سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: خودياوري

صفحو :12

حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ ’اسڪاٽ‘ پنهنجي محنتي ۽ ڪم- وندو هئڻ تي فخر ڪندو هو، ۽ رواجي شعر جوڙڻ وارن جي اجائيءَ راءِ جي برخلاف چوندو هو ته ’ذاتي عقل يا ذهن ۽ حياتيءَ جي عام فرضن جي نفرت جي وچ ۾ ڪوبه ضروري واسطو ڪونهي.‘ ان جي برعڪس، هن جي راءِ هوندي هئي ته ’ڏهاڙي ڳچ جيترو وقت ڪنهن سجائي شغل ۾ لڳائڻ مان اهو فائدو آهي ته نيٺ ماڻهوءَ جي سمجهه يا ذهني قوت زور وٺي ٿي.‘ انهيءَ کان پوءِ جڏهن ’ايڊنبرگ‘ ۾ هو سيشن- ڪورٽ جو ڪلارڪ هو، تڏه ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم هو اڪثر صبح جي مانيءَ کائڻ کان اڳي ڪندو هو؛ ۽ ڏينهن جو ڪورٽ ۾ ويندو هو، جتي داخل ٿيل قبضن ۽ ٻين قسمن جي دستاويزن جي تصديق ڪندو هو. ’لاڪ هارٽ‘ لکي ٿو ته ”هن جي تاريخي احوال ۾ هيءَ هڪڙي تمام عجيب ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته جنهن عرصي ۾ هن محنت ڪري ڪتابن لکڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جو ڪم ڪيو، تنهن ۾ پنهنجي وقت جو گهڻو ڀاڱو هن نوڪريءَ جي فرضن کي ايمان سان ادا ڪرڻ ۾ لڳايو هوندو، جي سارو سال نه، ته به هر سال جي اڌ جيترو عرصو ته ائين ڪيو هوندائين.‘ هن پنهنجي لاءِ هيءُ ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو ته آءٌ جيڪي جيڪي ڪمائيندس، سو نوڪريءَ يا ڌنڌي ڪرڻ سان، نه ڪتابن لکڻ سان‘. هڪڙي ڀيري هن چيو ته ’مون پڪو ارادو ڪيو هو ته ڪتاب نويسي منهنجي ٽيڪ ڏيڻ جي لٺ ٿئي، نه مَنڊيءَ ٽنگ جي گهوڙي؛ ۽ ڪتابن لکڻ مان جيڪو فائدو پيدا ٿئي ٿو، سو جيتوڻيڪ ٻيءَ طرح سولو آهي، تڏهن به جيترو مون کان ٿي سگهندو، اوترو پنهنجي رواجي خرچ لاءِ ضروري ٿيڻ نه ڏيندس.“

سڀ ڪم پوري وقت تي ڪرڻ جي عادت هن ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان پاڻ ۾ قائم ڪري ڇڏي هئي، نه ته جيڪر هيترن ڪتابن لکڻ جو ڪو امڪان هو ڇا؟ هن قاعدو ڪري ڇڏيو هو ته جيڪو خط اچي، تنهن جو انهيءَ ڏينهن جواب لکجي؛ پر جي ڪا پڇا ڳاڇا ڪرڻي هوندي يا ڪجهه خيال ڪرڻو هوندو، ته پوءِ ترسڻ ۾ حرڪت ڪانهي. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها، ته اهي ڍير خطن جا جي هڪٻئي پٺيان پيا ايندا هوس، تن جي نيڪال ڪرڻ ۾ ڪيئن پورو پوي ها؟ ڪڏهن اهڙو ڪڪ ٿيندو هو، جو تحمل جي طاقت نه رهندي هيس. هن جو دستور هوندو هو ته فجر جو پنجين بجي اٿندو هو، ۽ پنهنجي باهه پاڻ ٻاريندو هو. آرام سان پنهنجي ڏاڙهيءَ جي صفائي ڪري، ڪپڙا ڍڪي، ڇهين بجي ڌاري لکپڙهه جي ميز تي وڃي ويهندو هو: پنهنجا ڪاغذ سڀ پوريءَ ترتيب سان اڳيان رکي ويندو هو؛ جن ڪتابن ۾ ڪي ڏسڻو هوندو هوس، سي پنهنجي چوڌاري زمين تي قطار ڪري رکندو هو؛ ۽ ڪتابن جي پريان وري وڌيڪ نه، ته به هڪڙو لاڏلو ڪتو پنهنجي سامهون ويهاريندو هو، جو سندس منهن ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوندو هو. انهيءَ حالت ۾، جيسين تائين ڏهين بجي جي وچ ۾ سندس گهر جا ڀاتي مانيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هئا، تيسين هي گهڻو ئي لکي ويندو هو، جيئن پاڻ چوندو هو، ”ڏينهن جي ڪم جو ڳاٽو ڀڃي وجهندو هوس!“ پر، ايتريءَ سخت محنت ۽ اورچائيءَ هوندي، ۽ ايتري علميت ۽ قابليت جا گهڻن ورهين جي تحمل ۽ ڪشالي بعد حاصل ڪئي هئائين، تنهن هوندي به، ’اسڪاٽ‘ هميشه چوندو هو ته ”آءٌ ڪي به ڪين ڄاڻان.“ هڪڙي ڀيري هن چيو ته ”پنهنجي حياتيءَ جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۽ دنيا جي سڀ ڪنهن ڌنڌي ۾ مون کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جو ڏاڍو ارمان رهيو آهي، ۽ پهنجي بيعلميءَ جي ڪري ڏاڍي حرڪت پهتي آهي.“

سچي ڏاهپ ۽ نماڻائي اجها اها آهي؛ ڇا لاءِ جو جيئن ماڻهوءَ جي ڏاهپ ۽ علميت سچي پچي زياده ٿيندي، تيئن هو گهٽ مغرور ٿيندو. ’ٽرنٽي‘ ڪاليج جو هڪڙو شاگرد پنهنجي اُستاد کان ڪاليج ڇڏڻ لاءِ موڪلائڻ ويو، ۽ چوڻ لڳو ته ’هاڻ مون تعليم وٺي پوري ڪئي آهي، ۽ علم حاصل ڪري بس ڪئي اٿم“؛ تنهن کي سندس اُستاد ڏاهپ سان طعنو هڻي چيو ته ”شاباس، مون ته اڃا مس پنهنجي تعليم شروع ڪئي آهي!“ ڪم ظرف ماڻهو، جنهن گهڻين شين بابت رڳو نالي جو علم حاصل ڪيو آهي، پر پوريءَ طرح ڪابه خبر ڪانه اٿس، سو پنهنجيءَ علميت ۽ قابليت تي تڪبر ڪندو ته ڪندو، مگر جيڪو داناءُ آهي، سو نماڻائيءَ سان هيئن چوندو ته ’جيڪا مون کي خبر آهي سا اها، ته مون کي ڪابه خبر ڪانهي‘؛ يا جيئن ’نيوٽن‘ چيو هو ته آءٌ رڳو سمنڊ جي ڪناري تي ڪوڏين ۽ سپن چونڊڻ ۾ مشغول آهيان، ۽ حقيقت جو اُونهو سمنڊ منهنجي اڳيان پيو آهي، جنهن جي انت جي ڪنهن کي خبر ڪانهي.‘

ٻئي درجي وارا جيڪي پڙهيل ۽ علم دوست ماڻهو ٿي گذريا آهن، تن جي احوال مان به انهن ئي جهڙا عمدا مثال، ۽ محنت ۽ اورچائيءَ جا، ملي سگهن ٿا. ’جان برٽن‘، جنهن ڪتاب ”انگلنڊ ۽ ويلس جون خوبيون“ تصنيف ڪيو هو ۽ گهڻا قيمتي ڪتاب عمارت سازيءَ بابت لکيا هئا، سو ’ولٽشائر‘ جي ’ڪنگسٽن‘ شهر ۾ هڪڙي غريباڻي ڀُنگيءَ ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ نانوائي ۽ جَون جي شراب جوڙڻ وارو هو، پر ڌنڌي ۾ نقصان پوڻ سبب هو ديوانو ٿي پيو هو. ’برٽن‘ تڏهن ننڍو ٻار هو. هن ڇوڪر کي مڪتب جي ڪابه تعليم ڪانه ملي، پاڻ خراب صحبت نصيب ٿيس، پر شڪرانو جو انهيءَ ڪري هو کري چٽ ٿي نه پيو. هن جو هڪڙو چاچو ’ڪلارڪينويل‘ ۾ شراب فروش هوندو هو، تنهن وٽ ننڍي هوندي ئي وڃي پورهيو ڪرڻ لڳو، ۽ پنجن ورهين تائين انهيءَ جي زيردستيءَ ۾ شراب سان ٻاٽليون ڀريندو هو، ۽ انهن کي ٻوچ ڏيندو ۽ گدام ۾ رکندو هو. پوءِ جڏهن اچي هن جي تندرستيءَ ۾ خلل پيو، تڏهن چاچس ڪڍي ڇڏيس ته وڃي ڌڪا جهلي. انهيءَ وقت سندس کيسي ۾ فقط ٻه گنيون هيون، جي پنجن ورهين جي ڪمائيءَ ۾ هن کي مليون هيون. انهيءَ کان پوءِ ستن ورهين تائين هن ڏاڍيون سختيون ۽ زماني جون گردشون ڏٺيون. انهيءَ هوندي به، هن جيڪو پنهنجو احوال پاڻ لکيو آهي تنهن ۾ چوي ٿو ته ”هڪڙي غريباڻي ۽ اونداهي ڪوٺي، جنهن ۾ هر هفتي ارڙهن پينس ڪرايو ڏيئي رهندو هوس، تنهن ۾ آءٌ پيو ڪتاب مطالع ڪندو هوس، ۽ سياري جي ڏينهن ۾ رات جو اڪثر هنڌ ۾ سمهيو پيو پڙهندو هوس، ڇا لاءِ جو باهه ٻارڻ جي خرچ جي وسعت نه هوندي هيم.“ پوءِ، اتان پيرين پيادو پنڌ ڪري، ’باٿ‘ شهر ۾ ويو، جتي شراب جي تهخاني سنڀالڻ جي نوڪري مليس؛ پر وري سگهوئي لنڊن ۾ اچي نڪتو. حال اهڙا بڇڙا هئس جو نڪو پيسو هوس، نڪا جتي هيس، ۽ نڪو پهراڻ بت تي هوس. پر، انهيءَ هوندي به، لنڊن جي شرابخاني ۾ گدام سنڀالڻ جي نوڪري مليس. اتي هن جو ڪم اهو هوندو هو ته صبح جي ستين بجي کان وٺي رات جي يارهين بجي تائين، تهخاني واري گدام ۾ هوندو هو. هن اونداهيءَ واري بند ۾ ۽ هيتري سخت ڪم جي ڪري هو بيمار ٿي پيو. تنهن کانپوءِ هو هڪڙي وڪيل وٽ هفتي ۾ پنڌرهن شلنگن پگهار تي وڃي بيٺو؛ ڇا لاءِ جو هيتري عرصي ۾ جيڪا ٿوري گهڻي فرصت ملندي هيس، تنهن ۾ ڪوشش ڪري لکڻ جي هنر ۾ ڀڙ ٿيو هو. هن نوڪري ڪندي، هو اڪثر فرصت جي وقت ۾ ڪتاب جي دوڪانن تي ويندو هو، ۽ جيڪي ڪتاب خريد ڪري نه سگهندو هو، تن مان ٿورو ٿورو مطالع ڪندو ويندو هو. انهيءَ طرح ڳچ جيترو مايو حاصل ڪيائين. پوءِ وري ٻيءَ آفيس ۾ وڃي نوڪر بيٺو، جتي وڌيڪ پگهار ملندو هوس، يعني ويهه شلنگ هفتي ۾. اڃا به هو، اڳي وانگي، ڪتاب پڙهندو ۽ اڀياس وڌائيندو ويو. اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾ مس هن هڪڙو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين، ’پزئرو‘ جا پهلوانيءَ جهڙا ڪم.‘ اهو هن ڇاپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي مرڻ تائين جيڪا اٽڪل پنجونجاهه ورهين جي مدت گذري، تنهن ۾ ’برٽن‘ ڪتابن لکڻ جي محنت ۾ ڏاڍو مشغول رهيو. هن جا ڪتاب جيڪي ڇاپي هيٺ آيا آهن، سي ستاسي کان گهٽ نه آهن. انهن مان جيڪو تمام مشهور آهي، سو آهي ”انگلنڊ جون قديم ديوليون.“ اهو في الحقيقت عمدو ڪتاب آهي، ۽ ان جا سڄا چوڏهن جلد آهن. انهيءَ هڪڙي ئي مان ’جان برٽن‘ جي محنت ۽ اورچائي چڱي طرح معلوم ٿي سگهي ٿي.

لائوڊن‘، نمائشي باغن رکڻ وارو، به اهڙيءَ ساڳيءَ لياقت جو ماڻهو هو، ۽ تمام محنتي ۽ جفاڪش هوندو هو. ايڊنبرگ جي ويجهو هڪڙو ڪڙمي رهندو هو، تنهن جو هو پٽ هو، ۽ ننڍي هوندي کان هو محنت ڪرڻ تي هري ويو هو. هن کي چڱن چڱن ڏيکن جي نمونن ۽ نقشن ڪڍڻ جي اٽڪل اچي ويئي هئي، تنهنڪري پڻس کڻي نمائشي باغائي جي ڪم سکڻ تي وهاريس. انهيءَ شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ هفتي هفتي ۾ هو ٻه سڄيون راتيون جاڳي ڪتاب پڙهندو هو؛ انهيءَ هوندي به ڏينهن جو مزور کان وڌيڪ پورهيو ڪندو هو. انهيءَ طرح، رات جو پڙهندي، هن فرينچ ٻولي سکي؛ ۽ ارڙهن ورهين جي عمر کان به اڳي هن، هڪڙي وڏي ’انسائڪلوپيڊيا‘ يعني جامع العلوم ڪتاب لاءِ، ’آبيلرڊ‘ جي حياتيءَ جو احوال ترجمو ڪري ڏنو. هن کي پنهنجي سڌاري جو اهڙو شوق هو جو ويهن ورهين جي عمر ۾، انگلنڊ ۾ باغائيءَ جو ڪم ڪندي، هن پنهنجي نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏيو ته ”آءٌ هينئر ويهن ورهين جو آهيان، ۽ شايد منهنجيءَ ڄمار جي ٽي پتي گذري ويئي آهي؛ انهيءَ هوندي به، مون پنهنجي هم جنس ماڻهن جي فائدي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“ اهڙو خيال اڪثر ويهن ورهين واري جوان ماڻهوءَ کي ڪين ايندو آهي. فرينچ ٻوليءَ کان پوءِ وري جرمن ٻولي سکيو، ۽ ٿوري عرصي اندر انهيءَ ۾ هوشيار ٿي ويو. تنهن کانپوءِ هن ڳچ جيتري ٻني مقاطعي کنئي، انهيءَ لاءِ ته ان ۾ اسڪاٽلنڊ وارا کيتيءَ ڪرڻ جا سڌارا ڪم آڻي. سگهوئي ان ۾ فتحياب ٿيو، ۽ تمام گهڻي پيدائش حاصل ٿيس. جڏهن جنگ پوري ٿي، ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ وڃڻ جي اتي جي ماڻهن کي موڪل ملي، تڏهن هيءُ سفر تي نڪتو، انهيءَ لاءِ، ته ٻين ملڪن ۾ باغ رکڻ ۽ پوک ڪرڻ جي تجويز ۽ هنرمندي جانچي معلوم ڪري. هن ٻه ڀيرا اهڙو گشت ڪيو، ۽ انهيءَ جو سڄو احوال هن ڪتاب ’انسائڪلوپيڊيا‘ ۾ ڇاپايو. انهيءَ قسم جو اهڙو مشهور ڪتاب ڪو ٿورو هوندو، جو انهيءَ ۾ ڪمائتن مضمونن بابت تمام گهڻو بيان ڏنل آهي؛ ۽ اهو بيان هن اهڙيءَ سخت محنت ۽ ڪشالي سان گڏ ڪيو، جو ٻيو ڪونه ڪري سگهندو.

’ساميوئيل ڊريو‘ جو احوال به اهڙوئي عجيب آهي، جهڙو مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن جو. هن جو پيءُ ’ڪارنوال‘ ۾ ’سينٽ آسٽيل‘ جي پادريءَ واري محلي جو تمام محنتي مزور هو. جيتوڻيڪ هو غريب هو، تڏهن به هن تجويز ڪري پنهنجن ٻن پٽن کي پاڙي جي هڪڙي ننڍڙي اسڪول ۾ موڪليو، جتي هفتي جي لاءِ هڪ پيني في ڏبي هئي. ’جيبز‘، جو وڏو هو، تنهن کي پڙهڻ جو شوق هو، ۽ اهو چڱو سڌارو ڪري ويو؛ پر ’ساميوئيل‘، جو ننڍو هو، سو موڳو هو ۽ ڏاڍي حرڪت ڪندو هو، ۽ اڪثر پڙهڻ کان نٽائي ڀڄي ويندو هو. جڏهن اٽڪل اٺن ورهين جو ٿيو، تڏهن ٽِين يا ولائتي لوهه جي هڪڙيءَ کاڻ تي مزور ڪري رکيائونس، جتي ڏينهن ۾ هو ٽي اڌ- پينس ڪمائيندو هو. ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ هن کي هڪڙي موچيءَ وٽ شاگرد ڪري ويهاريائون. انهيءَ هنڌ هن ڏاڍي سختي ڏٺي، جو پاڻ چوندو هو ته ”اتي آءٌ اهڙيءَ طرح ٿي رهيس، جهڙيءَ طرح ڏيڏر ڏاندار هيٺ رهي.“ ڪڏهن دل ۾ ايندو هوس ته ڀڄي وڃي سامونڊي چور ٿيان، يا اهڙي قسم جو ڪو ڪم ڪريان. جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويو، تيئن ڀانئجي ٿو ته هو زياده بيپرواهه ۽ شرير ٿيندو ويو. اڪثر باغيچن ۾ چوريءَ ڪرڻ وارن ڇوڪرن جو مهندار هوندو هو. جيئن مڙس ٿيندو ويو، تيئن شڪارگاهن ما جانور چورائڻ يا سرڪاري محصول جي چوريءَ ڪرڻ جي هنر ۾ شوقين ۽ چالاڪ ٿيندو ويو. جڏهن سترهن ورهين جو ٿيو، ۽ اڃا سندس شاگرديءَ جو عرصوئي نه گذريو هو، ته هو ڀڄي ويو، انهيءَ ارادي سان، ته وڃي ڪنهن جنگي جهاز تي نوڪر بيهي- پر رات جو ڪنهن گاهه واري ٻنيءَ ۾ سمهي ننڊ ڪرڻ ڪري هو البت ٿڌو ٿيو؛ ۽ موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳو.

تنهن کانپوءِ، ’ڊريوءَ‘، ’پليمائوٿ‘ جي نزديڪيءَ ۾، جتين جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. ’ڪاسانڊ‘ ۾ هن پلٿي بازيءَ يا لڪڙي بازيءَ ۾ هڪڙو انعام کٽيو، جو ڀانئجي ٿو ته انهيءَ هنر ۾ هن چڱي استعمال ڪئي هئي. انهيءَ هنڌ رهندي، هڪڙي ڀيري، هن محصول جي چوريءَ جي هڪڙي ڪم ۾ ذري گهٽ پنهنجي جان گنوائي هئي. انهيءَ حرڪت بازيءَ ۾ جو وڃي شامل ٿيو، سو ڪي بهادريءَ جي ڪمن جي شوق ڪري، ۽ ڪي فائدي ڪڍڻ جي اميد تي، ڇالاءِ جو هن کي تڏهن هفتي ۾ اٺن شالنگن کان وڌيڪ ڌنڌي مان حاصل نه ٿيندو هو. هڪڙيءَ رات، ’ڪرافٽهول‘ جي سڄي بندر ۾ اشتهار ڪيو ويو ته هڪڙو ٺڳ ڪناري تان هليو آهي، انهيءَ لاءِ ته جهازن مان مال جون ڳٺڙيون چوريءَ ڪري ڪناري تي لاهي. اها خبر ٻڌي، اتي جا سڀ ماڻهو، جي اڪثر محصول جا چور هئا، سي اچي ڪناري تي گڏ ٿيا. اُنهن مان هڪڙي ٽولي ته ٽَڪرن تي ويهي رهي، انهيءَ لاءِ ته روشنائيءَ ڪرڻ سان پنهنجن سنگتين کي نشان ڏين، ۽ جيڪو مال ڪناري تي آڻين، سو نيڪال ڪن؛ ٻي ٽولي ٻيڙين ۾ چڙهي مال لاهڻ تي هلي- ۽ ’ڊريو‘ انهيءَ پوئينءَ ٽوليءَ ۾ هو. رات تمام ڪاري هئي؛ ۽ اڃا گهڻو مال ڪناري تي لاٿوئي نه هئائون ته اچي واچ لڳي، ۽ سمنڊ ۾ لهريون شروع ٿيون. پر ٻيڙين وارن پڪو ٺهراءُ ڪيو هو، سي مڙيا ڪين. محصول جي چورن جو مهندار جو پري سمنڊ تي بيٺو هو، انهيءَ ۽ ڪناري جي وچ ۾ گهڻائي پُور آندائون ۽ نيائون. جنهن ٻيڙيءَ ۾ ’ڊريو‘ هو، تنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جي ٽوپي هوا جي زور سان اُڏامي ويئي. ٽوپيءَ کي جهٽڻ جي جا هن ڪوشش ڪئي، تنهن ۾ اها ٻيڙي اٽلي پيئي. ٽي ماڻهو ته انهيءَ دم ٻڏي مئا، باقي ٻيا ٿوري وقت تائين ته ٻيڙيءَ کي چنبڙيو پيا هئا، پر جڏهن ڏٺائون ته ٻيڙي پاڻ سمنڊ ڏانهن وڌندي وڃي، تڏهن هٿ ڇڏي ترڻ لڳا. ڪناري کان هو اٽڪل ٻه ميل پري هئا. رات جي اونداهي حد کان وڌيڪ هئي. ٽي ڪلاڪ برابر پاڻيءَ ۾ مٿا هڻي، ’ڊريو‘، هڪ ٻن ٻين سان، ڪناري جي ويجهو هڪڙي ٽڪريءَ تي اچي پهتو. کيس ۽ سندس سنگتي کي ٻين ماڻهن ڳولي اچي ڪڍيو؛ پر هنن جو حال اهڙو ٿي ويو هو جو مردن وانگي پئي ڏٺا، جيئرا نٿي معلوم ٿيا. جيڪو مال لاٿو هئائون، تنهن مان هڪڙو شراب جو پيپ کڻي آيا؛ اُنهيءَ جو منهن ڪهاڙيءَ سان وڍي، شراب جو پيالو ڀري، انهن موت کان بچيل ماڻهن کي پياريائون، تنهن کان پوءِ ستت ئي ’ڊريو‘، اُونهيءَ برف مان جهاڳيندو، ٻه ميل پنڌ جا ڪري، پنهنجيءَ جاءِ تي اچي پهتو.

جنهن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي شروعات اهڙي هئي، تنهن مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. اُنهيءَ هوندي به، اهو ساڳيو ڊريو، جو ڀاڄوڪڙ، باغن جي چوري ڪندڙ، جتيون جوڙيندڙ، پلٿي بازي ڪندڙ ۽ محصول جي چوري ڪندڙ هو، جوانيءَ جي غفلت ۽ مستي لنگهائي، نيٺ مشهور پادري ۽ پاڪ ڪتابن تي وعظ ڪرڻ وارو ۽ عمدن ڪتابن جي لکڻ وارو ٿي پيو. سندس نصيب چڱا هئا، جو سگهوئي منجهس جيڪا ذاتي همت ۽ چالاڪي هئي، سا مڙي بهتر رستي تي آئي، جنهنڪري جهڙو هو اڳي برائيءَ جي ڪري مشهور هو، تهڙو پوءِ چڱائيءَ جي ڪري مشهور ٿيو. پڻس وري به هن کي ’سينٽ آسٽيل‘ ۾ وٺي آيو، هو اتي آسپاس جي ڳوٺن ۾ موڪليندو هوس، جو گهمندو جتيون جوڙيندو ۽ وڪڻندو وتندو هو. شايد گذرئي واقعي ۾ جا جان بچي ويئي هيس، تنهنڪري هن البت اک پٽي، ۽ سمجهه ڌاري، ڇالاءِ جو انهيءَ کان پوءِ سگهوئي هو ڊاڪٽر ’ائڊم ڪلاڪ‘ جي اثر وارن وعظن تي شوق سان ڌيان ڏيڻ لڳو، جو صاحب ’ويسليئن ميٿڊ سٽ‘ مذهب وارن عيسائين جو پادري هوندو هو. انهيءَ ڌاري هن جو ڀاءُ به مري ويو، تنهنڪري پاڻ سندس خيال زياده سنجيدو ۽ پختو ٿيو- انهيءَ وقت کان وٺي هن جو ڊول ئي ڦري ٻيو ٿيو. هو وري نئين سر علم حاصل ڪر لڳو؛ ڇا لاءِ جو هيستائين هن کي لکڻ پڙهڻ گهڻو ڪري وسري ويو هو. ڪيترن ورهين جي استعمال کان پوءِ به، هڪڙي دوست سندس اکرن جي نسبت اها مشابهت ڏني ته ’ڄڻ ڪو ڪورئڙو، مس ۾ ٽٻي ڏيئي، نڪري ڪاغذ تي سري، ليڪا ڪڍي ويو آهي.‘ انهيءَ وقت ڌاري پنهنجي بابت ’ڊريو‘ پونين ڏينهن ۾ هيئن لکيو ته ”جيئن آءٌ وڌيڪ پڙهندو ويس، تيئن مون کي پنهنجي غفلت ۽ ناداني زياده معلوم ٿيندي ويئي؛ ۽ جيئن پنهنجيءَ غفلت ۽ نادانيءَ جي زياده خبر ٿي پيم، تيئن وڌيڪ شوق دل ۾ ٿي جاڳيم، ۽ همت مضبوط ٿي ٿيم ته انهيءَ تي قابض پوان. جيڪو فرصت جو لحظو ٿي بچيم، سو هڪڙيءَ نه ٻيءَ شي پڙهڻ ۾ ٿي لڳايم. مون کي هٿن جي پورهئي سان پاڻ کي پالڻو به هو، تنهنڪري مون کي پڙهڻ جو وقت تمام ٿورڙو ملندو هو؛ انهيءَ مشڪلات ٽارڻ لاءِ آءٌ اڪثر اها رٿ ڪندو هوس ته جڏهن ماني کائيدو هوس، تڏهن ڪتاب پٽي اڳيان رکندو هوس، ۽ سڀ ڪنهن دفعي جڏهن هڪڙي طعام جا ٿانو کڻي ويندا هئا ۽ ٻئي جا آڻيندا هئا، تنهن وچ ۾ پنج ڇهه صفحا پڙهي ويندو هوس.“ جڏهن هن ’لاڪ‘ صاحب جو ڪتاب ”سمجهه بابت بيان.“ پڙهيو، تڏهن پهرئين دفعي هن جي دل ۾ ’علم الاهيات‘ جو ميل ٿيو. هو چوي ٿو ته ”انهيءَ مان آءٌ گويا غفلت جي ننڊ مان جاڳيس؛ ۽ پڪو ٺهراءُ ڪيم ته هيستائين جيڪي خسيس ۽ تنگ خيال اندر ۾ سانڍيو ٿي آيس، سي مطلق ڇڏي ڏيان.“

’ڊريو‘ ڪن ٿورن شلنگن جي موڙيءَ سان پنهنجي منهن ڌنڌو شروع ڪيو، هن جي چال چلت اهڙي پوري هئي، جو، هڪڙي پاڙيواري جانڊاهيءَ پنهنجي خوشيءَ سان هن کي ڪي پيسا اُڌارا آڇيا، جي هن قبول ڪيا. پوءِ هن ڌنڌي مان ايترو فائدو حاصل ڪيو، جو انهيءَ ورهيه جي آخر ۾ اهي اڌارا پيسا موٽي ادا ڪري ڇڏيائين. پر، ننڍي هوندي کان هن اهو پڪو ارادو ڪيو ته؛ ’آءٌ ڪنهن کان به ڪا شي اُڌاري نه وٺندس‘؛ ۽ انهيءَ ارادي تي هو گهڻين ئي مشڪلاتن ۽ سختين ۾ قائم رهندو آيو. ڪيترا ڀيرا ته هو رات جي مانيءَ کان سواءِ به وڃي ستو هوندو؛ رڳو انهيءَ لاءِ ته متان صبح جو قرضي ٿي اُٿان. هن جي دل جي خواهش ۽ ڪوشش اهائي هئي ته محنت ۽ صرفي سان خود مختيار ۽ پنهنجي محتاجيءَ وارو ٿيان ۽ انهيءَ ۾، هو درجي بدرجي فتحياب ٿيو. پورهيئي جي غلطانيءَ ۾ به هن پنهنجي دل جي سڌارڻ لاءِ ڏاڍو ڪشالو پئي ڪيو، ۽ علم هئيت ۽ علم تاريخ ۽ علم الاهيات جا ڪتاب پئي پڙهيائين. پوئين علم تي هن خاص انهيءَ ڪري مٿو ٿي هنيو، جو ٻين ٻن علم کان گهٽ ڪتاب انهيءَ جي تحصيل لاءِ گهربل آهن. هن لکيو آهي ته ”اهو رستو ڪنڊن وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پر انهيءَ هوندي به مون پڪو ارادو ڪيو ته انهيءَ رستي کان هلان، ان موجب اتان هلڻ لڳس.“

موچڪي ڪم ۽ علم الاهيات جي مطالعي ۾ محنت ڪرڻ سان گڏ، ’ڊريو‘ رهڻ واري هنڌ وعظ ڪرڻ ۽ شاگردن کي پڙهائڻ جو ڪم به ڪرڻ لڳو. تنهن کان سواءِ، ملڪي انتظام ۽ تدبير جي ڳالهين ۾ به محاورو رکيائين. سندس دوڪان تي هميشه ڳوٺ جي ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو هوندو هو، جي مُلڪي ڳالهين تي بحث ۽ گفتگو ڪندا هئا. ڪڏهن جي هو پاڻ نه ايندا هئا، ته هي وٽن هلي ويندو هو، ۽ وڃي ساڻن قومي ڪمن ۽ مُلڪي مضمونن تي ذڪر هلائيندو هو. انهيءَ ڪري هن جو ايترو وقت کوٽي ٿيندو هو، جو لاچار ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ رات تائين به ويهي پورهيو ڪرڻو پوندو هوس؛ انهيءَ لاءِ ته جيڪو وقت ڏينهن جو وڃايائين ٿي تنهن جي عيوض رات جو وقت ڪم ۾ آڻي، ملڪي معاملن بابت هن جو شوق ايترو هو، جو ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ان جي چؤ پچؤ پئجي ويئي. هڪڙيءَ رات هن ماٺ ڪيو هڪڙيءَ جتيءَ جي تري کي پئي ڪٽيو، ته هڪڙي ننڍي ڇوڪر، دوڪان ۾ سوجهرو ڏسي، در جي سوراخ وٽ وات رکي، رڙ ڪري چيو ته ”موچي، موچي، ....... رات جو ڪم ڪر، ۽ ڏينهن جو گهٽيون گهم!“ هڪڙو دوست، جنهن سان ”ڊريو“ پوءِ اها ڳالهه ڪئي، تنهن پڇيس ته ”پوءِ تون هن ڇوڪر جي پٺيان ڊوڙي نه پئين ۽ لڪڻ نه هنيئيس؟“ انهيءَ کي جواب ڏنائين ته ”نه، جيڪڏهن منهنجي ڪن وٽ ڪو تپاچو ڇٽي وڃي ها ته انهيءَ مان مون کي اهڙو خوف ۽ ڊپ نه ٿئي ها، جهڙو هن جي انهيءَ ڳالهه کان ٿيو؛ منهنجن هٿن مان ڪم نڪري ويو، ۽ مون پاڻ کي چيو ته سچ پچ، پر وري تون مون بابت اهڙي ڳالهه نه ڪندين! منهنجي لاءِ هن ڇوڪر جي رڙ گويا خدا جو ڪلام ٿي آيو. منهنجي سڄي حياتيءَ ۾ انهيءَ اکر مان مون کي مهل تي نصيحت ملي آهي. انهيءَ مان مون اهو سبق سکيو ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکجي؛ يا، جو وقت ڪم ۾ مشغول رهڻ کپي، اهو اجايو نه وڃائجي.“

انهيءَ وقت کان وٺي، ”ڊريو“ ملڪي معاملن جي پچر کڻي ڇڏي، ۽ پنهنجي ڪم کي لڳو. فرصت جي وقت ۾ پڙهڻ ۽ ڪتاب مطالع ڪرڻ لڳو؛ پر پڙهڻ جي ڪري به هن پنهنجي ڪم ۾ حرڪت پوڻ نه ڏي- جيتوڻيڪ اڪثر انهيءَ ڪري هو بي آرامي ٿيندو هو. هن شادي ڪئي، ۽ ارادو ڪيائين ته لڏي اميريڪا ۾ وڃي ويهي؛ پر تڏهن به پنهنجي ڌنڌي کي لڳو آيو. علم جي شوق مان، پهريندي هن جي دل ۾ شعر چوڻ جو ميل جاڳيو، جيڪو ٿورو گهڻو هن جو شعر هيستائين رهي سگهيو آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته روج جي فاني نه ٿيڻ ۽ جسمي نه هئڻ بابت هن جا خيال هئا، سي انهن شاعراڻن پهن پچائڻ کان شروع ٿيا هئا. هن جي پڙهڻ جي جاءِ بورچيخانو هو، جتي هو پنهنجيءَ زال جي ڌنوڻيءَ يا هوا سان باهه ٻارن جي بيتيءَ تي، ميز وانگي، ويهي ڪم ڪندو هو؛ ۽ ٻارن جي رڙين ۽ ان جي لولين جي وچ ۾ به ويٺو لکندو هو. انهن ڏينهن ۾ ’پين‘ جو لکيل ڪتاب ”سمجهه جي عمر“ تازو ڇپيو هو، ۽ اهو گهڻا ماڻهو پڙهندا هئا. هن انهيءَ جي جواب ۾ هڪڙو ننڍڙو ڪتاب لکيو، جو پڻ ڇاپيو ويو. انهيءَ ۾ هن ’پين‘ جي دليلن کي رد ڏنا هئا. پوئين ڏينهن ۾ ’ڊريو‘ چوندو هو ته اهو ’سمجهه جي عمر‘ وارو ڪتاب هو، جنهن مون کي مصنف بنايو. انهيءَ کان پوءِ ڪيترائي ننڍڙا ڪتاب هن هڪٻئي پٺيان لکيا، ڪن ورهين کان پوءِ، موچڪي ڪم ڪندي، هن اهو عمدو ڪتاب لکيو ۽ ڇاپايو، جنهن جو نالو آهي ’انساني روح جي فاني نه ٿيڻ، ۽ جسمي نه هئڻ بابت بيان‘. اهو ڪتاب هن ويهن پائونڊن تي وڪيو، ۽ انهيءَ وقت اها رقم هن جي نظر ۾ تمام وڏي هئي. اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا وري وري ڇپيو، ۽ اڃا تائين به ان جو ججهو مان آهي.

’ڊريو‘ پنهنجي بهتريءَ فتحيابيءَ جي ڪري ڪنهن به طرح مغرور نه ٿيو، جيئن اڪثر جوان مصنف ٿيندا آهن. ڪتاب نويسيءَ ۾ نالو ڪڍيائين، تنهن کان ڪيترا ورهيه پوءِ به ڏسبو هو ته هو پنهنجي در جي اڳيان گهٽي پيو ٻهاريندو هو، يا پنهنجن شاگرد کي سياري جي موسم لاءِ اڱر کڻي اندر رکڻ ۾ مدد ڪندو پيو هو. ڪيتري وقت تائين ته لکپڙهه کي هو اهڙو ڪم نه سمجهندو هو، جنهن سان ماڻهو پيٽ پاري سگهي. هن جي پهرين ڳڻتي اها هئي ته پنهنجي ڌنڌي مان ايمانداريءَ سان قوت گذارو ڪري، ۽ جيڪو وقت بچي، رڳو اهو لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ لڳائي- جنهن کي هو ’علمي فائدي جي سُورتي يا جوا بازي‘ سڏيندو هو. نيٺ هن پنهنجو سارو وقت علمي ڪمن ۾ لڳايو. خصوصاً ’ويسليئن‘ مذهب واري فرقي جي شامليت سان. هو هنن جي هڪڙي ماهياني رسالي جو مهتمم ٿيو، ۽ هنن جي ڪيترن ئي مذهبي ڪتابن جي ڇاپڻ تي نظرداري ڪندو هو. ’ايڪلڪٽڪ رويوُ‘ نالي ماهياني رسالي ۾ به هو ڪن مضمونن تي لکندو هو، ۽ پنهنجي وطني ملڪ ’ڪارنوال‘ جي به هڪڙي ڪمائتي تاريخ لکيائين. انهيءَ کانسواءِ به ٻيا گهڻائي ڪتاب لکيائين. آخر عمر وارن ڏينهن ۾ هو پنهنجي بابت چوندو هو ته ”آءٌ قوم جي هڪڙي تمام هيٺاهين درجي کان ٿي مٿي چڙهيو آهيان، انهيءَ ڪري مون سڄي عمر اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ايمانداريءَ جي محنت، صرفي ۽ اخلاقي لياقت جي ڳڻتيءَ سان پنهنجي ڪٽنب کي آبروءَ جهڙيءَ حالت ۾ آڻيان. خدا مون تي مهرباني ڪئي، منهنجي محنت ساب پيئي، ۽ منهنجي دل جا مطلب پورا ٿيا.“

’جوزف هيوم‘ جو حال بلڪل ٻيءَ طرح جو هو، پر هو به اهڙوئي اڻورچ ۽ محنتي هو. هو پوري پنيءَ سمجهه ۽ وچوليءَ لياقت جو ماڻهو هو، ليڪن نهايت محنتي، چڱيءَ نيت ۽ سچيءَ ايمانداريءَ وارو هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۽ دنيائي هلت جو مدار اورچائيءَ تي رکيو هو، ۽ انهيءَ تي پوريءَ طرح عمل ڪندو رهيو. هو اڃا صغير- سن هو، ته پڻس مري ويو؛ تنهنڪري هن جي ماءُ ’مانٽروز‘ ۾ هڪڙو ننڍو دوڪان کڻي کوليو، ۽ ويچاري مٿا هڻڻ لڳي ته ٻارن ٻچن کي پالي، ۽ آبروءَ واري حالت ۾ رکيو اچي. هن ’جوزف‘ کي هڪڙي ڊاڪٽر وٽ شاگرد ڪري رکيو، ته ڀلي طبابت جي هنر ۾ تعليم وٺي. جڏهن سندون مليس، تڏهن هڪڙي جهاز جو ڊاڪٽر ٿي ڪيترائي ڀيرا هندستان ۾ آيو.* پوءِ ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ وڃي پاڻ کي داخل ڪرايائين. اتي، هن جهڙي ٻئي ڪنهن به سخت محنت يا پرهيزگاريءَ جي هلت نه ڪئي. سندس بالا عملدارن جو منجهس اهڙو ويساهه هو، ۽ هو کيس پهنجي فرضي ڪمن جو اهڙو لائق سمجهندا هئا، جو هن کي درجي بدرجي وڏن عهدن تي چاڙهيندا ويا. سنه 1803ع ۾ هو، جنرل ’هائوئيل‘ هيٺ، مرهٽن واريءَ جنگ ۾ سندس لشڪر سان هو؛ ۽ ترجمان مري وڃڻ ڪري، ’هيوم‘، جو انهيءَ وچ ۾ ڏيهي ٻوليون سکي هوشيار ٿيو هو، سو هن جي جاءِ تي مقرر ٿيو. انهيءَ عهدي سان گڏ وري هو خزانچيءَ يا مير بخشيءَ ۽ ٽپال ماستر جي عهدن جو ڪم به ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته پوريءَ طرح محنت ڪرڻ لاءِ پنهنجي اصل واري عهدي کان زياده پورهئي جي گهرج هيس- ۽ اهي سڀ ڪم هن چڱيءَ طرح سر انجام پئي ڪيا. ساڳئي وقت ۾ هن ’ڪميسريٽ‘ کاتي کي سامان پهچائڻ جو به مقاطعو کنيو، جنهن مان جهڙو لشڪر کي فائدو پهتو تهڙو کيس. اٽڪل ڏهن ورهين جي سخت محنت کان پوءِ هو، چڱيءَ وسعت وارو ٿي، انگلنڊ ڏي موٽيو؛ ۽ پهريون فرض جو ادا ڪيائين، سو اهو هو ته پنهنجي ڪٽنب جي غريب ڀاتين لاءِ قوت گذران جو بندوبست مقرر ڪيائين.

’جوزف هيوم‘ اهڙو ماڻهو نه هو، جو پنهنجيءَ محنت جو ڦل سُستيءَ ۾ ڀوڳي. محنت ۽ مشغولي، هن جي آرام ۽ خوشيءَ جي لاءِ ضروري شيون ٿي ويون هيون. پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سچي پچيءَ حالت مان پاڻ کي پوريءَ طرح واقف ڪرڻ لاءِ، ساريءَ بادشاهت ۾ جيڪو به شهر اُنهن ڏينهن ۾ ڪارخانن جي ڪري ٿورو يا گهڻو مشهور هو، سو هن گهمي وڃي ڏٺو. پوءِ وري هو، ڌارين ملڪن جي خبرچار وٺڻ لاءِ، پري پري سفر ڪرڻ لڳو. جڏهن انگلڊ ۾ موٽي آيو، تڏهن 1812ع ۾ پارليامينٽ ۾ داخل ٿيو. انهيءَ جماعت ۾ اٽڪل چوٽيهن ورهين تائين برابر شريڪ هو. رڳو وچ ۾ ڪي ٿورا ڏينهن شامل نه رهيو هو. هن جي پهرين مشهور تقرير عام تعليم بابت هئي؛ ۽ جيڪو وڏو ۽ آبروءَ جهڙو عرصو هن قومي ڪمن ۾ گذاريو، تنهن ۾ هميشه هن عام تعليم بابت، توڙي ٻيون سڀ ڳالهيون جن ماڻهن جي حالت جو سڌارو ۽ فائدو ٿيڻ وارو آهي تن بابت، ڏاڍي چالاڪي ۽ سرجوشي ڏيکاري- مثلاً فوجداري ڪمن يا ڏوهن بابت سڌارو، سيونگ بئنڪ يا پيسن امانت رکڻ جون ڪوٺيون، ڇوٽ واپار، ڪفايت ۽ تخفيف، گهڻن شهرن جي طرفان راءِ ٿيڻ جي رٿ، ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون، جن ۾ هن ڏاڍو ڪشالو ڪري ترقي ڪرائي. جنهن به مضمون ۾ هٿ وجهندو هو، تنهن تي حتي المقدور محنت ڪندو هو. چڱي گفتگو سا ڪين ڪندو هو، باقي جيڪي چوندو هو، سو ائين وسهڻ ۾ ايندو هو ته ڪنهن ايمادار سچي، يڪدلي، ۽ پوري ماڻهوءَ جي واتان ٿو نڪري ’شافٽسيري‘ چوي ٿو ته ”جيڪڏهن کل ۽ ٺٺولي سچ جي آزمائش آهي، ته ’جوزف هيوم‘ انهيءَ آزمائش ۾ بلڪل پورو آيو.“ جيترو هن تي ماڻهو کليا، اوترو ٻئي ڪنهن تي نه کليا. انهيءَ هوندي به، هميشه هو پنهنجيءَ جاءِ تي ٽِڪ ٻڌيو بيٺو هوندو هو. اڪثر جڏهن سندس رٿ تي رايا وٺڻ ۾ ايندا هئا، تڏهن هو هارائيندو هو؛ ليڪن هن جي هلندي اهڙي هوندي هئي، جو هو اهڙا گهڻائي ضروري محصولي سڌارا ڪري چڪو، جن ۾ رايا سندس برخلاف هوندا هئا. جيڪو ڪم هو تجويز سان ڪندو هو، سو ايترو گهڻو هوندو هو جو حيرت وٺي ويندي هئي. هو ڇهي بجي اُٿندو هو، ۽ خط پٽ لکندو ۽ پارليامينٽ جي ڪم جا ڪاغذ ٺاهي جوڙي رکندو هو؛ تنهن کان پوءِ، ماني کائي، جيڪي ماڻهو ڪم سان وٽس ايندا هئا، تن سان ملاقاتون ڪندو هو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته هڪڙي ئي ڏينهن ويهارو کن اچي نڪرندا هئا. پارليامينٽ، ڪڏهن اتفاق سان ئي هن کانسواءِ گڏ ٿي. جيتوڻيڪ بحث فجر جي ٽي چئين بجي تائين هلندو هو، تڏهن به هو پنهنجي طرف وارن ۾ اڪثر غير حاضر نه ڏسڻ ۾ آيو. مطلب ته اهڙو ڪم، جو هن ههڙي وڏي عرصي تائين ۽ هيترن اختياريءَ وارن جي سامهون هفتي ۽ سال بسال ڪيو، سو ڪرڻ. راين ۾ گهٽجي پوڻ، جيتجي وڃڻ، ۽ کل ٺٺولي کڻڻ- اهڙيءَ حالت ۾ جو گهڻن وقتن تي اڪيلو بيٺو رهي، ۽ ٻيو ڪوبه هن کي تائيد ڏيڻ وارو ڪوه هجي؛ هر قسم جي دلشڪنيءَ هيٺ اڻورچ ٿي ڪم ڪندو رهڻ- اهڙيءَ طرح جو پنهجي طبيعت قائم ۽ اڻ لوڏيل رکي، نڪي همت هارجي ۽ نڪي اُميد لاهجي، ۽ ايترو وقت جيئرو رهڻ، جو جيڪي وڏيون وڏيون رٿون رٿجن سي خوشيءَ سان تعميل ٿينديون ڏسجن: اهي سڀ ڪم انساني محنت ۽ اورچائيءَ جي سگهه جا اهڙا عمدا مثال سمجهڻ گهرجن، جن جهڙا تاريخن ۾ ڪي ورلي لڀندا.


*  مسٽر ’هيوم‘ جي عادت ٿي ويئي هئي ته انگلنڊ ۽ هندستا جي وچ ۾ جيڪي جهازي سفر ڪيائين، تن ۾ فراغت وقت جهاز رانيءَ ۽ خلاصگيريءَ جي علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو؛ ۽ گهڻن ورهين کان پوءِ اهو هن کي تمام گهڻو ڪمائتو ٿيو. سنه 1825ع ۾، جڏهن هو هڪڙي جهاز ۾ لنڊن کان ’ليٿ‘ ڏي ٿي ويو، تڏهن اڃا جهاز ’ٽيمس‘ نديءَ جو منهن مس ڇڏي هو، ته وڃي اونداهيءَ رات ۾’گڊون سانڊس‘ سان ٽڪريو. ڪپتان جو هوش ئي خطا ٿي ويو، سو ڪوبه پورو حڪم ڏيئي نه سگهيو. جيڪڏهن جهاز وارن مسافرن مان هڪڙو جهاز هلائڻ جو ذمو پاڻ تي نه کڻي ها، ۽ خوف جي وقت ۾ سکان پاڻ جهلي جهاز کي نه هلائي ها، ته جيڪر جهاز بلڪل ڀڄي ناس ٿي وڃي ها؛ پر جهاز بچي پيو- ۽ اهو مسافر مسٽر ’هيوم‘ هو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org