’چئنٽري‘ هاڻ برابر پنهنجو نالو ڪڍيو هو، ۽ موچارو
چڱو پيسو به گڏ ڪيو هئائين، پر ان لاءِ هن محنت
تمام گهڻي ڪئي هئي. لنڊن جي شهر لاءِ بادشاهه جارج
ٽئي جو پهڻ جو بُت ٺهڻو هو- اهو جوڙڻ لاءِ، سورهن
اميدوارن مان هن کي چونڊي ڪڍيائون. ڪن ٿورن ورهين
کان پوءِ هن ’سمهندڙ ٻارن‘ جو عمدو بت جوڙيو، جو
نهايت نازڪ ۽ سهڻو هو. هن وقت اهو ’لچفيلڊ‘ جي
وڏيءَ ديول ۾ رکيل آهي. انهيءَ کان پوءِ سندس
ناموس، آبرو ۽ خوش نصيبي وڌندي ويئي. جن ڳالهين جي
ڪري هن ايتر وڏائي ۽ مشهورائي حاصل ڪئي، سي هيون-
تحمل، محنت ۽ اورچائي. ذهني چالاڪي ته اصل هن کي
خدائي مليل هئي. انهيءَ قيمتي ذات کي چڱي ڪم ۾
لڳائڻ لاءِ، سندس سمجهه ۽ هوشياريءَ کيس گهڻي مدد
ڏني. هو سياڻو ۽ دورانديش هو، جيئن انهيءَ زماني
جا ماڻهو هوندا هئا جن ۾ هو پيدا ٿيو هو. جڏهن هو
اٽليءَ جي گشت تي هو، تڏهن ساڻس جيڪا کيسي جي
ڪتابڙي هوندي هئي، تنهن ۾ هنر بابت گهڻيون ئي
ڳالهيون لکيل آهن- انهن ۾ سندس روزمره جو خرچ ۽
سنگ مرمر جي رواجي قيمت به اٽڪايل آهي. هن جي هلت
تمام سادي هوندي هئي، ۽ رڳو انهيءَ سادگيءَ جي زور
تي هو پنهنجون ننڍيون شيون به وڏيون ڪري وجهندو
هو. ’هاڊس ورٿ‘ واريءَ ديول ۾ جو هن جو جوڙيل
’واٽ‘ جو بت رکيو آهي، سو اسان جي نظر ۾ نهايت
عمدو ۽ ڪماليت جهڙو اچي ٿو، ليڪن حقيقت ڪري اهو
تمام سليس ۽ سادو آهي. احتياج مهل هو پنهنج ڌنڌي
ڀائين کي گهڻو ئي ڏيندو هو، پر اهڙيءَ طرح، جو ٻئي
ڪنهن کي خبر ئي نه پوندي هئي. مرڻ مهل، ورثي جي
مال مان گهڻو ڀاڱو هو ’رايل اڪيڊميءَ‘ کي ڏيئي
ويو، انهيءَ لاءِ ته اهو قومي هنر جي سڌاري ۽
ترقيءَ ۾ لڳايو وڃي.
ساڳي اهڙي ايمانداري، اورچائي ۽ محنت، ’ڊيوڊولڪي‘
جي حياتيءَ جي احوال مان صاف طرح معلوم ٿئي ٿي. هو
اسڪاٽلنڊ جي هڪڙي پادريءَ جو پٽ هو، ۽ ننڍي هوندي
ئي هن جي طبيعت مان هنرمنديءَ ۽ ڪاريگريءَ جون
نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون، جيتوڻيڪ هو موڳو ۽ بيخيال
شاگرد هو، تڏهن به ماڻهن جون شڪليون ۽ انهن جا
منهن تمام چالاڪيءَ سان ڪڍندو هو. هو ماٺيڻو ڇوڪر
هو، تنهنڪري صبر ڪري ۽ ڌيان ڏيئي محنت ڪرڻ جي هن
عادت پرائي، جا پنهنجي سڄيءَحياتيءَ ۾ هن نه ڇڏي.
هميشه هو نقش ڪڍڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هو. انهيءَ
ڪم لاءِ“ گهر جون ڀتيون توڙي نديءَ جي ڪناري پيل
لسي واري هن جي لاءِ بس هئي، ۽ ڪهڙي به قسم جو
اوزار هن جي لاءِ ڪافي هو: ’گياٽو‘ وانگي، پينسل
جي بدران سڙيل ڪاٺڙي، نقش ڪڍڻ واري ڪپڙيءَ جي
بدران لسو پهڻ، ۽ تصوير ڪڍڻ جي لاءِ جيڪو ڦاٽلن
ٽٽلن ڪپڙن وارو فقير گڏيو هوس، سو هن جي ڪاڻ بس
هو. جڏهن هو ڪنهن جي گهر ملاقات لاءِ ويندو هو،
تڏهن اڪثر ڀتين تي هو پنهنجي اچڻ جي ڪا نشاني ڇڏي
ويندو هو، ان کي ڏسي، ڪن ڪن پوشيدن گهر جي
مالڪياڻين کي ڏاڍي چڙ لڳندي هئي. مطلب ته جيتوڻيڪ
سندس پيءُ پادري ٿي نقاشيءَ جي گناهه جهڙي ڌنڌي کي
ڌڪاريندو هو، تڏهن به ’ولڪي‘ جو شوق حد کان زياده
هو، ۽ روڪڻ جو ئي نه هو. نيٺ هو وڃي نقاش ٿيو، ۽
همت ۽ مڙسيءَ سان، مٿو هڻي، مشڪلاتن کان لنگهي وڃي
پار پيو. ’ايڊمبرگ‘ ۾ ’اسڪتاٽش اڪيڊميءَ‘ ۾ داخل
ٿيڻ لاءِ جڏهن هن پهرئين ڀيري اميدوار ٿي درخواست
ڪئي، تڏهن اُها سندس شروع وارن نمونن جي
اڻپورائيءَ ۽ نابرابريءَ جي ڪري رد ڪئي ويئي، پر
هن اورچ ٿي بهتر نمونا پئي ٺاهيا، تان جو نيٺ هن
کي داخل ڪيائون. پر، هن جي ترقي تمام ڍري هئي. هو
ماڻهوءَ جي شڪل ڪڍڻ تي محنت ڪرڻ لڳو، ۽ پڪو ارادو
ڪيائين ته انهيءَ ڪم ۾ فتحياب ٿيان- ڄڻ ته پڪ هيس
ته نيٺ نتيجو چڱو ٿيندو. جيئن گهڻا جوان ماڻهو،
پاڻ کي هوشيار ۽ ذهين سمجهي، ڪڏهن هڪڙي حال ۾ ۽
ڪڏهن ٻئي حال ۾ هوندا آهن، تيئن هن نه ڪيو؛ پر
رواجي رستي سان، يڪي محنت ڪندو آيو- اهڙيءَ طرح،
جو پوءِ هو چوندو هو ته ’مون جيڪي پرايو، سو اڻورچ
ٿي محنت ڪرڻ جي ڪري، نه ڪنهن ذاتي لياقت ۽ طاقت
رکڻ جي ڪري.‘ هن چيو آهي ته ’نقاشيءَ جي ڪم ۾ جيڪا
مون ترقي ڪئي، تن جي سببن مان مک سبب رڳو منهنجي
اورچائي ۽ محنت هئي‘. ’ايڊمبرگ‘ ۾ هن کي ڪ ٿورا
انعام مليا، جنهن ڪري هن کي خيال ٿيو ته تصويرن
چٽڻ جي ڪم تي ڌيان لڳايان ته من وڌيڪ ڪمايان، پر
نيٺ همت جهلي انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌائين، ۽ ’پٽليسي
فيئر‘ جي تصوير چٽيائين، جنهن مان سندس ڏاڍي ناموس
نڪتي. انهيءَ کان به زياده همت جو ڪم اهو ڪيائين،
جو لنڊن ڏي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين، جو ڄاتائين
ته اتي ڪمائيءَ ۽ سڌاري ڪرڻ جو چڱو وجهه آهي. آخر،
اِهو ويچارو اسڪاٽلنڊ جو ڇوڪر انهيءَ شهر ۾ وڃي
پهتو. اتي هڪڙي غريباڻي جاءِ، هفتي ۾ ارڙهن شلنگن
جي ڪرايي تي وٺي، اُنهيءَ ۾ ’ٻهراڙيءَ جي ملڪي
مدبرن‘ جي تصوير چٽڻ لڳو.
جيتوڻيڪ اها تصوير ڏاڍي عمدي جوڙيائين، ۽ انهيءَ
جي پٺيان ڪيتريون ئي فرمائشون ٿيس، تڏهن به گهڻيءَ
مدت تائين ’ولڪي‘ مفلس رهندو آيو. جيڪي تصويرون
ڪڍندو هو، تن جي قيمت گهڻي نه ملندي هيس؛ ڇا لاءِ
جو هو اُنهن تي ايترو وقت ۽ پورهيو لڳائيندو هو،
جو ڪيترن ورهين تائين هن جي ڪمائي، مقابلي ڪري،
ٿوري ٿيندي هئي. سڀ ڪنهن تصوير تي، نيڪال ڪرڻ کان
اڳي، هو ڏاڍي خيال ۽ خبرداريءَ سان محنت ڪندو هو؛
ڪن تي وري وري سڌاري ڪندي ورهيه لڳي ويندا هئس،
پوءِ مس انهن کي هٿان ڇڏيندو هو. ’رينالڊس‘ وانگي،
هن جو به تڪيه ڪلام هو ”پورهيو، پورهيو، پورهيو!“
۽ هُن وانگي، هيءُ به رڳو بڪبڪ ڪندڙ ڪاريگرن کي
پسند نه ڪندو هو. ’بڪوات ڪرڻ ورا پوکيندا آهن، پر
صبر ڪرڻ وارا لڻندا آهن.‘ بڪبڪين ۽ سست ماڻهن کي
نصيحت ڪرڻ ۽ طعني هڻڻ لاءِ، هو طنز سان چوندو هو
ته ”اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي.“ هڪڙي ڀيري هن
پنهنجي دوست ’ڪاسيٽبل‘ ساڻ هيءُ ذڪر ڪيو ته ”جڏهن
آءٌ اسڪاٽش اڪئڊميءَ ۾ هنر سکندو هوس، تڏهن اسان
جو اُستاد ’گريهام‘ شاگردن کي ’رينالڊس‘ وارا لفظ
چئي ٻڌائيندو هو ته ’جي اوهان ۾ ڪو ذاتي، ذهن يا
ڪا لياقت نه هوندي، ته محنت ان جي جاءِ ڀريندي‘،
تنهنڪري، جڏهن مون کي خبر هئي ته مون ۾ ڪا ذاتي
لياقت ناهي، تڏهن مون پڪو ارادو ڪيو ته محنتي
ٿيان“. هن ’ڪانسٽبل‘ کي هيئن به چيو ته ”ليل“ ۽
’برنيٽ‘، جي مون سان گڏ لنڊن ۾ پڙهندا هئا، سي
جڏهن هنر بابت گفتگو ڪندا هئا، تڏهن آءٌ هميشه
تجويز ڪري هنن کي اهڙو ويجهو وڃي بيهندو هوس، جو
جيڪي هو ڳالهائيندا هئا سو ٻڌندو هوس، ڇالاءِ جو
هو ڏاڍا هوشيار ۽ خبردار هئا، ۽ مون کي ڪي به ڪين
ٿي آيو.“ اهو جيڪي ’ولڪيءَ ٿي چيو سو سچ ٿي
چيائين، جو طبيعت جي ڪري هو حجاب وارو هوندو هو.
’ٻهراڙيءَ جي ملڪي مدبرن‘ جي تصوير لاءِ ’لارڊ
مئنسفيلڊ‘ کان جڏهن هن کي ٽيهن پائونڊن جي رقم
ملي، تڏهن پهريون ڪم جو هن ڪيو، سو اهو ته
پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ ڏي سوکڙي موڪلڻ لاءِ ڪي
ٽوپيون، شالون ۽ ڪپڙا خريد ڪيائين- جيتوڻيڪ انهيءَ
وقت ڌاري هن کي پيسي جي گهڻي گهرج هئي، ۽ ايترو
بچائي نٿي سگهيو. ’ولڪي‘ ننڍي هوندي غريب هو،
تنهنڪري تمام صرفي تي هري ويو هو؛ پر انهيءَ عادت
هوندي به سخي ۽ وڏيءَ دل وارو هوندو هو (جيئن
اُڪرڻ واري ڪاريگر ’ابراهام ريم باچ‘ جي پنهنجي
بابت لکيل احوال ۾ ڪيترين جاين تان معلوم ٿو ٿئي).
هنر ۾ نهايت گهڻيءَ محنت ۽ اورچائيءَ جو ٻيو چڱو
مثال ’ويلم ايٿي‘ جو آهي. هن جو پيءُ ’يارڪ‘ ۾
سُنڍ جي روٽي ۽ مصالحو جوڙيندو هو، ۽ هن جي ماءُ،
جا هڪڙي رسن جوڙڻ واري جي ڌيءَ هئي، سا ڏاڍي
مرداني ۽ همت ڀري زال هئي. ڇوڪر ننڍي هوندي ئي نقش
ڪڍڻ جو شوق ڏيکاريو، جو ڀتين ۽ فرشن ۽ ميزن کي
نموني نموني جا چٽ گل ڪڍي ڀري ڇڏيندو هو. پهرين ته
’فاردنگ‘ جي ملهه جيترو چاڪ وٺي، اُنهيءَ سان نقش
ڪڍندو هو؛ پوءِ آڱر جي ذري سان يا سڙيل ڪاٺڙيءَ جي
ٽڪر سان ڪڍندو هو. ماڻس کي انهيءَ هنر جي ته ڪابه
خبر ڪانه هئي، تنهنڪري هن کي ڌنڌي سکڻ لاءِ شاگرد
ڪري هڪڙي ڇاپڻ واري وٽ رکيائين- پر فرصت جي وقت ۾
هو نقش ڪڍڻ جي استعمالي پيو ڪندو هو. جڏهن
شاگرديءَ جي مدت پوري ٿيس، تڏهن هن پنهنجي شوق
واري ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ۽ نقاشيءَ کان سواءِ
ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻ نه گهريائين. خوش قسمتيءَ جي ڪري،
سندس چاچو ۽ سندس وڏو ڀاءُ راضي هئا ته هن کي
انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪن، ۽ کين وسعت به هئي، تنهنڪري
هن کي’رايل اڪيمڊيءَ‘ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ضروري
اُپاءُ موجود ڪري ڏنائون. ’ليسليءَ‘ جيڪو پاڻ
پنهنجو احوال لکيو آهي، انهيءَ مان اسان کي معلوم
ٿو ٿئي ته ’ايٽيءَ‘ کي ٻيا شاگرد لياقت وارو
ڄاڻندا هئا، ليڪن سمجهندا هئا ته هو موڳو آهي،
تنهنڪري ڪو مشهور نه ٿيندو ۽ فقط مٿا هڻندو هليو
هلندو. پر هن کي ته محنت ۽ ڪشالي ڪرڻ جي اصل خدائي
ڏات مليل هئي، سو، درجي بدرجي، مٿن هڻڻ ۽ محنت ڪرڻ
سان، نيٺ هنر ۾ اعليٰ درجي جي ناموس ڪڍيائين.
ڪيترن ئي هنرمند ماڻهن نالي ڪڍڻ کان اڳي اهڙيون
تڪليفون سٺيون آهن، جن ۾ هنن جي همت ۽ بردباريءَ
جي چڱي آزمائش ٿي چڪي آهي. ڪيترا مڻهو انهن ڏکن ۽
تڪليفن ۾ مري کپي ويا، تن جي اسان کي خبر پئجي ڪين
سگهندي. ’مارٽن‘ ته پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾
اهڙا ڏک ڏوجهرا ڏٺا، جي ڪن ٿورن ڏٺا هوندا. جن
ڏينهن ۾ هو پنهنجي پهرين تصوير جوڙڻ ۾ مشغول هو،
تن ڏينهن ۾ ته گهڻائي ڀيرا هو بک مرڻ تي هو. ذڪر
ڪن ٿا ته هڪڙي ڀيري هن ڏٺو ته وٽس باقي وڃي هڪڙو
شلنگ بچيو هو، جو صاف ۽ چمڪندڙ هو، تنهنڪري لڪائي
رکي ڇڏيو هئائين؛ پر نيٺ لاچار ٿي اُهو به ڏيئي
ماني وٺڻي ٿيس. هو روٽين واري جي دوڪان تي ويو، ۽
هڪڙي روٽي خريد ڪري هلڻ لڳو، ته روٽين واري اها
وري کسي سندس شلنگ اڇلائي ڏنس. هن ويچاري بکئي
نقاش کي سندس اهو چمڪندڙ شلنگ به مهل تي ڪم نه
آيو، جو کوٽو ۽ خراب هو. جڏهن گهر موٽي آيو، تڏهن
وري پنهنجي پيتيءَ ۾ هوراڙيون ڏيڻ لڳو، ته من ڪو
رهيل ٽڪرڀور لڀي ته کائي بک لاهيان! انهيءَ طرح،
پڇاڙيءَ تائين، شوق جي همت تي، بيپرواهيءَ ۽
اَورچائيءَ سان، هو محنت ڪندو آيو. ايترو تحمل
هوس، جو ڪم به پئي ڪيائين ۽ صبر به پئي ڪيائين.
جڏهن ڪن ڏينهن کان پوءِ هن کي پنهنجي تصوير ڏيکارڻ
جو وجهه مليو، تڏهن اُنهيءَ وقت کان وٺي هو مشهور
ٿيڻ لڳو. ٻين گهڻن وڏن اُستادن وانگي، هن جي
حياتيءَ جي احوال مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻاهريون
حالتون ڪهڙيون به هجن، ته به ذاتي لياقت ۽ تيز
فهمي، محنت جي واهر سان، پاڻ کي پاڻيهي بچائي سگهي
ٿي: جيتوڻيڪ ناموس دير سان نڪري ٿي، تڏهن به اها
سچيءَ لياقت کي پنهنجي مهرباني کان اصل نراس ڪڏهن
به نه ڪندي.
جيسين ڪو ڪاريگر پاڻ پنهنجي سر چالاڪيءَ سان ڪم ۾
هٿ نه وجهندو، تيسين هنري ڪارخانن ۾ ڪهڙي به اعليٰ
درجي جي تعليم کڻي حاصل ڪندو، ته به اُستاد ڪاريگر
نه ٿيندو. ٻين سڀني استادن وانگي، هن کي به گهرجي
ته پاڻ کي پاڻيهي تعليم ڏئي. ’پيوگن‘ پنهنجي پيءُ
جي ڪارخاني ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. جڏهن اهو عمارت
سازيءَ جو ڪم رواجي قانونن موجب سکي رهيو، تڏهن هن
کي معلوم ٿيو ته اڃا آءٌ ڪي به ڪين سکيو آهيان،
بلڪ وري نئين سر مون کي اهو ڪم شروع ڪرڻ، ۽ پورهئي
جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي؛ تنهنڪري جوان ’پيوگن‘،
’ڪوهينٽ گارڊين‘ واريءَ ناٽڪساليءَ ۾، عام واڍي
وانگي مزوريءَ تي ڪمائڻ ويو. پهريائين ٿلهي واري
فرش جي تختن جي هيٺان ڪم ڪرڻ لڳو، پوءِ پردن جي
پٺيان، ۽ پوءِ فرش جي مٿان. انهيءَ طرح، هن ڪم مان
واقفيت حاصل ڪئي، ۽ عمارت سازيءَ جي هنر جو شوق
پاڻ ۾ زياده ڪيائين، جنهن لاءِ وڏي عملي ۾ جدا جدا
قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪرڻ خاص طرح ضروري آهي.
جڏهن موسم جي لاءِ ناٽڪسالو بند ٿيو، تڏهن لنڊن ۽
فرانس جي ڪن بندرن جي وچ ۾ هلڻ واري هڪڙي جهاز تي
ڪمائڻ لڳو؛ ۽ ساڳئي وقت ۾ پنهنجو ڌنڌو به فائدي
هٿيڪو هلائيندو هو. جڏهن ڪو وجهه ملندو هوس، تڏهن
ڪناري تي لهي ڪنهن جهونيءَ عمارت جي شڪل ڪڍندو هو.
خاص ڪنهن ديول جي، جا منهن پوندي هيس. تنهن کان
پوءِ، هو انهيءَ ڪم لاءِ يورپ کنڊ جي جدا جدا ملڪن
ڏي خاص طرح سفر ڪندو هو، ۽ نقشا ڪڍي، ڀري ٻڌي کڻي
گهر موٽندو هو. انهيءَ طرح هو پورهيو ڪندو وتندو
هو، ۽ آئيندي جي مشهورائيءَ ۽ قابليت جي لاءِ ڄڻ
پڪو بنياد پيو وجهندو هو.
ٻيو مثال، ساڳئي هنر ۾، ڪشالي ۽ محنت ڪرڻ جو،
’جارج ڪيمپ‘ جي احوال مان ملي ٿو، جو ’ايڊنبرگ‘ ۾
اسڪاٽ‘ جي يادگيريءَ لاءِ ٺهرايل خوبصورت عمارت جو
جوڙيندڙ هو. هو هڪڙي غريب ريڍار جو پٽ هو، جو
’پينٽلنڊ‘ جي ٽڪرين جي ڏکڻ واري پاسي تي رڍون
چاريندو وتندو هو. اهڙيءَ اڪيلائيءَ جي حالت ۾،
انهيءَ ڇوڪر کي هنر جي ڪمن تي خيال ڪرڻ جو به وجهه
نٿو مليو. انهيءَ هوندي به، اتفاق سان، ڏهن ورهين
جي ڄمار ۾، جنهن زميندار جون رڍون پڻس چاريندو هو،
تنهن هن کي ڪنهن پيغام سان ’رسلن‘ ڏي موڪليو.
ڀانئجي ٿو ته اُتي جي خوبصورت قلعي ۽ ديول هن جي
دل تي ڏاڍو ڪو پڪو اثر ڪيو. شايد عمارت سازيءَ جي
ڪمن جي شوق کان، هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته ’مون کي
ڇڏ ته آءٌ واڍي جو ڪم سکان‘. هن کيس پاسي واري ڳوٺ
جي هڪڙي ڪاريگر وٽ شاگرد ڪري رکيو. شاگرديءَ جي
مدت پوري ڪري، پوءِ ڪم ڪار ڳولڻ لاءِ هو
’گالاشليس‘ ۾ ويو. هو پنهنجا اوزار پٺن تي رکي،
’ٽويڊ‘ نديءَ جي ترائيءَ کان پنڌ ڪندو، هڄندو پئي
ويو. ’ايلي بئنڪ‘ واري ٺلهه وٽ هن کي هڪڙي گاڏي
اچي پهتي؛ ۽ شڪ ناهي ته گاڏيواڻ، پنهنجي اندر ويٺل
ڌڻيءَ جي اشاري تي، انهيءَ جوان پڇيو ته ’ڪيستائين
ويندين؟‘ هن جواب ڏنو ته ’گالاشليس تائين‘. تنهن
تي گاڏيواڻ هن کي پاڻ وٽ پيتيءَ جي مٿان اچي ويهڻ
لاءِ چيو. انهيءَ طرح، هو منزل تي پهتو. آخر ظاهر
ٿيو ته اهو رحمدل شخص جو گاڏيءَ ۾ ويٺو هو، سو ٻيو
ڪونه هو، ’سر والٽر اسڪاٽ‘ هو، جو سرڪاري ڪم تي،
’سيلڪرڪ شائر‘ جي ’شريف‘ جي عهدي تي، انهيءَ پاسي
ڏي ٿي ويو. ’گالاشليس‘ ۾ ڪم ڪندي، ’ڪيمپ‘ کي
ميلروز، ڊرائي برگ ۽ جيڊ برگ ديولن ڏسڻ ۽ انهن جي
عمارتن کي ڌيان چڪاسڻ جا گهڻا وجهه مليا. هن کي
عمارت سازيءَ جو ايترو شوق هو، جو هو واڍو ٿي اتر
انگلنڊ جي گهڻي ڀاڱي تي گهميو، ۽ ڪمائي ڪيائين.
جيڪڏهن ڪا ’گاٿ‘ قوم جي نموني جي قديم عمارت ڏسندو
هو، ته ضرور انهيءَ جا نقشا ڪڍي رکي ڇڏيندو هو.
هڪڙي ڀيري جڏهن ’لئنڪ شائر‘ ۾ پورهيو پئي ڪيائين،
تڏهن پنجاهه ميل پند ڪري ’يارڪ‘ ۾ آيو، ۽ هفتو کن
رهي، اُتي جي ديول کي ڌيان سان چڪاسي، وري به
پيادو موٽي ويو. تنهن کان پوءِ هو گلاسگو ۾ ايو،
جتي چار ورهيه رهيو، ۽ فرصت جي وقت ۾ اتي جي ديول
جي پئي جانچ ڪيائين. وري انلگنڊ ۾ موٽي آيو، ۽
پورهيو ڪندو، وڌي ڏکڻ ڏي ويو ۽ ’ڪئنٽريري‘،
’ونچيسٽر‘، ’ٽنٽرن‘، ۽ ٻيون مشهور عمارتون خيال
سان ڏٺائين.
1844ع ۾ هن اِرادو ڪيو ته ساڳئي مطلب لاءِ، ڪمائي
ڪري، سارو يورپ گهمان. جڏهن ’بولون‘ ۾ پهتو، تڏهن
’آبيوهل‘ ۽ ’بوويس‘ جي رستي ’پارس‘ ۾ آيو، ۽ رستي
وارن شهرن ۾ ٿورا هفتا رهندو، عمارتون ڏسندو، ۽
نقشا ڪڍندو وتيو. هو هوشيار ڪاريگر هو، ۽ گرڻين جي
هلائڻ جي چڱي واقفيت هيس؛ تنهنڪري جتي ويو ٿي، اتي
ڪم مليس ٿي. اڪثر ڪنهن عمديءَ قديم ’گاٿن‘ واري
ڊول جي عمارت جي نزديڪيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري
فرصت جي وقت انهيءَ جي جانچ ڪندو رهندو هو. ورهيه
کن ٻاهر پورهيو ڪري، مسافري ڪري، ۽ وڌيڪ واقفيت
حاصل ڪري، هو اسڪاٽلنڊ ڏي موٽيو. هو استعمالي ڪندو
رهيو، ۽ نيٺ نقشن ۽ پري کان شڪلين ڪڍڻ جي ڪم ۾
ڏاڍو قابل ٿيو. ’ميلروز‘ جي ڦٽل عمارت هن جي ويهڪ
جي جاءِ هئي، ۽ انهيءَ جون هن ڪيتريون ئي مشڪل
مشڪل شڪليون ڪڍيون. انهن مان هڪڙي، جا هن پوءِ وري
سڌاري ظاهر ڪئي، سا ته اهڙي هئي، جنهن مان ڪاٺ جو
اڪريل نمونو جوڙيائون. عمارت جي نمونن جوڙڻ مان به
هو پنهنجي ڪمائي ڪڍندو هو. ’ايڊنبرگ‘ جي هڪڙي
اُڪريندڙ ڪاريگر، ’برٽن‘ جي قديم ديولن واري ڪتاب
جي نموني تي جو هڪڙو ڪتاب شروع ڪيو، تنهن لاءِ به
نقشا ڪڍيائين. اهو ڪم هن جي دل کي ڏاڍو وڻندو هو،
تنهنڪري انهيءَ تي هن ڏاڍي شوق سان پورهيو ڪيو،
جنهن سبب اهو جلد اُڪلندو هليو اڌ اسڪاٽلنڊ تي
انهيءَ ڪم لاءِ هن پيادو پنڌ ڪيو، ۽ عام ڪاريگر
وانگي گذاريو. اهڙا اهڙا نقشا ۽ نمونا ڪڍيائين، جن
جي لاءِ جيڪر استاد ڪاريگر کي تحسين ملي. جنهن شخص
اهو ڪتاب رٿيو هو، سو اوچتو مري ويو، ۽ تنهنڪري ان
جي ڇاپائي پڌري ڪرڻ ۾ اٽڪ ٿي؛ انهيءَ ڪري ’ڪيمپ‘
ٻي مشغولي ڳولڻ لڳو. ڪي ٿورا ماڻهو هئا، جن کي هن
جي ذاتي قابليت جي خبر هئي، ڇا لاءِ ته هو تمام
ماٺ وارو ۽ حجاب ڪندڙ ماڻهو هو.
انهيءَ وقت ۾ ’اسڪاٽ‘ جي يادگيري قائم رکڻ واريءَ
ڪميٽيءَ، تمام عمديءَ نشانيءَ جي نموني لاءِ انعام
آڇيو. گهڻائي اميدوار نڪري پيا، جن ۾ ڪي وڏا وڏا
مشهور استاد ڪاريگر به هئا، پر جيڪو نمونو سڀني
بالاتفاق پسند ڪيو، سو ’جارج ڪيمپ‘ جو هو، جنهن
گهڻا ميل پري، ’ايئر شائر‘، ۾’ڪلونگ ائبي‘ واريءَ
ديول تي پئي ڪمايو. اتي هن کي خط پهتو، جنهن مان
کيس ڪميٽيءَ جي فيصلي جي خبر پيئي. ويچارو
’ڪيمپ‘!.......... انهيءَ ڳالهه کان پوءِ سگهوئي
هن کي بيوقتو موت اچي پهتو، ۽ هن جي حياتي ايتري
نه رهي، جو هو پنهنجي سخت محنت ۽ ’خود بخود
ترقيءَ‘ جو پهريون نتيجو پهڻ ۾ بهاريل ڏسي سگهي.
اها يادگيريءَ قائم رکڻ واري عمارت اهڙي خوبصورت
جوڙي ويئي، جو ’اسڪاٽ‘ جهڙي ذهين ۽ قابل ماڻهوءَ
جي لائق هئي.
’جان گبسن‘ وري ٻيو هنر وارو ماڻهو هو، جنهن کي
پنهنجي هنر جو شوق ۽ پيار اهڙو سچو هو، جو جيئن ڪي
خسيس ۽ لالچي ڪاريگر ڪندا آهن ته جيترو وقت ڪنهن
ڪم تي لائيندا آهن، انهيءَ نظر تي فائدو ڪڍندا
آهن، تيئن بلڪل ڪرڻ وارو نه هو. هو ’ويلس‘ جي اُتر
واري ڀاڱي ۾، ’ڪانوي‘ جي ويجهو، ’گفن‘ ۾ ڄائو هو،
۽ هڪڙي باغائيءَ جو پٽ هو. ننڍي هوندي ئي هو رواجي
چاڪونءَ سان ڪاٺ تي نقش اُڪريندو هو، جنهن مان
معلوم ٿي سگهيو ٿي ته انهيءَ هنر جو هن ۾ ذاتي شوق
رکيل آهي. اهو شوق ڏسي، هن جي پيءُ کيس ’لورپول‘
ڏي موڪلي ڏنو، جتي هو هڪڙي ڪاٺ جي اُڪرڻ واري ۽
آلماڙين جوڙڻ واري ڪاريگر وٽ شاگرد ٿي اُهو ڪم سکڻ
لڳو. هن اُنهيءَ هنر ۾ ڏاڍي جلد ترقي ڪئي، ۽ هن جي
هٿ جي ڪن اُڪريلن شين جي ڏاڍي تعريف ٿيڻ لڳي.
انهيءَ مان، ٿورو ٿورو ٿي، هن کي سنگ تراشيءَ جو
شوق پيدا ٿيو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾، هن ميڻ مان
”وقت“ جي ننڍڙي مورت جوڙي، جنهن جي ماڻهن ڏاڍي
واکاڻ ڪئي. ’لورپول‘ ۾ فرانسيس جي ڪارخاني وارن بت
تراشن، هن ڇوڪر جون جوڙيل شيون خريد ڪيون، ۽ ڇهن
ورهين لاءِ هن کي پنهنجيءَ شاگرديءَ ۾ ورتائون.
انهيءَ عرصي ۾ هن ڪيترائي نوان نمونا ڪڍيا، جن مان
هن جي ذاتي قابليت معلوم ٿي. ’لورپول‘ مان پوءِ هو
وري لنڊن ڏي ويو، ۽ اتان وري روم ۾ آيو. انهيءَ
طرح، هن جي ناموس سڄي يورپ ۾ پکڙجي وئي.
’رابرٽ ٿاربرن‘، جو ’رايل اڪيڊميءَ جو شاگرد هو،
سو به ’جان گبسن‘ وانگي غريبن جو ٻار هو. هن جو
پيءُ ’ڊمفريز‘ جو هڪڙو موچي هو؛ انهيءَ کي ’رابرٽ‘
کانسواءِ ٻيا به ٻه پٽ هئا، جن مان هڪڙو ڪاٺ جي
اُڪر جو ڪم تمام چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. هڪڙي ڏينهن
هڪڙي سکر ماڻهوءَ جي زال موچيءَ جي دوڪان تي آئي،
۽ ڏسي ته ’رابرٽ‘ اُنهن ڏينهن ۾ ننڍڙو ڇوڪر هو،
اسٽول تي ميز وانگي نقش بيٺو ڪڍي. هن اُهي نقش
چڪاسي ڏٺا، ۽ ڏاڍا وڻيس، هوءَ مٿس اهڙي مهربان ٿي،
جو هن جي لاءِ نقش ڪڍڻ جي نوڪري ڳولي هٿ ڪيائين، ۽
هن جا پاران ڪي ٻيا ماڻهو پڻ رکيائين، ته اهي هن
کي اُنهيءَ هنر جي تعليم حاصل ڪرڻ مدد ڏين. ڇوڪرو
محنتي، جفاڪش، قائم مزاج ۽ صبر وارو هو؛ پنهنجن
سنگتين سان گهڻو رکندو هو. سال 1830ع ڌاري، شهر جي
ڪن سکرن هن کي ’ايڊنبرگ‘ ڏي وڃڻ ۾ مدد ڏني، جتي هو
’اسڪاٽش اڪيڊميءَ‘ ۾ شاگرد ٿي داخل ٿيو. اُتي هن
کي قابل قابل اُستادن جي تعليم جو فائدو حاصل ٿيو،
تنهنڪري ڏاڍي جلد ترقي ڪيائين. ’ايڊنبرگ‘ مان هو
لنڊن ۾ ويو، جتي ’ڊيوڪ آف بڪلو‘ هن جو مربي ٿيو، ۽
اُنهيءَ جي مهربانيءَ جي نظر هيٺ هو مشهور ٿيڻ
لڳو. انهيءَ هوندي به، ايتري چوڻ جو ضرور نٿو ڏسجي
ته جيتوڻيڪ ’ٺاربرن‘ کي انهيءَ طرح حامي ۽ مربي
ملڻ جي ڪري چڱن چڱن ماڻهن سان واقفيت ۽ معرفت پيدا
ٿي، تڏهن به جهڙي هنرمندي ۽ قابليت هن منجهه هئي،
تنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻي ڪابه حمايت ۽ مددگاري
ڪارگر نه ٿي سگهي ها- سواءِ سندس ذاتي ذهن، ۽ محنت
۽ مشقت جي.
’نيل پاٽن‘، مشهور نقاش پهريندي، پهريندي
’ڊنفرملين‘ ۽ ’پيسلي‘ ۾ جو پنهنجو ڪم شروع ڪيو، سو
اهو هو جو سيزپوشن ۽ ململن تي هٿ سان چڪندوزي ڪم
ڪرڻ لاءِ نمونن جا نقشا ڪڍندو هو؛ ساڳئي وقت ۾
مٿين درجي جي نقاشيءَ تي به ڏاڍي محنت ڪندو هو.
جهڙوڪ ماڻهوءَ جي شڪل ڪڍڻ، وغيره. ’ٽرنز‘ وانگي،
هو به سڀ قسم جي ڪم ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار هوندو هو.
1840ع ۾، جڏهن اڃا هو ٻار هو، ٻين ڪمن سان گڏ،
”رينفريو شائر ائنيوئل“ نالي سالياني رسالي ۾
تصويرن ڪڍڻ جي به مشغولي ڪندو هو. هو ٿورو ٿورو
ڪري، درجي بدرجي، سڌارو ڪندو ويو؛ آهستي چڙهيو ٿي،
ليڪن پڪي بنياد سان؛ پر هو تيستائين گمنام هو،
جيستائين ڪ آڇيل انعام تي پارليامينٽ جي لاءِ رکيل
تصويرن جي نمائش ٿي: هن جيڪا تصوير ”مذهب جو اصول“
ڪڍي هئي ۽، جنهن لاءِ اول درجي جي انعامن هڪڙو هن
کي مليو هو، تنهن مان جهان کي خبر پيئي ته هو
انهيءَ هنر ۾ سچو پچو اُستاد آهي؛ ۽ انهيءَ کان
پوءِ جيڪي تصويرون هن ڪڍي ڏيکاريون. جهڙوڪ ”آبرن ۽
ٽائٽينيا جو پرچاءُ“، ”گهر“، ۽ ”بلوڊي ٽرسٽ“- تن
مان ظاهر ٿيو ته هن پنهنجي هنر ۾ وڏي سگهه ۽ ترقي
حاصل ڪئي آهي.
غريباڻيءَ حالت ۾، محنت ۽ ڪشالو ڪري، هنر ۾ ترقي
ڪرڻ جو ٻيو مثال، ’جيمس شارپلس‘ جي احوال مان ملي
ٿو، جو ’بلاڪبرن‘ ۾ لوهار جو ڪم ڪندو هو. هو 1825ع
۾ ’يارڪشائر‘ جي ’ويڪفيلڊ‘ شهر ۾ ڄائو، ۽ ڪٽنب جي
تيرهن ٻارن مان هڪڙو هو. هن جو پيءُ لوهه پلٽڻ جو
ڪم ڪندو هو، ۽ انهيءَ ڌنڌي هلائڻ لاءِ لڏي وڃي
’بيريءَ‘ ۾ ويٺو. ڇوڪرن کي ڪنهن به مڪتب ۾ تعليم
ڪانه ملي، پر جڏهن هو سڀ سَگها ٿيا، تڏهن پورهيي
ڪرڻ لاءِ هنن کي ٻاهر روانو ڪيائون. اٽڪل ڏهن
ورهين جي عمر ۾ ’جيمس‘ کي لوهه پلٽڻ جي ڪارخاني ۾
رکيائون، جتي هو اٽڪل ٻن ورهين تائين لوهارڪو ڪم
سکندو رهيو. تنهن کان پوءِ هن کي انجڻ جي ڪارخاني
۾ رکيائون، جتي هن جو پيءُ لوهار جو ڪم ڪندو هو.
ڇوڪر انهيءَ ڪم تي رکيل هو ته ڪلون تپائي، انجڻ جي
بائلر جوڙڻ وارن کي پهچائي. جيتوڻيڪ هو ڏينهن جو
گهڻي وقت تائين پورهيو ڪندو هو، ۽ اڪثر صبح جي
ڇهين بجي کان شام جي اٺين بجي تائين ڪم ڪندو هو،
تڏهن به پڻس تجويز ڪري ڪم جي وقت کان پوءِ هن کي
ٿورو گهڻو سيکاريندو رهندو هو- انهيءَ طرح هو ڪي
ڪجهه لکڻ پڙهڻ سکيو. انهن بائلرن جوڙڻ وارن
ڪاريگرن ۾ ڪمائيندي هڪڙو اتفاق ٿيو، جنهن مان هن
کي نقش ڪڍڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڪارخاني جو مک ڪاريگر
ڪڏهن ڪڏهن هن کي، زمين تي بائلرن جي نشان ڪڍڻ مهل،
چال لڳل ڏور جهلڻ لاءِ چوندو هو. اهڙن وقتن تي
اڪثر ڪاريگر پاڻ ڏور جهليندو هو، ۽ ڇوڪر کي ضروري
ڀاڱن جي نشان ڪرڻ لاءِ چوندو هو. ’جيمس‘ انهيءَ ڪم
۾ سگهوئي اهڙو هوشيار ٿي ويو، جو مک ڪاريگر کي
ڏاڍو ڪمائتو ٿيو. گهر ۾ جڏهن فرصت ملندي هيس، تڏهن
هو ماءُ وٽ زمين تي بائرلن جا نقشا ڪچندو هو. هڪڙي
ڀيري، سندس مائٽياڻي ’مائنچيسٽر‘ کان سندن ملاقات
لاءِ اچڻي هئي، ۽ انهيءَ جي لاءِ جيترو ٿي سگهيو،
اوترو گهر کي صاف ۽ پوشيدو رکيو هئائون؛ پر شام جو
جڏهن ڇوڪر ڪارخاني مان گهر آيو، تڏهن هو هميشه
وانگي فرش تي ليڪا ۽ نقش ڪڍڻ لڳو. هن چاڪ سان هڪڙي
وڏي بائلر جي شڪل ڪڍي بس ڪئي، ته سندس ماءُ مهمان
سان گڏجي اندر لنگهي آئي- ڏسي ته ڇوڪر گدليءَ حالت
۾ ويٺو آهي، ۽ فرش ليڪن سان ڀريو پيو آهي! پر سندس
مائٽياڻيءَ ظاهر ڪيو ته آءٌ هن ٻار جي محنت ڏسي
ڏاڍي خوش ٿي آهيان، جو هن تمام چڱو نمونو ڪڍيو
آهي؛ ۽ ماڻس کي چائين ته هن ’ننڍي ٻهاريدار‘ کي
ڪاغذ ۽ پينسل وٺي ڏي.
وڏي ڀاءُ جي همتائڻ تي، ’جيمس‘ شڪلين ۽ نمائن ڪڍڻ
جي استعمالي ڪرڻ لڳو، ۽ هٿ سان ڇاپيل تصويرن جا
نقل ڪرڻ لڳو؛ پر اڃا پري کان ڪنهن به تصوير ڪڍڻ يا
روشنائيءَ ۽ ڇانو ڏيکارڻ جي قانونن جي ڪابه خبر
ڪانه هيس. تڏهن به هو محنت ڪندو رهيو، ۽ درجي
بدرجي، ٻي تصوير ڏسي پنهنجي ڪڍڻ يا نقل ڪرڻ ۾ ڏاڍو
چالاڪ ٿيو. سورهن ورهين جي عمر ۾ هو ’بيريءَ‘ جي
هنري ڪارخاني ۾ داخل ٿيو؛ انهيءَ لاءِ ته اتي جيڪو
حجام نقاشيءَ جو ڪم سيکاريندو هو، تنهن کان نقش
ڪڍڻ جو ڪم سکي. هو اُتي ٽي مهينا رهيو، ۽ هفتي ۾
هڪڙو ڀيرو سبق ملندو هوس. اُستاد چيس ته ڪتبخاني
مان ’برنيٽ‘ وارو ڪتاب، نقاشي هنر بابت، وٺي هٿ
ڪر، پر هن کي اڃا برابر پڙهڻ ئي نه ايندو هو،
تنهنڪري لاچار ٿي هو پنهنجي ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ کي
چوندو هو ته اوهين انهيءَ ڪتاب جا ڪي ڀاڱا ويهي
پڙهو- پوءِ پاڻ ڪن ڏيو ويٺو ٻڌندو هو. پڙهي نه
ڄاڻڻ ڪري هن کي البت تڪليف معلوم ٿي، ۽ ’برنيٽ‘
واري ڪتاب جي مضمون سمجهڻ جو به شوق ٿيس، تنهنڪري
پهرينءَ سماهيءَ کان پوءِ هن هنري ڪارخاني ۾
نقاشيءَ جو ڪم سکڻ ڇڏي ڏنو، ۽ گهر ۾ پڙهڻ- لکڻ سکڻ
مشغول ٿيو. سگهوئي هن ڏاڍو سڌارو ڪيو. جڏهن هو وري
ڪارخاني ۾ داخل ٿيو، ۽ ’برنيٽ‘ وارو ڪتاب وري
ورتائين، تڏهن نه رڳو اهو آسانيءَ سان پڙهي ويو،
پر آئيندي جي ڪم لاءِ انهيءَ مان ڪي انتخاب به لکي
رکيائين. هن اهو ڪتاب اهڙي شوق سان پڙهيو، جو صبح
جو چئين بجي اُٿي، پڙهڻ ۽ انتخاب نقل ڪرڻ ويهندو
هو؛ ڇهين بجي لوهه پلٽڻ واري ڪارخاني ۾ ويندو هو،
۽ شام جو ڇهين بجي تائين، بلڪ ڪڏهن ته اٺين بجي
تائين، اتي پيو ڪمائيندو هو؛ پوءِ گهر اچي تازي
شوق ۽ چاهه سان، ’برنيٽ‘ کي پڙهڻ ويهندو هو، ۽ ڳچ
رات تائين انهيءَ ڪم کي لڳو ويٺو هوندو هو. رات جو
ڪن وقتن تي ته نقش ۽ تصويرون به ڪڍندو هو، ۽ نقل
به ڪندو هو. اهڙي هڪڙي تصوير، جا ’ليونارڊو ڊي
وهنسي‘ جي ”آخرين ماني“ هئي، تنهن جي نقل ڪرڻ ۾ هن
سڄي رات لڳائي ڇڏي، هو سُتو برابر وڃي، پر تصوير
جو خيال اهڙو دل ۾ ويٺل هوس، جو هن کي ننڊ ئي نه
آئي، ۽ وري اُٿي ويهي انهيءَ تي محنت ڪرڻ لڳو.
تنهن کانپوءِ، هو روغن ڏيڻ يا روغني نقاشيءَ تي هٿ
هيرائڻ لڳو. انهيءَ ڪم لاءِ هو بازار مان نقاشي
ڪپڙو وٺي آيو، ۽ اُهو چونڪ يا ڪارچوب تي ڇڪي
چاڙهي، انهيءَ تي سفيدو ڏيئي، مٿان رنگن سان چٽ
ڪڍڻ لڳو، جي رنگ هو گهرن رڱڻ وارن کان خريد ڪري
وٺي آيو هجو. پر، هن جو ڪم پورو ٿي نه سگهيو؛ ڇا
لاءِ جو ڪپڙو کهرو ۽ ڳنڍين وارو هو، ۽ رنگ سُڪو ئي
ڪين ٿي. اهڙيءَ حالت ۾، هو پنهنجي جهوني اُستاد
حجام وٽ هدايت لاءِ ويو، ۽ پهريندي انهيءَ کان
معلوم ٿيس ته نقاشي ڪم جي لاءِ تيار ٿيل ڪپڙو به
ملندو آهي، ۽ روغني نقاشيءَ جي لاءِ رنگ ۽ روغن به
ملندا آهن. ان کان پوءِ، جڏهن ڪو پيسو بچيس، تڏهن
وڃي ٿوريون ضروري شيون وٺي آيو، ۽ نئين سر ڪم شروع
ڪرڻ لڳو. سندس اڳوڻي استاد هن کي رنگ ڏيڻ جي هدايت
ڪئي، ۽ انهيءَ تي هن اهڙو چڱو عمل ڪيو، جو استاد
جي نقش کان به بهتر نقش ڪڍي رکيائين. هن جي پهرين
تصوير، ”رڍن جي اُن ڪترڻ واري“، هڪڙيءَ اُڪريل
تصوير جو اُتارو هئي، جا پوءِ هن اڌ ڪرائون تي
وڪي. روغني نقاشيءَ لاءِ هدايت جي ننڍڙي ڪتاب جي
مدد سان، هو فرصت جي وقت محنت ڪندو رهيو، ۽ درجي
بدرجي نقاشي ڪم جي شين ۽ اوزارن جو زياده علم حاصل
ڪيائين. هن پنهنجي لاءِ نقاشي ڪم جي تختي، رنگ جي
پيتي، تختي ٽنگڻ جو گهوڙو، ۽ چاڪون، پاڻيهي جوڙيا؛
۽ وقت کان زياده مدت پورهيو ڪري، پيسو ڪمائي، رنگ
برش ۽ تصوير جو ڪپڙو ورتائين. هن جا مائٽ هن کي
رڳو ايتري رقم ڏيئي سگهيا، وڌيڪ نه؛ ڇالاءِ جو هنن
کي وڏي ڪٽنب جي سنڀال ڪرڻي هئي. اڪثر هو پنڌ ڪري
’مئنچيسٽر‘ ڏي ويندو هو، ۽ شام جو وري موٽي ايندو
هو. اتان هو ٻن ٽن شلنگن جو رنگ ۽ ڪپڙو وٺي ايندو
هو. ارڙهن ميل پنڌ جا ڪري، اڌ رات ڌاري مس اچي
پهچندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي ٽٽجي ۽ مينهن ۾ ڀڄي اچي
نڪرندو هو، مگر شوق ۽ آسرو نڪو ٿڪجڻ جو هوس، نڪو
کٽڻ جو. انهيءَ پاڻيهي سکيل ڪاريگر جو سڌارو خود
سندس بيان مان معلوم ٿو ٿئي، جو پاڻ هِن ڪتاب جي
مصنف ڏي هڪڙي خط ۾ لکيو اٿس:
”ٻيون جيڪي تصويرون مون ڪڍيون، سي هي هيون،
’چانڊوڪيءَ جو نماءُ‘، ’ميوي دان‘، ۽ هڪ ٻه ٻيون.
انهيءَ کان پوءِ منهنجي دل ۾ آيو ته لوهارخاني جي
تصوير رنگ سان ڪڍان. ڳچ وقت کان وٺي آءٌ انهيءَ
بابت خيال پچائيندو آيس، ليڪن تصوير جي صورت ۾ ان
جي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هيم، پر هاڻ انهيءَ جو
مسودو ڪاغذ تي ڪڍي ويس، ۽ پوءِ ڪپڙي تي رنگ سان
اهو ڪڍڻ لڳس. انهيءَ تصويرن ۾ رڳو اهڙي هڪڙي
ڪارخاني جو اندريون نمونو معلوم ٿئي ٿو، جهڙي ۾
آءٌ پاڻ ڪمائيندو هوس. اُها ڪنهن خاص ڪارخاني جي
تصوير نه هئي، تنهنڪري چئبو ته اهو منهنجو نئون
خيالي نمونو هو. پهرين ٻاهرين شڪل ڪڍي، پوءِ ڏٺم
ته اڳتي انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ علم تشريح جو
ڄاڻڻ ضروري آهي، جيئن تصويرن جي نسن ڪڍڻ لاءِ پوري
واقفيت حاصل ٿئي. انهيءَ منزل تي، منهنجو ڀاءُ
’پيٽر‘ مون کي اچي واهر ڪرڻ لڳو. هو، مهرباني ڪري،
’فلئڪسمن‘ جو ڪتاب علم تشريح بابت خريد ڪري آيو.
اِهو ڪتاب اُنهن ڏينهن ۾ منهنجي وسعت کان مٿي هو،
ڇالاءِ جو ان جو ملهه چوويهه شلنگ هو. انهيءَ ڪتاب
کي آءٌ وڏي خزاني وانگي سمجهندو هوس، ۽ محنت ڪري
انهيءَ کي پڙهندو هوس. فجر جو ٽي بجي اُٿي، ڏنل
فهمائش موجب، تصوير ڪڍندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته
پنهنجي ڀاءُ ’پيٽر‘ کي اوڏيءَ مهل بيوقتو
اُٿاريندو هوس، ته تصوير جي لاءِ نمونو ٿي بيهي.
جيتوڻيڪ اهڙي استعمالي ڪري، درجي بدرجي، مون پاڻ
کي گهڻو ئي سڌاريو، تڏهن به گهڻي وقت کان پوءِ مس
مون ۾ اهڙي همت ٿي جو پڪ سان تصوير ڪڍڻ لڳس. مون
کي نمائن ڪڍڻ جي خبر نه هوندي هئي، تنهنڪري به
گهڻي مشڪلات ٿيندي هيم، پر مون ڪوشش ڪري انهيءَ جو
علاج ڪيو جو ’بروڪ ٽيلر‘ جو ڪتاب، اصولن بابت،
خبرداريءَ سان پڙهيم، تنهن کان پوءِ ستت ئي رنگ
ڏيڻ جو ڪم مون وري شروع ڪيو. گهر ۾، پري کان شيون
ڏسي، تصويرن ڪڍڻ جي استعمالي پيو ڪندو هوس؛ ۽ لوهه
پلٽڻ جي ڪارخاني ۾ موڪل وٺي، لوهار جي ڳرن ڪمن ۾
هٿ وجهندو هوس. انهيءَ جو سبب هيءُ هو ته لوهه جي
ڳَريءَ شي کي تپائڻ لاءِ جيترو وقت گهربل آهي، سو
هلڪيءَ شي تپائڻ جي وقت کان تمام گهڻو آهي؛
تنهنڪري ڏينهن جي عرصي ۾ مون کي زياده منٽ بچندا
هئا، جن ۾ آءٌ، سنڀال سان، جنهن کوري تي ڪمائيندو
هوس، انهن جي اڳيان پيل لوهه جي پڙڇ تي، پري کان
ڏسي، شين جون تصويرون ۽ نقش ڪڍندو هوس.“
انهيءَ طرح، محنت سان ڪم ڪندي ۽ ڌيان ڏيندي، ’جيمس
شارپلس‘ پنهنجي هنر جي اصولن ۾ زياده هوشيار ٿيندو
ويو. شاگرديءَ جي مدت پوري ٿيڻ کان اٽڪل ارڙهن
مهينا پوءِ، هن پنهنجي پيءُ جي تصوير رنگ سان ڪڍي،
جنهن شهر جي ماڻهن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. سگهوئي پوءِ
’لوهارخاني‘ جي تصوير چٽيائين، جنهن ڪري پڻ ڏاڍي
هاڪ نڪتيس. رنگن سان تصويرن ڪڍڻ ۾ اهڙو هوشيار هو
جو سندس ڪارخاني جي مک ڪاريگر هن کي پنهنجي ساري
ڪٽنب جي گڏيل تصوير چٽي ڏيڻ لاءِ چيو، ۽ اهو ڪم هن
اهڙو چڱو ڪيو، جو انهيءَ ڪاريگر ٻول ڪيل ارڙهن
پائونڊ ته ڏنس، پر ٽيهه شلنگ ٻيا به ڏنائينس.
جيسين انهيءَ ڪم ۾ مشغول هو، تيسين ڪارخاني ۾ نه
ويندو هو، هن جي دل ۾ ايندو هو ته اُهو ڌنڌو اصل
ڇڏي ڏئي، ۽ رڳو تصويرون ڪڍڻ ۽ چٽن جو ڪم ڪري. هن
ڪيتريون ئي تصويرون چٽيون، جن مان هڪڙي هئي ’حضرت
عيسيٰ جي سسي‘. اها هن پنهنجي خيال تي رٿي ڪڍي
هئي، ۽ ماڻهوءَ جي سسيءَ جي قد جيڏي هئي. ٻي تصوير
’بيري‘ شهر جي نماءَ جي هئي. پر، تصويرن ڪڍڻ جو ڪم
ايترو نٿي ٿيس جو هو سڄو وقت ان ۾ مشغول رهي، نڪي
انهيءَ مان ڪا زياده پيدائش جي اميد هيس، تنهنڪري
هن ڏاهپ جو ڪم ڪيو جو وري لوهارڪو ڪم شروع ڪيائين،
جو ايمانداريءَ سان ڪندو رهيو. جيڪو فرصت جو وقت
بچندو هوس، تنهن ۾ سندس ’لوهارخاني واري تصوير‘-
جا هيستائين ڇپجي پڌري ٿي هئي- اُڪري ڪڍڻ لڳو.
هيٺئين اتفاق ٿيڻ ڪري، هن انهيءَ تصوير جي اُڪرڻ ۾
هٿ وڌو. مئنچيسٽر جي هڪڙي تصوير فروش کي هن اها
چٽيل تصوير ڏيکاري، تنهن ڳالهه ڪندي چيو ته ڪنهن
هوشيار اُڪرڻ واري جي هٿن سان اها تصوير جيڪر ڏاڍي
عمدي نڪري. اها ڳالهه ٻڌي، ’شارپلس‘ کي هڪدم دل ۾
آيو ته انهيءَ کي آءٌ پاڻ اُۡڪريان- جيتوڻيڪ
انهيءَ هنر جي ڪابه خبر ڪانه هيس. پنهنجي انهيءَ
رٿ پوري ڪرڻ ۾ هن کي جيڪي مشڪلاتون در پيش آيون، ۽
جن مان هو لنگهي پار پيو، تن جو بيان هن پاڻ هن
طرح ڏنو آهي:
’شفيلڊ‘ جي هڪڙي رڪ جي پڙڇ جوڙڻ واري، هڪڙو اشتهار
ڪيو هو ته جدا جدا پڙڇ يا تختيون هيتريءَ هيتريءَ
قيمت تي موجود ڪري ڏيندس. اهو اشتهار جڏهن مون
ڏٺو، تڏهن مناسب ماپ جي هڪڙي تختي دل ۾ پسند ڪري،
ان جو ملهه هن ڏي ڏياري موڪليم؛ ٿورا وڌيڪ پيسا به
ان سان گڏ ڏياري موڪليامانس، ۽ لکيومانس ته اُڪرڻ
جا اوزار مون ڏي موڪل. آءٌ انهن اوزارن جو تفصيل
هن کي ڏيئي نه سگهيس، ڇا لاءِ جو اڃا مون کي خبر
ڪانه هئي ته اُڪرڻ جو ڪم ڪيئن ڪبو آهي. تڏهن به،
تختي سان گڏ، ٽي يا چار اُڪرڻ واريون رنبيون ۽
هڪڙو نشان ڪرڻ جو سُئو اچي نڪتو. سُئي جي ڪم آڻڻ
جي مون کي خبر پيئي، تنهن کان اڳي مون ان کي خراب
رکيو. تختي تي ڪم ڪرڻ وارن ڏينهن ۾، انجنيرن جي
هڪڙيءَ جماعت، اشتهار ڪري، ڪنهن نشان ياد ڏيارڻ
واريءَ تمام عمديءَ تصوير لاءِ انعام آڇيو، ۽ مون
ارادو ڪيو ته انهيءَ لاءِ آءٌ ڪوشش ڪريان. آخر آءٌ
اهڙو نصيب وارو ٿيس، جو اهو انعام کٽيم. انهيءَ
کان پوءِ سگهوئي آءٌ وڃي ’بلئڪبرن‘ ۾ ويٺس، جتي
’ييٽس‘ واري انجينرن جي ڪمپنيءَ جي ڪارخاني ۾ انجن
جوڙڻ وارو ٿي وڃي نوڪر بيٺس. اتي به فرصت جي وقت
۾، اڳئين وانگي، آءٌ نقش ڪڍندو، رنگ ڏيندو ۽ اُڪرڻ
جو ڪم ڪندو رهيس. اُڪرڻ جي ڪم ۾ گهڻو سڌارو نه ڪري
سگهيس، ڇالاءِ جو اورازن نه هئڻ ڪري مون کي ڏاڍي
مشڪلات هئي. پوءِ مون ارادو ڪيو ته پنهنجي ڪم لاءِ
پاڻ ڪي اوزار جوڙيان. ڪيترن مٿن هڻڻ کانپوءِ، نيٺ
مون گهڻائي اوزار جوڙيا، جن سان مون هيستائين
اُڪرڻ جو ڪم پئي ڪيو آهي. ننڍيءَ شي کي وڏي ڏيکارڻ
وارو شيشو مون وٽ نه هو، تنهنڪري به مون کي گهڻي
تڪليف هئي. پڙڇ يا تختيءَ جو گهڻو ڀاڱو ته اهڙيءَ
ڪنهن به مدد کان سواءِ اُڪري ويس- رڳو پنهنجي پيءُ
جي عينڪ ڪم ۾ آنديم- پر پوءِ نيٺ هڪڙو وڏي ڏيکارڻ
وارو شيشو هٿ آيم- جو مون کي گهڻي ڪم جو ٿيو.
انهيءَ تختيءَ اُڪريندي هڪڙو اتفاق ٿيو، جنهنڪري
مون ذري گهٽ اُڪرڻ جو ڪم اصل ڇڏي ٿي ڏنو. اڪثر
ائين ٿيندو هو ته ڪو ٻيو ضروري ڪم اچي وچ ۾ پوندو
هو، ته ڏينهن جا ڏينهن آءٌ اُڪرڻ ڇڏي ڏيندو هوس؛ ۽
تختي کي ڪٽ کان بچائڻ لاءِ، اڪريل جاين تي تيل ملي
ڇڏيندو هوس. اهڙي هڪڙي مدت گذرڻ کانپوءِ، تختي
چڪاسڻ سان مون ڏٺو ته تيل اهڙو ڄمي ڪارو ٿي پيو
هو، جو ڪڍڻ مشڪل هو. مون سئي سان کوٽي ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر ڏٺم ته جيترو ان جي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو،
اوترو وري نئي سر اڪرڻ ۾ ئي لڳندو؛ انهيءَ ڪري آءٌ
ڏاڍو نااميد ٿيس، پر نيٺ اها تجويز ڪيم ته اها رڪ
واري تختي، پاڻيءَ ۾ سوڍا يا کار وجهي، ان ۾ جوش
ڏيئي، پوءِ اڪريل هندن تي ڏندن جو برش هڻان: ائين
ڪرڻ سان منهنجو مطلب پورو ٿيو، ۽ آءٌ ڏاڍو خوش
ٿيس. هينئر جيڪي منهنجون وڏيون مشڪلاتون هيون، سي
برطرف ٿيون؛ باقي منهنجي پورهيئي ساب پوڻ ۾ فقط
تحمل ۽ اورچائي گهربل هئي. انهيءَ تختيءَ اڪري
پوري ڪرڻ ۾ نه مون کي ڪنهن صلاح ڏني، نڪا ٻئي ڪنهن
مدد ڏني؛ تنهنڪري انهيءَ ڪم ۾ جيڪڏهن ڪا هوشياري
معلوم ٿئي ٿي، ته انهيءَ جي رڳو آءٌ دعوا ڪريان
ٿو؛ ۽ جي ان جي پوري ڪرڻ ۾ مون ڪا محنت، ۽ اورچائي
۽ استقامت ڏيکاري آهي، ته انهيءَ تعريف جي برابر
آءٌ دعوا ڪريان ٿو.“
’لوهارخاني‘ واري اڪريل تصوير بابت بحث ڪرڻ، اسان
جو ڪم ناهي. هنري رسالن ۾ اڳي ئي ان جي ڏاڍي واکاڻ
ٿيل آهي. انهيءَ ڪم پوري ڪرڻ ۾، پنجن ورهين جي
عرصي اندر ’شارپلس‘ جيڪو فرصت جو وقت رات جو
بچايو، سو سڀ لڳايو. جڏهن هو اها اُڪريل تختي ڇاپڻ
واري وٽ کڻي ويو، تڏهن هن پهريون دفعو ٻئي ماڻهوءَ
جي اُڪريل تختي ڏٺي. انهيءَ محنت ۽ قابليت جي
سچيءَ تصوير جي اسين هڪڙي ٻي خاصيت ڏيکاريون ٿا-
اها هڪڙي خانگي حقيقت آهي. هو چوي ٿو ته ”مون کي
پرڻئي ست ورهيه ٿيا آهن، ۽ انهيءَ عرصي ۾ منهنجي
لاءِ سڀ کان وڏي خوشي، ڪارخاني روزمره جي ڪم پوري
ڪرڻ کانپوءِ، انهيءَ ۾ پئي رهي آهي ته اڪثر ڳچ رات
تائين ويهي نقش ڪڍيو اٿم يا اڪريو اٿم: انهيءَ وچ
۾ منهنجي زال، منهنجي پاسي ۾ ويهي، ڪو مزي جهڙو
ڪتاب پئي پڙهيو آهي!“ انهيءَ ڳالهه مان هن تمام
عجيب ۽ لائق محنتي ماڻهوءَ جي پڪيءَ سياڻپ ۽ سچيءَ
سمجهه جي ثابتي ملي ٿي.
جيڪا محنت ۽ تصديع نقاشي ۽ بت تراشيءَ جي هنرن ۾
قابل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي، اهڙي ساڳي موسيقيءَ لاءِ
به ضروري آهي، جو پڻ انهيءَ قسم جو ٻيو هنر آهي؛
ڇا لاءِ جو پهريان ٻه هنر گويا قدرت جي شڪل ۽ رنگ
جو نظم آهي، ۽ ٻيو پويون هنر اُن جي اوزارن جو نظم
آهي.
’هانڊيل‘ ڏاڍو محنتي، اڻٿڪ ۽ اڻورچ هوندو هو. هو
فتحياب نه ٿيڻ ڪري دلشڪستو نه ٿيندو هو، پاڻ
سختيءَ ۽ مصيبت جي اچڻ ڪري سندس همت زياده ٿيندي
هئي. جڏهن قرضي ٿي، کُٽلائيءَ جي حالت ۾ فڪرن ۽
ڳڻتين ۾ گرفتار هو، تڏهن هڪ گهڙي به نااميد ۽
دلشڪستو نه ٿيو؛ پر هڪڙي ئي سال جي اندر هن ’سال‘
۽ ’اسرائيل‘ وارا راڳ، ’ڊرائيڊن‘ جي غزل لاءِ سُر،
’ٻارهن وڏا راڳ‘، ۽ ’آرگاس ۾ جيوپيٽر‘ جو راڳ وارو
ناٽڪ- اهي سڀ جوڙيا، جي سندس تمام عمديون تصنيفون
آهن. هن جي احوال لکڻ واري لکيو آهي ته ”هو همت
جهلي سڀ شي جي سامهون ويندو هو، ۽ ٻيءَ ڪنهن به
مدد کانسواءِ ٻارهن ماڻهن جو ڪم ڪندو هو.“
’هيڊن‘، پنهنجي هنر بابت ذڪر ڪندي، چيو آهي ته
”اهو سڀ ڪجهه ڪنهن مضمون وٺڻ ۽ اُن جي پٺيان لڳي
رهڻ ڪري حاصل ٿو ٿئي.“ ’موزارٽ‘ چيو آهي ته محنت
يا ڪم مان مون کي خاص خوشي حاصل ٿي ٿئي.“
’بيٿووين‘ جو چوڻ هو ته ”اهڙيون روڪون ۽ اٽڪون آهن
ئي ڪين، جي محنت ۽ ڪوشش ڪندڙن کي چون ته ’اوهين
هيستائين هلي سگهندؤ، ۽ پر تي نه“. جڏهن ’ماشيلس‘
پيانو- فورڊ باجي ۾ وڄائڻ لاءِ ’فائڊيليو‘ جو لکيل
راڳ ’بيٿووين‘ کي ڏنو، تڏهن ’بيٿووين‘ پوئين صفحي
جي هيٺان هي لفظ لکيل ڏٺا: ”خدا جي مدد سان پورو
ٿيو.“ ’بيٿووي، انهيءَ دم انهن لفظن جي هيٺان لکيو
ته ”مهربان، پاڻيهي پاڻ کي مدد ڪر!“ انهيءَ حڪم تي
هو سڄي عمر عمل ڪندو رهيو. ’جان سباسشين با بئچ‘
پنهنجي بابت هيئن لکيو آهي ته: ”آءٌ محنتي هوس؛
جيڪو ماڻهو اهڙو محنتي ۽ جفاڪش ٿيندو، اُهو اهڙوئي
فتحياب ٿيندو.“ پر، انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ’باچ‘ کي
ڄمندي کان راڳ ۽ موسيقيءَ جو شوق هو، جنهن هن کي
محنت تي بيهاريو- ۽ حقيقت ڪري هن جي قابليت ۽
فتحمندي به انهيءَ تي منحصر هئي. جڏهن اڃا ننڍڙو
هو، تڏهن سندس وڏي ڀاءُ ڪوشش ڪئي ته هن کي ٻئي
ڌنڌي تي آڻي. انهيءَ ارادي سان، هن هيئن ڪيو جو
جيڪي چونڊيل راڳ ننڍي ’سباسشين‘ بتيءَ نه ملڻ ڪري
چاونڊڪيءَ ۾ نقل ڪري گڏ ڪيا هئا، سي ناس ڪري
ڇڏيا.... تڏهن به هو نه رهيو. انهيءَ مان انهيءَ
ڇوڪر جي ذاتي لياقت ۽ طبيعي ميل جي چڱي ثابتي ملي
ٿي. ’ميئر بيئر‘ بابت، ’بيل‘، سن 1820ع ۾، ’ملن‘
مان هن طرح لکيو ته ”هوشيار ماڻهو آهي، پر ڪو ذاتي
ذهن ڪونه اٿس؛ هو اڪيلو رهندو آهي، ۽ ڏهاڙي پندرهن
ڪلاڪ موسيقيءَ تي مٿو ٿو هڻي.“ ڪن ورهين کان پوءِ،
سخت محنت ڪرڻ ڪري، ’ميئر بيئر‘ ۾ ذاتي ذهن پيدا
ٿيو، جو ”رابرٽو“؛ ”هيوجناٽ“، ”پرافيٽ“ ۽ سندس
تصنيفن مان معلوم ٿو ٿئي، جي هن زماني ۾ لکيل راڳ
وارن ناٽڪن مان تمام عمدا آهن.
جيتوڻيڪ راڳ ٺاهڻ جي هنر ۾ اڃا تائين انگريزن پاڻ
کي گهڻو مشهور نه ڪيو آهي- هن ڪري جو هنن ٻين
زياده ڪمائتن هنرن چالاڪي ڏيکاري آهي- تڏهن به
انهيءَ خاص هنر ۾ هنن منجهه محنت ۽ اورچائيءَ جا
ڪي مثال لڀن ٿا.
’آرن‘ هڪڙي سامان- فروش جو پٽ هو، ۽ پڻس جو ارادو
هو ته هو قاعديدان ٿئي؛ پر موسيقيءَ جو شوق هن کي
ايترو گهڻو هو، جو لاچار ٿي هن کي پنهنجي مرضيءَ
تي ڇڏي ڏنائون. جڏهين هو هڪ وڪيل جي آفيس ۾ نوڪر
هو، تڏهن تمام مفلس هو؛ پر پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ
لاءِ“ هو نوڪرن جي پوشاڪ اُڌاري وٺي؛ اُها ڍڪي،
راڳ وارن ناٽڪن ڏسڻ لاءِ؛ ورانڊي ۾ وڃي ويهندو هو؛
ڇالاءِ جو انهن ڏينهن ۾ نوڪرن کانسواءِ ٻيو ناٽڪ
جي ورانڊي ۾ ڪونه ويهندو هو. هن ولايتي سارنگيءَ
وڄائڻ ۾ ڏاڍي ترقي ڪئي؛ پر پڻس کي انهيءَ جي خبر
ئي ڪانه پيئي. پهريندي جا اُن بابت کيس خبر پيس،
سا تڏهن، جڏهن اوچتو هو هڪڙي پاڙيسريءَ جي گهر
ملاقات لاءِ ويو، جتي ڏسي ته سندس پٽ ڳائڻن جي
هڪڙيءَ ٽوليءَ سان گڏ سڀني کان اڳي سارنگي پيو
وڄائي. هيءُ حال ڏسي، هن کي عجب به لڳو ۽ خفو به
ٿيو. انهيءَ اتفاق ڪري، هن جي قسمت فيصل ٿي رهي:
انهيءَ کانپوءِ، سندس پيءُ سندس مرضيءَ جي برخلاف
ضد ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ائين ڪرڻ ڪري، جهان کي وڪيل سو
ڪونه مليو، باقي ڳائڻو سو نهايت عمدو ۽ قابل مليو،
جنهن انگريزي موسيقيءَ جي علم ۾ گهڻيون ئي
ڪمائتيون تصنيفون ڪيون.
موسيقيءَ جي علم جي تحصيل ۾ همت سان مشڪلاتن ٽارڻ
جو هڪڙو مزي جهڙو مثال ’وليم جئڪسن‘ جي احوال مان
ملي ٿو، جو ’اسرائيل جي ڇوٽڪاري‘ واري موسيقي ناٽڪ
جو مصنف آهي. اهو ناٽڪ اُهو آهي، جو سندس وطني
ضلعي ’يارڪ‘ جي سڀني مک شهرن ۾ سوڀ سان اسٽيج تي
آندو ويو هو. هو هڪڙي جانڊاهيءَ جو پٽ هو، جو
’يارڪ شائر‘ جي اُتر- الهنديءَ ڪنڊ ۾، ’يور‘ نديءَ
جي ترائيءَ ۾، ’مارشام‘ نالي ننڍڙي شهر ۾ رهندو
هو. ڀانئجي ٿو ته اُنهن جي ڪٽنب ۾ اصل کان
موسيقيءَ يا راڳ جو شوق ورثي ۾ هليو آيو؛ ڇالاءِ
جو هن جو پيءُ ’مارشام‘ جي والنيٽئرن جي ٽوليءَ ۾
بانسري وڄائيندو هو، ۽ ديول ۾ به ڳائڻ واري ٽوليءَ
سان گڏجي ڳائيندو هو. هن جو ڏاڏو به ’مارشام‘ جي
ديول ۾ مک ڳائيندڙ ۽ وڄائيندڙ هو. هن ڇوڪر جي به
ننڍي هوندي جي ڳائڻ جي راند اها هوندي هئي، جو آچر
جي ڏينهن صبح جو هميشہ ديول جي گهنڊ وڄائڻ مهل اتي
وڃي حاضر ٿيندو هو. جيستائين ديول ۾ عبادت پيئي
هلندي هئي، تيستائين هو حيرت ۾ ماٺ ڪريو ويٺو
ڏسندو هو ته وڏي باجي وڄائڻ وارو اهڙي ڳري ساز کي
ڪيئن ٿو وڄائي. باجي جا دروازا پٺيان کولي ڇڏيندا
هئا، ته ڀلي ديول ۾ باجي جو آواز کليل ۽ چٽو ٻڌڻ ۾
اچي. انهن دروازن کلڻ ڪري، ننڍا ڇوڪر، جي پٺيان
ورانڊي ۾ بيٺا هوندا هئا، سي باجي جا اندريان سڀ
عضوا ڏسي حيرت ۾ پوندا هئا؛ پر انهن سڀني مان اسان
جي هن ننڍي ڳائڻي کي زياده عجب لڳندو هو. اٺن
ورهين جي عمر ۾ هو پنهنجي پيءُ جي پراڻي بانسري
وڄائڻ لڳو. انهيءَ بانسريءَ مان ’سرگم‘ جو ’م‘
آواز نه نڪرندو هو؛ پر انهيءَ مشڪلات ٽارڻ لاءِ هن
جي ماءُ کيس يڪي سوراخ واري بانسري وٺي ڏني، ۽
تنهن کان پوءِ سگهوئي پاڙي واري هڪڙي سکر ماڻهوءَ
هن کي هڪڙي چانديءَ جي چئن سوراخن واري بانسري
تحفي طور ڏني. هن ڇوڪر ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪوبه سڌارو
ڪونه ڪيو، ڇالا جو هو اسڪول جي سبقن کان وڌيڪ
ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ گوسن هڻڻ جو شوقي هوندو هو، ۽ اسڪول-
ماستر هن کي خراب ڇوڪر ڄاڻي ڇڏي ڏنو هو؛ تنهنڪري
هن جي ماءُ- پيءُ هن کي ’ييٽلي برج‘ واري اسڪول ۾
موڪلي ڏنو. اتي ’برائيٽ- هائوس- گيٽ‘ جي هڪڙي
ٻهراڙيءَ جي ڳائيندڙن جي ٽوليءَ جي صحبت هن کي
نهايت پسند آئي، جن سان رهي، هو قديم انگريزي
دستور موجب ’سرگم‘ جا آواز ڳائڻ سکيو. انهيءَ طرح،
هن کي موسيقيءَ جي حرفن پڙهڻ ۾ تعليم ملي، ۽ سگهو
ئي انهيءَ ڪم ۾ هوشيار ٿي ويو. هن جي جلد ترقيءَ
ڪري، اُتي جي ڳائڻ واريءَ ٽوليءَ کي حيرت لڳي.
پوءِ جلد هو، موسيقيءَ جي محبت ۾ مست ٿي، وطن ڏي
موٽيو. هاڻي هو پيءُ جو پراڻو پيانو باجو وڄائڻ
سکيو. پر ان مان ڪي چڱا سُر نٿي نڪتا، تنهنڪري اهو
اچي شوق ٿيس ته آڱريون رکي وڄائڻ وارو ڪو باجو هٿ
ڪريان؛ پر انهيءَ لاءِ وسعت ڪانه هيس. انهيءَ وقت
ڌاري، پاڙي واريءَ ديول جي هڪڙي ڪلارڪ ٿورن پيسن
تي هڪڙو وڏو باجو خريد ڪيو، جو ڪنهن تماشي ڪندڙ
ٽوليءَ سان اتر وارن ضلعن ۾ به گهميو هو. انهيءَ
ڪلارڪ ڪوشش ڪئي ته انهيءَ باجي جا آواز سڌاري
ٺاهي، پر انهيءُ ۾ فتحياب نه ٿيو. نيٺ هن ارادو
ڪيو ته جوان ’جئڪسن‘ جي مدد وٺي، جو اهڙو ته
هوشيار هو جو اتي جي ديول جي ننڍي باجي ۾ سڌاري جا
ڦيرڦار به ڪيا هئائين. تنهنڪري، هو اهو باجو گڏهه
جي گاڏيءَ تي رکي انهيءَ ڇوڪر جي گهر کڻي آيو.
ٿوري وقت ۾ هن اهو باجو سڌاريو، ۽ انهيءَ تي اصل
وارا آواز ڪڍڻ لڳو؛ انهيءَ ڪري باجي جو مالڪ نهايت
خوش ٿيو.
هينئر هن جوان کي اچي اهو خيا دل ۾ ويٺو ته وڏو
باجو آءٌ پاڻ ٺاهيان. هن ائين ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو
قائم ڪيو. پاڻ ۽ پڻس- ٻئي اچي انهيءَ ڪم کي لڳا.
جيتوڻيڪ واڍڪو ڪم نه ڄاڻندا هئا، تڏهن به محنت
ڪري، مٿا هڻي، گهڻيون ئي شڪستون ڏسي، نيٺ فتحياب
ٿيا. هڪڙو باجو جوڙيائون، جنهن ۾ ڏهه راڳڻيون تمام
چڱيءَ طرح وڄي ٿي سگهيون. انهيءَ کي پاڙيوارا
’جئڪسن‘ کي ديولن جي پراڻن باجن جي مرمت ڪرڻ لاءِ،
يا نون راڳن جي نالين چاڙهڻ لاءِ سڏيندا هئا، جي
هو وجهندو هو. اهو سڀ ڪم هو اهڙو چڱو ڪندو هو، جو
ماڻهو خوش ٿيندا هئا. تنهن کان پوءِ هو چئن سَرگمن
وارو آڱرين سان وڄائڻ جهڙو جوڙڻ لڳو، جنهن ۾ ڪنهن
پراڻي باجي جون سوراخن واريون چاويون ڪم ۾
آندائين. اهو هو وڄائڻ سکيو. انهيءَ لاءِ رات جو
هو ’ڪالڪاٽ‘ وارو باجي جو ڪتاب پڙهندو هو، ۽ ڏينهن
جو جانڊاهه تي پنهنجو ڌنڌو به ڪندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن
ته گڏهه ۽ گاڏي وٺي، ٻهراڙيءَ ۾ مال لڏيندو وتندو
هو. اونهاري ۾ هو، گوگڙن جي فصل ۽ گاهه لُبڻ جي
وقت ۽ اَنّ جي لاباري مهل، ٻنين ۾ ڪمائيندو هو؛ پر
رات جو فرصت جي وقت هميشہ راڳ جي لذت ۽ فرحت وٺڻ
کان خالي نه ويهندو هو. تنهن کانپوءِ هو پاڻ راڳ
ٺاهڻ لڳو. هن جون ٻارهن مناجاتون يا دعا جا راڳ،
’يارڪ‘ واري مسٽر ’ڪيمبرج‘ کي ڏيکاريا ويا، جنهن
کي ٻڌايائون ته ’اِهي راڳ چوڏهن ورهين عمر واري
جانڊاهيءَ جا جوڙيل آهن.‘ مسٽر ’ڪيمبرج‘ کي اهي
ڏاڍا وڻيا. انهيءَ ۾ جيڪي اعتراض جهڙيون جايون
هيون، سي نشان ڪري، هن اُهي وري موٽائي موڪليا، ۽
هن کي همتائڻ جي لاءِ لکي موڪليائين ته ”هي تحسين
جهڙا راڳ آهن، ۽ توکي گهرجي ته اهڙا راڳ پيو
ٺاهين.“
’ماشام‘ ۾ هڪڙي ڳائڻ واري ٽولي برپا ٿي، تنهن ۾ هي
جوان ’جئڪسن‘، وڃي شامل ٿيو، ۽ نيٺ انهن جو مهندار
وڃي ٿيو. هو سڀ ساز يا راڳ جا اوزار واري سان
وڄائڻ لڳو، ۽ انهيءَ طرح هن پنهنجي هنر جي چڱي
واقفيت ۽ استعمالي حاصل ڪئي. تنهن کانسواءِ،
انهيءَ مٿينءَ ٽوليءَ لاءِ هن گهڻيئي راڳ جوڙيا.
ٻهراڙيءَ واريءَ ديول ۾ رکڻ لاءِ هٿ سان وڄائڻ
وارو باجو تحفي طور مليو هو، تنهن جي وڄائڻ لاءِ
هن کي مقرر ڪيائون. هينئر هن گهمڻ ۽ جانڊاهيءَ جو
ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ۽ موم بتيون جوڙڻ لڳو- پر جيڪو
وقت بچندو هوس، سو اڃا به موسيقيءَ جي تحصيل ۾
لڳائيندو هو. سال 1839ع ۾ هن پنهنجي پهرين مناجات
ڇاپائي پڌري ڪئي، جنهن جي پهرين مصرع آهي. ”سڀ
آباد ترايون ۽ ماٿريون ڀلي ته خوشيءَ جو راڳ
ڳائين!“
ٻئي ورهيه ۾ هن ’لي‘ جي ڀيڻن وارو راڳ جوڙيو، جنهن
لاءِ هن کي ’هڊر سفيلڊ‘ جي ’گلي ڪلب‘ واريءَ
ٽوليءَ کان پهريون انعام مليو. هن جي ٻي مناجات
”الاهي، اسان تي رحم ڪر“، ۽ ”زيور“ جو هڪ سو ٽيون
سرود، جو راڳ ۾ گڏجي ڳائڻ لاءِ ٺاهيائين، سي ٻئي
مشهور آهن. انهن ننڍڙين تصنيفن جي مشغوليءَ ۾،
’جئڪسن‘ پنهنجي راڳ واري ناٽڪ ۾ هٿ وڌو، جنهن جو
مضمون هو: ”اسرائيل جو بابل شهر مان ڇوٽڪارو.“ هن
جو دستور هوندو هو ته جيڪي خيال دل ۾ اچي سوڙها
ٿيندا هئس، اُهي ڪاغذ تي اٽڪائي ڇڏيندو هو؛ ۽ رات
جو جڏهن دوڪان ۾ مومبتين جوڙڻ جو ڪم بس ڪندو هو،
تڏهن صاف طرح لکي رکندو هو. اهو ناٽڪ جو ڪتاب، سال
1844ع ۽ 1840ع جي اندر ٿورو ٿورو ٿي ڇپيو، ۽ ان جو
پويون ڀاڱو هن پنهنجي اوڻٽيهين سالگرهه يا ڄمڻ
واري ڏينهن ڇاپايو. اهو ڪتاب ماڻهن کي ڏاڍو پسند
آيو، ۽ اُنهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين اُتر وارن
ڀاڱن ۾ اڪثر اهو ناٽڪ ڪندا ايندا آهن. نيٺ مسٽر
’جئڪسن‘، ’براڊ فرڊ‘ ۾ موسيقيءَ جو پروفيسر يا
معلم مــقـرر ٿــيو، جتي انهيءَ هنڌ جي يا آسپاس
جي ماڻهن ۾ راڳ جو شوق ۽ ان جي تعليم وڌايائين. ڪن
ورهين کانپوءِ، هن پنهنجــي ’براڊ فرڊ‘ جي ڳائڻ
واريءَ ٽوليءَ کي ملڪ معظمه جـــي حضور ۾،
’بڪنگهام‘ واريءَ محلات ۾، وڃي حاضر ڪــرڻ جو شرف
حاصل ڪيو. اُنهيءَ مهل، توڙي پوءِ، ’ڪرسٽل
پالــيــس‘ واريءَ مــحلات ۾ هــن جا ڪـــي عــمدا
راڳ، ۽ تـــعريف جهــــڙا
ڳايــا ويا.*
مٿيون مختصر احوال اُنهيءَ پاڻيهي سکيل موسيقي دان
جو آهي، جنهن جي حياتي هڪڙو وڌيڪ مثال اُنهي ڳالهه
جو ڏئي ٿي، ته ’خود ياوري‘ ڇا ڪري ٿي سگهي، ۽ همت
۽ محنت ماڻهوءَ کي اوائل جي مشڪلاتن ۽ سخت اٽڪائن
تي قابض پوڻ ۽ انهن کي ٽارڻ ۾ ڪيتريقدر مدد ڏئي
ٿي.
*
مسٽر ’جئڪسن‘ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ وفات
ڪئي. انهيءَ وقت ۾ هيءُ (اصل انگريزي) ڪتاب
ڇاپخاني ۾ پئي ڇپيو. (يعني، 1866ع ۾) هن
پنهنجو پويون ڪتاب مرڻ کان ٿورو اڳڀرو جوڙيو
هو، جنهن جو نالو آهي. ”موسيقيءَ جي تعريف“.
سندس حياتيءَ جو مٿيون احوال هن پاڻ مون
(انگريزي ڪتاب جي مصنف) ڏي ٿورا ورهيه اڳي لکي
موڪليو هو. جڏهن هو اڃا ’مارشام‘ ۾ مومبتين
جوڙڻ جو ڪم پيو ڪندو هو.
|