سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :9

 

شام ٿي فلپ درياه جو سير ڪرڻ لاءِ نڪتو.

جڏهن کان سياسي حالتن ڦيرو کاڌو هو، افغانستان تي فوج ڪشي ٿي هئي، تڏهين کان، هن کان شاه لطيف، سنڌو ۽ سنڌوءَ جي ميرانجهڙي مهاڻي وسري ويا هئا، نئون معاهدو مڃائڻ لاءِ حيدرآباد ۽ خيرپور جي درٻارن جا چڪر. آؤٽرام سان اُٺن جي خريداريءَ لاءِ ريگستان جا ڌڪا، فوج سان گڏ بلوچستان ويو هو. شڪارپور ۾ ريزيڊينسي قائم ٿي هئي، ڪجهه ڏينهن اُتي رهيو ۽ پوءِ حيدرآباد موٽي آيو. حيدرآباد موٽڻ کان پوءِ هن کي محسوس ٿيو ڄڻ هو پنهنجي گهر موٽي آيو هو. پر هن جو ته ڪو گهر گهاٽ نه هو. هو ذهني ۽ جذباتي طرح جلاوطن هو، پر حيدرآباد ۾ هن کي پنهنجائيءَ جو احساس ٿيندو هو. حيدرآباد جون هوائون، هوائن سان ٻيڻا ٿيندڙ وڻ، منگهه، لاهيون چاڙهيون، سنڌو، سنڌوءَ جو ميرانجهڙي مهاڻيءَ جي ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه، سارنگ جي سنگت ۽ علمي ريهاڻ اهي سڀئي رشتا ۽ ناتا هئا جن هن جي دل حيدرآباد سان اٽڪائي هئي. پر هن دفعي هن کي حيدرآباد ۾ به اجنبيت جو احساس ٿي رهيو هو. ڄڻ هو ڪو اجنبي هو ۽ هر شيءِ هن کي اوپرن اکين سان ڏسي رهي هئي. ڪو زمانو هو جو سنڌين هن کي محبت جا ڪنول آڇيا هئا ۽ هو اهي ڪنول کائي، سڀ ڏک سور وساري، شاه لطيف جي بيتن جهڙا حسين خواب ڏسڻ لڳو هو. پر هن جا خواب ٽٽي پيا ۽ هن انهن ساڳين سنڌين جي هٿن ۾ محبت جي ڪنولن جي بدران تلوارن کي تاڻيل ڏٺو. هو حيدرآباد جي درٻار ۾ نئون معاهدو مڃائڻ لاءِ ويو هو. رستي تي ماڻهن جا هشام هئا، جن جي اکين ۾ نفرت جي نانگن ڦوڪارون ٿي ڏنيون. هنن نعرا ٿي هنيان ۽ هنن کي ڏسي پٽ تي ٿڪياؤن ٿي. سارنگ هن سان ساڻ هو. سارنگ جي اکين ۾ به ڪيتري نه نفرت هئي. محبت ۽ نفرت ۾ ڪيتري نه ٿوري وِٿي آهي، هو موٽي آيو ته اچڻ سان سارنگ سان مليو. سارنگ کي پنهنجي مجبوري به ٻڌايائين، پر ته به سارنگ جي اکين ۾ اجنبيت ۽ دوري هئي. اها اجنبيت ۽ دوري هو هر شيءِ ۾ محسوس ڪري رهيو هو. هو وري جلاوطن ٿو.......!

فلپ درياه جي ڪپ تي اچي پهتو. سياري جي ڪري سنڌو سُڪي ويو هو، ڪناري تي ٻيڙيون بيٺيون هيون. هن ٻيڙين ڏانهن رخ رکيو ۽ پوڙهي مهاڻي سان اچي مليو. فلپ کي ڏسي پوڙهي جون واڇون ٽڙي پيون، ڏاڍي سڪ سان هن سان مليو، پر الائي ڇو فلپ کي پوڙهي جي سڪ ۽ خوشيءَ مان به اجنبيت ۽ دوريءَ جو احساس ٿيو ڄڻ پوڙهو هن جي نه، پر انهن پئسن جي آجيان ڪري رهيو هو، جيڪي هو ٻيڙيءَ جي سير کان پوءِ هن کي ڏيندو هو. پوڙهي جي چپن تي چمڪندڙ مرڪ سندس کيسي ۾ پيل انهن سِڪن جو چلڪو هئي؛ جيڪي ٿوري دير کانپوءِ هو پوڙهي کي ڏيندو. ڇا انسان پنهنجي سماجي پس منظر کان سواءِ ڪجهه نه آهي. واقعي هو ڪجهه به نه هو، جي هو ڪجهه هجي ها، ته اڄ ائين اڪيلو، تنها ۽ پنهنجي مارگريٽ جي محبت کان محروم ڇو هجي ها. اهو هن جو سماجي پس منظر ئي ٿيو، جنهن جي ڪري هو محبت کان محروم رهيو هو ۽ اهو به هن جو سماجي پس منظر ئي هو؛ جو سارنگ هن سان اجنبين وارو ورتاءُ ڪري رهيو هو ۽ پوڙهو هن کي ڏسي خوشيءَ ۾ ٽڙي پيو هو.....

هو ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، پوڙهي اڄ به ٻيڙيءَ مان ڌيءَ کي سڏ ڪيو، اڄ به هن ٻيڙيءَ ۾ ٽپو ڏنو؛ اڄ به لهرن دائرا بڻايا ۽ ڪنول لڏيا ۽ لميا، اڄ به هن اکيون کڻي فلپ ڏانهن نهاريو.... الا، اڄ انهن اکين ۾ ڪيڏي نه دوري هئي. هن جي دل کي زور جو ڌڪو لڳو. اڄ هن کان ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه جي موڙي به کسجي وئي هئي. پر شايد هو غلط سمجهي رهيو هو. ميرانجهڙي مهاڻي جي نگاه کي غلط سمجهي رهيو هو. ڪا شيءِ ڪانه بدلي هئي. نه سنڌو بدليو هو، نه سنڌوءَ جي مهاڻي بدلي هئي. نه حيدرآباد جون هوائون بدليون هيون ۽ نه مارگريٽ جهڙيون چانڊوڪيون بدليون هيون. صرف سارنگ بدلجي ويو هو. ان ڪري جو هن جون ڪي وفاداريون هيون، ڪي سياسي نظريا هئا، پر هن پوڙهي ۽ هن البيلي مهاڻيءَ جون ڪي به وفاداريون ۽ ڪي به نظريا نه هئا. سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت رهي يا انگريزن جي؟ سنڌ آزاد رهي يا غلام؟ انهن ڳالهين سان هنن جو ڪو واسطو نه هو. هنن صرف جيئڻ ٿي چاهيو ۽ جيئڻ ڪارڻ جتن ڪرڻ ٿي چاهيا. حڪومتون بدلنديون رهنديون، پر هنن جي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي ڪا نه ايندي. هنن جي زندگيءَ جي ٻيڙي ڪڏهن به ڪناري سان نه لڳندي. دوري ۽ اجنبيت جو احساس هن جي پنهنجي ضمير جو آواز هو، اندر جو اولڙو هو. هينئر به مهاڻيءَ جي چپن تي ماڻي ڀري مرڪ هئي. هن اکيون کڻي مهاڻيءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ سکان جهلي ائين بي خيالي ويٺي هئي، ڄڻ فلپ جو وجود ئي نه هو، ڄڻ فلپ بيجان پٿر هو، جنهن ڏانهن نهارڻ جي به هن ضرورت محسوس نه ٿي ڪئي. فلپ يڪدم ٻيڙي روڪائي. پوڙهي جو منهن لهي ويو. شايد اڄ کيس پورو ڀاڙو نه ملندو. فلپ يڪدم کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ جيترا پئسا سندس کيسي ۾ پيا هئا، سي سڀ ڪڍي هن پوڙهي جي هٿ تي رکيا، ايڏا پئسا ڏسي پوڙهي جون اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ هٿ ڏڪڻ لڳا. اڄ تائين ڪڏهن به اهي پورهيت ۽ جفاڪش هٿ نه ڏڪيا هئا. ڪيترا دفعا هن جي ٻيڙي ڪُن ۾ ڦاٿي هئي، ڪيترا دفعا طوفاني لهرن هن کي لپاٽون هنيون هيون. پر اهي پورهيت، جفاڪش ۽ پُر اعتماد هٿ ڪڏهن نه ڏڪيا هئا. اڄ پئسن جي اڻ لکي ٻوجهه ۾ اهي هٿ ڏڪي رهيا هئا.

 

فلپ ڪناري تي لٿو ۽ تکيون تکيون وکون کڻندو اڳتي وڌي ويو. هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، هو ڪيڏانهن وڃي؟ هن جي ڪهڙي منزل هئي. رات جو هو دير سان ريزيڊينسي ۾ موٽي آيو ۽ بائيبل کولي داؤد جو ’نوحو‘پڙهڻ لڳو.

 

ٻئي ڏينهن هن جي ايلز سان ملاقات ٿي. ايلز کي ڏسي هو حيران ٿي ويو. صفا جهڙي مارگريٽ، ساڳيو مارگريٽ جهڙو مکڙو، مارگريٽ جهڙا وار، مارگريٽ جهڙيون نيريون گهريون اکيون. فرق رڳو ايترو هو ته مارگريٽ جي اکين ۾ صبحون مرڪنديون هيون ۽ هن جي اکين ۾ شامِ غم جا پاڇا لهرائي رهيا هئا. هوءَ حسين هئي، جوان هئي، پر هن کي الائي ڪهڙو غم هو، جو هن جي صورت ’داؤد جو نوحو‘ بڻجي وئي هئي. هو پاڻ به غم پسندو هو، هن جا دوست هن کي ’مشرق جو غم پسند شهزادو‘ چوندا هئا، ايلز به غم جي راهبه ٿي لڳي.

 

ايلز هن جي هڪڙي ساٿي، ڊيوس جي ڀيڻ هئي. ڪئمبرج ۾ تاريخ پڙهندي هئي. تاريخ پڙهندي هن ڪيترا مهم پسند، سرڪش، جنگجو فاتح ڏٺا، جن موت کي للڪاريو ۽ موت کي ڳوليندا، ساري دنيا فتح  ڪري آيا، پر موت هنن کان ڀڄندو ۽ لڪندو رهيو. تاريخ جي هر هڪ صفحي تي هنن جي عظمت جا داستان تحرير هئا.... هن جي ذهن ۾ اهڙا مهم پسند، سرڪش ۽ موت کي مات ڪندڙ نوجوان جو تصور اُڀريو ۽ هوءَ ان تصور کي پوڄڻ لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي رابرٽ سان ملاقات ٿي. رابرٽ هوبهو هن جي تصور جهڙو هو. مهم پسند، سرڪش ۽ موت کي مات ڪندڙ فوجي لباس ۾ هو ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو عظيم فاتح، موت کي اورانگهي، تاريخ جي صفحن مان نڪري، هن جي سامهون اچي بيٺو هو ۽ دنيا کي فتح ڪرڻ کان اڳ هن کان موڪلائڻ آيو هو. ايلز مرڪندڙ من سان هن کي موڪل ڏني ۽ رابرٽ هندستان روانو ٿي ويو. جڏهن رابرٽ جو جهاز اکين کان اوجهڙ ٿيو، تڏهن ايلز تصور ئي تصور ۾ رابرٽ کي اڙل گهوڙي تي سوار ڏٺو. هن جي هٿ ۾ تلوار هئي ۽ هو وحشي هندستانين جو سينو چيريندو ڏاريندو ٿي ويو. هن جي سيني تي سونا ٻلا چمڪي رهيا هئا. لنڊن جي چؤنڪ چؤنڪ تي هن جا مجسما کتل هئا ۽ ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وات تي هن جي دليريءَ جا داستان هئا، پر رابرٽ هندستان پهتو ته مليريا جي اخبار ۾ مري ويو. ايلز ته صفا چري ٿي پئي. هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته هن جي خوابن جو سرڪش ۽ جنگجو شهزادو، جيڪو موت کي اورانگهي، تاريخ جا صفحا چيري هن جي سامهون اچي بيٺو هو، سو اهڙو عاميانو موت مرندو. اهو ڪوڙ هو. فريب، دوکو ۽ دولاب هو. هن جي رابرٽ ته هندستان ۾ وڏا وڏا ڪارناما انجام ڏنا هئا، ۽ لنڊن ۾ وک وک تي ان جا مجسما کتل هئا. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ۽ لنڊن جي چؤنڪ چؤنڪ تي رابرٽ جا کتل مجسما ڳولهڻ لڳي.آخر هوءَ ڪلائيو جي مجسمي جي سامهون اچي بيٺي ۽ ٽڪ ٻڌي ان مجسمي ڏانهن نهاريندي رهي. ڪير ٿو چئي ته اهو ڪلائيو جو مجسمو هو. اهو ته هن جي رابرٽ جو مجسمو هو. جنهن پلاسيءَ جي جنگ جيتي هئي ۽ جنهن هندستانين جي هانوَن تي هيبت طاري ڪئي هئي. اهڙيءَ مهل رستي تان هڪڙي ڇوڪري لنگهي. ايلز هن کي بيهاريو ۽پڇيائين، ”توکي خبر آهي ته هي مجسمو ڪنهن جو آهي؟“

ڇوڪري حيران ٿي هن ڏانهن نهارڻ لڳي.

”هي منهنجي رابرٽ جو مجسموآهي. منهنجي رابرٽ پلاسيءَ جي جنگ جيتي هئي، منهنجو رابرٽ عظيم فاتح آهي. ڏس هن جي پٿريلي منهن تي ڪهڙي نه سرڪشي آهي.“

ڇوڪري هن کي چري سمجهي تکا تکا قدم کڻندي اڳتي وڌي وئي ۽ ڪنڌ ڦيري ڊنل اکين سان هن ڏانهن نهارڻ لڳي. ايلز ڄڻ هسٽريائي ڪيفيت ۾ چيٽ ڪئي.

”سڙي وئينءَ، منهنجي محبوب جي دليريءَ جا داستان ٻڌي سڙي وئينءَ“، ۽ پوءِ کلڻ لڳي، صفا کل ۾ ٻڏي وئي جڏهن کل بند ٿيس ۽ ڪنڌ مٿي کنيائين، ته سندس چوڌاري ماڻهن جا ميڙ مڙي ويا هئا. ماڻهن کي ڏسي هوءَ ڊڄي وئي. آهستي آهستي پٺتي هٽڻ لڳي ۽ پوءِ وٺي ڊوڙ پاتائين، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هوءَ هندستان رواني ٿي وئي. ڪلڪتي ۾ پنهنجي رابرٽ جي گمنام قبر ڏ‎ٺائين، جنهن تي بهادريءَ جو ڪو ڪتبو لکيل نه هو. هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ٻه- چار ڏينهن ڪلڪتي ۾ رهي ۽ پوءِ ڀاءُ سان ملڻ لاءِ سنڌ هلي آئي. ڊيوس سارو ڏينهن هن کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هوءَ مرڪندي اصل نه هئي. ٻه – چار ڏينهن گذريا ته ڊيوس فوجي رسد جي سامان سان افغانستان هليو ويو. هاڻي فلپ هن جي دل وندرائيندو هو. هو غم جو مشرقي شهزادو هو ۽ هوءَ غم جي راهبه. ٻئي مهراڻ جي ڪناري تي ويهي سج کي لهندو ڏسندا هئا ۽ڳالهيون ڪندا هئا، تاريخ جون اهي عظيم شخصيتون جيڪي ايلز جا آدرش هيون، تن کان فلپ کي نفرت هئي. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تاريخ تي گفتگو ڪندا هئا.......

 ”تاريخ انساني ڪوس گهر هئي ۽ وڏا وڏا فاتح ڪاسائي. جن انساني لاشن جي ڍير تي بيهي قيد جي درازي حاصل ڪئي هئي..... دنيا جي سڀني جنگين جي پس منظر ۾، تاريخ ۾ قد جي درازي حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي هوس هئي. اهي هٿ چمڻ لائق نه آهن. جن تلوار کنئين ۽ ڪوس ڪيو. پر اهي هٿ چمڻ لائق آهن، جن قلم کنيو ۽ اونداهين ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاريا ۽ نت نيون ايجادون ڪيون.....اها تلوار قلم کان به مقدس آهي، جيڪا وطن جي بچاءَ لاءِ کڄي..... رابرٽ خوش قسمت هو جو هن جي هٿان ڪنهن انسان جو خون نه وهيو......

هندستاني وحشي آهن........! جيڪا قوم ويد لکي سگهي ٿي، تاج محل تعمير ڪري سگهي ٿي ۽ شاه لطيف پيدا ڪري سگهي ٿي، سا قوم ڪيئن وحشي ٿي سگهي ٿي....

موت....! رابرٽ جو موت، آدرشن جو موت، خواب جو موت، محبت جو موت. محبت ڪڏهين نه مرندي آهي. زندگيءَ ۾ مارگريٽ نه ملندي آهي ته محبت مهاڻيءَ جي مرڪ بڻجي ويندي آهي.... موت زندگيءَ کان به وڏي حقيقت آهي. موت ئي زندگيءَ کي معنيٰ ڏي ٿو ۽ موت ئي زندگيءَ کي بي معنيٰ بڻائي ٿو....  موت جي باري ۾ مون هڪڙو هندستاني گيت پڙهيو هو. گيت جا لفظ ياد نه آهن. مفهوم ياد آهي ته:

اي ڪنوار، اٿ ميندي لاءِ، چوٽيون ڳُت، تَن بَدن ڌوءِ، جو تنهنجو گهوٽ گهوڙي چڙهي توکي وٺڻ آيو آهي....“

ايلز روئڻ لڳي.

ايلز سان گڏ درياه تي گهمندي، هر گهڙي فلپ جون نظرون ٻيڙين ڏانهن کڄي وينديون هيون ۽ هميشہ پينونءَ جي خالي هٿ وانگر خالي موٽي اينديون هيون. هڪڙي ڏينهن هو ايلز سان گڏ ڪناري تي گهمي رهيو هو ته هن ٻيڙين مان دهلن ۽ شرنائن جا آواز ٻڌا. اڄ هن جي مهاڻيءَ جي شادي هئي. فلپ جي دل ٻڏڻ لڳي. هو جيتري دير ايلز سان گڏ هو، هڪڙو اکر به واتان نه ڪڇيائين ۽ پوءِ جڏهين ريزيڊينسيءَ ۾ موٽي آيو، ته مٿي جي سور جو بهانو ڪري ايلز کان موڪلائي پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي مٿو ميز تي رکي ڇڏيائين. دور درياه کان سهرن جا آواز اچي رهيا هئا.

 

لاه ڪڙو هن ڪوٽ جو، اسين مومل نينداسين.

 سهري جا ٻول ڪڏهين ويجها ٿي آيا ۽ ڪڏهن دور ٿي ٿي ويا. آخر هن جي ۽ مهاڻيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو رشتو هو، ڪهڙو ناتو هو، جيڪو اڄ ٽٽي رهيو هو ۽ جنهن جي ٽٽڻ سان هن جي دل ٽٽي رهي هئي. ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه وارو ناتو ته ان ڏينهن ئي ٽٽي ويو هو، جنهن ڏينهن هُن هِن  ڏانهن اوپرن اکين سان نهاريو هو. پر ته به هن جي دل ۾ اڻ لکي اميد جو ڏيئو ٽمڪي رهيو هو، جيئن اُڃايل جي اڳيان رڃ چمڪندي آهي. اڄ اهو اميد جو ڏيئو رڃ جو چمڪو به ختم ٿي رهيو هو.....

اوچتو هن کي محسوس ٿيو، ته ڪو هن جي پريشان وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيئي رهيو هو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريون، سامهون ايلز بيٺي هئي. ساڳيو مارگريٽ جهڙو مکڙو،مارگريٽ جهڙا وار ۽ مارگريٽ جهڙيون نيريون گهريون اکيون، جن ۾ اڄ اميد جون صبحون مسڪرائي رهيون هيون. هو يڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ايلز کي ڀاڪر ۾ کڻي جهليائين، ۽ هن جي مشرق جي چانڊاڻ جهڙن وارن ۾ منهن لڪائيندي چيائين: ”مارگريٽ منهنجي مارگريٽ.“ ايلز به هن جي ڏکن سان ڏنڀيل سيني تي مٿو رکندي چيو، ”فلپ،منهنجا فلپ.“

 

فلپ اڄ ڏاڍو خوش هو. هن جي موڪل منظور ٿي هئي ۽ هو لنڊن وڃڻ وارو هو. ايلز پهرين ئي لنڊن هلي وئي هئي. وڃڻ کان اڳ فلپ هن کي مڱڻي جي منڊي پارائي هئي ۽ پوءِ کيس ڪراچي جي بندرگاه تي ڇڏڻ ويو هو. ايلز جي وڃڻ کان پوءِ هو اڪيلو ٿي پيو هو. پر هينئر اڪيلائي به هن سان ايلز جون ڳالهيون ورنائيندي هئي. هينئر هو لنڊن ويندو ۽ ايلز سان شادي ڪندو. شهر کان ٻاهر هو هڪڙو ننڍڙو گهر وٺندو ۽ ايلز سان گڏجي گيت لکندو ۽ زندگيءَ جي حسن ۾ اضافو ڪندو. شاه لطيف جا ترجما ڇپائيندو ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي سونهن ۽ پيار جي هڪڙي نئين احساس سان روشناس ڪرائيندو.... ان ڏينهن ئي هن سامان ٻڌو ۽ سارنگ کان موڪلائڻ لاءِ ويو. اڄ هو ڏاڍو خوش هو، هروڀرو ٿي مرڪيو. پر جڏهن هن سارنگ سان سنڌي نموني ڀاڪر پائي موڪلايو، ته اکين ۾ لڙڪ تري آيس سارنگ جون اکيون به آليون ٿي ويون. رات جو هن کي پنهنجي ساٿين پارٽي ڏني. هن جي خوشيءَ لاءِ جام خالي ڪيائون. هن به خوب شراب پيتو. اڄ هن کي شراب جي نشي ۾ هر شيءِ ٿڙڪندي، نچندي نظر آئي. صبح جو هو وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ته اوچتو ريزيڊنٽ آؤٽرام هن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کيس ٻڌايائين، ته هن جي موڪل رد ڪئي وئي آهي. هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ هو ڪلٽيون کائيندو هيٺ، بلڪل هيٺ، اتاه اونداهين ۾ ڪرندو ويو.

جڏهن کان نيپئر سنڌ ۾ آيو هو. تڏهين کان سنڌ جون سياسي حالتون هر روز بدلبيون هيون. هينئر سنڌ جي آسمان تي جنگ جا بادل ڀرجي آيا هئا....... هن پنهنجو ٻڌل سامان کوليو ۽ آئوٽرام سان گڏ حيدرآباد ۽ خيرپور جي درٻارن جا چڪر هڻڻ لڳو. هن کي پڪ هئي ته جنگ جا اهي ڪارا ڪڪر ٽري ويندا، اُس نڪرندي، هو لنڊن ويندو ۽ ايلز سان گڏ ٽيمز تي چمڪندڙ اُس کي ڏسي سنڌوءَ کي ياد ڪندو، جنهن جي ڪناري تي ايلز هن جي زندگيءَ ۾ بهار بڻجي آئي هئي ۽ هن جا گهاوَ گل بڻجي ٽڙي پيا هئا، پر ڪڪرن ۾ گاج ٿي، وڄ چمڪي ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ايلز ڏانهن خط لکڻ لڳو.

’مٺڙي ايلز.

مان توڏانهن خط لکي رهيو آهيان، ۽ هر طرف سانت ڇانيل آهي. ائين ٿو لڳي، ڄڻ زندگيءَ جي سڀني آوازن کي موت جي سانت ڳهي وئي آهي. ڄڻ سانت ٻرندڙ جبل آهي، ۽ مان ان جبل جي چوٽيءَ تي ويٺو آهيان ۽ ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن اهو جبل ڦاٽندو ۽ منهنجو وجود ذريون ذريون ٿي ويندو. ٻاهر ورانڊي ۾ ميجر آؤٽرام اچ وڃ ڪري رهيو آهي. سانت ۾ هن جي فوجي بوٽن جو آواز، ڄڻ موت فوجي بوٽ پائي، منهنجي سيني تي گهمي رهيو آهي. پر مان مرڻ نٿو چاهيان، مان جيئڻ ٿو چاهيان، توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان، ۽ تو جهڙا حسين گيت لکڻ ٿو چاهيان. پر موت مون ڏانهن وڌندو ٿو اچي. موت کي روڪيو. جنگ کي روڪيو، نيپئر کي روڪيو. جيڪو موت جو بگل وڄائيندو ڪاهيندو ٿو اچي. اڄ وري تاريخ پنهنجو پاڻ دهرائيندي، اڄ وري هڪڙو ناڪام، پوڙهو ۽ ارڏو جنرل، سنگين انساني رت ۾ ٻوڙي، ان سان تاريخ ۾ پنهنجي عظمت جو داستان لکندو. ان انساني رت سان، جيڪا محبت بڻجي دل ۾ ڌڙڪندي آهي، گيت بڻجي گونجندي آهي، پگهر بڻجي ڌرتيءَ تي ٽمندي آهي ۽ سونا سنگ بڻجي هوا ۾ جهوليندي آهي.

مان جنگ کي ننديان ٿو، مان نيپئر کي ننديان ٿو، مان پنهنجي قوم کي ننديان ٿو، جيڪا شيڪسپيئر،شيلي، والٽيئر ۽ روسو جي بدران بارود، بادفرنگ ۽ بائيبل سان پنهنجي تهذيب جو ڦهلاءُ ڪري رهي آهي.

 

سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري ان وقت ئي ختم ٿي وئي هئي، جڏهن اسان جون فوجون سنڌ کي لتاڙي افغانستان ويون هيون. تڏهن کان هتان جا حاڪم اسان جي معاهدن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن.هاڻي نيپئر سنڌ جي رهيل کهيل آزاديءَ کي به ختم ڪرڻ لاءِ ڪاهيندو پيو اچي. مون کي ياد آهي، هڪ دفعي نيپئر چيو هو: ته هو سنڌ جي عوام کي سندن وحشي ريڍار حاڪمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ آيو آهي. ڪوڙ، نسورو ڪوڙ. انسان ٻين کي دوکو ڏيڻ کان اڳ، ڪيئن نه پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏي. هو سنڌ جي عوام جي ڀلائي نٿو چاهي، پر قلعي ۾ جمع ٿيل دولت ۽ تاريخ ۾ ڪلائيو وارو مقام ٿو چاهي. ان لاءِ ئي هن اچڻ سان سنڌ جي چوڌاري ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڏنو. مير نصير خان ۽ مير رستم خان ڏانهن ڪوڙا خط منسوب ڪيائين، مير علي مراد جي مدد ڪري، مير رستم خان کي معزول ڪيائين. خان گڙه جو قلعو تباه ڪري، هينئر حيدرآباد ڏانهن ڪاهيندو ٿو اچي. هتان جا حاڪم هينئر به جنگ نٿا چاهين. پر هتان جو چپڙيون ۽ چمٽا وڄائي محبت جا گيت ڳائيندڙ عوام اڄ موت جا گيت ڳائي رهيو آهي. جي جنگ ٿي ته اها عوام جي جنگ هوندي. جنهن ۾ نه نيپئر مرندو ۽ نه ئي هتان جا حاڪم مرندا. پر سارنگ مرندو، فلپ مرندو،ايلز جو خواب مرندو. مان مرڻ نٿو چاهيان. ان لاءِ نه ته موت کان ڊڄان ٿو، پر ان لاءِ جو زندگي ڏاڍي حسين آهي ۽ ايلز اهڙي حسين زندگي صرف ان موت تي قربان ڪري سگهجي ٿي، جيڪا توکان وڌيڪ حسين ۽ منهنجي پيار کان وڌيڪ عظيم مقصد لاءِ هجي.‘

 

اوچتو آؤٽرام اندر گهڙي آيو ۽ هن کي جاسوسن اطلاعن ڏنو هو ته ريزيڊينسي تي حملو ٿيڻ وارو آهي. فلپ ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ اڻ پورو خط ويڙهي کيسي ۾ وڌائين ۽ پنهنجي ساٿين سان ڊوڙي اچي دخاني جهاز ۾ چڙهيو. درياه ۾ اڄ مهاڻا مڇي ماري رهيا هئا. ڪپر سان ٻيڙيون بيٺيون هيون. ساڳي هنڌ هن پهريون دفعو ان مهاڻيءَ کي ڏٺو هو. ان ساڳي هنڌ هن کي ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه ملي هئي، ان ساڳئي هنڌ ايلز هن جي زندگيءَ ۾ بهار بڻجي آئي هئي. اوچتو بندوق جا ٺڪاوَ  ٿيا، نعرن جا اُڀ ڏاريندڙ آواز آيا، چوڌاري نفرت، بندوقون ۽ باه هئي. ريزيڊينسي تي حملو ٿي چڪو هو.

 

سترهين فيبروري جي رات ڪيتري نه ڀوائتي هئي. ان رات جي پيٽ مان خون ۾ ٻڏل صبح طلوع ٿيڻو هو. سترهين تاريخ جي سج جڏهن ڏڪندي، ڪنبندي، رت ۾ ريٽو ٿي افق تان ليئو پاتو، ته مياڻيءَ ۾ سنڌين کي ڪفن جون پڳون پائي موت جو انتظار ڪندي ڏٺائين. اڄ وري دودو ٻاگهل ٻائيءَ لاءِ موت سان منهن مقابل ٿيو هو، درياه خان دولهه، محمود خان ۽ مٺڻ خان، سارنگ خان سمون، نرمل سوڍو، مخدوم بلال سڀ اچي مياڻيءَ ۾ مليا هئا. نائين لڳي جنگ شروع ٿي. موت انساني کوپڙين جو هار پائي، کوپڙيءَ جو سنک وڄائي، بندوقن ۽ بمن جي ساز تي پنهنجو ناچ شروع ڪيو. شاه لطيف ڪلڪ پنهنجي هانوَ ۾ هنئين ۽ رت ڦڙن سان ڪيڏارو لکڻ ويٺو:

 

هيڏانهن هن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،
سُرنايون ۽ سنڌڙا، ٻنهين پار ٻُرن،
گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون.

 

بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،
ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.

فلپ سنڌين کي رڳو يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائيندي ڏٺو هو. اڄ اهي ساڳيا سنڌي يڪتارا اڇلائي، گيڙو ڪفنيون لاهي، ڪفن پائي، تراڙيون تاڻي، نچي رهيا هئا. شينهن وانگر گجندا، وڄ وانگر وراڪا ڏيندا، واچوڙي وانگر وڪوڙيندا ٿي ويا. هڪڙي سنڌيءَ يورپي سپاهيءَ تي ترار اُڀي ڪئي، يورپي سپاهيءَ سنگين سندس سيني ۾ هنئين، سنڌيءَ زور ڏيئي بت کي اڳتي ڌڪيو، سنگين سندس آرپار هلي وئي، اڳڀر ٿي ترار سان يورپي سپاهيءَ تي ور ڪيائين ۽ پوءِ پاڻ به به للهنگ ليٽيو.

هاڻي انگريزن جي ٻارهين ۽ ٻاويهين رجمينٽ ۾ ڀاڄ پئي. ’ڀڳاڙي ڀڳا.‘ سڀ تراڙيون تاڻي مورچن مان نڪري آيا. ’مرسون- مرسون، سنڌ نه ڏيسون.‘ اُڀ ڏاريندڙ نعرا، گهوڙن جي هڻڪار، بندوقن جا ٺڪاوَ توبن جا ڌڌڪا، رڙيون، دانهون، ڌڙن تي ڌڙ، ڪنڌن تي ڪنڌ. رت ئي رت. ڏاڙهيون ڏاڙهونءَ گل جيان رت ۾ سڀ رتل، پڙ ۾ پيل پڳڙيون، جهڙا چوڏهين ماه چنڊ.

 

سارنگ ترار اُڀي ڪئي. فلپ سنگين سڌي ڪئي. ٻئي آمهون سامهون هئا، هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ ماندا. پر ٻئي هٽڪيا، ٻئي هٻڪيا. هنن جي پاڻ ۾ ڪهڙي دشمني هئي. ٻنهي گڏ گيت لکيا هئا، لفظن جا چراغ جلايا هئا. فلپ شاه جا بيت چونڊي جهول ۾ جهليا هئا، پر اڄ فلپ جي هٿ ۾ بندوق هئي ۽ سارنگ مٿس ترار تاڻي بيٺو هو. اڃا ان ڏينهن ٻنهي ڀاڪر پائي موڪلايو هو ۽ ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئا، پر اڄ ٻنهي جي اکين ۾ موت هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org