جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن کي ذاتي سمجهه ۽ ذهن قدرتي طرح
عطا ٿيو آهي، تڏهن به هنر کي لڳي رهڻ ۽ سڌارڻ ۾
تمام گهڻي محنت ۽ ڪشالو درڪار آهي. گهڻا هنرمند
ماڻهو وقت کان اڳي ۽ عمر کان وڌيڪ قابل ٿيا آهن،
پر محنت کان سواءِ اها هنن جي قابليت ڪنهن ڪم جي
ڪين ٿئي ها. ’ويسٽ‘ جي جيڪا ڳالهه ڪندا آهن، سا
مشهور آهي: جڏهن هو اڃا ستن ورهين جو هو، تڏهن
پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ جي ڪڪي کي پينگهي ۾ ستل ڏسي، ان
جي سونهن هن کي اهڙي وڻي ويئي، جو هو ڊوڙي وڃي
ڪاغذ کڻي آيو، ۽ ڳاڙهيءَ ۽ ڪاريءَ مس سان هن جي
تصوير ويهي ڪڍيائين. انهيءَ خسيس اتفاق مان معلوم
ٿي رهيو ته هو ڪو وڏو هنرمند ماڻهو ٿيندو، ۽ پوءِ
گهڻائي مٿا هنيائون، ته به هن جي طبيعت جو لاڙو
ڪنهن ٻئي پاسي نه ٿيو. ’ويسٽ‘ اڃا به وڏو مصور ۽
نقاش ٿئي ها، پر تمام ننڍيءَ عمر ۾ جو هو ڪماليت
کي پهتو، تنهنڪري هن کي حرڪت رسي. هن ناموس گهڻي
ئي ڪڍي، پر اها ڪا هن محنت ۽ ڪشالا ۽ مشڪلاتون ڪڍي
نه حاصل ڪئي- انهيءَ جٽاءَ به گهڻو ڪونه ڪيو.
’رچرڊ ولسن‘ جڏهن اڃا ننڍڙو ٻار هو، تڏهن پنهنجي
پيءُ جي گهر جي پيتين تي، سڙيل ڪاٺيءَ سان، ماڻهن
۽ جانورن جون شڪليون ڪڍندو هو. هن پهرين رنگن سان
تصويرن ڪڍڻ تي لڳايو؛ پر جڏهن اٽليءَ ۾ هو، تڏهن
هڪڙي ڏينهن ’زڪريلي‘ جي گهر ويو، ۽ هن جي لاءِ
ترسي ترسي جڏهن ڪڪ ٿيو، تڏهن انهيءَ سندس دوست جي
دريءَ مان جيڪو نماءُ ڏٺائين پئي، سو ويهي هن نقش
ڪري ڪڍيو. جڏهن ’زڪريلي‘ آيو، تڏهن هن کي اها
تصوير اهڙي پسند آئي جو ’ولسن‘ کان پڇڻ لڳو ته ’تو
نمائن ڪڍڻ جو هنر ته نه سکيو آهي؟‘ تنهن تي هن
ورندي ڏنيس ته ’نه‘ تڏهن چيائينس ته ’هاڻي توکي
آءٌ صلاح ٿو ڏيان ته وڃي انهيءَ جي ڪوشش ڪر؛ ڇا
لاءِ جو پڪ آهي ته تون وڏو قابل اُستاد ٿيندين‘.
’ولسن‘ انهيءَ صلاح تي عمل ڪيو، ۽ وڃي انهيءَ هنر
تي مٿو هنيائين. نيٺ، انگلنڊ جي تمام وڏن ۽ عمدن
نماءَ ڪڍڻ وارن نقاشن مان هڪڙو ٿيو.
’سر جوشيا رينالڊس‘، ننڍي هوندي، پنهنجا سبق
وساري، رڳو تصويرون ڪڍندو وتندو هو، ۽ ائين ڪرڻ ۾
هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو؛ پر پڻس انهيءَ لاءِ هن کي
هميشہ پيو جهڻڪيندو هو. پڻس جو ارادو هو ته هن کي
طباعت جو ڪم سيکاري، پر هن کي جو هنر سکڻ جو شوق
هو، سو روڪڻ ئي جو نه هو، ۽ نيٺ هو وڃي نقاش ٿيو.
’گينسبرو‘ جڏهن اڃا مڪتب ۾ پيو پڙهندو هو، تڏهن
’سڊبري‘ جي ٻيلن ۾ چٽ پيو ڪڍندو هو، ۽ ٻارهن ورهين
جي ڄمار ۾ هنر جو اُستاد ٿي پيو. هو تمام ڌيان
ڏيندڙ، غور ڪندڙ ۽ محنتي ماڻهو هو. ڪنهن به نماءُ
جي تماشي جهڙي صورت جا هڪڙي ڀيري نظر چڙهيس، سا
وري دل تان لهڻ جي نه هيس؛ ۽ انهيءَ کي هو ڪوشش
ڪري پوريءَ طرح قلم سان ڪڍي ڏيکاريندو هو. ’وليم
بليڪ‘، جو هڪڙي جورابن وڪڻندڙ جو پٽ هو، سو پنهنجي
پيءُ جي دوڪان جي بلن جي پٺيان نقش ڪڍڻ ۽ دوڪان جي
تختن تي چٽن ڪڍڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکندو هو. ’ايڊ
ورڊ برڊ‘ جڏهن اڃا ٽن چئن ورهين جو ٻار هو، تڏهن
ڪرسيءَ تي چڙهي ڀتين تي شڪليون ڪڍندو هو، جن کي
’فرانس ۽ انگلنڊ جا سپاهي‘ سڏيندو هو. هن کي هڪڙي
رنگن جي پيتي خريد ڪري ڏنائون؛ ۽ سندس پيءُ، هنر
جي لاءِ سندس ڏاڍو شوق ڏسي، هن کي چاءِ جي مجمعن
يا ترائن جي هڪڙي ڪاريگر وٽ شاگرد ڪري کڻي رکيو.
محنت ۽ ڪشالو ڪري هن پاڻ کي درجي بدرجي انهيءَ
ڌنڌي مان چاڙهيو، ۽ وڃي شاهي هنري مدرسي جو مشير
ٿيو.
’هوگارٿ‘ پڙهڻ ۾ تمام موڳو ڇوڪر هو، ته به الف- ب
جي اکرن ڪڍڻ ۽ چٽڻ جو ڏاڍو چالاڪ ۽ شوقين هوندو
هو. اسڪول ۾ جيڪي ڪم گهر جي ڪرڻ لاءِ ملندا هئس،
سي مضمون جي خوبيءَ يا ٻيءَ هوشياري ڪري اهڙا
مشهور نه هوندا هئا، جهڙا چٽن ۽ گلن جي خوبيءَ ڪري
هوندا هئا. مضمون جي خوبيءَ ۾ ته اسڪول ۾ جيڪي
موڳا شاگرد هوندا هئا، سي به کانئس بهتر هوندا
هئا؛ باقي چٽن ۽ گلن ۾ هن سان ڪو مَٽ ڪونه پوندو
هو. پڻس هن کي هڪڙي چانديءَ جي ڪم ڪرڻ واري وٽ
شاگرد ڪري رکيو، جتي هو نقش ڪڍڻ، ۽ چمچن ۽ ڪانٽن
تي چٽ ۽ لفظ اُڪرڻ سکيو. چانديءَ تي اُڪر ڪرڻ
کانپوءِ، هو پاڻيهي ٽامي تي اُڪر ڪرڻ سکيو. خاص
طرح، قديم وقت جي خانداني نشاني ڏيکارڻ لاءِ جيڪي
هيبتناڪ صورتون ۽ شڪليون ڪم اينديون هيون، سي
ڪڍندو هو. انهيءَ ڪم ڪندي، قسم قسم جي ماڻهن جي
طبيعتن ڏيکارڻ جو شوق پيدا ٿيس. انهيءَ هنر ۾
قابليت ۽ استادي حاصل ڪيائين، سا رڳو خبرداريءَ
سان ڌيان ڏيڻ ۽ غور ڪرڻ جي ڪري. هن کي برابر خدائي
ڏات مليل هئي، پر اُها هن محنت ڪري سڌاري، جنهن
ڪري جيڪو مخصوص منهن هڪڙي ڀيري هو ڏسندو هو، تنهن
جا مهانڊا ياد ڪري ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ وري ڪاغذ تي
ڪڍي سگهندو هو؛ پر جي ڪو مزي جهڙو منهن يا ڪا عجيب
شڪل اتفاق سان کڻي منهن پوندي هيس، ته انهيءَ جو
هو اُتي جو اُتي آڱوٺي جي ننهن تي نشان ڪري ڇڏيندو
هو، پوءِ گهر وڃي فرصت جي وقت انهيءَ مان وڏي
تصوير بنائيندو هو. جيڪا به شيءِ عجيب ۽ اصل هوندي
هئي، سا هن جو گهڻو ڌيان ڇڪيندي هئي، ۽ هو ڪنهن
ذاتي خاصيت يا مخصوص مهانڊي واري ماڻهوءَ ڏسڻ لاءِ
تمام پري پري ۽ اوجهڙ جاين ڏي ويندو هو. انهيءَ
طرح، پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ خبرداري ڪري عجيب خيالن
گڏ ڪرڻ سان، هو ٻئي وقت تي پنهنجين تصويرن ڪڍندي،
تمام اعليٰ خيالي نڪتا ۽ غور جا نتيجا، جي اڳي
خزاني وانگي لڪائي رکيا هوندا هئس، سي ڪڍي ظاهر
ڪري سگهندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ’هوگارٿ‘ جون سڀ
تصويرون، جنهن زماني ۾ هو پاڻ رهندو هو، انهيءَ جي
هلت چلت، عادتن ۽ خاصيتن، بلڪ انهيءَ جي خيالن جو
سچو نمونو هونديون هيون. هو پاڻ چوندو هو ته ’سچي
نقاشي رڳو هڪڙي مڪتب ۾ سکي سگهجي ٿي- ۽ اهو طبيعت
يا خدائي قدرت جو کوليل آهي.‘ هو، پنهنجي ڪم کان
سواءِ، ڪو گهڻو پڙهيل يا هوشيار ماڻهو نه هو. هن
کي مڪتبي تعليم تمام ٿوري مليل هئي. اهڙي، جو لفظن
جي برابر هجي ڪرڻ به نه ايندي هيس. جيڪو علم
پرايائين، سو رڳو پنهنجي منهن محنت ڪرڻ سان گهڻن
ڏينهن تائين هو ڏاڍيءَ تنگدستيءَ ۽ مفلسيءَ جي
حالت ۾ هوندو هو، پر انهيءَ هوندي به هو خوشدليءَ
سان محنت پيو ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو غريب هو، تڏهن
به وسعت آهر گذران ڪندو هو، ۽ واجبي فخر سان چوندو
هو ته ’آءٌ پوري وقت تي پيسي ڏيڻ وارو آهيان.‘
جڏهن هو ڪشالا ڪاٽي ۽ مشڪلاتون ڪڍي مشهور ۽ وسعت
وارو ٿيو. تڏهن جوانيءَ جي محنتن ۽ تڪليفن تي خيال
ڪرڻ مان هن کي خوشي حاصل ٿيندي هئي، ۽ ڀانئيندو هو
ته جا لڙائي ڪري مون پاڻ کي آبروءَ وارو ماڻهو ۽
نالي وارو ڪاريگر ڪيو آهي، سا وري به ڪريان. هڪڙي
ڀيري هن چيو ته ’مون کي اهو وقت ياد آهي، جڏهن آءٌ
هڪڙو شلنگ مس ساڻ کڻي شهر ۾ ڌڪا کائيندو وتندو
هوس؛ پر جنهن دم ڪنهن تصوير يا نقش لاءِ مون کي
ڏهه گِنيون ملنديون هيون، تنهن دم آءٌ گهر موٽي
ايندو هوس، ۽ ترار ٻڌي اهڙي دماغ سان ٻاهر نڪرندو
هوس، جو ٻيو ڪو چوندو ته منهنجي کيسي ۾ هزار گنيون
آهن!‘
’محنت ۽ ڪشالو‘- بت تراش ’بئنڪس‘ جو تڪيه ڪلام
هوندو هو. انهيءَ تي هو پاڻ به عمل ڪندو هو، ۽ ٻين
کي به ان جي تعميل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو. هن جي
مروت ۽ نرمي اهڙي مشهور هوندي هئي، جو گهڻا جرات ۽
شوق وارا جوان ماڻهو وٽس ايندا هئا ۽ سندس صلاح ۽
مدد گهرندا هئا. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن هڪڙو ڇوڪر
انهيءَ ڪم لاءِ کيس ڏسڻ واسطي سندس در تي آيو؛ ۽
اهڙي زور سان در کڙڪايائين جو سندس نوڪرياڻيءَ
ڪاوڙجي ان ڇوڪر کي ڌمڪايو، ۽ هڪالي ٿي ڪڍيائينس جو
’بئنڪس‘ هن جو ڳالهائڻ ٻڌي نڪري آيو. ننڍڙو ڇوڪر،
هٿ ۾ ڪي نقش ۽ تصويرون جهليو بيٺو هو. بت تراش
استاد پڇيس ته ”بابا مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ هن چيو
ته ”سائين، مهرباني ڪري مون کي نقش ڪڍڻ جي ڪم سکڻ
لاءِ هنري مڪتب ۾ داخل ڪريو.“ ’بئنڪس‘ هن کي
سمجهايو ته ’تون پاڻ اڃا داخل ٿي ڪين سگهندين‘؛
باقي اهي نقش ۽ تصويرون جيڪي آنديون هئائين، سي
وٺي، ڏسي، چوڻ لڳس ته ”ٻچا، هنري مڪتب ۾ داخل ٿيڻ
لاءِ توکي اڃا گهڻو وقت پيو آهي. هينئر گهر وڃ، ۽
وڃي اسڪول جا سبق پڪا ڪر. ڪوشش ڪري، ’اپالو‘ ديوتا
جي ٻي بهتر تصوير ڪڍ؛ ۽ مهين کن کان پوءِ وري اچي
مون کي اها ڏيکارجانءِ.“ ڇوڪر گهر هليو ويو؛ ۽ وڃي
زياده محنت سان تصوير ڪڍڻ جي مشق پچائڻ لڳو. مهيني
کان پوءِ، وري انهيءَ بت ساز استاد وٽ آيو. تصوير
جيڪا ڪڍي هئائين، اها اڳي کان بهتر هئي؛ پر
’بئنڪس‘ وري جس- شابس سان نيڪ صلاح ڏيئي روانو ڪيس
ته وڃي وري به محنت ۽ ڪشالو ڪر. هفتي کانپوءِ ڇوڪر
وري اچي در ورتس، ۽ تصوير گهڻي سڌريل ڏيکاريائينس.
’بئنڪس‘ دڙ دلاسو ڏنس، ۽ چيائينس ته ’جيڪڏهن خدا
توکي رکي ورتو، ته تون ڏاڍو نالو ڪڍندين‘. اهو
ڇوڪرو ’ملريڊي‘ هو، ۽ انهيءَ استاد جي پيشنگوئي
اچي پوري بيٺي.
’ڪلاڊ لارين‘ جي هيتري مشهورائيءَ جو ڪجهه سبب،
سندس محنت ۽ اورچائي هو. هو ’لارين‘ ضلعي جي
’شامپين‘ شهر ۾ غريب ماءُ- پيءُ جي گهر پيدا ٿيو
هو. ننڍي هوندي هن کي هڪڙي حلوائيءَ وٽ ڪم سکڻ
لاءِ وڃي ويهاريائون. سندس ڀاءُ، جو ڪاٺ اڪرڻ وارو
هو، تنهن پوءِ هن کي انهيءَ ڪم سکڻ لاءِ پنهنجي
دوڪان تي آڻي ويهاريو. اتي هن هنر جي چالاڪيءَ ۽
هوشياريءَ جون اهڙيون نشانيون ڏيکاريون، جو هڪڙي
سير ڪندڙ ڪاريگر ڀاڻس کي صلاح ڏني ته ’ڪلاڊ‘ کي ڇڏ
ته مون سان گڏجي اٽليءَ ڏي هلي. ڀاڻس اها ڳالهه
قبول ڪئي، ۽ هيءُ جوان شخص وڃي روم ۾ پهتو. اتي
’آگاسٽينو ٽاسي‘ جو نُمائن جو نقاش هو، تنهن
سگهوئي هن کي پنهنجو خانگي نوڪر ڪري رکيو. انهيءَ
مشغوليءَ ۾ ’ڪلاڊ‘ پهرين نمائن ڪڍڻ جو هنر سکيو، ۽
ٿوري ئي عرصي ۾ هو تصويرون تيار ڪري ڏيکارڻ لڳو.
انهيءَ کان پوءِ هو اٽليءَ، فرانس ۽ جرمنيءَ جو
گشت ڪرڻ لڳو. سفر ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن نمائن ڪڍڻ لاءِ
رستي ۾ رهي پوندو هو؛ ۽ انهيءَ طرح جيڪي خرچ ڪندو
هو، سو وري ڪمائي وٺندو هو. جڏهن روم ۾ موٽي آيو،
تڏهن معلوم ٿيس ته سندس تصويرن وٺڻ جي ماڻهن کي
گهڻي خواهش آهي. رفتي رفتي، سندس ناموس ساري يورپ
۾ پکڙجي ويئي. هو سڀاءَ جي جدا جدا صورتن ۽ حالتن
جاچڻ ۽ انهن تي غور ڪرڻ کان ٿڪو ئي نٿي. هن عادت
ڪري ڇڏي هئي ته پنهنجو گهڻو وقت عمارتن ۽ زمين جي
ٽڪرن، وڻن، پنن ۽ اهڙين ٻين شين جي نقلن ڪرڻ ۽
تصويرن ڪڍڻ ۾ لڳائيندو هو. اهو تمام پوريءَ طرح
تيار ڪري پاڻ وٽ گڏ ڪندو رکندو ويندو هو؛ انهيءَ
لاءِ جن نمائن مان چڱي واقفيت حاصل ڪئي هئائين،
انهن ۾ اهي ڪم آڻي. هو آسمان ڏي به ڏاڍي غور سان
ڌيان ڏيندو هو، ۽ ڏينهن جا ڏينهن صبح کان شام
تائين ان ڏي پيو نهاريندو هو. ڪڪرن جي لنگهڻ ۽
روشنائيءَ جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ ڪري جيڪي ان ۾ ڦير گهير
ٿيندا هئا، سي يادگيريءَ لاءِ نشان ڪري ڇڏيندو هو.
انهيءَ طرح، هميشه استعماليءَ ڪري، آهستي آهستي هٿ
۽ اک هلائڻ ۾ اهڙو قابل ٿيو، جو نمائن ڪڍڻ وارن
نقاشن ۾ نيٺ اعليٰ درجو حاصل ڪيو.
’ٽرنر‘، جنهن کي ”انگريزي ’ڪلاڊ‘“ ڪري سڏيندا آهن،
تنهن به ساڳي اهڙي محنت ۽ جانفشاني ڪئي. پهريائين
سندس پيءُ جو ارادو هو ته هيءُ پنهنجو حجامت ڪرڻ
جو ڪم سکي، اهو ڌنڌو هن لنڊن ۾ هلايو به هو. پر
هڪڙي ڏينهن انهيءَ ڇوڪر هڪڙيءَ چانديءَ جي رڪابيءَ
تي ڪنهن امير جي خانداني هٿيارن جو نقش جو ڪڍيو،
تنهن سندس هڪڙي گراهڪ جو ڌيان ڇڪيو، جنهن جي سندس
پيءُ سنوارت ويٺي ڪئي. انهيءَ هن کي زور ڪيو ته پٽ
کي ڇڏ ته جنهن هنر ڏي سندس دل جو ميل آهي، اهو
اختيار ڪري.‘ نيٺ پڻس موڪل ڏني ته ڀلي هو نقاشيءَ
جو ڪم ڪري. ٻين سڀني هنرمند ماڻهن وانگي، ’ٽرنر‘
کي به گهڻن مشڪلاتن جي سامهون ٿيڻو پيو. هو غريب
ماڻهو هو، تنهنڪري ته اهي مشڪلاتون پڻ وڏيون ٿيڻ
لڳيون، پر هو هميشه محنت ڪرڻ جو ڪوڏيو هوندو هو، ۽
ڪهڙو به خسيس ڪم هوندو هو ته انهيءَ تي هو فخر
ڪندو هو. هو خوشيءَ سان هرهڪ رات جي لاءِ اڌ
ڪرائون جو اُجورو وٺي، ٻين ماڻهن جي ڪڍيل تصويرون
۽ نمائن تي آسمان کي سياهيءَ سان رنگ ڏيندو هو.
انهيءَ طرح رات جو پيٽ به پاريندو هو، ۽ ڪم جي
استعمالي به ڪندو هو. تنهن کان پوءِ هو شهرن جي
هدايتنامن، جنترين ۽ ڪنهن به قسم جي سهانگن ديپاچن
يا منڍ جي صفحن وارن ڪتابن تي نقش ڪڍندو وتندو هو.
ڪن ڏينهن کانپوءِ هن چيو ته ”انهيءَ کان بهتر آءٌ
ٻيو ڪم ڪري سگهان ها- اها ته تمام عمدي استعمالي ۽
مشق هئي!“ سڀڪو ڪم هو خبرداريءَ ۽ ايمان جي
سلامتيءَ سان ڪندو هو، ۽ گهٽ اُجوري ملڻ ڪري ڪڏهن
به منهن ڪونه موڙيندو هو. هن جو مطلب ڪم سکڻ جو به
هو، ۽ گذران ڪرڻ جو به. هميشه پوري ڪوشش ڪندو هو؛
۽ جيڪا تصوير ڪڍندو هو؛ تنهن ۾ اڳي کان هڪڙو نه
ٻيو سڌارو ڪندو هو. جيڪو شخص اهڙي محنت ڪندو
هوندو، تنهن کي گهڻي ترقي ڪرڻ جي پڪ هوندي. ’رسڪن‘
جي چو موجب، ”خيال ڪرڻ جي سگهه ۽ پختائيءَ ۾ هو
اهڙو واڌارو ڪندو ويو، جهڙو سج جي روشنائي يا لس،
صبح جي پهر جو ڪندي آهي.‘ سچ پچ ته ’ٽرنر‘ جي ذاتي
قابليت جي لاءِ ڪنهن تعريف جي گهرج ئي ڪانهي؛ هن
جي تمام چڱيءَ يادگيريءَ جون نشانيون اهي سندس نقش
۽ تصويرون آهن، جي هو مرڻ کان پوءِ پنهنجيءَ قوم
وٽ ڇڏي ويو، ۽ جن جي ڪري هميشه هن جي ناموس هلي
هلندي.
روم، جو چڱن هنرن جو مک شهر يا دارالفنون آهي،
تنهن ۾ وڃڻ جي خواهش سڀ ڪنهن هنر سکندڙ ماڻهوءَ کي
نهايت گهڻي ٿيندي آهي؛ پر روم جي سفر تي گهڻو خرچ
لڳندو آهي، ۽ اڪثر هنري شاگرد غريب ٿيندا آهن.
ليڪن، جيڪو مشڪلاتن ڪاٽڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو، سو
نيٺ روم ۾ پهچي سگهي ٿو. ’فرانڪئاس پيريئر‘، جو
ڪنهن زماني ۾ فرانس جو وڏو نقاش ٿي گذريو آهي،
تنهن کي جو انهيءَ مشهور شهر ڏسڻ جو شوق ٿيو، سو
خوشيءَ سان هڪڙي انڌي فقير جو سونهون ٿي اوڏي ويو.
گهڻن هنڌن تي رلڻ کانپوءِ هو نيٺ روم ۾ آيو، ۽
اُتي انهيءَ هنر جي تعليم حاصل ڪري، مشهور اُستاد
ٿيو. ’جيئڪس ڪالاٽ‘ به روم ۾ وڃڻ لاءِ گهٽ ارادو ۽
شوق نه ڏيکاريو. جيتوڻيڪ سندس پيءُ جي مرضي نه هئي
ته هو هنري ماڻهو ٿئي، تڏهن به ڇوڪرو روڪڻ جو نه
ٿيو، ۽ گهر ڇڏي ڀڄي اٽليءَ ڏي ويو. سمر ڪوبه ساڻ
نه کنيو هئائين، تنهنڪري سگهو ئي اچي عاجز ٿيو؛ پر
اتفاق سان ڪو رولو فقيرن جي ٽوليءَ ۾ اچي پيو، ۽
انهن جي سنگت ۾ ميلا گهمندو، طرح طرح جون تڪليفون
ڪڍندو، رلندو وتيو. هن سفر ۾ ’ڪالاٽ‘ شڪل شباهت،
مهانڊي ۽ طبيعت جي تمام چڱي واقفيت حاصل ڪئي، جا
هن پوءِ پنهنجين عجيب تصويرن ڪڍڻ ۾ ظاهر پئي ڪئي؛
ڪن ۾ ته ايتريقدر قابليت ٿي ڏيکاريائين، جو حد کان
زياده پئي معلوم ٿي.
نيٺ جڏهن ’ڪالاٽ‘ فلارينس ۾ پهتو، تڏهن هڪڙو سکر
ماڻهو هن جو ذهن ۽ شوق ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن کي
هڪڙي استاد وٽ نقاشي هنر سکڻ لاءِ ويهاريائين. پر
هن کي روم ۾ رهڻ کانسواءِ سک ئي نه پئي آيو، ۽
سگهو ئي اوڏانهن روانو ٿيو. روم ۾ هن ’پارجي‘ ۽
’ٽامسن‘ سان معرفت پيدا ڪئي. اهي، هن جا پينسل سان
نڪتل نقش ڏسي، پيش بيني ڪري چوڻ لڳا ته هيءُ ڪو
وڏو اُستاد ٿيندو. ’ڪالاٽ‘ جي مائٽن جي ڪنهن دوست
اتفاق سان هن کي اتي ڏسي ورتو، ۽ انهيءَ ڀڳل شخص
کي زور ڪري موٽي گهر پهچايائين، پر هاڻي گهمڻ جو
ايترو شوق هن جي دل ۾ قائم ٿي ويو هو، جو گهر ۾
آرام ئي نه اچيس. هو ٻيو ڀيرو اُٿي ڀڳو، پر وري
سندس وڏي کيس وڃي ’ٽيورن‘ ۾ پڪڙيو، ۽ گهلي موٽي
گهر وٺي آيس. نيٺ جڏهن پڻس ڏٺو ته هيءُ رهڻ جو
ناهي، تڏهن لاچار ٿي هن کي موڪل ڏنائين ته ڀلي وڃي
روم ۾ رهي هنر سکي. ان موجب هو اوڏي ويو، ۽ انهيءَ
دفعي هو قابل استادن جي نظر هيٺ نمونا ۽ نقشا ڪڍڻ
۽ اُڪرڻ سکيو. جڏهن موٽي فرانس ۾ آيو، تڏهن
بادشاهه ’ڪاسمو‘ ٻئي هن کي فلارينس ۾ رهڻ لاءِ
همٿايو، جتي هو ورهين جا ورهيه رهي، محنت ڪري، ڪم
پئي سکيو. پنهنجي مربيءَ جي مرڻ بعد هو موٽي
’نانسي‘ ۾ آيو، جتي سندس مائٽ رهندا هئا. اُتي هن
پنهنجي رنبيءَ ۽ سڻيءَ جي ڪمائيءَ مان دولت به گڏ
ڪئي، ۽ نالو به ڪڍيائين. جڏهن ڏيهي جنگين ۾ گهيرو
ڪري ’نانسي‘ ورتائون، تڏهن ’رچيلو‘، ’ڪلاٽ‘ کي چيو
ته انهيءَ واقعي جي تصوير اُڪري تيار ڪر؛ پر هن
ڪاريگر صاف جواب ڏيئي ڇڏيو- سندس دل نه چيو ته
سندس وطن واري شهر تي جا مصيبت پيئي هئي، تنهن جي
يادگيري قائم رهي. ’رچيلو‘ پنهنجي ارادي کان مڙڻ
جو نه هو، تنهن هن کي کڻي قيد ۾ وڌو. اتي ’ڪالاٽ‘
پنهنجن جهونن سنگيتن- رولو فقيرن مان ڪن سان وڃي
گڏيو، جن روم واري سندس پهرئين سفر ۾ کيس کاڌي
پيتي جي مدد ڪئي هئي. جڏهن ’لوئي‘ تيرهين سندس قيد
پوڻ جو ٻڌو، تڏهن هن رڳو بند مان ڇڏايس، پر
پڇيائينس ته جيڪا مهرباني گهرين سا توسان ڪريان.
’ڪالاٽ‘ اُتي جو اتي عرض ڪيس ته ’منهنجا پراڻا
سنگتي- فقير- قيد مان نڪرڻ، ۽ هنن کي اجازت ملي ته
ايذا ۽ روڪ کان سواءِ پيرس ۾ پئي گذران ڪن.‘ هيءُ
عجيب عرض قبول پيو، مگر ’ڪالاٽ‘ سان اهو شرط رکيو
ويو ته هو انهن جون تصويرون اُڪري تيار ڪري.
انهيءَ تي هن پنهنجو اُڪريل تصويرن جو عجيب ڪتاب
لکيو، جنهن جو نالو ”فقير“ مشهور آهي. چون ٿا ته
بادشاهه ’لوئيءَ‘، ’ڪالاٽ‘ کي ٽن هزارن لوهرن
(سڪن) جي پينشن آڇي. انهيءَ شرط سان، ته هو پيرس
نه ڇڏي وڃي. پر هن ڪاريگر کي مسافي اهڙي وڻي ويئي
هئي، ۽ آزاديءَ جو ايترو قدر هوس، جو اها آڇ قبول
نه ڪيائين. نيٺ هو موٽي ’نانسي‘ ۾ آيو، جتي هن مرڻ
گهڙيءَ تائين پنهنجو ڪم پئي ڪيو. هن سورهن سو
اُڪريل نقش ۽ تصويرون ڇڏيون- انهيءَ مان هن جي
محنت معلوم ٿي سگهندي. هو چرچي جهڙن مضمونن جو
ڏاڍو شوقي هوندو هو، ۽ انهن جي ڪڍڻ ۾ ڏاڍي هوشياري
ڏيکاريندو هو. هن جي رواجي تصويرن ۽ نقشن ۾ ڪي
ڏاڍا خيالي ۽ عمدا نُڪتا هوندا هئا، جن جي ڏيکارڻ
۾ هو عجيب نزاڪت ۽ باريڪي ڪم آڻيندو هو.
’بينو هينيوٽو سيليني‘ جو احوال اڃا به وڌيڪ عجيب
۽ حيرتناڪ هو. هو هوشيار سونارو به هو، نقاش به
هو، بت تراش به هو، قلمڪار يا اُڪرڻ وارو به هو،
انجير به هو، ۽ ڪتاب نويس به هو. هن پنهنجي
حياتيءَ جو احوال جيڪو لکيو آهي، سو اهڙو عجيب آهي
جو ٻئي ڪنهن به پنهنجو اهڙو احوال نه لکيو هوندو.
هن جو پيءُ، ’جيووهني سليني‘، فلارينس ۾ ’لارينزڊي
ميڊيسيءَ‘، جي دربار جي ڳائڻن مان هڪڙو هوندو هو.
هن جي وڏي طمع اها هئي ته سندس پٽ، ’بينو
هينيوٽو‘، بانسري وڄائڻ ۾ هوشيار ٿئي؛ پر پوءِ هو
نوڪريءَ مان نڪري ويو، تنهنڪري هن پنهنجي پٽ کي
ڪنهن ڌنڌي سيکارڻ جو ضرور سمجهيو، ۽ هن کي کڻي
هڪڙي سوناري وٽ رکيائين. انهيءَ ڇوڪر کي ننڍي
هوندي کان نقش ڪڍڻ ۽ هنر سکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو
هو، ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ ڌيان ڏيڻ سان هو سگهوئي چالاڪ
ڪاريگر ٿي پيو. اتفاق سان شهر جي ڪن ماڻهن سان
جهيڙي ۾ اٽڪي پيو، تنهنڪري ڇهن مهينن تائين هن کي
شهر نيڪالي ملي. انهيءَ عرصي ۾ هو ’سينا‘ شهر ۾
سونارڪيءَ تي گذران به پيو ڪندو هو، ۽ زرڪاريءَ ۽
جوهريءَ جي ڪم جي به استعمالي ڪندو هو.
’بينوهينيوٽو‘ جي پيءَ جي اڃا به مرضي هئي ته هو
بانسري وڄائڻ وارو ٿئي؛ تنهنڪري جيتوڻيڪ هن جي
انهيءَ ساز سان نه پوندي هئي، ته به هو ان تي پيو
استعمال ڪندو هو. پر، هنرن مان هن کي ڏاڍي خوشي
حاصل ٿيندي هئي، ۽ نهايت گهڻي شوق مان انهن جي
پٺيان پيو. ’فلارينس‘ ۾ موٽي آيو، ۽ ڏاڍي ڌيان ۽
خبرداريءَ سان ’ليونارڊو ڊاوهنسي‘ ۽ ’مائيڪل
آنجيلو‘ جا نقش ۽ نمونا جاچڻ لڳو، ۽ سونارڪي ڪم ۾
زياده قابليت حاصل ڪرڻ لاءِ، هو پيرين پيادو روم
ڏي ويو ۽ رستي ۾ ڏاڍا جاکوڙا ڪڍيائين. جڏهن هو
’فلارينس‘ ۾ مٽي آيو، تڏهن سون رپي جي ڪم ۾ سندس
ڏاڍو نالو نڪتو، ۽ سگهوئي ماڻهو سندس استاديءَ جا
طالبو ٿيا، پر هو طبيعت جو چيڙاڪ هو، تنهنڪري اڪثر
وڃي جهيڙن ۾ پوندو هو، ۽ مس مس ڀڄي جند ڇڏائيندو
هو. انهيءَ طرح هو ويس بدلائي، جوڳي فقير جي پوشاڪ
۾، ’فلارينس‘ مان ڀڄي نڪتو، ۽ وري به پهرين
’سئينا‘ ۾ وڃي پناهه ورتائين، ۽ پوءِ روم ۾.
’سيليني‘ ٻيو ڀيرو روم ۾ اچي رهيو. انهيءَ عرصي ۾
هن جا گهڻا ئي مربي ۽ مددگار پيدا ٿيا. ’پوپ‘ هن
کي سونارو به ۽ باجي وڄائڻ وارو به ڪري پنهنجي
نوڪريءَ ۾ رکيو هو هميشه، تمام قابل استادن جي ڪمن
مان واقف ٿي، وڌيڪ مايو حاصل ڪندو ويو، ۽ پاڻ کي
سڌاريندو ويو. هو زيورن تي جواهر چاڙهيندو هو،
مينا ڪاري ڪم ڪندو هو، مُهرون ۽ ٽِڪون اڪريندو هو،
۽ سون، چانديءَ ۽ ڪُٽ جو ڪم اهڙن عمدن نمونن جو
ڪندو هو، جو ٻين سڀني هنر وارن کان گوءِ کڻي ويندو
هو. جڏهن به ٻڌندو هو ته ڪو سونارو ڪنهن قسم جي ڪم
۾ مشهور آهي، تڏهن هو انهيءَ دم پڪو ارادو ڪندو هو
ته انهيءَ کان هوشيار ليکجڻ ۾ اچان. انهيءَ طرح،
هو هڪڙي جي مهرن ۽ ٻلن تي رشڪ نيندو هو، ٻئي جي
ميناڪاري شين تي، ۽ ٽئي جي جواهرن تي- حقيقت ڪري
سندس هنر جا ڪابه شاخ ڪانه هئي، جنهن ۾ نامور ٿيڻ
جو هن کي حرص نه ٿيندو هو.
اهڙي شوق سان ڪم ڪرڻ ڪري، عجب نه آهي جو ’سيليني‘
ايترو گهڻو ۽ عمدو ڪم ڪري سگهيو. هو نهايت گهڻو
چالاڪ ۽ اڻٿڪ ماڻهو هو، ۽ هميشه هڪڙي نه ٻئي پاسي
پيو هلندو هو: هڪڙيءَ مهل ڏسوس ته ’فلارينس‘ ۾
ويٺو آهي، ته ٻيءَ مهل روم ۾؛ ڪڏهن ’مانٽئا‘ ۾،
ڪڏهن روم ۾، ته ڪڏهن ’نيپلس‘ ۾، ۽ موٽي واري
’فلارينس‘ ۾، وري ’وينس‘ ۾ ۽ پيرس ۾! سڀ وڏا وڏا
سفر گهوڙي تي ڪندو هو. هو پاڻ سان گهڻو سامان به
کڻي سگهندو هو؛ تنهنڪري جتي ويندو هو، اتي هميشه
پهرين پنهنجا اوزار جوڙڻ لڳندو هو. هو نه رڳو
پنهنجو ڪم رٿيندو هو، پر اهوپاڻ پنهنجي سر ڪندو
هو. يعني پنهنجن هٿن سان مطرقو هڻي ڪُٽيندو هو، ۽
اُڪريندو هو، قالب ۾ پلٽيندو هو، ۽ هڪڙي نه ٻيءَ
شڪل ۾ بيهاريندو هو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جيڪو به
ڪم هن ڪيو آهي، تنهن ۾ هن جي ذاتي سمجهه ۽ سياڻپ
جي نشاني اهڙي ظاهر آهي، جو ائين ڪڏهن ٿي سگهڻ جو
نه آهي ته اهو رٿي هڪڙو ماڻهو، ۽ ڪري ٻيو. ڪهڙي به
خسيس شي- زناني ڪمربند جو ڪڙو ڪُنڍو، خواه مهر،
خواهه لڙڪائڻ يا اٽڪائڻ جو زيور، خواهه منڊي،
خواهه ٻيڙو، هن جي هٿن ۾ هڪڙي خوبصورت ڪاريگريءَ
جي شيءَ ٿي پيئي ٿي.
’سيليني‘ ڪاريگريءَ جي ڪم ۾ ڏاڍو چالاڪ ۽ هوشيار
هوندو هو. هڪڙي ڏينهن هڪڙو جراح، مشهور سوناري
’رفائيلو ڊيل مورو‘ جي دوڪان ۾ سندس ڌيءَ جي هٿ کي
چهڪ ڏيڻ لاءِ آيو هو. ’سيليني‘ حاضر هو، تنهن
انهيءَ ڊاڪٽر جي اوزارن ڏي نهاري سهي ڪيو ته، انهن
ڏينهن جي دستور موجب، اهي ڄٽڪا ۽ سادا هئا. هن
ڊاڪٽر کي چيو ته ’پاءُ ڪلاڪ تائين هٿ کي چهڪ ڏيڻ
جو ڪم مهمل رک‘. ائين چئي، هو ڊڪي پنهنجي دوڪان تي
ويو، ۽ تمام عمدي رُڪ جو ٽڪر کڻي، انهيءَ مان هڪڙو
تمام نازڪ ڪپ يا نشتر جوڙيائين، جنهن سان پوءِ
ڊاڪٽر آسانيءَ سان زخم چيريو.
جيڪي بُت ’سيلينيءَ‘ جوڙيا، انهن مان تمام مشهور
هي آهن: هڪڙو ’جيوپيٽر‘ جو چانديءَ جو بت، جو هن
پيرس ۾ فرانس پهرئين جي لاءِ جوڙيو هو؛ ۽ ٻيو
’پرسيوس‘ جو ڪُٽ جو بت، جو هن ’فلارينس‘ جي گرانڊ-
ڊيوڪ ’ڪاسمو‘ جي لاءِ بنايو هو. انهن کان سواءِ هن
’اپالو‘ ۽ ’هيئاسنٿس‘، ’نارسس‘ ۽ ’نيپيون‘ جا بت
سنگ مرمر مان به جوڙيا هئا. ’پرسيوس‘ جي بت پَلٽي
جوڙڻ جي نسبت ۾ جيڪي عجيب ڳالهيون چوڻ ۾ اچن ٿيو،
تن مان انهيءَ شخص جو حيرت جهڙو ذهن ۽ ذاتي مايو
خاص طرح معلوم ٿو ٿئي.
جڏهن ’پرسيوس‘ وارو ميڻ جو نمونو گرانڊ- ڊيوڪ کي
ڏيکارو ويو، تڏهن هن صاف طرح پنهنجي راءِ ڏني ته
اهڙو بت ڪُٽ جو پلٽي ڪين سگهبو. اهڙي ناشدنيءَ جي
ڳالهه ٻڌي، ’سيلينيءَ‘ کي هڪدم اچي حرص جاڳيو ته
نه رڳو انهيءَ ڪم جي ڪوشش ڪريان، پر سچ پچ ڪري
ڏيکاريان. پهريائين هن مٽيءَ جو بت نموني طور
جوڙيو، ۽ ان کي پچائي سخت ڪيائين؛ پوءِ ان جي مٿان
ميڻ هڻي، هموار ڪري، پورو بت بنائي ويو؛ تنهن کان
پوءِ وري ميڻ جي مٿان هڪڙي قسم جي مٽيءَ جو پردو
چاڙهي ويو، ۽ اهو به پچائي پڪو ڪيائين: ائين ڪرڻ
سان، وچ واري ميڻ پگهري نڪري ويئي، ۽ ٻن مٽيءَ جي
تهن جي وچ ۾ پگهريل ڪُٽ جي بيهڻ واري جاءِ خالي ٿي
پيئي. ڪُٽ پگهاريندي مٿان ڪا حرڪت پهچي، تنهنڪري
هن اهو ڪم کوري جي هيٺان کڏ کڻي ان ۾ ڪيو. متان
کوري مان ڪُٽ پگهرجي، نالين ۽ سوراخن جي رستي،
ٺهرايل قالب ۾ پوندي وڃي، تنهن جو بندوبست به
رٿيائين. انهيءَ ڪم لاءِ صنوبر جي ڪاٺين جو انبار
اڳي ئي خريد ڪري رکيو هئائين. هاڻ ڪُٽ پگهارڻ جو
ڪم شروع ڪيائين. پهريائين کوري ڪُٽ ۽ پتل جا ٽڪر
وجهي ڀريائين، ۽ پوءِ ڪاٺين کي باهه ڏنائين. صنوبر
جون ڪاٺيون ته اڳي ئي ڏاڍيون ٻرڻ واريون آهن، تن
اچي خوفناڪ ڀنڀٽ ٻاريو، اهڙو، جو دوڪان کي باهه
لڳي ويئي، ۽ ڇت جو ڀاڱو ئي سڙي ويو. پر ساڳئي وقت
۾ واءُ به سخت لڳو، ۽ مينهن به کوري تي پيو،
تنهنڪري سيڪ گهٽجي ويو، ۽ ڌاتيون پگهرجي نه
سگهيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ’سيلينيءَ‘ سيڪ وڌائڻ لاءِ
مٿا هنيا، ۽ ڪاٺين پٺيان ڪاٺيون پئي کوري ۾
وڌائين؛ نيٺ اهڙو ٿڪجي بيمار ٿي پيو، جو ڀانيائين
ٿي ته بت پلٽجڻ کان اڳي آءٌ مري ويندس. لاچار ٿي،
قالب ۾ پگهريل ڪٽ پلٽڻ جو ڪم پنهنجن شاگردن ۽
مددگارن جي حوالي ڪري، پاڻ وڃي هنڌ ۾ ڪري پيو.
جيڪي وٽس ويٺا هئا، تن ساڻس همدردي ڪري ارمان پئي
ظاهر ڪيو، ته ايتري ۾ کوري جو هڪڙو مزور اوچتو
اندر گهڙي آيو، ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته ”ويچاري
’بينوهينيوٽو‘ جو ڪم اصل خراب ٿي پيو!“ هي ٻڌي،
’سيليني‘ هڪدم هنڌ مان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ دوڪان ڏي
ڀڳو. ڏسي، ته باهه اهڙي جهڪي ٿي ويئي هئي جو ڪُٽ
وري به سُڪي ڏاڍي ٿي پئي هئي.
ڪنهن پاڙيسريءَ وٽ ڪچي بلوط جون ڪاٺيون ورهيه کن
کان پئي سڪيون، اتان هڪڙي وڏي ڀري گهرائي ورتائين.
سگهوئي وري باهه ٻرڻ لڳي، ۽ ڪُٽ پگهرڻ ۽ چمڪڻ لڳي.
اڃا به واءَ جو گوگهٽ پئي پيو، ۽ مينهن زور سان
پئي وسيو. تنهنڪري، پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ’سيليني‘
ڪي ميزون پاڻ وٽ اڻائي رکيون؛ انهن جي مٿان پردن
جا ٽڪر ۽ پراڻا ڪپڙا رکيائين، ۽ پوءِ پاڻ انهن جي
پٺيان ٿي بيٺو، ۽ اُتان کوري ۾ ڪاٺيون اڇلائيندو
ويو. پوءِ ڪُٽ ۽ پتل جي مٿان جست، شيهي ۽ قلعيءَ
جو وڏو ٽڪر کڻي وڌائين. ڪڏهن لوهه جي ڇڙ ۽ ڪڏهن
ڊگهين لٺين گهمائڻ سان، سگهوئي سڄو مال پگهرڻ لڳو.
انهيءَ مهل، آزمائش جي عين وقت ۾، گوڙ جهڙو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ ’سيلينيءَ‘ جي اکين آڏو باهه جو
چمڪاٽ ٿيو...... کوري جو ڍڪ ڀڄي پيو، ۽ پگهريل
ڌاتيون وهڻ لڳيون. ’سيلينيءَ‘ ڏٺو ته اُهي اڃا
برابر نٿي وهيون، تنهنڪري هو ڊوڙي بورچيخاني ۾
ويو، ۽ ٽامي ۽ جست جو جيڪو ٿانو ٿپو اُتي پيل
ڏٺائين، سو کڻي آيو: اٽڪل ٻه سو پيالا، رڪابيون ۽
ڪيٽليون، جدا جدا قسم جون هٿ لڳس، اُهي سڀ کڻي
کوري ۾ وڌائين........ نيٺ، ڪُٽ پگهري ۽ وهي اُٺي
هلي! انهيءَ طرح، ’پرسيوس‘ جو عجيب بُت پلٽجي تيار
ٿيو.
جنهن ذاتي مستيءَ ۾ ’سيليني‘ پنهنجي بورچيخاني
ڪاهي پيو ۽ اُتان کوري ۾ وجهڻ لاءِ ٿانو- ٿپا کڻي
آيو، اُها ٻڌي، پڙهندڙ کي ’پالسي‘ جي ڳالهه ياد
ايندي، جنهن مٽيءَ جي ٿانون پچائڻ ۽ ڪاشيءَ يا
مينا پگهارڻ ۾ پنهنجو گهر جو سامان ڀڄي باهه ۾
اڇلائي وڌو. پر، انهيءَ ’ذوق ۽ مستيءَ‘ کانسواءِ،
ڪي به ٻه ماڻهو ’ذاتي لياقت ۽ چال‘ ۾ گهٽ مشابهت
نه رکندا هوندا. جيئن ’سيلينيءَ‘ پاڻ لکيو آهي، هو
گويا هڪڙو ’اسماعيل‘ هو، جنهن جي برخلاف سڀ ڪنهن
ماڻهوءَ هٿ کنيو هو. پر انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته
هو ڏاڍو هوشيار ڪاريگر ۽ قابل هنر وارو هو. |