باب ٻيو
محنت جا مهندا
نون هنرن ڪڍڻ وارا، ۽ پيدائش وڌائڻ وارا
’آرٿر هيلپس‘ چيو آهي ته ”انگلنڊ جي لاءِ غريبن ۽
گهٽ درجي وارن ماڻهن رڳو نون هنرن ڪڍڻ سان جيڪا
ڪمائي ڪئي آهي، سا ڪڍي ڇڏيو، پوءِ خبر پوندي ته جي
اهي ماڻهو نه هجن ها، ته ان جو ڪهڙو حال ٿئي ها.“
انگريز ماڻهن جي تمام مشهور ۽ وڏي خاصيت اِها آهي
ته هنن ۾ محنت جو طبيعي ميل رکيل آهي. اِنهيءَ
ڪري، جهڙو گذريل زماني جي تاريخن ۾ هنن نالو ڪڍيو
آهي، تهڙو هن زماني ۾. انگلنڊ جي عام ماڻهن اِها
ذاتي لياقت ڏيکاري آهي، تنهنڪري ته سندن سلطنت
ايڏي عظيم ٿي آهي، ۽ محنت ۽ ڪمائيءَ جي سبب، اهڙي
پڪي بنياد تي محڪم ٿيو بيٺي آهي. اِهو قومي زور
ڀريو سڌارو هرهڪ آساميءَ جي علحديءَ آزاد محنت جو
نتيجو آهي، ۽ وقت بوقت جن ماڻهن ڪشالو ڪري پنهنجا
هٿ ۽ پنهنجون دليون مشغول رکيون آهن، تن جي تعداد
تي تعلق رهيو آهي.
پوءِ اُنهن مان ڪي زمين جا آبادگار هُئا، ڪي
ڪمائتين شين جي پيدا ڪرڻ وارا هئا، ڪي اوزارن
۽ ڪلن ڪڍڻ وارا هئا، ڪي ڪتابن لکڻ وارا هئا، ۽ ڪي
هنري ڪمن ظاهر ڪرڻ وارا هئا. جيتوڻيڪ هيءَ محنت-
شعاري ۽ چالاڪي قوم جي سڌاري جو خاص اُصول هئي،
تڏهن به انهيءَ جي ڪري اسانجن قاعدن ۾ يا اسان جي
ملڪي انتظامن ۾ جي سهوون ۽ اڻپورايون پئي ٿيون
آهن، تن جي خرابي وقت بوقت بي اثر پئي ٿي آهي، ۽
ان جو علاج پئي ٿيو آهي.
جيڪو محنت جو رستو اها قوم وٺيو آئي آهي، تنهن مان
اُن کي تعليم به حاصل پئي ٿي آهي. جهڙيءَ طرح
اڻورچ ٿي ڪم کي لڳڻ ڪري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي تمام
چڱي ورزش ۽ تعليم ملي ٿي، تهڙيءَ طرح ڪنهن ملڪ يا
قوم کي به ائين ڪرڻ ڪري تمام عمدي تربيت ملي ٿي.
آبرو ۽ ايمانداريءَ جي محنت جو به ساڳيو اُهو رستو
آهي، جو فرض جو آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت اِنهن
ٻنهي جو نتيجو نيڪ بختي ۽ سک ڪيو آهي. شاعرن جو
چوڻ آهي ته قدرت جي ڪارپردازن محنت ۽ ڪشالي کي
اُنهي رستي تي رکيو آهي، جو بهشت جي باغ ڏي ٿو
وڃي. اُنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي، ته جيڪا ماني ماڻهو جسمي
يا دماغي محنت ڪري پنهنجي لاءِ ڪمائي ٿو، سا جهڙي
مٺي آهي، اُهڙي ٻي ڪابه ماني ڪانه هوندي. محنت ڪرڻ
سان زمين هٿ ڪئي ويئي آهي، ۽ انسان جهالت ۽ جهنگل
پڻي کان ڇڏايو ويو آهي، سڌاري جي ڪابه ڪوشش، محنت
کان سواءِ نه پئي ٿي آهي. محنت نه رڳو هڪڙي فرضي
ضرورت آهي، پر هڪڙي برڪت آهي. فقط سست کي اها عذاب
ٿيو لڳي ٿي. ڪم ڪرڻ جو فرض گويا عضون جي رڳن ۽ نسن
تي لکيو پيو آهي. جهڙو هٿ جي بناوت تي، تهڙو مغز
جي ڪوٺين ۽ ريشن تي- اُنهن جي پوريءَ طرح هلڻ ۽ ڪم
ڪرڻ مان دل جي خوشي ۽ لذت پيدا ٿئي ٿي. محنت جي
مڪتب ۾ تمام چڱي رواجي حڪمت سيکارڻ ۾ اچي ٿي؛ نڪي
بازن جي پورهئي جي عادت، دل جي عمدي سڌاري جي
مخالف آهي. جئن پاڻيهي هيٺ اسان کي معلوم ٿيندو.
پورهئي جي عيب صواب جي خبر جيتري ’هيومِلر‘ کي
هئي، اوتري ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه هئي. انهيءَ
پنهنجي آزمودي جو نتيجو هيءُ ڏيکاريو آهي ته ڪم يا
پورهيو ڪهڙو به تمام سخت هوندو، ته انهيءَ مان
خوشي ٿي ٿئي ۽ پنهنجو ذاتي سڌارو پيدا ٿو ٿئي. هن
جي راءِ هئي ته سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو پورهيو
تمام عمدو اُستاد آهي، ۽ محنت جو مڪتب سڀ کان چڱو
مڪتب آهي. سواءِ مذهبي مڪتب جي، يعني اهو اهڙو
مڪتب آهي، جنهن ۾ ڪمائتي ٿيڻ جي تعليم ٿي ملي ۽
خود مختيار ٿيڻ جو سبق سکيو آهي، ۽ اڻورچ ٿي،
ڪشالي ڪرڻ جي عادت پوندي آهي. بلڪ، هن جي خيال ۾
ائين هو ته مزور يا ڪاريگر، ڏهاڙي هٿن سان ڪم ڪرڻ
۽ حواسن هلائڻ ڪري، استعمال ۽ آزمودي حاصل ڪرڻ سان
جا تعليم پائي ٿو، سا هن کي حياتيءَ جي سفر ۾ رستي
هٿ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لائق ڪري ٿي، ۽ هن کي سچي پچي
انسان بنائڻ لاءِ جهڙي اها تعليم ڪمائتي آهي، اهڙي
ٻي ڪنهن شرط سان موجود ٿيڻ جي ناهي.
مٿي گهڻن وڏن وڏن ماڻهن جا نالا اسان سرسري طرح
ڏنا آهن، جي سڀ غريب پورهيتن جي درجي کان ٿي مٿي
چڙهيا آهن، ۽ حياتيءَ جي جدا جدا ڪمن ۾ ناموس ڪڍي
اٿن- حڪمت ۾، توڙي واپار ۾، توڙي علم ۾، توڙي هنر
۾. ان مان ظاهر آهي ته مفلسي ۽ محنت جيڪي مشڪلاتون
وچ ۾ وجهن ٿيون، سي ڪنهن به طرح اهڙيون ناهن، جن
تي غالب پئجي نه سگهجي. باقي، جن وڏين صنعتن ۽ نون
هنرن ڪري قوم کي هيتري طاقت ۽ دولت حاصل ٿي آهي،
تن بابت ته بلڪل شڪ ڪونهي ته گهڻو ڪري غريب ۽ گهٽ
درجي وارن ماڻهن جا اسان تي احسان آهن. انهيءَ ڪم
۾ خاص هنن جا ڪمائي ڪئي آهي، سا جي کڻي خارج ڪبي،
ته ٻيو ٿورو ئي ڪي بچندو، جو چئبو ته ٻين ڪيو آهي.
نين صنعتن ڪڍڻ وارن، دنيا جي ڪيترن ئي وڏن هنرن ۽
ڪسبن کي چالو ڪري ڇڏيو آهي. خلق کي اُنهن گهڻيئي
مک ضروري شيون، سک ۽ عيش عشرت جو سامان موجود ڪري
ڏنو آهي. هنن جي تيز فهميءَ ۽ محنت جي ڪري، روزمره
جو گذارو، هر طرح زياده آسودو ۽ لذت جهڙو ٿيو آهي.
اسان جي خوراڪ، اسان جي پوشاڪ؛ اسان جن گهرن جو
سامان؛ شيشو، جنهن مان اسان جن جاين ۾ روشنائي
لنگهي اچي ٿي، ۽ جو ساڳئي وقت ۾ سرديءَ کي روڪي
بيهاري ٿو؛ گئس يا ٻرڻ واري هوا، جا اسان جن سڙڪن
۽ گهٽين کي روشن ڪري ٿي؛ زمين يا سمنڊ تي سفر ڪرڻ
جا اُپاءُ؛ اوزار، جن سان اسان جون ڪيتريون ئي
ضرورت ۽ سک جون شيون جڙن ٿيون. اهي سڀ گهڻن ماڻهن
۽ گهڻين دلين جي محنت ۽ سمجهه جا نتيجا آهن. انهن
صنعتن جي ڪري، انسانذات زياده خوش ۽ سکي آهي، ۽ هر
روز اُنهن جو فائدو وٺي ٿي، جو جهڙي هرهڪ آساميءَ
جي ڌار ڌار حالت بهتر ٿئي ٿي، تهڙيءَ ساريءَ خلق
جي عام آسائش وڌي ٿي.
جيتوڻيڪ ڪم ڪرڻ واري ٻاڦ جي ڪل، جا سڀني ڪلن جي
سردار آهي، سا اسان جي زماني جي صنعت چئبي، تڏهن
به اُن جي اصلي رٿ يا خيال کي ڪي صديون گذريون
آهن. ٻين تجويزن ۽ صنعتن وانگي، هيءَ به ٿورو ٿورو
ٿي انهيءَ درجي کي پهتي آهي. هڪڙي ماڻهوءَ، مٿا
هڻي، پنهنجي ڪمائي، جا انهيءَ وقت ۾ اجائي ۽ بيسود
شمار ڪرڻ ٿي آئي، سا پوين کي ڏني، جن وري اُن کي
اڳڀرو هلائي ٻيءَ منزل تي آندو. انهيءَ طرح،
انهيءَ جانچ ۽ چڪاس ڪندي، پيڙهيون گذري ويون.
انهيءَ دستور، جيڪو خيال اسڪندريه جي مشهور پهلوان
پچائي پڌرو ڪيو هو، سو اصلي گم نه ٿي ويو، پر
انهيءَ ڪڻڪ جي داڻي وانگي، جو مصر جي قديم دفن ڪيل
لاش جي هٿ ۾ لڪل هجي، اُهو ساڳيو خيال وري ڦُٽو؛ ۽
جڏهن هن زماني جي علم ۽ حڪمت جي روشنائي لڳيس،
تڏهن نئين سر زور سان اُڀري نڪتو. انهيءَ هوندي به
ٻاڦ جي ڪل جيسين خيالي حالت مان نڪري رواجي ڪاسبين
۽ ڪم ڪندڙن جي هٿن ۾ آئي، تيسين ڪنهن به شمار ۾
ڪين هئي. انهيءَ عجب جهڙيءَ ڪل مان محنت ۽ تحمل
سان جانچ ڪرڻ جو، توڙي ڪشالي سان مشڪلاتن ٽارڻ جو،
عجيب احوال معلوم ٿي سگهي ٿو. رڳو انهيءَ جي
اندروني بناوت مان بيشڪ خبر پئجي سگهي ٿي ته انسان
۾ خودياوريءَ جي سگهه ڪهڙي نه زور آهي. هيٺين سڀني
مشهور ماڻهن انهيءَ تي مٿا هنيا آهن: ’ساوهري‘،
جنگي کاتي جو انجنير؛ ’نيوڪمن‘، ’ڊارٽمائوٿ‘ جو
لوهار؛ ’ڪالي‘، شيشه گر؛ ’پاٽر‘، انجڻ جو مزور
ڇوڪر، ’اسميٽن‘، هاڪي کاتي جو انجنيئر، ۽ سڀني کان
مٿي، وڌيڪ محنتي ۽ جفاڪش ’جيمس واٽ‘، حسابي اوزار
جوڙڻ وارو.
’واٽ‘ تمام محنتي ماڻهن مان هڪڙو هو. هن جي
حياتيءَ جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو، آزمودي سان به
ائين ثابت آهي، ته تمام زور واري ذهن ۽ طبيعي عقل
وارو ماڻهو وڏا وڏا ڪم نٿو ڪري، پر اهو ماڻهو، جو
پنهنجي سمجهه تمام گهڻيءَ محنت سان ۽ پوريءَ
خبرداريءَ ۽ تجويز سان هلائي، ٿو جا تجويز هن کي
محنت ۽ ڪشالي ۽ آزمودي سان اچي ٿي. ’واٽ‘ جي زماني
۾ گهڻا ئي ٻيا ماڻهو هئا، جي هن کان وڌيڪ هوشيار ۽
خبردار هئا، پر پنهنجي سمجهه فائدي جهڙن ڪمن ۾
لڳائڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ لاءِ جيتري سخت محنت هن
ڪئي، اهڙي ٻئي ڪنهن ڪين ڪئي. سڀ کان وڏي ڳالهه
اِها ته هو حقيقتن معلوم ڪرڻ ۾ ڏاڍو اڻورچ هو. هن،
سعيو ڪري، پاڻ ۾ غور ڪرڻ ۽ ڌيان ڏيڻ جي عادت وڌي،
جنهن تي دل جي ٻين خاصيتن جو مدار آهي. مسٽر
’ايجؤرٿ‘ جي اها راءِ برابر آهي ته ’ماڻهن ۾ سمجهه
جو جيڪو تفاوت ٿئي ٿو سو جدا جدا ماڻهن جي گهٽ وڌ
ذاتي طاقتن تي ايترو تعلق ناهي، جيترو ڪچيءَ ۾
ڌيان لڳائڻ جي عادت تي آهي.‘
جڏهن ’واٽ‘ اڃا ڇوڪرو هو، تڏهن هن پنهنجين راند جي
شين ۾ حڪمت پئي معلوم ڪئي. سندس پيءُ جي واڍڪي
دوڪان تي جي اُچائيءَ ماپڻ جا چونڪ رکيا هوندا
هئا، تن هن جي دل ۾ اهڙو شوق جاڳايو، جو هن هيئت ۽
نظر جي علمن جو چڱو اڀياس ڪيو. هو بيمار ٿي پيو،
تنهن مان بدن جي تشريح جو علم سکيو؛ ۽ ٻهراڙيءَ ۾
اڪيلي گهمڻ ڪري، هن کي نباتات ۽ تاريخ جي علم سکڻ
جو وجهه مليو. جڏهن حسابي اوزارن جو ڪم ڪندو هو،
تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ هن کي هڪڙي باجي ٺاهڻ لاءِ چيو.
جيتوڻيڪ هن کي راڳ جو سماءُ ڪونه پوندو هو، تڏهن
به هن مٿا هڻي موسيقيءَ جي علم ۾ ايترو مايو حاصل
ڪيو، جو تمام چڱيءَ طرح اُهو باجو جوڙي تيار
ڪيائين. ساڳيءَ طرح، جڏهن ’نيوڪمن‘ واريءَ ٻاڦ جي
ڪل جو ننڍڙو نمونو- جو ’گلاسگو‘ جي وڏي مدرسي جي
ملڪيت هو. ’واٽ‘ کي مرمت ڪرڻ لاءِ مليو، تڏهن هن
اُنهيءَ مان گرميءَ ۽ ٻاڦ کي سوڙهي رکڻ ۽ بند ڪرڻ
بابت جيڪو علم اُنهن ڏينهن ۾ معلوم هو، تنهن مان
هڪدم پاڻ کي واقف ڪيو، ۽ ساڳئي وقت ۾ ان جي بناوت
۽ ڪاريگريءَ جي هنر سکڻ تي به مٿو هنيائين. نيٺ،
خيال ڪري، هن بخار بند ڪرڻ واري ٻاڦ جي ڪل ڪڍي.
ڏهن ورهين تائين برابر هن پئي تجويزون ڪيون، ۽
اٽڪلون هلايون. نڪا اهڙي اميد هيس جا سندن دل کي
سرهو ڪري، نڪو ڪو سنگتي هوس جو کيس همتائي. انهيءَ
وچ ۾ هن پنهنجي عيال جي گذران لاءِ پورهيو پئي
ڪيو: چونڪن وارا اوزار جوڙي پئي وڪيائين، باجا ۽
ٻيا ساز ۽ وڄائڻ جا اوزار پئي جوڙيائين ۽ مرمت
ڪيائين، ۽ عمارتن جي اوساري پئي ماپ ڪيائين، ۽
رستن جي مرمت ۽ واهن جي کاٽي جي داروغپ پئي
ڪمايائين.
مطلب ته جيڪو ڪم ايمانداريءَ جي فائدي جهڙو ٿي
ڏٺائين، سو ٿي ڪيائين. نيٺ، ’واٽ‘، ٻيو هڪڙو تمام
محنتي ۽ لائق ماڻهو، ’ماٿيو بولٽن‘ نالي،
’برمنگهام جو رهاڪو، پنهنجو سنگتي ۽ ڀائيوار ڪيو.
هو هنرمند، همت ڀريو ۽ سياڻو ماڻهو هو، تنهن جرات
ڪري انهيءَ بخاربند ڪرڻ واري ٻاڦ جي ڪل عام طرح ڪم
آڻڻ ۽ انهن جي وسيلي ٻين ڪمن ڪرائڻ جو ذمو کنيو.
انهن ٻنهي ماڻهن جي گڏيل محنت ۽ ڪوشش مان جا
فتحيابي حاصل ٿي، سا تاريخن جي ڪتابن ۾ مشهور آهي.
تنهن کانپوءِ ڪيترن اٽڪلي ۽ هنرمند ماڻهن، وقت
بوقت، انهيءَ ٻاڦ جي ڪم ۾ نئين سگهه گڏڻ سان سڌارو
پئي ڪيو آهي. انهيءَ طرح، بيمشار سڌارا ڪري، اُن
کي هنن اهڙو ڪمائتو ڪيو، جو گهڻو ڪري ڪارخانن جي
سڀني ڪمن ۾ لڳي سگهي: ٻين سڀني ڪلن کي هلايائين،
جهازن کي ڌڪيائين، اَن پيٺائين، ڪتاب ڇاپيائين،
مطرقا هنيائين، رندو هلايائين، لوهه موڙيائين-
مطلب ته جنهن ڪسب يا ڪم ۾ طاقت يا زور جي ضرورت
هئي، سو سڀ ڪيائين. انهيءَ ٻاڦ جي ڪل ۾ هڪڙو تمام
چڱو سڌارو اِهو هو، جو ’ٽريوهيٿڪ‘ خيال ڪري ڪڍيو،
۽ جو نيٺ ’جارج اسٽيفنسن‘ ۽ سندس پٽ ڪماليت کي
پهچايو، ۽ ريل جي گاڏيءَ هلائڻ جي ڪم آندو. انهيءَ
سڌاري ڪري، ’واٽ‘ جي بخار بند ڪرڻ واريءَ ٻاڦ جي
ڪل کان به وڌيڪ فائدا ۽ فيض پهتا، ۽ ماڻهن جي
ترقيءَ ۽ قومي سڌاري ۾ نهايت گهڻا ۽ ڪمائتا ڦيرڦار
ٿي ويا.
’واٽ‘ جي نئين ڪل، جنهن مال اُپائڻ وارن واپارين
کي بيحد طاقت موجود ڪري ڏني، تنهن مان هڪڙو وڏو
فائدي وارو نتيجو اهو نڪتو جو ڪپهه جو ڪارخانو
قائم ٿي ويو. هن ڪمائتي ڪارخاني جو باني بيشڪ ’سر
رچرڊ آرڪ رائيٽ‘ هو، جنهن جي ڪم جهڙي همت ۽ تيز
فهمي شايد سندس ڪاريگريءَ ۽ عقلمنديءَ کان زياده
هئي. اهو سچ آهي ته گهڻا ماڻهو هن کي، ’واٽ‘ ۽
’اسٽيفنسن‘ وانگي، انهيءَ ڪل جو اصل جوڙيندڙ شمار
نٿا ڪن؛ پر شايد جهڙو ’واٽ‘ جو واسطو ٻاڦ جي ڪل
سان هو، ۽ ’اسٽيفنسن‘ جو گاڏيءَ هلائڻ واريءَ ڪل
سان هو، تهڙو ’آرڪ رائيٽ‘ جو ڪتڻ جي ڪل سان هو.
اٽڪل ۽ هنرمنديءَ جون تندون، جي اڳي ئي هستيءَ ۾
هيون پر هيڏي هوڏي پکڙيون پيون هيون، سي ڄڻ ته گڏ
ڪري، پنهنجيءَ رٿ ۽ تجويز سان اُڻي، انهن مان اصلي
هڪڙو نئين نموني جو اوڄ ٺاهيو. جيتوڻيڪ برمنگهام
واري ’ليوئزپال‘، ’آرڪ رائيٽ‘ کان ٽيهه ورهيه اڳي،
رولرن يعني وڏن ويلڻن جي وسيلي ڪتڻ جي ڪل سرڪار ۾
داخل ڪرائي ڪم آندي هئي، تڏهن به هن جون جوڙيل
ڪلون اندروني بناوت ۾ اهڙيون اڻپوريون ۽ عيبدار
هيون، جو انهن جي استعمال مان فائدو نٿي رسيو، ۽
رواج جي ڪري اها نئين ڪڍيل ڪل نڪمي هئي. وري ٻيو
هڪڙو گمنام ڪاريگر، ’جولي‘ شهر جو، ڪلڪن يا ڪانين
جوڙڻ وارو هو، ۽ ’ٽامس هائز‘ نالو هوس، تنهن جي
نالي به چون ٿا ته هن پاڻيءَ ۾ هلائڻ جو سانچو ۽
ڪتڻ جي ننڍي ڪل جوڙي هئي، پر اهي به گهڻو ڪمائتيون
نه ٿيون.
جڏهن پورهئي ۽ محنت جي ضرورت هنرمند ۽ تجويز وارن
ماڻهن جي رٿن کان وڌي وڃي ٿي، تڏهن گهڻن ئي جو
خيال ساڳيءَ ڳالهه ڏي ڇڪجي وڃي ٿو، ۽ سڀئي ان جي
پورائيءَ لاءِ مٿو هڻن ٿا. ٻاڦ جي ڪل جو، سلامتي
واريءَ بتيءَ جو، تار برقيءَ جو، ۽ ڪيترن ئي ٻين
نون هنرن ۽ ڪلن جو، اهو حال هو. گهڻائي خيالي ۽
عقلمند ماڻهو انهن تجويزن جي تڪليفن ۾ پيا هڄندا
آهن- تان جو ڪو اهڙو هڪڙو قابل ۽ تجربيڪار ۽
ڪمائتو استاد پيدا ٿو ٿئي، جو سڀني کي انهن ڳڻتين
۽ هلاڪين کان ڇڏائي ٿو- ۽ علم ۽ هنر جا اصول
پوريءَ طرح لڳائي، فتحمند ٿئي ٿو، پوءِ سڀ ڪم پورو
ٿيو پوي. انهيءَ کان پوءِ وري ننڍا ڪاريگر ۽ هنر
وارا، جي پاڻ کي پٺتي پيل ڏسي نااُميد ٿين ٿا، سي
رڙيون ڪرڻ لڳن ٿا. اهو ئي سبب هو جو ’واٽ‘،
’اسٽيفنسن‘ ۽ ’آرڪ رائيٽ‘ جهڙن مڙسن کي، پنهنجي
ناموس ۽ حق بچائڻ لاءِ، ۽ پنهنجي هنرمنديءَ ۽
قابليت ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ، اڪثر مٿو هڻڻو ٿي
ٿيو.
’رچرڊ آرڪ رائٽ‘، گهڻن ٻين وڏن هنرمند اُستادن
وانگي، گهٽ درجي کان ٿي مٿي چڙهيو. هو سال 1732ع ۾
پريسٽن شهر ۾ ڄائو هو. هن جا مائٽ تمام غريب هئا،
۽ هو پيءُ- ماءُ جي تيرهن ٻارن مان ننڍو هو. هو
ڪنهن به مڪتب ۾ نه پڙهيو؛ جيڪا تعليم مليس، سا هن
پاڻيهي پاڻ کي ڏني؛ ۽ پڇاڙيءَ تائين هن کي رڳو لکڻ
به مشڪل ايندو هو. جڏهن اڃا ڇوڪر هو، تڏهن هن کي
هڪڙي حجام وٽ شاگرد ڪري رکيو هئائون؛ ۽ جڏهن اهو
ڪم سکي رهيو، تڏهن هو بولٽن شهر ۾ پنهنجي منهن اهو
ڪسب ڪرڻ لڳو. زمين جي هيٺ هڪڙي ننڍي ڪوٺي کڻي
ڪِرايي ڪيائين، ۽ مٿان تختي تي هي لفظ لکي
ڇڏيائين: ”زمين کان هيٺ رهڻ واري حجام وٽ اچو؛ هو
هڪ پيني وٺي مٿو ڪوڙي ٿو.“ سگهوئي ٻين حجامن ڏٺو
ته سندن گراهڪ کين ڇڏيندا وڃن، نيٺ سندن ڪوڙاڻيءَ
جو اگهه به گهٽجي اچي هن جيترو ٿيو. ’آرڪرائيٽ‘
پنهنجي ڌنڌي وڌائڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ تختي تي هي
اکر لکيائين: ”اڌ پينيءَ تي عمدي صفائي!“ ٿورن
ورهين کان پوءِ هن اُها زير زمين ڪوٺي ڇڏي ڏني، ۽
گهمندي ڦرندي وارن جو واپار ڪرڻ لڳو. اُنهن ڏينهن
۾ ماڻهو وارن جون ٽوپيون ڍڪيندا هئا، ۽ حجامن جي
لاءِ اهڙين ٽوپين جو جوڙڻ هڪڙو مکيه ڌنڌو هوندو
هو: ’آرڪ رائيٽ‘ اُنهن ٽوپين جي لاءِ وار خريد
ڪندو وتندو هو. لئنڪشائر جي ساري ضلعي ۾ جن جن
ميڙن ۽ واپار جي جاين تي جوان زالون وڏن وڏن وارن
جي خريد ڪرڻ لاءِ اڪثر اينديون هيون، اُنهن تي هي
به ضرور ويندو رهندو هو. چون ٿا ته انهيءَ قسم جي
واپار ۾ هن گهڻوئي ڪمايو. انهيءَ کانسواءِ وارن کي
رنگ ڏيڻ جي دوا جو واپار ڪندو هو. اُهو اهڙيءَ
تجويز سان هلايائين، جو وٽس گراهڪن جو هميشه گوڙ
لڳو پيو هوندو هو. پر، انهيءَ همت ۽ چالاڪيءَ
هوندي به، مس گذران جيترو ڪمائيندو هو.
سگهوئي وارن جي ٽوپين ڍڪڻ جي رسم ڦري ويئي، تنهن
انهن ٽوپين جوڙڻ وارن کي ڏاڍي شڪست پهتي. ’آرڪ
رائيٽ‘ ڪاريگر ماڻهو هو، سو ڦري هاڻ ڪلن ڪڍڻ وارو
ٿي ويٺو- جنهن کي اُنهن ڏينهن ۾ عام ماڻهو جادوگر
سڏيندا هئا. اُنهيءَ وقت ڌاري گهڻن ئي ماڻهن ڪتڻ
جي ڪل ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، ۽ اسان جي هن حجام
به دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته آءٌ به ٻين وانگي انهيءَ
ڪم تي مٿو هڻان. جيئن ساڳيءَ طبيعت جا پاڻيهي سکيل
ماڻهو ڪندا هئا، تيئن هن به اڳي ئي پنهنجو فراغت
جو وقت انهيءَ فڪر ۾ پئي گذاريو ته ڪا هميشه هلڻ
واري ڪل ڪڍان، جنهن تان ڪتڻ جي ڪل تائين پهچڻ سولو
ٿيندو. هو پنهنجن آزمودن کي اهڙو لڳو آيو، جو
پنهنجو ڌنڌو ئي وسري ويس. جيڪو ٿورو گهڻو پيسو
بچايو هئائين، سو به وڃائي ويهي رهيو، ۽ اچي
مسڪينيءَ ۽ ڪنگالپ کي پهتو. انهيءَ وچ ۾ شادي به
ڪئي هئائين، سو سندس زال هن جي انهيءَ اجائي پيسي
۽ وقت وڃائڻ تي ڏاڍي بي صبر ۽ خفي ٿي ۽ ڪنهن مهل
اهڙي اوچتي چڙ لڳيس، جو مڙس جا سڀ نمونا ۽ نقشا ۽
قالب هٿ ڪري ناس ڪري ڇڏيائين! ڀانيائين ته ائين
ڪرڻ سان بکن ۽ ڏکن کان ڇٽي پونداسين؛ پر ’آرڪ
رائيٽ‘ ڏاڍو سرڪش ۽ سرگرم ماڻهو هو، سو پنهنجيءَ
زال جي هن حرڪت ڪري نهايت گهڻو چڙيو، ۽ هڪدم هن کي
ڇڏي ڏنائين.
ملڪ ۾ سفر ڪندي، ’آرڪ رائيٽ‘ هڪڙي ماڻهوءَ ’ڪي‘
نالي سان واقف ٿيو هو، جو وارنگٽن ۾ هڪڙو گهڙيال
جوڙڻ وارو هو. انهيءَ هن کي هميشه هلڻ واريءَ ڪل
جي ڪن ڀاڱ جوڙڻ ۾ مدد ڏني؛ پر هيئن به چون ٿا ته
اهو خيال پهريندي هن کي هن ڳالهه تان دل ۾ آيو، جو
هن اوچتو ڏٺو ته هڪڙو ڳاڙهو تتل لوهه جو ٽڪر، لوهه
جي ويلڻن جي وچان لنگهندي، وڌي پيو. حقيقت جي
ڳالهه ڪيئن به هجي، پر اهو خيال هن جي دل ۾ هڪدم
اهڙو پڪيءَ طرح جاءِ وٺي ويو جو هو انهيءَ ڪل جي
ڪڍڻ لاءِ اٽڪلون هلائڻ لڳو، پر سندس سنگتي ’ڪي‘
انهيءَ بابت هن کي ڪابه صلاح ڏيئي نه سگهيو. ’آرڪ
رائيٽ‘ هاڻي پنهنجو وارن گڏ ڪرڻ جو ڌنڌو اصل ڇڏي
ڏنو، ۽ سڄو ئي خيال پنهنجيءَ ڪل جي پوري ڪرڻ ۾
لڳايائين. انهيءَ جو نمونو- جو ’ڪي‘ سندس فهمايش
موجب جوڙي تيار ڪيو هو- هن پريسٽن شهر جي ’فري
گرامر اسڪول‘ جي وڏي ڪمري ۾ کڻي رکيو. هو شهر جي
راءِ ڏيڻ وارن يا چونڊيندڙن مان هو؛ تنهن هڪڙيءَ
تڪراري چونڊ ۾ پنهنجي به راءِ ڏني، جنهن موجب
’جنرل برگائن‘ چونڊيو ويو؛ پر هن جي غريبيءَ جو
حال انهيءَ حد هو، جو جڏهن گهڻن ماڻهن چندو گڏ ڪري
هن کي آبروءَ جهڙيءَ صورت ۾ آندو، تڏهن مس هو راءِ
ڏيڻ واريءَ جاءِ ۾ وڃي راءِ ڏيڻ جهڙو ٿيو. هن جو
پنهنجي ڪل خلق کي ڏيکارڻ لاءِ اهڙي شهر ۾ ڪڍي رکي،
جتي سوين ماڻهو هٿن جو پورهيو ڪري گذران ڪندا هئا،
تنهن مان ڏاڍي خرابي ٿي پيئي- وقت بوقت انهيءَ
اسڪول واريءَ جاءِ جي ٻاهران ماڻهن جي اجائي ڪُر-
ڪُر ۽ ناشائستي بڪبڪ ٻڌڻ ۾ پيئي ايندي هئي. ’ڪيءَ‘
ڪورين جي ڪم جو ڪل وارو نڙو جوڙيو هو، تنهن کي
ماڻهن اهڙو بيزار ۽ هلاڪ ڪيو هو، جو لئنڪشائر ڇڏي
ڀڄي ويو هو؛ ۽ ويچاري ’هارگريوس‘ جي ڪتڻ جي ڪل
ٿورو وقت اڳڀرو بلئڪبرن جي ماڻهن ڀڃي پرزا پرزا
ڪري ڦٽي ڪئي هئي. اهو حال ڏسي، ’آرڪ رائيٽ‘ کي چڱي
سمڪ آئي، جو هن پنهنجو ڪل جو نمونو اُتان ڪڍي ڪهن
ٻئي سلامتيءَ جهڙي هنڌ نيڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪيو. اُن
موجب، هو ناٽنگهام ۾ ويو، ۽ اُتي جي ڪن شاهوڪارن
کان پيسي جي مدد گهريائين. ’رائيٽ‘ جي ڪمپنيءَ
وارن هن کي ڪن پيسن اُڌاري ڏيڻ جو ذمو کنيو-
انهيءَ شرط سان، ته هو اُنهن کي انهيءَ ڪل جي
فائدي ۾ ڀائيوار ڪندو. پر ڪل جي پوريءَ طرح تيار
ٿيڻ ۾ دير پئجي ويئي، تنهنڪري اُنهن شاهوڪارن ’آرڪ
رائيٽ‘ کي صلاح ڏني ته ’اسٽرٽ‘ ۽ ’نيڊ‘ واري
ڪمپنيءَ کي پيسن ڏيڻ جي لاءِ درخواست ڪر. ’اسٽرٽ‘
پاڻ ڪاريگر ماڻهو هو، ۽ هن کان اڳي جورابن جوڙڻ جو
ڪارچوب جوڙي سرڪار ۾ داخل ڪرايو هئائين. ’اسٽرٽ‘
صاحب کي هن جي نئينءَ ڪل جو هڪدم قدر پيو، ۽ هو
’آرڪ رائيٽ‘ سان ڀائيوار ٿيو. تنهن کانپوءِ ڄڻ ته
’آرڪ رائيٽ‘ جو نصيب کليو. اِها ڪل سرڪاري دفتر ۾
’ناٽنگهام جي گهڙيال جوڙڻ واري رچرڊ آرڪ رائيٽ‘ جي
نالي داخل ٿي، ۽ اُن جي کيس سند ملي. اها عجيب ۽
ياد ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهو داخلو سال 1769ع ۾
ٿيو- يعني انهيءَ ساڳئي ورهيه ۾، جنهن ۾ ’واٽ‘
پنهنجي ٻاڦ جي ڪل داخل ڪرائي سَند ورتي. پهريائين
ناٽنگهام ۾ ڪپهه جي گرڻي يا چڪي جوڙي ويئي، جنهن
کي گهوڙا هلائيندا هئا. اُنهيءَ کان پوءِ ڊربي
شائر جي ڪرامفورڊ شهر ۾ ٻي گهڻو وڏي ڪپهه جي چڪي
جڙي، جنهن کي پاڻيءَ جي چڪر ٿي ڦيرايو، انهيءَ سبب
ڪري هن ڪپهه ڪتڻ جي ڪل کي پاڻيءَ جي چڪر يا چرخي
واري ڪل سڏڻ لڳا.
آرڪ رائيٽ جي محنت ته اڳي جي بنسبت ڄڻ هاڻ شروع مس
ٿي هئي. هن کي اڃا پنهنجيءَ ڪل جا عضوا يا ڀاڱا
ڪامل طرح پورا بيهارڻا هئا؛ تنهنڪري هن وقت بوقت
اُن جو سڌارو ۽ ڦيرگهير پئي ڪيو- تان جو اها نهايت
گهڻو ڪمائتي ۽ فائدي واري ٿي. پر پوري فتحيابي رڳو
گهڻي تحمل ۽ محنت کانپوءِ حاصل ٿي؛ ڇا لاءِ جو ڪن
ورهين تائين ته اُن مان ڪنهن به فائدي جي اُميد
ڪانه ٿي رهي؛ رڳو ڍڳ پيسن جا ڳهندي ويئي، ۽ حاصل
ڪي به ڪين ٿي ٿيو. جڏهن فتحيابيءَ جي اميد پڪيءَ
طرح ظاهر ٿيڻ لڳي، تڏهن لئنڪشائر جي ڪارخانن وارا
’آرڪ رائيٽ‘ جي ڪل تي لٺيون ڌڪا کڻي ڪاهي آيا،
انهيءَ لاءِ ته اُن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪن- جهڙيءَ
طرح ڪارٽوال جا کاڻين کوٽڻ وارا، ’بولٽن‘ ۽ ’واٽ‘
تي ڪاهي آيا هئا، انهيءَ لاءِ ته سندن ٻاڦ جي ڪل
جو فائدو سڀ کانئن ڦُري وڃن. چوطرف ماڻهو ’آرڪ
رائيٽ‘ کي پورهيتن ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو دشمن چئي،
هن کي پٽيندا ۽ اجايو سجايو ڳالهائيندا هئا. چارلي
جي ويجهو هن جا اهڙي ڪل کڙي ڪئي هئي، سا ماڻهن
پوليس ۽ جنگي سپاهين جي وڏي لشڪر جي اکين آڏو ڀڃي
چٽ ڪري رکي. لئنڪشائر جي ماڻهن سندس ڪل جو اُپايل
مال وٺڻ ڇڏي ڏنو- جيتوڻيڪ بازار ۾ اُنهيءَ جهڙو
عمدو مال ڪونه هو. تنهن کانسواءِ، هن جي ڪلن ڪم
آڻڻ ڪري قاعدي موجب جيڪو لوازمو هن کي ملڻ حق هو،
تنهن کان هنن صاف جواب ڏيئي ڇڏيس، ۽ سڀني پاڻ ۾
ٻڌي ڪئي ته هن کي قاعدي جي ڪورٽن ۾ چيڀاٽي ماريون.
نيٺ هن ويچاري جي سَند رد ڪرايائون؛ جنهن ڪري چڱا
۽ سمجهه وارا ماڻهو ڏاڍا ناراض ٿيا. مقدمي کان
پوءِ، جنهن جاءِ ۾ ’آرڪ رائيٽ‘ جا دشمن ٽڪيل هئا،
اُتان جڏهن هو اچي لنگهيو، تڏهن هنن مان هڪڙو وڏي
سڏ چوڻ لڳو ته ”اجهو، اِنهيءَ ٻڍي مٿي ڪوڙڻ واري
کي آڻي پورو ڪيو اٿؤن!“ اهو ٻڌي، هن آرام سان جواب
ڏنو ته ”فڪر ڪونهي، مون وٽ اڃا هڪڙي پاڪي آهي،
جنهن سان اوهان سڀني جا مٿا ڪوڙيندس!“ هن لئنڪشائر
۽ ڊربي شائر توڙي اسڪاٽلنڊ جي نيوُلا نارڪ شهر ۾
ٻيون نيون ڪپهه جون ڪلون جاري ڪيون. ’ڪرامفورڊ‘
واريون ڪلون به ’اسٽرٽ‘ جي ڀائيواريءَ پوري ٿيڻ
کان پوءِ سندس هٿ ۾ آيون. انهن ڪلن جو جڙيل سامان
اهڙو عمدو ۽ ايترو گهڻو پيدا ٿيندو هو، جو ٿوري ئي
عرصي ۾ انهيءَ قسم جو سڄو واپار اهڙو سندس اختيار
۾ اچي ويو، جو هو پنهنجيءَ مرضيءَ تي قيمت جا اگهه
ٺهرائڻ لڳو، ۽ ٻين ڪپهه ڪتڻ وارن جي مک ڪمن تي به
عمل هلائڻ لڳو.
’آرڪ رائيٽ‘ نهايت گهڻي طبيعي لياقت، سچيءَ همت ۽
دنيائي تيزفهميءَ جو ماڻهو هو؛ ۽ ڌنڌي هلائڻ جي
اهڙي تجويز ياد هيس، جو ڄڻ ته انهيءَ ڪم لاءِ
خدائي عقل مليل هوس. ڪنهن وقت ۾ ته پنهنجن بيشمار
ڪارخانن جي هلائڻ ۽ درست ڪرڻ ۾ اهڙي سخت محنت ڪندو
هو، جو ڪڏهن ته فجر جي چئين بجي کان وٺي رات جي
نائين بجي تائين لڳو ويٺو هوندو هو. پنجاهه ورهين
جي عمر ۾ انگريزي ٻوليءَ جو صرف- نحو سکڻ لڳو، ۽
صحيح لکڻ ۽ مشق پچائڻ جي استعمال ڪري سڌارو
ڪيائين. جڏهن سڀ مشڪلاتون هٽايائين، تڏهن آرام سان
خوش ٿي پنهنجيءَ محنت جو ڦل ڀوڳيائين. پهرينءَ ڪل
جوڙڻ کان ارڙهن ورهيه پوءِ، هن ڊربي شائر ۾ ايتري
مشهوري ۽ ناموس حاصل ڪئي، جو هو انهيءَ ضلعي جو
’هاءِ شريف‘ يعني وڏو عملدار مقرر ٿيو، انهيءَ کان
پوءِ سگهوئي بادشاهه جارج ٽئين هن کي ’نائيٽ‘ جو
خطاب ڏنو. هو 1792ع ۾ مري ويو. جيڪي ’آرڪ رائيٽ‘
ڪيو هو، سو چڱو هو يا بڇڙو- پر انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي
ته انگلنڊ ۾ هن هاڻوڪن ڪلن جي ڪارخانن جو بنياد
وڌو، جنهن مان جهڙو ڌار ڌار ماڻهن کي، تهڙو سڄيءَ
قوم کي، بيحد نفعو ۽ دولت حاصل ٿي. |