، ۽ ٽڪرن تي
علحدگيون دوائون ۽ مصالحا لاءِ ويو، پوءِ انهن جي
پچائڻ لاءِ پاسي واري هڪڙي شيشي پچائڻ جي کوري ۾
کڻي ويو. اُنهيءَ جي نتيجي مان البت اُميد آسرو
ٿيس. شيشي جي کوري ۾ جو باهه جو تؤ تمام گھڻو ٿو
ٿئي، تنهنڪري ڪي دوائون پگھري پيئون. اڇيءَ مينا
جي لاءِ ’پالسي‘ اُنهن ۾ گھڻي ڳولا ڪئي،
مگر ڏسڻ ۾ نه آيس. ٻيا به ٻه ورهيه هن اهي
آزمايشون ڪيون، پر ڪي به حاصل ڪين ٿيو- تان جو لوڻ
جي کاڻين جي ماپڻ مان جيڪو پيسو ڪمايو هئائين، سو
به پوري ٿيڻ تي آيو، ۽ هي وري به اچي ڪنگال ٿيو.
پر، هاڻ هن آخرين وڏيءَ ڪوشش ڪرڻ جو دل ۾ پڪو
ٺهراءُ ڪيو، ۽ اڳي کان به گھڻا ٿانو ڀڇڻ لڳو. ٽن
سون کان به زياده ٺڪرن کي دوائون لائي، شيشن واري
کوري ڏي موڪلي ڏنائين؛ پوءِ پاڻ به اتي وڃي ويهي
رهيو، ته ڏسان ته ڇا ٿو پچي نڪري. چار ڪلاڪ لنگھي
ويا، ته هي اکيون وجھيو ويٺو هو؛ پوءِ کورو
پٽيائين. ٽن سون ٽڪرن مان رڳو هڪڙي تي دوا پگھري
هئي، تنهن کي ٻاهر ڪڍي ٺرڻ رکيائين. جيئن اها
سُڪندي ويئي، تيئن اڇي ٿيندي ويئي، ۽ اوجر وٺندي
ويئي. سگھوئي انهيءَ ٺڪر تي سفيد مينا ڄمي بيهي
رهي، جنهن جي لاءِ ’پالسي‘ لکي ٿو ته ’ڏاڍي سهڻي
هئي‘. ڀلا، هيتري ڪشالي ۽ انتظار کان پوءِ سوهڻي
ڇو نه لڳندي! اهو ٺڪر اتان کڻي، هو زال ڏي ڀڳو.
پاڻ چوي ٿو ته مون ائين پئي ڀانيو ته ’آءٌ نئون
ڄائو آهيان!‘ پر اڃا سچي شي هٿ نه آئي هيس- اها
اڃا گھڻو پري هئي. اها ڪوشش، جنهن کي هن آخرين
ٺهرايو هو، تنهن مان جا ٿوري گھڻي فتحيابي ٿيس،
تنهنڪري هن کي وڌيڪ همت آئي ته زياده تجربا ڪري، ۽
زياده نا اميديءَ تي تحمل ڪري.
هيءُ نئون هنر، جو هن ڄاتو ٿي ته اجھو مون کي آيو
ڪي آيو، تنهن جي پوري ڪرڻ لاءِ، هن ارادو ڪيو ته
پنهنجي گھر جي ويجھو هڪڙو شيشي پچائڻ وارو کورو
جوڙيان، جتي آءٌ ڳجھ ڳوهه ۾ پنهنجو ڪم پيو ڪريان.
اهو کورو هو پنهنجن هٿن سان پاڻ جوڙڻ لڳو، ۽
انهيءَ لاءِ سرن واريءَ جاءِ تان سرون پنهنجن پٺن
تي کنيو پئي آيو. هو سربند به پاڻ هو، مزور به پاڻ
هو-سڀڪجھ پاڻ هو. ست اٺ مهينا ٻيا به لنگھي ويا.
نيٺ کورو جڙي راس ٿيو. انهيءَ وچ ۾ ’پالسي‘ ڪاشيءَ
چاڙهڻ لاءِ ڪيترائي مٽيءَ جا ٿانو جوڙي تيار ڪري
رکيا. پهريائين انهن کي اوائل جو سيڪ ڏيئي، پوءِ
مٿان مينا وارو مصالحو لائي ويو؛ تنهن کان پوءِ
وري گھڻي تؤ واري تجربي لاءِ اُهي کوري ۾ وڌائين.
جيتوڻيڪ پيسو سڀ اچي کتو هوس، تڏهن به آخرين ڪوشش
جي لاءِ هن ڪن ڏينهن کان وٺي ڪاٺيون پئي گڏ ڪيون-
اُهي ايتريون گڏ ڪيون هئائين، جو ڀانيائين ٿي ته
پوريون ٿي اينديون. نيٺ باهه ٻري، ۽ ڪم هليو. سڄو
ڏينهن هو کوري وٽ ويٺو هو، ۽ ويٺي منجھس ڪاٺيون
وڌائين. ساري رات به هو اُتي واهي ٿيو ويٺو هو، ۽
ويٺي مچ مچايائين؛ پر اڃا تائين مينا نه پئي
پگھري. مٿا هڻندي، سج اُڀري ويس. صبح جو سندس زال
ٽڪر ٽيرو کائڻ لاءِ ڏنس، ڇا لاءِ جو هو کوري تان
چريو ئي نٿي، ۽ ويٺي منجھس وقت بوقت زياده ڪاٺيون
وڌائين. ٻيو ڏينهن به گذري ويو، ته به اڃا مينا نه
پئي پگھري. سج لٿو، ۽ ٻي رات به گذري ويئي، ته به
’پالسي‘ اُهو ئي مينا جي پگھرڻ جي انتظار ۾ اکيون
کوري ۾ وجھيو ويٺو هو. جيتوڻيڪ منهن سائو ٿي ويو
هوس ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيس، ۽ مُنجھي گھڻوئي
ويو هو، تڏهن به دل نه لڏيس، نڪي همت هاريس. ٽيون
ڏينهن- رات به لنگھيو ويو- چوٿون، پنجون، بلڪ ڇهون
به لنگھي ويو- برابر ڇهه ڏينهن ۽ ڇهه راتيون، آورچ
۽ اجيت ’پالسي‘ نااُميديءَ جي ڪا به پرواهه نه
ڪري، اکيون پايو ڪم ۾ لڳو ويٺو هو، ته به اڃا مينا
نه پئي پگھري!
پوءِ اچي دل ۾ پيس ته مينا جي اِنهن شين ۾ ڪا حرڪت
هوندي، يا ته اُن جي پگھارڻ ۽ وهائڻ جي لاءِ اڃا
به ٻيءَ ڪنهن شي جو کپ هوندو؛ تنهنڪري وري هو
نئين، سر ٻئي تازي تجربي لاءِ ٻيون دوائون ۽ ٻيا
مصالحا پيهڻ ۽ گڏڻ لڳو. اِنهيءَ طرح، ٻه ٽي هفتا
ٻيا به لنگھي ويا. پر، هاڻي ٻيا ٿانو ڪيئن خريد
ٿين؟ ڇا لاءِ جو پهرئين آزمودي لاءِ جيڪي ٿانو هن
پنهنجي هٿ سان جوڙيا هئا، سي گھڻي تؤ ۽ وڌيڪ پچڻ
ڪري اهڙا خراب ٿي ويا هئا، جو ٻئي آزمودي ۾ ڪم اچڻ
جھڙا نه هئا، جيڪو پيسو وٽس هو، سو به خرچجي ويو؛
پر اُڌارو سو وٺي سگھيو ٿي. هن جي چال اڃا به چڱي
هئي. جيتوڻيڪ سندس زال ۽ پاڙيسرين ڀانيو ٿي ته هن
کي جيڪي هڙ ۾ آهي، سو هي بيوقوفي ڪري اجاين آزمودن
۾ وڃايو ٿو ڇڏي. انهيءَ هوندي به، اٽڪيو نه رهيو.
هن ڪنهن دوست کان ايترا پيسا اُڌارا کنيا، جيترا
وڌيڪ ڪاٺين ۽ وڌيڪ ٿانون وٺڻ لاءِ ضرور هئا؛ ۽
پوءِ ٻئي تجربي لاءِ هو وري تيار ٿيو. اُنهن ٿانون
کي نيون دوائون لائي، کوري ۾ وڌائين، ۽ وري ان کي
باهه ڏنائين.
هيءُ سڀ کان پويون تجربو هو؛ تنهن ۾ هو هٿ ڌوئي،
چريو ٿي لڳو. باهه ڀڙڪي، ۽ تؤ نهايت گھڻو
ٿيو......... پر اڃا به مينا نٿي پگھري! ڪاٺيون
اچي کٽڻ لڳيون- هاڻي باهه اڳتي ڪيئن ٻري؟ باغ جي
ديوال يا لوڙهي جون ڪاٺيون سي هيون، جي ٻري سگھيون
ٿي: ههڙي وڏي تجربي ۾ اٽڪي بيهڻ کان، جي اُهي ٻري
وڃن، ته صدقي ٿيون: اُهي باغ جون ڪاٺيون پٽي، آڻي
کوري ۾ وڌائين. اُهي به مفت ٻري ويون، ته به مينا
اڃا نه پگھري- شايد اڃا ڏهن منٽن جيترو سيڪ وڌيڪ
گھربل هو. تنهن جي لاءِ، ڪهڙو به نقصان سر تي
سهسائي، ڪاٺيون پيدا ڪرڻ گھرجن: گھر جو ڪاٺ ڪلو،
ڪرسي ميز، تختو پٽي- سي اچي رهيا هئا! پوءِ ته،
اچي گھر ۾ ڪڙڪاٽ پيو- زال ۽ ٻار ٻچا رڙيون ڪرڻ
لڳا- ڀانيائون ته ’پالسيءَ‘ جو هوش خطا ٿي ويو
آهي! انهن رڙين ۽ دانهن جي وچ ۾ هن ميزون کڻيو،
ڀڃيو، کوري ۾ اڇلائي پئي وڌيون... ته به مينا اڃا
نه پگھري! باقي الماريون وڃي بچيون هيون. اوچتو،
گھر منجھان تختن ۽ پٽين ڀڄڻ جو آواز آيو- الماڙين
جا تختا به ٽڪر ٽڪر ڪري، ٻئي سامان وانگي، باهه ۾
کڻي وڌائين. پوءِ ته زال ۽ ٻار، لُوهه ڪري، نڪري
ٻاهر ٿيا- ۽ چوندا ويا ته ”ويچارو ’پالسي‘ ديوانو
ٿي پيو آهي، ۽ گھر جو سامان ڀڃيو باهه ۾ پيو
ٻاري!“
سڄو مهينو بُت تان پهراڻ نه لاٿو هئائين. گھڻيءَ
محنت ۽ انتظار، اوجاڳي ۽ بک جي ڪري بلڪل بيحال ٿي
پيو هو. قرض به مٿس ٿي ويو هو؛ جنهنڪري هينئر سندس
خانه خرابي نزديڪ پئي ڏٺي. پر جنهن مخفي راز جي
پٺيان هو هلاڪ هو، سو هن نيٺ معلوم ڪيو هو؛ ڇاڪاڻ
جو پوئين ڀيري جو باهه ڀڙڪو ڏنو، تنهن ۾ مينا
پگھري ويئي- گھر جي ڪم ڪار جا عام ٺڪر جا ٿانو
جڏهن کوري ٺرڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتا؛ تڏهن مٿن اوجر
ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ لاءِ، هو جھان جي جٺ ڦٺ ۽ طعنا
تنڪا سڀ سهي ويو، ۽ تحمل سان پئي وجھ ڳوليائين ته
ڪي سُکن جا ڏينهن اچن ته هيءَ ڳجھو هنر ظاهر
ڪريان، ۽ ان کي رواج ۾ آڻيان.
تنهن کان پوءِ، ’پالسي‘ اُجوري تي هڪڙو ڪنڀر رکيو،
ته ڏيکاريل نمونن تي هن کي ٿانو جوڙي ڏئي. پاڻ وري
ڪاشيءَ چاڙهڻ لاءِ مٽيءَ جا تمغا يا ٻلا جوڙڻ لڳو.
پر، جيسين اهو سامان جڙي وڪري لاءِ تيار ٿئي،
تيسين پاڻ کي توڙي ٻارن ٻچن کي ڪيئن پالي؟ سندس
خوش نصيبيءَ جي ڪري، ’سينٽز‘ شهر ۾ رڳو هڪڙو ماڻهو
هو، جنهن جو ’پالسي‘ جي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ تي
ڀروسو هو- جيتوڻيڪ سندس سمجھ ۽ ڏاهپ تي هن کي
ڀروسو ڪونه هو. اُهو هڪڙو مهمان خاني جو مالڪ هو؛
تنهن ساڻس اهو انجام ڪيو ته ’ڇهن مهينن تائين،
جيسين تون اهو ڌنڌو پيو هلائيندين، تيسين آءٌ توکي
پاڻ وٽ رهائي، ماني ٽڪي پيو کارائيندس‘. باقي جيڪو
ڪنڀر ’پالسي‘ مزوريءَ تي پاڻ وٽ رکيو هو، تنهن جي
بنسبت هن سگھوئي سهي ڪيو ته آءٌ هن کي ٺهرايل شرطن
موجب مزوري برابر ڏيئي نه سگھندس. پنهنجو گھر ته
اڳي ئي پٽي کوهي ڇڏيو هئائين؛ هينئر رڳو پنهنجي بت
کي پٽي کوهي ٿي سگھيو. سو، هن پنهنجا ڪي ڪپڙا کڻي
ڪنڀر کي ڏنا، ته مزوريءَ جا پيسا جيڪي لهڻندو هوس،
تن ۾ پاري.
انهيءَ کان پوءِ ’پالسي‘ هڪڙو سڌريل کورو جوڙيو،
پر هو ڪو اهڙو ڪم نصيب هو، جو کوري جو اندريون
پاسو چقمق وارن پهڻن سان جوڙيائين: جڏهن کورو تتو،
تڏهن اهي پٿر ڀڄي ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪرا اُڏامي مٽيءَ
جي ٿانون تي لڳي پيا. جيتوڻيڪ ڪاشي چڱي چڙهي ويئي
هئي، تڏهن به ٿانو اصل ڪم جا نه ٿيا. انهيءَ طرح،
ڇهن مهينن جو ٻيو به پورهيو اجايو ويو. انهيءَ عيب
هوندي به، گھٽ ملهه تي، انهن ٿانون جا گھڻا خريدار
نڪتا؛ پر ’پالسي‘ انهن جي وڪڻڻ جي نه ڪئي، جو
ڀانيائين ته ائين ڪرڻ ڪري سندس بدنامي ۽ بيقدري
ٿيندي؛ تنهنڪري هن اهي سڀ ٿانو ڀڃي پوري ڇڏيا. هو
پاڻ لکي ٿو ته ”انهيءَ هوندي به مون کي آس ۽ اميد
گھڻي هئي، ۽ آءٌ همت جھليو ڪم کي لڳو آيس. جڏهن ڪي
ملاقاتي مون وٽ ايندا هئا، تڏهن آءٌ هنن سان ظاهري
سو خوش خورم رهندو هوس، باقي اندر ۾ ڏاڍو غمگين
هوندو هوس... سڀ کان وڏي تڪليف جيڪا مون کي سهڻي
پيئي، سا اها هئي، جو خود منهنجي گھر جا ڀاتي مون
تي کل ٺٺولي ڪندا هئا، ۽ مون کي ستائيندا هئا؛ هو
اهڙا ڪم فهم ۽ بي انصاف هئا، جو ڀائيندا هئا ته
ضروري اُپائن کان سواءِ آءٌ پنهنجو ڪم پيو ڪريان.
ورهين جا ورهيه منهنجا کورا ڍڪ يا اَجھي کان سواءِ
پيا هوندا هئا، ۽ راتين جون راتيون مون واچ ۽
مينهن ۾ اتي ويٺي گذاريون، ته به مون کي ڪنهن دڙ
دلاسو يا مدد ڪانه ڏني- رڳو هڪڙي پاسي ٻلين جي
ميائو- ميائو ۽ ٻئي پاسي ڪتن جي ڀؤن- ڀؤن سا پئي
ٻڌي هونديم، ٻيو مڙيوئي خير: ڪڏهن ڪڏهن ته واچ
کورن تي اهڙو زور سان لنگھندي هئي، جو آءٌ لاچار
ٿي ڀڄي ڪنهن جاءِ ۾ لڪندو هوس. ڪڏهن ته مينهن ۾
پُسي اهڙو بڇڙو ٿيندو هوس، جو ڄڻ ڪنهن مون کي گپ ۾
گھليو آهي: اهڙي حال ۾ آءٌ، اڌ رات جو يا پرهه
ڦٽيءَ مهل اونداهيءَ ۾ نشائيءَ يا مواليءَ وانگي،
هيڏي هوڏي آٿڙندو، ڪيتريءَ هلاڪيءَ کان پوءِ
پنهنجو پورهيو برباد ڏسي، ڏک ۽ اوجاڳي کان ٿڪو
ٽٽو، حيران ۽ پريشان، اچي گھر سمهندو هوس؛ پر
افسوس، پنهنجي گھر ۾ به مون کي ڪو اجھو يا آرام
نٿي مليو! پُسيو ڀَت ٿيو ته اڳي ئي ٿي آيس؛ اڳيان
وري ڪوٺيءَ ۾ ٻيو عذاب، پهرئين کان به خراب سهڻو
ٿي پيم: انهيءَ جي يادگيري هاڻ به جڏهن پويم ٿي،
تڏهن عجب ٿو لڳيم ته الا جي ڪيئن ايترن ڏکن ۾ ڳري
مري نه ويس!“
هن حال ۾ ’پالسي‘ اُداسي ۽ خفقاني ٿي پيو، ۽ نا
اميد ٿي پئجي رهڻ کي اچي نزديڪ ٿيو. ’سينٽز‘ شهر
جي ٻنين ۽ ميدانن ۾، غمگين ۽ پريشان ٿيو، جھوتون
ڏيندو وتيو؛ ڪپڙا ڦاٽي ليڙون ٿي ويس. ۽بت ۾ ڳري
هڏا ٿي ويو. پنهنجي ڪتاب ۾، هڪڙي هنڌ، هو پنهنجي
بابت هيءَ حيرت جھڙي ڳالهه لکي ٿو ته ”منهنجن ٽنگن
جون بڪيون اهڙيون ڳري ويون هيون، جو جوراب پٽين
ٻڌڻ سان به مٿي بيهي نٿي سگھيا، ۽ هلڻ مهل کڙين تي
ڪريو پئي پيا.“ سندس گھر جا ڀاتي هن کي سندس غفلت
۽ بيحيائيءَ جا طعنا هڻندا رهندا هئا؛ ۽ سندس
پاڙيسري هن کي سدس بيعقليءَ ۽ هوڏ ڪري شرمائيندا
هئا؛ تنهنڪري ٿوري وقت تائين، هو وري پنهنجو اڳوڻو
ڌنڌو ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل هڪ ورهيه جي سخت محنت کان
پوءِ، هو وري پنهنجي دلپسند شغول ۾ مشغول ٿيو.
انهيءَ عرصي ۾ هن پنهنجي گھر جي ڀاتين لاءِ ٽڪر به
پئي ڪمايو، ۽ پاڙيسرين ۾ به وري منهن مٿي کڻڻ جھڙو
ٿيو. پر، جيتوڻيڪ هن ڏهاڪو ورهيه اڳي ئي مينا جي
ڳولڻ ۾ وڃايا هئا، تڏهن به انهيءَ نئين هنر کي
ڪماليت پهچائڻ ۾ هن کي قريب اٺ ورهيه ٻيا به
آزمودو ڪرڻ ۾ لڳي ويا. درجي بدرجي، جيئن وڌيڪ
آزمودي ڪندو ويو، تيئن ويو وڌيڪ چالاڪ ۽ پڪو
ٿيندو؛ ۽ جيئن گھڻا ڀيرا ٿي گُٿو، تيئن واقفيت ۽
استعمال زياده ٿي ٿيس- سڀ ڪنهن ڏک يا مصيبت مان هن
نئون سبق ٿي سکيو. انهيءَ طرح، مينا جي ماهيت ۽
مٽيءَ جي قسمن ۽ خاصيتن جي، انهن جي گڏڻ ۽ نرم ڪرڻ
جي، ۽ کورن جي جوڙڻ ۽ ڪمائڻ جي، زياده خبر پوندي
ويس.
نيٺ، اٽڪل سورهن ورهين جي سخت محنت کان پوءِ،
’پالسيءَ‘ دل جھلي پاڻ کي ’ڪنڀر‘ يا ’ڪاشيگر‘
سڏايو. اهي سورهن ورهيه گويا هن انهيءَ هنر ۾
استاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرديءَ ۾ گذاريا. انهيءَ
عرصي ۾ هوُ پنهنجو اُستاد پاڻ ئي هو، ۽ اصل مهڙ
کان وٺي ڪم سکڻ شروع ڪيو هئائين. هاڻي هو پنهنجا
ٿانو وڪڻڻ ۽ انهن مان پنهنجن ٻارن ٻچن جي آسودي
گذران ڪرڻ جھڙو ٿيو. پر جيڪي هن هيستائين ڪيو هو،
تنهن تي راضي ٿي ماٺ ڪري ويهي نه رهيو: سڌاري جي
هڪڙي درجي کان ٻئي درجي ڏي پئي ويو، ۽ هميشه دل جو
اهو ارادو هوس ته جيترو ٿي سگھي، اوترو ڪماليت جي
تمام اعليٰ درجي کي پهچان. نمونن جي لاءِ هن
سُڀائي شيون غور سان جانچي ڏٺيون، ۽ طبيعي علم ۾
ايترو مايو حاصل ڪيائين، جو ’بفن‘ جهڙي وڏي عالم
چيو ٿي ته ”هن جهڙو طبيعي شين جي خاصيتن ڄاڻڻ وارو
رڳو قدرت سان پيدا ٿي سگهندو.“ هن جي هٿ جون جڙيل
آرائشي شيون، هن زماني ۾، ڪن عجيب غريب چيزن گڏ
ڪرڻ وارن جي ڪوٺين ۾ ڪمياب ۽ قيمتي جواهرن وانگي
سانڍيل آهن، ۽ اهڙي ڳري ملهه تي وڪامن ٿيون جو
اعتبار ڪرڻ کان ٻاهر.*
انهن تي جيڪي نقش نڪتل آهن، سي گهڻو ڪري خود ساهه
وارين شين جي نموني تي نڪتل آهن- جهڙيءَ طرح ڪ
جهنگلي جانور، سانڊيون يا ڪرڙيون ۽ وڻ ٻوٽا، جي
’سينٽز‘ شهر جي آسپاس هوندا هئا. اهي هن هڪٻئي سان
گڏي، رڪابين يا گلدانن جوڙيندي ڪم آندا آهن، جي
ڏاڍا سهڻا ٿا لڳن. جڏهن ’پالسي‘ پنهنجي ڪم ۾ تمام
قابل ٿيو، تڏهين هن پاڻ کي مٽيءَ جو ڪم ڪندڙ
سڏايو.
اڃا به اسين ’پالسيءَ‘ جا سڀ ڏک چئي ڪين چڪا
آهيون؛ انهن بابت ڪي ڪجهه اسان کي اڃا چوڻو آهي.
هو ’پراٽسٽنٽ‘ مذهب جو هو، ۽ انهن ڏينهن ۾ فرانس
جي ڏکڻ ۾ مذهبي تعصب جي ڪري ڏاڍا فساد ٿيندا هئا.
پالسي، ڪنهن به ڊپ کان سواءِ، پنهنجو سچو مذهب
ظاهر ڪرڻ لڳو؛ تنهنڪري هن کي پڪو مُلحد يا ڪافر
ڄاڻندا هئا. سندس دشمنن وڃي مٿس چغلي هنئي، جنهن
تي سرڪاري ماڻهو ’سينٽز‘ ۾ سندس گھر گھڙي آيا، ۽
سندس دوڪان کولي ڇڏيائون؛ جنهن ۾ فسادي ماڻهو ڪاهي
پيا، ۽ هن جا سڀ ٿانو ٿپا ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيائون، ۽
کيس راتو رات اُتان کڻي، ’بورڊو‘ جي شهر ۾ آڻي،
قيدخاني ۾ وڌائون؛ انهيءَ لاءِ، ته جيسين سندس
سسيءَ وڍجڻ يا ڦاسيءَ اچڻ جو وارو اچي، تيسين اتي
بند رهي. نيٺ فتوا ملي ته هن کي جيئري باهه ۾
ساڙجي؛ پر هڪڙو سکر ماڻهو، جو ’مانٽ مارينسي‘ جو
ڪانسٽبل يا وڏو امير هو، تنهن سندس شفاعت ڪئي، ۽
کيس جيئدان ڏياريو- نه انهيءَ ڪري ته هو ’پالسي‘
يا سندس مذهب جي فائدي ۾ هو، پر انهيءَ ڪري ته
پيرس شهر کان پنج ڇهه ڪوهه پري، ’ايڪوئن‘ ۾، هن جي
هڪڙي محلات پئي جڙي، تنهن جي ڪاشيءَ جي فرش بنديءَ
لاءِ ٻيو ڪو ڪاريگر ملي نٿي سگھيو. انهيءَ امير جي
سفارش سان سرڪاري حڪم جاري ٿيو ته ’پالسي‘ بادشاهه
۽ انهيءَ امير جي لاءِ ڪاشيءَ جوڙڻ وارو مقرر ڪيو
ويو آهي. انهيءَ حڪم جي نتيجو اهو ٿيو جو ’پالسي‘
کي هڪدم ’بورڊو‘، مان ڪڍي ويا. هن کي ڇوٽڪو مليو،
۽ هو وري ’سينٽز‘ ۾ پنهنجي گھر آيو؛ پر ڇا ڏسي ته
سڀ سامان ڀڳو ٽٽو پيو آهي، ۽ سڄو گھر ويران ٿيو
پيو آهي. سندس دوڪان جي ڇت اڏامي وئي هئي، ۽ سندس
ٿانو ٿپا سڀ پرزا ٿيا پيا هئا. هو ’سينٽز‘ شهر جي
پچر ڇڏي اٿي ڀڳو، ۽ اتان لڏي اچي پيرس ۾ ويٺو.
اُتي حڪم مليس ته بادشاهه جي ماءُ يعني بيوهه
راڻيءَ لاءِ توڙي انهيءَ امير جي لاءِ مقرر ڪيل ڪم
ويٺو ڪري، ۽ انهيءَ لاءِ کيس ’ٽيوئلريز‘*
۾ رهڻ جي جاءِ ڏنائون.
پنهنجن ٻن پٽن جي واهر سان، ٿانون جي ڪارخاني
هلائڻ کان سواءِ، ’پالسي‘ پنهنجي حياتيءَ جي پوين
ڏينهن ۾ ڪنڀار ۽ ڪاشيگر جي هنر بابت ڪيترائي ڪتاب
جوڙيا ۽ ڇاپايا؛ انهيءَ لاءِ ته سندس ملڪ جا ماڻهو
آسانيءَ سان اهو ڪم سکن، ۽ جي بيشمار چوڪون پاڻ
ڪيون هئائين، سي هو نه ڪن. هن ٻنيءَ پوکڻ، قلعن
جوڙڻ ۽ علم خواص الاشياء يا تاريخ طبيعي جي مضمونن
تي به ڪتاب لکيا؛ پوين مضمونن تي ته هن ڪن مختصر
ماڻهن جي اڳيان زباني بيان به ڏنا. هن علم نجوم،
ڪيميا، جادوءَ ۽ اهڙن ٻين ٺڳيءَ جي علمن يا هنرن
جي برخلاف گهڻي جنگ هلائي، انهيءَ ڪري هن جا
گهڻائي دشمن جاڳي پيا، جن چيو ته هيءُ ڪافر آهي.
سندس مذهب جي ڪري هو وري به گرفتار ٿيو، ۽ ’باسٽل‘
۾ وڃي قيد پيو. هو هينئر اٺهتر ورهين جو پير مرد
هو، ۽ قبر جي ڪنڌيءَ تي اچي بيٺو هو، تڏهن به همت
۽ بهادري اهڙي هيس، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. هن کي
دڙڪا ڏيئي چيائون ته جي تون انهن مذهبي ڳالهين کان
باز نه ايندين، ته توکي موت مارينداسون؛ پر هو هوڏ
ڪري پنهنجي مذهب کي اهڙو چنبڙي پيو، جهڙو مينا يا
ڪاشيءَ جي ڳجهي هنر کي ڳولي ڪڍڻ ۾ هوڏ ڪري لڳي پيو
هو. بادشاهه هينري ٽيون قيدخاني ۾ کيس ڏسڻ به ويو،
۽ گهڻو ئي سمجهايائينس ته پنهنجو مذهب ڇڏي ڏي.
بادشاهه چيس ته ’چڱا مڙس، تون 45 ورهيه منهنجي ۽
منهنجيءَ ماءُ جي نوڪريءَ ۾ رهيو آهين: جڏهن شهر ۾
باهيون پئي ٻريون ۽ ڪوس پئي ٿيا، تڏهن به توکي
پنهنجي مذهب تي قائم رهڻ جي نسبت ۾ اسان ڪي ڪين ٿي
چيو، ۽ ماٺ ڪريو مُڙيو ٿي وياسين؛ پر هاڻي ”گائيز“
واري فرقي توڙي خود منهنجن ماڻهن مون کي تائي کنيو
آهي، تنهنڪري آءٌ لاچار ٿي تنهنجي ٻانهن تنهنجن
دشمنن جي حوالي ڪريان ٿو ۽ جيڪڏهن اڃا به تون
پنهنجي مذهب کان نه ڦرندين، ته سڀاڻي توکي جيئري
باهه ۾ ساڙي ڇڏيندا!‘ انهيءَ جي ورنديءَ ۾ هن
هٺيلي پيرمرد چيو ته ”حضور، آءٌ خدا تعاليٰ جي
وڏائيءَ تان پنهنجو ساهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان. اوهان مون کي ڪيترائي ڀيرا فرمايو آهي ته
اسان کي توتي رحم ٿو اچي؛ پر هاڻ سو مون کي اوهان
تي رحم ٿو اچي، ۽ افسوس ٿو ٿئي، جو اوهين چئو ٿا
ته ’آءٌ لاچار ٿيو آهيان.‘ حضور، بادشاهه ته ائين
ڪين چوندا آهن؛ پر اِها اهڙي ڳالهه آهي، جا اوهين
توڙي اُهي، جي اوهان کي لاچار ڪن ٿا، يعني ’گائيز‘
جي فرقي وارا ۽ اوهان جا سڀ ماڻهو، سي مون کي مور
نه مڃائي سگهندا. ڇالاءِ جو آءٌ مري ڄاڻان ٿو!“
ٿيو به نيٺ ائين، جو سگهوئي پوءِ ’پالسي‘ شهيد ٿي
مئو- جيتوڻيڪ سسي سا ڪانه لٿيس. هو ’باسٽل‘ جي
قيدخاني ۾ اٽڪل هڪڙي ورهيه جي قيد ڀوڳڻ کان پوءِ
مري ويو. انهيءَ طرح، هن جي حياتيءَ جا ڏينهن پورا
ٿيا، جن ۾ هن همت سان پورهيو ڪيو، عجيب تحمل ۽ پڪي
راست بازي ڏيکاري، ۽ ڪيترا عجيب ۽ شريف گڻ ظاهر
ڪيائين.
*
’جان فريڊرڪ باٽگهر‘، جنهن سچيءَ چينيءَ ٺاهڻ جو
هنر ڳولي ڪڍيو، تنهن جو احوال ’پالسي‘ جي احوال جي
بلڪل مخالف آهي- جيتوڻيڪ ان ۾ به عجيب غريب
ڳالهيون اچن ٿيون. ’باٽگھر‘، سن 1685ع ۾، ’وائيٽ
لئنڊ‘ جي ’شليز‘ شهر ۾ ڄائو؛ ۽ ٻارهن ورهين جي
ڄمار ۾ برلن شهر منجھ، هن کي ڪنهن دوا فروش وٽ
شاگرد ڪري رکيائون. ڀانئجي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي
کان ڪيميا جي علم سکڻ جو شوق هو، ۽ اڪثر فراغت جي
وقت تجربن ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. اهي تجربا گهڻو ڪري
انهيءَ لاءِ ڪندو هو ته عام ڌاتن کي ڦيرائي سون
ڪري، ڪيترن ورهين کان پوءِ ’باٽگهر‘ اها دعوا ڪرڻ
لڳو ته ’مون ڪيميا گرن جو اڪسير لڌو آهي، ۽ انهيءَ
جي وسيلي مون سون جوڙيو آهي.‘ هن پنهنجي استاد
’زارن‘ دوا فروش جي اڳيان انهيءَ اڪسير جي قّوت جا
آزمودا ڏيکاريا، ۽ ڪنهن تجويز ۽ اٽڪل سان هن کي
توڙي ٻين ماڻهن کي خاطري ڪرايائين ته هن ٽامي
منجهان سون جوڙيو آهي.
ملڪ ۾ اهو هُل پکڙجي ويو ته دوا فروش جي شاگرد
ڪيميا لڌي آهي. هزارين ماڻهو، انهيءَ ننڍڙي ڪيميا
گر يا سون جوڙڻ واري کي ڏسڻ جي لاءِ ان جي دوڪان
تي اچي گڏ ٿيا. خود بادشاهه به کيس ڏسڻ ۽ ساڻس
ڳالهائڻ جي خواهش ڏيکاري. جڏهن فريڊرڪ پهرين کي
هڪڙو سون جو ٽڪر وڃي ڏنائون، ۽ ٻڌايانس ته اهو
’باٽگهر‘ ٽامي مان جوڙيو آهي، تڏهين هو ڏاڍو خوش
ٿيو، جو ڀانيائين ته هاڻ مون وٽ سون جا ڍير لڳي
ويندا. پرشيا ۾ تڏهن پيسي جي تمام تنگي هئي،
تنهنڪري بادشاهه اهو ارادو ڪيو ته ته ’باٽگهر‘ کي
پاڻ وٽ نوڪر رکان ته هو، اسپانڊا‘ جي مضبوط قلعي ۾
ويهي، منهنجي ڪاڻ سون جوڙي. پر، جڏهن ننڍي دوا
فروش کي بادشاهه جي ارادي جي کڻڪ پيئي، ۽ ڊپ ٿيس
ته متان منهنجي ٺڳي ظاهر ٿي پوي، تڏهن يڪدم ڀڄي
جند ڇڏائڻ جو دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيائين، ۽ سگهو ئي
اُتان نڪري، سرحد لنگهي، وڃي ’سئڪسني‘ پهتو.
’باٽگهر‘ کي پڪڙڻ لاءِ بادشاهه هزار ٿالر انعام
آڇيو، ته به هوهٿ نه اچي سگهيو. هو ’وٽنبرگ‘ ۾ آيو
۽ ’سئڪسني‘ جو بادشاهه’فريڊرڪ آگسٽس، پهريون‘
(جوپولنڊ جو به بادشاهه ٿيو)، جنهن کي ”زبردست“ جو
لقب مليل هو، تنهن جي وڃي سام پيو. ’فريڊرڪ‘ کي ته
پاڻ انهن ڏينهن ۾ پيسي جي گھڻي گھرج هئي، سو نهايت
گھڻو خوش ٿيو- ڀانيائين ته هاڻ هن ننڍي ڪيمياگر جي
مدد سان گھڻوئي سون هٿ اچي ويندم! تنهن ’باٽگھر‘
کي، مخفي طرح، شاهي پهري سان، ڊريسڊن شهر ڏي ڏياري
موڪليو. اڃا هي ’وٽمبرگ‘ مان مس نڪتا، ته پرشيا جو
لشڪر شهر جي دروازي تي اچي ظاهر ٿيو، ۽ ڪيمياگر جي
ٻانهن گھرڻ لڳو؛ پر هو اڳي ئي نڪري ويا. ’باٽگھر‘
وڃي ڊريسڊن ۾ پهتو، جتي هن کي طلاخاني ۾ وڃي
ٽڪايائون. انهيءَ هنڌ جيتوڻيڪ مٿس سخت پهرو رکيل
هو، ۽ نظرداري گھڻي ٿيندي هيس، تڏهن به چڱي
پوئواري ڪندا هئس. پولنڊ ۾ جو هبنئر اچي وڳوڙ ۽
فساد پيو هو، تنهنڪري بادشاهه کي ستت ئي اوڏانهن
وڃڻو پيو؛ ۽ لاچار ٿي، ’باٽگھر‘ کي ٿوري وقت تائين
اتي ئي ڇڏيائين. پر، سون جي لاءِ جو هو حيران ۽
بيصبر هو، تنهنڪري ’وارسا‘ مان ’باٽگھر‘ ڏي
لکيائين ته ”تون ضرور مونکي اهو مخفي هنر سيکار،
ته آءٌ پاڻيهي پنهنجي منهن سون ٺاهيان!“ جڏهن
بادشاهه گھڻو زور ڪيس تڏهن، لاچار ٿي، هن ننڍي
ڪيمياگر، بادشاهه ’فريڊرڪ‘ ڏي کهنبي پاڻيءَ جھڙيءَ
شي جي هڪڙي شيشي ڏياري موڪلي؛ ۽ لکيائين ته ڪنهن
به ڌات کي پگھاري، ان ۾ اهو پاڻي وجھبو، ته ان کي
ڦيرائي سون ڪري وجھندو. اها قيمتي شيشي هن شهزادي
’فرسٽ وهان فرسٽنبرگ‘ جي حوالي ۾ ڏني شهزادو، پهري
وارن جي پلٽڻ ساڻ ڪري، شيشي کڻي، ’وارسا‘ ڏي اٿي
هليو. جڏهن اتي وڃي پهتو، تڏهن انهيءَ مهل ٺهراءُ
ٿيو ته آزمودو ڪجي. بادشاهه ۽ شهزادي پاڻ کي محلات
جي هڪڙي ڳجھيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيو، ۽ بت تي کڻي
چمڙو چاڙهيائون. پڪن ڪيمياگرن وانگي، ڪوٺاريءَ ۾
ٽامو پگھارڻ لڳا؛ پوءِ وري منجھس ’بٽگھر‘ واري
کهنبي دوا وڌائون، پر اُن منجھان ڪو به خوشيءَ
جھڙو نتيجو نه نڪتو ڪيترو به مٿو هنيائون، ته به
ٽامو اهوئي ٽامو ٿيو رکيو هو. پر، جڏهن ڪيمياگر جي
فهمائش سنڀالي پڙهي ڏٺائون، تڏهن بادشاهه لي معلوم
ٿيو ته انهيءَ ڪيمياسازيءَ ۾ فتحياب ٿيڻ لاءِ ضرور
هو ته اها دوا دل جي ڏاڍيءَ پاڪائيءَ سان ڪم آڻجي-
۽ بادشاهه کي سجھندو هو ته مون انهيءَ ڏينهن شام
جو وقت تمام خراب صحبت ۾ گذاريو آهي؛ تنهنڪري پڪ
ٿيس ته انهيءَ آزمودي ۾ حرڪت پوڻ جو اهو ئي سبب
هو. وري ٻيو ڀيرو آزمودو ڪيائين، ته به ڪو بهتر
نتيجو ڪونه نڪتو. پوءِ ته بادشاهه اچي ڪاوڙيو؛
ڇاڪاڻ جو ٻئي آزمودي شروع ڪرڻ کان اڳي، بادشاهه
پادريءَ جي اڳيان پنهنجو گناهه ظاهر ڪري توبهه ڪئي
هئي، ۽ پادريءَ خدا جي درگاهه مان معافي وٺي ڏني
هيس، جنهنڪري هاڻ کيس دل جي پاڪائيءَ جي پڪ هئي.
*
ٿورا ڏينهن ٿيندا جو لنڊن ۾ ’برنال‘ صاحب جون
عجيب غريب شيون وڪاڻيون هيون، تن ۾ ’پالسي‘ جي
هڪڙي ننڍي رڪابي، 12 انچن شڪيم واري، جنهن جي
وچ تي هڪڙي ڪرڙيءَ جي شڪل نڪتل هئي، سا 162
پائونڊن تي وڪاڻي.
*
ٿورا ڏينهن ٿيندا جو ’چارلس ريڊ‘ صاحب، جو
فرانس ۾ پراٽسٽنٽ مذهب جون قديم نشانيون گڏ
ڪندو هو، تنهن هڪڙو تنور لڌو آهي، جنهن ۾
’پالسي‘ پنهنجون خاص شيون پچائيندو هو.
ڪيترائي بوتا، مورتن ۽ وڻن ۽ جانورن وغيره جا،
صحيح سالم کوٽي ڪڍيا ويا، جن تي سندس مشهور
نشاني لڳي پيئي هئي. اهو عجائبخاني ۾ ”لُوهر“
جي ڇڄهريءَ جي هيٺان رکيل آهي.
*
’پالسي‘ جي حياتيءَ جي ڏينهن ۽ ڪمن جو بيان
پروفيسر ’مارلي‘ پنهنجي مشهور ڪتاب ۾ گهڻو ۽
چڱو ڏنو آهي. مٿي جيڪو مختصر احوال اسان ڏنو
آهي، سو گهڻو ڪري خود ’پالسيءَ‘ جيڪو ڪتاب
مٽيءَ جي هنر تي لکيو آهي، ۽ جنهن ۾ پنهنجا
تجربا ڏيکاريا اٿس، انهن مان ڪڍيو اٿئون.
|