نڙي واري ڄاريءَ جي ڪل اهڙي مشڪل ۽ مونجهاري جهڙي
آهي، جو ان جو بيان ڏيڻ ڏکيو آهي. حقيقت ڪري اُها
ڄاريدار ڪناريءَ جوڙڻ جي لاءِ تڪيي يا وهاڻي جهڙي
ڪل هئي، جنهن ۾ جهڙيءَ طرح ڪناري جوڙڻ واري جون
آڱريون وهاڻي تي ڪم ڪندي ڌاڳي جون گهنڊيون هڪٻئي ۾
اٽڪائينديون ۽ ٻڌنديون آهن، تهڙيءَ طرح هن ڪل ۾ به
ٿيندو هو. هٿ جي جڙيل ڄاريدار ڪناريءَ جي ٽڪر کي
اُکيلي، اُن جا جزا ڌار ڪري، ’هيٿ ڪوٽ‘ سهي ڪيو ته
اُن ۾ هڪڙا ڌاڳا ڊگها آهن، ۽ ٻيا پاسيرا. آزمودي
لاءِ، هن هيئن ڪيو جو هڪڙي ڪارچوب يا چؤنڪ تي
رواجي ڏوري جي ڌاڳن جي ڊگهي تاڃي ڪڍي ويو. تنهن
کان پوءِ، عام نڙن سان، اُنهن جي وچان پيٽي جا
ڌاڳا لنگهائي ويو، ۽ ٻئي پاسي کان وري ٻين نڙن جي
وسيلي اُهي ڌاڳا لنگهائي ويو؛ تنهن کانپوءِ، ڌاڳن
کي پاسيرو لوڏو ڏيئي ۽ وٽي، وري پاسي وارن ٻين
تاڃيءَ جي تندن جي وچان پٺتي لنگهائي آيو. ائين
ڪرڻ سان، جهڙيءَ طرح، وهاڻي تي هٿ سان ڪم ڪرڻ مهل
ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح گهنڊيون يا ڇلا ٻجهي هڪٻئي
۾ اٽڪي ويا. انهيءَ کان پوءِ هن کي اهڙي ڪل ڪڍڻي
ٿي، جا اهي سڀ نازڪ ۽ باريڪ حرڪتون ڪري سگهي؛ ۽
انهيءَ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي نهايت گهڻو دماغي
ڪشالو ڪڍڻو پيو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ، هن چيو ٿي
ته ”رڳو پيٽي وارن پاسيرن ڌاڳن کي ٺهرايل جاءِ تي
وٽ ڏيڻ اهڙو مشڪل هو، جو جيڪڏهن اُهو هينئر مون کي
ڪرڻو ٿئي، ته جيڪر ڪڏهن به ڪري نه سگهان.“ تنهن
کان پوءِ وري هو انهيءَ ڳالهه تي خيال ڪرڻ لڳو ته
ڌاتوءَ جون اهڙيون ڪي پَتليون ٽڪيون ڪل ۾ رکان، جي
نڙن وانگي تاڃيءَ منجها ڌاڳا آڻين ۽ نين. اِهي
ٽڪيون تاڃيءَ جي ٻنهي پاسي تجويز سان اٽڪائي رکي
ويو، جن کي هڪڙيءَ ڪل سان اهڙو چوريندو هو جو ڌاڳا
ٻنهي پاسي پيا ايندا ويندا هئا، ۽ ڄاريدار ڪناري
جڙندي ويندي هئي. نيٺ، پنهنجيءَ رٿ موجب، ڏاڍيءَ
اٽڪل ۽ هنر سان، انهيءَ ڪم ۾ فتحياب ٿيو. چوويهن
ورهين جي ڄمار ۾، هن اُها پنهنجي ڪل سرڪار ۾ داخل
ڪرائي، ان جي سند هٿ ڪئي.
انهيءَ عرصي ۾ سندس زال کي به ايترو فڪر ۽ انتظار
رهندو هو، جهڙو کيس رهندو هو، ڇا لاءِ جو هن کي
چڱيءَ طرح خبر هئي ته جيسين سندس مڙس اِنهيءَ ڪل
کي پوري بيهارڻ لاءِ پيو مٿو هڻندو، تيسين هن کي
گهڻيون مشڪلاتون ۽ هلاڪيون ڪڍڻيون ٿينديون. سندن
فتحيابيءَ کان گهڻا ورهيه پوءِ، هڪڙي ڏينهن شام جو
هنن جي وچ ۾ جا گفتگو هلي، سا چڱيءَ طرح سندن
يادگيريءَ ۾ رهندي آئي. زال انتظار مان پڇيس ته
”هيءَ ڪل هلندي؟“ مڙس غمگين ٿي جواب ڏنس ته ”نه،
مون کي لاچار وري اُنهيءَ کي اُکيلي پرزا پرزا ڌار
ڪرڻا پوندا.“ جيتوڻيڪ مڙس کي دل ۾ اُميد ۽ خوشي
گهڻي هئي، تڏهن به سندس زال ويچاريءَ کي ايترو ڏک
ٿيو، جو ويهي زار زار روئڻ لڳي. پر، هن کي اهو
ارمان رڳو ڪي ٿورا هفتا ڪڍڻو پيو، ڇاڪاڻ جو جنهن
مراد جي لاءِ هيترا ورهيه ’جان هيٿ ڪوٽ‘ ڪشالا پئي
ڪڍيا، ۽ جنهن جو هو سچو پچو حقدار هو، سا نيٺ هن
کي حاصل ٿي، ۽ جڏهن هن پنهنجيءَ ڪل سان جڙيل نڙي
واري ڄاريءَ جو ٽڪر پهريندي آڻي پنهنجيءَ زال کي
ڏنو، تڏهن هو فخر ۽ خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ماپي نٿي
سگهيو.
جهڙيءَ طرح گهڻو ڪري سڀني فائدي وارين نين ٺاهيل
ڪلن جي حالت ۾ ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح هن ڪل بابت
به تڪرار ۽ اعتراض اُٿيا ته ’هيٿ ڪوٽ‘ اُنهي جو
پهريون ڪڍڻ وارو يا اصل سند جو حقدار نه آهي. هن
جي دعوا ۽ سند رد سمجهي، ڪيترائي ڄاريدار ڪناريءَ
يا ليس جوڙڻ وارا، زور ڪري، پنهنجي منهن، ’هيٿ
ڪوٽ‘ واري نئين ڪل ڪم ۾ آڻڻ لڳا، ۽ هن جي ڪابه
پرواهه نه رکيائون. پاڻ ان ۾ نالي جا سڌارا يا
ڦيرگهير ڪري، نئين سر ان کي پنهنجي نالي سرڪار ۾
داخل ڪرائي، اُن جو سندون هٿ ڪيائون- رڳو جڏهن اهي
نين سند وارا پاڻ ۾ ڦٽا، ۽ هڪٻئي تي ڪورٽن ۾
دعوائون ۽ معاملا ڪرڻ لڳا، تڏهن ’هيٿ ڪوٽ‘ جو حق
ثابت ٿيو، ۽ هن جي دعوا سچي سمجهڻ ۾ آئي. هڪڙي ليس
جوڙيندڙ، ٻئي تي دعوا ڪئي ته هن سندس سند جو شرط
ڀڃي اها ڪل ڪم ۾ آندي آهي، تنهن تي جبوريءَ
مدعاعليه جي فائدي ۾ راءِ ڏني، ۽ جج به انهيءَ
راءِ سان شامل ٿيو- هن حجت تي، ته اهي ٻئي تڪرار
واريونڪلون خود ’هيٿ ڪوٽ‘ جي سند جي شرطن جي
برخلاف ڪم آنديون ويون آهن. اهو مقدمو، جنهن ۾
’بوول‘ مدعي هو ۽ ’مور‘ مدعا عليه هو، تنهن ۾
’سرجان ڪاپلي‘ جو پوءِ ’لارڊ لنڊ هرسٽ‘ ٿيو، سو
مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ کي فائدي ڏيارڻ جي لاءِ بچاءُ جي
طرفان وڪيل ڪيو ويو هو. اُهو هن ڄاريدار ڪناريءَ
جوڙڻ واريءَ ڪل جي اندرين بناوت معلوم ڪرڻ لاءِ،
اُها هلائڻ ۽ ڄاري ٺاهڻ سکيو. جڏهن مقدمي جا سڀ
ڪاغذ پڙهي رهيو، تڏهن قبول ڪيائين ته ”مون کي هن
مقدمي جي ماهيت جي پوري خبر پئجي نٿي سگهي، مگر
جڏهن ڏسان ٿو ته اهو مقدمو تمام وڏو آهي، تڏهن آءٌ
لاچار ٿي ٻهراڙيءَ ۾ هلان ٿو، ۽ هلي انهيءَ ڪل مان
واقف ٿيان ٿو. جڏهن اُنهيءَ جي مون کي پوري سمجهه
پوندي، تڏهن آءٌ حتي المقدور تنهنجي بچاءَ ڪرڻ ۾
ڪين گهٽائيندس“. اُن موجب هو اُنهيءَ رات ٽپال
واري گاڏيءَ ۾ چڙهي ناٽنگهام ويو، ۽ اتي پنهنجي
مقدمي جي اهڙي تياري ڪيائين، جنهن جهڙي اڳي ڪڏهن
ڪنهن وڪيل نه ڪئي هوندي. ڏينهن ٿيڻ سان هو ڄاريدار
ڪناريءَ جوڙڻ واريءَ جاءِ ۾ وڃي ويٺو، ۽ جيسين ڪ
پنهنجن هٿن سان ڪناريءَ جو ٽڪر نه جوڙيائين، ۽ ڪل
جي اندروني جزن ۽ پرزن جي مفصل ترتيب معلوم نه
ڪيائين، تيسين ٻاهر نه نڪتو. جڏهن مقدمي جي
شنوائيءَ جو ڏينهن ٿيو، تڏهين هو ڪورٽ ۾ ميز تي
اها ڪل اهڙي هنر ۽ اٽڪل سان هلائي سگهيو، ۽ ڪل جو
مفصل بيان اهڙيءَ چٽائيءَ سان ڏيئي ٿي سگهيو، جو
جهڙو جج تهڙو جيُوري تهڙا ٻيا تماشبين ماڻهو حيرت
۾ پئجي ويا. هن طرح جو هن پوريءَ سمجهه ۽
اُستاديءَ سان مقدمو هلايو، تنهن جو ڪورٽ تي تمام
گهڻو اثر ٿيو، ۽ فيصلو سندس فائدي ۾ ٿيو.
مقدمي پوري ٿيڻ کان پوءِ مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ جا جانچ
ڪئي، تنهن ۾ معلوم ٿيس ته سندس سند هٿ ڪرڻ کا پوءِ
سڄيون ڇهه سؤ ڪلون جاري ٿيون آهن. اُنهن سڀني جي
مالڪن تي هن قاعدي موجب محصول ٻڌو، جنهن مان هڪڙي
وڏي رقم وصول ٿيس. انهيءَ هوندي به، ڄاريدار
ڪناريءَ جي ڪارخانن وارن کي ايترو فائدو ٿيندو هو،
جو ڪلن جو تعداد وڌندو ويو، ۽ پيدا ٿيل مال جي
قيمت پنج پائونڊ في وال تان لهي، پنجويهين ورهين
جي عرصي ۾، اچي پنجن پينسن تي بيٺي. انهي ساڳيءَ
عرصي ۾ اُنهيءَ ڌنڌي جي سال ۾، سراسري پيدائش ٿوري
کان ٿوري به ته چاليهه لک پائونڊ ٿي، ۽ اٽڪل ڏيڍ
لک ماڻهو فائدي جهڙي مزوريءَ تي اُن ۾ مشغول رهيا.
هاڻي وري اسين مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ جي حياتيءَ جي باقي
احوال تي ٿا اچون. سال 1809ع ۾ هن ليسٽرشائر ۾
لفبرو شهر منجهه ليس يا ڄاريدار ڪناريءَ جو
ڪارخانو وڌو. ڪيترن ئي ورهين تائين هن اِهو ڌنڌو
چڱي ٺاهه ٺوهه سان هلايو؛ هزارن ماڻهن کي پورهيو
پيدا ڪري ڏنائين، ۽ ڪمائيءَ ۾ هر ڪنهن مزور کي
هفتي ۾ پنجن پينسن کان ڏهن پينسن تائين مزوري
ڏنائين. نين ڪلن نڪرڻ ڪري جو ليس ٺاهڻ ۾ ڪم ڪندڙن
جو تعداد گهڻو وڌي ويو، تنهنڪري مزورن ۾ اها چؤپچؤ
ٿيڻ لڳي ته اسان لاءِ پورهيو گهٽبو وڃي ۽ اسان جي
پورت ئي ڪانه ٿي ٿئي؛ انهيءَ ڪري هنن گڏجي پاڻ ۾
اهو منصوبو ڪيو ته جتي ڪٿي ڪا ڪل لڀي، اُتي ان کي
ڀڃي ناس ڪري ڇڏيون. 1811ع کان وٺي، ناٽنگهام شائر
جي ڏکڻ الهندي وارن ڀاڱن ۾ توڙي ڊربي سائر ۽ ليسٽر
شائر جي پاسي وارن ڀاڱن ۾، ڄاريءَ ۽ جورابن جي
ڪارخانن ۾ مالڪ ۽ مزورن جي وچ ۾ تڪرار شروع ٿيڻ
لڳا. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو آشفيلڊ ۾ اسٽن وٽ
ڳچ جيترا ماڻهو، گوڙ ۽ هنگامو ڪري، ڏينهن ڏٺي جو
جورابن ۽ ڄاريدار ڪناريءَ جي ڪارخانن جون ڪلون ڀڃڻ
نڪتا. انهن جا جيڪي مهندار هئا، تن مان ڪي جهلجي
سزاياب ٿيا، تڏهن مس هن ڪي سنڀاليو؛ پر انهيءَ
هوندي به جڏهن هنن کي چڱو وجهه پيو ملندو هو، تڏهن
لڪچوريءَ ڪلون پيا ڀڃندا هئا. هڪڙو ته ڪلون اهڙيون
نازڪ جڙيل هيون، جو مطرقي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان خراب
۽ نڪميون ٿي پونديون هيون؛ ۽ ٻيو ته اڪثر انهن جو
ڪارخانو جدا جدا خانگي جاين ۾ شهرن کان پري هلندو
هو، تنهنڪري اُنهن شرارتي ماڻهن کي انهن جي ڀڃي
زيان ڪرڻ جا وجهه گهڻا ملندا هئا. ناٽنگهام ته
انهيءَ فساد جو وچ هو- اُن جي آسپاس انهن ڪلن
ڀڃندڙن پنهنجون سچيون پچيون جماعتون کڻي ٺاهيون،
جي رات جو گڏ ٿينديون هيون، ۽ انهن ۾ فساد جون
رٿون رٿبيون هيون. خلق کي ڊيڄارڻ ۽ ڏکي ۾ رکڻ لاءِ
هنن ظاهر ڪيو ته اسين هڪڙي مهندار جي هٿ هيٺ
آهيون، جنهن کي ’نيڊلڊ‘ يا ’جنرل لڊ‘ سڏيندا هئا،
۽ انهيءَ ڪري هنن کي ’لڊائيس‘ يا ’لڊائي‘ جو نالو
پئجي ويو. هن بندوبست سان ڪلن ڀڃڻ جو ڪم سال 1811ع
جي سڄي سياري ۾ ڏاڍي زور شور سان هليو، جنهن مان
گهڻي قدر نقصان ۽ اهنج پيدا ٿيو، ۽ هزارين پورهيت
ماڻهو بيڪار ٿي ويهي رهيا. انهيءَ وچ ۾، ڪلن جي
مالڪن پنهنجو سامان ٻهراڙيءَ جي اڪيلين جاين ۽
ڳوٺن ما کڻي آڻي شهرن جي گدامن ۽ سرائن ۾ رکيو-
انهيءَ لاءِ ته اُنهن جو بچاءُ ٿئي.
جيڪي فسادي جهلجي پيا هئا، ۽ مقدمن هيٺ آيا هئا،
تن کي جا هلڪي سزا ملي هئي، انهيءَ ڪري هن ’لڊائي‘
لشڪر کي پاڻ شايد همت آئي؛ ۽ سگهوئي هنن کي نئين
سر مستي جاڳي، ۽ اُتر ۽ وچ وارن ضلعن ۾ جتي
ڪارخانا هئا، اوستائين هي فساد ڪاهي پيو. هاڻ ته
پاڻ اڳي کان به زياده مخفي بندوبست ڪرڻ لڳا: جيڪي
انهيءَ جماعت ۾ شامل هئا، تن سڀني قسم کڻي پاڻ ۾
پڪو انجام ڪيو ته جيڪو حڪم جماعت جا مهندار جاري
ڪندا، اهو بجا آڻينداسين. اهڙو به ٺهراءُ ٿيو ته
جيڪو ٺهرايل ڳالهيون ۽ رٿون ظاهر ڪندو، تنهن کي
موت جي سزا ڏبي. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪي به
ڪلون سوٽي ڪپڙي يا سڻيءَ جي ڪپڙي يا ڄاريءَ ۾ ڪم
اچن ٿيون، سي سڀ ڀڃي چٽ ڪجن. پوءِ ته اچي زور
زبردستي شروع ٿي، جا ڪي ورهيه پئي هلي. يارڪشائر ۽
لئنڪشائر ۾ اهي فسادي ماڻهو هٿيارن سان ڪارخانن ۾
زور ڪري ڪاهي پيا. ڪي ڀڳائون، ۽ ڪي باهه ڏيئي
ساڙيائون- اهڙو اچي حال ٿيو، جو اُنهن جي بچاءُ
لاءِ جنگي ۽ شهري سپاهي آڻي بيهارڻ جو ضرور ٿيو.
ڪارخانن جي مالڪن کي مارڻ جي اچي پٺيان پيا، جن
مان گهڻن کي مارڪٽ ڪيائون، ۽ ڪن کي ماري به
وڌائون. نيٺ قاعدي جي سخت تعميل ٿيڻ لڳي- گهڻائي
فسادي ماڻهو پڪڙجي پيا، ۽ ڪن کي ڦاسي آئي. تنهن
کانپوءِ ڪيترائي ورهيه اهو زلزلو پئي هليو. مس مس
اهي ڪلن ڀڃڻ جا دنگا وڃي بند ٿيا.
جن بيشمار ڪارخانن وارن ماڻهن جا زيان هنن شرارتي
’لڊائن‘ جي هٿان ٿيا، تن مان هڪڙو نَڙي واري
ڄاريدار ڪناريءَ جي ڪل ڪڍڻ وارو به هو. سال 1861ع
جي اونهاري ۾، هڪڙي ڏينهن، سج بيٺي، فسادين جي
هڪڙي ٽولي لفبرو ۾ مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ جي ڪارخاني ۾
مشعل کڻي ڪاهي آئي، ۽ اچي اُن کي باهه ڏنائين.
ستٽيهه ڄاريدار ڪناريءَ جون ڪلو ناس ٿيون، ۽ ڏهن
هزارن پائونڊن کان به وڌيڪ مال ساڙي ڇڏيائون. انهن
مان ڏهه فسادي هن ڌاڙي ۾ پڪڙيا، ۽ اٺن کي ڦاسي
آئي. مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ انهن فسادين واري سڄي تعلقي
تي انهيءَ نقصان جي عيوضي لاءِ دعوا ڪئي، پر
انهيءَ تي قاعدي جو اعتراض اُٿيو. نيٺ ملڪه معظمه
جي خاص ڪورٽ سندس فائدي ۾ فيصلو ڪيو، ۽ حڪم جاري
ٿيو ته اهو جيڪو ڏهن هزارن پائونڊن جو نقصان ٿيو
آهي، سو انهيءَ تعلقي کي ڀري ڏيڻ گهرجي. فيصلي ڪرڻ
وارن جي مرضي هئي ته اهو شرط به انهيءَ فيصلي سان
شامل ڪن ته مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ اهي پيسا وري ليسٽر جي
تعلقي ۾ خرچيندو؛ پر هن هيءَ ڳالهه قبول نه ڪئي،
جو هن اڳي ئي پنهنجو ڪارخانو ٻئي هنڌ نيئي هلائڻ
لاءِ ٺهراءُ ڪيو هو. ڊيوهانشائر جي ٽو هرٽي شهر ۾
هن هڪڙي وڏي عمارت هٿ ڪئي، جتي هو اڳي پشم جو
ڪارخانو هلائيندو هو. جڏهن اُتي جي ڪپڙي جو ڌنڌو
بند ٿي ويو، تڏهن اها جاءِ خالي ٿي پيئي رهي، ۽
خود شهر به گهڻو ڪري ڪنگالپڻ جي حالت ۾ هو. مسٽر
’هيٿ ڪوٽ‘ اها پراڻي ڪارخاني واري جاءِ خريد ڪئي،
۽ انهيءَ جي نئين سر مرمت ڪرائي، اُن کي وڌائي،
اُتي اڳي کان به وڏو ڪارخانو ڄاريدار ڪناريءَ يا
ليس جو وري شروع ڪيائين، جنهن ۾ سڄيون ٽي سؤ ڪلون
برابر هلڻ لڳيون، ۽ تمام گهڻا ڪاريگر چڱيءَ مزوري
يا اُجوري تي ڪمائڻ لڳا. هن نه رڳو ليس يا ڪناريءَ
جو ڪارخانو جاري ڪيو، پر اُن سان لاڳاپي رکندر
ڪيترن ئي ڪمن جون شاخون جاري ڪيائين. جهڙوڪ سٽ
وٽڻ، ريشم ڪتڻ، ڄاري جوڙڻ، ۽ آخرين صفائي ڏيڻ. هن
ٽوهرٽن ۾ ڪچي لوهه پگهارڻ ۽ سانچن ۾ وجهڻ توڙي پوک
جي اوزارن جوڙڻ جو ڪارخانو به جاري ڪيو، جنهن مان
انهيءَ ضلعي جي ماڻهن جو گهڻو سک ٿي پيو. هو اڪثر
اِهو خيال پيو پچائيندو هو ته ٻاڦ جي سگهه سان
دنيا جا سڀ هلاڪيءَ جهڙا ڳرا ڪم ڪجن، ۽ ڏينهن جا
ڏينهن ٻاڦ جي هَر ڪڍڻ لاءِ مٿا پئي هنيائين. سنه
1832ع ۾ هن اهو هَرُ اهڙو آڻي تيار ڪيو، جو اُهو
سرڪار ۾ داخل ڪرائي ان جي لاءِ سند ورتائين.
جيتوڻيڪ ’هيٿ ڪوٽ‘ واري ٻاڦ جي هَر کان پوءِ
’فائولر‘ جو هَرُ عام رواج ۾ اچي ويو، تڏهن به
اُنهيءَ وقت تائين جيڪي انهيءَ قسم جا ڪل وارا هَر
نڪتا هئا، تن سڀني ۾ اهو تمام عمدو سمجهيل هو.
مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ هڪڙو وڏو ذاتي عقل ۽ طبيعي لياقت
وارو انسان هو. هن جي سمجهه سالم هئي، هن جو ذهن
تمام تيز هو، ۽ هن جي طبع جي چالاڪي وڏن ڪمن ڪرڻ
جي لائق هئي؛ انهن خاصيتن سان گڏ وري منجهس سچائي،
ايمانداري ۽ راست بازي هئي: اهي لياقتون اهڙيون
آهن، جن تي انسانذات فخر ڪري. هن پاڻ کي پاڻيهي
محنت ڪري تعليم ڏني هئي، تنهنڪري جيڪي جوان جوان
لائق ماڻهو وٽس ڪمائيندا هئا، تن کي گهڻي ترغيب
ڏيندو هو، هنن جي هوشياريءَ کي همتائيندو هو، ۽
هنن جي همت ۽ مردانگيءَ کي سنڀاليندو هو. پنهنجي
مشغوليءَ جي ڏينهن ۾ به هو، تجويز سان وقت بچائي،
فرينچ ۽ اِٽالين ٻولين مان چڱيءَ طرح واقف ٿيو، ۽
انهن جو پورو علم حاصل ڪيائين. هن ايترا چڱا ۽
عمدا ڪتاب خيال سان پڙهيا هئا، جو سندس مغز علم جي
مائي سان ڀريو پيو هو، ۽ اهڙو ڪو مضمون ئي ڪونه
هوندو، جنهن بابت هن اڳي ئي ويچار ڪري پوري ۽ انهي
راءِ دل ۾ نه ٺهرائي هوندي. جيڪي ٻه هزار ماڻهو
وٽس ڪمائيندا هئا، سي هن کي ابو ڄاڻندا هئا، ۽ هو
سعيو ڪري، هنن جي سک ۽ سڌاري جو بندوبست ڪندو هو.
بخت لڳڻ ڪري هو کري نه پيو، جيئن گهڻن جو حال
ٿيندو آهي؛ نڪي سندس دل غريبن ۽ پورهيتن جي حقن
کان غافل ۽ تنگ رهندي هئي، جو هنن کي هميشه سندس
همدرديءَ ۽ مدد جي پڪ هوندي هئي. سندس ڪارخاني ۾
ڪمائيندڙ ماڻهن جي تعليم لاءِ هن اٽڪل ڇهه هزار
پائونڊ خرچ ڪري مڪتب جوڙايا. هو طبيعت جو نهايت
خوش مزاج ۽ کلڻو هو، جهنڪري هر قسم ۽ هر درجي جا
ماڻهو کيس گهرندا هئا؛ ۽ جيڪي سندس پورا واقف هئا،
سي پيار ڪندا هوس ۽ ساراهيندا هوس.
1831ع ۾ ٽوهرٽن جي چونڊ ڪندڙن، پنهنجي پاران، مسٽر
’هيٿ ڪوٽ‘ کي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊي موڪليو؛
ڇا لاءِ جو انهيءَ شهر جي لاءِ هن سچي پچي
خيرخواهي ڏيکاري هئي. اها ميمبري هن اٽڪل ٽيهه
ورهيه برابر ڪمائي. انهيءَ عرصي ۾ گهڻي تائين ته
’لارڊ پالمرسٽن‘ سندس رفيق هوندو هو، جنهن ڪيترائي
ڀيرا عام مجلس ۾ انهيءَ پنهنجي شريف ۽ معزز دوست
جي تعريف ڪئي، ۽ ساک ڀري. سال 1859ع ۾ هن
پارليامينٽ جي ميمبري ڇڏي، جو پير مرد ٿي ويو هو ۽
بيماري وڌندي ٿي ويس. انهيءَ وقت سندس ڪارخاني ۾
ڪمائيندر ماڻهن، تيرهن سون ڄڻن، گڏجي چندو ڪري،
يادگيريءَ جي نشانيءَ لاءِ، هن کي هڪڙي چانديءَ جي
مس ۽ سون جو قلم ڏنو. اهو آرام هن ٻه ورهيه مس
ڀوڳيو، جو 1861ع جي جنوري مهيني ۾، ستهتر ورهين جي
ڄمار ۾، هو مري ويو. هو سچائيءَ، نيڪيءَ،
مردانگيءَ ۽ هنرمنديءَ جي ناموس ڇڏي ويو، جنهن تي
سندس اولاد کي فخر ڪرڻ لاءِ واجبي سبب آهي.
هاڻي اسين اصل هڪڙي ٻئي قسم جي حياتيءَ جو احوال
ڏيون ٿا: اُهو مشهور پر ڪم نصيب ’جئڪارڊ‘ جو احوال
آهي، جنهن مان پڻ ثابت ٿئي ٿو، ته ذاتي عقل ۽ هوش
وارن ماڻهن جو قوم جي ڪسبن ۽ ڌنڌن تي ڪيترو نه اثر
ٿو ٿئي. ’جئڪارڊ‘ جا پيءُ- ماءُ لائنس شهر ۾ محنت
ڪندڙ ماڻهو هئا. سندس پيءُ ڪوري هو، ۽ سندس ماءُ
ڪارخانن ۾ نمونن جا نسخا پڙهي ٻڌائيندي هئي. اهي
بلڪل ڪنگال هوندا هئا، تنهنڪري هن پنهنجي پٽ کي
رڳو نالي جي ڪا تعليم ڏني. جڏهن ’جئڪارڊ‘ وڏيرو
ٿيو ۽ ڪمائڻ جهڙو ٿيو، تڏهن سندس پيءُ هن کي هڪڙي
جلدن ٻڌڻ واري وٽ کڻي رکيو. هڪڙو ٻڍو ڪلارڪ يا
محرر، جو انهيءَ جلد بند جو حساب لکندو هو، تنهن
’جئڪارڊ‘ کي انگي حساب جا ڪي سبق سيکاريا. سگهوئي
هيءُ ڇوڪر هنر ۽ ڪاريگريءَ جو ذهن ظاهر ڪرڻ لڳو، ۽
هن ڪي اهڙيون حرفتون ۽ اٽڪل بازيون ڪري ڏيکاريون،
جن هن ٻڍي ڪلارڪ کي حيران ڪري ڇڏيو. هن ’جئڪارڊ‘
جي پيءُ کي صلاح ڏني ته پُٽ کي جلد بنديءَ جي
بدران ڪنهن اهڙي ڌنڌي ۾ وجهي، جنهن لاءِ هن کي
طبيعي ميل ۽ لياقت هجي؛ تنهنڪري ’جئڪارڊ‘ کي کي
هڪڙي ڪپن ٺاهڻ واري لوهار وٽ وهاريائون. پر هن
ساڻس اهڙي سختيءَ جي هلت ڪئي، جو سگهوئي پوءِ هو
اهو ڪم ڇڏي ڀڄي ويو؛ پوءِ کڻي ٽائيپ يعني ڇاپ جي
لوهي اکرن ٺاهڻ واري وٽ وهاريائونس.
جڏهن ’جئڪارڊ‘ جا ماءُ- پيءُ مري ويا، تڏهن هن
لاچار وڃي پنهنجي پيءُ جا ٻه آڏاڻا وسايا ۽ ڪورڪو
ڪم ڪرڻ لڳو. ستت ئي هو پنهنجا آڏاڻا سڌارڻ لڳو، ۽
انهيءَ خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويو جو پنهنجو ڪم ئي
وسري ويس، ۽ سگهوئي جيڪي هوس سو کائي پي مفلس ٿي
ويهي رهيو. پوءِ ته آڏاڻا به وڪڻي قرض لاٿائين، ۽
ساڳئي وقت ۾ زال پرڻيائين، تنهنجو به مٿس بار پيو؛
انهيءَ ڪري پاڻ زياده مفلس ٿي ويو، ۽ قرضخواهن جي
دانهن لاهڻ لاءِ هن پنهنجو گهر به وڪڻي ڇڏيو. هن
گهڻو ئي مٿو هنيو ته ڪو ڪم ملي، پر ماڻهن سمجهيو
ٿي ته هي ڪو سست ٽوٽي آهي، جو رڳو پنهنجي نئين هنر
ڪڍڻ لاءِ اجايا خِيال پيو پچائي، تنهنڪري ڪوبه ڪم
نه ڏيندا هوس. نيٺ برليس شهر جي هڪڙي ڏوريءَ ٺاهڻ
واري وٽ وڃي نوڪر بيٺو. سندس زال لائنس ۾ ئي رهي،
جتي هوءَ ڪکن جون ٽوپيون ٺاهي جهڙو تهڙو گذران
ڪندي هئي.
ڪن ورهين تائين ته وري ’جئڪارڊ‘ جو نالو ئي ٻڌڻ ۾
ڪونه آيو، پر ڀانئجي ٿو ته انهيءَ وچ ۾ هن گلن
ٻوٽن واري ڪپڙي اُڻڻ ۾ سڌاري جي تجويز نيٺ ڳولي
ڪڍي؛ ڇا لاءِ جو هن اها رٿ ڪڍي ته پنهنجي مرضيءَ
جي پٺيان پيٽي جون تندون وجهجن. آڏاڻي ۾ انهيءَ
تجويز شامل ڪرڻ ڪري، مدد لاءِ جيڪو ڇوڪر رکيو هو،
تنهن جي گهرج نڪري ويئي. ماڻهوءَ هي ڪل ڪم آڻڻ
لڳا، پر آهستي آهستي ڪري. شروع کان وٺي ڏهن ورهين
جي اندر، لائنس ۾ چار هزار ڪلون هلنديون ڏسڻ ۾
آيون. ’جئڪارڊ‘ جي ڌنڌي ۾، فرانس جي ملڪي فساد پوڻ
ڪري، اوچتي اٽڪ ٿي ۽ ڪم بند ٿي ويو؛ ۽ 1972ع ۾ هو
پاڻ، لائنس جي شهري لشڪر جي صف ۾، ڊيوبواز ڪرانسي
جي سپهه سالاريءَ هيٺ، فسادي ميڙ جي لشڪر سان پئي
وڙهيو. آخر اهو شهر دشمنن وٺي وڌو، ۽ ’جئڪارڊ‘ ڀڄي
اچي ’رهائن‘ واري لشڪر سان شامل ٿيو، جتي هو چڙهي
اچي سارجنٽ يا ننڍي عملدار جي درجي کي پهتو. هو
اها جنگي کاتي جي نوڪري ڪڏهن نه ڇڏي ها، پر جيڪو
هڪڙو پٽ هوس، سو جڏهن پاسي ۾ گوليءَ لڳڻ جي ڪري
مري پيو، تڏهن هو اُتان ڀڄي نڪتو، ۽ پنهنجيءَ زال
کي هٿ ڪرڻ لاءِ، لائنس ۾ موٽي آيو. انهيءَ کي ڳولي
زمين جي اندر واريءَ هڪڙيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي لڌائي،
جتي هن اڃا تائين پنهنجو اڳوڻو ڪکن جي ٽوپين جوڙڻ
وارو ڌنڌو پئي ڪيو. جڏهن اتي هو ڪنڊ پاسي ۾
پنهنجيءَ زال سان گڏ پئي رهيو، تڏهن جن ڪلن ۽
سڌاري جي اٽڪلن ڪڍڻ تي هن اڳي ورهين جا ورهيه خيال
پئي پچايا، سي موٽي دل ۾ اچڻ لڳس؛ پر انهن جي پوري
ڪرڻ لاءِ ڪوبه اُپاءُ ڪونه هوس. ايترو سو ٿيو، جو
’جئڪارڊ‘ ضرور سمجهيو ته هن لِڪڻ جي جاءِ کان نڪري
ٻاهر ٿيان، ۽ ڪوشش ڪري ڪا نوڪري يا مشغولي هٿ
ڪريان. نيٺ هن هڪڙي عقلمند ڪارخاني واري وٽ نوڪري
هٿ ڪئي، جتي ڏينهن جو هو ڪم ڪندو هو، پر رات جو
نئين ڪل ڪڍڻ لاءِ مٿا پيو هڻندو هو. هن جي خيال ۾
اچي ويو ته گلڻ چٽن وارن ڪپڙن جوڙڻ جي آڏاڻن ۾
گهڻائي سڌارا ڪري سگهجن ٿا. هڪڙي ڏينهن، ڳالهين
ڪندي، هن انهيءَ ڪارخاي واري سان اهو ذڪر چوريو، ۽
چوڻ لڳس ته مون کي افسوس آهي جو انهن سڌاري جي
خيالن پورن ڪرڻ لاءِ مو کي وسعت ڪانهي، نه ته جيڪو
گهڻوئي ڪي ڪريان. اها خوش نصيبيءَ جي ڳالهه ٿي، جو
هن شخص کي سندس خيال پسند آيا، ۽ وڏيءَ دل سان هن
کيس ڳچ جيترا پيسا ڏا ته ڀلي فرصت جي وقت ۾ هو
پنهنجا رٿيل سڌارا ڪندو رهي. |