باب پهريون
خود ياوري
(متفق ۽ مفرد)
’جان اِسٽوئرٽ مل‘ صاحب چيو آهي ته ”گهڻي عرصي ۾،
هڪڙيءَ قوم جي لياقت، انهيءَ قوم جي ڀاتين يا جدا
جدا ماڻهن جي لياقت مان معلوم ٿئي ٿي.“
’ڊزرائلي‘ صاحب چيو آهي ته ”اسين ملڪي يا قومي
انتظامن ۾ بيحد ڀروسو رکون ٿا، ۽ اُنهيءَ ملڪ يا
قوم جي جدا جدا ماڻهن ۾ تمام ٿوري اُميد رکون ٿا.“
ڏاهن جو هڪڙو مشهور ۽ چڱو آزمايل قول آهي ته ”خدا
تعاليٰ اُنهن کي مدد ڏئي ٿو، جي پاڻ کي پاڻ ئي مدد
ڏين ٿا.“ اهو قول، مختصر لفظن ۾، نهايت گهڻي
انساني آزمودي جو نتيجو ظاهر ڪري ٿو. خود ياوري،
يا پاڻ کي پاڻيهي مدد ڏيڻ جو خيال، هرهڪ شخص جي
سموري سچي سڌاري ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي؛ ۽ جڏهن
اهڙو خيال گهڻن ماڻهن جي هلت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، تڏهين
اُنهيءَ مان سچي قومي همت پيدا ٿئي ٿي. ٻاهرينءَ
يا پرائيءَ مدد مان اڪثر ڪم همتي پڌري ٿئي ٿي؛ پر
جا مدد پنهنجي اندر مان پاڻ کي ملي ٿي، سا همت کي
وڌائي ٿي. جيڪي ڪي ٻين ماڻهن يا فرقن لاءِ ڪجي ٿو،
تنهن مان ڪنهن حد تائين پنهنجي ذاتي ترغيب ۽ ضرورت
گهٽجيو وڃي، جنهن سان جيڪر ماڻهو پاڻ پنهنجي لاءِ
ڪوشش ڪن؛ ۽ جتي ماڻهو حد کان زياده ٻين جي
رهنمائيءَ ۽ فرمانروائيءَ تي هري ٿا وڃن، اُتي
ضرور اُهي ٻين جي مقابلي ڪري محتاج ۽ بيوس ٿيندا
ٿا وڃن.
تمام عمدا سڌاري جا بندوبست به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا
ڪمائتي مدد ڏيئي نٿا سگهن. گهڻو گھڻو، ته به شايد
ايترو ڪري سگهندا، ته اُن کي آزادي ڏيندا ته
پاڻيهي پاڻ کي بهتر ڪري، ۽ پنهنجيءَ جند جي حالت
سڌاري. پر، سڀ ڪنهن زماني ۾ ماڻهن جي ويساهه ۾
ائين پئي آيو آهي ته اسان جي آسودگي ۽ بهبودي
جيتريقدر قومي بندوبستن جي اپاءَ سان حاصل ٿيندي،
اوتريقدر خود پنهنجيءَ هلت سان حاصل نه ٿيندي.
انهيءَ ڪري، انسان جي سڌاري لاءِ قاعدي قانون جوڙڻ
جي جيتري سچ پچ ضرورت آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ
اڪثر خيال ڪرڻ ۾ اچي ٿي. جنهن قاعدي جوڙڻ واريءَ
جماعت ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي سگهن ٿا، تنهن ۾، ٽن
ورهين يا پنجن ورهين منجهه هڪ ڀيرو، هڪڙي يا ٻن
ماڻهن کي راءِ ڏيئي داخل ڪرائڻ سان، انهيءَ چڱي ڪم
۾ برابر نالي لاءِ شامل ٿي سگهجي ٿو، مگر انهيءَ
مان ڪنهن به ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۽ هلت تي ڪوبه
ڪمائتو اثر ٿي نه سگهندو. پوءِ ڀلي اها راءِ سچائي
۽ ايمانداريءَ سان ڏيڻ ۾ اچي. تنهن کانسواءِ، روز
بروز صاف معلوم ٿيندو وڃي ته سرڪاري حڪومت جو ڪم
جيترو روڪڻ ۽ منع ڪرڻ آهي، اوترو ڪو حڪم سان سڌارو
ڪرائڻ يا سڌيءَ طرح فائدو پهچائڻ ناهي. سرڪاري
حڪومت مان خاص مدعا اها آهي ته خلق جو بچاءُ ٿئي.
يعني ساهه جو، ۽ ملڪيت ۽ آزادگيءَ جو بچاءُ.
جيڪڏهن قاعدا کڻي ڏاهپ سان عمل ۾ آڻبا، ته انهيءَ
ڪري رڳو ماڻهو پنهنجي جسمي يا عقلي محنت جا ڦل
تمام ٿوري خرچ يا تڪليف سان آسوديءَ طرح ڀوڳي
سگهندا؛ پر قاعدا ڪهڙا به سخت تعميل ۾ اچن، ته به
اُهي نڪي سستن کي محنتي ڪندا، نڪي فضول خرچ ماڻهن
کي دورانديش ۽ صرفي وارو ڪندا، ۽ نڪي نشائن کي هوش
وارو ڪندا. اهڙا سڌارا رڳو پنهنجي ذاتي ڪوشش،
دورانديشيءَ ۽ خود انڪاريءَ جي اپاءَ سان ڪري
سگهبا. يعني بهتر عادتن وٺڻ سان، نه وڏن حقن حاصل
ڪرڻ سان.
ڪنهن به قوم جي سرڪاري حڪومت، انهيءَ قوم جي ماڻهن
جي نموني جي هوندي آهي. جي سرڪار رعيت کان سڌاري
جي نظر تي بهتر ۽ مٿڀري هوندي، ته نيٺ ضرور لهي
اچي خلق جهڙي ٿيندي؛ ۽ جي سرڪار رعيت کان هيٺڀري
هوندي، ته آخر ڪنهن عرصي ۾ گهلجي مٿي وڃي ماڻهن
سان برابر ٿي بيهندي. اصل سُڀائي دستور آهي ته
جهڙيءَ طرح پاڻي نيٺ وڃي پنهنجي سنوت وٺي بيهي ٿو،
تهڙيءَ طرح ڪنهن قوم جي لياقت به ضرور پنهنجي
قاعدي ۽ حڪومت جا مناسب نتيجا نيٺ ڏسي ٿي. شريف
قوم تي حاڪم به آبروءَ سان حڪومت هلائين ٿا، پر
ذليل ۽ جاهل قوم کي حاڪم به بي آبروئيءَ سان
هلائين ٿا. آزمودي مان پڪيءَ طرح ثابت ٿيو آهي ته
حڪومت جي لياقت ۽ طاقت، جيترو اُنهيءَ ملڪ جي
ماڻهن جي حالت ۽ هلت تي تعلق رهي ٿي: تنهن کان
گهڻو گهٽ اُن جي ملڪي انتظام ۽ بندوبست تي تعلق
رهي ٿي! ڇا لاءِ جو جدا جدا ماڻهن جون حالتون،
گڏجي، قوم جي يڪي حالت ٿيون جوڙين، ۽ عام سڌاري جي
معنيٰ اها ئي آهي ته جي مڙس ۽ زالون ۽ ٻار انهيءَ
قوم جا شريڪ يا ڀاتي آهن، تن جي علحدي حالت سڌري
آهي.
قومي ڪماليت اُنهيءَ قوم جي جدا ماڻهن جي محنت،
همت ۽ سچائيءَ جو جوڙ يا نتيجو آهي. جهڙيءَ طرح
قومي زواليت جدا جدا ماڻهن جي سستيءَ، خود غرضيءَ
۽ برائيءَ جو جوڙ يا نتيجو آهي. جيڪي ڳالهيون رواج
ڪري اسين پنهنجيءَ قوم جون وڏيون خرابيون سمجهي
ننديندا آهيون، سي جاچ ڪري ڏسبو ته گهڻو ڪري خود
اسان جي ئي بگڙيل ۽ عيبدار هلت مان پيدا ٿيون آهن.
جيتوڻيڪ اسين قاعدي جي زور سان اُنهن جي وڍڻ يا
پاڙان پٽڻ جي ڪوشش ڪري سگهنداسين، تڏهن به اهي وري
ڪنهن ٻيءَ صورت ۾ نئين سر ڦوهه مان ڦٽنديون، ۽
جيسين هرهڪ ماڻهوءَ جي چال چلت ۽ حياتيءَ جي حالت
نه سڌرندي، تيسين اهي اصل بند ٿي ڪين سگهنديون. جي
اها ڳالهه برابر آهي، ته انهيءَ مان هيترو ثابت
آهي ته تمام اعليٰ درجي جي قومي خيرخواهي ۽
همدردي، جيتري ماڻهن کي پنهنجي منهن ۽ پنهنجيءَ
همت سان چال جي سڌاري ۽ حالت جي بهتريءَ لاءِ مدد
۽ ترغيب ڏيڻ ۾ آهي، اوتري قاعدن ڦيرائڻ ۽ ملڪي
بندوبستن سڌارڻ ۾ نه آهي.
ماڻهوءَ تي ٻاهران ڪهڙيءَ طرح حڪم ٿو هلي، سا
ڳالهه ڪا گهڻي ضرورائتي ناهي؛ ليڪن هو پنهنجي
اندران پاڻ تي ڪهڙيءَ طرح حڪم هلائي ٿو، تنهن تي
سڀ ڪجهه منحصر آهي. سڀ کان وڏو غلام اُهو ناهي،
جنهن تي ڪو ظالم زوريءَ حڪم هلائي ٿو. جيتوڻيڪ اها
به تمام خراب ڳالهه آهي- پر اُهو آهي، جو پنهنجي
ذاتي جهل، خود غرضيءَ ۽ بدڪاريءَ جي قيد ۾ ڦاٿل
آهي. جيڪي قومون انهيءَ باطني غلاميءَ ۾ قابو آهن،
سي رڳو ڌڻين ۽ مالڪن جي مٽجڻ ڪري يا حڪومتي
بندوبستن جي بدلجڻ ڪري آزاد ٿي ڪين سگهنديون؛ ۽
جيستائين ماڻهن جي مغز ۾ اها اجائي غلط فهمي ويٺل
هوندي ته آزادي رڳو حڪومت جي معرفت حاصل ٿيندي ۽
انهيءَ تي تعلق آهي، تيستائين اهڙا ڦيرگهير ۽
سڌارا ڪيتري به خرچ ۽ تڪليف سان کڻي ڪرڻ ۾ ايندا،
ته به انهن مان جيڪو نتيجو نڪرندو، تنهن ۾ لحظي
جيترو جٽاءُ به نه هوندو. آزاديءَ جو پڪو بنياد
ضرور سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ذاتي لياقت تي قائم ٿيڻ
گهرجي- رڳو انهيءَ مان قوم جي سلامتيءَ ۽ ملڪ جي
سڌاري جي پڪ ٿي سگهندي. ’مل‘ صاحب جيڪي چيو آهي،
سو سچ آهي: ”جيستائين هرڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي
خاصيت قائم رکيو ايندو، تيستائين ظالم جي ظلم مان
به تمام خراب نتيجا نڪري نه سگهندا؛ سچو پچو ظُلم
اُهو آهي، جو ماڻهن جي ذاتي خاصيت ناس ڪيو ڇڏي-
پوءِ اُنهيءَ کي ڪهڙي به نالي سان کڻي سڏجي.“
انساني ترقيءَ بابت اڳوڻي وقت جا غلط خيال اڪثر
اڃا به پيا ظاهر ٿين. ڪي ماڻهو ”سيزر“ يا ”قيصر“
جهڙن شهنشاهن جي اچڻ جون واٽون پيا نهارين، ڪي
قومي بندوبستن لاءِ منتظر آهن، ۽ ڪي پارليامينٽ جي
قاعدن جاري ٿيڻ جا خواهان آهن. اسان کي سيزر جهڙن
شهنشاهن لاءِ گهڻو ترسڻو پوندو، ۽ جڏهن اُهي پيدا
ٿيندا، تڏهن جيڪي اُنهن کي پنهنجو بادشاهه سمجهي،
اُنهن جي پٺيان لڳندا، سي ڏاڍا سکي ٿيندا! انهيءَ
اُصول جي مختصر معنيٰ آهي ته ماڻهن جي لاءِ سڀ
ڪجهه ٻيو ڪو ڪري، پر هو پاڻ ڪي ڪين ڪندا، جي
انهيءَ اصول تي هلبو، ته قوم جي آزاد ۽ طبيعي تميز
جي سگهه ناس ٿي ويندي، ۽ سگهوئي اُن جي پٺيان ڪنهن
ظالم بادشاهه جي حڪومت اچي پيدا ٿيندي. قيصري
سلطنت هڪڙي تمام خراب قسم جي انساني بُت پرستي
آهي، جا في الحقيقت قوت پرستي آهي، ۽ انهيءَ مان
اهڙا نيچ نتيجا نڪرندا، جهڙا جيڪر رڳو دولت
پرستيءَ مان نڪرن. زياده ڪمائتو ۽ مضبوط اُصول جو
قومن جي دلين تي ڄمائڻ گهرجي، سو خودياوريءَ جو
اُصول آهي. جنهن وقت اهو پوريءَ طرح انهن جي
استعمال ۾ آيو، انهيءَ وقت قيصري حڪومت جو خيال دل
تان لهي ويندن. اهي ٻئي اصول هڪٻئي جي برخلاف آهن؛
۽ جيڪي ’وهڪٽرهيوگو‘ قلم ۽ ترار جي باب ۾ چيو آهي،
سو اُنهن سان به لاڳو ٿئي ٿو ته ”هيءُ هن کي ماري
وجهندو“.
قومي بندوبستن ۽ پارليامينٽ جي قاعدن جي طاقت بابت
به هڪڙو عام وهم يا رواجي ڀرم ماڻهن جي خيال ۾
ويٺل آهي. وليم ’ڊارگن جو‘، آئرلنڊ جي تمام سچن
قوم جي خيرخواهن مان هڪڙو هو، تنهن ڊبلن جي
پهرينءَ صنعتي نمائش جي پوري ٿيڻ وقت جيڪي چيو هو،
سو هتي شاهد آڻڻ مناسب ڏسجي ٿو: هن چيو ته ”ايمان
جي ڳالهه آهي ته جڏهن به آءٌ خود مختياريءَ جو لفظ
ٻڌندو آهيان، تڏهن ضرور مون کي پنهنجو اباڻو ملڪ ۽
پنهنجا هم وطن شهري ماڻهو ياد پوندا آهن. مون
گهڻوئي ٻڌو آهي ته اسان کي هن کان يا هُن کان يا
فلاڻي هنڌان خود مختياري ملڻي آهي، ۽ ٻين ملڪن جا
ماڻهو اسان وٽ اچي رهندا، ته انهن مان ههڙا ههڙا
فائدا اسان کي پهچندا. انهيءَ ميلاپ مان جيڪي وڏا
فائدا آهن، تن جو آءٌ به اهڙو قبولدار آهيان، جهڙو
ڪو ٻيو ماڻهو هوندو؛ پر تڏهن به هميشه منهنجيءَ دل
تي اهو خيال ويٺل آهي ته اسان جي صنعتي خودمختياري
۽ هنري آزادگي اسان تي ئي منحصر آهي. آءٌ ڀانيان
ٿو ته جيڪڏهن اسين فقط محنت ڪنداسين، ۽ سنڀال سان
پنهنجي همت پوريءَ طرح ڪم لڳائينداسين، ته اسان جي
هاڻوڪي حالت اهڙي چڱي ٿيندي جو اُن کان بهتر نڪا
اڳي ڪڏهن هُئي، ۽ نه آئيندي ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو
رڳو اسان جو هڪڙو قدم آهي، پر اڻورچ ٿي ڪم ۾ لڳڻ
فتحيابيءَ جو وڏو وسيلو آهي؛ ۽ جيڪڏهن اسين ذوق ۽
شوق مان هلنداسين، ته مون کي پڪو ويساهه آهي ته
ٿوري ئي عرصي ۾ اسين آسودگيءَ، سک ۽ خودمختياريءَ
جي اهڙي درجي کي وڃي پهچنداسين، جهڙي تي ٻي ڪا قوم
پهتل هوندي.“
سڀئي قومون جي هاڻوڪيءَ بهتر حالت کي رسيون آهن،
سي ماڻهن جي ڪيترن ئي پيڙهين جي خيال پچائڻ ۽ ڪم
ڪرڻ جي ڪري. انهيءَ وڏي مطلب جي پوري ڪرڻ ۾، هر
قسم ۽ درجي جي، اڻورچ ۽ تحمل وارن پورهيتن، زمين
جي آبادگارن، کاڻين ڳوليندڙن، نئيي صنعت پيدا
ڪندڙن، جهوني صنعت ڳولي ڪڍندڙن، ڪارخانن هلائڻ
وارن، ڪاسبين، هنر وارن، شاعرن، حڪيمن ۽ ملڪ جي
مدبرن- انهن سڀني مدد ڏني آهي: هڪڙي پيڙهي ٻيءَ جي
ڪمائيءَ تي عمارت اڏيندي ويئي آهي، ۽ انهيءَ طرح
جيئن پوءِ تيئن اُنکي مٿي چاڙهيندا ويا آهن. هي
سچا پورهيت، جي گويا سڌاري جا ڪاريگر آهن، تن جي
پشت بپشت محنت ڪرڻ مان اهو نتيجو نڪتو ته
ڪاريگريءَ، علم ۽ هنر ۾ خراب ۽ ڳڙٻڙ جهڙيءَ حالت
مان سهڻي ترتيب پيدا ٿي؛ ۽ انهيءَ طرح، سڀائي
دستور موجب، جيڪا قيمتي جائداد اسان جن وڏن
پنهنجيءَ محنت ۽ سياڻپ سان ٺاهي هئي، سا ورثي ۾
اسان کي ملي. اها انهيءَ لاءِ اسان جي قبضي ۾ ڏني
وئي آهي ته انهيءَ کي وڌايون، ۽ وري پنهنجن پوين
وارثن لاءِ نه رڳو گهٽائڻ ڌارا ڇڏيون، پر سڌريل
حالت ۾ ڇڏيون.
خود ياوريءَ جي صفت، جا علحدن ماڻهن جي همت جهڙن
ڪمن ۾ ظاهر ٿيندي آهي، سا سڀ ڪنهن زماني ۾ انگريزن
جي چال جي مکيه خاصيت معلوم پئي ٿي آهي، جنهن مان
خبر پئجي سگهي ٿي ته اسان جي قوم جي سگهه سچي پچي
ڪيتري آهي. گهڻا ئي شخص هميشه اهڙا مشهور پئي ٿيا
آهن، ۽ عام خلق جي درجي کان مٿي چڙهي ويا آهن، جو
جهان اُنهن کي مان پئي ڏنو آهي، ۽ انهن جو حڪم پئي
مڃيو آهي. پر، اسان جي ترقيءَ جو سبب گهڻي ننڍي
درجي جا ۽ گهٽ مشهور ماڻهو به ٿيا آهن. ڪنهن وڏيءَ
جنگ جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ رڳو جنرل يا سپهه سالارن
جا نالا ڄاڻايل آهن، تڏهين به جيڪي فتحون ٿيون
آهن، سي گهڻو ڪري جدا جدا سپاهين جي همت ۽
مردانگيءَ جي ڪري ٿيون آهن. حياتي به هڪڙي سپاهين
واري لڙائي آهي، جنهن ۾ جيڪي ماڻهو صفن ۾ بيٺل
آهن، تن، سڀ ڪنهن سمي ۾، ڪمائتا پورهيا پئي ڪيا
آهن. ڪيترائي ماڻهو گمنام ٿي گذريا آهن، جن جي
حياتيءَ جو احوال لکڻ ۾ نه آيو آهي؛ مگر انهيءَ
هوندي به سڌاري ۽ ترقيءَ تي انهن جو اهڙو زور ڀريو
اثر رهيو آهي، جهڙو انهن زياده نصيب وارن وڏن ۽
مشهور ماڻهن جو، جن جو بيان تاريخن ۾ لکيل آهي.
تمام غريب ماڻهو، جو پنهنجن قوم- ڀائين کي محنت،
پرهيزگاريءَ ۽ دنيائي ڪمن ۾ ارادي جي سچائيءَ جو
مثال ٿي ڏيکاري ٿو، تنهن جو به سندس ملڪ جي سڌاري
۽ بهبوديءَ تي، هن وقت ۾ توڙي آئيندي زماني ۾، اثر
رهي ٿو؛ ڇا لاءِ جو هن جي چال ۽ حياتي بيخبريءَ ۾
ٻين جي حياتيءَ ۾ گڏجي وڃي ٿي، ۽ ايندڙ زماني جي
لاءِ هڪڙو چڱو مثال قائم ڪري ٿي.
روزمره جو آزمودو ڏيکاري ٿو ته اها جدا جدا ماڻهن
جي همت ۽ خاصيت آهي، جا ٻين جي حياتيءَ ۽ ڪوشش جو
تمام طاقت وارو اثر پيدا ڪري ٿي، ۽ في الحقيقت
هڪڙي تمام چڱي رواجي تعليم ٿئي ٿي. انهيءَ جي
مقابلي ۾، مڪتب ۽ مدرسا رڳو ڄڻ شروعات جي تعليم
ڏيڻ لاءِ آهن. تمام گهڻي اثر واري ته اُها حال چال
جي تعليم آهي، جا اسان جن گهرن ۽ گهٽين ۾، دوڪانن
۽ هنري ڪمن جي جاين تي، اڏاڻن ۽ هرن وٽ، صرافخانن
۽ ڪارخانن ۾، ماڻهن جي ميڙ ۽ گوڙ جي هنڌن تي،
ڏهاڙي ڏيڻ ۾ ٿي اچي. هيءَ اُها قومي شراڪت ۽ صحبت
لاءِ ڪامل تعليم آهي، جنهن کي ’شلر‘ صاحب
”انسانذات جي تعليم“ سڏيو هو، ۽ جا ڪم جي ڪوشش،
چال چلت، پاڻ سڌارڻ ۽ پاڻ روڪڻ جي گڻن مان جڙيل
آهي. انهيءَ مان ماڻهوءَ کي سچي تعليم ملي ٿي، ۽
هو حياتيءَ جي ڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح ادا ڪرڻ
جو لائق ٿئي ٿو. اها اهڙي قسم جي تعليم آهي، جا
نڪي ڪتابن مان حاصل ٿي سگهندي، ۽ نڪي علمي ورزش
مان هٿ اچي سگهندي. ’بيڪن‘ صاحب پنهنجي دستوري
وزندار عبارت ۾ چيو آهي ته ”ڪتاب پاڻ نٿا سيکارين
ته اسين ڪهڙي ڪم جا آهيون: اها ڏاهپ ۽ فضيلت ڪتابن
کان ٻاهر، ۽ انهن کان مٿي آهي، جا ڌيان ڏيڻ ۽ غور
ڪرڻ سان حاصل ٿي ٿئي.“ اهو قول جهڙو حياتيءَ جي
رواجي حالت بابت سچو آهي، تهڙو خود ذهن ۽ سمجهه جي
سڌاري بابت؛ ڇا لاءِ جو هر طرح جي آزمودي مان اهو
سبق صاف ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهو ڪتابن پڙهڻ سان پاڻ
کي اهڙو قابل نٿو ڪري، جهڙو استعمال ۽ ڪم ڪرڻ سان:
جيڪا ڳالهه انسانيت کي هميشه لاءِ لائق ڪري ٿي، سا
حياتيءَ جي هلت آهي، ۽ نه رڳي ڪتابي علميت؛ ڪم جي
ڪوشش آهي، نه رڳي علمي محنت؛ عادتي چال آهي، نه
رڳي حال جي لکيل تاريخ.
*
يعني، سڄيءَ قوم جي گڏ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي ڌار
ڌار؛ جنهن کي ”قومي“ ۽ ”شخصي“ خود ياوري به
چئي سگهبو.
|