”وليم سمٿ“ جي همت واريءَ محنت ۽ اورچائيءَ هوندي
به ڪيترن سببن ڪري، هن جو انگلنڊ ۽ ويلس جي زمين
جي طبقن جو نقشو، جنهن جو هيترو سعيو هوس، سو ڇپجي
نه سگهيو. نيٺ 1814ع ۾، ڪن دوستن جي مدد سان، هو
پنهنجي ويهن ورهين جي سخت محنت جو ڦل جهان جي آڏو
رکي سگهيو. انهيءَ عرصي ۾ جاچ ڪرڻ ۽ بيشمار حقيقتن
۽ ضروري ڳالهين جي گڏ ڪرڻ لاءِ، جيڪا هن جي ڌنڌي
جي ڪمائي هئي، سا سموري هن خرچي ڇڏي، بلڪ جيڪا
ٿوري گهڻي ملڪيت هيس، سا به هن ٻيٽ جي پر انهن
ڀاڱن ڏي وڃڻ ۾ وڪڻي ڇڏي. انهيءَ وچ ۾ هن ”باٿ“ جي
ويجهو، قسمت آزمائي ڪري کاڻين کوٽڻ جي ڪم ۾ هٿ
وڌو، پر انهيءَ مان به رڳو نقصان ٿيس. نيٺ اهڙو
لاچار اچي ٿيو، جو جيڪي عجيب غريب شيون علم طبقات
الارض جي فائدي لاءِ گڏ ڪيون هئائين، سي ته
وڪيائين (جي انگلنڊ جي عجائبخاني جي لاءِ خريد
ڪيون ويون) پر ٻيو گهر جو سامان ۽ ڪتاب به وڪڻي
ڇڏيائين-رڳو ڪي ڪاغذ ۽ نقشا ڇڏيائين، جي کانئس
سواءِ ٻئي ڪنهن جي ڪم جا نه هئا. هن ڏاڍي تحمل ۽
بردباريءَ سان اهي سڀ نقصان ۽ زماني جا دور سٺا.
انهن سڀني تڪليفن جي وچ ۾ به هو دل جي خوشي، همت،
صبر ۽ اورچائي سان محنت ڪندو رهيو. نيٺ 1839ع جي
آگسٽ مهيني ۾، جڏهن هو برمنگهام ۾ جيڪا انگلنڊ جي
علمي جماعت گڏ ٿيڻي هئي، تنهن ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ
گهران نڪتو، تڏهن رستي ۾ ”نارٿئمپٽن“ شهر ۾ مري
ويو.
هن همت واري عالم جي محنت سان انگلنڊ جو جيڪو
پهريون طبقات الارض وارو نقشو جڙيو، تنهن جي پوري
تعريف ڪرڻ مشڪل آهي. هڪڙو قابل ماڻهو لکي ٿو ته
انهيءَ ۾ خيالي رٿ جي اهڙي استادي رکيل آهي، ۽ عام
ڳالهين ۾ اهو اهڙو صحيح آهي، جو انهيءَ جي اصول تي
نه رڳو برٽش ٻيٽن جي پوين نقشن جو بنياد رکيو ويو،
پر دنيا جي سڀني ٻين ڀاڱن ۾ جتي به طبقات الارض جي
عالمن جي جماعت واري جاءِ ۾، اهو ”سمٿ“ جو نقشو
اڃا به رکيو آهي. اهو پراڻو ٿي ڳري ويو آهي، ته به
هڪڙو وڏو تاريخي نشان شمار ڪيل آهي ۽ ان ۾ وري
تازن رنگن ڏيڻ جي ضرورت پيئي معلوم ٿئي. جيڪو
انهيءَ علم مان واقف آهي، سو ڀلي انهيءَ جو مقابلو
پوءِ ٺهيل ساڳي قسم ۽ پيماني جي نقشن سان ڪري، ته
معلوم ٿيندس ته سڀني مکيه ڳالهين ۾ انهن کان گهٽ
نه آهي. ”مرچيسن“ ۽ ”سيجوڪ“ وارو ويلس ۽ اتر
انگلينڊ جي ڳريل جسمن وارن ٽڪرن جو مفصل ۽
مونجهاري جهڙو نقشو، سو رڳو هن جي ڳولي ڪڍيل عام
وڏين حقيقتن کان ڪي مک ڳالهيون وڌيڪ ڏيکاري ٿو.
انهيءَ ”آڪسفرڊ شائر“ جي سروير يا پيمائش ڪندڙ کي،
سندس حياتيءَ ۾، ذاتي عقل ۽ قابليت ڪري وڏا وڏا
عالم مڃيندا هئا ۽ مان ڏيندا هئا. سال 1831ع ۾،
لنڊن جي طبقات الارض واريءَ علمي جماعت هن کي
”ولاسٽن“ وارو تعغو يا ٻلو انعام ڏنو. ”ڇا لاءِ جو
انگلنڊ جي طبقات الارض ۾ هو پهريون وڏو عالم هو،
جنهن ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون، ۽
خصوصاً هو انهيءَ ملڪ ۾ پهريون ئي شخص هو، جنهن
طقبن جي سڃاڻڻ جي تجويز ڳولي ڪڍي ۽ ٻين کي سيکاري،
۽ جنهن انهن ۾ لڪل ۽ ڳريل جسمن جي اپاءَ سان انهن
جي ترتيب ٺهرائي.“ ”وليم سمٿ“، پنهنجي سادي ۽ شوق
واري رستي جي ڪري، پنهنجي لاءِ اهڙي ناموس ڪمائي،
جا ايستائين پيئي جٽاءَ ڪندي، جيستائين اهو علم،
جنهن جو هو ايترو شوقي هو. سو جٽاءَ ڪندو. جنهن
مصنف جو انتخاب مٿي ڏنو ويو آهي. اهو لکي ٿو ته
”جيستائين حياتيءَ جي هڪٻئي پٺيان ايندڙن نمونن يا
شڪلين جي پهرين ظاهر ٿيڻ جي حقيقت پوري طرح معلوم
ٿئي، تيسين آسانيءَ سان چئي ڪين سگهبو ته علم
طبقات الارض ۾ ڪيئن اهڙي ڪا ٻي ڪمائتي نئين ڳالهه
ڳولي ڪڍڻ ۾ ايندي، جهڙي ”وليم سمٿ“ پنهنجي ذاتي
عقل ۽ چالاڪيءَ ڪري اسان کي ڳولي ڪڍي ڏيئي ويو
آهي.“
”هيوُملر“ به اهڙو ئي ڌيان لڳائڻ وارو ماڻهو هو،
جنهن ڪتابي توڙي حڪمتي علم ڏاڍي شوق سان پڙهيو ۽
انهيءَ ۾ قابل ٿيو، هن جيڪو ڪتاب ”منهنجا اسڪول ۽
اسڪول ماستر“ لکيو آهي، تنهن ۾ هن پنهنجي حياتيءَ
جو سمورو احوال ڏنو آهي. اهو نهايت مزي جهڙو، تمام
فائدي وارو ۽ ڪمائتو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو
ته تمام غريباڻي حالت ۽ سڄي شريفاڻي لياقت ۽ چال
ڪيئن حاصل ڪجي. خود ياوريءَ، خود عزتيءَ ۽ خود
مختياريءَ جا سبق انهيءَ مان پوري طرح دل تي ويهي
وڃن ٿا. ”هيو“ اڃا ننڍو ٻار هو، ته سندس پيءُ جو
جهاز جو هڪڙو خلاصي هو- سمنڊ ۾ ٻڏي مئو ۽ سندس
ماءُ هن کي بيوگيءَ جي حالت ۾ پالي وڏو ڪيو. هن کي
مڪتبن ۾ ٿوري تعليم ملي هئي، مگر هن جا تمام چڱا
تعليم ڏيڻ وارا استاد اُهي ڇوڪرا هئا، جن سان هو
راند ڪندو هو، اهي ماڻهو هئا جن سان گڏ هو
ڪمائيندو هو ۽ اتي دوست ۽ عزيز هئا، جن سان هو
رهندو هو. هن گهڻو ئي متفرقو علم پڙهيو، ۽ گهڻين
ئي جاين تان علم جا قسمين قسمين پرزا گڏ ڪيائين.
جيئن ته مزورن کان، واڍن کان، مڇي مارڻ وارن کان،
جهاز جي خلاصين کان، ۽ سڀ کان وڌيڪ انهن قديم جبلن
جي ٽڪرن کان، جي ”ڪراماٽي فرٽ“ جي ڪنارن تي پکڙيا
پيا آهن. سندس پڙ ڏاڏو، جو هڪڙو وڏو سامونڊي
ڌاڙيوال هوندو هو، تنهن جو وڏو مطرقو کڻي، هيءَ
ڇوڪر پهڻ ڀڃندو، ٽُڪيندو ۽ ابرڪ، سنگ سماق، ياقوت
۽ اهڙن ٻين پهڻن جا نمونا گڏ ڪندو وتندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن وري ٻيلن ۽ جهنگن ۾ وڃي ڏينهن گذاريندو هو،
اتي هن ڇوڪر جو ڌيان، جيڪي عجيب غريب شيون زمين جي
طبقن سان خاص واسطو رکنديون هيون ۽ نظر چڙهنديون
هيس، انهن تي هوندو هو. جڏهن سمنڊ جي ڪناري وارن
ٽڪرن ۾ پيو اهڙيون شيون ڳوليندو هو، تڏهن ڪنهن مهل
ڪڙمي ماڻهو، جي سمنڊ جو گاهه گاڏين تي کڻڻ ايندا
هئا، سي چرچي مان پڇندا هئس ته ”انهن پهڻن ۾ ڪو
توکي رُپو لٻي ٿو يا نه؟“ پر هيءَ ڪو اهڙو ڪم نصيب
هو، جو ڪڏهن به ”هائو“ نٿي چيائين. جڏهن وڏيرڙو
ٿيو، تڏهن جيڪو ڌنڌو کيس پسند هوندو هو- يعني
سنگتراشيءَ جو تنهن ۾ ڪنهن استاد وٽ شاگرد ڪري
رکيائونس. ”ڪرامارٽي فرٿ“ جي مٿان جيڪا ٽڪري بيٺل
هئي، تنهن ۾ هو پهڻ ٽُڪڻ لڳو. اها ٽڪري يا پهڻن جي
کاڻ هن جي لاءِ هڪڙو تمام چڱو اسڪول ٿي آيو.
انهيءَ ۾ جي عجيب غريب طبقات الارض جا نمونا ڏسڻ ۾
آيا، تن هن جو شوق وڌايو. هن سنگتراش ڇوڪر کي جو
هيٺان ڳوڙهي ڳاڙهي رنگ جي پهڻ جو پٽو ۽ مٿا ڦڪي
ڳاڙهي رنگ جي مٽيءَ جو پٽو ڏسڻ ۾ آيو، تنهن تي هن
ڏاڍو غور ڪيو ۽ ڌيان لڳايو. جيتوڻيڪ ظاهري ڪري اهي
شيون ڪنهن ڪم جون نه هيون. جتي ٻين ماڻهن ڪي ڪين
ٿي ڏٺو.، اتي هن مشابتهون ۽ تفاوت ۽ خاصيتون ٿي
معلوم ڪيون، جن تي هن ويچار ٿي ڪيو. هن رڳو پنهجون
اکيون ۽ پنهنجي دل کليل ٿر رکي، ۽ خبردار ۽ محنتي
۽ اڻورچ ٿي رهيو. اهو ئي سب هو، جنهن ڪري هن جي
سمجهه ۽ سياڻپ ايتري وڌي ويئي جو هو سمنڊ جي ڪناري
تي، لهرين جي اڇل سان آيل يا سنگتراشن واري مطرقي
هڻڻ سان پهڻ مان نڪتل، اڳئين زماني جي اڻلڀ قسمن ۽
ذاتين جي مڇين، گاهن ۽ جيتن جا عجيب غريب ڳريل جسم
يا جسمي لاشون ڏسندو رهندو هو، تنهن ڪري انهيءَ
پاسي هن جو شوق وڌندو ۽ قائم ٿيندو ويو. هو هميشه
انهيءَ مضمون تي پيو ويچار ڪندو هو ۽ پنهنجي
کوجنائن جا نتيجا گڏ ڪندو ۽ جدا جدا نمونن جا
مقابلا ڪندو ويو. نيٺ، گهڻن ورهين کان پوءِ، جڏهن
سنگتراشيءَ جو ڪم ڇڏي ڏنائين، تڏهن ”قديم ڳاڙهي
ريتيءَ جي پهڻ“ تي پنهنجو تمام دلچسپ ۽ مفيد ڪتاب
پڌرو ڪيائين، جنهن مان هڪدم معلوم ٿي ويو ته هو
طبقات الارض جو تمام قابل عالم آهي. ۽ سندس ناموس
پکڙجڻ لڳي. اهو ڪتاب سندس گهڻن ورهين جي سخت
ڪمائيءَ، تپاس ۽ جاچ جو نتيجو هو. هن خود، پنهنجي
احوال جي بيان ڪندي، حجاب سان لکيو آهي ته ”انهيءَ
حالت ۾ جنهن گڻ جي آءٌ دعوا ٿو ڪريان، سو رڳو اهو
آهي ته مون تحمل ۽ صبر سان جاچ ڪئي آهي ۽ اهو گڻ
اهڙو آهي، جنهن ۾ ڪو به ماڻهو جي دل چويس ٿي مون
سان همسري ڪري يا مون کان گوءِ کڻي وڃي سگهي ٿو.
اها غريباڻي تحمل جي خاصيت جڏهن پوري طرح استعمال
۾ آڻجي ۽ وڌائجي ٿي، تڏهن اهڙا اعلى درجي جا خيالي
سڌارا انهيءَ مان ظاهر ٿين ٿا، جو خود ذاتي عقل يا
طبيعي ذهن مان به ظاهر نه ٿيندا.“
”جان برائون“ انگلينڊ جو وڏو طبقات الارض جو عالم،
”ملر“ وانگي، ننڍي هوندي سنگتراش هو. هو
”ڪولچيسٽر“ ۾ انهيءَ ڌنڌي واري هڪڙي استاد وٽ
شاگرد هوندو هو. پوءِ ”ناروچ“ ۾ گهمندو هو، جتي
پورهيو لڳس، اتي پهڻ جون عمارتون جوڙيندو وتندو
هو. هن پهرين ”ڪولچيسٽر“ ۾ پنهنجو سنگتراشيءَ ۽
عمارت سازيءَ جو ڌنڌو شروع ڪيو، ۽ صرفي ۽ محنت سان
موچاريءَ وسعت وارو ٿيو. انهيءَ هنڌ ڪم ڪندي، هن
جو ڌيان ڳريل جسمي لاشن ۽ ڪوڏن جي حالت ڏي ڇڪيو، ۽
هو انهن جا نمونا گڏ ڪرڻ لڳو- جي پوءِ انگلنڊ ۾
تمام عمدن عجائبن مان ليکڻ ۾ آيا. ”ايسڪيس“،
”ڪينٽ“ ۽ ”سسيڪس“ جي ڪنارن تي جيڪي تپاسون هن
ڪيون، تن ۾ ڪي تمام وڏيون خشڪ لاشون هاٿيءَ ۽
گينڊي جون لڌيون. جن مان ڪي تمام عمديون، هن برٽش
عجائبخاني ۾ تحفو ڪري ڏنيون. حياتيءَ جي پوين ٿورن
ورهين ۾ هن انهن سامونڊي ننڍڙن جيتن جي تحقيقات
ڪرڻ ۾ گهڻو ڌيان لڳايو، جي پنهنجين ڪوٺين ٺاهڻ سان
چاڪ جوڙين ٿا، انهيءَ نسبت ۾ هن ڪيتيريون ئي نيون
ڳالهيون ڳولي ڪڍيون. هن جي حياتيءَ جا ڏينهن تمام
ڪمائتا، خوش ۽ آبروءَ ۾ گذريا، اسي ورهين جي پڪيءَ
ڄمار ۾، 1859ع جي نومبر مهيني ۾، ”ايسيڪس“ جي
”اسٽانوي“ شهر ۾ مري ويو.
ٿورا ڏينهن ٿيندا جو، ”سر راڊ رڪ مرچسن“،
اسڪاٽلينڊ جي اتر ۾ پر انهينءَ ڪنڊ تي، ”ٿرسو“ شهر
۾ هڪڙونانوائي ”رابرٽ ڊڪ“ نالي لڌو، جو طبقات
الارض جو هوشيار عالم هو، جڏهن ”سر راڊ رڪ“ هن کي
ڏسڻ جي لاءِ سندس دڪان تي ويو، جتي هو ماني
پچائيندو به هو ۽ ڪمائيندو به هو، تڏهن ”رابرٽ ڊڪ“
تختي تي، اٽي سان پنهنجي ڏيهي پرڳڻي جي جاگرافيءَ
جون حالتون ۽ طبيعي صورتون توڙي طبقات الارض جون
حقيقتون هن کي ڪڍي ڏيکاريون، ۽ رواجي نقش جون
ڪچايون ۽ اڻپورايون ٻڌايون، جي هن فرصت جي وقت ۾
انهيءَ سڄي ملڪ جي سفر ڪرڻ سان معلوم ڪيون هيون.
وڌيڪ پڇا ڪرڻ سان ”سر راڊ رڪ“ کي خبر پيئي ته اهو
غريب ماڻهو جو سندس اڳيان بيٺو هو، سو نه رڳو
هوشيار نانوائي ۽ طبقات الارض جو عالم آهي، پر علم
نباتات ۾ پڻ قابل استاد آهي. اهو جغرافيه جي جماعت
جو مير مجلس، ”سر راڊ رڪ“ لکي ٿو ته ”اها ڳالهه
معلوم ڪري آءٌ ڏاڍو شرمندو ٿيس ته علم نباتات جي
جيتري مون کي خبر هئي، تنهن کان گهڻي وڌيڪ بلڪ ڏهه
ڀيرا وڌيڪ انهيءَ نانوائي کي خبر هئي. هن جيڪي گلن
جا نمونا گڏ ڪيا هئا، تن ۾ فقط ڪي ويهه ٽيهه نمونا
نه هئا، ٻيا سڀ هئا- ڪي هن کي سوکڙيءَ طور مليا
هئا، ڪي هن خريد ڪيا هئا، پر گهڻا مڙئي هن پنهنجي
وطن واري ضلعي ”ڪيٿنيس“ ۾ محنت سان ڳولي گڏ ڪيا
هئا. اهي سڀ نمونا تمام سهڻيءَ ترتيب سان رکيا
هئا، ۽ مٿن سندن علمي نالا لڳا پيا هئا.“
”سر راڊ رڪ مرچسن“ پاڻ به انهن توڙي انهيءَ قسم جي
ٻين علمن جو مشهور طالب هو. ”ڪواٽرلي رويُو“ واري
ميعادي رسالي ۾، هڪڙو شخص هن بابت هيئن لکي ٿو ته
”هو هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جو عمدو مثال آهي، جنهن
پنهنجي ننڍي هوندي جا ڏينهن سپاهي ٿي گذاريا هجن،
۽ ريتائتيءَ حڪمتي تعليم جوفائدو يا نافائدو حالت
موجب ڪڏهن به نه ڏٺو هجي، ٻهراڙيءَ جو سکر ماڻهو
ٿي ڪري رڳو لومڙين جي شڪار ڪرڻ وارو نه رهيو هجي،
انهيءَ هوندي به هن پنهنجي ذاتي همت، سياڻپ ۽
نهايت گهڻي قدر محنت ۽ شوق سان پنهنجي علميت
۽قابليت جي اهڙي ناموس ڪڍائي هجي. جا جهڙي عام
پکڙيل تهڙي جٽاءَ ڪرڻ واري هجي. پهريائين هن
پنهنجي وطن کي ويجهو هڪڙو اهڙو ضلعو تپاس لاءِ
ورتو، جو ڏکيو به هو ۽ اڳي ڪنهن جو تپاسيل به نه
هو. گهڻن ورهين جي ڪشالي سان، اتي جي جدا جدا قسمن
جي ٽڪرن جي هن چڪاس ورتي. سڀائي حالتن جي نظر تي
انهن کي قسمن يا جماعتن ۾ وراهيائين، هر هڪ جماعت
۾، جيڪي سُڪل ڳريل لاشون لڀنديون آهن، تن جون
خاصيتون ٺهرايائين ۽ پهرئين ڀيري دنيا جي طبقات
الارض جي تاريخ جا ٻه وڏا باب مٿو هڻي معلوم
ڪيائين، جي هن جونالو هميشه لاءِ ياد ڏياريندا
رهندا. نه رڳو ايترو ، پر هن جيڪا علميت ۽ واقفيت
انهيءَ طرح حاصل ڪئي، سان پنهنجي ڏيهه توڙي پرانهن
ڏيهن جي وڏن وڏن ڀاڱن ۾ زمين جي اندروني حالت سان
لڳائي-اهڙيءَ طرح جو اهي وڏا وڏا ملڪ، جن جن زميني
بناوت جي اڳي ڪا به خبر ڪا نه هوندي هئي. تن جي
طبقات الارض جي حقيقتن ڳولي ڪڍڻ وارو ٿي پيو. ”سر
راڊ رڪ مرچسن“ رڳو طبقات الارض جو عالم ناهي، گهڻن
ئي ٻين عملن ۾ هن ايترو ڪشالو ڪيو آهي، جو هو تمام
وڏن قابل ۽ ڪامل عالمن مان شمار ڪرڻ ۾ اچي ٿو.
باب ڇهون
هنرمند ماڻهو
”جيڪي پري کان ايترو پئي چمڪيو ۽ چڱو پئي لڳو، سو
جيڪڏهن تنهنجن هٿن ۾ ڦري نڪمو ٿي پيو، ته دل نه
لوڏ، پر وري انهيءَ تي مٿو هڻ ۽ محنت ڪر، ڇو ته
تعريف انهيءَ مٿي هڻڻ ۾ آهي، نه مطلب حاصل ڪرڻ يا
انعام کٽڻ ۾.“ (ملنس)
جهڙو ٻيءَ ڪنهن شي ۾، تهڙو هنر ۾- ماڻهو رڳو محنت
۽ ڪشالي سان قابل ۽ هوشيار ٿي سگهي ٿو. ڪنهن
عمديءَ تصوير ڪڍڻ ۽ ان کي رنگ ڏيڻ، يا ڪنهن چڱي
پهڻ جي مورت کي ڇلي ٺاهڻ کان گهٽ اتفاقي، ٻي ڪابه
شي ڪانهي. نقاش پنهنجي قلم سان، ۽ بت تراش پنهنجي
رنبيءَ سان، جيڪو اشارو ڏيئي تصوير يا بت کي سڌاري
ٿو، سو جيتوڻيڪ ذاتي سمجهه ۽ ذهن کان خالي ناهي،
تڏهن به اهو ڏاڍيءَ محنت ۽ خيال جو نتيجو آهي. ’سر
جرشيا رينالڊس‘ جو اعتقاد محنت جي اثر ۾ ايتريقدر
هو، جو هن جي راءِ هئي ته ”هنرمندي يا هنر جي
استادي، جيتوڻيڪ ذاتي عقل، شوق ۽ خدائي ڏات سان
پاڻيهي پڌري ٿئي ٿي، تڏهن به محنت سان حاصل ڪري
سگهجي ٿي“. ’پاري‘ ڏانهن خط لکندي هن لکيو ته
”جنهن پڪو ارادو ڪيو آهي ته نقاشيءَ ۾ توڙي ڪنهن
به ٻئي هنر ۾ قابل ٿيان، تنهن کي گهرجي ته جنهن
گهڙيءَ ننڊ مان اُٿي، انهيءَ کان وٺي وري سمهڻ جي
گهڙيءَ تائين، پنهنجو سڄو ڌيان انهيءَ هڪڙيءَ شي
تي لڳائي.“ ٻئي وقت وري هن چيو ته ”جن ماڻهن دل ۾
پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي ته ’اسين استاد ٿيون‘، تن کي
گهرجي ته خوش ٿي يا ناخوش ٿي، ضرور صبح ۽ ٻن پهرن
۽ شام جو محنت ڪن؛ هنن کي معلوم ٿيندو ته اها ڪا
چرچي بازي ناهي، پر وڏي محنت آهي“. جيتوڻيڪ هنر ۾
ناموس ۽ مشهورائيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ ڪشالو
بيشڪ تمام ضروري آهي، تڏهن به ايتري پڪ آهي ته
ذاتي سمجهه ۽ ذهن کانسواءِ ڪيتري به کڻي ڪو سجائي
محنت ڪندو، ته به انهيءَ هنر ۾ قابل نه ٿيندو. اها
ڏات خدائي آهي، پر محنت ۽ ڪوشش سان اها ڪماليت کي
ٿي پهچي. تنهنڪري، محنت ۽ ڪوشش، مڪتبن جي ڪيتريءَ
به گهڻيءَ تعليم کان زياده ڪمائتي آهي.
ڪي وڏا استاد ڪاريگر ته ڪنگالپڻ ۽ ٻين ڪيترين
مشڪلاتن ۾ مٿو هڻي چڙهيا آهن، ۽ مشهور ٿيا آهن.
گهڻائي عمدا مثال، پڙهندڙ جي دل تي هڪدم اچي
سگهندا. ’ڪلاڊلارين‘، مٺائي جوڙڻ وارو،
’ٽنٽاريٽو‘، رنگريز؛ ٻه ’ڪارا وهگو‘ نالي، جن مان
هڪڙو رنگ پيهڻ وارو هو، ۽ ٻيو ’وهاٽڪن‘ ۾ روهي کڻڻ
وارو هو؛ ’سالو هيٽر روسا‘، چورن جي ٽوليءَ مان
هڪڙو؛ ’گياٽو‘، ڪڙمي ڇوڪرو؛ ’زنگارو‘، جو خانه
بدوش ٿيو گهمندو ۽ ٺڳيون ڪندو وتندو هو؛ ’ڪاوهيڊن‘
جنهن کي پيءُ هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ پنندو وتيو؛
’ڪانووها‘، پهڻ پڇڻ وارو: اهي ۽ ڪيترائي ٻيا مشهور
ڪاريگر اُستاد، تمام مشڪل ۽ تڪليف جهڙين حالتن ۾،
سخت محنت ۽ ڪشالي ڪرڻ سان نالي وارا ٿيا.
نڪي خود اسان جي ملڪ ۾ جيڪي هنرمند ماڻهو تمام
مشهور ٿي گذريا آهن، سي اهڙي درجي ۾ پيدا ٿيا آهن،
جنهن ۾ سندن حالت ذاتي ذهن جي سڌاري لاءِ عام
رواجي حالت کان زياده بهتر ۽ فائدي واري هئي:
’گينسبرو‘ ۽ ’بيڪن‘ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪمائيندڙن
جا پٽ هئا؛ ’باري‘، آئرلنڊ جو هڪڙو خلاصي ڇوڪرو
هو؛ ’ماڪلائس‘، ’ڪارڪ‘ شهر ۾ هڪڙي ڪوٺيدار جو
ڇاڙتو هو؛ ’اوپائي‘ ۽ ’رامني‘، ’انگيوجونس‘ وانگي
واڍا هئا؛ ’ويسٽ‘، ’پينسلوهينيا‘، ۾ هڪڙي ننڍي
’ڪوئيڪر‘ زميندار جو پٽ هو؛ ’نارٿڪوٽ‘ گهڙي ساز
هو؛ ’جاڪسن‘، درزي هو؛ ’ايٽي‘، ڇاپ ڪرڻ وارو هو؛
’رينالڊس‘، ’ولسن‘ ۽ ’ولڪي‘، پادرين جا پٽ هئا؛
’لارينس‘، هڪڙي مهانسرا رکڻ واري جو پٽ هو؛ ۽
’ٽرنر‘ حجام هو. سچ آهي ته اسان جن نقاشن مان
ڪيترن جو واسطو اصل ڪنهن هنر سان هو. جيتوڻيڪ
نهايت غريبيءَ جي حالت ۾ هئا. جئن ته ’فلاڪسمن‘،
جنهن جو پيءُ گچ جا قالب وڪڻندو وتندو هو؛ ’برڍ‘،
جو چانهه جي مجمعن يا ٿالهين تي چٽ ڪڍندو هو؛
’مارٽن‘، جو گاڏيون رنڱيندو هو؛ ’رائيٽ‘ ۽ ’گلپن‘،
جي جهاز رڱيندڙ هئا؛ ’چانٽري‘، جو اُڪرڻ ۽ ملمعي
ڏيڻ جو ڪم ڪندو هو؛ ۽ ’ڊيوڊ ڪاڪس‘، ’سٽانفيلڊ‘ ۽
’رابرٽس‘، جي پردن تي نقش ڪڍندا هئا.
انهن ماڻهن جو نالو ڪڍيو، سو نه اتفاق يا خوش
نصيبيءَ جي ڪري، پر رڳو سخت محنت ۽ ڪشالي جي ڪري.
جيتوڻيڪ ڪن دولت به گڏ ڪئي، پر تڏهن اهڙي طمع جي
عادت ورلي ڪنهن کي هوندي هئي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي
ته رڳو پيسي جي طمع تي ڪوبه هنرمند ماڻهو، ننڍيءَ
وهي ۾ پنهنجو سک ڦٽائي، محنت ۽ ڪشالو گهڻي تائين
ڪري نه سگهندو. انهيءَ جو شوق مان جيڪا خوشي پيدا
ٿي ٿئي، سا ئي انهيءَ جو عمدو انعام آهي؛ دولت جا
انهيءَ جي پٺيان هٿ ايندي آهي، سا رڳو اتفاق سان.
گهڻائي وڏيءَ دل وارا ڪاريگر، فائدي وارن شرطن ۽
چڱي اجوري لاءِ، ماڻهن سان تڪرار ڪرڻ جي بدران،
پنهنجي دل جي شوق ۽ ميل تي هلڻ پسند ڪندا آهن.
’اسپاگنوليٽو‘، پنهنجيءَ حالت ۾ ’زينوفن‘ واري مزي
جهڙي آکاڻي سچي ڪري ڏيکاري. جڏهن عيش عشرت جهڙي
وسعت حاصل ڪري رهيو، تڏهن پاڻ کي ان جي اثر کان
ڪڍي ورتائين، ۽ خوشيءَ سان موٽي اچي غريبي ۽
پورهيو هٿ ڪيائين. هڪڙي نقاش، فائدي جي لالچ تي،
ڪنهن ڪم تي تمام گهڻي محنت ڏيکاري هئي؛ انهيءَ
بابت جڏهن ’مائيڪل آنجيلو‘ کان راءِ پڇيائون، تڏهن
هن چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته جيستائين هو دولتمند
ٿيڻ جي لاءِ اهڙو شوق ڏيکاريندو، تيستائين هو تمام
غريب ۽ سادو ڪاريگر ٿيندو“.
’سرجوشيا رينالڊس‘ وانگي، ’مائيڪل آنجيلو‘ کي به
محنت جي اثر ۾ ڏاڍو اعتقاد هوندو هو. هن جي اها
راءِ هئي ته ’اهڙي ڪابه شي ڪانهي، جا خيال ۾ آڻي
سگهبي ۽ جا پهڻ جي مورت ۾ بيهاري نه سگهبي- بشرطيڪ
هٿ سان محنت ڪري، دل جو حڪم پورو بجا آڻي‘. هو پاڻ
تمام سخت محنت ڪندڙن مان هو؛ ۽ سمجهندو هو ته آءٌ
جو پنهنجن ٻين همعصر ماڻهن کان ڏهاڙي وڌيڪ وقت
اڀياس ۽ محنت ڪرڻ ۾ ٿو لڳايان، سو رڳو ساديءَ طرح
گذارڻ جي عادت ڪري. جڏهن ڪم ۾ مشغول هوندو هو،
تڏهن ٽڪر مانيءَ جو ۽ چُڪو شراب جو ڏينهن جي مُک
ڀاڱي لاءِ هن کي بلڪل بس هوندو هو؛ ۽ اڪثر اڌ رات
جو اُٿي، پنهنجو ڪم وري شروع ڪندو هو. اهڙن وقتن
تي هن جي عادت هوندي هئي ته روشنيءَ ۾ رنبيءَ سان
بت تراشي ڪرڻ لاءِ، ڪاغذ جي دفتريءَ جي ٽوپي وجهي،
ان جي چوٽيءَ ۾ شمع ٽُنبي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته
ڏينهن جو محنت ڪري اهڙو ٿڪجي پوندو هو، جو رات جو
ڪپڙا به نه بدلائيندو هو ۽ اُنهن ئي ڪپڙن ۾ سمهي
رهندو هو؛ ۽ جڏهن پنڪي ڪري تازو ٿيندو هو، تڏهن ٽپ
ڏيئي اُٿي وري اچي ڪم کي وٺندو هو. هن وٽ هڪڙي
مورت هوندي هئي، جا هن کي گهڻي وڻندي هئي. اُها
هڪڙي ڪراڙي ماڻهوءَ جي هئي، جو هڪڙيءَ ننڍڙيءَ
گاڏيءَ ۾ ويٺو هو، ۽ اُنهيءَ جي مٿان ريتيءَ جي
گهڙيءَ وارو شيشو رکيل هو، جنهن تي لکيل هو ته
’آءٌ اڃان نه پيو سکان‘.
ٽائيٽين به ڏاڍو محنتي ڪاريگر هو. هن پنهنجي مشهور
مورت ”پئٽرومارٽائر“ تي اَٺ ورهيه پورهيو ڪيو، ۽
”لاسٽ سپر“ (يعني پوئين طعام) تي ست ورهيه.
’چارلس‘ پنجين ڏي هن جيڪو خط لکيو، تنهن ۾ لکيائين
ته ”آءٌ حضور جي خدمت ۾ ’لاسٽ سپر، موڪليان ٿو، پر
انهيءَ تي مون ست ورهيه برابر گهڻو ڪري هر روز
محنت پئي ڪئي آهي.“ هنر وارا اُستاد وڏن ڪاريگريءَ
جي ڪمن تي جيڪا محنت، ورهين جي تعليم ۽ بردباري
لڳائين ٿا، سا ڪن ٿورن کي خيال ۾ اچي سگهندي. اهڙا
ڪم ظاهري ڪري آسان ۽ جلد پورا ٿيل ڏسڻ ۾ ايندا، پر
حقيقت ڪري ڏاڍيءَ مشڪلات سان اها آساني حاصل ٿي
آهي. ’وهينس‘ جي هڪڙي وڏي ماڻهوءَ، ڪنهن بت تراش
کي چيو ته ”جنهن سسيءَ جوڙڻ تي توکي فقط ڏهن ڏينهن
جي محنت لڳي آهي، تنهن لاءِ تون مون کان پنجاه
’سڪن‘ (سڪا) ٿو گهرين؟“ هن ڪاريگر جواب ڏنو ته
”اوهين اُها ڳالهه وساري ٿا ڇڏيو ته اها سسي ڏهن
ڏينهن ۾ جوڙي تيار ڪرڻ لاءِ مون ٽيهه ورهيه برابر
پئي تعليم ورتي آهي!“ هڪڙي ڀيري جڏهن ’ڊومينيڪينو‘
کي ڪنهن تصوير جي تيار ڪرڻ ۾ ڍرائيءَ جو عتاب
مليو، تڏهن هن جواب ڏنو ته ”آءٌ اها تصوير هر وقت
پنهنجيءَ دل ۾ پيو ڪڍان“. ’سر آگسٽس ڪالڪاٽ‘ جي
محنت ۽ سرجوشيءَ جو اهو چڱو مثال آهي ته هن پنهنجي
مشهور تصوير ”راچيسٽر“ ڪڍڻ لاءِ پهرين سڄا چاليهه
مسودا ڪيا! هيءَ وري وري ڪم ڪرڻ جي عادت، جهڙو
حياتيءَ جي تهڙو هنر جي فتحمنديءَ لاءِ هڪڙو نهايت
ضروري شرط آهي. |