باب پنجون
واهرون ۽ وجهه- علمي شغل
”نڪي اگهاڙو هٿ، نڪي سمجهه- پنهنجي منهن ڇڏي ڏبا،
ته گهڻو ڪم ڪندا: جيڪو ڪم ٿئي ٿو، سو اوزارن ۽ ٻين
واهرن سان، جن جي گهرج جهڙي هٿ کي آهي، تهڙي سمجهه
کي.“- بيڪن
”وجهه کي پيشانيءَ تي وار آهن، پر پٺيان گنجو آهي:
جيڪڏهين تون ان کي اڳ واريءَ چڳ کان وٺي جهليندين،
ته بيهاري سگهندينس؛ پر جي ڇڏي ڏنئه، ته خود ’جيو
پيٽر‘ ديوتا به وري پڪڙي نه سگهندس!“ (’لئٽن‘
تان).
هن دنيا ۾ ڪنهن به وڏي ڪم جي ڪرڻ ۾ ”اتفاق ٿورو ئي
ڪم اچي ٿو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن همت ۽ بهادريءَ سان
ماڻهو، خوش نصيبيءَ ۽ اتفاق ڪري، ڪو عجيب ڪم ڪريو
ويهي، تڏه به سلامتيءَ سان هلڻ جو شاهي رستو رڳو
عادتي محنت ۽ ڪشالي جو آهي. ”ولسن“، جو طبيعي ڏيکن
جو نقاش هو، تنهن جي بابت چون ٿا ته جڏهن هو ڪا
تصوير آرام سان برابر طرح ڪڍي پوري ڪرڻ کي ويجهو
ايندو هو، تڏهن انهيءَ کان ڪي قدم پٺتي هٽي،
هڪڙيءَ ڊگهيءَ ڪاٺيءَ جي ڇيڙيءَ ۾ پينسل اٽڪائي،
انهيءَ ڏي ڌيان سان نهاري نهاري، اوچتو وک ڀري ان
وٽ ويندو هو، ۽ ٿورا گهڻا ضروري ليڪا ڪڍي، ان کي
پوريءَ طرح سڌاري ٺاهي ڇڏيندو هو. پر، سڀ ڪنهن نقش
ڪڍڻ واري کي ڪو مناسب آهي ته هو، تصوير ڪڍڻ جي
اميد سان، پنهنجو برش يا مُوقلم نقاشي ڪپڙي تي
اڇلائي هڻي! امڪان اهو آهي، ته جنهن ڪاريگر اڳي ئي
پاڻ کي خبرداريءَ سان اهڙي تعليم نه ڏني آهي، سو
ڊوڙ سان اهڙي سڌاري جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مورڳو نقش کاري
رکندو، يا دٻُو ڪري وجهندو.
سچي ۽ ايماندار ڪم ڪرڻ واري جي نشاني آهي- پورو
ڌيان، ۽ سخت محنت، سڀ کان اعلى درجي جا ماڻهو اهي
نه آهن، جي ننڍن ۽ خسيس ڪمن واري ڏينهن کي ڌڪارين
ٿا، پر اهي آهن، جي انهن ڪمن کي گهڻيءَ خبرداري
سان سڌارين ٿا. هڪڙي ڏينهن مائيڪل ائنجيلو، جو
مشهور بت تراش هو، تنهن پنهنجيءَ ڪم واري جاءِ ۾
هڪڙي ملاقاتيءَ کي ويٺي سمجهايو ته اڳينءَ ملاقات
کان پوءِ هن هڪڙيءَ مورت تي ڪهڙو ڪهڙو ڪم پئي ڪيو.
چيائين ته هن هنڌ کي وري سوريو اٿم، هن سنڌ کي لسو
ڪيو اٿم، چهري جي هن ڀاڱي کي نرم ڪيو اٿم، هونءَ
نس مٿيري ڪئي اٿم، هن چپ کي ڪجهه اشارو ڏنو اٿم، ۽
هن عضوي ۾ زياده قوت رکي اٿم. وغيره.“ ملاقاتيءَ
چيو ته اهي ته خسيس ۽ ڪين جهڙيون ڳالهيون آهن! بت
تراش جواب ڏنو ته ”ائين برابر هوندو، پر ياد رکڻ
گهرجي ته انهن خسيس ڳالهين مان ”ڪماليت“ حاصل ٿئي
ٿي، ۽ ڪماليت ڪا خسيس شيءِ ناهي! انهيءَ طرح
”نائڪولس پوسن“ نقاش جي به ڳالهه ڪن ٿا ته هن جي
هلت جو قانون اهو هوندو هو ته جيڪو به ڪم ڪرڻ جو
لائق آهي، سو چڱي طرح ڪرڻ جو لائق آهي. حياتيءَ جي
پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن سندس دوست ”لوگنيول ڊي
مارول“ کانئس پڇيو ته ڪهڙي رستي اٽليءَ جي نقاشن ۾
تو هيترو نالو ڪڍيو، تڏهن پوسن“ تاڪيد سان جواب
ڏنو ته مون ڪا به شيءِ غفلت کان وساري نه ڇڏي!
جيتوڻيڪ ڪي نيون شيون ڳولي ڪڍيل آهن، جي ”اتفاق
سان ظاهر ٿيل“ چوڻ ۾ اچن ٿيون، پر جي خبرداريءَ
سان جاچ ڪري ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته حقيقت ڪري
انهن بابت ڪا بس اتفاقي ڳالهه ڪانهي. گهڻو ڪري اهي
موقعا جن کي ”اتفاق“ سڏين ٿا، سي رڳو وجهه آهن، جن
مان ذاتي عقل ۽ سمجهه وارا ماڻهو تجويز سان فائدو
وٺن ٿا، ”نيوٽن“ جي پيرن تي جو صوف ڪريو پيو هو،
تنهن جو مثال اڪثر انهيءَ لاءِ ڏيڻ ۾ ايندو آهي ته
”اتفاق“ سان ڪن مخفي نين ”ڳالهين ظاهر ٿيڻ“ جي اها
هڪڙي ثابتي آهي. ”نيوٽن“ جو سارو خيال، ورهين جا
ورهيه، زمين جي باطني ڪششن جي تحقيقات ڪرڻ ۾ لڳل
هو، جنهن ۾ هن ڏاڍي تڪليف ۽ اورچائي ڏيکاري، سندس
اکين جي اڳيان صوف جي ڪرڻ مان هن اوچتو اها معنى
پروڙي، جا ذاتي عقل ۽ سمجهه وارو ماڻهو پروڙي
سگهي، ۽ انهيءَ مان جا نئين حڪمت جي ڳالهه، درجي
بدرجي، سندس سمجهه ۾ ايندي ٿي ويئي، سان انهيءَ
اتفاق سان اوچتو کلي پيئي. ساڳيءَ طرح، عام تماڪ
ڇڪڻ واري نليءَ ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان سهڻي رنگ جا صابڻ جا
ڦوٽا نڪتا، سي جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن جي نظر ۾ هوا
جهڙيون هلڪيون ۽ خسيس شيون آهن، تڏهن به انهن مان
ڊاڪٽر ”ينگ“ کي ترورن جو هڪ ٻئي سان گڏجي وڃڻ جو
عجيب خيال دل ۾ ويهي ويو، ۽ آخر انهن مان هن
روشنائيءَ جي پکڙجڻ جو مخفي راز ڳولي ڪڍيو،
جيتوڻيڪ عام ماڻهو سمجهندا آهن ته وڏي خيال وارا
شخص رڳو وڏين شين سان واهپو رکن ٿا، تڏهن به
”نيوٽن“ ۽ ”ينگ“ جهڙا ماڻهو تمام رواجي عام ڳالهين
مان به ڪا حڪمت جي عجيب ڳالهه ڳولي ڪڍڻ لاءِ تيار
هوندا آهن: هنن جي وڏائي خاص انهيءَ ۾ هئي ته
اهڙين ڳالهين جي حڪمت واري سمجهاڻي ڏين.
ماڻهن جي وچ ۾ جو تفاوت ٿئي ٿو، سو گهڻو ڪري سندن
ڌيان ڏيڻ ۽ جاچ ڪرڻ جي قابليت ۽ هوشياريءَ ۾. رشيا
جي ملڪ ۾ ڌيان نه ڏيڻ واري ماڻهوءَ بابت هڪڙو
پهاڪو آهي ته ”هو ٻيلي مان لنگھي وڃي ٿو،۽ ڪا به
ٻارڻ جي ڪاٺي ڪا نه ٿو ڏسي“. حضرت سليمان جو قول
آهي ته ”ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن،
پر بيعقل ماڻهو اونداهيءَ ۾ پيو هلي“. هڪڙو خوراڪي
ماڻهو تازو اٽلي گهمي موٽيو هو، تنهن کي ”جانسن“
هڪڙي ڀيري هيئن چيو ته ”سائين، ڪي ماڻهو
”هئمپسٽيڊ“ جي منزل تي ايترو سکندا، جو ٻيا يورپ
جي سير ۾ به نه سکندا“. جهڙيءَ طرح اک ٿي ڏسي،
تهڙيءَ طرح دل به ٿي ڏسي: جتي بي خيال نهارڻ وارا
ڪي به ڪين ٿا ڏسن. اتي باطني نظر ۽ سمجهه وارا
ماڻهو جيڪي قدرتي ڏيک يا سڀائي رنگ ڏسن ٿا، تن جي
وجود ۾ گهڙيو وڃن؛ انهن جي وچ ۾ جيڪو تفاوت آهي،
سو ڌيان سان معلوم ڪن ٿا، انهن جو پاڻ ۾ مقابلو ڪن
ٿا، ۽ انهن جي جيڪا باطني معنى آهي، سا قبول ڪن
ٿا. ”گلئلو“ کان اڳي، گهڻن ئي ماڻهن، اکين جي آڏو
لڙڪايل وزندار شي، پورن وقتن تي لڏندي يا هيڏي
هوڏي ايندي ويندي ڏٺي هئي، پر هو پهريون ئي شخص
هو، جنهن انهيءَ ڳالهه جي حقيقت جاچي معلوم ڪئي.
”پائيسا“ جي وڏيءَ ديول ۾ هڪڙي چوبدار ڇت مان
لٽڪندڙ هڪڙيءَ بتيءَ ۾ تيل وجهڻ کان پوءِ، ان کي
هيڏي هوڏي لڏندو ڇڏي ڏنو؛ ۽ ”گلئلو“ جو تڏهن رڳو
ارڙهن ورهين جو جوان هو، تنهن، انهيءَ تي ڌيان
ڏيئي، دل ۾ ويچار ڪيو ته وقت ماپڻ لاءِ اها تجويز
ڪم آڻجي ته چڱو. انهيءَ مضمون تي مٿا هڻندي ۽ خيال
پچائيندي، هن کي پنجاهه ورهيه لنگهي ويا، تڏهن مس
هن گهڙيال ۾ لڏڻ واري وزن جي اٽڪل ڳولي ڪڍي، جا
وقت ماپڻ ۽ علم هيئت جي حساب ڪرڻ ۾ اهڙي ڪمائتي
آهي جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. ساڳي طرح، جڏهن اتفاق
سان ”گلئلو“ ٻڌو ته هڪڙي ڊچ عينڪن جوڙڻ واري،
”لپرشي“ نالي ”ناسا“ جي ”ڪائونٽ مارس“ کي هڪڙو
اهڙو اوزار نذراني ۾ ڏنو آهي، جنهن جي اپاءَ سان
ڏسڻ واري کي پرانهيون شيون به ويجهيون ٿيون ڏسجن،
تڏهن هن انهيءَ حقيقت جي سبب تي ويهي ويچار ڪيو:
نيٺ دوربين ڪڍيائين، جنهن مان هاڻوڪي علم هيئت جي
تحقيقات شروع ٿي. جهڙي قسم جا ڳولي ڪڍيل هنرن ڪنهن
غافل ڏسڻ واري يا رڳو ڪنن سان ٻڌڻ واري ماڻهوءَ جي
مٿان مور نڪري نه سگهن ها.
جن ڏينهن ۾ ڪئپٽن ”برائون“ (جو پوءِ سر ساميوئل
برائون ٿيو) پلين جوڙڻ جي هنر تي ويچار پئي ڪيو،
انهيءَ لاءِ ته ”ٽويڊ“ ندي، جنهن جي نزديڪيءَ ۾ هو
پاڻ رهندو هو، تنهن تي ڪنهن سستي پل ٻڌڻ جي تجويز
ڪري- تڏهن خزانيءَ جي موسم هڪڙي ڏينهن صبح جو ملڪ
۾ پنهنجي باغ منجهه پئي گهميو، ته هن اوچتو رستي
تي هڪڙي ننڍڙي ڪوريئڙي جي تاڃي آرپار ٽنگيل ڏٺي:
انهيءَ مهل هن جي جي دل ۾ خيال آيو ته انهيءَ
تاڃيءَ وانگي لوهه جي رسن يا زنجيرن سان پل جوڙجي.
انهيءَ مان نتيجو اهو نڪتو جو نيٺ هن رسن جي
لٽڪندڙ پل جو هنر ڳولي ڪڍيو. انهيءَ طرح جڏهن
”جيمس واٽ“ سان صلاح ٿي ڪيائون ته ”ڪلائڊ“ نديءَ
جي هيٺان، هيٺ مٿي تري منجهان، نلين جي رستي پاڻي
ڪئن هن ڀر نجي“. تڏهن هو هڪڙي ڏينهن گانگهٽ مڇيءَ
جي ڇلر يا کل تي ڌيان ڏئي خيال پچائڻ لڳو، جا سندس
کائڻ لاءِ ميز تي آندو هئائون- ۽ انهيءَ نموني تي
هڪ هڪڙي لوهه جي نلي جوڙي، جا جڏهن سنئين رکي وئي،
تڏهن بلڪل انهيءَ ڪم لاءِ ڪمائتي ٿي. ”سر ائلسمبرٽ
برونيل“، ”ٽيمس“ نديءَ جي هيٺان سرنگهه واري رستي
جوڙڻ جا پهريان سبق، جهاز جي هڪڙي ننڍڙي جيت کان
سکيا. هن ڏٺو ته اهو ننڍڙو ڪيئون ڪهڙي طرح پنهنجي
مضبوط مٿي سان ڪاٺيءَ ۾ ٽنگ ٿو ڪڍي- پهرين هڪڙي
طرف ۽ پوءِ ٻئي طرف سوراخ ڪري، ڪمان پوري بيهاري
ٿو ۽ پوءِ ان جي ڇت ۽ پاسن کي هڪڙي قسم جي روغن
سان لنبي ٿو. پوءِ، انهيءَ جي نقل تي وڏي پيماني
سان پوريءَ طرح تعميل ڪري، نيٺ ”برونيل“ پنهنجي
سپر جوڙي. انهيءَ طرح هن پنهنجو وڏو انجنيري ڪم
پورو ڪري ڏيکاريو.
هنن ظاهري خسيس ڳالهين کي جيڪي ڪمائتو ۽ قدر وارو
ڪري ٿو، سو آهي ”خبر دار چڪاسڻ واري جو ڌيان سان
ڏسڻ“. سمنڊ جو گاهه، جهاز جي پاسي کان لڙهندو اچي
لنگهيو: اهڙيءَ خسيس ڳالهه مان به ”ڪولمبس“ کي
اهڙي خاطري ٿي، جو زمين جي نظر نه اچڻ ڪري سندس
جهاز وارن ۾ فساد ٿيو هو سو هن جهڪو ڪيو، ۽ هنن کي
پڪ ڏنائين ته نيئن دنيا، جنهن جا اسين هيترا
ڳولائو آهيون، سان پري ناهي. ڪا به شيءِ اهڙي
ننڍڙي ۽ خسيس ناهي، جا وساري ڇڏجي. ڪا به ڳالهه
ڪهڙي به خسيس هوندي، ته به جيڪڏهن انهيءَ کي
خبرداريءَ سان سمجهبو، ته هڪڙي نه ٻئي رستي ڪمائتي
ثابت ٿيندي. ڪنهن کي خيال ۾ اچي سگهندو ته
”آلبين“- يعني انگلنڊ جون چاڪ واريون ٽڪريون- اهڙن
ننڍن جيتن جوڙيون آهن، جي رڳو خوردبين سان ڏسي ٿا
سگهجن؟- انهن جهڙن ٻين جيتن واري سمنڊ ۾ ڳيڻوٺي جا
سهڻا سهڻا ٻيٽ جوڙيا آهن! جيڪو تمام باريڪ ڪمن مان
اهڙن عجيب نتيجن جي نڪرڻ تي خيال ڪندو، سو ڀلا
ننڍڙين شين جي طاقت جي نسبت ۾ ڪيئن جرات ڪري
اعتراض آڻي سگهندو؟
ڌنڌي، علم، توڙي دنيا جي ٻئي ڪنهن به ڪم ۾ فتحياب
ٿيڻ جو ڳجهو رستو اهو آهي ته ”ننڍڙين شين کي ڌيان
سان چڪاسي ڏسجي“. انساني علم فقط انهن ننڍڙين
حقيقتن جو مجموعو آهي. ماڻهن جي ڪيترين پيڙهين،
هڪٻئي پٺيان، علم ۽ آزمودي جا ذرڙا ذرڙا خبرداريءَ
سان پئي گڏ ڪيا آهن، جي نيٺ ڍڳ ٿيندا، هڪڙي عظيم
مناري جي صورت وٺي بيٺا آهن. جيتوڻيڪ هنن حقيقتن ۽
چڪاسن مان گهڻيون ته پريندي بي معنى ڏسڻ ۾ پئي
آيون، تڏهن به نيٺ معلوم ٿيو ته اهي سڀ ڪمائتيون ۽
پنهنجن جاين تي پوريون بيهاريل آهن. گهڻا آئيندي
جا خيال، جي ظاهري ڪري دور دراز ڏسڻ ۾ ايندا آهن،
تن مان ٻه تمام صاف علمي نتيجا ظاهر ٿي پوندا آهن.
جيڪي مخروطي شڪليون ”اپالونيس پرجيس“ ڳولي ڪڍيون
هيون، تن کي ويهه صديون گذري ويون، تنهن کان پوءِ
مس انهن تي علم هيئت جو بنياد قائم ڪيو ويو- اهو
اهڙو علم آهي، جنهن جي وسيلي سان هن زماني ۾ جهاز
هلائڻ وارا اڻ ڏٺل سمنڊن مان جهاز هلائي سگهن ٿا،
۽ ٺهرايل بندر تي پهچڻ لاءِ آسمان ۾ پنهنجي واسطي
اڻ چُوڪيل ۽ پورو رستو معلوم ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن
علم هندسي جا عالم هيترا ورهيه لِيڪن ۽ سطحن جي
خيالي نسبتن تي مٿو نه هڻن ها، ته امڪان آهن ته
اسان جن ڳولي ڪڍيل ڪلن مان ڪي قليل مس ظاهر ٿين
ها- جيتوڻيڪ غير واقف ڏسڻ وارن کي، ظاهري ڪري، هنن
جي محبت رڳي اجائي ۽ بيسود پئي ڏسڻ ۾ آئي.
جڏهين ”فرئنڪلن“ اها ڳالهه ڳولي ڪڍي ته بجلي يعني
کنوڻ، ۽ قوت ڪهربائي يا برقي طاقت ساڳي هڪڙي شيءِ
آهن، تڏهن ماڻهو مٿس کلڻ لڳا، ۽ پڇيائون ته ”اها
ڪهڙي ڪم جي آهي؟“ هن اهو جواب ڏنو ته ”ننڍڙو ٻار
ڪهڙي ڪم جو آهي؟ اهو نيٺ ماڻهو ٿي سگهي ٿو!“ جڏهن
”گالو هني“ اها حقيقت جاچي ڪڍي ته ڏيڏر جي ٽنگ جدا
جدا معدني شين يا ڌاتن سان لڳڻ ڪري سيٽجي ٿي، تڏهن
ڪنهن کي به اهڙو خيال ڪين آيو هوندو ته اهڙي ڪين
جهڙيءَ خسيس ڳالهه مان ڪي تمام ڪمائتا نتيجا
نڪرندا. تنهن هوندي به انهيءَ ۾ تار برقيءَ جو
بنياد رکيل هو، جنهن جي وسيلي ڪيترائي ملڪ هڪٻئي
کي خبرون پهچائين ٿا، ۽ جا شايد گهڻن ورهين گذرڻ
کان اڳ ئي ساريءَ دنيا کي چوڌاري ڦري ايندي.
ساڳيءَ طرح، زمين مان کوٽيل پهڻن ۽ سڙيل ڳريل شين
جا ننڍڙا ٽڪرا جڏهن پوريءَ طرح سمجهيا ويا، تڏهن
انهن مان علم طبقات الا رض ۽ کاڻين کوٽڻ جو هنر
ظاهر ٿيو، جنهن ۾ هاڻي تمام گهڻي موڙي لڳائڻ ۾ اچي
ٿي. ۽ گهڻا ماڻهو انهيءَ ۾ مشغول رهڻ مان فائدو
حاصل ڪن ٿا.
جيڪي پربت جهڙيون ڪلون اسانجين کاڻين کوٽڻ،
اسانجين جانڊاهين، گرڻين ۽ ڪارخانن هلائڻ ۽
اسانجين آگبوٽن ۾ آگ گاڏين هلائڻ ۾ ڪم اچن ٿيون،
سي به، مٿئين وانگي، پنهنجي سگهه پاڻيءَ جي ننڍڙن
ڦڙن جهڙين خسيس شين مان ڪڍن ٿيون. انهن ڦڙن کي
گرمي وڌائي هوا جي صورت ۾ آڻي ٿي، جنهن کي عام طرح
اسين ٻاڦ سڏيون ٿا. اهائي ٻاڦ اسين چاءِ جي رواجي
ڪيٽليءَ جي تُن مان نڪرندي ڏسندا آهيون، پر اها
جڏهن ڏاڍي عقل ۽ تجويز سان جڙيل ڪل ۾ بند ٿئي ٿي،
تڏهن اهڙو زور ٿي لڳائي، جو لکن گهوڙن جي زور جي
برابر آهي؛ انهيءَ ۾ اهڙي طاقت ٿي ٿئي، جو لهرين ۽
طوفانن جي پرواهه ڪا نه ٿي رکي. اهڙي ساڳي طاقت
جڏهن زمين جي پيٽ ۾ پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ان مان اهي
ٻرندڙن جبلن جا ڦاٽ ۽ زمين جا زلزلا ٿا ٿين، جن جو
ذڪر هن دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهڻو آيل آهي. چون ٿا
ته جڏهن ”مارڪوئس آف ورسٽر“ لنڊن جي ٺُل ۾ قيد هو،
تڏهن سندس اکين جي اڳيان گرم پاڻيءَ واري ٿانو جو
مضبوط ڏنل ڍڪ زور سان اڏامي ويو: انهيءَ اتفاقي
ڳالهه مان پهرين هن پنهنجو ڌيان ٻاڦ جي طاقت جي
مضمون تي لڳايو. انهيءَ بابت جيڪي هن جاچون ۽
چڪاسون ڪيون، تن جا هن پنهنجي ڪتاب ”نوَن هنرن
واري صديءَ“ “ ڇاپايا. اهو ڪن ڏينهن تائين ته ٻاڦ
جي طاقتن بابت جانچ ڪرڻ وارن لاءِ مکيه ڪتاب هوندو
هو- تان جو ”ساوهري“ ”نيوڪمن“ ۽ ٻين انهيءَ کي
رواجي ڪمن ۾ استعمال ڪندي ٻاڦ جي ڪل کي انهي حالت
۾ آندو، جنهن ۾ وري ”واٽ“ اچي هٿ ڪيس، جنهن کي
”گلاسگو“ جي وڏي مدرسي ۾ رکيل ”نيوڪمن“ واري نموني
جي ڪل مرمت ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي هئي. انهيءَ اتفاقي
حالت مان ”واٽ“ کي سڌاري ڪرڻ جو ڏاڍو چڱو وجهه
مليو؛ ۽ هن پنهنجي سڄي عمر انهيءَ تي ڪمائي ڪئي،
تڏهن مس ٻاڦ جي ڪل ڪماليت کي پهتي.
وجهن هٿ ڪرڻ، اتفاق ڳالهين مان فائدي وٺڻ ۽ انهن
کي ڦيرائي گهيرائي ڪم آڻڻ جو هنر فتحيابيءَ جو وڏو
مخفي اپاءُ آهي. ڊاڪٽر ”جانسن“ ذاتي عقل يا ذهن جي
وصف هيئن ڏني آهي: ”اهو مغز يا اها دل، جنهن ۾
اهڙيون وڏيون عام طاقتون رکيل آهن، جي اتفاق سان
ڪنهن خاص طرف ڏي لڳائڻ ۾ اچن ٿيون“. جي ماڻهو
پنهنجي لاءِ ڪنهن رستي هٿ ڪرڻ واسطي پڪو رادو ڪن
ٿا، تن کي هميشه گهڻا وجهه ملن ٿا؛ ۽ جيڪڏهن اهڙا
وجهه جڙيا جڪيا نٿا هٿ اچنن، ته هو پنهنجي لاءِ
اهي پيدا ڪري سگهن ٿا. علم ۽ هنر ۾ جن تمام وڏا
سڌارا ڪيا آهن، سي اهي ماڻهو ناهن جن مدرسن،
عجائبخانن ۽ عام تماشگاهن جا فائدا حاصل ڪيا آهن؛
نڪي تمام وڏن ڪاريگرن، هرمند ماڻهن ۽ ڪلن ڪڍڻ وارن
کي هنري مدرسن ۾ تعليم ملي آهي. ”سهوليت“ کان
وڌيڪ، ”لاچاري“ مان نوان هنر پيدا ٿين ٿا، ٻين
سڀني مڪتبن کان ”مشڪلات جي مڪتب“ مان وڌڪ تعليم
حاصل ٿئي ٿي. ڪن تمام چڱن ڪاريگرن وٽ ڪم ڪرڻ جي
لاءِ تمام رواجي موچارا اوزار هئا، پر اوزار ڪين
ٿا ماڻهوءَ کي ڪاريگر ڪن-خود انهيءَ ماڻهو جي
استعمالي، اٽڪل، تجربيڪاري ۽ اورچائي ٿي. ائين
ڪري. اهو ته پهاڪو ٿي ويو آهي ته ”خراب ڪاريگر کي
ڪڏهن به چڱو اوزار ڪو نه مليو“ ڪنهن ماڻهو
”اوپائي“ کان پڇيو ته ”ڪهڙي عجيب رستي سان تون
پنهنجا رنگ گڏيندو آهين؟“ هن جواب ڏنو ”ته سائين،
آءٌ پنهنجي مغز سان اهي گڏيندو آهيان“. جيڪو
ڪاريگر ڀانئيندو ته آءٌ قابل ۽ هوشيار ٿيان، تنهن
کي ائين ڪرڻ گهرجي. ”فرگسن“ عجب جهڙيون شيون
جوڙيندو هو- مثلن ڪاٺ جا گهڙيال، جي پوري طرح بجا
ڏيکاريندا هئا- ۽ ڪم ۾ رڳو اهو رواجي چاڪو آڻيندو
هو، جو سڀ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي- پر سڀڪو ماڻهو
”فرگسن“ به ناهي! ڊاڪٽر ”بلاڪ“، جنهن باطني گرمي
ڳولي ڪڍي، تنهن جا اوزار هئا- هڪڙو پاڻيءَ جو
ٿالهه، ۽ ٻه ٿرماميٽر مقياس الحرارت. ”نيوٽن“ جنهن
روشني جي ترڪيب يا بناوت ۽ رنگن جو اصول ظاهر ڪيو،
تنهن فقط هڪڙو پهلودار بلور، هڪڙو نظر جو شيشو ۽
هڪڙي دفتري ڪم آندي. هڪڙو مشهور ٻاهر جو علامو
هڪڙي ڀيري ڊاڪٽر ”ولاسٽن“ وٽ آيو، ۽ چيائينس ته
”ڀلائي ڪري مون کي پنهنجا ڪيميا خانا ڏيکار، جنهن
۾ ايتريون ضروري نيون ڳالهيون ظاهر ڪيون ويئون
آهن، جو حڪمت ۽ علم انهن مان ڏاڍي ترقي پاتي آهي.“
تڏهن ڊاڪٽر هن کي هڪڙيءَ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو،
جتي هڪڙو پراڻو چاءِ جو مجمعو ميز تي رکيو هو،
جنهن ۾ ڪي ٿورا نظر ڪرڻ جا شيشا، آزمائشي ڪاغذ،
هڪڙي ننڍي ساهمي ۽ هڪڙي ڦوڪڻي- اهي شيون رکيل
هيون. انهن ڏانهن اشارو ڪري، هن کي چوڻ لڳو ته
”منهنجو سارو ڪيمياخانو اجهو اهو اٿئي!“
”اسٽئٿرڊ“، جو رنگن ملائڻ جو هنر سکيو، سو پوپٽن
جي کنڀن تي ڌيان ڏيڻ سان. هو اڪثر چوندو هو ته
”ڪنهن به ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي ته مون هنن ننڍڙن
جيتن مان ڇا پرايو آهي.“ ”ولڪي“ کي نقاشيءَ جي
لاءِ، پينسل ۽ ڪپڙي جي بدران، سڙيل ڪاٺيءَ ۽
انبارخاني جو در ڪم آيو. ”بيوڪ“ پهريائين پنهنجي
وطن واري ڳوٺ جي ڀنگين جي ڀتين تي نقش ڪڍڻ جي
استعمالي ڪئي، ۽ انهن کي چاڪ جي چٽن ۽ نقشن سان
ڀري ڇڏيائين. ”بينجمن ويسٽ“، پهرين ٻليءَ جي پڇ
مان پنهنجا برش يا مُوقلم جوڙيندو هو. “فرگسن“ رات
جو نين ۾ کٿو ويڙهي سنئون ٿي سمهي پوندو هو، ۽
هڪڙي ڌاڳي ۾ ننڍڙا مڻڪا وجهي پنهنجي اک ۽ تارن جي
وچ ۾ ان کي تاڻي جهليندو هو- انهيءَ طرح هن ستارن
جو نقشو ڪڍيو. ”فرئنڪلن“، ريشم جي رومال ۾ ٻه
ڪاٺڙيون هڪٻئي تي آرپار ٻڌي، لغڙي ٺاهي، پهرين
انهيءَ جي وسيلي ڪڪرن مان وڄ ڪڍي ورتي. ”واٽ“
پنهنجيءَ ٻاڦ جي ڪل جو پهريون نمونو هڪڙيءَ پراڻي
پچڪاريءَ مان جوڙيو، جنهن سان ڊاڪٽر ڪنهن لاش کي
چيرڻ کان اڳي اندر رڳن ۾ دوا وجهندا آهن. ”گفرڊ“
پهرين جڏهن اڃا ڳلي دوز جو شاگرد هوندو هو، تڏهن
علم هندسي جا حساب چم جي ننڍن ٽڪرن تي ڪندو هو،
جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ ڪٽي لسا ڪندو هو. ”رٽن
هائوس“، مشهور نجومي، پهريائين سج ۽ چنڊ گرهڻ جو
حساب پنهنجي هَر جي هٿئي تي ڪيو.
تمام رواجي موقعن مان به ماڻهوءَ کي سڌاري ڪرڻ
لاءِ وجهه ملي سگهن ٿا، بشرطيڪ انهن مان فائدي وٺڻ
لاءِ هو تيار هوندو ۽ چالاڪيءَ ڪندو. پروفيسر ”لي“
جڏهن اڃا عام واڍو هو ۽ بينچن جي مرمت پئي ڪيائين.
اچي اهو پور دل ۾ پيس ته اصلوڪي ٻوليءَ ۾ اهو ڪتاب
پڙهان. پوءِ، بازار مان هڪڙو اڌوراڻو عبراني صرف-
نحو جو ڪتاب خريد ڪري، اچي لڳو- ۽ نيٺ پنهنجي منهن
اها ٻولي سکيائين. ”ڊيوڪ آف آرجائل“،
”ايڊمنڊاسٽون“ کان پڇيو ته ”تون هڪڙي غريب باغائي
جو ڇوڪرو، ڪهڙيءَ تجويز سان ”نيوٽن“ جو ڪتاب
”پرنسپيا“ لئٽن ٻوليءَ ۾ پڙهي سگهئين؟“ هن ورندي
ڏني ته ”ماڻهو کي رڳو الف بي وارن چوويهن اکرن
پڙهڻ جو ضرور آهي، پوءِ هن کي ٻي جيڪا شيءِ وڻي سا
سکي سگهي ٿو.“ باقي جيڪو ڪرڻو ٿئي ٿو، سو محنت،
اورچائي ۽ وجهن مان ڪوشش ڪري فائدي وٺڻ سان ڪري ٿو
سگهجي.
”سر والٽر اسڪاٽ“ سڀ ڪنهن ڪم يا ڌنڌي ۾ پنهنجي
سڌاري لاءِ وجهه ٿي هٿ ڪيا، ۽ اتفاقن مان به هن
فائدو ٿي ورتو. اڃا هڪڙي ڪاتب جو شاگرد هو ته
پنهنجي نوڪريءَ جي فرض ادا ڪندي، هو ”هالنڊ“ گهمڻ
ويو، ۽ 1845ع وارن پهلوانن مان جيڪي اڃا جيئرا
هئا، تن سان اهي دوستيون ڳنڍي آيو، جن تي هن
پنهنجن گهڻن قسمن جي ڪتابن جو بنياد وڌو. ڪن ورهين
کان پوءِ جڏهن هو ”ايڊنبرگ“ جي جنگي رسالي ۾
ڪوارٽر- ماسٽر جي عهدي تي هو، تڏهن اوچتو گهوڙي جي
لت لڳڻ جي ڪري بيمار ٿي پيو، ۽ ڪي ڏينهن گهر ۾ پيو
هو. پر ”اسڪاٽ“ سستيءَ جو ته اصل جاني دشمن هو، سو
خيال ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. ٽن ڏينهن ۾ هن پنهنجي شهر
واري ڪتاب، ”لي آف دي لاسٽ منسٽرل“، جو پهريون
ڀاڱو جوڙيو، ۽ جلد ئي سڄو ڪتاب لکي پورو ڪيائين.
اهو هن جو پهريون وڏو طبعزاد ڪتاب آهي.
ڊاڪٽر ”پريسٽلي“ جنهن هيتريون گئسون- يعني غير
معلوم هوائون-ڳولي ڪڍيون، تنهنجو ڌيان جو اوچتو
علم ڪيميا ڏي ڇڪيو، سو ڪلالخاني جي نزديڪيءَ ۾ رهڻ
ڪري. هڪڙي ڏينهن جڏهن اتي گهمڻ ويو، تڏهن جوش
کائيندڙ شراب جي مٿان جيڪا اُٻ پئي نڪتي، تنهن ۾
ٻرندڙ ڪاٺيءَ جو ڇيتيون ٿي وڌائون ته اجهاميون ٿي
وييون. انهيءَ مهل ڪي خاص حالتون ڏسڻ ۾ آيون، جي
هن خيال سان جانچيون. تڏهن چاليهن ورهين جي عمر جو
هو، ۽ علم ڪيميا جي ڪا به خبر ڪا نه هيس. جيڪي ڏٺو
هئائين، تنهن جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب ڏٺا،
پر انهن مان ڪا به خبر پئجي نه سگهيس؛ ڇالاءِ جو
اڃا تائين انهيءَ مضمون تي ڪي به ڪين لکيل هو.
تڏهن هو تجربا ڪرڻ لڳو؛ ۽ انهيءَ لاءِ، پنهنجي
تجويز ڪري، ڄٽڪا اوزار جوڙيائين. پهرين تجربي مان
جي عجيب نتيجا نڪتا، تن مان ٻيا نڪرڻ لڳا، جن هن
جي هٿن ۾ هوائي ڪيميا جي علم جو بنياد وڌو. انهيءَ
ساڳئي وقت ۾، سئيڊن جي هڪڙي پر انهين ڳوٺ ۾، ”شيل“
ساڳئي مضمون تي ڪنڊ پاسي ۾ پئي مٿو هنيو. انهيءَ
ڪري ڪيتريون ئي نيون گئسون يا غير معلوم هوائون
ڳولي ڪڍيون. کيس ڪي به چڱا ڪمائتا اوزار ڪين هئا،
رڳو دوا فروشن جون ڪي ٿوريون شيشون ۽ سوئرن جا
پِتا هئا.
جڏهن ”سر همفري ڊيوهي“ دوا فروش جو شاگرد هوندو
هو، تڏهن هن تمام خراب ۽ ڄٽڪن اوزارن سان پنهنجا
پهريان آزمودا ڪيا. هن، سواءِ ڪنهن خيال يا ويچار
جي، جيڪي شيون اتفاق سان سندس اڳيان پئي آيون،
اڪثر انهن مان ڪي، اوزارن وانگي ڪم آڻي، پنهنجو
وقت پئي ٽپايو- جيئن ته بورچيخاني جا ديڳڙا ۽
ٿالهيون، ۽ سندس استاد جي دواخاني جا شيشا ۽
شيشون. اتفاق سان، ”لانڊس“ راس وٽ ڪو فرينچ جهاز
ڀڄي پيو هو، انهيءَ ۾ جيڪو ڊاڪٽر هو، سو پنهنجن
اوزارن جي خاني سميت ساهه بچائي نڪتو، هو. انهن
اوزارن ۾ هڪڙو اڳوڻي ڊول جو پچڪاريءَ جهڙو اوزار
هو. اهو هن ”ڊيوهيءَ“ کي ڏنو، جو انهيءَ سان
واقفيت ٿي ويئي هيس. انهيءَ دوافروش جي شاگرد اهو
اوزار ڏاڍي خوشيءَ سان ورتو ۽ هڪدم تجويز ڪري
هوائي ڪيميا جي سامان ۾ ان کي ڪم آندائين. ڪن
ڏينهن کان پوءِ هو انهيءَ کي گرميءَ جي اپائڻ ۽
خاصيت جي هڪڙي تجربي ۾ هوائي پچڪاريءَ وانگي ڪم ۾
آڻيندو هو.
ساڳئي طرح پروفيسر ”فارڊي“، جو ”سرهمفري ڊيوهي“
کان پوءِ علمي ڪمن ۾ سندس جانشين ٿيو، تنهن،
پهريائين قوّت ڪهربائي يا برقي طاقت جا تجربا
هڪڙيءَ پراڻيءَ ٻاٽليءَ سان ڪيا. تڏهن اڃا هو جلد
بنديءَ جو ڪم ڪندو هو. اها عجب جي ڳالهه آهي ته
”فارڊيءَ“ جو پهرين علم ڪيميا ڏي ڌيان ڇڪيو، سو
”رايل انسٽيٽوشن“ ۾ انهيءَ مضمون بابت ”سر همفري
ڊيوهيءَ“ جي تقرير ٻڌڻ تي هڪ سکر ماڻهو، جو ”رايل
انسٽيٽيوشن“ جو ميمبر يا شريڪ هو، هڪڙي ڏينهن
انهيءَ دڪان تي ويو، جنهن ۾ ”فارڊي“ ڪتابن جا جلد
ٻڌندو هو، ۽ ڏسي ته ڪتاب ”انسائڪلوپيڊيا“ (جامع
العلوم) جو هن وٽ جلد ٻڌجڻ لاءِ آيو هو، سو پَٽيو،
انهيءَ ۾ هو برقي قوت جو بيان ويٺو پڙهي. پڇا ڪرڻ
سان انهيءَ سکر ماڻهوءَ کي معلوم ٿيو ته اهو جوان
جلد بند اهڙن مضمونن جو ڏاڍو شوقي آهي، تنهن ڪري
هن ”فارڊيءَ“ کي ”رايل انسٽيٽيوشن“ ۾ اچڻ جي موڪل
وٺي ڏني. اتي هن ”سر همفري“ جون چا تقريرون ٻڌيون.
انهن جا هن مختصر انتخاب پنهنجي لاءِ لکي ورتا، جي
هن ”سر همفريءَ“ کي ڏيکاريا. هن چيس ته ”اهي برابر
لکيل آهن“. جڏهن ”سر همفريءَ“ کي پنهنجي منهن پڇا
ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته اهو انتخاب لکڻ وارو غريب ۽
گهٽ درجي جو ماڻهو آهي، تڏهن ڏاڍو عجيب لڳس. پوءِ
”فارڊي“ کي اچي اهو شوق ٿيو ته علم ڪيميا جا مضمون
مطالع ڪريان. ”سرهمفريءَ“ پهريائين هن کي انهيءَ
ڳالهه تان لاهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي؛ نيٺ جڏهن ڏٺائين
ته اهو جوان شخص پنهنجي ارادي تي ڪمر ٻڌي بيٺو
آهي، تڏهن هن کي ”رايل انسٽيٽيوشن، ۾ نائب يا
مددگار مقرر ڪرايائين. انهيءَ طرح، هڪڙي دوافروش
جي لائق شاگرد جي پڳ، وري به هڪڙي جلد بند جي اهڙي
ئي لائق شاگرد جي مٿي تي آئي.
ويهن ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن ”ڊيوهي“ ”برسٽل“ ۾
ڊاڪٽر ”بيڊو“ جي ڪيمياخاني ۾ ڪم ڪندو هو، تڏهن هن
جيڪي لفظ پنهنجي نوٽبڪ ۾ لکيا هئا، تن مان سندس
ذاتي لياقت ۽ طبيعت جي پوري خبر ٿي پوي. هن هيئن
لکيو هو ته ”مون کي نڪا دولت آهي، نڪا طاقت، ۽ نڪي
وڏي نسل جو آهيان، جنهن تي مون کي ڀروسو هجي، تڏهن
به، جي حياتي آهي، ته آءٌ اميد ٿو رکان ته جيترو
انهن فائدي وارين لياقتن رکڻ سان انسان ذات کي ۽
پنهنجن دوستن کي ڪمائتو ٿي سگهان ها، تنهن کان گهٽ
انهن کي ڪمائتو نه ٿيندس.“ ”فارڊيءَ وانگي“،
”ڊيوهيءَ“ جي به اها خاصيت هوندي هئي ته پنهنجي دل
۽ دماغ جي سڄي سگهه، ڪنهن حقيقت جي علمي آزمائشي
جاچ ڪندي، ان جي سڀني حالتن تي لڳائيندو هو- ۽
اهڙي دل ۽ دماغ مان، رڳو محنت ۽ تحمل سان خيال ڪرڻ
سان، ضرور تمام اعلى قسم جا نتيجا ظاهر ٿيندا.
”ڊيوهيءَ“ بابت ”ڪالرج“ لکيو آهي ته ”هن جي دل ۾
اهڙي ڪا همت ۽ چالاڪي آهي، جنهن ڪري هو سڀ مشڪل
سوال سمجهي ۽حل ڪري سگهي ٿو، ۽ انهن مان ضروري
نتيجا ڪڍي ٿو، ”ڊيوهيءَ“ جي دل ۾ سڀڪو مضمون حياتي
جهڙو ضروري ۽ ڪمائتو آهي. هن جي پيرن هيٺ جيترا
خيال گاهه وانگي پيا ڦٽن“. وري ”ڊيوهيءَ“ ”ڪالرج“
جي هوشيارِيءَ ۽ قابليت جي تعريف ڪندي، هيئن لکيو
آهي ته ”هو، تمام اعلى ذاتي عقل، ڪشادن خيالن، اثر
واري دل ۽ روشن دماغ هوندي، بي بندوستيءَ، بي
ترتيبيءَ ۽ بي انتظاميءَ جي ڪري، پاڻ کي نقصان
پهچائيندو.“
مشهور وڏو عالم، ”ڪُوهيئر“ چڪاس ڪرڻ ۾ نهايت پورو،
خبردار ۽ محنتي هوندو هو. جڏهن اڃا ڇوڪر هو، تڏهن
اتفاق سان ”بفن“ جي ڪتاب ڏسڻ مان هن کي علم طبيعات
جو شوق جاڳيو. هو هڪدم انهيءَ تان تصويرون نقل
ڪرڻ، ۽ ڪتاب ۾ ڏنل بيان موجب انهن کي رنگ ڏيڻ لڳو.
اڃا هو اسڪول ۾ پڙهندو هو ته هڪڙي استاد، ”ولنيئس“
وارو علم حيوانات جو ڪتاب هن کي انعام ڏنو. ڏهن
ورهين کان به زياده وقت تائين، انهن ٻن ڪتابن کان
سواءِ ٽيو ڪو ڪتاب علم موجودات يا حيوانات جوهن وٽ
ڪو نه هو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ هن کي ”نارمنڊي“
۾ ، ”فيڪامپ“ جي ويجهو هڪڙي ڪٽنب ۾ ٻارن پڙهائڻ جي
نوڪري ملي. اتي جو هو سمنڊ جي ڪنار کي ويجهو رهندو
هو، تنهن ڪري هو آبي عالم جا عجائب غرائب اکين سان
ڏسڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن، سمنڊ جي وارياسي ڪناري تي
گهمندي، هن هڪڙي گهڻين ٻانهن واري مڇي ڏٺي، اها
ڏسي، هن کي اهڙي حيرت لڳي جو چيري ڏسڻ لاءِ اها
گهر کڻي آيو. انهيءَ طرح، هن هڏيءَ کان سواءِ نرم
جانورن جي تحقيقات شروع ڪئي، جنهن جي ڪري هن ايترو
نالو ڪڍيو. مطالعي ڪرڻ يا شڪ لاهڻ لاءِ هن وٽ ٻيو
ڪو به ڪتاب ڪو نه هو. سواءِ قدرت جي وڏي ڪتاب جي،
جو سندس اڳيان پٽيو رکيو هو. انهيءَ مان جيڪي نيون
نيون ۽ مزي جهڙيون شيون ڏهاڙي هن جي اکين جي آڏو
اينديون هيون، سي هن جي دل تي اهڙو پڪو اثر ڪنديون
هيون، جو ڪهڙا به لکيل بيان يا ڪهڙيون به اڪريل
تصويرون ڪري نه سگهن ها. انهيءَ طرح ٽي ورهيه
لنگهي ويا، انهيءَ عرصي ۾ هن سامونڊي ساهوارن جون
جيئريون ذاتيون، قديم وقت جي سڙيل سڪل لاشن سان-
جي آسپاس لڀنديون هيون- مقابلي ڪيون. جيڪو پاڻيءَ
جو جانور نظر چڙهيس، تنهن کي چيري ڏٺائين، ۽
خبرداريءَ سان چڪاس ڪري،حيوانات جي علم جي سڌريل
تقسيم ۽ ترتيب جو پورو بنياد وڌائين. انهيءَ وقت
ڌاري مشهور عالم ”ابي ٽيسيئر“ جي ”ڪوهيئر“ سان
واقفيت ٿي، جنهن هن جوان طبيعي عالم جي ”جسيئو“ ۽
ٻين پيرس وارن دوست ڏي اهڙي تعريف لکي، جو هنن
”ڪوهيئر“ کي منٿ ڪئي ته هو پنهنجا ڪي ڪاغذ علم
حيوانات جي عالمن واريءَ مجلس ڏي ڏياري موڪلي،
سگهو ئي پوءِ هو ”جارڊن ڊز پلانٽيز“ ۾ سپريڊنٽ،
يعني ناظم جو نائب مقرر ٿيو. ”ٽيسيئر“ جيڪو خط
”جيسو“ ڏي ”ڪوهيئر“ جي سفارش ۽ تعريف ۾ لکيو هو،
تنهن ۾ هي لفظ لکيائين ته ”توکي ياد هوندو ته اهو
آءٌ هوس، جنهن انهيءَ علم جي ٻي شاخ ۾ ”ڊيلامبر“
جي ٻانهن علمي مجلس کي ڏني هئي - هيءُ شخص به هڪڙو
”ڊيلامبر“ ٿيندو.“ انهيءَ ڳالهه چوڻ جو ضرور ڪو نه
ٿو ڏسجي ته ”ٽيسيئر“ جي پيشگوئي نيٺ پوري ٿي- بلڪ
”ڪوهيئر“ انهيءَ کان به ڪثر کڻي ويو.
تڏهن چئبو ته اهو ”اتفاق“ نه آهي جو ماڻهو کي هن
دنيا ۾ ايتري مدد ڏئي ٿو، جيتري اڻورچي محبت ۽ پڪو
ارادو ڏئي ٿو. جيڪي ضعيف، سست ۽ بي ارادي آهن، تن
کي ڪهڙا به چڱا اتفاق ڪم نٿا اچن- هو انهن کي بي
معنى ڄاڻي، ماٺ ڪري، انهن تان گذر ڪريو وڃن. پر
اها عجب جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪي وجهه چالاڪيءَ
ڏيکارڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ جا هميشه اسان کي پيا ملن، سي
جيڪڏهن اسين قابو ڪنداسين ته انهن مان فائدو
وٺنداسين، ته گهڻائي وڏا وڏا ڪم اسان جي هٿان پورا
ٿي سگهندا. ”واٽ“ جڏهن حسابي ڪم جا اوزار پيو
جوڙيندو هو، تڏهن پنهنجي منهن علم ڪيميا ۽ علم
جرثقيل سکيو؛ ۽ ساڳئي وقت ۾ سئٽزرلنڊ جي هڪڙي
رنگريز کان جرمن ٻولي به پئي سکيو. ”اسٽيفنسن“
جڏهن کاڻين ۾ رات جو ڪل هلائڻ جو ڪم پيو ڪندو هو،
تڏهن پاڻيهي پاڻ کي حسابي ۽ پيمائشي علم
سيکاريائين. ڏينهن جو جڏهن مانيءَ کائڻ جي موڪل
ملندي هيس، تڏهن جيڪا ساعت بچندي هيس، تنهن ۾ چاڪ
جي ذري سان آڱرن جي گاڏن جي پاسن تي پيو حساب ڪندو
هو. ”ڊالٽن“ ته اصل محنت جي عادت ڪري ڇڏي هئي. اها
عادت هن کي ننڍي هوندي کان پيئي هئي؛ جڏهن هو اڃا
ٻارهن ورهين جو هو ۽ هڪڙي ننڍي ڳوٺ جي مڪتب ۾
پڙهائيندو هو. سياري جو اتي ٻار پڙهائيندو هو، ۽
اونهاري جو پنهنجي پيءُ جي ٻنيءَ ۾ ڪمائيندو هو.
جيتوڻيڪ هو ”ڪئيڪر“ فرقي جو عيسائي هو، تڏهن به
وقتن تي پاڻ کي توڙي پنهنجن سنگتين کي، انعام، يا
فائدي جي لالچ تي، پڙهڻ لاءِ همتائيندو هو. هڪڙي
ڀيري ته هن هڪڙو مشڪل حسابي سوال حل ڪيو، جنهن مان
ايترو ڪمايائين جو سياري جي لاءِ پنهنجي واسطي
شمعن جو ڍير خريد ڪري رکي ڇڏيائين. هو آسماني
جاچون ۽ تارن جون تپاسون ڪرڻ لڳو- جي مرڻ کان اڳي
هڪ ٻن ڏينهن تائين ڪندو رهيو- انهيءَ وچ ۾ ٻن لکن
کان به وڌيڪ ڳالهيون جاچي لکيائين.
محنت ۽ اورچائيءَ سان ٿورو گهڻو وقت جيڪو ماڻهوءَ
کي بچي ٿو، سو ڪم آڻي، انهيءَ مان تمام وڏا ڪمائتا
نتيجا ڪڍي سگهي ٿو. رواجي سمجهه وارو ماڻهو جيڪڏهن
هر روز هڪڙو ڪلاڪ اجاين شغلن مان سجائي ڪم ۾
لڳائي، ته جيڪر ڪنهن علم ۾ اچي قابل ٿئي، هڪڙو
اڻپڙهيل جاهل ماڻهو جيڪر ڏهن ورهين کان گهٽ عرصي ۾
هوشيار ۽ علم وارو ٿي پوي، ڪنهن به ڦل حاصل ڪرڻ
کان سواءِ، وقت کي ائين ئي گذرڻ نه ڏجي. يا ڪا
ڄاڻڻ جهڙي شيءِ سکجي، يا ڪا چڱي عادت پرائجي، يا
ڪا خصلت سڌارجي. ڊاڪٽر ”ميسن گڊ“ جڏهن لنڊن جي
گهٽين ۾، گاڏيءَ تي چڙهيو، بيمارن کي ڏسندو وتندو
هو، تڏهن انهيءَ حالت ۾ هن ”ليوڪريشيس“ ڪتاب جو
ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر ”ڊارون“ گهڻو ڪري پنهنجا سڀ ڪتاب
انهيءَ طرح، ٻهراڙيءَ ۾ گاڏي تي چڙهي گهرن گهمندي،
ٺاهيا. جيڪي خيال ايندا هئس، سي ڪاغذ جي چٽڪن تي
لکندو ويندو هو، ۽ اهڙا ڪاغذن جا چٽڪا هو انهيءَ
ڪم لاءِ هميشه پاڻ سان کنيو وتندو هو. ”هيل“ گشت
ڪندي پنهنجو ”خيالات“ وارو ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر
”برني“ گهوڙي تي چڙهيو، شاگردن کي جدا جدا جاين تي
علم موسيقي پڙهائيندو به وتندو هو، ۽ فرينچ ۽
اٽالين ٻولي سکندو به وتندو هو. ”ڪرڪ وائيٽ“، وڪيل
جي آفيس ۾ ايندي ويندي يوناني ٻولي سکيو. اسان کي
هڪڙو تمام وڏي درجي جو ماڻهو سجهي، جو مانچيسٽر جي
گهٽين ۾ جڏهن قاصد ٿيو چٺيون ۽ پيغام پهچائيندو
وتندو هو، تڏهن لئٽن ۽ فرينچ ٻوليون سکيو.
”ڊاگويُسؤ“، جو فرانس جي وڏن وزيرن مان هڪڙو هو،
تنهن ماني کائڻ جي عرصي ۾، هڪڙي طعام کان پوءِ ٻئي
طعام جي لاءِ ترسڻ واري ٿورڙي ٿورڙي وقت ۾، فرصت
جو وجهه وٺي، هڪڙو وڏو قابليت جهڙو ڪتاب لکيو.
”مئڊم ڊي جينلس“ جا شهزادي ئي ڏهاڙي پڙهائڻ ويندي
هئي، ۽ هن جي اچڻ تائين ٿورو ترسي ويهي رهندي هي،
تنهن عرصي ۾، هن پنهنجي عجيب ڪتاب جا ڪيترائي جلد
لکيا. ”ايليوبرٽ“، جو پنهنجي ذاتي عقل ۽ ذهن جي
دعوى ڪا نه ڪندو هو، سو پنهنجي قابليت ۽ سڌاري جو
سبب ”ذاتي عقل“ نه ڄاڻندو هو، پر فقط اهي بي بها
وقت جا ذرا، جن کي ”فرصت جا لحظا“ چوندا آهن، سي
خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ. جڏهن اڃا هن لوهارڪي ڪم ڪرڻ
سان پنهنجو گذران پئي ڪيو، تڏهن هو اٽڪل ارڙهن
نيون پراڻيون علحديون ٻوليون سکيو ۽ ٻاويهه يورپ
جون زبانون.
”آڪسفرڊ“ جي ”آل سولس ڪاليج“ ۾، ٽاور جي تختي تي،
جوانن جي لاءِ ڪهڙي نه عقل واري ۽ عجيب نصيحت
اڪريل آهي- ”ڪلاڪ گذرندا وڃن، ۽ اسان جي بلي لکبا
وڃن!“ هميشگيءَ جي عرصي مان رڳو جيڪو ذرو انسان کي
مليو آهي، سو ”وقت“ آهي. ۽ حياتيءَ وانگي جي اهو
لنگهي ويو، ته وري انهيءَ کي موٽائي نه سگهبو.
”ايگزيٽر“ وارو ”جئڪسن“ چوي ٿو ته ”دنيا خزاني جي
لٽڻ کائڻ ۾، آئيندي جو صرفو، البت، گذرئي وقت جي
فضول خرچيءَ جي مقابلي ۾، تُري اچي برابر بيهي ٿو،
پر ڪير چئي سگهندو ته اڄ جيڪو وقت وڃايو اٿم، تنهن
جي عيوض ۾ سڀاڻي ڪا گهڙي ڪم آڻيندس؟“ ”ميلنڪٿان“
جيڪو وقت ضايع ڪندو هو، سو لکندو ويندو هو-انهيءَ
لاءِ ته پنهنجي محنت کي همتائي زياده ڪري، ۽ هڪڙو
ڪلاڪ به نه وڃائي. اٽلي جي هڪڙي عالم پنهنجي در تي
هڪڙو جملو لکي ڇڏيو، جنهن جو مطلب هو ته ”جيڪو هتي
رهي، سو مون سان محنت ۾ شامل ٿئي.“ ”بئڪسٽر“ کي ڪي
ملاقاتي ڏسڻ ويا، ۽چوڻ لڳس ته ”اسين ڀانيون ٿا ته
تنهنجو وقت زيان ٿا ڪريون؛ انهيءَ صاف چوڻ واري
پادريءَ بيزار ٿي چيو ته ”برابر سچ ٿا چئو!“
اها ”وقت“ جي جاگير هئي، جنهن مان انهن وڏن محنت
ڪندڙن توڙي ٻين سڀني محنتي ماڻهن، خيالن ۽ عملن جو
قيمتي خزانو گڏ ڪيو، جو هو پوين جي لاءِ ڇڏي ويا
آهن. |