ڪن ماڻهن پنهنجن ارادي ڪيل ڪمن جي وري ڪرڻ ۾ نهايت
گهڻي تڪليف ۽ دقت کنئي آهي؛ پر انهيءَ تڪليف ۽ دقت
کي هو پنهنجي فتحيابيءَ جي قميت سمجهندا هئا.
”ايڊيسن“، پنهنجي رسالي ”اسپيڪٽيٽر“ جي شروع ڪرڻ
کان اڳي، ٽي وڏيون جزون مضمون جون پهرين لکي
رکيون. ”نيوٽن“ پنهنجو تاريخ-نما ڪتاب،
”ڪرانالاجي“، پندرهن ڀيرا وري لکيو، تڏهن مس ان کي
پسند ڪيائين، ”گبن“ پنهنجو ”ميموار“ يا تذڪرو جو
ڪتاب نوَ ڀيرا لکيو. ”هيل“ ورهين جا ورهيه هر روز
سورهن ڪلاڪ پيو پڙهندو هو، ۽ جڏهن قاعدي جا ڪتاب
پڙهي ٿڪبو هو، تڏهن وري وندر جي لاءِ فلسفي ۽
هندسي جا ڪتاب مطالع ڪندو هو. ”هُيوم“ جڏهن
انگلينڊ جي تاريخ ٿي تيار ڪئي، تڏهن ڏيهاڙي تيرهن
ڪلاڪ لکندو هو. ”مانٽيسڪُيو“، پنهنجي تصنيفن جي
هڪڙي ڀاڱي بابت ذڪر ڪندي، هڪري دوست کي چيو ”تون
اهو ٿورن ڪلاڪن ۾ پڙهي ويندين، پر يقين ڄاڻج ته
انهيءَ جي لکندي مون ايتري محنت ڪئي آهي، جو
منهنجا وار ئي اڇا ٿي ويا آهن!“
خيال ۽ علم وارا ماڻهو اڪثر اها عادت ڪري ڇڏيندا
اهن-حقيقتون ۽ خيال هڪدم لکي ڇڏيندا آهن، ته جيئن
مهل تي ياد پون ۽ وسري گم ٿي نه وڃن. ”لارڊ بيڪن“
گهڻائي هٿ- لکيل ڪتاب ڇڏي ويو، جنهن جو نالو هو -
”اوچتا خيال، جي ڪم لاءِ لکيا ويا“.
”آرسڪن برڪ“ جيڪي ڪتابن مان وڏا وڏا انتخاب ڪڍيا،
۽ ”لٽلٽن“ بابت جيڪو ڪتاب ”ڪوڪ“ لکيو سو، ”ايلڊن“
ٻه ڀيرا پنهنجي هٿ سان نقل ڪيو، جنهن ڪري اهو ڪتاب
اهڙو ياد ٿي ويس، جو ڄڻ ته پاڻ جوڙيو هئائين.
ڊاڪٽر ”پائي سمٿ“ جڏهن پيءُ وٽ جلد ٻڌڻ جو ڪم
سکندو هو، تڏهن عادت ڪري ڇڏي هئائين ته جيڪي ڪتاب
پڙهندو ويندو هو، تن جي پوري ياداشت، انتخابن ۽
شرحن سميت لکندو ويندو هو. علمي مضمونن گڏ ڪرڻ ۾
هن جيڪا بيحد محبت ۽ سرجوشي ڪئي، تنهن لاءِ هو
حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڏاڍو مشهور هو. سندس احوال لکڻ
واري، سندس بابت لکيو آهي ته ”هو هميشه پيو ڪم
ڪندو هو، هميشه پيو ترقي ڪندو هو، ۽ هميشه پيو
علميت گڏ ڪندو هو.“ اهي نوٽبڪ پوءِ هن کي بيانن ۽
مثالن ڏيڻ ۾ گنج- خانن وانگي ڪمائتا ٿيا، جهڙي طرح
”رچرڊ جون ”پهڻ جون کاڻيون“ ڪمائتيون ٿيون هيون.
مشهور ”جان هنٽر“ جي به ساڳي اها عادت هوندي هئي.
هن جو ذهن تيز نه هوندو هو، تنهن ڪري هو ائين ڪندو
هو. پنهنجن خيالن لکي ڇڏڻ مان ڪهڙا فائدا آهن،
تنهن جو اڪثر هو اهو مثال ڏيندو هو، چوندو هو ته
”اهو اهڙو آهي جهڙو ڪو واپاري ماڻهو پنهنجي مال جي
فردي يا ياداشت ٺاهي رکي، جنهن کان سواءِ هن کي ڪا
به خبر پئجي نه سگهندي ته ڇا وٽس آهي ۽ ڇا نه
آهي.“ ”جان هنٽر“، جو اهڙيءَ باريڪ بينيءَ سان جاچ
ڪندو هو، جو ”ابرٿني“ چوندو هو ته هن کي سئو اکيون
آهن، سو تحمل سان محبت ڪرڻ واري جو چڱو مثال آهي.
ويهن ورهين جي ڄمار تائين ته هن کي ڪا به تعليم ڪا
نه ملي، يا ته ڪا نالي جي ملي؛ رڳو پڙهڻ لکڻ به
مشڪلات سان سکيو. ڪي ورهيه ته ”گلاسگو“ ۾ عام
واڍڪو ڌنڌو ڪيو؛ تنهن کان پوءِ وڃي پنهنجي ڀاءُ
”وليم“ سان گڏيو. جو لنڊن ۾ رهندو هو، ۽ جراحيءَ
جي علم جو مُدرس هو ۽ بدن جون تشريحون ڏيندو هو.
”جان“، هن جو نائب يا مددگار، لاشن چيرڻ واريءَ
جاءِ ۾، هن سان شامل ٿيندو هو، پر سگهوئي، ڪي
پنهنجي طبعي چالاڪيءَ ۽ ذهن جي ڪري، ۽ ڪي تحمل
واري محنت ۽ سخت ڪشالي جي ڪري ڀاءُ کان ڪسر کڻي
ويو. هو هن ملڪ ۾ انهن پهرين شخصن مان هو، جن پاڻ
کي ڏاڍي جهد سان بدني بناوت جي مقابلي سان تشريح
ڪرڻ جي علم ۾ لڳايو. جيڪي لاشون هن چيريون، ۽ جن
جي هن تشريح ڪئي، سي ايتريون هيون، جو انهن جي
ترتيب ڪري رکڻ ۾ مشهور پروفيسر ”اوئين“ کي ڏهه
ورهيه لڳي ويا. اهي اٽڪل ويهه هزار نمونا ٿيندا،
جي هن گڏ ڪيا هئا- ۽ اهڙو قيمتي خزانو، فقط هڪڙيءَ
ماڻهوءَ جي محنت سان گڏ ٿيل، ٻيو ڪو ٿورو هوندو.
”هنٽر“ ڏيهاڙي صبح جو سج اڀرئي کان وٺي اٺين بجي
تائين پنهنجي عجائبخاني يا تشريح خاني ۾ گذاريندو
هو؛ باقي سارو ڏينهن هو خانگي طرح تمام گهڻن ماڻهن
کي ڏيندو هو: ”سينٽ جارج“ اسپتال ۾ سرجن جي سرڪاري
نوڪري ڏيندو هو، لشڪر جي ڊيپوٽي سرجن- جنرل جي
نوڪري ڏيندو هو، شاگردن کي سيکارڻ لاءِ تقريرون
ڏيندو هو، ۽ پنهنجي گهر ۾ علمي تشريح جي علم
سيکارڻ جو مڪتب پڻ هلائيندو هو، انهن سڀني ڪمن
ڪندي به ، فرصت جو وقت پيدا ڪري، حيواني بدن جي
بناوت بابت ڳرا ڳرا تجربا ڪندو هو، ۽ تمام ضروري
علمي ۽ حڪمتي مضمونن تي گهڻا ئي وڏا وڏا ڪتاب
تصنيف ڪندو هو. هيتري ساري ڪم جي لاءِ وقت پيدا
ڪرڻ واسطي، هو رات جو رڳو چار ڪلاڪ ننڊ ڪندو هو ۽
ڏينهن جو فقط هڪ ڪلاڪ، مانيءَ کائڻ کان پوءِ. هڪڙي
ڀيري پڇيائونس ته ”انهن پنهنجن سڀني ڪمن جي پوريءَ
طرح ڪرڻ لاءِ ڪهڙي تجويز ڪندو آهين؟ هن جواب ڏنو
ته ”ڪنهن به ڪم شروع ڪرڻ کان اڳي، منهنجي عادت آهي
ته خيال ڪندو آهيان ته اهو ڪري سگهندس يا نه؛ جي
نه ڪرڻ جهڙو هوندوآهي، ته انهيءَ جي ڪوشش ئي نه
ڪندو آهيان، جي ڪرڻ جهڙو هوندو آهي ته ان تي محنت
ڪري اهو پورو ڪندو آهيان؛ ۽ شروع ڪرڻ کان پوءِ،
جيسين ان کي پورو نه ڪندو آهيان، تيسين اصل ڪين
بيهندو آهيان. انهيءَ عادت ۽ قاعدي جي ڪري آءٌ
فتحياب پئي ٿيو آهيان.“
”هنٽر“ پنهنجو گهڻو وقت انهن ڳالهين بابت پورين
حقيقتن گڏ ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو، جي سندس زماني کان
اڳي تمام خسيس سمجهيل هونديون هيون. مثلن سندس
همعصر ماڻهو سمجهندا هئا ته هرڻ جي سڱن ڄمڻ بابت
جو هو خبرداريءَ ۽ سنڀال سان ڪتاب مطالع پيو ڪري،
سو رڳو اجايو وقت ۽ خيال وڃائي ٿو؛ پر ”هنٽر“ کي
پڪ هوندي هئي ته علمي حقيقتن جي پوريءَ طرح معلوم
ڪرڻ لاءِ ڪا به محنت اجائي نه آهي. مٿئين مضمون تي
ويچار ڪرڻ سان، هن کي معلوم ٿيو ته بُت جون رڳون
حالتن آهر پاڻ کي بيهارين ٿيون، ۽ ضرورت آهر وڌن
ٿيون. انهيءَ مان جيڪا وافقيت هن حاصل ڪئي، تنهن
جي زور تي هن هڪڙيءَ رڳ جي شاخ ۾، ان جي کل سُڄي
پوڻ جي علاج ڪندي، مُک رڳ کي اهڙيءَ جاءِ تي ٻڌو،
جتي جيڪر ڪو به جراح کانئس اڳي جرات ڪري ڪين ٻڌي
ها- ائين ڪرڻ ڪري، هن پنهنجي مريضن جي جان بچائي
وڌي. گهڻن استادن وانگي، هو گهڻي وقت تائين لڪي
لڪي پيو محنت ڪندو هو-ڄڻ ته آئيندي جي عمارت جو
پيو بنياد کوٽي ۽ وجهي. هن کي پنهنجي ذاتي عقل تي
گهڻو ڀروسو هوندو هو ۽ ٻئي ڪنهن جي مدد ڪا نه
گهرندو هو. جيئن خيال ۾ ايندو هوس، تيئن هليو
هلندو هو، ۽ ٻئي جي همدرديءَ يا پسنديءَ جي تسلي
ڪا نه گهربي هيس؛ ڇالاءِ جو سندس وقت جي ماڻهن ان
ڪي ٿورا هن جي محبت جي مدعا سمجهي سگهندا هئا. پر،
سڀني سچن محنتي ماڻهن وانگي، هن نيٺ پنهنجي لاءِ
اهو تمام عمدو انعام حاصل ڪيو، جو ٻين کان وڌيڪ
پنهنجيءَ جند تي تعلق رهي ٿو-يعني پنهنجي اندر جي
پسندي. پوريءَ سمجهه واري ماڻهوءَ ۾ همت ۽
ايمانداريءَ سان فرض ادا ڪرڻ جو هميشه اهو نتيجو
پئي نڪتو آهي.
”ائمبروز پاري“، جو فرانس جو هڪڙو وڏو جراح ٿي
گذريو آهي، سو ڌيان سان ويچار ڪرڻ، تحمل سان مشغول
رهڻ ۽ اورچائيءَ سان محنت ڪرڻ جو ٻيو چڱو مثال
آهي. هو ”مين“ ضلعي جي ”لاول“ شهر جي هڪڙي حجام جو
پٽ هو، ۽ 1509 ۾ ڄائو به اتي هو. هن جا مائٽ اهڙا
غريب هئا، جو هن کي سڪول ۽ موڪلي نه سگهيا، پر هنن
کيس ڳوٺ جي پادريءَ وٽ نوڪر ڪري ويهاريو- انهيءَ
اميد تي، ته من هو انهيءَ پڙهيل ماڻهو وٽ رهي،
ٿورو گهڻو علم حاصل ڪري. پر انهيءَ پادريءَ ڇوڪر
کي پنهنجي خچر جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻين خسيس ڪمن ڪرڻ ۾
اهڙو مشغول رکيو، جو هن کي ڪي به سکڻ جو وقت ڪو نه
مليو. هو اڃا انهيءَ نوڪريءَ ۾ هو، ته هڪڙي ڀيري
اتفاق سان مشهور پهڻي ڪڍڻ وارو ڊاڪٽر، ڪوٽاٽ،
انهيءَ پادريءَ جي ڪنهن سنگتيءَ جي پهڻي ڪڍڻ آيو.
”پادري“ پهڻي ڪڍڻ مهل حاضر هو ۽ اهو ڪم هن کي اهڙو
وڻيو جو چون ٿا ته انهيءَ وقت کان وٺي هن پنهنجي
دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته جراحيءَ جي هنر ۾ پاڻ
لڳايان.
پادريءَ جي خانگي نوڪري ڇڏي، ”پاريءَ“ اچي هڪڙي
حجام وٽ شاگرد ٿيو، جنهن جو نالو ”وائيلاٽ“ هو، ۽
جراحي به ڪندو هو. اتي هو سير ڇوڙڻ، ڏند ڪڍڻ ۽ ٻيا
اهڙا هلڪا حراجيءَ جا ڪم سکيو. چار ورهيه برابر هن
انهيءَ قسم جو آزمودو ڪيو؛ پوءِ علم تشريح جراحي
سکڻ لاءِ پيرس جي هڪڙي مڪتب ۾ وڃي ويٺو، اتي ڪم به
سکندو هو، ۽ حجامت جو ڌنڌو ڪري پنهنجو پيٽ به پيو
پاريندو هو. پوءِ هن مٿان هڻي ”هاٽيل ڊيوُ“ ۾
نائبيءَ جي نوڪري ورتي، جتي هن جي هلت اهڙي چڱي
هئي، ۽ سڌارو اهڙو ظاهر هو، جو اتي جي وڏي ڊاڪٽر
”گوپل“ جن بيمارن جي پاڻ سنڀال نه ڪري سگهندو هو،
سي کڻي هن جي حوالي ڪيا. ٺهرايل مدت جي تعليم کان
پوءِ ”پاري“ کي ”جراح حجام“ جي سند ملي. سگهوئي
پوءِ ”پيڊمانٽ“ ۾، ”مانٽ مارنسيءَ“ جي زيردستيءَ ۾
هڪڙي فرينچ لشڪر ۾ هو مقرر ٿيو. ”پاري“ اهو ماڻهو
نه هو، جو پنهنجي ڌنڌي جي عام رواجي رستي تي اکيون
پوري پيو هلي ها، پر ڏيهاڙي جيڪو ڪم هو ڪندو هو،
تنهن تي ذاتي عقل ۽ شوق سان ڌيان ڏيندو هو، ۽ محنت
سال خيال ڪري، پنهنجي لاءِ مرضن جي حقيقت ۽ انهن
جا مناسب علاج معلوم ڪندو هو. سندس وقت کان اڳي
زخمي سپاهي دشمنن جي هٿان ايترو ايذا نه سهندا
هئا، جيترو پنهنجن ڊاڪٽرن ۽ جراحن جي هٿان سهندا
هئا؛ بندوق جي گوليءَ لڳڻ ڪري جيڪي زخم ٿيندا هئا،
تن جي رت بند ڪرڻ لاءِ ٽهڪندڙ تيل لائڻ جو جهنگلي
علاج ڪم ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته لوهه تپائي، ڳاڙهو
ڪري، زخمن کي ڏنڀيندا هئا ته رت بند ٿي وڃي؛ ۽
جيئن ڪو عضوو وڍڻو ٿيندو هو، تڏهن ڪپ تپائي، ڳاڙهو
ڪري، انهيءَ سان وڍيندا هئا. پهرين ”پاري“ به،
هلندڙ رواج موجب، زخمن جي چيٺ ڪندو هو، پر هڪڙي
ڀيري چڱو اتفاق ٿيو، جو ٽهڪندڙ تيل کپي ويو ۽
انهيءَ جي بدران هن هڪڙو نرم علاج ڪم آندو. سڄي
رات هن کي ڏاڍو ڊپ هو ته متان انهيءَ علاج ڪري ڪو
نقصان ٿئي، پر صبح جو جڏهن ڏٺائين ته اهي بيمار
اڳي کان بهتر ۽ زياده آرام ۾ آهن، ۽ جن کي رواجي
دستور موجب ڏنڀيو هئائين، سي سور ۾ پيا وٽجن، تڏهن
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انتظار لٿس. انهيءَ طرح اتفاق سان،
”پاري“ گوليءَ جي زخمن جي هڪڙي تمام سڌريل علاج
ڪرڻ جو بنياد وڌو ۽ آئيندي لاءِ اهڙين سڀني حالتن
۾ نرم علاج ڪم آڻڻ لڳو. ٻيو هن جو وڌيڪ ڪمائتو
سڌارو هي هو ته رت جي بند ڪرڻ لاءِ، ڏنڀ ڏيڻ
بدران، نبضن جو منهن ڌاڳي سان ٻڌڻ لڳو. پر ”پاري“
سان به آخر اهي جٺيون ٿيون، جي اڪثر سڌاري ڪندڙن ۽
نين رٿن ڪڍڻ وارن سان ٿينديون آهن. ٻيا جيڪي جراح
۽ ڌنڌي ڀائي هئا، سي هن مان عيب ڪڍڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا
ته ”هن جي تجويز خوفناڪ، ڄٽڪي ۽ نيم -حڪمين واري
آهي!“ جيڪي جهونا حڪيم جراحي جو ڪم ڪندا هئا، تن
ته سڀني پاڻ ۾ کڻي ٻڌي ڪئي ته هن وارو رستو ڪم نه
آڻينداسون. اهي هن کي طعنا هڻڻ لڳا ته ”تون برابر
پڙهيل نه آهين، ۽ خاص طرح توکي لئٽن ۽ يوناني ٻولي
نٿي اچي“. هن جي حق ۾ مصنفن جا قول شاهد آندائون،
جن جي نه هو تصديق ڪري ٿي سگهيو، نه ترديد. پر، هن
جي حجتن جو اهو چڱو جواب هو جو هن جو علاج ڪارگر
ٿيندو ويو ۽ هن ڏانهن ماڻهن جو لاڙو وڌندو ويو.
جتي ڪٿي زخمي سپاهين جا ”پاريءَ“ کي سڏ پئي پيا، ۽
هو هميشه سندن خذمت ۾ حاضر بيٺو هو. هو انهن جي
ڏاڍي خبرداريءَ ۽ چاهه سان چيٺ ڪندو هو ۽ هميشه
موڪلائڻ مهل هنن کي هيئن چوندو هو ته ”مون اوهان
جو علاج ڪيو آهي، هاڻ شل خدا تعالى اوهان کي ڇٽائي
چڱو ڀلو ڪري!“ لشڪري جراح جي عهدي تي، ”پاريءَ“
برابر ٽي ورهيه سخت نوڪري ڏني. پوءِ هو اهڙو نالو
ڪڍي پيرس ڏي موٽيو، جو هن کي هڪدم ”بادشاهي جراح“
کڻي مقرر ڪيائون. جڏهين ”مينٽز“ کي، ”چارلس“ پنجين
هيٺ، اسپين جي لشڪر گهيرو ڪيو، تڏهن قلعي وارن
ڏاڍيون سختيون سٺيون ۽ زخمي ماڻهن جو تعداد تمام
وڏو ٿي ويو. جراح ٿورا ۽ هئا، ۽ جيترا ماڻهو اسپين
جي لشڪر ترار سان ٿي ڪُٺا، تن کان شايد زياده هنن
جراحن علاج ڪندي ٿي ماريا. ”ڊيوڪ آف گائز“، جي
قلعي جي لشڪر جو مهندارو هو، تنهن بادشاهه ڏي لکيو
ته ”پاري“ کي اسان جي واهر لاءِ ڏياري موڪليو.
هيءَ همت ڀريو جراح هڪدم روانو ٿيو ۽ ڪيترائي
جاکوڙا ڪڍي ۽ خوف خطرا لنگهي، دشمن جي لشڪر مان
نڪري، صحيح سلامت اچي. ”مينٽز“ ۾ داخل ٿيو. ”ڊيوڪ“
توڙي جنرل توڙي ڪپتانن- سڀني ڏاڍي چاهه سان هن جو
آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سپاهين وري جڏهن هن جي اچڻ جو ٻڌو،
تڏهن وڏي سڏ چوڻ لڳا ته ”اسان کي اڳتي زخمن جي
وگهي مرڻ جو ڊپ ڪونهي، هاڻ اسان جو سڄڻ اسان وٽ
آهي.“ ٻئي سال ۾ به ساڳيءَ طرح ”پاري“ هيسڊن جي
شهر ۾ قلعي وارن سان وڃي شامل ٿيو، پر سگهوئي
”ڊيوڪ آف سئوهاءِ“ گهيرو ڪري اهو شهر ورتو، ۽
”پاري“ قيد ٿي پيو. پر، دشمن جي هڪڙي وڏي عملدار
کي ڏاڍو خراب زخم ٿي پيو هو، سو هن چيٺي ڇٽايو،
تنهن ڪري سواءِ ڪنهن عيوضي وٺڻ جي هن کي ڇڏي
ڏنائون، ۽ هو صحيح سلامت وري پيرس ۾ آيو.
هن پنهنجي حياتيءَ جو باقي ڀاڱو ڪتابن مطالع ڪرڻ،
پاڻ سڌارڻ، بندگي ڪرڻ ۽چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ گذاريو. ڪن
همعصر علامن جي زور ڪرڻ تي، هن جراحيءَ جي ڪم ۾
جيڪي تجربا ڪيا هئا، تن جا نتيجا اٺاويهن ڪتابن ۾
لکيا، جي هن جدا جدا وقتن تي ڇپايا. هن جون
تصنيفون خاص انهيءَ ڪري ڪمائتيون ۽ مشهور آهن، جو
انهن ۾ تمام گهڻيون حقيقتون ۽ حالتون ڏنل آهن
.اهڙيون فهمائشون انهن ۾ اصل ڄاڻي واڻي ڏنل ئي
ناهن، جي رڳو خيالي اصولن تي ٻڌل هجن ۽ جن جي پوري
طرح آزمائش ٿيل نه هجي. جيتوڻيڪ ”پاري“ پراٽيسٽنٽ
مذهبي فرقي جو هو، ته به بادشاهه وٽ جراحيءَ جي
عهدي تي هليو آيو. ”سينٽ برٿالوميو“ واري ڪوس ڀيري
به هن جي جا ”چارلس“ نائين سان ذاتي دوستي هئي،
تنهن ڪري سندس جان بچي ويئي. ڇا لاءِ جو هڪڙي ڪنهن
اڻڄاڻ جراح، مثاني چيريندي، ”چارلس“ کي خراب ۽
خوفناڪ زخم ڪيو هو، جو ”پاري“ مٿا هڻي ڇٽايو هو- ۽
انهيءَ طرح هن جي جان بچائي هئائين. ”برانٽوم“
پنهنجي تاريخي احوال ۾، ”سينٽ برٿالو ميو“ واريءَ
رات بادشاهه ”پاري“ کي ڪيئن ڇڏايو، تنهن جو هن طرح
بيان ٿو ڏئي ته ”بادشاهه هن کي گهرايو، ۽ هن کي
سڄي رات پنهنجي خانگي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ويهاريائين؛
۽ تاڪيد ڪيائينس ته ٻاهر متان نڪرين؛ ۽ چيائينس ته
اها چڱي ڳالهه ناهي ته جنهن ماڻهوءَ گهڻيءَ خلق
جون جانيون بچايون هجن، سو پاڻ قتل ٿي وڃي“.
انهيءَ طرح ”پاري“ انهيءَ خوفناڪ رات جي عذابن کان
بچي ويو. تنهن کان پوءِ ورهين جا ورهيه جيئرو هو،
۽ ايتري مهلت مليس جو نيٺ وڏي عمر ۾ عزت آبروءَ ۽
سانت ۾ مئو.
”هاروهي“ به اهڙو اڻورچ ۽ محنتي ماڻهو هو، جهڙا
مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو هوندا هئا. هن سڄا اٺ ورهيه
تپاسون ۽ تجربا ڪيا، تڏهن مس رت جي دوري بابت
پنهنجي راءِ پڌري ڪيائين. هن پنهنجا تجربا وري وري
ڪيا، ۽ پاڻيهي انهن جي تصديق ڪيائين، جو شايد
سجهيس ٿي ته جڏهن نيئن ڳولي ڪڍيل ڳالهه ظاهر ڪندس،
تڏهن طب ڄاڻندڙ ماڻهو ضد ڪندا. جنهن رسالي يا
ننڍڙي ڪتاب ۾ نيٺ هن پنهنجا رايا ظاهر ڪيا، سو
مورچارو هو، پر سليس ۽ صاف ۽ لا جواب هو، انهيءَ
هوندي به ان تي ماڻهن ڏاڍي ٺٺولي ڪئي، ۽ چوڻ لڳا
ته اها هڪڙي ديواني مڪار جي گفتار آهي. ڳچ وقت
تائين ته ڪو به ماڻهو ساڻس راءِ ۾ شامل نه ٿيو، ۽
جٺين ۽ گارين کان سواءِ ٻيو ڪي به حاصل نه ٿيس-
ڀلا، هن قديم حڪيمنن جي ثابت قول تي اعتراض جو
اٿاريو هو! بلڪ ائين به چوڻ لڳا ته ”هن جي راءِ
پاڪ ڪتابن جي حڪمن جي برخلاف آهي، ۽ مذهب ۽ اخلاق
جي بنياد ۾ خلل ٿي وجهي!“ جيڪا ٿوري گهڻي آمدني
هيس، سان به بند ٿي ويس، ڪو نالي جو دوست يا
خيرخواهه مس وڃي رهيس. ڪن ورهين تائين اها حالت
هلي، نيٺ، جنهن وڏي سچ تي هيترين سختين ۽ عقوبتن ۾
به ”هاروهي“ قائم رهيو پئي آيو، ۽ جنهن گهڻن خيالن
وارن دلين ۽ مغزن ۾ وڃي جاءِ ورتي هئي، سو، درجي
بدرجي، زياده تپاس ۽ آزمودي جي ڪري، پڪو ٿيڻ لڳو؛
۽ اٽڪل پنجويهن ورهين جي عرصي کان پوءِ، آخر اهو
عام طرح مضبوط سچو حڪمتي قول شمار ۾ آيو.
مائيءَ يا ماتا کي روڪڻ لاءِ ٽُڪن ڏيڻ جي تجويز
پڌري ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جيڪي مشڪلاتون ڊاڪٽر ”جينر“
کي ڏسڻيون پيئون، سي ”هاروهي“ جي مشڪلاتن کان به
زياده سخت هيون. سندس وقت کان اڳي گهڻن ماڻهن ڍڳين
کي مائي نڪتل ڏٺي هئي؛ ۽ ”گلاؤسٽر شائر“ جي کير-ڏڌ
وارين زالن ۾ جا ڳالهه عام هئي ته جنهن کي اهو مرض
وچڙندو هو تنهن کي مائي نه نڪرندي هئي، سان به ٻڌي
هئائون. اهو رڳو اجايو ڪيئن جهڙو افواهه هو، جو بي
معنى ۽ جهل جهڙو سمجهبو هو؛ ڪنهن کي به ان جي جاچ
ڪرڻ جو خيال دل “ نه ٿي آيو، جيسين اتفاق سان اها
ڳالهه ”جينر“ جي ڌيان تي آئي. هو اڃا ڇوڪراٽ هو، ۽
”ساڊبيري“ ۾ پيو پڙهندو هو. هڪڙي ٻهراڙيءَ جي
ڇوڪري سندس استاد جي دڪان تي علاج ڪرائڻ آئي.-
انهيءَ اتفاق سان هن جي نظر پيئي، ۽ هن جو ڌيان
ڇڪيو. مائيءَ جو ذڪر نڪتو، ۽ ڇوڪريءَ چيو ته ”مون
کي اهو مرض نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مون کي اڳي ئي
”ڳئون جي ماتا“ نڪتي آهي.“ انهيءَ ڳالهه تي ”جينر“
ويچار ڪيو، ۽ هڪدم ان جي جاچ ڪرڻ ۽ تجربا وٺڻ لڳو.
جن دوستن ۽ ڌنڌي- ڀائين کي هن ”ڳئون جي ماتا“ جي
روڪ ڪرڻ واري اثر بابت پنهنجي راءِ ٻڌائي، سي مٿس
کلڻ لڳا-بلڪه هنن اهڙو دڙڪو ڏنس ته تون جيڪڏهن
انهيءَ ڳالهه بابت اسان کي ستائيندي، ته اسين توکي
پنهنجي سنگت مان ڪڍي ڇڏينداسين. هن جو چڱو نصيب هو
جو هو، لنڊن ۾ ”جان هنٽر“ وٽ تعليم وٺڻ لڳو، ان کي
هن پنهنجا خيال ۽ رايا ٻڌايا، انهيءَ وڏي تشريح
دان عالم ۽ حڪيم جي صلاح بلڪل ياد رکڻ جهڙي هئي ته
”رڳو خيال نه پچاءِ، پر آزمودو ڪري ڏس، اڻو رچ ٿي
ڪم ڪر، ۽ پوريءَ طرح ڌيان ڏي.“ انهيءَ صلاح ”جينر“
جي همت کي مدد ڏني، ۽ انهيءَ ڪري هو حڪمين واري
تپاس ڪرڻ جو سڄو هنر سکيو. هو وري ٻهراڙي ڏي ويو،
انهيءَ لاءِ ته پنهنجو ڌنڌو به هلائي، ۽ جاچون ۽
تجربا به ڪري. ويهن ورهين تائين هن ائين ڪيو. نئين
ڳولي ڪڍيل حقيقت تي هن کي اهڙو پڪو ويساهه ٿي ويو،
جو هن پنهنجي پٽ کي ٽن جدا جدا وقتن تي ڳئون جي
ماتا جي ٻج مان ٽُڪا ڏنا. نيٺ هن پنهنجي سڄي
تحقيقات جو بيان هڪ ننڍي، ستر کن صفحن واري، ڪتاب
۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ هن ٽيويهن ماڻهن جو
مفصل بيان ڏنو جن کي هن ڳئون جا ٽُڪا ڏنا هئا، ۽
وري پوءِ انهن کي ڇهڻ سان يا خود ماتا جي ٽُڪن ڏيڻ
سان اصل مائي نه نڪري سگهي. اهو ڪتاب 1798ع ۾
ڇپيو، جيتوڻيڪ سال 1775ع کان وٺي انهيءَ بابت هن
جا خيال پڪا ٿيڻ لڳا، ۽ انهن تي هو تعميل ڪرڻ لڳو
هو.
پر، انهيءَ نئين ڳولي ڪڍيل تجويز بابت ماڻهن جو
ڪهڙو خيال هو؟ پهريائين ته انهيءَ ڏي ڪو به ڌيان
ڪو نه ٿي ڏنائون، پوءِ مٽجي انهن جي برخلاف ٿي
بيهي رهيا. ”جينر“ ٻين حڪيمن کي ٽڪن ڏيڻ جي رستي ۽
ان جي نتيجي ڏيکارڻ لاءِ لنڊن ويو، پر هڪڙو به
طبيب ۽ حڪيم، ڪيتري به تسليءَ ۽ خاطري ٿيڻ سان،
آزمودي ڪرڻ جو ذميدار نه ٿيو. آخرڪار، ٽي مهينا کن
بيفائدو ترسي ترسي، موٽي پنهنجي وطن واري ڳوٺ ڏي
هليو ويو. ماڻهو ٺٺوليءَ ۾ سندس کل جهڙيون تصويرون
ٺاهي ڏيکارڻ لڳا ۽ کيس اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳا ته
”هن ڳئون جي اوهه مان مرض واري پُون ڪڍي، پاڻ جهڙن
انسانن جي بت ۾ وجهڻ سان، هنن کي ڦيرائي حيوان ٿي
ڪيو!“ تقرير ڪندڙ ماڻهو، مجلس ۾ گفتگو ڪري چوڻ لڳا
ته ”اهو شيطاني ڪم آهي!“ ٽُڪن ڏنل ٻارن جا منهن
ڍڳن جهڙا ٿيو ٿا پون.“ ”داڻن نڪرڻ مان سڱن ڦٽڻ جا
نشان ظاهر ٿا ٿين؛“ ”انهن ٻارن جي شڪل درجي بدرجي،
ڦري ڳئون جهڙي ٿي ٿئي،“ ”انهن جو آواز به ڍڳن جي
رنڀ جهڙو ٿيو پوي!“ پر، انهيءَ هوندي به ٽُڪن ڏيڻ
جي حقيقت سچي هئي، ۽ ايتري ضديت هوندي به، آهستي
آهستي، ان تي ويساهه پکڙبو ويو. هڪڙي ڳوٺ ۾، جتي
هڪ سکر ماڻهو ٽڪن جي رواج وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي
جن ماڻهن پهريائين پاڻ کي ٽڪا ڏياريا، تن کي خلق
هڻي سنگسار ڪري رکيو؛ ۽ جي گهرن کان نڪرندا هئا ته
پهڻ هڻي وري اندر ڀڄائي ڇڏيندا هئن. ٻن امير
زادين- هڪڙي ”ليڊي ڊلوسي“ ۽ ٻي ”ڪائونٽيس آف
پرڪلي“ کي شابس آهي، جو همت جهلي پنهنجن ٻارن کي
ٽڪا ڏياريائون؛..... تنهن کان پوءِ هڪدم ماڻهن جا
وهم گم ٿي ويا... درجي بدرجي، حڪيم ۽ طبيب به اچي
گڏ ٿيا. ڪي ته اهڙا به هئا، جو جڏهن ٽڪن جي اثر جي
تعريف ٻڌائون، تڏهن دعوا ڪرڻ لڳا ته ”اها تجويز
اسان پهرين ڳولي ڪڍي آهي، نه ڊاڪٽر ”جينر“! نيٺ
”جينر“ جي دعوا ثابت ٿي، ۽ هو فتحمند ٺهرايو ويو.
پوءِ هن کي عام طرح گهڻو مان ڏنائون، ۽ انعام
اڪرام ڪيائون. زور ۽ مشهورائي جي ڏينهن ۾ به اهڙو
نهٺو ۽ نماڻو هو، جهڙو غريبيءَ ۽ گمناميءَ جي
ڏينهن ۾ هوندوهو. لنڊن جي ماڻهن هن کي گهڻو ئي چيو
ته اچي شهر ۾ ويهه ته توکي سال ۾ ڏهه هزار پائونڊ
آمدني ٿيندي؛ پر ان جو جواب اهو هو ته ”نه“ عمر جي
صبح مهل مون حياتيءَ جا گوشائتا هنڌ ۽ هيٺانهان
رستا پئي ڳوليا آهن؛ ۽ جبل ڇڏي ماٿريون پئي چتايون
اٿم، تڏهن هاڻي عمر جي شام جو مون کي نٿو جڳائي ته
آءٌ وڏائي ۽ ناموس ڏيکارڻ لاءِ پاڻ کي مٿي ڪريان.“
خود ڊاڪٽر ”جينر“ جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، ٽڪن ڏيڻ
جو رواج، دنيا جي سڀني سڌريلن ملڪن ۾ پئجي ويو؛ ۽
جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن سڀني مڃيو ته هو برابر
انسان ذات جو خيرخواهه هو. ”ڪوهيئر“ چيو آهي ته
”جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ رڳو ٽڪن ڏيڻ جي حڪمت ڳولي
ڪڍيل هجي، ته اها هڪڙي ئي اهڙي وڏي ڳالهه آهي،
جنهن تي انهيءَ زماني کي فخر ٿئي، انهيءَ هوندي
به، ويهه ڀيرا اها ساڳي حڪمت دارالعلمن جي درن تي
ويئي، پر ڪنهن اندر لنگهڻ نه ڏنس!“
”سرچارلس بيل“ نسن ۽ رڳن جي انتظام بابت جيڪي
تحقيقاتون ڪيون، ۽ نيون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون، تن ۾
به هن ڪا گهٽ جفاڪشي،مردانگي اورچائي نه ڏيکاري.
سندس وقت کان اڳي، نسن ۽ رڳن جي حڪمتي عملن بابت،
حڪيمن جي راءِ تمام مونجهاري جهڙي هوندي هئي؛ ۽
اها علم جي شاخ به گهڻو ڪري ساڳيءَ انهيءَ حالت ۾
هئي، جنهن ۾ ٽن هزارن ورهين کان اڳي، ”ڊيما ڪريٽس“
۽ ”انگزا گورلس“ جي ڏينهن ۾ هئي. ”سرچارلس بيل“
سال 1821ع کان وٺي جي ڪمائتا ڪاغذ يا رسالا هڪٻئي
پٺيان ڇپايا، تن ۾ انهيءَ مضمون بابت هن اصل نوان
خيال ۽ نوان رايا ظاهر ڪيا، جي تمام گهڻن سوچ ۽
پورائيءَ سان وري وري ڪيل تجربن تي ٻڌل هئا. گهٽ
درجي وارن حيوانن کان وٺي انسان تائين- جو اشرف
المخلوقات آهي- جسم ۾ نسن ۽ رڳن جو انتظام ڪيئن
سڌرندو آيو آهي، تنهن بابت هن مفصل بيان اهڙو صاف
۽ چڱو ڏنو جو ”ڄڻ ته اسان جي مادري زبان ۾ لکيو
آهي“- جيئن پاڻ چيو اٿس. هن جيڪا نئين ڳالهه ڳولي
ڪڍي، سا هيءَ هئي ته ”پٺيءَ جي ڪنڊي واريون نسون
ٻن طرحن جو ڪم ڪن ٿيون، ۽ انهن جون ٻِٽيون پاڙون
آهن، جي پٺيءَ جي ڪنڊي واري هڏي جي اندرئين مک يا
مغز مان نڪرن ٿيون. هڪڙي پاڙ مان جي نسون نڪرن
ٿيون، سي ارادو يا مرضي ظاهر ڪن ٿيون ۽ عمل ۾ آڻين
ٿون، ۽ ٻيءَ مان جي نڪرن ٿيون، سي حس يا حواسن جو
اثر ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ مضمون تي ”سرچارلس بيل“
برابر چاليهه ورهيه پنهنجا خيال پئي ظاهر ڪيا. سال
1840ع ۾ هن پنهنجون پويون ڪاغذ يا رسالو، ”رايل
سوسائٽي“ يا حڪمت وارن ماڻهن جي شاهي مجلس ۾ پيش
ڪيو. جيئن ”هاروهي“ ۽ ”جينر“ جي حالت ۾ ٿيو هو،
تيئن هن جي حالت به جڏهن پهرين ماڻهو سندس راين تي
کل ٺٺولي ۽ ضد ڪري ٿڪا، ۽ نيٺ انهن جي سچائي قبول
ڪيائون، تڏهن ڪيترائي دعويدار پيدا ٿا- جهڙا
انهيءَ ملڪ ۾ تهڙا ٻاهر- جن چيو ته اها حقيقت
پهرين اسان ڳولي ڪڍي آهي. انهن ئي وانگي پنهنجن
ڪاغذن ڇپائڻ ڪري، هن جي پيدائش به گم ٿي ويئي، ۽
هن يادگيريءَ لاءِ پاڻ وٽ لکي ڇڏيو هو ته ”جيئن
جيئن مون پنهنجن تحقيقاتن ۾ ترقي پئي ڪئي. تيئن
تيئن مون کي پنهنجي ناموس ۽ پيدائش بچائڻ لاءِ
زياده محنت ڪرڻي ٿي پيئي.“ نيٺ ”سرچارلس بيل“ جي
قابليت ۽ ڪماليت سڀني پوريءَ طرح قبول ڪئي. خود
”ڪوهيئر“ جڏهن قريب المرگ هو ۽ سندس منهن سيٽجي
مروٽجي هڪڙي پاسي ٿي پيو هو، تڏهن جيڪي ماڻهو اتي
هئا، تن کي هن ڏيکاريو ته انهن علامتن مان
”سرچارلس بيل“ جي راءِ جي سچائيءَ جي ثابتي ملي
ٿي.
ساڳئي علم جي شاخ تحقيقاتن ڪرڻ ۾، ساڳيءَ طرح،
ڊاڪٽر ”مارشل هال“ به جانفشاني ڪئي. هن جو نالو به
پوين وٽ ”هاروهي“، ”هنٽر“، ”جينر“ ۽ ”بيل“ جهڙو
شمار ۾ ايندو. هن جي وڏي عمر، جا ساري ڪمائتي
گذري، تنهن ۾ هن ڏاڍيءَ خبرداريءَ ۽ باريڪ بينيءَ
سان علمي تحقيقاتون ۽ جاچون ڪيون. ڪهڙي به ظاهري
خسيس ڳالهه هن جي ڌيان کان گُسي نه ويئي. هن رڳن ۽
نسن جي پکيڙيل انتظام جي جا ڪمائتي حقيقت ڳولي ڪڍي
۽ جنهن ڪري حڪيمن ۽عالمن ۾ هن جو نالو هميشه
پائدار رهندو، سا هڪڙي تمام خسيس اتفاق مان شروع
ٿي. هن جل- مانس يا ”آدم آبي“ جي ڦڦڙن ۾ رت جي
دَوري جي چڪاس پئي ڪئي، ۽ اها عجيب مڇي سندس اڳيان
ميز تي چيري رکي هئي، جڏهن ان جي پڇڙي وڍي ڌار
ڪيائين، ۽ اوچتو ان جي ٻاهرينءَ کل ۾ سئي
چٻايائين، تڏهن ڏٺائين ته اها ڏاڍي زور سان چُرڻ
لڳي ۽ ور وڪڙ ڏيئي سيٽجڻ ۽ مروٽا کائڻ لڳي. هن اڃا
نڪي ڪنهن نس کي هٿ لاتو هو، نڪي ڪنهن رڳ کي-تڏهن
هي چُرڻ ۽ مروٽجڻ ڪهڙي سبب کان ٿي ٿيو؟ اهڙي عجيب
حالت شايد اڳي به گهڻن ماڻهن ڏٺي هوندي، پر ڊاڪٽر
”هال“ پهريون ماڻهو هو، جو انهيءَ جي سبب معلوم
ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيئي مٿو هڻڻ لڳو- انهيءَ مهل چوڻ
لڳو ته ”جيسين آءٌ هيءَ سڀ حقيقت نه پروڙيندس ۽ ان
جي صفائي نه ڪندس، تيسين آرام نه وٺندس!“ هن
انهيءَ مضمون تي نهايت گهڻي سرجوشيءَ سان ڌيان
لڳايو. حساب ڪيو ويو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جي
عرصي ۾ هن سڄا پنجويهه هزار ڪلاڪ ان جي تجربن ڪرڻ
۽ ڪيميائي تپاس هلائڻ ۾ لڳايا! ساڳئي وقت ۾ هن
خانگي طرح تمام گهڻو طبابت جو ڌنڌو پئي ڪيو، ۽
”سينٽ ٽامس“ جي اسپتال ۾ ۽ ڪن ٻين ڊاڪٽري اسڪولن ۾
تعليم به پئي ڏني. انهيءَ ڳالهه تي آسانيءَ سان
اعتبار نه اچي سگهندو ته هن پنهنجي رسالي ۾ جا
پنهنجي نئين ڳولي ڪڍيل ڳالهه پڌري ڪئي، سا ”رايل
سوسائٽيءَ“ يعني حڪيمن جي شاهي مجلس رد ۽ نامنظور
ڪري ڇڏي؛ ۽ سترهن ورهين کان پوءِ جڏهن هن جي راءِ
جي سچائي سندس ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن جي عالمن قبول
ڪئي، تڏهن مس هنن منظور ڪئي.
”سرويلم هرشل“ جي حياتيءَ جو احوال وري علم جي
ٻيءَ هڪ شاخ ۾ محنت ۽ سرجوشيءَ جو ٻيو عمدو مثال
آهي. هو هڪڙي غريب جرمن ڳائڻي جو پٽ هو. سندس پيءُ
پنهنجن چئن پٽن کي به ساڳيو ڌنڌو سيکاريو. ”وليم“
قوت گذران ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ۾ آيو، جتي ”ڊرهام
مليشيا“ واري لشڪر جي باجي وڄائڻ واري ٽولي ۾ وڃي
داخل ٿيو. اتي هو باسري وڄائيندو هو. اها پلٽڻ
”ڊانڪاسٽر“ ۾ لٿي پئي هئي. اتي ڊاڪٽر ”ملر“ جي
پهرين ”هرشل“ سان واقفيت ٿي، ڇا لاءِ جو هن سندس
تعريف ٻڌي هئي ته هو ساز چڱو وڄائي ٿو ۽ راڳ چڱو
ڳائي ٿو. انهيءَ ڊاڪٽر هن جوان سان گفتگو ڪئي ۽
منجهائنس اهڙو خوش ٿيو جو هن کي زور ڪيائين ته
پلٽڻ جي نوڪري ڇڏي، هلي ٿورو وقت تائين سندس گهر ۾
رهي. ”هرشل“ ائين ڪيو. جيسين ”ڊانڪاسٽر“ ۾ هو،
تيسين گهڻو ڪري راڳ جي مجلسن ۾ انگريزي سارنگي
وڄائيندو هو، ۽ فرصت جي وقت ۾ ڊاڪٽر ”ملر“ جي
ڪتخاني ۾ ڪتابن مطالعي ڪرڻ جو فائدو وٺندو رهيو.
”هالي فاڪس“ جي ننڍيءَ ديول لاءِ هڪڙو نئون آرگن
يا ارغون باجو جڙيو هو، تنهن جي وڄائڻ واري جي
لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ٿيو هو، سو ٻڌي، ”هرشل“
درخواست ڪئي، ۽ کيس پسند ڪري اها جاءِ ڏنائون.
تنهن کان پوءِ ڪي ڏينهن، گهمندو، پنهنجي هنر سان
پيٽ پاليندو وتندو هو. نيٺ ”باٿ“ ۾ آيو، جتي ”پمپ
روم“ جي باجي واري ٽوليءَ ۾ باجو وڄائيندو هو، ۽
ساڳئي وقت ۾ هشت- پهلو ديول ۾ وڏي باجي وڄائڻ جو
به ڪم ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ علم هيئت جون ڪي نيون
ڳالهيون ڪڍيون ويون هيون، تن تي هن ڌيان لڳايو. هن
جي طاقت واري ذهن تي انهن گهڻو اثر ڪيو، ۽ هن جي
دل ۾ انهن جي واقفيت حاصل ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي،
تنهن ڪري هن مٿا هڻي هڪڙي دوست کان ”گريگري“ واري
هڪڙي ٻه-فوٽي دروبيني اُڌاري ورتي. هن ويچاري باجي
وڄائڻ واري کي انهيءَ علم اهڙو موهي وڌو، جو هن کي
پنهنجي دوربين خريد ڪرڻ جو اچي حرص ٿيو، پر لنڊن
جي دوربين- فروشن اهرو ڳرو ملهه ٿي گهريو، جولاچار
ٿي هن دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪيو ته پنهنجي لاءِ هڪڙي
دوربين ويهي ٺاهيان. جن کي خبر آهي ته عڪس وجهندڙ
دوربين ڪهڙي ٿيندي آهي، ۽ ڌاتوءَ جي مقعريا ٻنهي
پاسي پوري ٽِڪي، جا نظر ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ اوزار
جو تمام ضروري ڀاڱو آهي، تنهن کي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترو
هنر ٿو گهرجي، تنهن کي ڪو سماءُ پئجي سگهندو ته
انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙي نه مشڪلات آهي. انهيءَ هوندي
به ”هرشل“، تمام گهڻيءَ ۽ سخت محنت کان پوءِ، نيٺ
هڪڙي پنج فوٽ ڊگهي عڪس وجهڻ واري دوربين ٺاهي تيار
ڪئي، جنهن سان ”زحل“ تاري جو حلقو ۽ ان سان تعلق
رکندڙ ٻيا ننڍا سيارا تارا ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو.
هيتريءَ فتحيابيءَ تي به هن کي صبر نه آيو، ۽ ٻيون
دوربينون هڪٻئي پٺيان جوڙڻ لڳو- هڪڙي ست فوٽ ڊگهي،
ٻي ڏهه فوٽ ڊگهي ۽ ٽي اصل ويهه فوٽ ڊگهي. ست- فوٽي
عڪس وجهندڙ دوربين جوڙڻ ۾ هن سڄيون ٻه سو ٽِڪيون
ڌاتوءَ جون جوڙيون، تڏهن مس منجهانئن هڪڙي اهڙي،
ٺهي، جا مٿانئس لڳايل زور کڻي سگهي. انهيءَ مان هن
شخص جي اورچائي ۽ محنت چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگهندي.
هڪ طرف جو هن پنهنجن اوزان سان آسمان ۽ تارن جي
چڪاس پئي ورتي، ته ٻئي طرف وري هن پنهنجي پيٽ
گذران لاءِ تحمل سان ”پمپ روم“ ۾ ايندڙ سکر ماڻهن
کي بانسريءَ پڻ وڄائي پئي ڏيکاري. تارن ڏسڻ جو هن
کي ايترو شوق هوندو هو، جو جڏهن باجي جو هڪڙو دس
وڄي بس ٿيندو هو ۽ ساهي ملندي هئي، تڏهن هو انهيءَ
جاءِ مان چوري ڀڄي گهر ايندو هو ۽ دوربين کي ٿورو
هيٺ مٿي چوري، تارن جو نظارو ڪري، وري ڀڄي وڃي
بانسري وڄائيندو هو! انهيءَ طرح ڪم ڪندي، “هرشل“
پنهنجين دوربينن سان ”جارجيم سائڊس“ تارو ڳولي
ڪڍيو، ۽ ان جو گردو يا دائرو توڙي ان جي هلڻ جي
چال جو اندازو پوريءَ طرح حساب ڪري معلوم ڪيائين.
پوءِ اهو سڄو بيان لکي ”رايل سوسائٽيءَ“ ڏانهن
موڪليائين، انهيءَ جو نتيجو هيءَ ٿيو ته اهو مسڪين
بانسري وڄائيندڙ، هڪدم، گمناميءَ مان چڙهي، وڃي
مشهوريءَ جي اوج کي پهتو. سگهو ئي پوءِ هوشاهي
منجّم يا هيئتدان مقرر ٿيو ۽ بادشاهه جارج ٽئين جي
مهربانيءَ سان آبروءَ جهڙي درجي ۽ وسعت واريءَ
حالت کي وڃي پهتو. هن پنهنجي عزت ۽ آبرو اهڙيءَ
نماڻائيءَ ۽ نياز سان کنئي، جهڙي منجهس غريبيءَ جي
حالت ۾ ڏسبي هئي. اهڙو حيلم طبع ۽ تحمل وارو، ۽
وري مشڪلاتن ۾ به علم ۽ حڪمت جو اهڙو ناميو ۽
قابليت وارو طالب، سڀني تاريخن ۾ ٻيو ڪو شايد ڪو
نه لڀندو.
”وليم سمٿ“، جو انگلينڊ ۾ علم طبقات الارض جو باني
۽ استاد هو، تنهن جي حياتيءَ جو احوال جيتوڻيڪ
شايد اهڙو مشهور ناهي، ته به تحمل ۽ محنت سان
ڪشالي ڪرڻ ۽ مٿا هڻي وجهه نه وڃائڻ جو ڪو به انهن
کان گهٽ مرغوب ۽ مفيد مثال نه آهي. هو، ”آڪسفرڊ
شائر“ جي ”چرچل“ شهر۾، سال 1869ع ۾ ڄائو هو، ۽
هڪڙي ننڍي آبادگار جو پٽ هو. هو اڃا ننڍو ٻار هو،
ته سندس پيءُ مري ويو، تنهن ڪري هن کي هڪڙي ننڍي
ٻهراڙيءَ جي مڪتب ۾ تمام ٿوري تعليم ملي- تنهن ۾
به ڪيتريون اٽڪون ٿيون، جو هو گهندو رلندو وتندو
هو ۽ رولو ڇوڪرن واريون اجايون عادتون هونديون
هيس. هن جي ماءُ وري ٻيو ڀيرو شادي ڪئي، تنهن ڪري
هن کي سندس چاچو، جو پڻ آبادگار هو، تنهن حوالي ۾
ورتو، ۽ هن کي پالي وڏو ڪيو. هيءَ ڇوڪر گهمڻ، ۽
لسن پهڻن، روهين ۽ ٻين عجيب غريب پٿرن جي گڏ ڪرڻ
جو شوقي هوندو هو، جو اهڙا پهڻ سندس زمين جي آسپاس
پکڙيا پيا هوندا هئا. جيتوڻيڪ هن جون اهي عادتون
چاچس کي نه وڻنديون هيون، تڏهن به هن ڪي ضروري
ڪتاب وٺي ڏنس ته جيئن هو علم اقليدس ۽ پيمائش جا
اصول سکي، ڇا لاءِ جو اڳي ئي رٿيل هو ته اهو ڇوڪر
نيٺ سروير يا زمين جي ماپ ڪرڻ وارو ٿئي. هن جي
ننڍي هوندي هڪڙي خاصيت اها هوندي هئي، ته هو سڀڪا
شيءِ ڏاڍي خيال ۽ ڌيان سان جاچيندو هو، ۽ جيڪي
هڪڙي ڀيري ڏسندو هو سو وري ڪڏهن نه وساريندو هو.
هو نقش ڪڍڻ لڳو، ۽ رنگ ڏيڻ جي به ڪوشش ڪيائين،
پيمائشي حسابن ۽ زمين جي ماپن ڪرڻ جي استعمالي ڪرڻ
لڳو، پر انهن ڪمن مان ڪنهن ۾ به هن کي دستوري
تعليم ڪا نه ملي. پاڻ کي پاڻيهي تعليم ڏيڻ ۽ محنت
ڪرڻ سان، هو سگهوئي اهڙو هوشيار ٿيو جو پاڙي ۾
هڪڙو لاچاڪ سروير هو، تنهن هن کي پنهنجو اسسٽنٽ يا
مددگار ڪري رکيو. نوڪري ڏيندي ۽ پنهنجي ڪم ڪندي،
هن کي ”آڪسفرڊ شائر“ ۽ پاسي وارن ضلعن ۾ اڪثراچڻو
وڃڻو ٿيو. پهرين ڳالهه جنهن تي هن ڌيان لائي غور
ڪيو، سا اها هئي ته جي زمينون سندس ڏسڻ ۾ ٿي آيون،
جن مان لنگهيو ٿي ۽ جن جي ماپ ٿي ڪيائين، تن جي
مٽيءَ ۽ انهن جا تهه يا طبقا ڪيئن رکيل آهن- خصوصا
ڳاڙهي مٽي جي جاءِ، ڪچن توڙي انهن جي مٿان بيٺل
پڪن ٽڪرن جي نسبت ڪهڙي آهي، سا جاچيندو هو. بيشمار
آڱرن جي کاڻين واري زمين جي ماپ جا هو ڪندو هو،
تنهن ۾ هن کي پاڻ زياده تجربوحاصل ٿيو. اڃا ٽيويهن
ورهين جو مس ٿيو، ته هن زمين جي تهن جو هڪڙو
هٿرادو نمونو رٿيو.
جن ڏينهن ۾ ”گلاسٽر شائر“ ۾ ڪنهن رٿيل واهه جي
لاءِ هن زمين جي ليول يا سنوت پئي ورتي، تن ڏينهن
۾ انهيءَ ضلعي جي زمين جي طبقن يا تهن بابت عام
قاعدي جو خيال هن جي دل ۾ پيدا ٿيو. هن معلوم ڪيو
ته آڱرن جي مٿان جيڪي تهه هئا، سي زمين جي سطح
وانگي سنوان نه هئا؛ پر پاسيرا هئا؛ ۽ سڀئي هڪ
پاسي هئا- يعني اڀرندي ڏي- جهڙيءَ طرح روٽيءَ ۽
مکڻ جون ڦاڪون هڪٻئي مٿان رکيل ڏسڻ ۾ اينديون آهن،
پر تمام وڏي قد جون. انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جي
تصديق سگهوئي ٻين ٻن پوريءَ وڇوٽيءَ وارين ماٿرين
جي تهن ڏسڻ سان هن کي ملي، جو اتي ڳاڙهيءَ مٽيءَ
يا چوني يا ريتيءَ جا آني جهڙا گول پهڻ اوڀر جي
طرف لهندا ڏسڻ ۾ آيا؛ جي سطح کان هيٺ لهيو پئي ويا
۽ انهن جي جاءِ تي وري ٻيا اهڙا تهه هڪٻئي پٺيان
نظر ٿي آيا. تنهن کان پوءِ سگهو ئي جڏهن هو انگلنڊ
۽ ويلس جي واهن جي انتظام چڪاسڻ لاءِ مقرر ٿيو،
تڏهن هن کي پنهنجيءَ راءِ جي عام طرح سچي هئڻ جي
پوري تصديق ملي، ۽ خاطري ٿي. ”باٿ“ کان ”ٽائن“
نديءَ واري ”نيوڪئسل“ تائين جيڪو گشت هن ڪيو، ۽
وري جو ”شراب شائر“ ۽ ويلس کان موٽي آيو، تنهن وچ
۾ هن جي تيز نظر هڪ لحظو به اجائي نه رهي. جنهن
ڀاڱي مان هو پنهنجن سنگتين سميت لنگهيو، تنهن جو
نماءُ توڙي ان جي بناوت هن جلديءَ ۾ نهاري ياد ڪري
ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته آئيندي ڪم اچي. هن زمين جي
طبقن ڏي اهڙي خبرداريءَ سان نگاهه ٿي ڪئي، جو
جيتوڻيڪ ”يارڪ“ کان ”نيوڪئسل“ ڏي ٽپال-گاڏيءَ ۾
ويندي، سندس رستو اڀرندي وارن چاڪ ۽ بيضوي پهڻن جي
ٽڪرين کان پنجن کان پندرهن ميلن تائين پري هو،
تڏهن به انهن جي قسم جي خبر هن کي سندن شڪل، هڪٻئي
جي نزديڪيءَ، توڙي زمين جي سطح تي ڳاڙهيءَ مٽيءَ ۽
چوني جي پهڻن جي بنسبت انهن جي پکيڙ جا رستي هلندي
ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ ايندي هئي- تنهن مان پوريءَ طرح
پوندي هئي. هن جي تحقيقات جا عام نتيجا هيٺيان
آهن: هن معلوم ڪيو ته انگلنڊ جي الهندي وارن ڀاڱن
۾ جيڪي ٽڪرائتيون زمينون هيون، سي گهڻو ڪري اڀرندي
۽ ڏکڻ- اڀرندي طرف ڏي لڙيل هيون؛ ۽ ڳاڙها ريتيءَ
وارا پهڻ ۽ چوني ۽ مٽيءَ جا گڏيل پهڻ، جي اڱرن جي
تنهن جي مٿان هئا، سي چوني جي ڪڪريءَ، نج مٽيءَ ۽
چوني جي پهڻن ۽ جدا جدا قسمن جي مٽين جي هيٺان ٿي
لنگهيا، ۽ ”ڪاٽسو ولڊ“ ٽڪرين جو مٿانهون ميدان ٿي
جوڙيائون، ۽ اهي وري انگلنڊ جي اڀرندي وارن ڀاڱن ۾
جي وڏا چاڪ جا تهه يا طبقا هئا، تن جي هيٺيان ٿي
لنگهيا، هن هي ڳالهه به سهي ڪئي ته مٽيءَ، ريتي ۽
چوني جي پهڻن جي هرهڪ تهه ۾ پنهنجا ڳريل ۽ پهڻ ٿي
ويل جانورن جا نمونا موجود هئا. انهن ڳالهين تي
ڳوڙهو خيال ڪري، نيٺ هن هيءُ نئون اڻ ٻُڌل نتيجو
ڪڍيو ته هنن جدا جدا تهن يا طبقن ۾ جو جدا جدا
سامونڊي جانورن جا تهه هئا، تنهن مان معلوم ٿي ٿيو
ته اهو هڪڙو هڪڙوتهه ڪنهن وقت ۾ جدا جدا سمنڊ جو
ترو هو، ۽ مٽيءَ، ريتيءَ، چاڪ ۽ پهڻ جو سڀڪو تهه
يا طبقو، زمين، جي تاريخ جو جدا جدا زمانو ٿو
ڏيکاري. هي خيال هن جي دل ۾ پڪي طرح ويهي رهيو؛
انهيءَ کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مضمون بابت نڪي
ويچار ڪندو هو نڪي ڳالهائيندو هو. جڏهن به ڪي واهن
جي سڌاري جون مجلسون ٿينديون هيون، يا ٻهراڙيءَ ۾
رڍن جي اُن ڪترڻ وقت خوشيءَ جون مجلسون هيون، يا
شهرن جون جماعتون گڏ ٿينديون هيون، يا آبادگارن
جون ٽوليون گڏ ٿينديون هيون، تڏهن هي شخص، جنهن تي
”طبقن وارو“، ”سمٿ،“ نالو پئجي ويو هو، سو هميشه
انهيءَ مضمون تي پيو گفتگو ڪندو هو، جو سندس مغز ۾
ويهي ويو هو، حقيقت ڪري هن هڪڙي تمام وڏي ڳالھ
ڳولي ڪڍي هئي- جيتوڻيڪ اڃا عالمن ۽ حڪيمن کي هن
جي ڪابه خبر ڪانه هئي، ۽ کيس سڃاڻندا ئي نه هئا،
هن انگلنڊ جي طبقن ڏيکارڻ لاءَ هڪڙو نقشو رٿيو، پر
ڪجھ وقت انهي جي تيار ڪرڻ ۾ هن کي روڪ ٿي، ڇا لاءَ
جو هو برابر ڇهين ورهين تائين ”سمرسيٽ شائر“ واري
اڱرن جي واھ کڻائڻ جي ڪم نهايت مشغول هو. انهي
هوندي به هن مٿا هڻيو، جاچون ڪريو، حقيقتون پئي گڏ
ڪيون، هو ڪنهن به ضلعي جي زير زمين بناوت معلوم
ڪرڻ، ۽ ٻاهرين شڪل مان اندرين تھن يا طبقن جي پکيڙ
۽ ٻئ حالت سهي ڪرڻ ۾ اهڙو هوشيار ۽ آزمودوگار ٿيو،
جو اڪثر وڏن ميدانن ۽ پٽن مان پاٽيءُ وهائڻ ۽
نيڪال ڪرڻ جي تجويزن بابت هن کان راءِ وٺندا هئا ۽
صلاح پڇندا هئا. هو اها راءَ، زمين جي طبقن جي
واقفيت جي زور تي، اهڙي پوري ڏيندو هو جو نيٺ مفيد
۽ سچي ثابت ٿيندي هئي، جنهن ڪري سندس ڏاڍي ناموس
نڪتي.
هڪڙي ڏينهن ”باٿ“ ۾، پادري، ساميوئل رچرڊ سن“ جي
جاءِ ۾ جيڪي ڳريل سڙيل جانورن وغيره جا نمونا رکيل
هئا، سي ڏسندي، ”سمٿ“ اوچتو انهن کي بگيڙي،
پنهنجيءَ تجويز ۽ ترتيب سان، زمين جي طبقن جي
ترتيب موافق، وري اهي ٺاهي رکيا؛ جنهن جي ڪري سندس
دوست کي حيرت وٺي ويئي. هن کي چوڻ لڳو ته، هي نيري
رنگ جي چوني وارن پهڻن مان آيا آهن؛ هي انهن جي
مٿان واريءَ ۽ ريتيءَ ۽ ڪچن پهڻن مان آيا آهن؛ هي
ميٽ مان نڪتا آهن؛ جن مان باٿ ۾ عمارتون جوڙيندا
آهن،. اهي لفظ ٻڌي، مسٽر ”رچرڊ“ جي دل تي ڄڻ هڪڙو
نئون خيال پيدا ٿيو؛ سگھوئي هن ”وليم سمٿ“ جي راءِ
تي ويساھ ڪيو، ۽ هن سان شامل ٿيوـ پر، انهن ڏينهن
۾ جيڪي طبقات الارض جا عالم هئا، تن آسانيءَ سان
هن جي ڳالھ تي اعتبار نه ڪيو؛ چيائون ته ”هڪڙو
نئون گمنام زمين جي پيمائش ڪرڻ وارو، اهڙو ٿيو آهي
جو اسان کي ٿو طبقات الارض جو علم سيکاري! پر
”وليم سمٿ“ جي اک ۽ دل اهڙي ته تيز هئي، جو زمين
جي کل جي اندر گھڙي ويندي هئي؛ هن کي گويا ان جي
اندرئين پڃري ۽ نسن جي پيئي خبر پوندي هئي، ۽ ڏسڻ
کان اڳي ان جي بناوت جي سڌ ڏيندو هو. ”باٿ“ جي آس
پاس واريءَ زمين جي طبقن جي هن کي اهڙي باريڪ ۽
پوري خبر هئي، جو هڪڙيءَ رات پادري ”جوزف
ٽائونسينڊ“ جي گھر ماني ويٺي کاڌائين، ته هن مسٽر
”رچرڊسن“ کي زمين جي ٽيويهن طبقن يا تنهن جا نالا
وٺي ٻڌايا، جيئن اهي هڪٻئي پٺيان مٿان کان هيٺ
لهندا ويا هئا-پهرين چاڪ کان شروع ٿيا، ۽ هڪٻئي
پٺيان لهندا وڃي هيٺ اڱرين تي بيٺا، جنهن جي هيٺ
وارن طبقن جو اڃا تڏهن پوريءَ طرح سماءِ ڪونه پيل
هو؛ تنهن کان پوءِ ٽَڪرن جي جدا جدا تهن ۾ جيڪي
مکيه مکيه ڳريل جانورن جا نمونا گڏ ڪيا ويا هئا؛
تن جا نالا وٺي ويو، اهي نيٺ سن 1801ع ۾ ڇاپيا
ويا، ۽ چوڌاري پڌرا ڪياوياـ
تنهن کان پوءِ، جيترو وسعت آهر هن کان ٿي سگهيو،
”باٿ“ کان پري وارن پرڳڻن جي طبقن جي جاچ ڪرڻ لڳو.
ڪي ورهيه هو پئي آيو ۽ ويو- ڪڏهن پنڌ، ڪڏهن گهوڙي
تي، ۽ ڪڏهن ته جيڪي منزلن جي وچ ۾ عام گاڏيون
هلندڙ هيون، تن جي چوٽيءَ تي چڙهي ويهندو هو. اڪثر
جيڪو وقت ڏينهن جو وڃائيندو هو، تنهن جي بدران،
رات جو پنڌ ڪري، پنهنجي نوڪري ۽ فرضي ڪمن جو
پورائو ڪندو هو، ۽ حرڪت پوڻ نه ڏيندو هو. جڏهن
ڪنهن پاسي سندس ڌنڌي جي ڪم لاءِ وطن کان پري وڃڻو
ٿيندو هوس- جيئن ته جڏهن ”باٿ“ کان ”نارفوڪ“ ضلعي
جي ”هولڪهام“ شهر ڏي انهيءَ لاءِ سڏيو هئائونس ته
اتي مسٽر ”ڪوڪ“ جي زمينن ۾ پاڻي ڏيڻ ۽ پاڻيءَ جي
نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪري- تڏهن هو گهوڙي تي چڙهي
روانو ٿيندو، هو پر واٽ ويندي، جنهن ملڪ مان
لنگهيو ٿي تنهن جي طبقن جي حالت ۽ ڊول جي جاچڻ
لاءِ، رستو ڇڏي، اڪثر هيڏي هوڏي پيو ويندو هو.
ڪيترن ورهين تائين هو انهيءَ طرح انگلنڊ ۽ آئرلنڊ
۾ پري پري وارن ڀاڱن ۾ سفر پيو ڪندو هو، سال ۾ ڏهن
هزارن ميلن کان به وڌيڪ پنڌ ڪندو هو. انهيءَ تڪليف
جهڙي سفر ڪندي، به هو انهيءَ نئين علم جا عام
قانون، جي سندس ڌيان تي جلد جلد ايندا ويا، سي
ڪاغذ تي اٽڪائيندو ويو. ڪهڙي به خسيس ڳالهه جا هن
جي ڌيان تي ٿي آئي، سان هن ٽاري نٿي ڇڏي، ۽ ڪهڙو
به وجهه، نين حقيقتن گڏ ڪرڻ جو، هن پنهنجي هٿان
نٿي ڇڏيو، جڏهن به ٿي سگهندو هوس، زمين جي قدرتي
يا مصنوعي ڦاٽن جا نقشا ۽ ٻيا ڪاغذ هٿ ڪندو هو؛ ۽
انهن تان هميشه، اسي يارڊن جي لاءِ هڪ انچ جي
پيماني تي، پنهنجا وڏا نقشا ڪڍندو هو، ۽ انهن کي
رنگ ڏيندو هو. هن جي تيزفهميءَ ۽ عميق خياليءَ جو
هيٺيون هڪڙو مثال وٺو. ”ووبرن“ جي ويجهو آسپاس
واري زمين جي طبقن جاچڻ لاءِ گشت ڪندي، جڏهن هو
”ڊنسٽبل“ وارن چاڪ جي ٽڪرن جي پاڙ کي نزديڪ آيو،
تڏهن هن پنهنجن سنگتين کي چيو ته ”جيڪڏهن هنن ٽڪرن
جي پاڙ ۾ اسان کي ڪا ڦاٽل زمين ڏسڻ ۾ اچي وڃي، ته
شايد سامونڊي واگهه يا گهڙيال جا ڏند اسان کي هٿ
لڳي ويندا.“ اڃا هو ٿورو اڳرو هليا، ته هڪڙيءَ
تازيءَ کوٽيل کڏ جي ڪناري مان هنن اهڙا ڇهه ڏند
لڌا. پوين ڏينهن ۾ هو پنهنجي بابت چوندو هو ته
”ڌيان ڏيڻ ۽ غور ڪرڻ جي عادت مون ۾ آهستي آهستي ٿي
جاءِ وٺندي ويئي، پوءِ منهنجي دل ۾ پڪي طرح ڄمندي
وئي، ۽ پوءِ هميشه جي لاءِ منهنجي حياتيءَ سان
شامل ٿي ويئي. نيٺ اهڙو حال ٿيو جو جڏهن ڪنهن سفر
تي نڪرڻ جو خيال ڪندو هوس، تڏهن هڪدم جاڳندي هئي،
۽ زور وٺي تيار ٿي بيهندي هئي. تنهنڪري اڪثر آئون
پنهنجا نقشا کڻي، پوري طرح سنبري، روانو ٿيندو هوس
۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سفر ۾ جيڪي ڏسڻو ڪرڻو هوم، يا رستي
تي جيڪي نهارڻو هوم، تنهنجي اڳ- ڪٿا ويچار ۽ خيال
رواني ٿيڻ کان اڳ ئي ڪاغذ تي لکي ڇڏيندو هوس.
انهيءَ سبب منهنجي دل، نقاش جي ڪپڙي وانگي،
پهريندي جي عمدن نشانن ڪڍڻ لاءِ بلڪل تيار هوندي
هئي.“ |