انهيءَ هوندي به، وڏن ماڻهن جي حياتيءَ جا لکيل
احوال، خصوصاً چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي احوال جون
تاريخون تمام فائدي واريون ۽ ڪمائتيون آهن، جو
انهن مان ٻين کي مدد ۽ هدايت ۽ ترغيب ملي ٿي. انهن
مان جيڪي تمام عمديون تاريخون آهن،. سي ته اچي پاڪ
ڪتابن کي مٽ ٿيون پون، جو انهن مان شريفن وانگي
حياتي گذارڻ، اعليٰ درجي جي خيالن ڪرڻ، ۽ پنهنجي
توڙي جهان جي چڱائيءَ لاءِ دليون جانيؤن ڪوشش ڪرڻ
جي تعليم حاصل ٿئي ٿي. انهن مان خودياوري، تحمل
واري ارادي، اڻورچ ڪوشش، ۽ مضبوط ايمانداري، جن جي
سگهه سچي پچي شريف ۽ بهادر ماڻهوءَ جي چال ۾ ظاهر
ٿئي ٿي، تنهن جا جيڪي ڪمائتا مثال نڪرن ٿا، سي
بلڪل چٽيءَ طرح ڏيکارين ٿا ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي
سڌاري لاءِ ڪيتريقدر اختيار رکي ٿو، ۽ چڱيءَ طرح
سمجهائين ٿا ته خود- عزتيءَ ۽ خود- اعتباريءَ ۾
اهڙو زور ڀريو اثر آهي، جو انهيءَ جي وسيلي ڪهڙي
به گهٽ درجي جا ماڻهو، مٿا هڻي، پنهنجي لاءِ
آبروءَ جهڙو گذران ۽ سچي ناموس پيدا ڪري سگهن ٿا.
جيڪي وڏا وڏا حڪيم، عالم ۽ هنرمند ماڻهو ٿي گذريا
آهن، جي گويا وڏن خيالن جا مرسل ۽ وڏين دلين جا
مهندار هئا، سي نڪي ڪنهن عجيب فرقي مان هئا، نڪي
ڪنهن خاص وڏي درجي جا ماڻهو هئا. اهي، جهان وانگي،
مدرسن، ڪارخانن ۽ کيتين جي جاين مان، ۽ غريب ماڻهن
جي ڀُنگين ۽ دولتمند ماڻهن جي گهرن مان آيا آهن.
خدا تعاليٰ جي وڏن پيغمبرن مان به ڪي اصل عام
ماڻهن منجهان هئا. تمام غريب ماڻهن بعضي بعضي تمام
وڏيون جايون وڃي ورتيون آهن. جيڪي مشڪلاتون ظاهري
ڪري بلڪل ٽارڻ جهڙيون نه هيون، تن به هنن جي رستي
۾ ڪا روڪ نه ڪئي. گهڻين حالتن ۾ ته خود اُنهن جي
ڪري سندن محنت ۽ تحمل جي سگهه ظاهر ٿي آهي، ۽
حياتيءَ جي ڪمن لاءِ سندن دلي قوت ۽ لياقت زياده
ٿي آهي، جي جيڪر ٻيءَ طرح نڪميون لڪيون پئيون هجن
ها. اهڙين مشڪلاتن پاسي ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ حاصل ڪرڻ
جا مثال ايترا گھڻا آهن، جو انهن مان هن پهاڪي جي
سچائي پيئي معلوم ٿئي ته ”پڪي ارادي سان، ڪوبه
ماڻهو، ڪي به ڪري سگهي ٿو.“ مثال لاءِ اها مشهور
ڳالهه بس آهي ته ’جيريمي ٽيلر‘، جو تمام وڏو شاعر،
پادري يا ديني عالم ٿي گذريو آهي؛ ’سر رچرڊ
آرڪرائيٽ‘، جنهن ڪتڻ جي ڪل پهرين جوڙي، ۽ جو ڪپهه
جي ڪارخاني جو باني هو؛ ’لارڊ ٽينٽرڊين، جو تمام
مشهور لارڊ ۽ چيف جسٽسن مان هڪڙو هو؛ ۽ ’ٽرنر‘، جو
نمائن جو تمام وڏو نقاش هو، سي سڀ حجامن جي دوڪانن
تان آيا.
ڪنهن کي به پڪيءَ طرح خبر نه آهي ته ’شيڪسپيئر‘
ڪير هو؛ پر انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته هو هڪڙو غريب
ماڻهو هو. هن جو پيءُ ڪاسائي ۽ مال چارڻ وارو هو.
چون ٿا ته شيڪسپيئر پاڻ ننڍيءَ عمر ۾ اُن صاف ڪندو
هو. ڪن ٻين جو چوڻ آهي ته هو هڪڙي مڪتب جو دربان
هو، ۽ پوءِ وڃي هڪڙي قبض- نويس جو منشي ٿيو. جيئن
ڪنهن عالم چيو آهي، تيئن سچ آهي ته ”هڪڙو ماڻهو نه
هو، پر سڄيءَ انسانذات جو انتخاب هو.“ ڇا لاءِ، جو
هن جا جهاز رانيءَ جا جملا ۽ سمنڊ جا اصطلاح اهڙا
پورا ۽ صحيح آهن، جو بحري کاتي جو هڪڙو مصنف لکي
ٿو ته ’هو ضرور ڪو خلاصي يا جهاز ران هو‘؛ هڪڙو
ديني عالم، سندس ڪتابن جي مضمون مان ثابتي هٿ ڪري،
راءِ ڏئي ٿو ته ’هو ڪنهن پادريءَ جو منشي هو‘؛ ۽
هڪڙو مشهور گهوڙن سڃاڻڻ وارو پڪ سان چوي ٿو ته ’هو
ضرور ڪو گهوڙن جو سوداگر هو.‘ شيڪسپيئر بيشڪ هڪڙو
ناٽڪي هو، ۽ هن پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ ڪيترن ئي
ماڻهن جا نقل ڪري ڏيکاريا. انهيءَ طرح، تمام گهڻي
آزمودي ۽ غور مان، هن واقفيت ۽ علم جا عجيب انبار
گڏ ڪيا. ڪنهن به صورت ۾، هو ڏاڍو ڌيان سان پڙهڻ
وارو ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ وارو هو؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين
هن جا لکيل ڪتاب انگريزن جي چال ۽ اخلاقن تي تمام
گهڻو اثر ڪن ٿا.
روز تي مزوري ڪرڻ وارن عام پورهيتن مان، اسان کي
’برنڊل‘ انجنير، ’ڪُڪ‘ جهازران، ۽’برنس‘ شاعر
مليا. رازا ۽ سربند، ’بين جانسن’ تي فخر ڪري سگهن
ٿا، جنهن جڏهن ’لنڪنس اِن‘ جي عمارت تي ٿي ڪمايو،
تڏهن هٿ ۾ مارو ٿي کنيائين ۽ کيسي ۾ ڪتاب ٿي
کنيائين؛ انهيءَ کانسواءِ ’ايڊورڊس‘ ۽ ’ٽيلفرڊ‘
انجنيرن تي، ’هيوملر‘ طبقات الارض جي عالم تي، ۽
’آلن ڪننگهام‘ ڪتاب- نويس ۽ بت تراش تي. وري مشهور
واڍن مان اسان کي هيٺين اُستادن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا: ’انيگو جونس‘ عمارت ساز، ’هاريسن‘ گهڙي ساز،
’جان هنٽر‘ علم موجودات جو عالم، ’رامني‘ ۽ اوپاءِ
نقاش، ’پروفيسر لي‘ مشرقي زباندان، ۽ ’جان گبسن‘
بت ساز.
ڪورين جي قوم مان وري هيٺيان پيدا ٿيا؛ ’سمسن‘
رياضي عالم، ’بيڪن‘ سنگتراش، ٻه ملنر- ’آڊم واڪر‘
۽ ’جان فاسٽر’، ’ولسن‘ پکين جي بيان لکڻ وارو،
ڊاڪثر ’لوهنگسٽن‘ سير ڪندڙ پادري، ۽ ’ٽناهل‘ شاعر.
موچين مان اسان کي هيٺيان مشهور ماڻهو مليا آهن:
’سر ڪلائوڊ سلي شوهيل‘، وڏو امير البحر يا جهازي
سپهه سالار؛ ’سٽرجين‘ علم برقي جو عالم؛ ’ساميوئل
ڊريو‘، رساله- نويس‘؛ گفرڊ‘، ’ڪئارٽرلي رويو‘
ميعادي رسالي جو مهتمم؛ ’بلوم فيلڊ‘، شاعر؛ ۽
’ويلم ڪيري‘، پادري. ’ماريسن‘، ٻيو محنتي پادري،
ته رڳو جتين جي قالبن جوڙڻ وارو هو. گذريل ٿورن
ورهين ۾ ’ٽامس ايڊورڊس‘ نالي هڪڙو موچي بالف شهر ۾
ظاهر ٿيو آهي، جو وڏو طبيعي عالم آهي. هو پنهنجو
گذران پنهنجي ڪسب تي پيو ڪري، پر جيڪو فرصت جو وقت
بچيس ٿو، سو علم طبيعت جي سڀني شاخن جي پڙهڻ ۾
لڳائي ٿو. هن ننڍي قسم جي سپن واري مڇيءَ بابت
اهڙي عميق جانچ ڪئي آهي، جو آخر انهيءَ جي هڪڙي
نئين ذات ڳولي ڪڍي اٿس، جنهن جو نالو انهيءَ علم
جي عالمن سندس نالي جي پٺيان ‘پرانيزا
ايڊورڊسئاءِ‘ رکيو آهي.
نڪي درزي غير مشهور رهجي ويا آهن. ’جان اسٽو‘،
تاريخ نويس، پنهنجي حياتيءَ جا ڪي ڏينهن درزڪي ڪم
تي گذاريندو هو. ’جاڪسن‘ نقاش جيسين وڏو ٿيو،
تيسين ڪپڙا سبندو هو. بهادر ’سر جان هاڪسوڊ‘، جنهن
پاڻ کي ’پائڪٽيرس‘ واري لڙائيءَ ۾ اهڙو مشهور ڪيو،
۽ جنهن کي بادشاهه ايڊورڊ ٽئين سندس بهادريءَ ڪري
’نائيٽ‘ بنائي ’سر‘ جو خطاب ڏنو، سو ننڍي هوندي
لنڊن جي هڪڙي درزيءَ جو شاگرد هوندو هو. ’ائڊمرل
هابسن‘، جنهن 1702ع ۾ ’وهيگو‘ وٽ جهازي جنگ کٽي،
سو به انهيءَ ساڳئي ڌنڌي جو ماڻهو هو. هو ’آئل آف
وائٽ‘ ۾، ’بان چرچ‘ جي ويجهو، هڪڙي درزيءَ وٽ
ڇاڙتي وانگي ڪم ڪندو هو. اُتي ويٺي ڳوٺ ۾ هل
ٻڌائين ته جنگي جهازن جو هڪڙو دستو اُنهيءَ ٻيت جي
پريان لنگهي ٿو وڃي. هو دوڪان تان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽
پنهنجن سنگتين سان گڏجي تماشي ڏسڻ لاءِ سمنڊ جي
ڪناري ڏي ڀڳو. انهيءَ ڇوڪر کي اوچتو اچي دل ۾ شوق
جاڳيو ته آءٌ جهازي سپاهي ٿيان؛ جهٽ ۾ هڪڙي ننڍي
ڊونڊيءَ ۾ چڙهي، اُنهيءَ جهازي لشڪر کي وڃي پنو، ۽
امير البحر جي جهاز تي چڙهي ويو، جنهن هن جو نالو
داخل ڪرڻ منظور ڪيو. ڪن ورهين کان پوءِ هو پنهنجي
وطن واري ڳوٺ ۾ گهڻيءَ عزت آبروءَ سان موٽي آيو؛ ۽
جنهن ڀُنگي ۾ هو ڇاڙتو ٿي درزڪو ڪم ڪندو هو، تنهن
۾ ويهي گوشت ۽ آنا کاڌائين. پر، سڀني کان وڏو درزي
ته بيشڪ ’ائنڊريو جانسن‘ آهي، جو يونائيٽيڊ اسٽيٽس
جو پرنزيڊنٽ ٿيو. هو عجيب ذاتي لياقت ۽ قائم سمجهه
وارو انسان هو. واشنگٽن ۾ هن جيڪا وڏي گفتگو ڪئي،
تنهن ۾ جڏهن هن بيان ٿي ڪيو ته ”ملڪي انتظام جو
شغل مون شهر جو منصف ٿي شروع ڪيو، ۽ پوءِ قاعدي جي
سڀني شاخن مان لنگهڻو پيو“، تڏهن اتي گوڙ مان هڪڙي
ماڻهوءَ وڏي آواز سان چيو ته ”درزيءَ کان ٿي مٿي
چڙهئين!“ ’جانسن‘ جي عادت هوندي هئي ته جي ڪو مٿس
عيب چيني ڪندو هو، ته ان تي خوش خلقيءَ سان نظر
ڪندو هو، بلڪ انهيءَ مان فائدو وٺندو هو. اهي لفظ
ٻڌي، هن چيو ته ”هڪڙو صاحب چوي ٿو ته آءٌ درزي
هوس: انهيءَ ڪري ڪا منهنجي دل شڪستي نٿي ٿئي، ڇا
لاءِ جو جڏهن آءٌ درزي هوس تڏهن به ناموس ڪڍي هيم؛
۽ ڪپڙا تمام پورا ۽ چست تيار ڪندو هوس؛ آءٌ هميشه
پنهنجن گراهڪن سان سچو رهندو هوس، ۽ هميشه ڪم چڱو
ڪندو هوس.“ ’ڪارڊنل ولسي‘، ’ڊيفو‘ ’آڪنائڊ‘ ۽ ’ڪرڪ
وائيٽ‘ ڪاسائين جا پٽ هئا. ’بنين‘ ٺاٺارو هو، ۽
’جوزف لنڪاسٽر‘ هڪڙو ٽوڪرين جوڙڻ وارو هو. ٻاڦ جي
ڪل ڪڍڻ ۾ جن ماڻهن جا نالا مشهور ٿيا آهن، تن مان
’نيوڪم‘، ’واٽ‘ ۽ اسٽيفنسن‘ به آهن: پهريون لوهار
هو، ٻيو راضي اوزار جوڙيندڙ هو، ۽ ٽيون انجڻ جو آگ
وارو هو. ’هنٽنگڊن‘، واعظ، اصل اڱرن ڍوئڻ وارو هو؛
۽ ’بيوڪ‘، جو ڪاٺ جي اڪرڻ ۾ استاد ٿي گذريو آهي،
سو اڱرن جي کاڻ کوٽڻ وارو هو. ’ڊاڊسلي‘ هڪڙو
هرڪارو يا چپراسي هو؛ ۽ ’هالڪرانٽ‘ هڪڙو سئيس هو.
’بافن‘، مشهور جهازران، پنهنجي سامونڊي نوڪريءَ جي
شروع ۾ هڪڙو سکاني هو؛ ۽ ’سر ڪلاوڊسلي شوهيل‘ جهاز
جي ڪوٺين ۾ حاضري ڏيڻ وارو ڇوڪر هو. ’هرشل‘ باجي
وارن سپاهين جي توتاري وڄائيندو هو. ’چانٽري‘
مزوريءَ تي اُڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. ’ايٽي‘ مزوريءَ
تي ڇاپي جو ڪم ڪندو هو. ’سر ٽامس لارينس‘ هڪڙي
شرابخاني رکڻ واري جو پٽ هو. ’مائيڪل فارڊي‘، جو
هڪڙي لوهار جو پٽ هو، سو ننڍي هوندي هڪڙي لوهار جو
پٽ هو، سو ننڍي هوندي هڪڙي جلد بند جو شاگرد هوندو
هو، ۽ ٻاويهين ورهين جي عمر تائين اهو ڌنڌو
ڪيائين. تنهن کان پوءِ هو اول درجي جو وڏو فيلسفوف
شمار ٿيڻ ۾ آيو، ۽ پنهنجي استاد ’سر همفري ڊيوهي‘
کان به قدرتي ۽ طبعي علمن جي سخت مشڪل عقدن حل ڪرڻ
۾ گوءِ کڻي ويو.
هيئت جي عميق علم ۾ جن ماڻهن ترقي ڪئي، تن مان
هيٺيان اسان کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ’ڪاپرنيڪس‘، جو
پولنڊ جي هڪڙي نانوائيءَ جو پٽ؛ ’ڪيپلر‘، جو
جرمنيءَ جي هڪڙي شراب فروش جو پٽ هو، ۽ پاڻ به
دوڪان تي حاضريءَ جي نوڪري ڏيندو هو؛ ’ڊاليمبرٽ‘
لاوارث ٻار هو، ۽ پيرس ۾ ’سينٽ جين لي رانڊ‘ جي
ديول جي ڏاڪن تي، سياري جي هڪڙيءَ رات، ماڻهن کي
هٿ آيو، جنهن کي پوءِ هڪڙي شيشه گر جي زال پالي
وڏو ڪيو؛ ۽ ’نيوٽن‘ ۽ ’لاپليس‘، جن مان پهريون
’گرانٿام‘ جي ويجهو هڪڙي ننڍي زميندار جو پٽ هو،
۽ٻيو ’هانفلور‘ جي ويجهو ’بومانٽ اين اوگ‘ جو هڪڙو
غريب هاري هو. جيتوڻيڪ ننڍيءَ ڄمار ۾ اهي مشهور
ماڻهو مسڪينيءَ جي حالت ۾ هوندا هئا، تڏهن به هنن
پنهنجي ذاتي عقل ۽ جوهر جي زور تي اهڙي سچي ۽
بقادار ناموس کٽي، جا جيڪر ساريءَ دنيا جي دولت
ڏيڻ سان به خريد ڪري نه سگهجي. امڪان آهي ته پاڻ،
دولت جي هئڻ ڪري، انهيءَ ڄائي ڄم جي غريبيءَ کان
وڌيڪ ڳريون مشڪلاتون ۽ رنڊڪون هنن کي پيش اچن ها.
’لاگرينج‘، مشهور هيئتدان ۽ مهندس، جو پيءُ ٽيورن
۾ جنگي خزانچيءَ جي عهدي تي هو، پر خيالي فائدن جي
لالچ تي ڌنڌن ۾ پيسن وڃائڻ ڪري کٽي پيو، جنهنڪري
سندس ٻار ٻچا غريباڻو گذران ڪرڻ لڳا. پڇاڙيءَ وارن
ڏينهن ۾ ’لاگرينج‘ اڪثر پنهنجي عزت ۽ سک جو هڪڙو
سبب اهو سمجهندو هو، ۽ چوندو هو ته ”جي آءٌ
دولتمند هجان ها، ته شايد مهندس نه ٿيان ها.“
پادرين ۽ ٻين مذهبي عالمن جا پٽ، خاص اسان جي ملڪ
جي تاريخ ۾ مشهور ٿيا آهن. انهن مان اسان کي
هيٺيان نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ’ڊريڪ‘ ۽ ’نيلسن‘ جي
جهازي جنگين ۾ بهادريءَ جي ڪري مشهور ٿيا؛
’ولاسٽن‘، ’ينگ‘، ’پيلفيئر‘ ۽ ’بيل‘، حڪمتي ۽ عقلي
علمن جي ڪري؛ ’رين‘، ’رينالڊس‘، ’ولسن‘ ۽ ’ولڪلي‘،
هنرن جي ڪري؛ ’ٿرلو‘ ۽ ڪئمپ بيل‘، قاعدن جي ڪري؛ ۽
’ايڊيسن‘، ’ٽامسن‘، ’گولڊ سمٿ‘، ’ڪالرج‘ ۽ ’ٽيني
سن‘، علمي فضيلت ۽ قابليت جي ڪري. ’لارڊ هارڊنگ‘،
’ڪرنل ايڊورڊس‘ ۽ ’ميجر هاڊسن‘، جي هندستان جي
جنگين ۾ تمام مشهور ٿيا هئا، سي به پادرين جا پٽ
هئا.
انهيءَ ۾ بلڪل شڪ ڪونهي ته انگلنڊ جي بادشاهي جا
هندستان آئي ۽ قائم ٿي، سا خاص وچئين درجي جي
ماڻهن جي همت سان، جهڙيءَ طرح ’ڪلائيو‘، ’وارن
هيسٽنگس‘، ۽ انهن کان پوءِ جيڪي عملدار آيا، جي
گهڻو ڪري ڪارخانن ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا هئا، ۽ جن کي
ڌنڌي جي عمارتن جي تعليم ملي هئي. وڪيلن يا قاعدي
دانن جي پٽن مان وري هيٺيان نظر اچن. ٿا:
’ايڊمنڊبرڪ‘، ’سميٽن‘ انجنير، ’اسڪاٽ‘، ’ورڊس
ورٿ‘؛ ’لارڊ سامرس‘، لارڊ هارڊوڪ‘ ۽
’لارڊهارڊننگ‘. ’سروليم بلاڪسٽن‘ ته هڪڙي ريشم-
فروش جو پٽ هو، جو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڄائو هو.
’لارڊ گفرڊ‘ جي پيءُ ڊو’هر‘ ۾ پساري يا رواجي
دوڪاندار هو؛ ’لارڊ ڊين‘ جو پيءُ طبيب هو؛ جج
’ٽالفرڊ‘ جو پيءُ هڪڙي ڳوٺ جو ڪلالي يا شراب جوڙڻ
وارو هو؛ ۽ ’لارڊ چيف بارن پالڪ‘ جو پيءُ ’چيئرنگ
ڪراس‘ ۾ هڪڙو مشهور زين، فروش هو. ’ليارڊ‘، جنهن
’نينوا‘ قديم شهر جا گم ٿيل نشان ڳولي ڪڍيا، سو
لنڊن ۾ هڪڙي وڪيل جي آفيس ۾ منشي به هو، ۽ شاگرد
به هو. ’سر ويلم آرمسٽرانگ‘ جنهن پاڻيءَ ڇڪڻ ۽
چاڙهڻ جي ڪل ۽ آرمسٽرانگ توبن جوڙڻ جي تجويز ڪڍي،
سو پهريائين قاعدو سکندو هو، ۽ پوءِ ٿوري وقت
تائين وڪيل به ٿيو هو. ’ملٽن‘، لنڊن جي هڪڙي
دستاويز- نويس جو پٽ هو ’پوپ‘ ۽ ’سائودي‘ سڻيءَ جي
ڪپڙي وڪڻڻ وارن جا پٽ هئا. پروفيسر ’ولسن‘،
’پيسلي‘ جي هڪڙي ڪارخانائيءَ جو پٽ هو. ’ڪيٽس‘،
دوا فروش هو.’سرهمفري ڊيوهي‘، هڪڙي ٻهراڙيءَ جي
دوا ساز جو شاگرد هو. هڪڙي ڀيري ڊيوهيءَ پنهنجي
بابت ذڪر ڪندي چيو ته ”جنهن درجي تي آءٌ هاڻ
آهيان، تنهن تي مون پاڻ کي پاڻيهي پهچايو آهي. آءٌ
سواءِ مغروريءَ جي ائين ٿو چوان، ۽ بلڪل دل جي
سچائيءَ ۽ سادگيءَ سان ڳالهه ٿو ڪريان.“ ’رچرڊ
اوئين‘، جو علم خواص الاشياء ۾ ’نيوٽن‘ جو مٽ هو،
سو شروع ۾ هڪڙو ننڍو جهازي عهديدار هو، ۽ گهڻو
پوءِ وڏيءَ عمر ۾ انهيءَ علمي تحقيقات هٿ وڌائين،
جنهن ۾ هيترو مشهور ٿيو. هن پنهنجيءَ وڏيءَ علميت
جو پايو وڌو، سو تڏهن، جڏهن هن ’جان هنٽر‘، جي
محنت سان گڏ ٿيل عمدي عجائب خاني جي ياداشت ٿي
تيار ڪئي. اهو ڪم جي هن ڊاڪٽرن جو ڪاليج يعني
جراحن جي مدرسي ۾ ٿي ڪيو، تنهن ۾ هن کي قريب ڏهه
ورهيه لڳي ويا.
جن ماڻهن غريب ۽ مفلس ٿي ڪري پنهنجيءَ محنت ۽ ذاتي
جوهر سان پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، تن جا مثال جيترا
انگلنڊ جي تاريخ ۾ موجود آهن، تن کان گهٽ ٻين ملڪن
جي تاريخن ۾ ناهن. هنر ۾ اسان کي هيٺيان مشهور
ماڻهو معلوم ٿين ٿا: ’ڪلاڊ‘، حلوائيءَ جو پٽ هو؛
’گيفس‘، نانوائيءَ جو پٽ هو؛ ’ليوپولڊرابرٽ‘، واچ
ميڪر يعني گهڙي ساز جو پٽ هو؛ ’هيڊن‘ گاڏيءَ جوڙڻ
واري جو پٽ هو؛ ۽ ’ڊاگير‘ ناٽڪ جي پردن چٽڻ وارو
هو. ’پوپ گريگري‘ ستين جو پيءُ واڍو هو، ’سيڪسٽس‘
پنجين جو پيءُ ريڍار هو؛ ۽ ’ائڊرين‘ ڇهين جو پيءُ
هڪڙو غريب ٻيڙيءَ وارو هو. ’ائڊرين‘ جڏهن ڇوڪر هو،
تڏهن، غريب هئڻ ڪري، رات جو سبق پڙهڻ لاءِ بتيءَ
جو خرچ ڀري نه سگهندو هو، تنهنڪري گهٽين ۽ ديولن
جي ورانڊن وارن بتين جي سوجهري تي پيو پڙهندو هو.
ائين ڪرڻ مان سندس ايترو تحمل ۽ ڪشالو ڏسبو هو، جو
پڪ ٿيندي هئي ته وڏي هوندي هيءُ ڪو مشهور ماڻهو
ٿيندو. اهڙي ساڳئي غريباڻي اصل جا هيٺان ماڻهو به
هئا: ’هي‘، ’علم معدنيات جو عالم‘، ’سينٽ جسٽ‘ جي
هڪڙي ڪوريءَ جو پٽ هو؛ ’هوفيل‘، علم جرثقيل جو
عالم، ’ارلينس‘ جي هڪڙي نانوائيءَ جو پٽ هو؛ ’جوزف
فريئر‘ علم هندسه جو عالم، ’آرز‘ جي هڪڙي درزيءَ
جو پٽ هو؛ ’ڊيورانڊ‘، عمارت سازيءَ جو استاد، پيرس
جي هڪڙيءَ موچي جو پٽ هو؛ ۽ ’جيسنر‘، علم خواص
الاشياءِ جو عالم، زيورچ جي هڪڙي کاڻين واري جو پٽ
هو. هن پوئين ماڻهوءَ پنهنجي حياتيءَ جو دور
مفلسيءَ، بيماريءَ ۽ خانگي مصيبت جي عذابن ۽
تڪليفن سان شروع ڪيو. اُنهن مان ڪنهن به حالت نه
هن جي همت ڍري ڪئي، ۽ نه هن جي ترقي روڪي. هن جي
حياتيءَ جي احوال مان چڱيءَ طرح ٿابت ٿئي ٿو ته
اها ڳالهه جيڪا عام چوڻي آهي سا سچي آهي ته ’جن کي
تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ مرضي اٿن،
تن کي تمام گهڻو وقت ملي ٿو.‘ ’پيئر ريمس‘ به
اهڙيءَ طرز جو ماڻهو هو. هن جا مائٽ ’پڪارڊي‘ ۾
غريب ماڻهو هوندا هئا، ۽ هو پاڻ جڏهن ننڍو هو،
تڏهن رڍون چاريندو هو. پر اهو پورهيو پسند نه آيس،
تنهن ڪري پيرس ڏي ڀڄي ويو. گهڻن ڏکن ڏسڻ کان پوءِ
هن کي مس مس ’ناوهار‘ جي ڪاليج ۾ پٽيواليءَ جي
جاءِ ملي. انهيءَ جاءِ مان هن جي لاءِ علم ڏي رستو
کليو، ۽ سگهو ئي هو پنهنجي زماني جي مشهور ماڻهن
مان هڪڙو ٿي ويو.
’وهاڪلين‘ ڪيمياگر، ’ڪالوهاداس‘ ۾ ’سينٽ ائنڊري‘
جي هڪڙي ڪڙميءَ جو پٽ هو. جڏهين اسڪول جو ڇوڪر هو،
تڏهن غريباڻا ڪپڙا ڍڪيندو هو؛ انهيءَ هوندي به هو
ڏاڍو سمجهه وارو هو. سندس ماستر، جو کيس لکڻ پڙهڻ
سيکاريندو هو، سو سندس محنت جي تعريف ڪري چوندو
هوس ته ’شاباس‘ بابا ائين ڪندو رهه، پيو محنت ڪر ۽
پڙهه؛ هڪڙي ڏينهن، ڪالن، تون اهرا چڱا ڪپڙا
ڍڪندين، جهڙا ديول جو نگهبان ڍڪي ٿو‘. سگهوئي
ٻهراڙيءَ جو هڪڙو دوا فروش اسڪول ۾ آيو، ۽ هن
ڇوڪري جون مضبوط ٻانهون ڏسي هن کي پسند ڪيائين، ۽
هن کي پنهنجي دواخاني ۾ دوائن پيهڻ ۽ ٺاهڻ جي
نوڪريءَ جي آڇ ڪيائين، جا هن قبول ڪئي، انهيءَ
اُميد تي ته هن کي پنهنجن سبقن ياد ڪرڻ جو به وقت
ملندو. پر انهيءَ دوا فروش هن کي ڪوبه وقت پڙهڻ ۾
لڳائڻ نه ڏنو، تنهنڪري هن ڇوڪر هڪدم نوڪري ڇڏڻ جي
تياري ڪئي. انهيءَ خيال سان هو، سينٽ ائنڊريءَ مان
نڪري، پنهنجو ٿيلهو پٺن تي رکي، پئرس جو رستو وٺي،
اُٿي هليو. اتي پهچڻ کانپوءِ، هن ڪنهن دوا فروش جي
نوڪر جي جاءِ لاءِ ڳولا ڪئي، پر ڪابه ملي نه
سگهيس. ٿڪ ۽ نااُميديءَ کان اهڙو هلاڪ ٿيو جو
بيمار ٿي پيو، ۽ وڃي اسپتال ۾ پيو، جتي ڀانيائين
ٿي ته اجهو ٿو مران. پر هن غريب ڇوڪر جي نصيب ۾
بهتر ڪم لکيل هئا. هو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو، ۽ وري اٿي
نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ نيٺ هڪڙي دوا فروش وٽ
جاءِ مليس. تنهن کان پوءِ سگهو ئي مشهور ڪيميا گر
يا علم ڪيميا جو عالم ’فور ڪراءِ‘ سندس واقف ٿيو،
جنهن کي اهڙو وڻيو جو هن کڻي پنهنجو خانگي
سيڪريٽري يا پيشڪار ڪيس. گهڻن ورهين کان پوءِ،
جڏهن اهو وڏو عالم ۽ حڪيم هئو، تڏهن سندس جاءِ تي
’وهاڪلين‘ علم ڪيميا جو پروفيسر يا مدرس ٿيو. آخر،
سن 1829ع ۾، ’ڪالوهاڊاس‘ ضلعي جي چونڊ ڪرڻ وارن،
رايو ڏيئي، هن کي پنهنجي طرفان چيمبر آف ڊيپيوٽيز
يا نائبن جي مجلس جو ميمبر مقرر ڪرايو، ۽ هو جنهن
ڳوٺ مان گهڻا ورهيه اڳي غريبيءَ ۽ گمناميءَ جي
حالت ۾ نڪتو هو، تنهن ۾ وري تجمل سان گهڙيو. |