ناشر طرفان ٻه لفظ
ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي
عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان
ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو
اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص
علمي ۽ ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم
ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ
ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو
ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي
ويو.
زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به ائين
بي درديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي
شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت
آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس هي،
جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽
علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه
پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي
نڪتو آهي، جو اڄ سَون اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا
نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن
کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي
ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيا ئي ڪونه ويا هئا.
ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري
سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن
معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا
مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن
جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين
مان واريءَ وانگر جيڪڏهين هميشه وڃائيندا ئي
رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان
وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ
بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته
پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽
احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر
ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن
ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ
مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان چوڏهن ڪتاب: گل
شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل،
جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ
جي تاريخ، هدايت الانشا، گل، ايسپ جون آکاڻيون،
زينت ۽ سڀا جو سينگار، اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا
آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي پندرهون ڪتاب خدمت
۾ پيش ٿي رهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي اشاعتي پروگرام جو هڪ
شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو
طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشيءَ جي
ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن
مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن
جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن. جنهن مان
عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت
ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ
پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ
اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو
پڌرا ڪري؛ بلڪ انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر
سڌاري، ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن
موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري.
ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽
اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ
پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه
سئو قديم خواه جديد. مگر ناياب ٿيل. ڪتاب شايع
ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواه، بورڊ
جي هنن ڪوششن کي همٿائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي
تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان
هميشه نوازيندا رهندا.
محمد ابراهيم جوي
18- نومبر 1958ع
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سن
پڌرو
هجي ته هيءُ ڪتاب ”خود ياوري“، ’سمائيل‘ صاحب جي
لکيل انگريزي ڪتاب ”سيلف هيلپ“ جو ترجمو آهي.
انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ مان جوان ماڻهن کي پنهنجي
ذاتي ترقيءَ توڙي قومي سڌاري جي لاءِ گهڻي همت
پيدا ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري ولايت جي ماڻهن کي اهو
نهايت گهڻو پسند آهي. گهڻائي ڀيرا هيءُ ڪتاب ڇاپيو
اٿن، ۽ ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ڪيترائي
اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جتي اهو پڙهائبو آهي.
هن ڪتاب بابت انگلنڊ جي مشهور اخبار ”ليڊر“ هيئن
لکيو آهي ته ”سمائيل“ جي ”سيلف هيلپ“ جهڙو عمدو
ڪتاب اسان جي نظر مان ڪو ٿورو گذريو هوندو. اهو
ڪتاب تمام معقول ۽ بي عيب آهي، ۽ نهايت نصيحت آميز
۽ مفيد آهي.“ ڪلڪتي جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سر
رچرڊ گارٿ صاحب، 2 جولاءِ 1881ع تي، نوجوانن جي
هڪڙيءَ مجلس ۾ هن ڪتاب بابت پنهنجيءَ تقرير ۾ هيئن
چيو آهي ته ”اوهان ڪڏهن ’ڪتابن جو بادشاهه‘، يعني
مسٽر ’سمائيل‘ جو ’سيلف هيلپ‘ پڙهي ڏٺو آهي؟ اهو
ڪتاب اهڙو آهي، جو اوهان کي ايتريقدر پڙهڻ گهرجي
جو بر زبان ياد ٿي وڃي. انهيءَ ڪتاب ۾ انگلنڊ ۽
يورپ جي اُنهن بيشمار ماڻهن جو احوال لکيل آهي، جن
کي سندن ترقيءَ جي رستي ۾ هر طرح جون تڪليفون ۽
مشڪلاتون پيش آيون. اُهي غريبن جا پٽ هئا، ۽ ڪابه
تعليم ڪانه ملي هين. انهيءَ هوندي به، ڪوشش ۽ همت
سان، نه رڳو هنن اوهان جو اعليٰ مقصد يعني
فراخدستي حاصل ڪئي، بلڪ هو وڏا دولتمند ۽ عزت وارا
ماڻهو ٿي پيا.“
اهو ڪتاب پهرين سال 1859ع ۾ ڇپيو هو. مصنف پنهنجي
ديباچي ۾ لکي ٿو ته پهرين هو ڪن ٻهراڙيءَ جي جوان
ماڻهن جي درخواست تي، جيڪا مجلس هنن پنهنجي سڌاري
جي لاءِ قائم ڪئي هئي تنهن ۾ تقريرون ڏيندو هو:
انهن ۾ سڌريل ۽ همت وارن ماڻهن جا مثال آڻيندو هو،
۽ نصيحتون ڏيندو هو. انهن جوانن مان گهڻا، فائدو
حاصل ڪري، چڱيءَ حالت ۽ درجي کي پهتا. اُنهن مان
ڪن جي مرضيءَ جي پٺيان، هن اهي تقريرون وري نئين
سر سڌاري، ڪتاب جي صورت ۾ وڌيون. انهيءَ ڪتاب جي
جوڙڻ مان مصنف جي ڪهڙي مدعا هئي، سا خود سندس لفظن
۾ هيٺ ڏجي ٿي:
”هن ڪتاب مان هيءُ مطلب آهي ته جوانن کي هيءَ
ڳالهه ثابت ڪري ڏجي ته حياتيءَ کي سک ۽ آرام سان
گذارڻ لاءِ محنت ڪرڻ هڪڙو تمام ضروري ڪم آهي، ۽
محنت ۽ ڪوشش کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگهي.
مصيبتن ۽ ڏکن کان ڊڄڻ نه گهرجي، بلڪ محڪم مزاجيءَ
جي وسيلي انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کپي؛ ۽ سڀ کان وڏي
هيءَ ڳالهه آهي ته چڱيءَ هلت وارو ٿيڻ گهرجي، ڇا
لاءِ جو انهيءَ کانسواءِ ٻي لياقت بلڪل بيڪار، ۽
دنيائي ڪاميابي محض اجائي ۽ بيسود آهي.“
ڪتاب ’سيلف هيلپ‘ ۾ تيرهن باب آهن. اسان انهن کي
ٻن ڀاڱن ۾ وراهيو آهي، انهيءَ لاءِ ته متان يڪو
ڪتاب وڏو ٿي پوي. پهرئين ڀاڱي ۾ پهريان ڇهه باب
آندا اٿئون (۽ ٻئي ڀاڱي ۾ باقي ست باب آڻينداسين-
انشاءَ الله تعاليٰ). معلوم هجي ته اصل انگريزي
ڪتاب ۾ گهڻا ئي ڀاڱا اهڙا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪرڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل هئا؛ پر جيترو ٿي سگهيو آهي،
ڪتاب جو لفظ بلفظ ترجمو ڪيو ويو آهي، ساڳئي وقت ۾
سنڌي اصطلاح جي به نظر رکي ويئي آهي. اميد آهي ته
پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي پڙهڻ مان گهڻو فائدو حاصل
ٿيندو، ۽ منجهن خود ياوريءَ جو گُڻ ۽ سڌاري جو شوق
زياده ٿيندو.
قليچ بيگ
ڪوٽڙي
20- سيپٽمبر، 1901ع |