باب چوٿون
ڪشالو ۽ اورچائي
”محنتي ماڻهو، تونگر آهن. هو وقت يا زماني تي حڪم
هلائي سگهن ٿا، جو سڀاءُ جو سرمايو آهي. جي وقت جي
هٿن مان کڻي سندس واريءَ جي گهڙي ڪِري پوي، ته به
جيڪر هي ماڻهو، محنت ۽ ڪشالو ڪري، واريءَ کي ائين
چونڊي وٺن، جئن ڄڻ ته تارن جو ٻج آهي.“
(’ڊاو هيننٽ‘ مان ورتل)
حياتيءَ ۾ تمام وڏا فائدي جھڙا ڪم، اڪثر سادن
اُپائن ۽ رواجي لياقتن ڪم آڻڻ سان ڪرڻ ۾ ايندا
آهن. روزمره واري دنيائي وهنوار، جنهن ۾ ڪيترائي
فڪر ۽ ڳڻتيون، ضرورتون ۽ فرضي ڪم پيش اچن ٿا، تنهن
مان ماڻهوءَ کي تمام چڱي تجربي حاصل ڪرڻ جو گھڻو
وجھه ملي ٿو، ۽ جيڪو سچائيءَ سان محنت ڪري ٿو،
تنهن کي عام رواجي ڪمن ڪارين ڪرڻ ڪري جھڙو ڪوشش
ڪرڻ جو چڱو موقعو ملي ٿو، تهڙو پاڻ کي سڌارڻ جو
وجھ ملي ٿو. انساني سک جو رستو سچيءَ فياضيءَ جي
قديم شاهي سڙڪ جي ڀرسان وڃي ٿو، ۽ جيڪي ماڻهو بلڪل
اڻورچ ٿي سچيءَ دل سان محنت ڪن ٿا، اُهي ئي گھڻو
ڪري سڀ کان وڌيڪ فتحياب ٿين ٿا.
اڪثر ماڻهو نصيب کي انڌائيءَ جو ڏوهه ڏيندا آهن؛
پر نصيب اهڙو انڌو ڪين آهي، جھڙا ماڻهو پاڻ آهن.
جيڪي دنيائي وهنوار ۽ چالاڪيءَ تي نظر ڪن ٿا، تن
کي معلوم ٿيندو ته نصيب اڪثر محنتي ماڻهن جي پاسي
آهي- جھڙيءَ طرح واءُ ۽ لهريون تمام هوشيار جھاز
هلائيندڙ جي پاسي آهن. انسان جي علمي تحقيقات جي
اعليٰ شاخن ۾ به، تحصيل ڪندي، جيڪي عام ۽ رواجي
لياقتون آهن، سي ئي تمام گھڻو ڪمائتيون ٿيون ٿين-
جھڙيءَ طرح رواجي هوش يا حوصلو ۽ ڌيان، محنت ۽
اورچائي: ذاتي عقل ۽ ذهن اوترو ضروري ناهي-
جيتوڻيڪ تمام اعليٰ درجي جي عقلمند ۽ ذهين ماڻهوءَ
کي به انهن عام لياقتن جي استعمال کان عار ڪونه ٿو
اچي. جيڪي تمام وڏا ۽ مشهور ماڻهو ٿي گذريا آهن،
تن کي ته پاڻ ذاتي عقل يا ذهن تي تمام ٿورو اعتقاد
پئي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح، عام قسم جا ماڻهو، جي
دنيائي وهنوار ۾ ڏاها ۽ محڪم مزاج آهن ۽ فتحيات
پئي ٿيا آهن، سي پڻ اُن جا قائل ناهن- بلڪ ڪن ته
ذاتي عقل ۽ ذهن جي اها وصف ڏني آهي ته اُهو نهايت
درجي جو رواجي هوش ۽ حوصلو آهي. هڪڙو مشهور مُدرس
۽ مدرسي جو سرڪردو چوي ٿو ته ’ذاتي عقل يا ذهن‘
ڪوشش ۽ ڪشالي ڪرڻ جي سگھ کي ٿو چئجي‘. ’جان فاسٽر‘
اُن کي پنهنجي باهه پاڻ ٻارڻ جي طاقت ٿي سمجھيو.
’بفن‘ وري چيو ٿي ته ’ذاتي عقل آهي- صبر ۽ تحمل‘.
’نيوٽن‘ جي سمجھ تمام اعليٰ درجي جي هئي؛ انهيءَ
هوندي به جڏهن پڇيائونس ته ڪهڙيءَ طرح تو اهي عجيب
غريب حقيقتون ڳولي ڪڍيون، تڏهن هن حجاب سان ورندي
ڏني ته ”هميشه اُنهن بابت خيال ڪرڻ سان“.
ٻئي وقت وري هن پنهنجي اڀياس ۽ غور ڪرڻ جو رستو هن
طرح بيان ڪيو ته ”آءٌ سدائين مطلب وارو مضمون
پنهنجي نظر ۾ رکيو اچان، ۽ تحمل ڪريو پيو ترسان-
جيسين ڪ آهستي آهستي، پرهه ڦٽيءَ وانگي، سوجھرو
ٿورو ٿي وڌندو وڃي، ۽ نيٺ ڏينهن جھڙي چٽيءَ
روشنائي پيدا ٿئي“. ’نيوٽن‘ توڙي ڪن ٻين ماڻهن جو
هيتري ناموس ڪڍي، سو رڳو محنت ۽ اورچائيءَ ڪري.
رڳو هن جي وندر ئي اها هئي ته هڪڙي مضمون جا ڪتاب
مطالع ڪري ٿڪبو هو، ته ٻئي مضمون جا ڪتاب کڻندو
هو. ڊاڪٽر ’بينٽليءَ‘ کي هن چيو ته ”جيڪڏهن خلق جي
مون خدمت ڪئي آهي ۽ ان کي ڪو فائدو پهچايو اٿم، ته
اهو رڳو مون محنت سان، ۽ تحمل ڪري خيال ڪرڻ سان
ڪيو آهي“. ساڳيءَ طرح هڪڙي ٻئي وڏي فيلسوف،
’ڪيپلر‘ نالي، پنهنجي اڀياس ۽ ترقيءَ جي بيان ڪندي
هيئن چيو ته ” ’ورجل‘ شاعر جي قول موجب، مون سان
به اهو حال هو ته انهن ڳالهين تي، محنت ڪري خيال
ڪرڻ سان، پاڻ وڌيڪ خيال ڪرڻ جو ضرور ٿي ٿيو؛ نيٺ
انهيءَ حد ٿي ويُس جو پنهنجو سڄو ئي خيال ۽ مغز
انهيءَ مضمون تي ٿي لڳايم“. رڳو محنت ۽ اورچائيءَ
جي وسيلي جي عجيب عجيب نتيجا نڪرن ٿا، تن جي نظر
تي گھڻن مشهور قابل ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ
اچي ٿو ته جيئن اڪثر ماڻهو خيال ڪن ٿا، تيئن ذاتي
عقل يا ذهن اهڙي خدائي ڏات نه آهي، جا ڪنهن ڪنهن
کي نصيب ٿي ٿئي. انهيءَ طرح ’والٽيئر‘ جي راءِ هئي
ته ’ذاتي عقل واري ماڻهوءَ ۽ رواجي سمجھ واري
ماڻهوءَ جي وچ ۾ تمام ٿورو تفاوت آهي‘. ’بڪيريا‘
جي ته اهڙي به راءِ هئي ته ’سڀ ماڻهوءَ شاعر ۽
فصيح ٿي ٿا سگھن‘. ’رينالڊس‘ جو چوڻ هو ته سڀ
ماڻهو نقاشيءَ ۽ بت تراشيءَ ۾ استاد ٿي سگھن ٿا‘.
جيڪڏهن في الحقيقت ائين آهي ته ’ڪانو وها‘ جي مرڻ
مهل جنهن ڀورڙي ۽ ڪند ذهن انگريز پنهنجي ڀاءُ کان
پڇيو هو ته ”ڌنڌي هلائڻ لاءِ تنهنجو ارادو آهي يا
نه“ تنهن تمام غلط ڳالهه ڪين ڪئي هئي. ’لاڪ‘،
هيلوٽيئس‘ ۽ ’ڊئڊراٽ‘ جي راءِ هئي ته ’سڀني ماڻهن
۾ ذاتي عقل ۽ ذهن جي لاءِ هڪجھڙي لياقت آهي؛ ۽ جن
قاعدن تي سمجھ ۽ هوش جا ڪم تعلق رهن ٿا، تن موجب،
جيڪي هڪڙا ماڻهو ڪري سگھندا آهن، سوئي ٻيا ماڻهو
به ڪري سگھندا- بشرطيڪ اهي ساڳين حالتن ۾، ساڳين
ڪمن ۾ مشغول رهن. پر، جيتوڻيڪ هر طرح قبول کڻي ڪجي
ته محنت ۽ ڪشالي مان عجيب غريب نتيجا نڪرن ٿا، ۽
مشهور ذهن وارا ماڻهو هميشه محنتي ۽ اڻورچ رهندا
هئا، تڏهن به اها ڳالهه بلڪل صاف آهي ته جيڪڏهن دل
۽ مغز اصل خدائي ڏات نه هجي ها، ته ڪيتري به محنت،
ڪهڙي به چڱي رستي لڳائڻ سان، ’شيڪسپيئر‘ يا
’نيوٽن‘ ’بيٿوو هن‘ يا ’مائڪل آنجيلو‘ جھڙو انسان
پيدا نه ٿئي ها.
’ڊالٽن‘، مشهور ڪيمياگر، پاڻ کي ذاتي عقل ۽ ذهن
وارو ماڻهو ڪين ڄاڻندو هو، ۽ چوندو هو ته ’جيڪي
مون ڪيو آهي، سو رڳو محنت ۽ ڪشالي سان‘. ’جان
هنٽر‘ پنهنجي لاءِ چوندي هو ته ’منهنجو مغز مکين
جي ماناري سان مشابهت ٿو رکي؛ پر، جيتوڻيڪ منجھس
ظاهري ڳڙٻڙ ۽ ۽ ڀوُن- ڀوُن گھڻي آهي، تڏهن به پورو
بندوبست ۽ جوڙجڪ منجھس گھڻو آهي، ۽ سُڀاءَ جي
چونڊيل ۽ عمدي گنج مان ڏاڍيءَ محنت سان منجهس ماکي
پيئي گڏ ٿئي‘. جيڪڏهن اسين رڳو وڏن وڏن ماڻهن جي
تاريخي احوال پڙهي ڏسندا سين، ته اسان کي چڱيءَ
طرح معلوم ٿيندو ته تمام مشهور ڪلن ڪڍڻ وارا هنر
مند ۽ خيالي ماڻهو، ۽ هر ڪنهن قسم جا محنتي آدمي
گهڻو ڪري فتحياب ٿيا آهن، اهي اهڙا ماڻهو هئا، جن
سڀني شين کي- بلڪ خود وقت کي به- مٽائي سون ڪري ٿي
ڇڏيو. وڏي ’ڊزرائلي‘ جي راءِ هئي ته ’فتحمنديءَ جي
ڳجهي واٽ آهي- مطلب واري مضمون کي چڪاسي سِهي ڪرڻ:
۽ اهڙي چڪاس ۽ واقفيت رڳو ساندهه محنت ۽ اڀياس ڪرڻ
سان حاصل ٿي سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو جن ماڻهن
دنيا ۾ تحريڪ پيدا ڪيو آهي، سي جيترو پوريءَ وچولي
لياقت ۽ صحت، محنت ۽ اورچائيءَ وارا هئا، اوترا
سچي پچي ذاتي عقل ۽ ذهن وارا نه هئا: اهي اڪثر
اهڙا هئا، جن کي ڪا خدائي ڏات يا قدرتي لياقت مليل
نه هئي، پر اهڙا هئا، جن ڪهڙي به ڪم ۾ پاڻ کي
ڏاڍيءَ محنت ۽ ڪشالي سان لڳايو ٿي‘. هڪڙيءَ رن
زال، پنهنجي هوشيار پر بيپرواهه پُٽ بابت ذڪر
ڪندي، چيو ته ”افسوس آهي جو هن ۾ اڻورچ ٿي محنت
ڪرڻ جي طبيعي خاصيت ڪانهي!“ اهڙن بادي طبيعت وارن
ماڻهن ۾ اورچائي نه ٿيندي آهي، تنهن ڪري محنتي،
بلڪ موڳا ماڻهو به دنيائي وهنوار ۾ هنن کان ڪسر
کڻي ويندا آهن.
اٽلي ڏيهه ۾ هڪڙو پهاڪو آهي ته ”جيڪو آهستي آهستي
هلي ٿو، سو گهڻي تائين به هلي ٿو، ۽ پري به وڃي
ٿو“ انهيءَ ڪري وڏي ضروري ڳالهه آهي ته تعليم يا
تجويز سان محنت ڪرڻ جي عادت پرائجي. جڏهين ايترو
ڪبو، تڏهين مقابلي ڪري آسانيءَ سان ماڻهو اڳتي وڌي
سگهندو. اسان کي ورائي ورائي ڪم ڪرڻ گهرجي؛ محنت
ڪرڻ سان پاڻيهي سهنجائي لڳندي. تمام سولو هنر به،
محنت کان سواءِ پوريءَ طرح سکي نه سگهبو؛ ۽ محنت
سان ڪهڙا به مشڪل مشڪل ڪم ڪري ٿا سگهجن. ’سر رابرٽ
پيل‘ پاڻ ۾ جو اُهي مشهور پر وچوليون لياقتون
وڌايون، جن جي ڪري هو انگريزي پارليامينٽ ۾ هڪڙو
عجيب زيور ليکجڻ ۾ آيو، سو رڳو ننڍي هوندي جي
تعليم ۽ وري وري استعماليءَ ڪرڻ ڪري. جڏهين ’ڊريٽن
مانر‘ ۾ هو اڃا ڇوڪر هو، تڏهين پڻس زور ڪري ميز تي
ويهاريندو هوس، ته في البديهه گفتگو ڪرڻ جي
استعمالي ڪري؛ ۽ آچر جي ڏينهن ديول ۾ جيڪو وعظ
ٻڌندو هو، تنهن مان جيترو دل تي رهي سگھندو هوس،
اوترو ياد چئي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پهريائين ته
گھڻو سڌارو ڪونه ڪيائين، پر تحمل ۽ اورچائيءَ سان
ڌيان لڳائڻ جي عادت پڪي ٿي ويس، ۽ سڄو ئي وعظ گھڻو
ڪري لفظ بلفظ ياد پڙهي ويندو هو. پوين ڏينهن ۾
جڏهن پارليامينٽ منجھ پنهنجن مخالفن جي دليلن جي
ترتيبوار
جوابن ڏيڻ ۾ لاثاني ٿيو، تڏهن ڪنهن کي به اها خبر
ڪانه ٿي پيئي ته اهڙن وقتن تي جو هو ذهن جي تيزيءَ
۽ يادگيريءَ جي عجيب طاقت ظاهر ٿو ڪري، سو ’ڊريٽن‘
جي ننڍڙيءَ ديول ۾ پڻس جي ڏنل تعليم جي ڪري ئي
آهي.
تمام عام ۽ رواجي ڪمن ۾ اڻورچ ٿي محنت ڪرڻ مان جي
نتيجا پيدا ٿين ٿا، سي بيشڪ عجيب آهن. سارنگي
وڄائڻ آسان ڪم ڏسڻ ۾ ايندو هوندو- انهيءَ هوندي به
اُن جي استعمالي ڪرڻ ۾ ڪيتري نه سخت محنت ڏينهن جا
ڏينهن ڪرڻي ٿي پوي! ’گيارڊني‘ کان ڪنهن جوان پڇيو
ته، ”انهيءَ هنر سکڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟“ هن ورندي
ڏني ته ”ڏهاڙي ٻارهن ڪلاڪ ورزش ڪجي، ته به مڙئي
ويهه ورهيه لڳندا!“ چوڻي آهي ته ناچ سکڻ ۾ به ڏاڍي
محنت ٿي لڳي: ويچاري نچڻ واري جڏهن پنهنجي بيسود
ڌنڌي ۾ ورهيه جا ورهيه مٿو هڻي، تڏهن مس نالو ڪڍي.
جڏهن ’ٽاگيونيءَ‘ رات جي تماشي ڪرڻ لاءِ تياري ٿي
ڪئي، تڏهن پيءُ کان ٻن ڪلاڪن تائين جو سبق وٺندي
هئي، تنهن جي سختيءَ سبب اهڙي ٿڪجي ساڻي ٿي پوندي
هئي، جو سمهڻ جي لاءِ ڪپڙا به ٻيا اچي لاهيندا
هئس- ڌوئندا ۽ مالش ڪندا هئس، ته به خبر ڪانه
پوندي هيس! رات واري تماشي ۽ نچڻ جي چالاڪي،
اهڙيءَ سخت محنت کان پوءِ مس ٿي حاصل ٿي سگھي!.
ڪهڙي به چڱي قسم جو سڌارو، آهستي آهستي ٿيندو آهي.
وڏا وڏا ڪم يڪدم ڪري ڪين سگھبا آهن. اسان کي گھرجي
ته جيئن حياتيءَ جي رستي تي هلندا هلون، تيئن قدم
قدم جي وڌاپي تي قناعت ڪندا اچون. ’ڊي ميٽر‘ جو
قول آهي ته ”جنهن کي تحمل ۽ قناعت سان ترسڻ جو
رستو هٿ آيو، تنهن کي ڄڻ ته فتحيات ٿيڻ جو ڳجھو
رستو هٿ آيو“. لڻڻ کان اڳي اسان کي پوکڻ گھرجي.
انهيءَ وچ ۾ اسان کي گھڻيءَ مدت تائين رڳو اُميد
آسري تي صبر ڪري ويهڻ ۽ منتظر رهڻ ضرور ٿو ٿئي.
جنهن عمدي ميوي جي لاءِ گھڻو ترسڻو ٿو پوي، سو
اڪثر دير سان ٿو پچي- مگر، مشرقي ملڪن ۾ هڪڙو
پهاڪو آهي ته ”وقت ۽ صبر، تُوت جي پن کي ڦيرائي
اطلس ڪري ٿو“.
ساڳئي وقت، صبر ۽ تحمل سان ترسي ويهڻ لاءِ، ماڻهن
کي گھرجي ته خوشدليءَ ۽ خوش مزاجيءَ سان محنت ڪن.
خوشدلي، محنت ڪندڙ ماڻهوءَ جي لاءِ تمام چڱي خاصيت
آهي، جنهن جي ڪري هن جي ذاتي لياقت، ڇڪجي تاڻجي،
نيٺ پوري بيهي سگھي ٿي. جيئن هڪڙي پادريءَ چيو آهي
ته ”طبيعت، عيسوي مذهب جي ڏهن حصن مان نو حصا
آهي“، تيئن خوشدلي ۽ محنت به سياڻپ ۽ حڪمت عمليءَ
جي ڏهن حصن مان نو حصا آهي. اهي خاصيتون فتحمنديءَ
۽ نيڪبختيءَ جو روح يا مول آهن. صفائيءَ چستيءَ ۽
ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ مان جا خوشي حاصل ٿي ٿئي،
تنهن کان مٿي شايد دنيا ۾ ٻي ڪانه هوندي؛ ڇا لاءِ
جو همت ۽ ڀروسو ۽ ٻيو سڀڪو چڱو گڻ اُن تي تعلق رهي
ٿو. جڏهن ’سڊني سمٿ‘، يار ڪشائر ۾ ’فاسٽن لي ڪلي‘
منجھ، پادريءَ جي عهدي تي مقرر هو، تڏهن جيتوڻيڪ
اهو ڪم سندس طبيعت جي موافق نه هو، ته به دل جي
خوشيءَ سان پيو ڪم ڪندو- انهيءَ ارادي سان، ته
جيترو ٿي سگھي اوترو چڱيءَ طرح ڪم ڪري. هن چيو ته
”مون پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي ته جيئن تيئن انهيءَ ڪم
سان دل لڳايان؛ اهو وڌيڪ مردانگيءَ جو ڪم آهي،
انهيءَ کان، ته ڍونگ ڪري چوان ته اِها نوڪري
منهنجي لائق ناهي ۽ ٽپال جي رستي فريادون لکان ته
آءٌ اچي پرديس ۾ پيو آهيان ۽ سڃ ۾ پيو گذاريان، يا
اهڙيون ٻيون اجايون شڪايتون لکان“. انهيءَ طرح
جڏهن هڪ ڊاڪٽر ليڊس جو شهر ڇڏي، نئين قسم جي ڪم تي
ٿي ويو، تڏهن چوڻ لڳو ته ’جتي ڪٿي آءٌ هوندس، اُتي
خدا تعاليَ جي فضل سان جيڪو ڪم مون کي هٿ لڳي
ويندو، سو همت سان ڪندس؛ ۽ جي ڪو به ڪم نه لڳو، ته
آءٌ پاڻيهي پنهنجي لاءِ ڪم پيدا ڪندس‘
جيڪي ماڻهو خاص طرح عام فائدي جي لاءِ پورهيو ڪن
ٿا، تن کي اڪثر گهڻن ڏينهن تائين تحمل ۽ بردباريءَ
سان ڪم ڪرڻو ٿو پوي، ۽ گهڻو ڪري ڪنهن ترت بدلي يا
نتيجي جي اميد جي خوشي ۽ همت حاصل نٿي ٿئي، ڪڏهن
ڪڏهن ته جو ٻج هو پوکين ٿا، سو سياري جي برف ۾ لڪل
رهي ٿو، ۽ بهار جي اچڻ کان اڳي شايد پوکڻ وارو مري
وڃي ٿو. سڀڪو عام فائدي لاءِ محنت ڪندڙ ماڻهو،
’رولنڊهل‘ وانگي، پنهنجي رٿيل ارادي ۽ ڪمائيءَ جو
ڦل پنهنجي حياتيءَ ۾ نڪرندو نٿو ڏسي.’ائڊم سمٿ‘،
قوم جي وڏي سڌاري جو ٻج ’گلاسگو‘ جي انهيءَ قديم
پراڻي مدرسي ۾ پوکيو، جنهن ۾ هن ڏينهن جا ڏينهن
پورهيو ڪيو، ۽ اتي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”ملڪن جي
مايا“ جو بنياد وڌو، پر ستر ورهيه لنگهي ويا، تنهن
کان پوءِ مس سندس ڪمائيءَ مان ڪي سجايا ڦل نڪرڻ
لڳا. ۽ حقيقت جي ڳالهه اها آهي ته اڃا تائين به
اُهي سڀ گڏ ٿي نه رهيا آهن.
جو ماڻهو اُميد لاهي ويهي رهي ٿو، تنهن کي ٻي ڪا
به شيءِ خوش رکي نٿي سگهي، ۽ ان جي سڄي چال ڦريو
وڃي. هڪڙي وڏي پر دلشڪستي فيلسوف جو قول آهي ته
”جڏهن مون سڀ اميد لاٿي، تڏهن آءٌ ڪيئن ڪري
سگهندس، ۽ خوش ڪيئن رهي سگهندس؟“ ’ڪيري‘، مشهور
پادري، هڪڙو تمام خوشدل ۽ همت ڀريو ماڻهو هو،
ڇاڪاڻ جو هو جيڪو ڪم ڪندو هو، سو گهڻيءَ اميد سان
ڪندو هو. جڏهن هندوستان ۾ هوندو هو، تڏهن هو اڪثر
هڪڙي ڏينهن ۾ ٽن پنڊتن کي ٿڪائي ڇڏيندو هو، جي وٽس
منشگيريءَ جو ڪم ڪندا هئا؛ ۽ هو پاڻ وري ساهي رڳو
هيئن کڻندو هو، جو هڪڙي قسم جي مشغولي ڇڏي ٻي
کڻندو هو. ’ڪيري‘ جو پاڻ موچيءَ جو پٽ هو، تنهن کي
’وارڊ‘ واڍي جو پٽ ۽ ’مارشام‘ ڪوريءَ جو پٽ سندس
ڪم ۾ مدد ڏيندا هئا. انهن ٽنهي جي محنت ۽ ڪوشش سان
’سيرامپور‘ ۾ هڪڙو وڏو مدرسو برپا ٿيو؛ سورهن مزي
جهڙيون تعليم جون جايون مقرر ٿيون؛ بائبل يعني
انجيل جا سورهن ٻولين ۾ ترجما ٿيا؛ ۽ هندستان جو
جيڪو ڀاڱو انگريزن جي هٿ ۾ هو، تنهن ۾ فائدي جهڙو
اخلاقي سڌاري جو ٻج پوکجي ويو.
’ڪيري‘، پنهنجي غريباڻي اصل نسل جي ڪري ڪڏهن به
شرمندو نه ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري، گورنر جنرل سان گڏ
هڪ ميز تي ماني ويٺي کاڌائين، ته سندس سامهون هڪڙي
آفيسر ٻئي کان آهستي پڇيو. اهڙو جو ٻڌي سگهجي- ته
”’ڪيري‘ اڳي موچي ته نه هو؟“ ’ڪيري‘ انهيءَ دم وڏي
آواز سان چيو ته ”نه سائين، آءٌ رڳو ڳلي دوز هوس!“
ننڍپڻ ۾ سندس محنت ۽ اوچائيءَ جي عادت جي هڪڙي
تمام عجيب ڳالهه ڪندا آهن: هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن وڻ
تي ٿي چڙهيو، سو پير ترڪي پيس؛ زمين تي ڪري پيو، ۽
ٽنگ ڀڄي پيس. ڪيترن هفتن تائين ته هو بستري نشين
هو؛ پر جڏهن ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ۽ ٽيڪ کان سواءِ هلڻ
جهڙو ٿيو، تڏهن پهريون ڪم جو هن ڪيو، سو اهو هو ته
انهيءَ ساڳيءَ وڻ تي وڃي چڙهيو! ’ڪيري‘ کي ههڙي
همت ۽ بهادري، پادريءَ جي ڪم ۾ عمر گذارڻ لاءِ
بلڪل ضروري هئي؛ ۽ هن اهو ڪم عالي همتيءَ ۽ پڪي
ارادي سان پورو ڪيو.
ڊاڪٽر ’ينگ‘، مشهور فيلسوف، جو اهو قول هو ته”جيڪو
ڪم هڪڙي ماڻهوءَ ڪيو آهي، سو ڪوبه سگهي ٿو“.
انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جن آزمائشن ڪرڻ ۽ تڪليفن کڻڻ
جو هن ٺهراءٌ ڪيو، تن کان هن ڪڏهن منهن نه موڙيو،
هن جي ڳالهه ڪندا آهن ته پهرئين ڀيري جڏهن هو
گهوڙي تي چڙهيو، تڏهن ’يوري‘ واري مسٽر ’بارڪلي‘
جو پوٽو، جو مشهور شڪاري هو، سو ساڻس گڏ هو. اوچتو
سندن اڳيان جو گهوڙيسوار پئي ويو، تنهن هڪڙي وڏي
لوڙهي تان گهوڙو ٽپايو. ’ينگ‘ ڀانيو ته آءٌ به
ائين ڪريان؛ پر انهيءَ ڪوشش ۾ هو گهوڙي تان ڪري
پيو. نڪي ڪڇيائين، نڪي پڇيائين- هڪدم وري گهوڙي تي
چڙهي، ٻيو ڀيرو ڪوشش ڪرڻ لڳو؛ پر وري به لوڙهو ٽپي
ٿي نه سگهيو. مگر، هن دفعي هيٺ ڪين ڪريو، رڳو
اڇلجي وڃي گهوڙي جي ڪنڌ تي پيو، جتي چنبڙي پيو،
ٽئين ڀيري هو پنهنجيءَ ڪوشش ۾ فتحياب ٿيو، ۽ لوڙهو
ٽپي وڃي پار پيو.
اها ڳالهه مشهور آهي ته’تيمور‘ تاتاري، ڪمبختيءَ
جي حالت ۾، محنت ۽ اورچائيءَ جو سبق ڪوريئڙي کان
سکيو، اميريڪا واري پکين جي عالم ’آڊوبن‘ جيڪا پاڻ
ڳالهه لکي آهي، سا به اهڙي ئي مزي جهڙي آهي. هو
چوي ٿو ته ”مون پنهنجي هٿ سان جي ٻه سو تصويررون
ڪڍيون هيون، سي ڪنهن اتفاق سان خراب ٿي پيون، تنهن
ڪري منهنجي دل اهڙي ڀڄي پيئي، جو پکين جي احوال
معلوم ڪرڻ ۽ بيان ڏيڻ ۾ جو ڌيان ڏيندو هوس، سو اصل
ڇڏڻ تي هوس. آءٌ انهيءَ جو هتي ذڪر ڪريان ٿو، رڳو
ايتري لاءِ، ته ڏيکاريان ته اورچائي، يا جنهن کي
حد کان زياده شوق به چئي سگهجي ٿو، تنهنجي ڪري
جيڪو ماڻهو سُڀاءَ جي سنڀال ڪري ٿو، سو تمام وڏين
۽ دل لوڏيندڙ مشڪلاتن منجهان لنگهي وڃي پار پوي
ٿو. ’ڪينٽڪي‘ ۾ ’اوهيو‘ نديءَ جي ڪناري تي جو
’هنڊرسن‘ جو ڳوٺ آهي، ۽ جنهن ۾ آءٌ ڪيترن ورهين
کان رهندو هوس، تنهن کي ڇڏي، ڪنهن ڪم تي آءٌ
’فلاڊيلفيا‘ ڏي ٿي ويس. هلڻ کان اڳي مون پنهنجون
تصويرون سنڀالي ڏٺيون، خبرداريءَ سان انهن کي
هڪڙيءَ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ رکيم، ۽ هڪڙي عزيز جي
حوالي ۾ ڏنم. تاڪيد ڪيومانس ته انهن جي سنڀال ڪر،
متان ڪو نقصان پهچين، مون کي ڪي مهينا ٻاهر رهڻو
پيو؛ ۽ جڏهن ٿورن ڏينهن تائين وطن جون لذتون وٺي
موٽي آيس، تڏهن پنهنجي پيتيءَ جي پڇا ڪيم، ته اهو
منهنجو خزانو ڪٿي آهي. پيتي کڻي آيا، ۽ اُها
کوليم؛ پر ڇا ڏسان ته مار، ناروي جا ٻه ڪُئا سڄي
پيتيءَ جو قبضو وٺي ويا آهن، ۽ جن ڪاغذن تي اڳئين
مهيني ۾ هزارن پکين جون تصويرون نڪتل هيون، تن کي
ڪُتري، انهن ۾ کڻي ٻچا ڪيا اٿن! انهيءَ ساڙ ڪري،
منهنجو مغز اهڙو تپي ويو جو آءٌ پنهنجن حواسن ۾ ئي
ڪين هوس. آءٌ راتين جون راتيون ستو پيو هوس، ۽
ڏينهن جا ڏينهن ويسر ۽ بيخياليءَ ۾ گذري ويا. نيٺ،
جڏهن منهنجو بت سامت ۾ آيو ۽ ساهه پٽيم، تڏهن
پنهنجي بندوق، نوٽبڪ ۽ پينسلون کڻي، اهڙيءَ خوشيءَ
سان جهنگ ڏي هليس، جو ڄڻ ته ڪو به خرابيءَ جهڙو
اتفاق ئي نه ٿيو هو. آءٌ پاڻ سرهو ٿيس ته هينئر
آءٌ اڳي کان به بهتر تصويرون ڪڍي سگهندس. ٽي ورهيه
مس گذريا ته منهنجو ڪتاب وري به تصويرن سان ڀرجي
پيو“.
اها ڳالهه مشهور آهي، تنهنڪري ان جي وري بيان ڪرڻ
جو ضرور ڪونهي ته’سر آئزڪ نيوٽن‘ وٽ جو هڪڙو ننڍڙو
ڪتو ”هيرو“ نالي هو، تنهن هڪڙي ڀيري اتفاق سان
ٻرندي شمع سندس لکڻ واريءَ ميز تي ڪيرائي وڌي،
جنهن ڪري سندس ورهين جا ڪيل مشڪل مشڪل حساب هڪڙي
پل ۾ سڙي چٽ ٿي ويا. چون ٿا ته انهيءَ نقصان جي
ڪري انهيءَ فيلسوف کي ايترو گهڻو درد ٿيو، جو سندس
تندرستيءَ ۾ خلل پئجي ويو، ۽ سندس هوش ۽ عقل کي
حرڪت پهچي ويئي اهڙي ئي قسم جو هڪڙو اتفاق
’ڪارلائل‘ صاحب جي لکيل ڪتاب، ”فرانس جو ملڪي
فساد“، جي پهرئين جلد سان به ٿيو هو. هن اهو ڪتاب
ڪنهن پاڙيسريءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ڀُل کان اهو
صُفي ۾ پٽ تي رهجي ويو، ۽ وسري ويو. ڪيترن هفتن
کان پوءِ جڏهن ڇاپڻ وارا ڪتاب جي ملڻ لاءِ دانهون
ڪرڻ لڳا، تڏهن انهيءَ تاريخ نويس پنهنجو ڪتاب
گھرايو. ڏاڍي پڇا ڳاڇا ٿيڻ لڳي. نيٺ معلوم ٿيو ته
اُهو ڪتاب پورهيت لڌو هو، ۽ ڀانيائين ته ڪي نڪما
ڪاغذ گڏ ٻڌل پٽ تي پيا آهن، سي هن بورچيخاني ۽
صُفي ۾ باهه ٻارڻ جي ڪم ۾ آڻي ڇڏيا هئا! اهو جواب
’ڪارلائل‘ صاحب کي ڏنائون. اُهو ٻڌي، هن جي دل ۾
ڇا آيو هوندو، تنهن جو قياس ڪري سگھجي ٿو. پر،
لاچار، ٻيو علاج ڪونه هو: وري نئين سر سرجوشيءَ
سان ڪتاب جي لکڻ تي محنت ڪرڻ لڳو. نيٺ، مٿو هڻي،
اُهو پورو ڪيائين. هن وٽ ڪو مسودو ڪونه هو؛ لاچار
ٿيس جو وري پنهنجي دليان وسري ويل حقيقتون، خيال ۽
عبارتون، ياد ڪري لکي. پهريندي جو ڪتاب لکيو
هئائين، سو سندس لاءِ خوشيءَ جو ڪم هو؛ پر وري اُن
جي ٻئي ڀيري لکڻ ۾ ايترو رنج ۽ عذاب هو، جو ويساهه
ڪرڻ کان ٻاهر آهي؛ پر هن نيٺ اهڙيءَ حالت ۾
اورچائيءَ ۽ محنت سان اهو ڪتاب پورو ڪيو اهو پڪي
ارادي جو اهڙو مثال آهي، جنهن جھڙو ڪو ٻيو ورلي
ملي سگھندو.
وڏين ڪلن ڪڍندڙ ۽ هنر پيدا ڪندڙ ماڻهن جي احوالن
پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو نه انهن سڀني ۾ هڪجھڙي محنت
۽ اورچائيءَ جي وڏي خاصيت ٿيندي آهي. ’جارج
اسٽيفنسن‘ جو دستور هوندو هو ته جڏهن به هو ڪن
جوان ماڻهن جي مجلس ۾ تقرير ڏيندو هو، تڏهن هميشه
پڇاڙيءَ ۾ هنن کي پنهنجي نهايت عمدي صلاح هيٺين
لفظن ۾ ڏيندو هو ته ”جيئن مون ڪيو آهي، تيئن اوهين
به ڪريو: يعني اڻورچ ٿي محنت ڪريو“. هن پنهنجيءَ
چُرڻ واريءَ ڪل جي سڌاري ڪرڻ ۾ پندرهن ورهيه کن
مٿو هنيو؛ تنهن کان پوءِ، ’رين هل‘ ۾، مس پوريءَ
طرح فتحياب ٿيو. ’واٽ‘ به اٽڪل ٽيهه ورهيه پورهيو
ڪري، ٻاڦ جي ڪل ڪماليت کي پهچائي. ٻئي به سڀ ڪنهن
علم، هنر ۽ محنت جي شاخ ۾ ڪشالي ۽ اورچائيءَ جا
مزي جھڙا مثال ملي سگھن ٿا. شايد تمام مزي جھڙو
مثال اهو آهي جو ’نينوا‘ شهر جي قديم مرمر جي پهڻن
زمين مان کوٽي ڪڍڻ بابت، ۽ انهن تي جي تير جي منهن
جھڙا اکر اڳئين زماني ۾ لکيل هئا، ۽ جي پوءِ گم ٿي
ويا هئا، تن جي وري ظاهر ڪرڻ بابت آهي. انهي قسم
جا اکر، جنهن زماني ۾ ’مقد ونيه‘ جي يوناني ماڻهن
ايران فتح ڪيو، تڏهن کان وٺي گم ٿي ويا هئا، ۽
ڪنهن کي انهن جي خبر ڪانه ٿي پيئي.
’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو هڪڙو هوشيار ڇاڙتو يا
اميدوار، جو ايران جي ’ڪرمان شاهه‘ شهر ۾ رکيل هو،
تنهن، پاسي وارن قديم عمارتن ۽ نشانن تي تير جي
منهن وارا اکر لکيل ڏٺا. اهي اهڙا جھونا هئا، جن
جي خبر تاريخن مان ملي نٿي سگھي. جيڪي تاريخون ۽
عبارتون هن نقل ڪيون، تن مان هڪڙي ’بيستون‘ جي
مشهور ٽَڪر تان اتاري هئائين. اهو ٽَڪر ميدان کان
مٿي 1800 فوٽ اُڀو بيٺل آهي. ان جي هيٺئين ڀاڱي
تي، اٽڪل ٽن فوٽن جيتريءَ جاءِ تي، ٽن ٻولين-
ايراني، توراني ۽ سرياني ۾ اکر لکيل هئا. جن ٻولين
جي خبر هئي ۽ جن جي نه هئي، ۽ جا ٻولي اڃان رواج ۾
هئي ۽ جا گم ٿي ويئي هئي، تن جي مقابلي ڪرڻ سان،
انهيءَ جوان شخص، تير جي منهن جهڙن اکرن مان ڪجهه
مطلب سمجهيو- بلڪ ’الف- ب‘ به ٺاهي ويو. ’رالنسن‘
صاحب (جو پوءِ ’سرهينري رالنسن‘ ٿيو) پنهنجا ڪي
نقل يا اتارا جانچ ۽ چڪاس لاءِ وطن ڏي ڏياري
موڪليا. ڪنهن به مدرسي جي مُدرسن يا پڙهائيندڙن کي
اڃا تير جي منهن جهڙن اکرن جي خبر ڪانه هئي؛ پر
’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جي آفيس جي هڪڙي ڪلارڪ يا
محرر کي- جنهن جو نالو ’نارس‘ هو، غريب ۽ نامشهور
ماڻهو هو، ۽ انهن اڻ ڏٺل اکرن کي خاص طرح ڌيان
ڏيئي جانچيو هئائين، ۽ انهن مان واقف ٿيو هو-
’رالنسن‘ صاحب وارا ڪاغذ آڻي ڏنائون. هو انهن اکرن
پڙهڻ ۾ اهڙو هوشيار ٿي ويو، جو جيتوڻيڪ ’بيستون
جبل ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هئائين، تڏهن به ظاهر
ڪيائين ته اهي مونجهاري جهڙا اکر پوريءَ طرح نقل
ڪيل نه آهن. ’رالنسن‘ اڃا انهيءَ جبل جي نزديڪيءَ
۾ هو، سو پنهنجو نقل وري اصل سان ڀيٽي ڏٺائين، ۽
معلوم ٿيس ته ’نارس‘ جي ڳالهه برابر آهي. انهيءَ
طرح، زياده ڀيٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ خبرداريءَ سان جانچ ڪڻ
ڪري، انهن تير جي منهن جهڙن اکرن جي تمام گهڻي خبر
پئجي ويئي.
پر هنن ٻن پاڻيهي پڙهيل ماڻهن جي قابليت سجائي ڪرڻ
لاءِ، ٽئي هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪمائيءَ جو ضرور هو، جو
هنن کي سندن سياڻپ ۽ تجويز هلائڻ لاءِ سامان موجود
ڪري ڏئي. اهو ڪم ’آسٽن ليارڊ‘ پاڻ تي کنيو، جو اصل
لنڊن جي هڪڙي وڪيل جو منشي هو. انهن ٽن ڄڻن- يعني
هڪڙي اميدوار، انڊيا- هائوس جي هڪڙي ڪلارڪ، ۽ وڪيل
جي هڪڙي منشيءَ- هڪڙي ورهين جي وسريل ٻولي ظاهر
ڪئي، ۽ قديم شهر بابل جي گم ٿيل تاريخ ڳولي ڪڍي،
اها ڳالهه ڪنهن کي اعتبار ۾ ئي نه ايندي؛ پر في
الحقيقت ائين هو. ’ليارڊ‘ فقط ٻاويهن ورهين عمر جو
جوان هو. اڀرندي وارن ملڪن ۾ گشت پيو ڪندو هو، ته
اوچتو اچي دل ۾ پيس ته ’فرات‘ ندي لنگهي پرئين
پاسي وارا ملڪ ڏسان. پوءِ رڳو هڪڙو سنگتي ساڻ ڪري،
پنهنجن هٿيارن جي ڏڍ تي هام ڀري، ۽ انهيءَ کان وڌ،
پنهنجي خوشدليءَ ۽ خوش خلقيءَ ۽ همت تي ڀروسو رکي،
هو ڪيترين قومن منجهان سلامتيءَ سان لنگهي ويو، جن
جي پاڻ ۾ موتمار جنگ پئي هلي. گهڻن ورهين کان پوءِ
پوريءَ پنيءَ موڙيءَ سان پر محنت ۽ اورچائيءَ،
قائم ارادي، توڪل ۽ تحمل جي مدد سان، مخفي احوال
ظاهر ڪرڻ جي شوق ۾ رهي رهي، نيٺ هن ايترا تاريخي
خزانا کوٽي ڪڍيا ۽ ظاهر ڪيا، جن جهڙا ڪنهن به ٻئي
ماڻهوءَ يڪي سر محنت ڪرڻ سان نه ڪڍيا هوندا.
’ليارڊ‘ صاحب سڄا ٻه ميل سنگتراشي ڪم جا ظاهر ڪيا،
جن تي شڪليون ۽ اکر اڪريل هئا. انهن قديمي قيمتي
نشانن مان ڪي چونڊيل شيون جي هاڻي انگلنڊ جي
عجائبخاني ۾ رکيل آهن، تن مان ٽن هزارن ورهين کان
اڳ پاڪ ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل ڳالهين جي جڏهن پڪي ثابتي
۽ تصديق ملي، تڏهن جهان کي حيرت لڳي ويئي، جو
ڀانيائون ته خدا جي قدرت سان اهي اسرار ظاهر ٿيا
آهن. ’ليارڊ‘ صاحب انهن مشهور نشانن جي کوٽي ڪڍڻ
جو بيان هڪڙي ڪتاب ۾ لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي
”نينوا جا نشان“. اهو جيڪو پڙهندو، تنهن کي هميشه
معلوم ٿيندو ته هڪڙي سر جي محنت جانفشانيءَ، همت ۽
جوانمرديءَ جا جيڪي نهايت سچا ۽ مزي جهڙا دفتر
اسان وٽ موجود آهن، تن مان اهو ڪتاب به هڪڙو آهي.
’ڪائونٽ ڊي بفن‘ جي احوال مان انهيءَ ڳالهه جو ٻيو
عمدو مثال ملي ٿو ته صبر ڪري محنت ڪرڻ مان ڏاڍو
چڱو ۽ زور ڀريو اثر پيدا ٿئي ٿو- جيئن هن پاڻ لکيو
آهي، ’ذاتي عقل، صبر ۽ تحمل آهي.‘ ’بفن‘ صاحب علم
موجودات يا علم حيوانات ۾ جيڪي وڏا وڏا ڪم ڪيا، تن
هوندي به ننڍپڻ ۾ هو رواجي سمجهه وارو هو. هن جو
ذهن پڪي ٿيڻ ۾ تمام ڍرو هو، ۽ جيڪي هڪ دفعي هو
سمجهندو هو، سو وري ظاهر ڪرڻ يا ٻئي کي سمجهائڻ
مشڪل لڳندو هوس. بدن جي ڊول ۽ بغاوت ڪري به هو سست
هو؛ ٻيو وري ورثي ۾ وڏي جاگير ملي هيس، تنهنڪري به
خيال ۾ اچي سگهندو ته هن جو ميل، آرام ۽ عيش عشرت
ڏي گهڻو هوندو هو. پر ان جي برخلاف، هن ڪچيءَ ۾ ئي
پڪو ارادو ڪيو ته عيش ۽ عشرت کي ويجهو نه ويندس، ۽
پاڻ کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ سڌارڻ ۾ مشغول رکندس.
جڏهن سمجهائين ته وقت هڪڙو حد ڪيل خزانو آهي، ۽
ڄاتائين ته آءٌ فجر فجر جو ڪيترا ڪلاڪ اجايو هنڌ ۾
پئي پئي پيو وڃايان، تڏهن هِن انهيءَ عادت ڦٽي ڪرڻ
جو پڪو ٺهراءُ ڪيو. ڪن ڏينهن تائين هن ائين ڪرڻ
لاءِ ڏاڍو مٿو هنيو، پر جيڪو وقت پنهنجي لاءِ مقرر
ڪيو هئائين، تنهن تي اٿي نه سگهيو. تڏهن هن پنهنجي
نوڪر ’جوزف‘ جي مدد گهري. هن سان انجام ڪيائين ته
’جنهن جنهن ڏينهن تون مون کي ڇهين بجي کان اڳي هنڌ
مان اٿاريندين، انهيءَ ڏينهن آءٌ توکي هڪڙو ڪرائون
انعام ڏيندس.‘ پهرئين ڀيري جڏهن ’بفن‘ کي سندس
نوڪر اٿڻ لاءِ سڏيو، تڏهن هن اٿڻ کان انڪار ڪيو، ۽
چوڻ لڳو ته مون کي ڇڏ، آءٌ بيمار آهيان!‘ ۽ هن جي
اهڙيءَ حرڪت تي ظاهري ڪاوڙ ڪرڻ لڳو. نيٺ جڏهن دير
ڪري هو اٿيو، تڏهن ’جوزف‘ کي اجايو سجايو
ڳالهايائين، ۽ چيائين ته ’جڏهن مون توکي صاف حڪم
ڏنو هو ته زور ڪري مون کي اٿارجئين، تڏهن ڇو مون
کي هنڌ ۾ سمهڻ ڏنئه!‘ تنهن تي نيٺ نوڪر دل ۾ پڪو
ارادو ڪيو ته هاڻ ڪيئن به ڪرائون کٽندس. ٻئي ڀيري
’بفن‘ کي وري اٿڻ لاءِ زور ڪيائين- جيتوڻيڪ اڳيان
هن گهڻيون منٿون ڪيس، سوال- جواب هلايائين، ۽ هڪدم
نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جا دڙڪا ڏنائينس. هڪڙي ڏينهن،
’بفن‘ اٿڻ کان اصل جواب ڏيئي پئجي رهيو. ’جوزف‘
ڏٺو ته هن جي هوڏ ڀڃڻ جو ٻيو چارو ڪونهي، سواءِ
سختيءَ جي. سو، برف جهڙو ٿڌو پاڻي کڻي هنڌ تي سندس
هيٺان ڪنهن ٿانءَ مان اڇلائي وڌائين- جهٽ ۾ هو ٽپ
ڏيئي اٿي ويهي رهيو! اهڙن زور وارن اُپائن سا، نيٺ
’بفن‘ پنهنجي عادت مٽائي. هو هميشه چوندو هو ته
”آءٌ ’جوزف‘ جو شڪرگذار آهيان، جنهن مون کي علم
موجودات جا ٽي يا چار جلد لکايا.“
پنهنجيءَ عمر جا چاليهه ورهيه برابر، ’بفن‘، ڏهاڙي
صبح جو نائين بجي کان وٺي ٻي بجي تائين، ميز تي
ويهي لکپڙهه جو ڪم ڪندو هو؛ ۽ وري سانجهن جو پنجين
بجي کان وٺي نائين بجي تائين ڪم ڪندو هو. هو اهڙي
ساندهه محنت ڪندو هو، ۽ پوري وقت تي ڪم ڪندو هو،
جو اها عادت ٿي ويئس. هن جي احوال لکڻ واري چيو
آهي ته ”ڪم کان سواءِ هن جي گذرندي نه هئي؛ ڪتابن
جي مطالعي ڪرڻ مان هن کي ڏاڍي لذت ۽ خوشي حاصل
ٿيندي هئي؛ مفيد ڪمن ۾ گهڻي عمر گذاري، پڇاڙيءَ
وارن ڏينهن ۾ هو اڪثر چوندو هو ته ’مون کي اڃا به
اميد آهي ته ڪي ٿورا ورهيه انهيءَ پاڪ ڪم ۾
لڳائيندس.‘ هو ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ وارو هو.
هميشه جيڪي پڙهندو هو، سو انهيءَ نيت سان، ته ٻين
کي پنهنجا عمدا خيال تمام عمديءَ عبارت ۾
سمجهايان. جيڪي لکندو هو، تنهن کي وري وري سڌارڻ ۽
درست ڪرڻ ڪري ٿڪبوئي ڪين هو؛ جنهن ڪري سندس عبارت
تمام پوري ۽ قابليت جهڙي ٿيندي هئي. هن پنهنجو
ڪتاب ”موجودات
بابت بيان“ برابر يارهن ڀيرا لکيو، تڏهن مس اهو
پسند ڪيائين، انهيءَ هوندي به، انهيءَ ساڳئي ڪتاب
بابت، اٽڪل پنجاهه ورهيه اڳي خيال پئي پچايائين.
هو بلڪل ڪم- وندو ماڻهو، ۽ سڀ ڳالهه ۾ باترتيب هلڻ
وارو هو. اڪثر چوندو هو ته ’ذاتي عقل، ترتيب کان
سواءِ، چئن حصن مان ٽي حصا وڃايو ڇڏي. هن جو ڪتابن
لکڻ ۾ ناموس ڪڍي، سو رڳو سخت محنت ۽ ڪشالي ڪري.
’مئڊم نيڪر‘ چوي ٿي ته ’بفن‘، جنهن جي اها پڪي
راءِ هئي ته ’ذاتي عقل ۽ ذهن ڪنهن خاص مضمون تي
ڳوڙهي ڌيان لڳائڻ جو نتيجو آهي‘، سو چوندو هو ته
’جڏهن آءٌ پهرين پنهنجا ڪتاب لکندو هوس، تڏهن بلڪل
ٿڪجي بيزار ٿي پوندو هوس؛ پر زور ڪري پاڻ کي موٽي
انهيءَ ڪم تي آڻيندو هوس. جيتوڻيڪ ڀائيندو هوس ته
هاڻ اهي پوريءَ طرح لکي ڇڏيا اٿم، تڏهن به
خبرداريءَ سان وري اهي پڙهندو هوس. نيٺ اهڙو هري
ويس، جو انهيءَ گهڻي ۽ مونجهاري جهڙي سڌاري ۽
درستيءَ ڪرڻ مان بيزاريءَ جي بدران لذت حاصل ٿيندي
هيم.“ هيءَ ڳالهه به هتي آڻڻ ضرور آهي ته ’بفن‘
جيڪي پنهنجا وڏا وڏا ڪتاب لکيا ۽ ڇاپايا، سي هڪڙي
تمام سخت ۽ عذاب جهڙي بيماريءَ جي حالت ۾.
علم وارن جي احوال مان انهيءَ محنت ۽ اورچائيءَ جي
سگهه جا تمام گهڻا مثال ملي ٿا سگهن. انهيءَ نظر
تي، جهڙو مفيد مثال، ’سر والٽر اسڪاٽ‘ جي احوال
مان ملي ٿو، اهڙو شايد ٻئي ڪنهن مان نٿو ملي. هن ۾
جا محنت ڪرڻ جي عجيب لياقت هئي، تنهن جي تعليم ۽
عادت هن هڪڙي وڪيل جي آفيس ۾ پرائي هئي، جتي هو
ورهين جا ورهيه نقل ڪندڙ منشيءَ جهڙي پورهئي ۾ پئي
هڄيو. ڏينهن جي اهڙن ڏجهن کان پوءِ جڏهن شام جو
ڇٽندو هو، تڏهن رات جو وقت پاڻ وڌيڪ مٺو لڳندو
هوس، اُهو هو اڪثر ڪتاب مطالع ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو.
پاڻ قبول ڪندو هو ته محنت ۽ اورچائيءَ جي عادت، جا
اڪثر خلاصي علمي شغل وارن ماڻهن ۾ ڪانه ڏسبي آهي،
سا مون پنهنجيءَ آفيس جي ڪڪ ڪرڻ جهڙيءَ تعليم مان
حاصل ڪئي هئي. نقلنويسيءَ مان، لفظن جي مقرر ڪيل
تعداد واري سڀ ڪنهن صفحي جي لاءِ، هن کي ٽي پينس
ملندا هئا؛ ڪڏهن ڪڏهن ته، زياده محنت ڪرڻ سا،
چوويهن ڪلاڪن ۾ هو 120 صفحا نقل ڪندو هو، جنهن ڪري
اٽڪل ٽيهه شلنگ ڪمائيندو هو: انهيءَ مان ڪنهن وقت
هو هڪڙو ڪيماب ڪتاب خريد ڪندو هو، جنهن جي وٺڻ جي،
انهيءَ اپاءَ کانسواءِ، وسعت ڪانه هوندي هيس. |