’نڪولس پوسن‘ جي حياتيءَ جا ڏينهن اهڙا ڏکيا نه
گذريا. جهڙو هنر بابت خيالن ۾، تهڙو روزمره جي
حياتيءَ ۾، هو پاڪدل ۽ عالي دماغ ماڻهو هو، ۽
سمجهه ۽ راست بازيءَ ۽ سادگيءَ جي لاءِ مشهور هو.
هو غريباڻيءَ حالت ۾ پيدا ٿيو هو، ۽ ’روئن‘ جي
ويجهو ’ائنڊليز‘ ۾ ڄائو هو، جتي سندس پيءُ هڪڙو
ننڍو مڪتب پڙهائيندو هو. انهيءَ ڇوڪر کي پيءُ جي
جهڙيءَ تهڙيءَ تعليم جو فائدو هو، ليڪن انهيءَ جو
هن گهڻو خيال ڪونه رکيو، ۽ پنهنجو وقت ڪتابن ۽
سليٽ تي چٽن ۽ گلن ڪڍڻ ۾ وڃايائين. هڪڙي ٻهراڙيءَ
جي نقاش کي هن جا نقش گهڻو پسند آيا، تنهن هن جي
ماءُ- پيءُ کي صلاح ڏني ته هن کي روڪين نه، ۽ ڇڏين
ته جيڪو هنر هن کي پسند اچي سو سکي. انهيءَ نقاش
ذمو کنيو ته هو ’پوسن‘ کي انهيءَ ڪم ۾ سبق ڏيندو.
انهيءَ طرح هن سگهوئي اهڙو سڌارو ڪيو، جو سندس
اُستاد کي ٻيو ڪو به وڌيڪ هن کي سيکارڻو نه ٿيو؛
تنهنڪري ’پوسن‘ بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ پاڻ کي وڌيڪ
سڌارڻ لاءِ ڏاڍو خواهشمند ٿيو. ارڙهن ورهين جي
ڄمار ۾ هو پيرس ڏي روانو ٿيو. رستي ۾، گذران جي
لاءِ، دڪانن ۽ گهرن جي نشانن جا تختا چٽيندو ويو.
پيرس ۾ هن هنر جا ايترا عمدا ڪم ڏٺا، جو هن جي
اڳيان هڪڙي نئين دنيا کلي پيئي؛ جنهن ڪري هن کي
حيرت به لڳي، ۽ حرص به زياده ٿيس. هن گهڻن ئي
هنرخانن ۾ وڃي، محنت سان نقش ڪڍڻ، نقل ڪرڻ ۽
تصويرن رڱڻ جو ڪم ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هن
ارادو ڪيو ته جيڪڏهن ٿي سگهي ته روم ۾ وڃان. سو،
انهيءَ پاسي نڪري پيو؛ پر هو ’فلارينس‘ تائين مس
پهچي سگهيو، ۽ اُتان پيرس ڏي موٽي آيو. ٻيو ڀيرو
روم ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هن ڀيري ته اوترو به
پري وڃي نه سگهيو. ’لائنس‘ تائين مس وڃي سگهيو.
انهيءَ هوندي به، خبرداري ڪري، جيڪو سڌارو ملي ٿي
سگهيس، انهيءَ جو وجهه وٺي فائدو حاصل ٿي ڪيائين،
۽ اڳي وانگي ڪم ڪرڻ ۽ وڌيڪ مايي حاصل ڪرڻ ۾ مشغول
رهندو آيو.
انهيءَ طرح ٻارهن ورهيه لنگهي ويا. انهيءَ عرصي ۾
هن گمناميءَ ۾ ڏاڍو ڪشالو ڪڍيو ۽ نااُميديون ڏٺيون
۽ شايد بکون به ڪاٽيون. نيٺ، ’پوسن‘ اچي روم ۾
پهتو. اُتي هو، محنت ڪري، قديم اُستادن جي ڪمن تي
ڌيان ڏيڻ لڳو. خصوصاً اڳوڻن بُتن تي، جن جي ڪماليت
هن جي دل تي گهڻو اثر ڪيو. ڪن ڏينهن تائين هو
’ڊڪئيسنوئي‘ بت تراش سان گڏ رهندو هو، جو هن
وانگيان غريب ۽ ڪنگال هو، ۽ هن کي اڳوڻين مورتن جي
نمونن تي ٻين مورتن جوڙڻ ۾ مدد ڪيائين. ان سان
گڏجي، هن روم ۾ ڪن تمام مشهور بتن جي خبرداريءَ
سان ماپ ڪئي- خصوصاً ’آنٽينوس‘ جي. چون ٿا ته
انهيءَ تجويز ڪم آڻڻ ڪري، هن جي آئيندي جي بت
تراشيءَ تي چڱو اثر ويهي ويو. ساڳئي وقت ۾ هن بدن
جي تشريح جو علم به سکيو، ۽ جيئرن ماڻهن جون
تصويرون به ڪڍڻ لڳو. جيڪي ماڻهو ملندا هئس، تن جي
ڊولن ۽ وضعن جا نمونا به ڪڍي پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويو،
۽ فرصت مهل، جيڪي هنري ڪتاب تعليم لاءِ پنهنجن
دوستن کان اُڌارا ملي سگهندا هئس، اهي به ڌيان سان
پڙهندو رهيو. انهيءَ ساري عرصي ۾ هو تمام غريب ۽
مفلس رهيو. رڳو ايتري ۾ خوش هو ته آءٌ پاڻ کي
سڌاريندو ٿو وڃان. هن جي ڏاڍي خواهش هئي ته جيترو
ملي، اوتري تي پنهنجون تصويرون وڪڻي ڇڏيان. ڪنهن
نبيءَ جي هڪڙي تصوير هئي، سا هن اٺين لوهرين وڪي،
۽ بي ’فلسطين جو طاعون‘ جي تصوير سٺ ڪرائونن تي
وڪيائين، جا پوءِ ’ڪارڊنل ڊي رچيلو‘ هزار ڪرائون
ڏيئي ورتي. انهن ڏکن سان گڏ وري هڪڙو خراب مرض اچي
شامل ٿيس، تنهن ۾ ته هو ڏاڍو لاچار ٿيو. ’شوهليئر
ڊيل پاسو‘ اهڙي حال ۾ هن کي پيسي پنجڙ جي ڏاڍي مدد
ڪئي. انهيءَ شريف شخص جي لاءِ ’پوسن‘ پوءِ هڪڙي
عمدي تصوير ڪڍي، جنهن جو نالو هو ’بيابان ۾ آرام.‘
انهيءَ مان ايتري پيدائش ٿيس، جو بيماريءَ جي
ڏينهن ۾ جيڪو قرض کنيو هئائين سو لاٿائين، پاڻ
گهڻو ئي ڪي بچي پيس.
هيءُ بهادر شخص، انهيءَ طرح، ڪشالا ڪڍندو ۽ ڏکن
مان قابليت حاصل ڪندو ويو. اڃا به وڌيڪ لياقت حاصل
ڪرڻ جي حرص تي، هو ’فلارينس‘ ۽ ’وينس‘ ڏي ويو، جتي
هن پنهنجي هنر کي گهڻو ئي وڌايو. نيٺ هن جي
ايمانداريءَ ۽ محنت جو نتيجو ظاهر ٿيو، جو هاڻ هو
ڪيتريون ئي وڏيون تصويرون هڪٻئي پٺيان ڪڍڻ لڳو:
پهرين ”جرمانيڪس جي مورت“ ڪڍيائين، پوءِ ”آخرين
مرهم“، ”يوڊا ميڊاس جو وصيت نامو“، ”من“ ۽ ”صابين
جي ڀڄ“ ڪڍيائين.
انهيءَ هوندي به، ’پوسن‘ جي ناموس آهستي آهستي
وڌندي ويئي. طبيعت ڪري هو حجاب وارو ۽ گوشي پسند
ماڻهو هو، ۽ ماڻهن جي ڪري جيتري هن جي تعريف ڪندا
هئا، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هن جي خيالي هجڻ جي ڪري
ڪندا هئا. جڏهن هو نقش ڪڍڻ جي ڪم ۾ مشغول نه هوندو
هو، تڏهن ٻهراڙيءَ ۾ پري پري هيڪلو پنڌ ڪندو هو، ۽
آئيندي جي تصويرن لاءِ خيال پچائيندو ويندو هو.
جڏهن هو روم ۾ رهندو هو، تڏهن سندس ٿورن دوستن مان
هڪڙو ’ڪلاڊ لارين‘ هوندو هو، جنهن سان هو ’لاٽرنٽي
ڊيومانٽ‘ جي ڇڄهريءَ واري ورانڊي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
گڏ گذاريندو هو، ۽ هنر ۽ قديم شين بابت گفتگو ڪندو
هو. روم ۾ جو اڪثر ماٺ لڳي پيئي هوندي هئي ۽ هميشه
هڪجهڙو ڪم پيو هلندو هو، سو هن کي گهڻو پسند ايندو
هو؛ جيڪڏهن نقاشيءَ جي ڪم مان پورو پنو گذران
ٿيندو هوس، ته انهيءَ کي ڇڏڻ تي دل نه چوندي هيس.
هاڻي هن جي ناموس روم کان به نڪري پري وڃڻ لڳي ۽
هن کي خطن پٺيان خط پئي آيا ته موٽي روم ۾ اچ، هن
کي باشاهه جي مُک نقش جي جاءِ جي آڇ ٿي. پهريائين
ته هن دل پئي هنئي، ۽ قناعت جو پهاڪو ڏيئي چوڻ لڳو
ته ’مون روم ۾ پندرهن ورهيه گذاريا آهن، ۽ اتي
پرڻيو آهيان؛ هاڻي اميد اها اٿم ته مرندس به اتي،
۽ دفن به اتي ٿيندس‘؛ پر وري جڏهن زور ڪيائونس،
تڏهن اُها جاءِ قبول ڪيائين ۽ موٽي پيرس ۾ آيو.
اتي وڃڻ جي ڪري سندس هم پيشن کي ڏاڍو حسد پيدا
ٿيو، تنهنڪري هن جي خواهش ٿي ته وري سگهوئي روم ۾
موٽي وڃان. پيرس ۾ رهندي، هن ڪي تمام وڏيون ۽
عمديون تصويرون ڪڍيون- جيئن ته ”سينٽ زيوهيئر“،
”بئپتسما“، ۽ ”پويون طعام“. هن کي اصل ڪم کان
واندڪائي نه ٿيندي هئي. پهريائين ته جيڪو ڪم چوندا
هئس سو ڪندو هو. جيئن ته بادشاهه جي ڪتابن جي
ديباچي واري صفحي تي نقش ڪڍڻ، خصوصاً اِنجيل ۽
ورجل جي ڪتابن تي، ’لوُهر‘ جي لاءِ چرچي جون
تصويرون، ۽ پردن جي لاءِ چٽ گل وغيره- پر نيٺ هن
کي اعتراض اچڻ لڳو. ’ايم. ڊي. چانٽيلوب‘ کي چيائين
ته ”مون کان ته بلڪل ائين ٿي نٿو سگهي ته ساڳئي
وقت ۾ ڪتابن جا ديباچا به چٽيان، ’ورجل‘ تي به
محنت ڪريان، ’سيڊٽ لوئي‘ جي جماعت جي تصوير به
ڪڍان، تصويرخاني جي لاءِ به قسمين قسمين تصويرون
ڪڍان، ۽ شاهي پردن جي لاءِ به نقش ۽ نمونا ڪڍان:
مون کي رڳو جوڙو هٿن جو آهي، ۽ هڪڙو ضعيف مٿو آهي:
نه ڪو ٻيو مون کي مدد ڏيئي سگهي ٿو، ۽ نه ڪو
منهنجيءَ محنت جو بار مون تان هلڪو ڪري ٿو سگهي.“
هن جي فتحيابيءَ ڪري جي دشمن پيدا ٿيا هئا، ۽ جن
کي هو راضي رکي نٿي سگهيو، تن هن کي اهڙو بيزار
ڪيو، جو پيئرس ۾ ٽن ورهين کان به گهٽ عرصي جي
پڇاڙيءَ ۾ هن روم ڏي موٽڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن هو
’مائونٽ پنشيو‘ جبل تي پنهنجي غريباڻي گهر ۾ وري
اچي سکيو ٿيو، تڏهن حياتيءَ جا باقي ورهيه هو تمام
سادگيءَ ۽ گوشي نشينيءَ ۾ گذارڻ لڳو. انهيءَ عرصي
۾ ڏاڍيءَ محنت سان هو پنهنجو هنري ڪم ڪندو رهيو.
هن کي جا بيماري هوندي هئي، تنهن ۾ جيتوڻيڪ ڏاڍا
عذاب پيو کائيندو هو، تڏهن به محنت ڪرڻ سان هو
پنهنجيءَ دل کي تسلي ڏيندو ۽ خوش رکندو آيو. هن
چيو ته ”جيئن آءٌ عمر ۾ وڏو ٿو ٿيان، تيئن مون کي
شوق ياده ٿو ٿئي ته نهايت گهڻو قابل ٿيان، ۽
ڪماليت جي سڀ کان مٿانهين درجي کي پهچان.“ انهيءَ
طرح محنت ڪندي، مٿا هڻندي ۽ عذاب کائيندي، ’پوسن‘
پڇاڙيءَ وارا ورهيه گذاريا. هن کي ڪوبه اولاد ڪونه
هو. سندس زال اڳ ئي مري ويئي هئي، ۽ سندس سڀ دوست
به هلي رهيا هئا، تنهنڪري پيريءَ ۾ في الحقيقت هو
روم ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، جتي گهڻيون ئي قبرون
هيون. اُتي 1665ع ۾، هو مري ويو. جيڪا ميراث بچي
هيس، جا اٽڪل هڪ هزار ڪرائون هئي، سا پنهنجن مائٽن
کي ڏيئي ويو، جي ’ائنڊيليز‘ ۾ رهندا هئا. ليڪن، هو
پنهنجيءَ قوم کي پنهنجي ذاتي قابليت جا وڏا ڪم
ورثي ۾ ڇڏي ويو.
هاڻوڪي زماني ۾، ’ايري شيفر‘ جي احوال مان ساڳئي
قسم جي عالي همت ۽ وڏيءَ دل واري هنرمند استاد جو
هڪڙو تمام چڱو مثال ملي ٿو. هو ’ڊاڊ ريڪٽ‘ ۾ ڄائو
۽ هو هڪڙي جرمن ڪاريگر جو پٽ هو، تنهنڪري ننڍي
هوندي ئي هن نقاشيءَ ۽ مصوريءَ جي لياقت ڏيکاري ۽
سندس ماءُ پيءُ پاڻ انهيءَ ۾ هن کي ترغيب ڏني. هو
اڃا ننڍو هو ته سندس پيءُ مري ويو. مفلسيءَ ۽ ڪم
وسعتي هوندي به، سندس ماءُ ارادو ڪيو ته لڏي وڃي
پيرس ۾ ويهن، انهيءَ لاءِ ته پٽس کي تعليم ملڻ ۽
هنر سکڻ جا تمام چڱا وجهه ملن. اُتي جوان ’شيفر‘
کي ’گيرن‘ نقاش وٽ وڃي ويهاريائون. هن جي ماءُ کي
ايتري وسعت ڪانه هئي جو هو پاڻ کي خلاصو انهيءَ
تعليم جي ڪم ۾ لڳائي. جيڪي ٿورا جواهر وٽس هئا، سي
هن وڪڻي ڇڏيا هئا، ۽ پنهنجن ٻين ٻارن کي تعليم ڏيڻ
۾ هن ڄاڻي واڻي تنگ گذران ٿي ڪيو. اهڙيءَ حالت ۾،
ضرور هو ته ’ايري‘ ماءُ کي مدد ڏيڻ لاءِ خواهشمند
ٿئي، تنهنڪري جڏهن ارڙهن ورهين جي عمر جو ٿيو،
تڏهن سو کين شين جون ننڍيون ننڍيون تصويرون ڪڍڻ
لڳو، جي پوري پني ملهه تي جلدي وڪامي ٿي وييون. هو
تصويرن کي رنگ به ڏيندو هو، پنهنجي هنر جي زياده
استعمالي ڪري آزمودو به حاصل ڪندو هو، ۽
ايمانداريءَ سان پيسو به ڪمائيندو هو. انهيءَ طرح،
درجي بدرجي، هو تصويرن ۽ نقشن ڪڍڻ، رنگن ڏيڻ ۽
نسونن رٿڻ ۾ ترقي ڪندو ويو. ’بئپتسما‘ واري تصوير
ڪڍڻ کان وٺي هن جي حياتيءَ جي طرز نئين ٿيڻ لڳي، ۽
تنهن کان پوءِ هو وڌندو ويو، تان جو جڏهن ”فاسٽ“،
”پارسا زال“، ”فرانسسڪا ڊي ريمني“، ”عيسيٰ مسيح،
دل کي تسلي ڏيڻ وارو“، ”سينٽ مانيڪا ۽ سينٽ
آگسٽن“، ۽ ٻيون گهڻيون عمديون تصويرون ڪڍيائين،
تڏهن سندس ناموس وڃي چوٽي ڪئي.
مسٽر ’گروٽ‘ لکي ٿو ته ”فرانسسڪا‘ واريءَ تصوير
ڪڍڻ ۾ ’شيفر‘ جيڪو پورهيو، خيال ۽ ڌيان لڳايو هو،
سو نهايت گهڻو هوندو.“ حقيقت ڪري هن کي هنري تعليم
تمام اڻپوري ملي هئي، تنهنڪري هن کي لاچار ٿيو ته
هنر جي اُڀيءَ ڏاڪڻ تي چڙهڻ لاءِ پنهنجا ذاتي
اپاءَ ڪم ۾ آڻي. انهيءَ سبب، جڏهن هو هٿ سان پيو
ڪم ڪندو هو، تڏهن سندس دل پيئي خيال پچائيندي هئي.
هن کي هٿ جي ڪاريگريءَ جا ڪيترائي رستا ۽ رنگ ڏيڻ
جا ڪيترائي تجربا ڪرڻا پيا. تمام گهڻيءَ محنت سان،
ساڳيءَ تصوير يا نقش کي ورائي ورائي پيو رنگ ڏيندو
هو. روا جي تعليم جي بنسبت جيڪا منجهس ڪوتاهي هئي،
انهيءَ جي برابر هئي. پنهنجيءَ عالي همتيءَ ۽
پڪيءَ هوشياريءَ جي واهر سان، هو پنهنجيءَ پينسل
يا قلم جي وسيلي ٻين ماڻهن جي دلين تي اثر پيدا
ڪري سگهندو هو.
جن هنرمند ماڻهن کي ’شيفر‘ ساراهيندو هو، انهن مان
هڪڙو ’فلئڪسمن‘ هو. هڪڙي ڀيري هن هڪڙي دوست کي چيو
ته ”جيڪڏهن ’فرانسسڪلو‘ جي تصويرن رٿڻ ۾ مون
اويسلائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي کان مدد ورتي هوندي، ته
اُها ضرور ’فلئڪسمن‘ جي تصويرن ۽ نقشن تان ورتي
هونديم، جي ٿورو گهڻو منهنجي نظر چڙهيون هيون.“
’جان فلئڪسمن‘، ’ڪوهينٽ گارڊن‘ واري محلي جي نيو
اسٽريٽ واريءَ گهٽيءَ ۾ هڪڙي غريب گچ جي ساچن وڪڻڻ
واري جو پٽ هو. ننڍي هوندي هو اهڙو ضعيف ۽ بيمار
هوندو هو، جو اڪثر پنهنجي پيءُ جي دوڪان تي تختن
جي پٺيان وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي وهندو هو، ۽ نقشن ڪڍڻ
۽ پڙهڻ سان ويٺو پنهنجي دل وندرائيندو هو. هڪڙو
رحمدل پادري، مسٽر ’مئٿيور‘، هڪڙي ڏينهن اتفاق سان
دوڪان تي آيو، تنهن انهيءَ ڇوڪر کي ڪو ڪتاب پڙهندو
ڏٺو. پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيس ته اهو ڪتاب ’ڪارنيليس
نيپاس‘ آهي، جو هن جي پيءُ ٿورا پيسا خرچي هڪڙي
ڪتب فروش جي دوڪان تان ورتو هو. ڇوڪر سان ٿوري
گفتگو ڪرڻ کانپوءِ، هن چيس ته ’اهو ڪتاب تنهنجي
پڙهڻ لائق ناهي، آءٌ توکي هڪڙو ٻيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ
آڻي ڏيندس.‘ ٻئي ڏينهن هو ’هومر‘ ۽ ’ڊان ڪوئگزوٽ،
جا ترجما کڻي آيو، ۽ اُهي هو ڇوڪر ڏاڍي چاهه سان
پڙهڻ لڳو. ’هومر‘ جي صفحن ۾ جيڪو بهادريءَ جو بيان
هو، سو پڙهي هن جي دل به همت سان ڀرجي پيئي؛ ۽
’ايجئڪس‘ ۽ ’اڪيليز‘، پهلوانن جون چوني جون مورتون
دوڪانن جي تختن تي ڏسي، هن جي دل ۾ اهو حرص پيدا
ٿيو ته آءٌ به اهڙن عالي همت پهلوانن جون شڪليون،
شاعراڻيءَ صورت ۾ ڪڍان.
جيئن ننڍيءَ عمر وارن ماڻهن جي ڪوششن جو حال ٿيندو
آهي، تيئن هن جون پهريندي جون رٿون به ڪچيون ۽
نڪميون هيون. هن جي پيءُ هڪڙي ڏينهن انهن مان ڪي
’روبليڪ‘ بت تراش کي ڏيکاريون، جنهن اُهي ڏاڍيون
ناپسند ڪيون. پر ڇوڪر ڏاڍو سمجهو هو، هو محنتي به
هو، ۽ تحمل وارو به- لاهي پاهي اچي ڪتابن ۽ تصويرن
تي محنت ڪرڻ لڳو. پوءِ هو، پنهنجيءَ ٻاراڻيءَ
سمجهه آهر، چوني ۽ ميڻ ۽ مٽيءَ جون مورتون ٺاهڻ
لڳو. هن جي انهن ننڍي هوندي جي ڪمن مان ڪي اڃا
تائين رکيل آهن- نه انهيءَ لاءِ ته اهي عمديون
آهن، پر انهيءَ لاءِ ته اهي تحمل ۽ ذاتي لياقت
واري ماڻهوءَ جون پهريون عجيب ڪوششون آهن. اهو
ڇوڪر گهڻن ورهين کان پوءِ هلڻ جهڙو ٿيو: پهرين
لٺين جي ٽيڪ تي آٿڙي آٿڙي هلڻ سکيو، ۽ نيٺ جڏهن
زور ورتائين، تڏهن لٺين کان سواءِ هلڻ لڳو.
مسٽر ’مئٿيوز‘، جو رحمدل ماڻهو هو، سو هن کي
پنهنجي گهر وٺي ايندو هو، جتي سندس زال هن کي
’هومر‘ ۽ ’ملٽن‘ سمجهائيندي هئي. هو هن کي پنهنجو
پاڻ سڌارڻ ۾ به مدد ڏيندا هئا، ۽ هن کي لئٽن ۽
گريڪ ٻولين ۾ سبق ڏيندا هئا، جي ٻوليون هو گهر ۾
پڙهندو هو. تحمل ۽ اورچائيءَ ڪري، مصوريءَ جي ڪم ۾
هن اهڙي ترقي حاصل ڪئي، جو هڪڙيءَ شريف بي بيءَ هن
کي چيو ته منهنجي لاءِ ڇهه تصويرون ڪاري چاڪ سان
ڪڍي ڏي. اها هن کي پهرين فرمائش ملي هئي. ڪاريگر
جي لاءِ اها هڪڙي وڏي ڳالهه آهي. ڊاڪٽر جي پهرين
في، وڪيل جو پهريون مقدمو، قاعدي ساز مشير جي
پهرين تقرير، ڳائڻ واري جو پهرينءَ رات جو تماشو،
۽ مصنف جو پهريون ڪتاب، انهن مان ڪوبه هڪڙو، ناموس
جي اميدوار جي لاءِ، ڪاريگر جي پهرينءَ فرمائش کان
وڌيڪ لذت وارو نه آهي ڇا؟ انهيءَ فرمائش موجب، اهو
ڇوڪر تصويرون ڪڍڻ لڳو؛ انهيءَ ڪري هن جي تعريف به
گهڻي ٿي، ۽ پيدائش به چڱي ٿي.
پندرهن ورهين جي ڄمار ۾، ’فلئڪسمن‘، ’رايل
اڪيڊميءَ‘ ۾ شاگرد ٿي داخل ٿيو. جيتوڻيڪ هو محجوب
طبيعت جو هو، ته به سگهوئي شاگردن ۾ هن نالو ڪڍيو.
سڀ ڪنهن کي اها اميد هئي ته هو وڏا ڪم ڪري سگهندو.
اهي اميدون اجايون ڪين هيون. عمر جي پندرهين ورهيه
۾ هن چانديءَ جو ٻلو انعام کٽيو، ۽ سورهين ورهيه ۾
سوني ٻلي لاءِ هو اميدوار ٿيو. سڀ ڪنهن کي پڪ هئي
ته هو انعام کٽندو، ڇا لاءِ جو هوشياريءَ ۽ محنت ۾
ٻيو ڪوبه هن کان وڌيڪ ڪونه هو. انهيءَ هوندي به هن
کي اهو انعام نه مليو؛ اهو سونو ٻلو ٻئي هڪڙي
شاگرد کي مليو، جنهن جو انهيءَ کان پوءِ وري ڪنهن
نالو به ڪونه ٻڌو. هن ڇوڪر جو انعام نه کٽڻ، حقيقت
ڪري هن جي لاءِ فائدي وارو ٿيو؛ ڇا لاءِ جو جيڪي
پڪي ارادي وارا ماڻهو ٿيندا آهن، اهي هارائڻ ڪري
گهڻيءَ تائين نااميد ۽ ملول نه رهندا آهن، پر پاڻ
انهيءَ ڪري هنن جو سچو جوهر ظاهر ٿيندو آهي. هن
پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”مون کي وقت ڏيو، پوءِ آءٌ
اهڙا ڪم ڪندس، جن کي اڪيڊمي فخر سان پسند ڪندي“.
هو پوءِ وڌيڪ ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ لڳو، ۽ هڪڙا نه ٻيا
نمونا پيو رٿيندو ۽ جوڙيندو هو. انهيءَ طرح جلد
نه، ته به پڪي ترقي ڪندو ويو.
انهيءَ وچ ۾، سندس پيءُ جي گهر ۾ مفلسيءَ اچي منهن
ڪڍيو: چوني جي بوتن يا قالبن جي ڌنڌي مان پوري پني
پيدائش هئي، ۽ ننڍو ’فلڪسمن‘ پاڻ کي ڏکيو ڪري به،
پڙهڻ جي مدت گهٽائي، انهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ کي سندس
غريباڻي ڌنڌي ۾ مدد ڪندو هو. پنهنجو ’هرمر‘ جو
ڪتاب پاسي رکي، قالبن جوڙڻ جو اوزار ڪم آڻڻ لڳو.
هو پنهنجي پيءُ جي ڪٽنب کي مدد ڏيڻ ۽ بک کان بچائڻ
لاءِ، خوشيءَ سان، انهيءَ ڌنڌي جو سڀ کان ڪنو ڪم
به ڪرڻ لڳو. انهيءَ هلاڪيءَ جهڙي ڪم ۾ سکڻ ۾ هن
ڏينهن جا ڏينهن لڳايا، پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو
ڪونه ٿيس؛ رڳو ايترو سو ٿيو، جو محنت ڪرڻ جي عادت
پيس ۽ تحمل ۽ اورچائي سکيو. اِها تعليم تڪليف جهڙي
هئي، مگر ڏاڍي مفيد هئي.
حسن اتفاق سان، ننڍي ’فلئڪسمن؛ جي هنري هوشياريءَ
۽ ذهن جي خبر، جو ’شياويج‘ ووڊ، کي پئجي ويئي،
تنهن هن کي ڳولي وڃي هٿ ڪيو؛ انهيءَ لاءِ ته هن کي
چينيءَ ۽ مٽيءَ جي سڌريل نمونن جي نقشن ڪڍڻ ۾
لڳائي. ’فلئڪسمن‘ جهڙي ذهين ماڻهوءَ لاءِ هيءُ ڪم
تمام خسيس ۽ اڻ سهائيندو ڏسڻ ۾ ايندو؛ پر حقيقت
ڪري ائين نه هو. هنر وارو ماڻهو کڻي رواجي چائداني
يا پاڻيءَ جو ڪوزور ٿيندو، ته به سچي پچي هو
پنهنجي هنر جي مشق ڪري سگهي ٿو. جيڪي شيون ماڻهن ۾
روزمره جي ڪم جون آهن، جي مانيءَ کائڻ مهل هميشه
سندن اکين اڳيان ٿيون رهن، تن جي وسيلي ئي هن مان
ٻين کي تعليم ملي سگهي ٿي، هو پاڻ تمام اعليٰ درجي
جي ترقي ڪري سگهن ٿا. انهيءَ رستي، تمام وڏو
هنرمند ماڻهو پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ کان وڌيڪ
ڪمائتو فائدو پهچائي سگهي ٿو، جو هو هڪڙي اهڙي
تمام مشڪل ۽ عمدي شي جوڙي، جا ڪن هزارن پائونڊن
ملهه تي وڪامي وڃي ڪنهن دولتمند ماڻهوءَ جي
توشاخاني ۾ پوي، جتي ٻيو ڪوبه ماڻهو ان کي ڏسي نه
سگهي. ’ويج ووڊ‘ جي وقت کان اڳي جيڪي نقش ۽ گل
ٻوٽا اسان جن چينيءَ ۽ پهڻ جي شين تي نڪرندا هئا،
سي جهڙا ڪڍڻ ۾ تهڙا رٿڻ ۾ خراب ۽ ڪرهت جهڙا هوندا
هئا. هاڻ هن ارادو ڪيو ته انهن ٻنهي ۾ سڌارو
ڪريان. ’فلئڪسمن‘ حتي المقدور ڪوشش ڪئي ته جيئن
ٿانون جوڙڻ واري جو خيال هو، تيئن پاڻ به اُهو عمل
۾ آڻي. هو هن کي وقت بوقت مٽيءَ جا قسمين قسمين
نمونا ۽ نقش اهڙا ڏيکارڻ لڳو، جي خاص قديم شعر ۽
تاريخ جي ڪتابن جي مضمون تان ورتل هئا. انهن مان
گهڻا ته اڃا تائين موجود آهن؛ ۽ ڪي ته نزاڪت ۽
سادگيءَ ۾ انهن پهڻ جي شين سان برابري ڪن ٿا، جي
هن انهيءَ کان پوءِ جوڙيون. مشهور ’انٽرسڪن‘
گلدان، جن جا نمونا عام عجائبخانن ۾ يا ڪن خاص
شوقين ماڻهن جي جاين ۾ رکيل هوندا هئا، تن کي ڏسي،
هن تمام عمديءَ شڪل جون شيون جوڙيون، ۽ انهن تي
پنهنجا رٿيل خوبصورت نقش ڪڍيائين. ’اسٽوئرٽ‘ جو
ڪتاب، ’اٿينس‘ شهر بابت، انهن ڏينهن ۾ تازو ڇپيو
هو، تنهن تان هن ڪيترائي خاص يوناني ٿانون جا
نمونا هٿ ڪيا. انهن مان جيڪي تمام عمدا هئا، سي هن
پنهنجي ڪم آندا، ۽ انهن کي ڦيرائي گهيرائي خوبيءَ
۽ نزاڪت واريون شڪليون بنايائين پوءِ ’فلئڪسمن‘ کي
معلوم ٿيو ته هو هڪڙي وڏي ڪم ۾ مشغول هو، ۽ خلق جي
تعليم کي ترقي ٿي ڏنائين. حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾
هو فخر سان چوندو هو ته ’جوانيءَ ۾ مون اهڙا ڪم
ڪيا، جنن جي ڪري ماڻهن ۾ خوبصورت شين جي قدرداني
پيدا ٿي، هنر جي لاءِ شوق وڌيو، ۽ منهنجو کيسو
ڀريو؛ ساڳئي وقت، جو شخص منهنجو مربي ۽ خيرخواهه
هو، سو به زياده وسعت وارو ٿيو.‘
نيٺ، سال 1782ع ۾، جڏهن هو ستاويهن ورهين جو ٿيو
تڏهن، پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي، ’سوهو‘ محلي ۾
’وارڊر‘، واريءَ گهٽيءَ ۾، هڪڙو ننڍڙو گهر ۽ دوڪان
ڪرائي تي وٺي وڃي اتي رهيو، ۽ شادي به ڪيائين.
’ائن ڊينمن‘ سندس زال جو نالو هو. هوءَ خوش طبع،
نيڪ نيت ۽ شريف زال هئي. هن کي پڪ ٿي ته انهيءَ
زال سان شادي ڪرڻ ڪري آءٌ پنهنجو ڪم وڌيڪ خيال ۽
چاهه سان ڪري سگهندس؛ ڇا لاءِ جو هن کي به شعر ۽
نقاشي هنر جو شوق هو، جيئن کيس هو، ۽ تنهن
کانسواءِ هوءَ پنهنجي مڙس جي ذاتي قابليت جي
ساراهيندڙ هئي. انهيءَ هوندي به جڏهن ’سرجوشيا
رينالڊس‘، جو پاڻ پرڻيل نه هو، سو ’فلئڪسمن‘ کي
سندس شاديءَ کانپوءِ سگهوئي گڏيو، تڏهن چيائينس ته
’فلئڪسمن، مون ٻڌو آهي ته تون پرڻيو آهين: جي ائين
آهي، ته آءٌ پڪ ٿو ڏيانءِ ته تنهنجي هنرمندي ۽
استادي پوري ٿي.‘ ’فلئڪسمن‘ گهر ويو، ۽ پنهنجيءَ
زال جي پاسي ۾ ويهي، سندس هٿ وٺي، چوڻ لڳس ته
”ائن، منهنجي هنرمندي هاڻ پوري ٿي!“ هن پڇيس ته
”سو ڪيئن؟ ڇا ٿيو آهي، ڪنهن اها حرڪت ڪئي آهي؟“ هن
ورندي ڏني ته ”جيڪي ٿيو آهي سو ديول ۾، ۽ جنهن اها
حرڪت ڪئي آهي سا ’ائن ڊينمن‘ آهي!“ پوءِ هن ’سر
جوشيا رينالڊس‘ واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. انهيءَ
استاد جي راءِ ته اڳي ئي مشهور هئي: هن گهڻائي
ڀيرا ظاهر ڪيو هو ته ”جيڪي شاگرد ۽ محنتي ماڻهو
ڀانئين ته اسين قابليت ۾ نالو ڪڍون، انهن کي
پنهنجو سارو ڌيان ۽ ذهن، ننڊ مان اٿڻ کان وٺي وري
سمهڻ تائين، پنهنجي هنر ۾ لڳائڻ کپي، ۽ جيسين ڪو
ماڻهو ’رفائيل‘، ’مائڪل ائنجيلو‘، ۽ ٻين روم ۽
فلارينس جي اُستادن جا عمدا ڪم نه جاچيندو، تيسين
هو پاڻ به وڏو ڪاريگر ۽ اُستاد نه ٿيندو.“
’فلئڪسمن‘ پنهنجي چيچ ڊگهي ڪري، زال کي چيو ته
”منهنجي خواهش آهي ته آءٌ وڏو اُستاد ڪريگر ٿيان!“
سندس زال جواب ڏنو ته ”وڏو استاد ڪاريگر تون ضرور
ٿيندين، ۽ جيڪڏهن اُستاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور
هوندو ته روم ڏي به ويندين.“ ’فلئڪسمن‘ پڇيو ته
”سو ڪيئن؟“ بهادر زال جواب ڏنو ته ”محنت سان ڪم
ڪر، ۽ صرفي سان پيسو بچاءِ: منهنجي مرضي ناهي ته
ماڻهو چون ته ’ائن ڊينمن‘، ’جان فلئڪسمن‘ کي
هنرمند اُستاد ٿيڻ نه ڏنو.“ انهيءَ طرح ٻنهي پاڻ ۾
پڪو ٺهراءُ ڪيو ته ’جڏهن پيسو ٿئي، تڏهن روم ڏي
هلون‘. فلئڪسمن‘ چيو: ’آءٌ روم ۾ ويندس، ۽
پريزيڊنٽ کي ڏيکاريندس ته شاديءَ ڪرڻ مان ماڻهوءَ
کي فائدو آهي، نه نقصان- ۽ تون، ’آئن‘، مون سان
گڏجي هلجانءِ!“
هي زال مڙس ٻئي ڄڻا، صبر ۽ خوشيءَ سان، پنج ورهيه
برابر، ’وارڊر‘ واريءَ گهٽيءَ ۾ جيڪو سندس ننڍڙو
غريباڻو گهر هو، تنهن ۾ رهندا ۽ گذاريندا آيا، ۽
هميشه انهيءَ انتطار ۾ هئا ته روم جو وڏو سفر
ڪريون. هڪڙي گهڙي به اهو خيال سندن دل تان نٿي
لٿو؛ ۽ ضروري خرچ پکي لاءِ پيسي بچائڻ واسطي، هڪڙي
پيني به هنن اجائي نه ٿي خرچي: پنهنجي ارادي بابت
هنن هڪڙو اکر به ڪنهن کي نه ٿي ٻڌايو؛ نڪا
ائڪيڊميءَ کان هنن ڪا مدد ٿي گهري، رڳو، انهيءَ
مراد پوري ڪرڻ لاءِ، هو پنهنجي صبر واريءَ محنت ۽
محبت تي ڀروسو رکيو ويٺا هئا. انهيءَ عرصي ۾،
’فلئڪسمن‘ تمام ٿوريون شيون جوڙيون. نون نمونن
لاءِ جيڪو سنگ مرمر گهربل هو، تنهن جي هٿ ڪرڻ
واسطي هن کي پئسو ڪونه هو؛ ليڪن ڪن نشانين جي شين
جوڙڻ لاءِ اڪثر هن کي فرمائشون ٿينديون هيون، جن
جي فائدي مان هو پنهنجو گذران ڪندو هو. اڃا تائين
هو ’ويج ووڊ‘ جي ڪم لاءِ پيو ڪندو هو، هو کيس بنا
دير پيسا پيو پهچائيندو هو. جنهن ڪري هو خوش ۽ سکي
گذاريندو هو، ۽ آئيندي جون چڱيون اميدون رکندو هو.
اتي جا ماڻهو هن کي ايترو مان ڏيندا هئا، جو اتي
جو اتي ججهو ڪم ڪرڻ لاءِ ملندو هوس، ۽ عزت آبرو
حاصل ٿيندي هيس؛ ڇا لاءِ جو شهر جي محصول ڀريندڙن
هن کي چونڊي انهيءَ ڪم تي رکيو هو ته هو ’سينٽ
اڻن‘ جي پادريءَ جي پرڳڻي ۾ محصول گڏ ڪري- ان
موجب، هو پنهنجي ڪوٽ جي بٽن جي سوراخ ۾ سياهيدان
لڙڪائي، پيسا گڏ ڪندو وتندو هو.
نيٺ فلئڪسمن ۽ سندس زال ايترو پيسو گڏ ڪيو، جو
تيار ٿي روم ڏي نڪتا. جڏهن هو اتي پهتو، تڏهن
ڏاڍيءَ محنت ۽ ڌيان سان پڙهڻ لڳو. ٻين غريب
ڪاريگرن وانگي، هو اتي قديم نمونن جا نقل ڪڍي وڪڻڻ
۽ ان جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪرڻ لڳو. جيڪي
انگلنڊ جا ماڻهو شهر ڏسڻ ايندا هئا، سي ضرور سندس
دوڪان تي ايندا هئا، ۽ هن کي فرمائشون ڏيندا هئا،
انهيءَ وقت ڌاري هن ’هومر‘، ايسڪيلس‘ ۽ ’ڊئنٽيءَ‘
بابت پنهنجا خوبصورت نمونا جوڙيا. انهن جي قيمت سا
پوري پني مليس- هرهڪ شيءِ لاءِ پنڌرهن شانگ- پر
محنت ڪرڻ مان ’فلئڪسمن‘ جو مطلب جهڙو پيسي ڪڍڻ جو
هو، تهڙو هنر سکڻ جو. انهن نمونن جي سٺائيءَ جي
ڪري، ڪيترائي ٻيا سندس دوست ۽ مربي ٿيا پيا. هن
دولتمند ’ٽامس هوپ‘ لاءِ ”ڪيوپڊ“ ۽ ’آرورا‘ جوڙيا،
۽ ’آرل آف برسٽل‘ لاءِ ”اٿامس جي ڏائڻ“ جوڙي. تنهن
کانپوءِ، هو انگلنڊ ڏي موٽڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو،
جو هيستائين ڌيان ڏيئي ڪم ڪرڻ جي ڪري هو پنهنجي
هنر ۾ ڏاڍي ترقي ڪري چڪو هو، پر اٽليءَ ڇڏڻ کان
اڳي، ’فلارينس‘ ۽ ’ڪارارا‘ جي اڪيڊمين هن کي هيءُ
مان ڏنو جو کيس پنهنجو ميمبر يا شريڪ مقرر ڪيائون.
لنڊن پهچڻ کان اڳي، سندس ناموس اڳي ئي اچي اتي
پهتي هئي؛ تنهنڪري وڃڻ سان هن کي گهڻوئي ڪم مليو.
اڃا روم ۾ ئي هو، ته هن کي ’لارڊ مئنسفيلڊ‘ جي
يادگيريءَ قائم رکڻ لاءِ بت جوڙڻ جو حڪم مليو هو.
اهو بت، سندس موٽڻ کان پوءِ سگهو ئي، ’ويسٽ منسٽر
ائبي‘ جي اتر واري ڀاڱي ۾ کڙو ڪيو ويو. اهو اڃا
تائي اتي وڏي تجمل سان بيٺو آهي، ۽ صبر ۽ سادگي ۽
سنجيدگي منجهانئس پئي بکي- ڄڻ ته خود ’فلئڪسمن‘ جي
تيز طبعيءَ ۽ ذاتي ذهن جي يادگيريءَ جي نشاني آهي!
انهيءَ ۾ عجب ڪونهي جو مشهور بت ساز ’بئنڪس‘- جنهن
جي انهن ڏينهن ۾ ڏاڍي هاڪ هئي. جڏهن اهو بت ڏٺو،
تڏهن چوڻ لڳو ته ”هيءُ ذرڙي جيڏو ماڻهو، اسان سڀني
کان گوءِ کنيو ٿو وڃي!“
جڏهن ’رايل اڪيڊميءَ‘ جي شريڪن ’فلئڪسمن‘ جي موٽڻ
جو ٻڌو، خصوصاً جڏهن هن کي ’مئنسفيلڊ‘ جي بت ڏسڻ ۽
واکاڻڻ جو وجهه مليو- تڏهن هنن کي اها خواهش ٿي ته
هن کي به پنهنجيءَ جماعت جو شريڪ ڪن. هن اميدوارن
جي ياداشت ۾ پنهنجو نالو وجهڻ ڏنو، ۽ هڪدم چونڊ ۾
پسند ڪيو ويو. ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ، هن بلڪل
نئين حيثيت اختيار ڪئي: اهو ساڳيو ننڍڙو ڇوڪر، جو
پريندي ’ڪوهينٽ گارڊن‘ جي ’نيوُسٽريٽ‘ ۾ چُوني جي
بوتن يا قالبن وڪڻن واري جي دوڪان واري تختي جي
پٺيان ويهي پڙهندو هو، سو هينئر ڏاڍيءَ سمجهه وارو
ماڻهو ۽ هنر ۾ هوشيار ڪاريگر هو، ۽ رايل اڪيڊميءَ
۾، بت تراشيءَ جي ڪم ۾ معلم ٿي، ٻين شاگردن کي
هنري تعليم ڏيڻ وارو هو. انهيءَ مان واريءَ جاءِ
ڀرڻ لاءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو هن کان زياده لائق نه هو؛
ڇا لاءِ، جو جيڪو مشڪلاتن منجهه مٿي هڻڻ فتحمند
ٿيڻ جي اٽڪل پنهنجيءَ ڪوشش سان پاڻ سکيو هوندو،
تنهن جهڙي تعليم ٻين کي ڪوبه ڏيئي نه سگهندو.
حياتيءَ جو وڏو عرصو آرام ۽ سک ۾ گذارڻ کان پوءِ،
’فلئڪسمن‘ کي پيري معلوم ٿيڻ لڳي. سندس پياري زال
’ائن‘ جي مرڻ ڪري، هن کي ڏاڍو صدمو پهتو، پر هو ان
کان پوءِ به ڪيترا ورهيه جيئرو هو، ۽ انهيءَ عرصي
۾ هن پنهنجا ٻه مشهور، بلڪ تمام عمدا ۽ وڏا بت
جوڙيا- ’اڪيلز جي سير‘، ۽ ’ملائڪ ميڪائيل جي شيطان
تي فتح“.
’چئنٽري‘ وڌيڪ همٿ ڀريو مڙس هو. جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو
ٿلهي ڳالهائڻ وارو هو، ته به هلت چلت ۾ ڏاڍو دلير
هو. ننڍي هوندي هن جي ڪشالا ڪڍيا هئا، ۽ مٿا هڻي
مشڪلاتن ما لنگهي پار پيو هو، تنهن جو فخر رکندو
هو؛ پر سڀ کان وڌيڪ هن کي پنهنجي خود مختياريءَ ۽
غير محتاجيءَ جو فخر هوندو هو. هو هڪڙي غريب
ماڻهوءَ جو پٽ هو، ۽ ’شفيلڊ‘ جي ويجهو ’نارٽن‘ ۾
ڄائو هو. اڃا ننڍڙو ٻار هو ته پڻس مري ويو، ۽ ماڻس
وري ٻي شادي ڪئي. ڇوڪر ’چئنٽري‘، گڏهه تي کير جون
چاڏيون لڏي، پاسي واري شهر ’شفيلڊ‘ ۾ ويندو هو، ۽
پنهنجيءَ ماءُ کان کير وٺندڙ گراهڪن کي کير
پهچائيندو وتندو هو. ننڍي هوندي هو اهو پورهيو
ڪندو هو. پوءِ، پنهنجيءَ همت ۽ مردانگيءَ سان،
انهيءَ درجي تان پاڻ کي مٿي چاڙهي، استاد ڪاريگر
جي وڏي درجي تي پهچايائين. هو ماٽي جي پيءُ کي
گهڻو نه وڻندو هو، تنهنڪري هن کي ڌنڌي سکڻ لاءِ
ٻاهر ڪڍيائون، ۽ پهريندي ’شفيلڊ‘ ۾ هڪڙي رواجي
دوڪاندار جي دوڪان تي رکيائونس. اهو ڌنڌو هن کي
پسند نه ايندو هو. هڪڙي ڏينهن، ڪنهن اُڪرڻ واري جي
دوڪان جي دريءَ کان لنگهندي، هن جي اک اندر رکيل
چمڪندڙ شين تي وڃي پئي. هن کي اُڪر ڪندڙ جو ڪم
اهڙو وڻي ويو، جو هن پنهنجن مائٽن کي منٿ ڪئي ته
هو کيس وکر واري جي هٽ تان اٿاري، اڪرڻ واري وٽ
ويهاريائين. هن جي عزيزن ۽ دوستن اها ڳالهه مڃي، ۽
هن کي شاگرد ڪري هڪڙي اُڪرڻ ۽ گلٽ ڪرڻ واري وٽ
ويهاريائون، جتي هو ست ورهيه رهيو. هن جو نئون
استاد نه رڳو ڪاٺ تي اُڪر ڪرڻ جو ڪم ڄاڻندو هو، پر
ڇاپن ۽ چوني جي قالبن جو ڌنڌو به ڪندو هو.
’چئنٽري‘ هڪدم ٻنهي ڪمن ۾ هن جي پيروي ڪرڻ لڳو، ۽
انهن هنرن جي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ سرجوشي
ڪرڻ لڳو. جيڪو وقت بچندو هوس، سو نقش ڪڍڻ، قالبن
جوڙن ۽ پاڻ سڌراڻ ۾ لڳائيندو هو، ۽ اڪثر رات جو ڳچ
وقت تائين پيو پورهيو ڪندو هو. ايڪيهن ورهين جي
ڄمار ۾، شاگرديءَ جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳي، پنجاهه
پائونڊ جي هيستائين هن ڪمائي گڏ ڪيا هئا، سي
پنهنجي استاد کي، اقرار نامي جي شرطن موجب، پهچائي
ڏنائين، ۽ اڳتي لاءِ پڪو اادو ڪيائين ته ڪاريگريءَ
جي ڪم ۾ مشغول رهندس. تنهن کان پوءِ، جيترو جلد ٿي
سگهيس، لنڊن ۾ آيو، ۽ چالاڪيءَ ڪري، هڪڙي اُڪرڻ
واري ڪاريگر وٽ وڃي نائب ٿي نوڪر بيٺو. فرصت جي
وقت ۾ رنگ ڏيڻ، نمونن ۽ قالب جوڙڻ جي استعمالي به
ڪرڻ لڳو. پهريائين ته گهمندو، اُڪرڻ جو ڪم ڪندو
وتندو هو. انهيءَ وقت جي ڪمن مان هڪڙو اهو هوس، جو
هن مسٽر ’راجرس‘ شاعر جي کني جي جاءِ کي سينگاريو-
جنهن جاءِ ۾ ڪن سالن کان پوءِ هو اڪثر گهڻو ايندو
هو، ۽ آڌرڀاءُ پائيندو هو، ۽ انهيءَ پنهنجي دوست
جي مانيءَ تي جيڪي مهمان گڏ ٿيندا هئا، تن کي
خوشيءَ مان پنهنجي ننڍي هوندي جي ڪاريگري
ڏيکاريندو هو. پوءِ، جڏهن پنهنجي ڌنڌي هلائڻ لاءِ
’شفيلڊ‘ ۾ موٽي آيو، تڏهن اتي جي اخبارن ۾ هن پاڻ
کي پينسل سان تصويرن ڪڍڻ وارو، وڏين تصويرن مان
ننڍين تصويرن ڪڍڻ وارو ۽ روغني تصويرن ڪڍڻ وارو
ڪري پڌرو ڪيو. جيڪا پهرين تصوير پينسل سان
ڪڍيائين، تنهن لاءِ هڪڙي ڪپن جوڙڻ واري هڪ گني
ڏنيس، ۽ روغني تصوير لاءِ هڪڙي حلوائيءَ سڄا پنج
پائونڊ ڏنس، ۽ هڪڙو وڏو جوتو تنهن کانسواءِ
ڏنائينس. سگهوئي ’چئنٽري‘ وري لنڊن ۾ آيو، انهيءَ
لاءِ ته رايل اڪيڊميءَ ۾ تعليم حاصل ڪري. وري جڏهن
’شفيلڊ‘ ۾ آيو، تڏهن اشتهارن ۾ پاڻ کي شهر وارن
ماڻهن جي گچ جي مورتن جوڙڻ وارو ۽ انهن جي تصويرن
کي رنگ ڏيڻ وارو ڪري پڌرو ڪيائين. شهر جو هڪڙو
پادري مري ويو هو، تنهن جي تصوير ڪڍڻ لاءِ هن کي
چونڊي ڪڍيائون- اها تصوير هن تمام پسنديءَ جهڙي
ڪڍي. جڏهن لنڊن ۾ هوندو هو، تڏهن ڪنهن ڪُڙهه جي
مٿان هڪڙي ڪوٺي ڪرايي ڪري، اُنهيءَ ۾ پنهنجو دوڪان
ڪيو هئائين، ۽ اُتي هن نمائش جي لاءِ پنهنجو
پهريون اصل نموني جو ڪم رٿيو. اُها شيطان جو هڪڙو
تمام وڏو مٿو هو. ’چئنٽري‘ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن
۾ سندس هڪڙو دوست، انهيءَ دوڪان مان لنگهندي، اها
سسي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڏسي حيرت ۾ پيو. ’چئنٽريءَ‘ چيس
ته ”اِها سسي پهرين شي هئي، جا مون لنڊن ۾ اچڻ کان
پوءِ ٺاهي هئي. انهي تي مون، ڪاغذ جي ٽوپي مٿي ۾
وجهي ۽ زمين جي پيٽ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ويهي محنت ڪئي
آهي. اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ هڪڙي شمع ٻارڻ جي مس وسعت
رکندو هوس، تنهنڪري اها پنهنجي ٽوپيءَ ۾ ٽنبي ڪم
ڪندو هوس، ته ڀلي اُها مون سان پئي چُري، ۽ جيڏي
آءٌ وڃان اوڏي سوجهرو ڪري.“ اها ساڳي شيطان جي
سسي، ’فلئڪسمن‘، اڪيڊميءَ جي نمائش ۾ ڏٺي. انهيءَ
جي ڏاڍي واکاڻ ڪيائين، ۽ سفارش ڪيائين ته ’گرينچ‘
۾ ’نيوهل امائلم‘ لاءِ چئن ائڊمرلن يا امير البحرن
جون جي سسيون گهربل هيون، سي ’چئنٽري‘ جوڙي.
انهيءَ فرمائش کان پوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي مليس،
جنهن ڪري هن تصويرن چٽڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو. پر ان کان
اڳي، اٺن ورهين جي اندر مورتن جوڙڻ مان هن پنج
پائونڊ به ڪين ڪمايا هئا. ’هارن ٽڪ‘ جي جيڪا مشهور
سسي هن جوڙي، سا اهڙي عمدي هئي جو، سندس لکئي
موجب، اُنهيءَ جي پٺيان هن کي ٻارهن هزارن پائونڊن
جيترو ڪم ڪرڻ لاءِ مليو. |