ٽن مهين جي عرصي ۾ ’جئڪارڊ‘ هڪڙي آڏاڻي جي ڪل ڪڍي،
جنهن جي هلائڻ ڪري ماڻهو ڪوريءَ جي ٿڪائيندڙ ۽
هلاڪيءَ جهڙيءَ محنت کا ڇٽيو ٿي پيو. اها ڪل،
1801ع ۾، پيرسن جي وڏيءَ قومي نمائش ۾ ڏيکاري
ويئي، جتي هن کي ڪٽ جو تغمو يا ٻلو انعام مليو.
تنهن کانسواءِ ’جئڪارڊ‘ کي لائنس ۾ وزير ’ڪارناٿ‘
جي ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو، جو فقط سندس ڪل جي
فتحيابيءَ لاءِ کيس مبارڪ ڏيڻ واسطي وٽس آيو هو.
ٻئي سال ۾، لنڊن جي هنري جماعت، مڇيءَ مارڻ جي ڄار
۽ جهازن جي تخت تي وڇائڻ لاءِ ڄار جهڙي فرش ٺاهڻ
جي ڪل ڪڍڻ واسطي انعام آڇيو. اهو اشتهار ’جئڪارڊ‘
ٻڌو هو. هڪڙي ڏينهن، هميسه جي عادت موجب ٻنين ۾
گهمندي، اهو خيال هن جي دل ۾ آيو، ۽ ويچار ڪري
انهيءَ ڪم جي ڪل جي هڪڙي تجويز ڪڍيائين. سندس
دوست، ڪارخاني واري، وري به کيس پنهنجيءَ تجويز
پوري ڪرڻ لاءِ پيسي جي مدد ڏني، ۽ ’جئڪارڊ‘ ٽن
هفتن جي اندر پنهنجي ڪل ڪڍي ظاهر ڪئي.
جڏهن ’جئڪارڊ‘ جي هن ڪمائيءَ جي خبر انهيءَ کاتي
جي وڏي عملدار کي پهتي، تڏهن هن کيس گهرائي ان
بابت کانئس احوال پڇيو. انهيءَ ڪل بابت سندس بيان
ٻڌڻ کان پوءِ، هن عملدار ان بابت فرانس جي شهنشاهه
کي رپورٽ موڪلي سگهوئي ’جئڪارڊ‘ کي پيرس ۾ سڏ ٿيو،
۽ هو پنهنجي ڪل کڻي شهنشاهه جي حضور ۾ آيو، جتي
سندس لياقت آهر گهڻو مان مليس. اها ملاقات ٻه ڪلاڪ
هلي؛ ۽ انهيءَ عرصي ۾، شهنشاهه جي مروت ۽ خوش
خُلقي ڏسي، هن کيس آرام سان چٽن وارن ڪپڙن جي
آڏاڻن ۾ جيڪي سڌارا رٿيا هئائين، سي مفصل بيان ڪري
ٻڌايا. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو هن کي هنرن جي
آزمائش واريءَ سرڪاري عمارت ۾ ڪي ڪوٺيون مليون-
انهيءَ لاءِ، ته هو اُتي رهي سرڪاري ڪارخاني جا
اوزار ۽ ٻيون شيون ڪم آڻي- ۽ گذران لاءِ مناسب
پگهار به مليس.
سرڪاري ڪارخاني ۾ جاءِ وٺڻ کانپوءِ، ’جئڪارڊ‘
پنهنجي سڌريل آڏاڻي جي سڀني ڀاڱن ۽ جزن کي پورو
ڪرڻ لڳو. انهيءَ انساني عقلمندي ۽ هنرمنديءَ جي
گنج ۾ جيڪي عجيب غريب ڪلون رکيل هيون، تن جي باريڪ
بينيءَ سان ڏسڻ ۽ چڪاسڻ جو هن کي چڱو وجهه مليو.
جن ڪلن اتي هن جو خاص ڌيان ڇڪيو، ۽ کيس پنهنجي
رٿيل ڪل جي رستي تي پورو آڻي بيهاريو، تن مان هڪڙي
ٻوٽيدار پَٽ جي ڪپڙي اُڻڻ جي ڪل هئي، جا مشهور ڪل
ساز ’وهاڪانسن‘ جي جڙيل هئي.
’وهاڪانسن‘ هڪڙو ڏاڍو اٽڪل ۽ تجويز وارو ماڻهو هو.
هن ۾ نون هنر ۽ ڪلن ڪڍڻ جو طبيعي عقل ۽ شوق اهڙو
زور هو، جو حد کان ٻاهر. اهو پهاڪو ته ”شاعر ڄمندو
آهي، بنائبو ناهي“، سو نَون هنرن ڪڍڻ واري سان به
پوريءَ طرح لاڳو ٿئي ٿو، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ هو
شاعر وانگي تعليم ۽ چڱن وجهن جو محتاج آهي، تڏهن
به هو، رڳو ذاتي عقل جي زور تي، پنهنجيءَ طبيعت کي
خوش رکڻ لاءِ، نيون نيون اٽڪلون ۽ ڪلون پيو ڪڍندو
آهي، ۽ هڪڙي کي ٻين سان گڏ ڪري، منجهانئن وري ٽيون
پيو ٺاهيندو آهي. ’وهاڪانسن‘ ته خاص ائين ڪندو هو؛
ڇالاءِ جو هن جون مشڪل مشڪل ڪلون جهڙو اندروني
عجيب بناوت ۽ ڪاريگريءَ جي ڪري مشهور هيون، اهڙو
ڪمائتي هئڻ جي ڪري نه هيون. ننڍي هوندي، جڏهن ماءُ
سان گڏجي آچر آچر جي ڏينهن مذهبي گفتگو ٻڌڻ لاءِ
ويندو هو، تڏهن وچ وارن پردن جي چِڪن منجهان پاسي
واريءَ جاءِ ۾ جو وڏو گهڙيال پيو هلندو هو، تنهنجو
چُرڻ ويهي ڏسندو هو. هو ڪوشش ڪري سمجهندو هو ته
اهو گهڙيال ڪيئن ٿو هلي- ۽ انهيءَ ڳالهه تي ويچار
ڪري، ڪيترن مهينن کان پوءِ، گهڙي جي ڪمانچي جو
اصول ڳولي ڪڍيائين.
انهيءَ وقت کان وٺي، ڪلن ڪڍڻ جو خيال ۽ حرص اچي
مغز ۾ ويٺس. ڄٽڪا اوزار جوڙي، انهن سان ڪاٺ جو
هڪڙو گهڙيال جوڙيائين، جو بجا بلڪل پورا ڏيکاريندو
هو؛ هڪڙي ننڍڙيءَ ديول جي لاءِ ڪي ملائڪن جون
مورتون جوڙيائين، جي پنهنجا پره پيا چوريندا هئا،
۽ ڪي پادريءَ جون مورتون جوڙيائين، جي مذهبي دستور
موجب پيا چرندا پرندا هئا. ڪي ٻيون به اهڙيون
پاڻيهي چرڻ واريون شيون رٿيون هئائين، تن جي جوڙڻ
لاءِ هو علم تشريح بدن ۽ علم موسيقي ۽ علم جرثقيل
پڙهڻ لڳو، جنهن ۾ ڪي ورهيه لڳي ويس. ’ٽيلوئلريز‘
جي باغ ۾ جا بانسريءَ وڄائڻ واري مورت رکيل آهي،
سا ڏسي، هن کي دل ۾ آيو ته آءٌ به ڪا اهڙي ڪل جي
مورت جوڙيان، جا پاڻيهي پيئي بانسري وڄائي. آخر،
ڪيترن ورهين جي مطالعي ۽ محنت کان پوءِ، مرض جي
گرفتاريءَ ۾ به، نيٺ هن مٿا هڻي پنهنجو مطلب پورو
ڪيو. انهيءَ کان پوءِ وري الگوزي وڄائڻ واري جي
مورت جوڙيائين؛ تنهن کان پوءِ وري تمام عجيب صنعت
واري بدڪ ٺاهيائين، جا جيئرين بدڪن وانگي پاڻي ۾
پئي تري ۽ کنڀ هنيائين ۽ ٽٻيون ڏنائين ۽ آواز
ڪيائين؛ انهيءَ کانپوءِ وري هڪڙو ننڍڙو سپ
جوڙيائين، جو قلوپطرا جي غم واري ناٽڪ ۾ ڪم آڻيندا
هئا، ۽ اهو سوسٽ ڪري ناٽڪ واريءَ زال جي ڇاتيءَ تي
ڪاهي ايندو هو. ’وهاڪانسن‘، ايتري هوندي به، رڳو
اهي راند جون ڪلون نه پيو جوڙيندو هو. سندس طبيعي
سمجهه ۽ چالاڪيءَ جي ڪري، ’ڪارڊينل ڊي فليُوري‘ هن
کي فرانس جي سڀني ريشمي ڪارخانن جو انسپيڪٽر يا
ناظر مقرر ڪيو. دخل ڪار ٿيڻ شرط، پنهنجي هميشه
واري ذاتي عقل ۽ حرفت جي اشاري تي، ريشم جي ڪلن ۾
سڌارا ڪرڻ لڳو. انهن مان هڪڙي هئي اڇلائي ڇڏيل پٽ
جي صاف ڪرڻ جي ڪل، جنهن جي ڪري لائنس جا مزور اچي
ڊپ ۾ پيا ته اسان جو پورهيو ٿو بند ٿئي، تنهنڪري
هن تي اهڙو ڪاوڙيا جو مٿس پهڻن جا وسڪارا ڪرڻ لڳا،
۽ ذري گهٽ ماري وڌائونس. انهيءَ هوندي به هن
پنهنجو هنر پئي هلايو، ستت ئي ٻوٽيدار ريشم اُڻڻ
جي ڪل ڪڍيائين، جنهن ۾ اها تجويز رکيل هئي ته تند
کي اهڙو لسو ڪندي هئي، جو سڀڪا ناڙي ۽ سڀڪو نڙو
ٿلهائيءَ ۾ هڪ جيڏو ٿيندو هو.
جڏهن، 1782ع ۾، ’وهاڪانسن‘ گهڻا ڏينهن بيمار رهي
مري ويو، تڏهن هن وصيعت ڪري پنهنجون سڀ ڪلون
راڻيءَ کي ڏيئي ڇڏيون؛ پر ڀائنجي ٿو ته راڻيءَ جو
انهن تي گهڻو خيال نه هو، تنهنڪري سگهوئي اهي هيڏي
هوڏي رلي ويئون. ٻوٽيدار ريشمي ڪپڙي اُڻڻ واري
جيڪا سندس ڪل هئي، سا حسن اتفاق جي ڪري هنرن جي
آزمائش واريءَ سرڪاري عبارت ۾ رهجي ويئي هئي، جتي
ٻين عجيب غريب شين سان گڏ ’جئڪارڊ‘ جي نظر چڙهي.
اها هن کي تمام ڪمائتي ٿي، ڇا لاءِ جو انهيءَ کي
ڏسي هن يڪدم پنهنجي سڌريل آڏاڻي ۾ ضروري ڦيرڦار ۽
سڌارو ڪيو.
’وهاڪانسن‘ واريءَ ڪل جي هڪڙي مکيه خاصيت هيءَ هئي
ته ان ۾ هڪڙو سوراخدار ويلڻ رکيل هو، جو ڦرڻ مهل
جهڙيءَ طرح جا سوراخ ظاهر ڪندو هو، اهڙيءَ طرح ڪي
خاص سيُون يا سرايون چرنديون هيون، جنهن ڪي تاڃيءَ
جون تندون اهڙي دستور ور کائي پکڙي وينديون هيون،
جو ٺهرايل نموني موجب چٽ يا گلٻوٽو نڪرندو ايندو
هو- اگرچه ننڍڙو مختصر ٿيندو هو. ’جئڪارڊ‘ ڏاڍي
شوق سان انهيءَ اشاري تي خيال پچائڻ لڳو، ۽ ذاتي
عقل ۽ هنرمنديءَ جي زور تي هڪدم پنهنجي ڪل سڌاري
ويو. پوري هڪڙي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾، هن جي ڪل بلڪل
تيار ٿي ويئي. ’وهاڪانسن‘ واري ويلڻ سان هن هڪڙي
تمام ڊگهي ڪاغذ جي دفتري لڳائي ڇڏي؛ انهيءَ ۾
ڪيترائي سوراخ ڪري ڇڏيائين، جن مان تاڃيءَ جون
تندون نڪري اُڻڻ واري وٽ اينديون هيون؛ وري ٻي
هڪڙي ننڍڙي ڪل، اتي جو اتي، ڪاريگر کي ڏيکاريندي
هئي ته ڪهڙي رنگ جي ناڙي نڙي ۾ وجهي هڻي. انهيءَ
طرح، نمونن جي نسخن پڙهڻ واري ۽ ڇڪڻ ۾ مدد ڪرڻ
واري جي گهرج لهي ويئي. ’جئڪارڊ‘ پنهنجي نئينءَ ڪل
سان پهريائين هڪڙي تمام عمدي ريشمي ڪپڙي جا ڪي وال
اُڻيا، جي هن نئينءَ راڻيءَ ’جوزفائين‘ جي اڳيان
نذر رکيا. شهنشاهه نپولين هن استاد ڪاريگر جي محنت
جو چڱو نتيجو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هڪدم حڪم ڏنائين
ته ’جئڪارڊ‘ جي نموني تي ڪي هوشيار ڪاريگر گهڻا
آڏاڻا جوڙي ڏين. اهي سڀ آڏاڻا هن ’جئڪارڊ‘ کي
انعام ڏنا، تنهن کانپوءِ هو موٽي لائنس ۾ آيو.
اتي هن تي اهي واقعا ٿي گذريا، جي هميشه نون هنرن
ڪڍڻ وارن تي گذرندا آهن. شهر جي ماڻهن کيس پنهنجو
دشمن ٿي سمجهيو، ۽ ساڻس اهڙي خراب هلت ڪيائون،
جهڙي لئنڪشائر ۾ ’ڪي‘ ۽ ’هارگريوس‘ ۽ ’آرڪ رائيٽ‘
سان ڪئي هئائون. ڪاسبي ڪڙا سڀ سمجهندا هئا ته هن
جي آڏاڻي واري ڪل اسان جي ڌنڌي کي ڦٽائي ڇڏيندي، ۽
اچي اهو خوف ٿين ته اها اسان جي وات مان جڙيوجڪو
لقمو ڪڍي وٺندي ۽ اسان کي بک ماريندي. ٽيرو واري
ميدان تي هڪڙي وڏي جماعت گڏ ٿي، جتي اهو ٺهراءُ
ٿيو ته اهي ڪلون ڀڃي ناس ڪجن. پر جنگي سپاهين جي
پهچڻ ڪري، ائين نه ٿيو؛ باقي ’جئڪارڊ‘ کي سو جتي
ڪٿي گاريون پئي ڏنائون ۽ پئي پٽيائون، ۽ سندس مورت
ٺاهي انهيءَ کي ڦاسي کڻي چاڙهيائون. شهر جي سکرن
گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته فساد بند ٿئي، پر خود انهن تي
ئي ماڻهو ڪاوڙيا ۽ هنن کي بد سد ڳالهائڻ لڳا. نيٺ
خلق جي زور ۽ چوڻ تي، لاچار، اهي شهر جا پنج يا
سکر ماڻهو، جن مان گهڻا انهيءَ ڌنڌي وارا ماڻهو
هئا ۽ فسادي ماڻهن سان همدردي ڪندڙ هئا، سي، هنن
سان شامل ٿي، ’جئڪارڊ‘ جي هڪڙي آڏاڻي واري ڪل پٽي
کڻي هليا، ۽ ظاهر ظهور ان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري
ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ اچي جهيڙا ۽ هنگاما ٿيڻ
لڳا. هڪڙي هنگامي ۾ ته فسادي ماڻهو، ڪاوڙ مان،
’جئڪارڊ‘ کي پڪڙي، ٽنگوٽالي ڪري، هن کي ٻوڙي مارڻ
لاءِ درياهه جي گهاٽ تائين به آيا، جو مس مس ٻين
وڃي ڇڏايس!
انهيءَ هوندي به، ’جئڪارڊ‘ جي ڪل واري آڏاڻي جي
تمام ڪمائتي ۽ مفيد هئڻ کان ڪوبه انڪار ڪري نه
سگهيو، ۽ ان جي فتحيابيءَ ۾ رڳو ڪجهه وقت جي دير
هئي. انگلنڊ جي ريشمي ڪارخانن وارن، ’جئڪارڊ‘ کي
گهڻو زور ڪيو ته لنگهي انگلنڊ ۾ اچي؛ پر جيتوڻيڪ
سندس شهر وارن هن سان ههڙيون جٺيون ڪيون هيون،
تڏهن به هن کي وطن جي حب ايتريقدر هئي، جو هن
اوڏانهن وڃڻ قبول نه ڪيو. انهيءَ هوندي به، انگلنڊ
جي ڪارخانن وارن هن جي ڪل ڪم آڻڻ ۾ شروع ڪئي. ستت
ئي جڏهن لائنس جي ماڻهن ڏٺو ته انهيءَ ڌنڌي ۾ ٻيا
گوءِ کنيو ٿا وڃن ۽ اسين رهجيو ٿا وڃون، تڏهن مس
مس لاچار ٿي هوبه هن ڪل جا ڪوڏيا ٿيا، ۽ ٿورن ئي
ڏينهن ۾ ’جئڪارڊ‘ واري ڪل سڀ قسم جي ڪپڙن اُڻڻ ۾
ڪم اچڻ لڳي. انهيءَ جي نتيجي مان ثابت ٿيو ته
ڪاسبين ۽ پورهيتن کي جيڪو نقصان جو ڊپ هو سڀ اجايو
هو: ڪم گهٽ ٿيڻ جي بدران، ’جئڪارڊ‘ جي ڪل جي
وسيلي، وڌيڪ نه، ته ڏهوڻو وڌي ويو. ’ليان فاسٽر‘
انهيءَ وقت جو بيان ڏنو آهي ته گلن ٻوٽن وارن ڪپڙن
جي ڪارخاني ۾، لائنس شهر منجهه، سال 1833ع ۾، ڪم
ڪندڙ ماڻهن جو تعداد سٺ هزار هو. تنهن کانپوءِ ته
گهڻو وڌي ويو آهي.
’جئڪارڊ‘ جا باقي حياتيءَ جا ڏينهن آرام سان
گذريا. ايترو سو ٿيو، جو جن ماڻهن کيس گهلي درياهه
۾ ٻوڙڻ لاءِ ٿي نيو، سي، سگهوئي پوءِ، سندس
سالگرهه يا ڄمڻ واري ڏينهن جي خوشي ۾، کيس ساڳي
رستي مان کڻي هلڻ لاءِ تيار ٿيا، پر هو اهڙو حيا
وارو هو جو انهيءَ تماشي ۽ گوڙ ۾ شامل ڪين ٿيو.
لائنس جي ميونسپل ڪائونسل يا شهري جماعت،
’جئنڪارڊ‘ کي عرض ڪيو ته اتي جي ڌنڌي وارن فائدي
لاءِ هو پنهنجيءَ ڪل کي اڃا به وڌيڪ سڌارڻ ۾ مشغول
ٿئي. هن اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ ان جي عيوض ۾ هن
پينشن طور ڪا رقم پاڻ مقرر ڪئي، جا هنن منظور ڪئي.
ٿوري عرصي ۾ هن پنهنجيءَ ڪل کي پوريءَ طرح سڌاريو.
نيٺ سٺ ورهين جي ڄمار ۾، هو ٻي سڀ مشغولي ڇڏي،
پڇاڙي جي ڏينهن پورن ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پيءُ جي
پيدائش ٿيڻ واري شهر ’آولنس‘ ۾ اچي، گوشي نشين
ٿيو. اتي ئي رهندو هو جو، 1820ع ۾، هن کي ’ليجن آف
آنر‘ جو وڏو خطاب ۽ آبروءَ جهڙو تمغو مليو، ۽ اتي
ئي هو 1834ع ۾، مري ويو، ۽ دفن ٿيو. سندس
يادگيريءَ لاءِ، سندس شڪل جو هڪڙو بت به کڙو ڪيو
ويو، پر سندس مائٽ غريب رهندا آيا آهن. سندس مرڻ
کان ويهه ورهيه پوءِ سندس ڀائٽيون اهڙيءَ مفلسيءَ
کي اچي پهتيون جو هنن لاچار ٿي جيڪو سونو ٻلو يا
تمغو سندن چاچي کي بادشاهه ’لوئيز‘ چوٿين عطا ڪيو
هو، سو ٿورن سوَن فرانڪن (يعني فرانس جي سڪن) تي
وڪڻي ڇڏيو. هڪڙو فرانس جو ڪتاب نويس لکي ٿو ”لائنس
جي ڪارخانن وارن ماڻهن کي جنهن ماڻهو اهڙي دولت ۽
اوج تي پهچايو، تنهن جي هنن اِجها اهڙي شڪرگذاري
بجا آندي.“
جن ماڻهن نون هنرن ڪڍڻ ڪري سر ڏنا آهن، ۽ تڪليفون
سٺيون آهن، تن جا مثال ڏيڻ، ۽ جن اهڙن ٻين مشهور
ماڻهن، پاڻ کي پوري فائدي پهچائڻ کان سواءِ پنهنجي
زماني جي محنت ۽ ڪمائي ڪندڙ جي حالت پئي سڌاري
آهي. تن جا نالا ڏيڻ مشڪل ڪم ناهي، جو اڪثر ائين
پئي ٿيو آهي ته عقل ۽ هنر وارا وڻ پوکيندا آهن، ۽
موڳا ۽ جاهل ان جو ڦر چونڊيندا آهن پر، في الحال
اسين پنهنجي زماني جي هڪڙي ڪاريگر استاد جو مختصر
بيان ڏينداسين، جنهن مان معلوم ٿيندو ته عقل ۽ هنر
وارن ماڻهن کي اڪثر ڪهڙيون نه تڪليفون ۽ سختيون
سهڻيون ۽ ٽارڻيون ٿيون پون. اسين ’جوشئاهيلمان‘ جو
اشارو ٿا ڏيون جنهن وارن صفا ڪرڻ جي ڪل ڳولي ڪڍي.
’جوشئاهيلمان‘ سال 1796ع ۾، ’مل هائوس‘ ۾ ڄائو هو،
جوالسيس جي ڪپهه جي ڪارخاني جو مکيه هنڌ هو. هن جو
پيءُ انهيءَ ڪارخاني ۾ ڪمائيندو هو، ’جوشئا‘
پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ پيءُ جي ڌنڌي ۾ وڃي شامل
ٿيو. اتي هو ٻه ورهيه رهيو. جيڪو وقت بچندو هوس،
سو هنري نقشن ۽ شڪلين ڪڍڻ ۾ لڳائيندو هو. تنهن کان
پوءِ ٻه ورهيه هو پئرس ۾ پنهنجي چاچي جي واپار جي
ڪوٺي تي وڃي رهيو. جتي رات جو هو علم هندسه يا
حساب جا ڪتاب پيو پڙهندو هو. سندس عزيزن مان ڪن مل
هائوس ۾ ڪپهه ڪتڻ جو ڪارخانو آڻي وڌو، تن هيلمان
ڇوڪر کي انهيءَ هنر سکڻ لاءِ پئرس ۾ ’ٽساٽ‘ ۽ ’ري‘
واري ڪارخاني ۾ ڇڏيو. ساڳي وقت ۾ هو سرڪاري هنري
مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو، جتي ڪلن مان واقف به ٿيندو هو.
انهيءَ کانسواءِ، هو هڪڙي رانديڪن جوڙڻ واري کان
به سندس ڪم پيو سکندو هو. اهڙيءَ سخت محنت ۾ ڪجهه
وقت گذاري پوءِ، هو آلسيس ۾ موٽي آيو، ۽ ’وو زٿن‘
جيڪو نئون ڪارخانو ٿي جڙيو، تنهن جي ڪلن بيهارڻ جي
نظرداري ڪرڻ لڳو. سگهوئي اهو ڪارخانو تيار ٿيو؛ پر
اُنهن ڏينهن ۾ واپار ۾ اچي رولو پيو، ۽ ڪم بيهي
ويو، جنهن جي ڪري ڪارخانو هلي نه سگهيو، ۽
’هيلمان‘ موٽي ’مل هائوس‘ ۾ پنهنجي گهر آيو.
انهيءَ عرصي ۾ هو پنهنجي فراغت جو وقت اڪثر نين
ڪلن جوڙڻ بابت ويچار ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو- خاص ڪتڻ
جي لاءِ ڪپهه تيار ڪرڻ ۽ ڪپڙي اُڻڻ جي ڪلن بابت.
پهرين پهرين تجويز جا ڪڍيائين، سا چڪندوزيءَ جي ڪل
هئي، جنهن ۾ ويهه سيون گڏ پيون هلنديون ۽ ڀرينديون
هيون. اٽڪل ڇهن مهينن جي محنت کان پوءِ هو اُنهيءَ
ڪل پوري ڪرڻ ۾ فتحياب ٿيو، اها ڪل هن 1834ع واريءَ
نمائش ۾ پيش ڪئي، جتي هن کي ان لاءِ سونو تمغو ۽
’ليجن آف آنر‘ جو خطاب مليو. تنهن کانپوءِ ته
گهڻيون ئي ڪلون ڪڍيائين: هڪڙي سڌريل اُڻڻ جي ڪل،
ڪپڙي ڪڇڻ ۽ تهه ڪرڻ جي ڪل، انگريزي ڪتڻ وارن جي
نَڙي واري سڌريل ڪل، پيٽي واري سٽ ويڙهڻ جي ڪل، ۽
ٻيون ڪيتريون ئي ريشم ۽ ڪپهه صاف ڪرڻ ۽ ڪتڻ، اُڻڻ
جون سڌريل ڪلون، سندس تمام استادي جهڙين ڪلن مان
هڪڙي اها ڪل هئي، جا هڪڙي ئي وقت ٻن قسمن جون
مخملون يا ٻيا بُجن وارا ڪپڙا اُڻندي هئي، جن جا
بُج ڳنڍيل هوندا هئا، ان ۾ هڪڙو ڪپ رکيل هو، جو
اُڻي پوري ڪرڻ کانپوءِ وچان پاسيرو لنگهي بُج
وڍيندو هو، جنهنڪري ٻئي ڪپڙا ڌار ڌار ٿيندا هئا،
پر سڀ کان عجيب ۽ سهڻي ڪل وارن صفا ڪرڻ واري ڪل
هئي، جنهن جو مفصل بيان اسين هيٺ ڏينداسين.
ڪن ورهين کان ’هيلمان‘ سٽ جي ڊگهين تندن صفا ڪرڻ
يا ڦڻي ڏيڻ جي ڪل رٿڻ لاءِ خيال پئي پچايا؛ ڇالاءِ
جو اُن صاف ڪرڻ جي جيڪا ڪل اڳي رواج ۾ هوندي هئي،
سا ڪتڻ جي لاءِ ڪچي ڪپهه يا ٻئي مال صاف ڪرڻ لاءِ
ڪمائتي نه هئي. خصوصن نازڪ ۽ باريڪ سٽ جي لاءِ-
تنهن کانسواءِ انهيءَ مان گهڻو مال اجايو زيان به
ٿيندو هو. انهن نقصانن کان بچڻ لاءِ ’السيس‘ جي
ڪپهه ڪتڻ وارن سڌريل ڪپهه صاف ڪندڙ ڪل جي لاءِ
پنجن هزارن فرانڪن جو انعام آڇيو. ’هيلمان‘ هڪدم
انهيءَ انعام حاصل ڪرڻ لاءِ اميدوار ٿي ڪوشش ڪرڻ
لڳو. هن کي ڪا پئسي جي لالچ نه هئي، ڇالاءِ جو
موچارو دولتمند هو ۽ پنهنجي زال جي پُٺيان گهڻيئي
پئسا ملي ويا هئس، هو چوندو هو ته ”جيڪو ماڻهو
هميشه پاڻ کان پيو پڇندو هو ته ڪنهن ڪم مان مونکي
ڪيترو نفعو حاصل ٿيندو، تنهن جي هٿان ڪوبه وڏو ڪم
نه ٿيندو.“ هن کي جا انهيءَ ڪوشش جي ترغيب آئي، سا
نئين هنر يا تجويز ڪڍڻ جي ذاتي شوق ۽ طبيعي ڪشش جي
ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙي قسم جي ماڻهوءَ وٽ اڪثر جڏهن
ڪو مشڪل هنري مسئلو پيش ٿيندو آهي تڏهن هو هڪدم
ٻيون سڀ ڳالهيون وساري ان جي ڪرڻ ۾ مشغول ٿيندو
آهي، پر هن حالت ۾ جيڪو مسئلو پيش هو، سو جيترو هن
خيال ڪيو ٿي، تنهن کان وڌيڪ مشڪل هو. هن کي انهيءَ
مضمون تي ڳڻتيون کائيندي، خيال پچائيندي ۽ مٿا
هڻندي ورهيه لنگهي ويا ۽ انهيءَ نسبت ۾ هن کي جيڪو
خرچ ڪرڻو ٿيو سو ايترو ڳرو هو جو سندس زال جي دولت
ته سگهوئي کپي ويئي ۽ اهڙو مفلس اچي ٿيو جو پنهنجي
رٿيل ڪل پوري طرح تيار ڪري نه سگهيو. انهيءَ
کانپوءِ هن کي لاچار ٿيو ته انهيءَ ڪل جي تمام ڪرڻ
لاءِ پنهنجن دوستن جي مدد تي تعلق رهي.
ويچاري ’هيلمان‘ اڃان انهيءَ ڪنگالپڻ جي حالت ۾،
انهن مشڪلاتن منجهه مٿا پئي هنيا ته سندس زال مري
وئي-هن کي فڪر ٿيو ته منهنجي مڙس جي رقم ئي پوري
ٿي ويئي. سگهوئي پوءِ هو انگلنڊ ڏي ويو، مئنچيسٽر
۾ ڪي ڏينهن جاءِ وٺي رهيو- اتي به پنهنجي ڪل تي
مٿا پئي هنيائين.‘ شارپ ۽ ’رابرٽ‘، مشهور ڪلن جوڙڻ
وارن، کان هن پنهنجي لاءِ هڪڙو نمونو ٺهرائي رکيو
هو، پر اڃا ان کي پوري طرح هلائي نٿي سگهيو، نيٺ،
بلڪل نااميد ٿيڻ لڳو. هو ٻارن ٻچن کي ڏسڻ لاءِ وري
فرانس آيو، ۽ اڃا به پنهنجيءَ ڪل جا خيال پئي
پچايائين جو سندس دل هينئر ته بلڪل انهيءَ پاسي
محو ٿي ويئي هئي. هڪڙي رات بخاري وٽ ويٺو هو، ۽
ويٺي اهي خيال ڪيائين ته نون هنرن ڪڍڻ وارا ڪهڙا
ڪم نصيب آهن، ۽ سندن ڪٽنب اڪثر ڪهڙن ڏکن ۾ گرفتار
ٿيندا آهن، ته سندس نظر اوچتو وڃي سندس ڌين تي
پيئي، جن پنهنجي ڊگهن وارن کي ڦڻي پئي ڏني، ۽
آڱرين سان ڇڪي انهن کي سنئون ٿي بيهاريائون. انهن
کي نهاري نهاري اوچتو هن جي دل ۾ آيو ته جيڪڏهن
ڪنهن تجويز سان ڪل ۾ اها اٽڪل رکجي ته جيڪي ڊگها
وار هجن، سي ڦڻيءَ سان ڇڪي ڪڍي وڃجن ۽ جيڪي ننڍا
هجن جيڪي ڦڻي کي پٺتي هلائڻ سان هٽائي ڇڏجن، ته
جيڪر منهنجي مشڪلات هل ٿي پوي، اها ڳالهه ياد رکڻ
جهڙي آهي ته ’هيلمان‘ جي انهيءَ خانگي اتفاق بابت
مسٽر ’ايلمور‘ هڪڙي خوبصورت تصوير ڪڍي هئي، جا هن
1862ع جي ’رائل ائڪڊمي‘ واريءَ نمايش ۾ پيش ڪئي
هئي.
انهيءَ خيال تي مٿا هڻي، هن نيٺ هڪڙي ظاهريءَ ڪري
سليس پر حقيقت ڪري مشڪل تجويز، ڪل سان ڦڻي ڏيڻ جي
ڪڍي. تنهن کانپوءِ، گهڻي محنت ڪري آخر پنهنجي ڪل
کي پوري ڪرڻ ۾ فتحياب ٿيو. انهيءَ تجويز جي خوبي
جي پوري خبر انهن کي پوندي، جن انهيءَ ڪل کي ڪم
ڪندي ڏٺو هوندو؛ ڇالاءِ جو هڪدم صحيح ڪجي ٿو ته ان
جا پرزا اهڙا چرن پرن ٿا، جهڙا وارن کي ڦڻي ڏيندي
ماڻهوءَ جا هٿ چرن پرن ٿا. جنهن جي نموني تي ته هن
انهيءَ ڪل جو بنياد ٻڌو هو. انهيءَ ڪل جي بيان
ڪندي هڪڙي ڪتاب واري لکيو آهي ته ”اها اهڙي نزاڪت
سان ٿي چري، جو ڀانئجي ته ماڻهوءَ جون آڱريون ٿيون
چرن.“ اها ڪپهه جي پوڻيءَ کي ٻنهي پاسن کان ڦڻي
ڏئي ٿي؛ اُن جون باريڪ تندون، ڇڪي، سنيون ۽ هڪٻئي
کان پوري وڇوٽيءَ تي بيهاري ٿي، وڏيون تندون ننڍين
کان ڌار ڪري ٿي؛ ۽ وڏيون تندون هڪڙي هنڌ گڏ ڪري
جهلي ٿي، ۽ ننڍيون تندون ٻئي هنڌ: مطلب ته اها ڪل
نه رڳو ماڻهوءَ جي آڱرين جي نزاڪت سان هلي ٿي، پر
ڄڻ ته ماڻهوءَ جي مغز جهڙي خيال ۽ سمجهه سان هلي
ٿي.
واپار جي نظر تي، هن ڪل جي خوبي اها هئي ته انهيءَ
جي وسيلي جيڪا سادي قسم جي ڪپهه هئي سا به عمدي
سُٽ ڪتڻ جي ڪم اچي ٿي سگهي، تنهنڪري ڪارخانن وارا
آساني سان قيمتي، ڪپڙن لاءِ مناسب سٽ هٿ ڪري
سگهندا هئا ۽ عمدي سٽ جون ناڙيون تمام گهڻيون
اُپائي سگهندا هئا. انهيءَ ڪل جي وسيلي اها ڳالهه
تمام آسان ٿي پئي ته ڌاڳو اهڙو باريڪ هجي جو 334
ملين ڊگهائي جيترو سٽ صاف ٿيل ڪپهه جي هڪڙي پائونڊ
(قريب اڌ سير) مان نڪري سگهي؛ ۽ انهيءَ مان اهڙيون
عمدي قسم جون ڄاريدار ڪناريون جوڙي سگهجن، جنهن
ڪري اصل ڪچي ڪپهه- جنهن جو ملهه هڪڙو شلنگ هوندو
هو- خريدار يا ڪم آڻڻ واري جي هٿ ۾ اچڻ کان اڳي،
ٽن چئن سون پائونڊن جيتري بها ڪندي هئي.
’هيلمان‘ جي انهيءَ ڪل جي خوبصورتي ۽ فائدي جو قدر
انگلنڊ جي ڪپهه جي ڪتڻ وارن کي معلوم ٿيو.
لئنڪشائر جي ڇهن ڪوٺين يا ڪمپنين گڏجي ٽيهه هزار
پائونڊ ڏيئي انگلنڊ جي لاءِ انهن ڪلن جوڙي ڏيڻ جو
حق خريد ڪيو؛ اُن يا پشم ڪتڻ وارن به اُن صاف ڪرڻ
جي لاءِ انهيءَ ڪل ڪم آڻڻ واسطي ساڳي رقم ڏني؛ ۽
ليڊس شهر واري ’مارشل‘ ڪمپني وري ويهه هزار پائونڊ
ڏيئي، سڻيءَ صاف ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڪل ڪم آڻڻ جي
اجازت ورتي. انهيءَ طرح نيٺ غريب ۽ مسڪين ’هيلمان‘
۾ اوچتو ئي مايا اچي پلٽجڻ لڳي. هن جي حياتي ٿوري
ٿي پيئي، ۽ هو اها دولت ڪم آڻي نه سگهيو. اڃا سندس
پورهيا مس ساب پيا، ۽ مشڪلاتن مان مس فتحيابي حاصل
ٿيس ته پاڻ مري ويو؛ سندس پٽ جو انهن تڪليفن ڪڍڻ ۾
ساڻس همراهه هو، سو به ساڻس پوءِ سگهوئي چلي رهيو.
جڏهن اهڙيون قيمتي جانيون ٿيون گنوائجن، تڏهن مس
عجيب سڌارا دنيا ۾ ظاهر ٿين ٿا. |