گريٽ برٽن ۾ جيڪي ٻيا ڌنڌا آهن، تن سڀني مان محنتي
۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي همت جا، سندن پاڙي اوڙي وارن
شهرن جي فائدي وٺڻ جا، ۽ سندن سڄيءَ قوم جي زياده
دولتمند ۽ طاقتمند ٿيڻ جا، ساڳيا مٿي جهڙا مثال
ملي سگهن ٿا. اُنهن مان هيٺيان نالا ڏجن ٿا: بيلپر
وارا ’اسٽرٽ‘؛ گلاسگو وارا ’ٽيننٽ‘، ليڊس وارا
’مارشل‘ ۽ ’گاٽ‘؛ ۽ ڏکڻ لئنڪشائر وارا ’پيل‘،
’ائشوَرٿ‘، ’برل‘، ’فيلڊن‘، ’ائشٽن‘، ’هي ووڊ‘ ۽
’اينسوَرٿ‘. انهن مان ڪن جي اولاد ته پوءِ انگلنڊ
جي سياسي يا ملڪي تاريخ ۾ چڱو نالو ڪڍيو، ڏکڻ
لئنڪشائر وارا ’پيل‘ ته خاص طرح انهيءَ جي ڪري
مشهور ٿي گذريا.
’پيل‘ ڪٽنب جو جيڪو وڏو بنياد وجهندڙ هو، سو گذريل
صديءَ جي وچ ڌاري هڪڙو ننڍو زميندار هو، جو بلئڪ
برن جي ويجهو ’هول- هائوس فارم‘ واريءَ زمين جو
قبضيدار هو، پر پوءِ اُتان لڏي ساڳئي شهر ۾ فش لين
واريءَ گهٽيءَ ۾ اچي رهيو. جڏهن ’رابرٽ پيل‘ وڏو
ٿيو، تڏهن پنهنجي ڪٽنب ۾ گهڻائي پٽ- ڌيون وڌندڙ
ڏٺائين؛ پر بلئڪ برن جي آسپاس واري زمين آباديءَ
جي گهڻي لائق نه هئي، تنهنڪري هن کي ڏسڻ ۾ آيو ته
زمين جي آباديءَ تي مٿي هڻڻ ۽ محنت ڪرڻ مان گهڻي
اُميد ڪانهي. انهيءَ هوندي به، انهيءَ هنڌ گهڻن
ڏينهن کان هٿن جي اُڻت جو ڪم هلندڙ هو، ۽ هڪڙي قسم
جو ڪپڙو، جنهن کي ’بلئڪ برن جو خاڪي ڪپڙو‘ چوندا
هئا ۽ جنهن ۾ سٽ جي تاڃي ۽ سڻيءَ جو پيٽو هوندو
هو، سو انهيءَ شهر ۾ توڙي اُن جي آسپاس گهڻو
اُڄندو هو. ڪلن جي ڪارخانن جاري ٿيڻ کان اڳي اهو
دستور هو ته ٻهراڙيءَ جا محنتي سکر ماڻهو، پنهنجن
ٻارن ٻچن سميت، جيڪو ٻنيءَ ٻاري جي ڪم کان بچندو
هون، سو گهر منجهه ڪپڙي اُڻڻ جي ڪم ۾ لڳائيندا
هئا. اُن موجب، ’رابرٽ پيل‘ به اهو ڪپڙي اُڻڻ جو
گهرو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. هو سچو ماڻهو هو، تنهنڪري ڪپڙو
به سچو ۽ عمدو اُڻندو هو. ٻيو وري صرفي وارو ۽
محنتي به هو، تهنڪري هن جو ڌنڌو تمام چڱو هليو.
جرات وارو به هو، تنهنڪري گهڻن کان اڳي اُن، سڻيءَ
۽ ڪپهه صاف ڪرڻ جا جيڪي ويلڻ نوان نڪتا، سي هن وٺي
ڪم آندا.
’رابرٽ پيل‘ جو ڌيان خاص طرح ڪپڙي تي ڇاپي هڻن ڏي
ٿيو. اِهو هنر اُنهن ۾ اهڙو مشهور نه هو. ڪنهن وقت
سوڌو ته هن ڪل جي وسيلي ڇاپي هڻڻ جا آزمودا ڪيا؛
پر اُهي سڀ هن گهر ۾ لڪائي پئي ڪيا، ۽ ڇاپي هڻڻ
کان اڳي ڪپڙي کي اِستريءَ هڻڻ جو ڪم گهر جي زال
مان هڪڙيءَ کان ڪرائيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ ’پيل‘
جهڙن سکرن جي گهرن ۾ دستور هو ته مانيءَ کائڻ جي
لاءِ جست جون ٿالهيون ڪم آڻيندا هئا. اهڙيءَ
هڪڙيءَ ٿالهيءَ تي هن هڪڙيءَ شڪل يا چٽ جو نمونو
ڪڍيو؛ پوءِ دل ۾ آيس ته ڪنهن ٻيءَ شي چنبڙائڻ سان،
پهرين اهو چٽ اُبتو ڇاپي ڪڍجي، ۽ پوءِ وري انهيءَ
کي، رنگ لائي چنبڙائڻ سان، ڪپڙي تي سبتو ڇاپجي.
ٿوري پنڌ تي هڪڙيءَ زال جي ڀُنگي هئي، جنهن وٽ
جنتري ڇاپڻ جي هڪڙي ڪل يا اسڪنجو هو. هيءَ انهيءَ
وٽ ويو، ۽ ٿالهيءَ واريءَ شڪل کي رنگ لائي، انهيءَ
جي مٿان ڪپڙي جو ٽڪر لڳائي، اسڪنجي ۾ کڻي رکيائين.
ڪل ڀيڙڻ کان پوءِ ڪڍي ڏٺائين، ته ڪپڙي تي نقش تمام
چڱو نڪري بيٺو. ويلڻ جي وسيلي ڪپڙي تي ڇاپي هڻڻ جو
بنياد، ائين پيو. پوءِ سگهو ئي ’رابرٽ پيل‘ انهيءَ
رستي کي سڌاريو، ۽ نقش واري ڪپڙي جو جيڪو پهريون
نمونو ڪڍيائين، تنهن تي جاڻ جو پن نڪتل هو، جنهن
کي انگريزيءَ ۾ ’پارسلي‘ چون ٿا، انهيءَ ڪري اڄ
تائين بلئڪ برن جي آسپاس ان کي ’پارسلي پيل‘
سڏيندا آهن. ڪاٺ جي ويلڻ ۾ ٽامي جي ويلڻ اُڪري
وجهڻ سان جو ڪپڙي کي ڇاپي هڻڻ جو رستو آهي، اُهو
پوءِ سندس پٽن مان هڪڙي پوريءَ طرح ڪڍيو، جو چرچ
جي ’پيل‘ واريءَ ڪمپنيءَ جو مک ماڻهو هو. هن
فتحيابيءَ مان ’رابرٽ پيل‘ کي ڏاڍي همت آئي. ستت
ئي هن آباديءَ جو ڪم ڇڏي ڏنو، ۽ بلئڪ برن کان ٻن
ميلن پنڌ تي، هڪڙو ڳوٺ ’ووڪ سائيڊ‘ نالي هو، اُتي
وڃي، خلاصي ڇاپي هڻڻ جي ڌنڌي ۾ مشغول رهيو. اُتي،
پنهنجن همت وارن پُٽن جي مدد سان، هن ورهين جا
ورهيه اِهو واپار هلايو. جڏهن سندن پٽ وڏا ٿيا،
تڏهن انهيءَ ڪارخاني مان ڪيتريون ٻيون شاخون ’پيل‘
جي ڪوٺين يا ڪمپنين جون نڪتيون، جي سڀ پنهنجي
پنهنجي منهن مشغوليءَ جون مک جايون ٿيون، جن مان
هزارين ماڻهو پورهئي ڪرڻ سان پيسو اُپائڻ لڳا.
اصل وارو ’رابرٽ پيل‘، جنهن کي ڪوبه لقب يا خطاب
ڪونه مليل هو، تنهن جي چال ۽ لياقت بابت جيڪو
احوال هاڻ معلوم ڪري سگهجي ٿو، تنهن مان سهي ڪري
ٿو سگهجي ته هو ضرور ڪو عجيب انسان هوندو- تيز
فهم، سياڻو ۽ دورانديش. سندس احوال بابت هاڻي
رڳيون افواهي ڳالهيون پيون ٻڌجن، سچو بيان ڪونه ٿو
ملي سگهي؛ ۽ جيڪي ماڻهو سندس واقف هئا، تن جو
اولاد به مرندو کپندو وڃي سندس پٽ، ’سر رابرٽ‘،
سندس بابت هن طرح حيا سان ڳالهه ڪري ٿو ته ’حقيقت
ڪري بابو اسان جي ڪٽنب جو باني هو؛ ۽ قوميت جي نظر
تي تجارتي دولت کي اهڙو ضروري سمجهندو هو، جو هن
گهڻا ئي ڀيرا اها راءِ ظاهر ڪئي ته ڌنڌي يا واپار
مان جدا جدا آسامين کي جيڪي فائدا پهچن ٿا، سي
قومي فائدن جي مقابلي ۾ تمام ٿورا آهن.“
’سر رابرٽ پيل‘، جنهن کي پهرين ’بارونيٽ‘ يا
’نائيٽ‘ جو خطاب مليو، ۽ جو انهيءَ نالي جو ٻيو
ڪارخانيدار هو، تنهن ۾ پيءُ واريون همت،
جوانمرديءَ ۽ محنت جون سڀ وصفون هيون. پهريندي ته
هن جو درجو رواجي پورهيت کان ڪي ٿوروئي مٿي هو؛ ڇا
لاءِ جو سندس پيءُ برابر آئيندي جي دولتمنديءَ جو
بنياد وڌو هو، ليڪن في الحال ته ٿوريءَ وسعت ۽ گهٽ
موڙيءَ هئڻ ڪري ڏاڍين مشڪلاتن ۾ هو. جڏهن ’رابرٽ‘
ويهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن سوٽي ڪپڙي تي ڇاپي هڻڻ
جو ڌنڌو، جو هيستائين پنهنجي پيءَ کان سکيو
هئائين، تنهن جي ڌار هلائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين.
سندس چاچو ’جيمس هاو رٿ‘ ۽ بلئڪ برن وارو ’وليم
ييٽس‘ به انهيءَ ڪم ۾ ساڻس شامل ٿيا. ٽنهي گڏجي
جيڪا مور جي رقم ڪڍي، سا فقط پنج سو پائونڊ هئي،
جنهن جو وڏو ڀاڱو ’وليم ييٽس‘ ڏنو هو. هن شخص جو
پيءُ بلئڪ برن ۾ ڪن گهرن جو مالڪ هو، ۽ اُتي هن جي
چڱي مشهورائي ۽ آبرو هئي. هن پنهنجي ڌنڌي مان ڳچ
جيترا پيسا گڏ ڪيا هئا، تنهنڪري هن جي مرضي هئي ته
ڪي پيسا ڪپڙي ڇاپڻ جي نئين نڪتل ۽ فائدي واري ڌنڌي
۾ وجهي، پنهنجي پٽ جو واپار چالو ڪريان. جيتوڻيڪ
’رابرٽ پيل‘ ننڍيءَ عمر جو هو، ته به انهيءَ ڌنڌي
لاءِ جيڪو رواجي عقل ۽ هنر گهربل هو، سو هن پنهنجي
ذمي ڪيو؛ ۽ سندس بابت چوڻ ۾ آيو ته ”هو پير مردن
واري مسي، جوانن جي ڪلهي تي رکي ٿو.“ ۽ اها ڳالهه
هئي به برابر سچي. هڪڙي ڦٽل ان جي جانڊهه جي جاءِ،
آسپاس واريءَ زمين سميت، سهانگي خريد ڪيائون، جا
هڪڙي گمنام ڳوٺ بيري نالي جي ويجهو هئي. اتي اهو
ڪارخانو انهيءَ کان پوءِ گهڻن ڏينهن تائين زمين جي
نالي هيٺ پئي هليو. پهريائين انهيءَ هنڌ ڪي ڪاٺين
جون لانڍيون کڻي جوڙايائون، ۽ انهيءَ ڪمپنيءَ، سال
1770ع ۾، سوٽي ڪپڙي ڇاپڻ جو ڪم تمام غريباڻي حال ۾
شروع ڪيو، ۽ ٿورن ورهين کان پوءِ وري ڪپهه ڪتڻ جو
ڪم به اُن سان شامل ڪيائون. اهي ڀائيوار اوائل جي
ڏينهن ۾ ڪهڙي صرفي سان هلندا هئا، سا ڳالهه هيٺئين
مثال مان معلوم ٿيندي. ’وليم ييٽس‘ ٻارن ٻچن وارو
هو، تنهن پنهنجي لاءِ ڌار گهر ڪيو؛ ۽ ’پيل‘ ڇڙهو
هو، تنهن تي احسان ڪرڻ لاءِ هن قبول ڪيو ته هو
ويسي ڏيئي سندس گهر ۾ رهي. پهريائين ’پيل‘ ٽڪڻ ۽
مانيءَ کائڻ لاءِ هفتي ۾ اَٺ شلنگ ڏيندو هو؛ پر
’ييٽس‘ ڏٺو ته اها ويسي تمام ٿوري آهي، تنهنڪري هن
کان هڪڙو شلنگ وڌيڪ گهرڻ لڳو، پر ’پيل‘ نه ڏيڻ جي
ڪئي. تنهن تي ٻنهي جي وچ ۾ ناسازي ٿي پئي. نيٺ
’پيل‘ اڌ شلنگ هفتي ۾ اڳواٽ ڏيڻ قبول ڪيو، جنهن تي
ٻنهي جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو. ’وليم ييٽس‘ جو وڏو ٻار
’ايلن‘ نالي سندس ڌيءَ هئي، ۽ اُنهيءَ سان سگهوئي
هن جوان ’پيل‘ جي دل ٻجهي ويئي. جڏهن ڏينهن جو
ڪارخاني ۾ سخت مزوري ڪري ’پيل‘ گهر ايندو هو، تڏهن
انهيءَ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي پنهنجي گوڏي تي ويهاري
پڇندو هو ته ”نيلي، پياري خوبصورت ڇوڪري، تون
منهنجي زال ٿيندينءَ؟“ جنهن تي ڇوڪري ترت جواب
ڏيندي هيس، جيئن ٻار ڪندا آهن، ته ”هائو“. تڏهن
هيءُ چوندو هو ته ”چڱو، نيلي تڏهن آءٌ تنهنجي لاءِ
ترسندس؛ آءٌ توکان سواءِ ٻيءَ ڪنهن سان شادي نه
ڪندس“ ۽ ’رابرٽ‘ نيٺ هن لاءِ ترسيو. جيئن جيئن اها
ڇوڪري وڏي ٿيندي ويئي ۽ خوبصورتي وڌائيندي ويئي،
تيئن تيئن هن جو ارادو ترسڻ لاءِ پڪو ٿيندو ويو.
آخر ڏهين ورهين کان پوءِ، جڏهن ’ايلن ييٽس‘ سترهن
ورهين جي ٿي، تڏهن ’رابرٽ پيل‘ ساڻس شادي ڪئي.
انهيءَ عرصي ۾ هن پنهنجي ڌنڌي ۾ ڏاڍي محنت ڪئي، ۽
خوب دولت گڏ ڪيائين. انهيءَ طرح، اُها ساڳي ڇوڪري،
جنهن کي سندس پيءُ جو ڀائيوار ۽ ماءُ جو مهمان
گوڏي تي ويهاري ڪڏائيندو هو، سا نيٺ پهرين
’مسزپيل‘ ۽ پوءِ ’ليڊي پيل‘ ٿي. يعني پهرين هڪڙي
عام ماڻهوءَ جي زال هئي، ۽ پوءِ هڪڙي لارڊ يا امير
جي بيگم ٿي پيئي. ’ليڊي پيل‘ تمام شريف ۽ حسين زال
هئي، ۽ دنيا جي ڪهڙي به درجي جو سينگار هئي. هن جو
فهم ۽ ذهن عجيب هوندو هو، ۽ سڀ ڪنهن مشڪلات جي مهل
پنهنجي مڙس جي عالي همت ۽ ايماندار صلاحڪار هوندي
هئي. شاديءَ کانپوءِ، گهڻن ورهين تائين ته هوءَ
سندس پاران ڪارخاني جي لکپڙهه ڪندي هئي؛ ڇا لاءِ
جو مسٽر ’پيل‘ پاڻ اکر خراب لکندو هو- اهڙا، جو
پڙهڻيءَ ۾ نه ايندا هئا. نيٺ هوءَ 1803ع ۾ مري
ويئي- يعني سندس مڙس کي ’بارونيٽ‘ جو خطاب مليو،
تنهن کان فقط ٽي ورهيه پوءِ. چون ٿا ته هوءَ لنڊن
۾ اچي رهي، ۽ اُتي جي خانداني هلت چلت سندن
ٻهراڙيءَ جي وطن جي عادت کان بلڪل مختلف هئي،
تنهنڪري هن جي تندرستيءَ ۾ خلل پئجي ويو، ۽ هوءَ
بيمار ٿي پئي. ڪن ورهين کان پوءِ، ويچارو ٻڍو مسٽر
’ييٽس‘ چوندو هو ته ’جيڪڏهن ’رابرٽ‘ اسان جي
’نيليءَ‘ کي ليڊي يعني بيگم نه ڪري ها، ته شايد
هوءَ اڃا تائين جيئري هجي ها.“
’ييٽس‘ ۽ ’پيل‘ واري ڪمپنيءَ جو ڪارخانو، شروع کان
وٺي پڇاڙيءَ تائي تمام چڱو هليو. ’سر رابرٽ پيل‘
پاڻ گويا انهيءَ جو روح هو، جو منجهس گهڻي همت،
محنت، هنرمندي ۽ ٻيون اول درجي جون سوداگري
لياقتون موجود هيون، جي اڪثر انهيءَ وقت جي ڪپهه
ڪتڻ وارن واپارين ۾ گهٽ لڀنديون هيون. هو ڪو لوهه
جي بدن ۽ دل وارو ماڻهو هوندو هو، ۽ محنت ڪرڻ کا
ٿڪيو ئي ڪين هو. مطلب ته سوٽي ڪپڙي جي ڇاپڻ لاءِ
هو اهڙو هو، جهڙو ’آرڪ رائيٽ‘ ڪپهه ڪتڻ جي لاءِ
هو؛ ۽ فائدو به اهڙو ئي گهڻو پيس. انهيءَ ڪارخاني
جون جڙيل شيون اهڙيون عمديون هيون، جو ماڻهو اڪثر
ٻيون ڇڏي اهي خريد ڪندا هئا. انهيءَ ڪمپنيءَ جي
سپت ۽ سچائيءَ جي هاڪ سڄي لنئڪشائر ۾ پئجي ويئي.
بيري شهر کي ته انهيءَ مان گهڻو فائدو پهتو، پر
اوڙي پاڙي جي شهرن ۾ به، ’ارويل‘ ۽ ’راچ‘ ندين تي،
هنن اتي جهڙا وڏا وڏا ڪارخانا قائم ڪيا. انهيءَ
ڪمپنيءَ جي ڀائيوار جي نالي اها ڳالهه عام مشهور
ٿي ويئي ته هو نه رڳو پنهنجن ڪارخانن ۾ نهايت عمدي
مال جوڙڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر ڪم ڪندڙن ۽ پورهيتن جي
سک ۽ آسائش وڌائڻ لاءِ به هر طرح مٿو ٿا هڻن؛ ڇا
لاءِ جو جڏهن ڪم جي جهڪائيءَ جا ڏينهن هوندا هئا،
تڏهن به هو، تجويز ڪري، پورهيت کي فائدي جهڙو ڪم
ڏيندا هئا.
’سر رابرٽ پيل‘، جيڪي نوان نوان هنر ۽ سڌارا
نڪرندا هئا، تن جي گهڻي قدرداني ڪندو هو، ۽ اُنهن
کي ڪم آڻڻ جي ڪندو هو. مثلاً، ڪپڙي ڇاپڻ ۾ هن هڪڙو
نئون هنر ڪم آندو، جنهن سان هن لئيءَ جي چٽڻ وارا
ڪپڙا ڪڍيا. اهو هن طرح هو ته ڪپڙي جا جيڪي ڀاڱا
صاف ۽ اڇا رهڻا هوندا هئا، تن تي هڪڙي قسم جي لئي
يا پيڄي لائي ڇڏيندا هئا. اها لئي پهرين جنهن
ماڻهوءَ ڳولي ڪڍي هئي، سو لنڊن جي ڪنهن واپاري
ڪوٺيءَ جي طرفان گشت ڪرڻ وارو گماشتو هو، جنهن کان
مسٽر ’پيل‘، تمام گهڻا پيسا ڏيئي، اها خريد ڪئي
هئي. پوءِ ورهيه ٻه انهيءَ تي مٿا هڻي، آزمودا
ڪري، اُن کي ڪم آڻڻ جهڙو ڪيائين. اُنهيءَ جي وسيلي
سان ڪپڙي تي نقش اهڙو سهڻو نڪرندو هو، ۽ ڪنارا
اهڙا صاف ظاهر ٿي بيهندا هئا، جو ساري ملڪ ۾ ڪپڙي
ڇاپڻ جا جيڪي به ڪارخانا هوندا هئا، تن سڀني کان
’بيريءَ‘ جو ڪارخانو هڪدم گوءِ کڻي ويو. ساڳئي
ڪٽنب جي ٻين ماڻهن، اهڙي ساڳئي ڊول جا ٻيا
ڪارخانا، لئنڪشائر ۾ برنلي ۽ آلٿام شهرن منجهه، ۽
فاڪس هل جي ڪناري تي، يارڪشائر ۾ سالي لي منجهه، ۽
تنهن کان پوءِ اسٽئفرڊشائر ۾ ٽرنيٽ نديءَ تي برٽن
شهر منجهه، ڪڍيا. انهن ڪارخانن ڪري نه رڳو مالڪن
کي ججهي دولت حاصل ٿي، پر ڪپهه جي سڀ ڌنڌي وارا
جيڪي به ماڻهو هوندا هئا، تن جي لاءِ چڱو مثال
موجود ٿيو؛ ۽ تنهن کان سواءِ لئنڪشائر ۾ ڪيترائي
ڪارخانن وارا ۽ ڪپڙي ڇاپڻ وارا، اهو ڪم سکي،
هوشيار ۽ قابل ڪاريگر ٿي ويا.
ٻين مشهور ڪارخانن جي بانين منجهان هڪڙو هو ’وليم
لي‘ پادري، جنهن جورابن جوڙڻ جي ڪل ڪڍي؛ ۽ ٻيو هو
’جان هيٿ ڪوٽ‘، جنهن ڄاريءَ يا ڪپڙي جي ڪناريءَ
جوڙڻ جي ڪل ڪڍي. اهي ٻئي ڏاڍا اٽڪلي، هنرمند ۽
محنتي ماڻهو هئا، جن جي محنت ۽ ڪشالي مان اهو
نتيجو نڪتو، جو ناٽنگهام شائر ۽ ٻين پاسي وارن
ضلعن ۾ پورهيتن جي لاءِ تمام گهڻو فائدي وارو
پورهيو نڪري پيو. جوراب جوڙڻ واريءَ ڪل بابت جيڪو
احوال ملي سگهي ٿو، سو چٽائيءَ جهڙو نه آهي، بلڪ
گهڻن ڳالهين ۾ ته مختلف به آهي؛ پر ڪل ڪڍڻ واري جي
نالي بابت ڪوبه شڪ ڪونهي: اهو برابر ’وليم لي‘ هو،
جو سنه 1563ع ڌاري، ناٽنگهام کان ستن ميلن پنڌ تي،
’وو ڊبرو‘ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ڪي چو ٿا ته هو هڪڙي
ننڍي زميندار جو پٽ ۽ وارث هو، پر ڪي چون ٿا ته هو
هڪڙي مڪتب ۾ خيراتي ڇوڪر هو، جو ننڍي هوندي کان
غريبيءَ جو گذران ڪندو هو. هو 1579ع جي مهيني ۾،
ڪيمبرج جي ’ڪرائيسٽ‘ ڪاليج ۾، خيراتي شاگرد ٿي
داخل ٿيو؛ ۽ پوءِ اُتان اٿي ’سينٽ جان‘ واري ڪاليج
۾ وڃي ويٺو، جتي 1583ع ۾ بي. اي جي سند حاصل
ڪيائين. چون ٿا ته 1586ع ۾ ايم. اي جي تياري ڪرڻ
لڳو، پر اِنهيءَ ڳالهه بابت ڪاليج جي دفتر ۾ صفائي
ڪانهي. هيءُ جو اڪثر چوڻ ۾ ايندو آهي ته هن ڪاليج
جي قانونن جي برخلاف شادي ڪئي، تنهنڪري هن کي
ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيائون؛ سو برابر نٿو ڀانئجي،
ڇالاءِ جو هو ڪڏهن به ڪاليجن جي انتظام ۾ مقرر ڪيل
شريڪ نه هو، تنهنڪري اهڙي ڪم ڪري هن کي ڪو نقصان
نه پهچي سگهيو ٿي.
جڏهن ’لي‘ جوراب جي ڪل ڪڍي، تڏهن هو ناٽنگهام جي
ويجهو ڪالو هرٽن ۾ ننڍي پادريءَ جي عهدي تي هو؛ ۽
ڪي ته لکن ٿا ته انهيءَ ڪل جي لاءِ هن جو هڪڙي
عشقي معاملي ۾ نااُميد ٿيڻ جو سبب بنجي آيو. چون
ٿا ته انهيءَ ڳوٺ جي هڪڙيءَ جوان زال سان هن
پادريءَ جي دل اٽڪي وئي، پر هُن کي هن جو خيال به
ڪونه هو؛ ۽ جڏهن هيءُ هن جي ملاقات لاءِ ويندو هو،
تڏهن هوءَ هن جي محبت جي قصن ٻڌڻ جي بدران، پنهنجو
ڌيان جورابن جوڙڻ ۽ شاگردن کي انهيءَ هنر سيکارڻ ۾
لڳائيندي هئي. سندس محبوب جي اهڙيءَ بيپرواهيءَ
ڪري، هن جي دل ۾ هٿ سان جورابن جوڙڻ يا اُڻڻ لاءِ
ايتري نفرت پيدا ٿي، جو هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته ڪا
اهڙي ڪل ڪڍان، جنهن جي ڪري اِهو ڪم نڪري وڃي، ۽ ان
جي ڪرڻ مان ڪوبه فائدو نه ٿئي. فتحيابيءَ جي پڪ
ٿيس، تڏهن هو پادريءَ جي جڳهه ڇڏي، ڪل سان جورابن
جوڙڻ جي ڪم ۾ لڳو. اهو بيان ’هينسن‘ جو ڏنل آهي؛ ۽
ان وري هڪڙي ڪراڙي جورابن جوڙڻ واري کان ٻڌو هو،
جو راڻيءَ ’آئن‘ جي راڄ ۾ شهر جي هڪڙي ڪاريگر وٽ
اچي شاگرد ٿيو، ۽ ٻيانوي ورهين جي ڄمار ۾ ناٽنگهام
شهر ۾ ڪالن واريءَ اسپتال منجهه مري ويو. اهڙو
ساڳيو بيان ’ڊيئرنگ‘ ۽ ’بلئڪنر‘ به ڏنو آهي، جي
چون ٿا ته انهيءَ هنڌ جي آسپاس وارا ماڻهو به اهڙي
ڳالهه ڪندا آهن. انهيءَ ڳالهه جي سچائي ڪي قدر هن
مان به معلوم ٿئي ٿي ته لنڊن جي جورابن جوڙڻ
واريءَ ڪمپنيءَ جو جيڪو نشان يادگيريءَ لاءِ رکيل
آهي، تنهن ۾ وچ تي هڪڙو جورابن جوڙڻ جو چؤنڪ يا
ڪارچوب ڪاٺ جي ڀاڱي کان سواءِ ڏيکاريل آهي؛ ۽
اُنهيءَ جي هڪڙي پاسي هڪڙي پادريءَ جي شڪل آهي، ۽
ٻئي پاسي هڪڙيءَ زال جي، جي ٻئي انهيءَ ڪارچوب کي
جهليو بيٺا آهن.*
جورابن جوڙڻ جي ڪل جي اصل حقيقت ڪهڙيءَ به طرح
هجي، ته به انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته اُن جي رٿي ڪڍڻ
واري عجب جهڙيءَ سمجهه ۽ هنرمندي ڏيکاري آهي. جڏهن
خيال ڪجي ٿو ته هڪڙو پرانهين ڳوٺ ۾ رهندڙ پادري،
جنهن گهڻو ڪري پنهنجي ساري عمر ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاري،
تنهن ههڙيءَ نازڪ ۽ مونجهاري جهڙي ڪل ويچار ڪري
ڪڍي، ۽ زال ماڻهوءَ جي آڱرين ۾ ٽن شيخن جي مدد سان
ڌاڳي جا زنجيريءَ جهڙا ڪڙا ٺاهي اُنهن کي هڪ ٻئي
سان ڳتڻ جو تڪليف وارو رستو، جو اڳي رواج ۾ هو،
تنهن جي بدران، ڪارچوپ تي جوراب اُڻڻ جو سهڻو ۽
تڪڙو رستو ڪڍيو، تڏهن اهو هڪڙو اهڙو حيرت جهڙو
سڌارو نظر ٿو اچي، جنهن جهڙو ڪلن وارن هنر جي
تاريخن ۾ ڪو مشڪل نظر ايندو. اُنهن ڏينهن ۾ هٿ جا
هنر اڃا ڪچا هئا، ۽ ڪارخانن جي ڪم لاءِ ڪلن جهڙيءَ
تجويز تي ڪو ڌيان ڏيڻ ۾ نه ايندو هو، تنهنڪري ته
’لي‘ جي عقلمندي زياده تعريف جوڳي ڏس ۾ اچي ٿي.
جيئن جيئن هن کي ڪم هلائيندي ڪا مشڪلات درپيش پئي
آئي، تيئن تيئن هن سواءِ گهڻي خيال ۽ ويچار جي وقت
ٽپائڻ لاءِ جدا جدا اٽڪلون ويڙهائي، تجويزون ڪري،
پنهنجي ڪل جا ڌار ڌار ڀاڱا پئي سڌاريا. هن جا
اوزار به تمام چڱا نه هئا، نڪي جورابن جوڙڻ جو
سامان چڱو هوس، نڪو وري ڪو هنرمند ماڻهو ڪم ۾ مدد
ڪرڻ وارو هوس. چون ٿا ته انهيءَ ڪل جو پهريون
ڪارچوب جيڪو جوڙيو هئائين، سو ٻارهن انچن ماپ وارو
هو؛ منجهس هيٺ ڇڪڻ لاءِ شيهي جا وزن ڪين هئا، ۽
سڄو ئي ڪاٺ جو هو؛ سيُون به ڪاٺيءَ جي ٽڪرن ۾
لڳنديون هيون. اِنهن سُين ۾ سوراخ نه هئا، تنهن
ڪري ٽاڪي هڻڻ يا ور اٽڪائڻ ۾ مشڪلات ٿي ٿيس، پر
نيٺ انهيءَ جو علاج ڪيائين، جو هڪڙيءَ ننڍڙيءَ
رواتيءَ سان شين ۾ سوراخ ڪڍيائين.*
انهيءَ طرح، هڪٻئي پٺيان مشڪلاتو
حل ٿينديون ويون، ۽ ٽن ورهين جي محنت کان پوءِ،
جڏهن اِها ڪل ڪم ڪرڻ جي لائق ٿي، تڏهن اهو هنرمند
پادري، ڏاڍي شوق مان، ڪالوهرٽن جي ڳوٺ ۾ جوراب
جوڙڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ ڪيترائي ورهيه اُتي اهو ڪم
پئي ڪيائين. پنهنجي ڀاءُ ’جيمس‘، توڙي پنهنجن ڪن
ٻين عزيزن کي به اهو هنر سيکاريائين.
جڏهن هن پنهنجيءَ ڪل کي سڌاري چڱو ڪيو، ۽ ارادو
ٿيس ته راڻي ايلز ابيٿ، جنهن کي پَٽ جا اُڻيل
جوراب تمام گهڻو وڻندا هئا، تنهن جي مهرباني ۽ مدد
هٿ ڪريان، تڏهن ’لي‘، راڻي صاحبه کي پنهنجي ڪل
ڏيکارڻ لاءِ لنڊن ڏي هليو. پهريائين ته اُها شاهي
درٻار جي ڪيترن اميرن کي ڏيکاريائين انهن ۾ ’سر
وليم هڊسن‘ به هو (جو پوءِ ”لارڊ هڊسن“ ٿيو). اهو
ته پاڻ به اهو ڪم کانئس سکي قابل ٿيو. آخر اُنهن
اميرن جي سفارش سان ’لي‘ راڻيءَ جي ملاقات جو شرف
حاصل ڪيو، ۽ سندس روبرو پنهنجي ڪل هلايائين؛ پر
جنهن مدد ۽ مهربانيءَ جي اُميد هيس، سا راڻي
ايلزابيٿ نه ڏنيس ۽ ڏيکاريس. چون ٿا ته اُٽلو ان
کي انهيءَ ڪل تي اهو اعتراض آيو، ته ڪيترن ئي غريب
ماڻهن کان هٿ جي پورهئي ڪرڻ ۽ جورابن اُڻڻ جو ڪم
کسجي ويندو. ’لي‘ کي ٻيو ڪوبه مربي يا مدد ڪرڻ
وارو ڪونه لڌو. جڏهن ڏٺائين ته سڀڪو مون کي ۽
منهنجيءَ ڪل کي ڌڪاري ٿو، تڏهن لاچار ٿي، هن فرانس
جي بادشاهه ’هينري‘ چوٿين جي سياڻي وزير ’سلي‘ جي
آڇ قبول ڪئي، جنهن صلاح ڏنيس ته روئين شهر، جو
اُنهن ڏينهن ۾ فرانس جي ڪارخانن وارن مشهور شهرن
مان هڪڙو هو، تنهن ۾ هلي رهه، ۽ اُتي جي پورهيت کي
جورابن جي ڪارچوبن جوڙڻ ۽ هلائڻ جو ڪم سيکار. اُن
موجب، 1605ع ۾، ’لي‘ لڏي فرانس ڏي ويو، ۽ پنهنجون
ڪلون به کڻائي ويو. روئين ۾ هن جي چڱي آڌر ڀاءُ
ڪيائون، ۽ جورابن جوڙڻ جو ڪارخانو چڱيءَ طرح چالو
ٿيو- سڄيون نَو ڪلون زور سان هلڻ لڳيون. پر، اوچتو
ڪمبختيءَ اچي هن کي وڪوڙيو. هو جو لڏي اچي فرانس ۾
ويٺو هو، سو ’هينري‘ چوٿين جي ڏڍ تي، جنهن هن کي
خاص حقن ۽ فائد ڏيڻ جو انجام ڪيو هو، ۽ جنهن کان
چڱي انعام ۽ آبروءَ ملڻ جي اُميد هيس. تنهن
بادشاهه کي هڪڙي مذهبي متعصب ماڻهوءَ، ’رواهيلڪ‘
نالي، ماري وڌو، انهيءَ ڪري هن کي هيستائين جيڪا
مدد ۽ پناهه ملندي هئي، سا هڪدم بند ٿي ويئي.
پنهجن حقن ثابت ڪرڻ ۽ ڇڪي وٺڻ لاءِ، ’لي‘ پارس ٿي
ويو، پر هڪڙو ته هو پرديسي ماڻهو هو، ٻيو
’پراٽيسٽنٽ‘ مذهب جو هو، تنهنڪري بادشاهي درٻار ۾
هن جي عرض تي گهڻو خيال ڪونه ڏنائون. نيٺ، ڪڪ ٿي،
تڪليفون ڏسي؛ سگهوئي اهو مشهور ڪل وارو ماڻهو،
نهايت مفلسيءَ ۽ غريبيءَ جي حالت ۾، پارس ۾ مري
ويو.
’لي‘ جو ڀاءُ ۽ سندس مزور، ڏاڍيءَ تجويز سان
پنهنجو ٻيون سڀ ڪلون کڻي، فرانس مان ڀڄي نڪتا-
رڳيون ٻه ڪلون اُتي رهجي وين جڏهن ’جيمس لي‘
ناٽنگهام شائر ۾ موٽي آيو، تڏهن ٿاروٽن جو هڪڙو
جانڊاهي، ’آشٽن‘ نالي، جنهن کي وڏي ’لي‘ انگلنڊ
ڇڏڻ کان اڳي ڪل سان جوراب جوڙڻ جو ڪم سيکاريو هو،
سو اچي هن سان گڏيو. انهن ٻنهي ڄڻن، پنهنجن مزورن
۽ ڪلن سوڌو، ٿاروٽن ۾ اچي ڪارخانو کوليو، ۽ جورابن
جوڙڻ جو ڪم جام هلڻ لڳو. اهو ڪارخانو ڏاڍيءَ چڱيءَ
جاءِ تي هو، ڇالاءِ جو شرووڊ جي پاسي واري ضلعي ۾
جي رڍون چرنديون هيون، تن مان هڪڙي اهڙي قسم جي
اُن نڪرندي هئي. جا تمام ڊگهن جورابن جي لاءِ
ڪمائتي ٿيندي هئي. ’آشٽن‘ ڪل ۾ هيءُ به سڌارو ڪيو،
جو منجهس شيهي جا وزن ڇڪڻ لاءِ وڌائين. درجي
بدرجي، انگلنڊ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڪارچوب جو تعداد
وڌندو ويو- نيٺ ڪل سان جورابن جوڙڻ جا ڪارخانا
اهڙا عام ٿيا، جو اهو ڌنڌو ملڪ جي مکيه ڌنڌن مان
شمار ٿي ويو.
جورابن جي ڪل ۾ هڪڙو وڏو سڌارو اهو ٿيو، جو انهيءَ
جي وسيلي ’ليس‘ يعني ڄاريدار ڪناريءَ جا وڏا وڏا
ڪارخانا هلڻ لڳا. 1777ع ۾ ٻن پورهيتن، ’فراسٽ‘ ۽
’هومس‘ نالي، جورابن واريءَ ڪل ۾ ٿوري ڦير گهير
ڪري، نوڪدار ڄاري يا ڄاريدار ڪناري اُڻڻ لڳا. اٽڪل
ٽيهن ورهين جي عرصي ۾ اهو ڪم ايترو وڌي ويو، جو
ڏيڍ هزار نوڪدار ڄاريءَ جون ڪلون هلڻ لڳيون، ۽
پندرهن هزار ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهيا. پر،
جنگ لڳڻ ۽ رواج مٽجڻ ۽ ڪن ٻين سببن ڪري، ناٽنگهام
وارو ڄاريءَ جو ڪارخانو جهڪو ٿي ويو؛ پوءِ به ٿورو
ٿورو پئي هليو، جيسين ڪ ’جان هيٿ ڪوٽ‘، جو پوءِ
’ٽو هرٽن‘ جي پاران پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو، تنهن
نڙي دار ڄاريءَ جي ڪل ڪڍي. انهيءَ ڪري هڪدم ڄاريءَ
جو ڪارخانو وري نئين سر، پڪي بنياد تي قائم ٿي،
هلڻ لڳو.
’جان هيٿ ڪوٽ‘، ڊربي شائر ضلعي جي ڊفيلڊ شهر جي
هڪڙي ننڍي آبروءَ واري آبادگار جو سڀ کان ننڍو پُٽ
هو. هو 1783ع ۾ انهيءَ شهر ۾ ڄائو هو. جڏهن مڪتب ۾
پڙهندو هو، تڏهن چالاڪ هوندو هو، ۽ تڪڙو تڪڙو ترقي
ڪرڻ لڳو؛ پر سگهوئي هن کي مڪتب مان ڪڍي، لفبرو جي
ويجهو هڪڙي ڪارچوب جوڙڻ واري وٽ شاگرد ڪري
رکيائون. سگهوئي هيءُ ڇوڪر چالاڪيءَ سان اوزار ڪم
آڻڻ لڳو، ۽ ڪارچوبن جي جدا جدا ڀاڱن توڙي تاڃيءَ
واريءَ ڪل جي مشڪل پرزن جي پوري خبر پئجي ويس.
جڏهن فرصت ٿيندي هيس، تڏهن پيو خيال پچائيندو هو
ته ڪيئن انهيءَ ڪل جي ڀاڱن ۾ سڌارو ڪريان. سندس
دوست ’هيٽر بازلي‘، پارليامينٽ جو ميمبر چوي ٿو ته
اڃا هو سورهن جو هو، ته هن اهو ارادو ڪيو ته جهڙي
ڄاريدار ڪناري بڪنگهام يا فرانس ۾ هٿن سان جڙندي
هئي، اهڙي جوڙڻ جي لاءِ ڪا ڪل ڪڍان. پهرين پهرين
جو هن انهيءَ باب ۾ سڌارو ڪيو، سو ڪارچوب جي
تاڃيءَ واري چؤنڪ ۾، ۽ هڪڙي اٽڪل جهڙي اوزار سان
ڄاريدار دستانا اُڻيائين، انهيءَ مان هن کي زياده
همت ٿي، ۽ ڪل سان ڄاريدار ڪناريءَ جوڙڻ تي وڌيڪ
خيال ڪرڻ لڳو. جورابن واريءَ ڪل سان ته، ٿوري ڦير
گهير ۽ سڌاري سان، نوڪدار ڄاريءَ واري ڪناري اڳي
ئي جڙندي هئي، جنهن ۾ جورابن وانگي گهنڊي ڏيئي
ڄاريءَ جو سوراخ ٺاهيندا هئا؛ پر اُها گهُنڊي پڪي
ٿي نه بيهندي هئي، ۽ وري جلد بگڙي ويندي هئي،
تنهنڪري اها ڪناري گهڻي پسنديءَ جهڙي نه هوندي
هئي. ڪيترن ئي ورهين کان ناٽنگهام جا هنرمند
ڪاريگر پيا مٿا هڻندا هئا ته اهڙي ڪل ڪڍون، جنهن
سان ڄاري جڙندي، ڌاڳي جون گهنڊيون هڪٻئي تي وٽجي
چڙهي بيهن. انهن ماڻهن مان گهڻا ته ڪنگال ٿي مري
ويا، ۽ ڪي چريا ٿي پيا، پر ڪنهن کي به مطلب حاصل
نه ٿيو. انهيءَ ڪري، پراڻي تاڃيءَ واري ڪل هلي پئي
آئي.
جڏهن ’هيٿ ڪوٽ‘ ايڪيهن ورهين کان مٿڀرو ٿيو، تڏهن
هو ناٽنگهام ڏي ويو. اُتي جوراب جي ڪلن ۽ ڪارچوبن
بيهارڻ جو ڪم هن کي ججهو مليو، ۽ پيدائش به چڱي
ٿيڻ لڳيس. ماڻهو سندس هنرمنديءَ، سمجهه،
ايمانداريءَ ۽ چڱي چال جي تعريف ڪرڻ لڳا. ساڳيءَ
وقت جا ڳالهه سندس مغز ۾ ويٺل هئي، تنهن تي به
خيال پيو پچائيندو هو، ۽ وٽيل تاڃي- پيٽي سان
ڄاريءَ جوڙڻ جي ڪل ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.
پهريائين هو بڪنگهام واري تڪين يا وهاڻن جي ڄاري
هٿ سان جوڙڻ سکيو، انهيءَ لاءِ ته هٿن جي حرڪت ڪل
مان ڪڍي. انهيءَ ڪم ۾ هن کي تمام سخت محنت ڪرڻي
پيئي، ۽ تمام گهڻي اٽڪل ۽ چالاڪي هلائڻي پيئي.
سندس اُستاد ’اِيلٽ‘ چوي ٿو ته اُنهيءَ وقت هو
ڏاڍو خيالي، اٽڪلي، صبر ۽ تحمل وارو هوندو هو؛ ۽
پاڻ تي ڪهڙو به نقصان سهي ويندو هو، ۽ ڪنهن به چوڪ
يا نااُميديءَ کان نه ڊڄندو هو، ۽ هميشه نيون نيون
رٿون ۽ تجويزون ڪڍندو هو، ۽ ڪلن جي واقفيت اهڙي
هوندي هيس، جو پڪ هيس ته ضرور آءٌ پنهنجيءَ ڪوشش ۾
فتحياب ٿيندس.
*
ٻيا وري ٻيءَ طرح جا بيان ڏيندا آهن: هڪڙو
هيءُ آهي ته ’لي‘ ڪنهن ٻهراڙيءَ جي جوان زال
تي عاشق هو، تنهن جي هٿن سان جورابن اُڻڻ جي
محنت ۽ تڪليف گهٽائڻ لاءِ، هن اها ڪل ڪڍي؛ ٻيو
هيءُ آهي ته هو پرڻيل هو، غريب ماڻهو هو ۽
سندس زال لاچار ٿي جوراب جوڙي گذران ڪرڻ ۾ مدد
ڪندي هئي: ’لي‘ پنهنجي زال جون آڱريون چرنديون
ڏسي، انهن جي ڊول تي اها ڪل ڪڍي.
اهو پويون بيان شايد ’ايئر اَن
هل‘ 1715ع ۾، پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو هو، پر انهيءَ
تي ڪوبه اعتبار ڪونهي. هو چوي ٿو ته ’لي‘
آڪسفورڊ جي مدرسي ۾ هو، پر ڪنهن ڪميڻي ماڻهوءَ
جي ڌيءَ سان شاديءَ ڪرڻ ڪري هن کي ڪڍي
ڇڏيائون. پر ’لي‘ نڪو آڪسفورڊ ۾ پڙهيو، نڪي
اتي پرڻيو؛ نڪي انهيءَ ڪل ڪڍڻ ڪري هن کي ڪو سک
نصيب ٿيو (جئن هو لکي ٿو)؛ اُٽلندو وڌيڪ ڏکيو
ٿيو، ۽ پرديس ۾ عذاب کائي مئو.
*
’بلئڪنر’، پنهنجي ڪتاب ’ناٽنگهام جي تاريخ‘ ۾
لکي ٿو ته ”اسان کي پشت بپشت خبر ملي آهي ته
سترهين صديءَ ۾ مس هڪڙو ماڻهو انهيءَ ڪل کي
هلائي ڪم ڪري ٿي سگهيو، يا وري ڪل هلائيندڙ
ٻيو هڪڙو مزور رکندو هو، جو ڪارچوب جي پٺيان
زور ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو هو؛ پر جڏهن اُن ۾ پيرن
سان هلائڻ جي تجويز رکي ويئي، تڏهن ٻئي مزور
جي ضرورت لهي ويئي.“
|