سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :7

 

 

اڄ هو مارگريٽ ۽مارگريٽ جي لنڊن کان دور هو. پر مارگريٽ ۽ لنڊن جون يادون هتي به هن سان هليون آيون هيون. هن کي چڱيءَ طرح ياد هو ته ڪيئن هو مارگريٽ جي پيءُ کان مارگريٽ جو سنڱ گهرڻ ويو هو.  مارگريٽ جي ’ڪيسل‘ جي ڊرائنگ روم ۾ گهڙيو ته اچرج ۾ وات ڦاٽي ويس. فرش تي وڇايل ٿلها ايراني غاليچا، جن جي بَج ۽ تهن ۾ هن جا پير دٻندا ٿي ويا. ڀتين تي لڙڪيل مشرقي بادشاهن جون تصويرون. هڪڙي تصوير ۾ انگريز ايلچي هندستاني بادشاه کي سفارتي ڪاغذ پيش ڪري رهيو هو. ٻي تصوير ۾ ڪارا ڪارا هندستاني، وحشين جيان تلوارون تاڻي انگريز سپاهين تي حملو ڪري رهيا هئا. پر انگريز سپاهين جي چهرن تي ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو. سامهون ڪلائيو جي تصوير ٽنگيل هئي. ڪلائيو هن جو هيرو هو. ڪيئن هن قلم اڇلائي ترار کنئين هئي. پلاسيءَ جي جنگ جيتي هئائين ۽ هندستان ۾ انگريزي حڪومت جو پايو وڌو هئائين. پر اسان جي قوم هن جو قدر نه ڪيو. هتي آيو ته مٿس ڪيس هلايو ويو. آخر خودڪشي ڪيائين. دنيا ڪڏهين به عظيم انسانن جو سندن زندگيءَ ۾ قدر نه ڪيو آهي. ڪلائيو مئو ته سندس مجسمو وائيٽ هال جي انڊين آفيس جي سامهون لڳايو ويو. ايتري ۾ دروازي کلڻ جو آواز ٿيو ۽ مارگريٽ جو پيءَ اندر گهڙي آيو. سنهون ۽ نيزي وانگر اُڀو. ڪيترو نه رعب هوس اکين ۾. فلپ هن کي سلام ڪيو، پر هن سوال جو جواب ڏيڻ جي بجاءِ، اشاري سان کيس صوفي تي ويهڻ لاءِ چيو. هو پاڻ به صوفي تي ويٺو ۽ سواليه نگاهن سان هن کي ڏسڻ لڳو. فلپ ڳالهه شروع ڪرڻ چاهي، پر اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪيائين ۽ ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺو، پر احساس ٿيس ته بيهڻ ٺيڪ نه آهي سو وري ويهي رهيو.

’ڪهڙيون نه عجيب حرڪتون ٿو ڪريان.‘ پنهنجو پاڻ تي خار کائڻ لڳو. آخر هٻڪندي هٻڪندي مارگريٽ ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي پيار جو ذڪر ڪيائين ۽ مارگريٽ جي سنڱ جي گهر ڪيائين. فلپ جي ڳالهه ٻڌي مارگريٽ جي پيءُ حيرت وچان هن ڏانهن نهاريو، ڄڻ کيس پنهنجي ڪنن تي يقين ئي نٿي آيو. ۽ پوءِ مرڪي ويٺو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيڻ لڳو. صفا ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ يڪدم سندس ٽهڪ بند ٿي ويا. ٻنهي هٿن سان صوفي جي ٻانهن کي جهلي،بت کي ٿورو اڳتي ڪري، ڏند ڀيڪوڙي، تارا ڦاڙي وٺي رڙ ڪيائين.

”گيٽ آئوٽ يو فول.“

فلپ کي ڄڻ چيلهه جي لت لڳي ۽ هو ڪلٽيون کائيندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو، ڏاڪڻ تان ڪرندو، اٿندو، در کان ٻاهر اچي پهتو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. سارو ڏينهن مارگريٽ جي پيءُ جا ٽهڪ هن جو پيڇو ڪندا رهيا. ان ڏينهن هن خوب شراب پيتو ۽ مارگريٽ جي محبت ۾ چيل سڀني گيتن تي شراب اوتي، تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيائين. ان ڏينهن کان پوءِ نه هن گيت لکيو ۽ نه مارگريٽ سان مليو. ٻئي ڏينهن ڏڪندو ڪنبندو هو آفيس ويو. هن کي پڪ هئي ته مارگريٽ جي پيءُ هن کي نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو هوندو. پر مارگريٽ جي پيءُ هن کي ايتري اهميت به ڪانه ڏني ۽ کيس سزا لائق به نه سمجهيو. آفيس جي ڪرسيءَ تي ويٺو ته ائين محسوس ٿيس ڄڻ ڪني ڌُٻڻ ۾ ڪري پيو هو.

 

هاڻي هن کي لنڊن کان وحشت ٿيڻ لڳي، پنهنجو پاڻ کان وحشت ٿيڻ لڳي. مارگريٽ جي پيءُ جا ٽهڪ ننڊ توڙي جاڳ ۾ هن جو پيڇو ڪري رهيا هئا ۽ هن انهن ٽهڪن کان ڀڄي وڃڻ ٿي چاهيو. پر هو ڪيڏانهن ڀڄي ويندو؟ مشرق! مشرق ئي هن جي جاءِ پناه هئي. مشرق، جنهن ۾ الف ليليٰ وارو بغداد هو. جنهن ۾ پيغمبرن وارو يروشلم هو. جنهن ۾ فرعونن ۽ قلوپطره وارو مصر هو. جنهن ۾ ڪلائيوَ وارو هندستان هو هندستان! هن جي خوابن جو پرديس! جتي وڏا وڏا شهزادا، دنيا جي بي ثباتيءَ جي جواب ۾، تخت ۽ تاج ٺڪرائي، سڀني لذتن کي تياڳي، انگ ڀڀوت ڪري نگري نگري ڀٽڪي، هن بي معنيٰ زندگيءَ جي معنيٰ ڳوليندا هئا.

هن ڀڄ ڊڪ ڪري ڪمپني جي فوجي کاتي ۾ بدلي ڪرائي ۽ کيس هندستان موڪليو ويو. هو ڏاڍو خوش هو جو مارگريٽ جي لنڊن کي ڇڏي رهيو هو، پر جڏهن جهاز لنگر کنيون ۽ لنڊن جا ڪنارا دور ٿيڻ لڳا، ته سندس اکيون لڙڪن ۾ آليون ٿي ويون.

 

اجهاڳ سمنڊ جهاڳيندو، نوان ملڪ لتاڙيندو، قسمين قسمين ماڻهو ڏسندو هو بمبئي پهتو. بمبئيءَ ۾ هن پام ۽ ناريل جي وڻن سان ڍڪيل سمنڊ جا ڪنارا ڏٺا. اڇيون ساڙيون پائي ٽلندڙ پارسي عورتون، کنهنبن ڪپرن ۾ مارواڙي عورتون ۽ سانجهيءَ جهڙيون سانوريون بنگالي عورتون ڏٺائين جيڪي چوٽن ۾ چنبيليءَ جا گل سجائي، ڊيل جيان ٽلي رهيون هيون. ڄڻ سڀ هن جا اڻ لکيل گيت هيون، جن کي هو گرفت ۾ آڻي نٿي سگهيو. بندر تي هن هندستاني مال سان ڀريل جهاز ڏٺا، جيڪي هندستان جي دولت انگلنڊ ڏانهن ڍوئي رهيا هئا. ڪلڪتي ۾ هن ڏڪر جا ماريل ۽ بک ۾ پاه ٿيندڙ بنگالي ڏٺا، جيڪي ماني ڳڀي لاءِ ليلائي رهيا هئا. هو پاڻ به غريب هو، پر ههڙي غربت هن تصور ۾ به ڪانه ڏٺي هئي. ڪلائيو کي پلاسيءَ جي جنگ ۾ پنجويهه لک رپيا مليا. هن جي هم وطنن بنگالين جو خون چوسيو، ملڪ ۾ ڏڪار پيو ۽ آدم شماريءَ جو ٽيون حصو مري ويو. هن ’روسو‘ ۽ ’والٽيئر‘ کي پڙهيو هو. شيلي جي گيتن هن جي خون کي گرمايو هو. ’ايڊم سمٿ‘ جا معاشي نظريا، ’ٿامس پين‘ جا ڪتاب ’انساني حق‘ ۽ ’عقليت جو دور‘ پڙهيا هئائين. ڇا والٽيئر روسو ۽ فرانسي انقلاب جو جواب نيپولين آهي، جنهن چيو هو ته: ”اقتدار منهنجي سريت آهي، ان سريت کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ايڏا ته جتن ڪرڻا پيا آهن، جو مان ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس ته هو مون کي ان کان محروم ڪري يا ان ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.“

ڇا انگلنڊ جي سياسي سجاڳي، ايڊم سمٿ ۽ ٿامس ٻين جي نظرين جو جواب ڪلائيو آهي. ان ڏينهن پهريون دفعو هن کي ڪلائيو کان نفرت ٿي. ’ٿيڪري‘ جي ناول ’وينٽي فيئر‘ ۾ هن هڪڙي انگريزي ’نواب‘ جو ڪردار پڙهيو هو. هتي وِک وِک تي هن اهڙا ’نواب‘ ڏٺا جن وٽ وڏا وڏا حرم هئا ۽ جيڪي اينگلو انڊين طبقي کي جنم ڏئي رهيا هئا. پادري بائيبل ڦهلائي رهيا هئا ۽ ٽامي باد فرنگ.

هن جا ساٿي سارو ڏينهن اينگلو انڊين ڇوڪرين سان شراب پيئندا هئا، پر هو سارو ڏينهن ڪتاب پڙهندو هو. هن فارسي پڙهڻ شروع ڪئي. پهرين ڏاڍي ڏکي لڳس، پر پوءِ آهستي آهستي سکي ويو. هاڻي هو هڪ عجيب ذهني دنيا ۾ اچي پهتو. حافظ ۽ خيام جي دنيا، سينا ۽ طاهر بابا عران جي دنيا. جتي تصوف جو نيرو ڪوهيڙو ڇانيل هو ۽ منصور ’ان الحق‘ جو نعرو هڻي ڦاهيءَ تي لڙڪيو هو. شام ٿيندي هئي ته هو پام ۽ ناريل جي وڻن هيٺان ويهي، سمنڊ جي لڇندڙ ڦٿڪندڙ لهرن ڏانهن ۽ دور افق ڏانهن نهاريندو هو، جتي آسمان جهڪي سمنڊ کي چمندو هو. دنيا ڪيتري نه وسيع آهي! سمنڊ جي هن پار به ته ڪا دنيا هوندي،  جنهن ۾ ڪو شيڪسپيئر ۽ شيلي هوندو؛ ڪو فلپ هوندو؛ جنهن جي سيني ۾ مارگريٽ جي محبت جا گهاءَ هوندا. الائي هو اها دنيا ڪڏهن ڏسندو!

 

ڇهه ست سال گذري ويا. هن کي ترقي ڏيئي ڪميشنڊ آفيسر ڪيو ويو. هڪڙي ڏينهن ڪلڪتي ۾ هو رستي تان لنگهي رهيو هو ته اوچتو هن جي نظر هڪڙي چؤچاڪي بگيءَ تي پيئي. مارگريٽ! هن کان هلڪي دانهن نڪري وئي. مارگريت چؤچاڪي بگيءَ ۾ ويٺي هئي ۽ هن سان گڏ هڪڙو لارڊ ويٺو هو؛ جنهن جا بنگال ۾ چانهن جا باغ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ حصا هئا. هو بگيءَ ۾ ائين ويٺو هو؛ ڄڻ سارو هندستان چانهن جو باغ هو ۽ هو ان باغ جو اڪيلو مالڪ هو. هن جي بگيءَ جي ڪڍ هڪڙو اڌ اگهاڙو بنگالي ڇوڪرو ڊوڙندو ٿي آيو.”صاحب بهادر بکيو آهيان، هڪڙي ڊبل روٽي گهرجيم. صاحب بهادر.....“ صاحب بهادر ڪاوڙ ۾ ڪنڌ موڙيو ۽ ڏند ڀيڪوڙي زور سان رڙ ڪيائين، ” گو اوي يوفول.“ بنگالي ڇوڪرو اتي ئي ڄمي ويو. هو به اتي ئي ڄمي بيهي رهيو هو. هو به ان اڌ اگهاڙي بنگالي ڇوڪري جيان ساري ڄمار مارگريٽ جي بگيءَ جي ڪڍ ڊوڙندو رهيو هو. ’صاحب بهادر بکيو آهيان، هڪڙي ڊبل روٽي. صاحب بهادر.... هڪڙو خواب‘ ۽ مارگريت جو پيءُ ڪاوڙ ۾ ڪنڌ موڙي، ڏند ڀيڪوڙي، زور سان رڙ ڪئي هئي. ”گيٽ آئوٽ يوفول....“ بگي هن جي اڳيان لنگهي وئي ۽ هو پنڊپهڻ ٿي مارگريٽ کي ڏسندو رهيو. شاديءَ کان پوءِ مارگريٽ ڪهڙي نه سهڻي ٿي پئي هئي. صفا راڻي ٿي لڳي. گذريل گهڙيون هانوَ تي تري آيس. اڌ ٽڙيل مکڙيءَ جهڙي مُکڙي واري مارگريٽ ۽ هو ٻئي ٽيمز جي ڪپر تي ويٺا هئا. هن مارگريٽ جي محبت ۾ پهريون گيت لکيو هو ۽ هن کي سامهون ويهاري  کيس اهو گيت ٻڌائي رهيو هو. گيت پورو ٿيو ته مارگريٽ جي پيءُ جا ٽهڪ گونجڻ لڳا. هو هن جي گيت تي، هن جي محبت تي ۽ هن جي غربت تي ٺٺوليون ڪري رهيو هو.............

فلپ تکيون تکيون وکون کڻندو بار ۾ هليو ويو، اڄ وري هن خوب شراب پيتو ۽ شراب پي جڏهن مست ٿي ويو ته هڪڙي اينگلو انڊين عورت ڏانهن نهارڻ لڳو. هوءَ فلپ کي نهاريندو ڏسي مرڪڻ لڳي. فلپ به مرڪڻ لڳو ۽ پوءِ وٺي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. يڪدم ٽهڪ بند ٿي ويس. ٻنهي هٿن سان ڪرسيءَ جي ٻانهن کان جهلي، ٿورو اڳڀرو جهڪي، ڏند ڀيڪوڙي، تارا ڦوٽاري، وٺي رڙ ڪيائين،”گيٽ آؤٽ يوفول.“ عورت ڏڪي وئي. بار ۾ ويٺل ماڻهو حيرت مان هن ڏانهن ڏسڻ لڳا، هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هن جي سنڌ بدلي ٿي وئي.

 

سنڌ ۾ هن کي ريزيڊنسي ۾ رکيو ويو هو. هن سفر جي تياري ڪئي. سنڌ جي باري ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو پراڻو رڪارڊ ۽ انگريز سياحن جا لکيل سفرناما پڙهيائين ۽ هڪڙي ڏينهن وري سمنڊ جهاڳيندو، هو سنڌ روانو ٿي ويو ۽ ڪراچيءَ پهتو. منهوڙي ۾ ميرن جو قلعو هو. مهاڻن جا ڪارا ڪارا ۽ پٺن اگهاڙا ٻار لُڌڙن جيان پاڻيءَ ۾ تڙڳي رهيا هئا ۽ اچرج وچان هنن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. ڪراچيءَ جي گورنر هنن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪپر تي هو پالڪيءَ ۾ چڙهيو. پالڪيءَ کي اٺن حمالن کنيو. پالڪي ڪِرمچي رنگ جي بخمل جي ٺهيل هئي ۽ ٻاهران نهايت قيمتي جهالر ۽ جهوٻا لڳل هئس. گورنر هن کي پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ زور ڀريو، پر هن رام باغ وٽ ڪئمپ هنئين. شام جو ڪراچيءَ جو مشهور سيٺ ناؤنمل، مصريءَ جا ٿالهه ڀرائي هن جي آڌر ڀاءُ لاءِ آيو. مِرڪندڙ تارا، عيار مرڪ. جيتري دير ويٺو، انگريزن جي تعريف ڪندو رهيو. وڏا ڪشادا ميدان، سمنڊ جون گهميل ۽ ٿڌيون هوائون. رات جو بستري تي ليٽيو ته ننڊ کڻي ويس. ٻئي ڏينهن صبح جو هو ڪراچيءَ جو شهر گهمڻ لاءِ نڪتو. هر طرف ويراني، تمر ۽ ٿوهر کان سواءِ نه وڻ نه ٽڻ. چاليهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي هڪڙو ڪچو قلعو هو، جنهن جي چئن برجن تي توبون رکيل هيون. قلعي کي ٻه دروازا هئا. هڪڙو دروازو لياري نديءَ ڏانهن کلندو هو ۽ ٻيو سمنڊ ڏانهن.لياري واري دروازي کي مٺو در ۽ سمنڊ واري دروازي کي کارو در سڏيو ويندو هو. لياريءَ جي پيٽ ۾ کوهه هئا، جتان ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا. انهن کوهن وٽ هن هندو عورتون ڏٺيون، جيڪي ململ جي پوتين جا گهونگهٽ ڪڍي پاڻي ڀري رهيون هيون. ململ جي گهونگهٽ ۾ هنن جا جرڪندڙ چهرا جهڙا هلڪي هلڪي جهُڙ ۾ چنڊ! پيشانيءَ تي تلڪ، ڄڻ ڏياٽيون ٿي ٻريون! شام جو هو منگهو پير گهمڻ ويو. پاسي کان گهاٽو ٻيلو ٽڪر تي مجاور جي جهوپڙي ۽ سنهڙو ڊگهو مجاور، جيڪو هن کي تلائن ۾ رهندڙ واڳون ڏيکاري رهيو هو.اُتي ئي هن هنگلاج جا نانگا ڏٺا، ڪهڙو نه عجيب ديس آهي!

 

ٻئي ڏينهن هو گهوڙي تي حيدرآباد روانو ٿيو. جمعدار جي لانڍي، پپري، گهاري ۽ گُجي ۾ منزلون ڪندو هو ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ هو ڪمپنيءَ جي اڳوڻي نمائندي جي جاءِ ۾ رهيو،جنهن کي مقامي ماڻهو ’انگريزن جي ماڙي‘ سڏيندا هئا. شاهجهاني مسجد ۽ مڪليءَ جا مقبرا ڏسي حيران ٿي ويو. سوچيائين: شايد هي ملڪ به ڪنهن زماني م ڏاڍو تهذيب يافته هوندو. شايد اهو شهر ئي اهو پٽيالا بندر هو، جتان سڪندر اعظم جو امير البحرنير ڪوس فنيقي، مصري ۽ يوناني ملاحن سان ٻيڙين تي چڙهيو هو. داراعظم جي يوناني امير البحر ’سائيڪلاس‘ سنڌوءَ مان ٻيڙا ڪاهي شايد هن شهر جي ماڻهن کان ڏن اوڳاڙيو هو. عظيم يوناني تاريخ نويس ’هيروڊوٽس‘ هن ملڪ جي تاريخ لکي هئي. پرتگالين هن شهر کي لٽيو هو، ۽ هنن کي هن شهر مان ايترو ته لٽ جو مال مليو هو، جيڪو کين ايشيا جي ڪنهن ملڪ مان نه مليو هو.

هن شهر جي ويجهو ’لاهري بندر‘ هو، جتي 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نمائندي ’فريم لين جو جهاز‘ لهرن ۽ ونجهن جي مدد سان پهتو هو. هتان جي واپاري مال جي باري ۾ ان ساڳي فريم لين لکيو هو ته ’ٻاهرين ملڪن ۾ جيتري سنڌ جي سامان جي گهر آهي، اوتري هندستان جي ڪنهن به حصي جي سامان جي گهر ڪانهي. جيڪو سامان هتي ٺهي ٿو، اهڙو هندستان ۾ ڪٿي به نٿو ٺهي.

هتان جو چمڙي جو سامان دنيا ۾ مشهور هو. ڪپڙي اُڻڻ جا ٽي هزار گهراڻا آباد هئا. چار سؤ مدرسا هئا. لاهري بندر تي پرتگالي ۽ انگريزي جهاز بيٺا هئا، جيڪي چمڙي جو سامان، سوٽي ڪپڙو، نير، قلمي شورو؛ چوپايو مال ۽ ٻيو واپاري سامان ڏورانهن ملڪن ڏانهن نيندا هئا. اهي سڀ جهاز ڪهڙن سمنڊن ۾ غرق ٿي ويا. هن شهر جي عظمت کي ڪنهن لٽيو. ٺٽي ۾ هن هڪڙي گمنام ڪئپٽن ’ڪُڪ‘ جي قبر ڏٺي، جنهن جي باري ۾ ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته ڪير هو ۽ هتي ڪيئن دفن ٿيو. شايد هو به ائين ئي هتي مرندو ۽ هن جي به هتي گمنام قبر ٺهندي..... هي مان ڪهڙيون ڳالهيون پيو سوچيان. شايد گرميءَ جو اثر آهي. الا، ڪيڏي نه گرمي آهي. هن رومال ڪڍي منهن تان پگهر اُگهيو ۽ سندس سنڌي نوڪر پکو تکو هلائڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هو ٻيڙين رستي حيدرآباد پهتو.

 

حيدرآباد جو شهر چڱو آباد شهر هو. شهر جون جايون گهڻو ڪري سڀ ڪچيون هيون رڳو مسجدون ۽ مقبرا پڪا هئا. جاين جي ڇتين تي منگهه هئا. ريزيڊنسي جي عمارت شهر کان چار پنج ميل پري درياه کان ٿوري فاصلي تي هئي. اوڀر ۾ حيدرآباد تائين ۽ اولهه ۾ درياه تائين وائکا ميدان. پويان وڏن وڏن گهاٽن وڻن جو باغ، وڏو احاطو، جنهن ۾ پالتو هرڻ ۽ ننڍي قد جا سانبر هئا. ريزيڊينسي جي عمارت چڱي ٺهيل هئي. هن اچڻ سان ڪتابن جي پيتي کولي، ڊائري لکيائين ۽ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيائين.

 

سگار هن جي آڱرين کي تاءُ ڏنو، هن ڇرڪي سگار جو ٽوٽو اڇلائي ڇڏيو. رات چڱي گذري وئي هئي ۽ حيدرآباد جي هوائن ۾ انب جي ٻور جي خوشبو سان گڏ هينئر خنڪي به رچي وئي هئي. ڀنل چانڊوڪيءَ ۾ پريان درياه ڏاڍو سهڻو نظر اچي رهيو هو. هن درياه ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، ريزيڊينسي جي ٻاهرين دروازي وٽ پهتو، ته ڊيوٽيءَ تي بيٺل ڪاري مدراسي سپاهيءَ، فوجي بوٽ جون کڙيون کڙڪائي کيس سلامي ڏني. کڙين ۽ رائيفلن جي اوچتي کڙڪي سان هن کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. هو مدراسي سپاهيءَ جي فوجي سلام جو جواب ڏيڻ کان سواءِ اڳتي وڌي ويو. هن کي انهن ڪارن مڪاني سپاهين کان سخت نفرت هئي، جن ٻن چئن ٽڪن تي پنهنجيون وفاداريون ۽ وطن وڪڻي ڇڏيو هو. ڪڏهن اهو سپاهي هن جي هم وطنن تي گوليون وسائيندو هو ۽ اڄ سندن حفاظت لاءِ پنهنجي هم وطنن تي گوليون وسائڻ لاءِ بندوق ڀري بيٺو هو. انسان ڪيترو نه سستو وڪامي ٿو وڃي. جيڪو اَن هو اپائي ٿو ان جي ٻن چئن داڻن تي، جيڪو ڪپڙو هو پاڻ اُڻي ٿو، ان جي ٻن چئن ٽڪرن تي، وطن جي محبت، وفاداريون..... سڀ اجايون ڳالهيون آهن. زندگي جو سڀ کان وڏو قدر، سڀ کان وڏي چڱائي دولت آهي. دولت- جنهن مان چڱائيءَ جا سڀ چشما ڦٽن ٿا، جنهن سان هنن ڪارن سپاهين کان پنهنجن هم وطنن تي گوليون هلرائي سگهجن ٿيون. دولت جي ڪشش سان ڇڪجي پنهنجو وطن، مٽ مائٽ ڇڏي، سمنڊن ۽ طوفانن سان لڙندا، اسان هتي پهتا آهيون ۽ هندستانين جي رت ۾ ٻڏل سِڪن کي آُگهي، پنهنجن کيسن ۾ وجهي رهيا آهيون. انهن رت ۾ رتل سِڪن سان مارگريٽ جي سونهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو. دولت ازلي چڱائي، ازلي حسن، نج سچ! جي دولت ئي سڀڪجهه آهي ۽ انسان، انساني آدرش، نيڪيون ۽ محبتون سڀ اجايون ڳالهيون آهن، ته پوءِ مان هن ڪاري هندستاني سپاهيءَ کان نفرت ڇو ڪري رهيو آهيان. اهو سپاهي ته مان پاڻ آهيان. مان تاريخ جي هر صفحي تي سينو تاڻي بيٺو آهيان، پنهنجي سيني تي گولي کائي ڪرندو آهيان ۽ گمناميءَ جي قبر ۾ گم ٿي ويندو آهيان. منهنجي رت سان وڏن وڏن شهنشاهن ۽ جرنيلن جي عظمت جا داستان تحرير ٿيندا آهن. مان پنهنجن هٿن سان تاج محل ۽ بڪنگهم پيلس ٺاهيندو آهيان ۽ پوءِ انهن جي حفاظت لاءِ گولي کائي مرندو آهيان. مون کي ڪو به ياد نه ڪندو آهي. منهنجي هٿن ۽ حب الوطني جي جذبي جي سونهن جي ڪو به تعريف نه ڪندو آهي. سڪندر اعظم زنده باد، نيپولين زنده باد، ڪلائيو زنده باد!

 

هينئر هو درياه جي ڪپ تي اچي بيٺو هو. هن جي پيرن ۾ سنڌو وهي رهيو هو. ٿورو پرڀرو، ڪناري سان ٻيڙيون بيٺيون هيون. ڪنهن ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي رهيو هو. درياه جي پرينءَ ڀر کجين جا وڻ هئا. چانڊاڻ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي جهڙو پگهريل سون. سنڌو هن کي هميشہ پراسرار درياه لڳندو هو. پورالي ندي. پور پويس ته ويرانيون آباد ڪري ۽ پور پويس ته آباديون ويران ڪري. سرمست ۽ شهزور! آرين جڏهن پهرين پهرين سنڌوءَ کي ڏٺو ته حيران ٿي ويا. سڪندر دجلا ۽ فرات ڏٺا هئا، پر سنڌو ڏسي هو به ضرور حيران ٿيو هوندو. شايد ڪو پنهنجي مارگريٽ جي محبت جو ماريل آريه رشي، چانڊوڪيءَ ۾ هن وانگر سنڌوءَ جي ڪپر تي اچي بيٺو هوندو ۽ هن جيان ئي سنڌوءَ ۾ وهندڙ پگهريل چانڊوڪيءَ جي سونهن جي جادوءَ ۾ جڪڙجي، سنڌوءَ جي عظمت جو گيت لکيو هوندائين. هن ڪيترن هندن کي ڏٺو هو، جيڪي سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي جل ديوتا ڪري پوڄيندا هئا ۽ مسلمان سنڌوءَ کي درياه شاه ولي ڪري سڏيندا هئا. هن جو يورپي ذهن اهڙن وهمن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ کي ڏسي هو به سوچيندو هو، ته شايد هندو ۽ مسلمان ٻئي صحيح آهن ۽ سنڌو پوڄا لائق آهي.

 

شروع شروع ۾ فلپ جڏهن سنڌ ۾ آيو هو ته سنڌ هن کي صفا ڪانه وڻي هئي. سنڌ کي ڏسي کيس ويرانيءَ جو احساس ٿيو هو. ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جا اگهاڙا ڪنارا، وارياسا ميدان ۽ دڙا، ڪراچيءَ کان وٺي ٺٽي تائين پٿريلا پٽ. ڪٿي ڪٿي ٻڪرين جا ڌڻ چري رهيا هئا، ڪنهن ٽڪريءَ تي ڪکاوان گهر هئا نه ته هر طرف ويراني ئي ويراني هئي. هن سوچيو هو، ته هن ديس جي ڌرتي پنهنجن ٻچڙن تي ڪيتري نه نامهربان آهي. نه سندس سيني تي وڻ آهن، جيڪي اُس ۾ سڙي ڇانوَ ڏين، پٿر کائي ميوا ڏين ۽ نه ئي سندس ڪُک ۾ گل ۽ سنگ آهن. پر پوءِ آهستي آهستي سنڌ هن تي پنهنجي سونهن ظاهر ڪئي. هينئر هن کي سنڌ جي تصور سان ’ٽينيسن‘ جو هڪڙو نظم ’لوٽس ايٽرس‘ ياد ايندو هو. ’يوليسيئز‘ جڏهن ’ٽراءِ‘ جي جنگ تان موٽيو، ته سمنڊ جهاڳيندو، طوفانن سان ٽڪرائيندو، لهرين سان لڙندو، ٿڪجي، ٽٽجي، ساڻو ٿي هڪڙي اهڙي ٻيٽ ۾ اچي پهتو، جتان جي رهواسين جهول ۾ ڪنول جا گل آڻي سندس ساٿين کي آڇيا. ڪنول جا اهي گل کائڻ کان پوءِ، سندس ساٿين جو سارو ٿڪ لهي ويو ۽ ننڊ جا اهڙا کيپ چڙهين، جو جنگين ۽ طوفانن کي وساري، ان ٻيٽ جي ماڪ ڀنل گاه تي ليٽي، ڪنولن جهڙا ڪومل خواب ڏسڻ لڳا- سنڌ به ڪنولن جو ديس آهي ۽ مان زندگيءَ جي طوفانن سان ٽڪرائيندو هتي اچي پهتو آهيان ۽ هتان جي ماڻهن جهولين ۾ محبت جا ڪنول آڻي مون کي آڇيا آهن. محبت- جيڪا ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي. درازن جي درگاه، ۽ قلندر جو قبو آهي. خدا آهي. خدا پنهون آهي ۽ سندس محبت جي ماريل سسئي جهنگن، برن ۾ سندس پيرا پڇائيندي ٿي وتي. پر پنهون ته هو پاڻ آهي ۽ پنهنجا ئي پيرا ڳوليندي ٿي وتي، پن پن ۾ پنهونءَ جا پڙلاءَ آهن. راڳ سندس روپ آهي.

ساري سنڌ تي تصوف جو هلڪو ۽ روشن ڌنڌ ڇانيل هو ۽ ان ڌنڌ ۾ هر شئي ننڊاکڙي نظر اچي رهي هئي. ننڊاکڙي تهذيب، ننڊاکڙا ماڻهو، ڄڻ خوابن جي شهرن جا شهزادا- مون کي ائين ڇو ٿو محسوس ٿئي، ته مان پهرين به هتي آيو آهيان. هيءَ سنڌ ۽ سنڌ جي ننڊاکڙي تهذيب منهنجي ئي تهذيب آهي. شايد هندن جو تناسخ وارو عقيدو سچو آهي. شايد مان به ڪنهن جنم ۾ مهراڻ جي ڪپر تي پئدا ٿيو هئس. مون مارگريٽ سان گڏ هن درياه ۾ ٻيڙي هلائي آهي، گيڙو الفي پائي، يڪتارو وڄائي، مون هن ديس جي چپي چپي تي گيت ڳايا آهن. ٽيمز تي چمڪندڙ اُس جهڙا گيت، مارگريٽ جي مکڙي جهڙا گيت ۽ ان مهاڻي جهڙا ميرانجهڙا گيت، جنهن کي مون پهريون دفعو هتي هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڏٺو هو.

 

هڪڙي ڏينهن هو ريزيڊينسي جي عمارت مان نڪتو ۽ گهمندو گهمندو درياه جي ڪپ تي اچي بيٺو، ڪپ تي ٻيڙيون بيٺيون هيون ۽ درياه جو جوڀن ڦاٽ کائي رهيو هو. مهاڻن جا ٻار وهنجي رهيا هئا. ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ڪا عورت ڪُنيءَ ۾ ڏوئي گهمائي رهي هئي، ڪا چانور ڇڻي رهي هئي ۽ هڪڙي عورت ٻار کي کير پياري رهي هئي. ننڍڙا ننڍڙا گهرڙا، سُکن ۽ سورن جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪائناتون. هن ٻيڙيءَ تي چڙهي درياه جو سير ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هڪڙي پوڙهي مهاڻي جي ٻيڙيءَ تي چڙهيو. پوڙهي جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار اڇا هئا، چهري تي وقت جي ڪوريئڙي گهنجن جو ڄار اُڻي ڇڏيو هو ۽ موت ان ڄار ۾ ڇَپِ هڻي ويٺو هو. ڦاٽل گوڏ، ميري ۽ ڦاٽل ڦتي، مٿي تي ميري پڳ، هٿ ڦاٽل، پر جهڙا پهڻ، انهن هٿن الائي گهڻيون ٻيڙيون گهڙيون هيون ۽ ونجهن سان طوفان ۽ وڦريل سنڌوءَ جو سينو چيريو هو ۽ الائي گهڻن ٻڏندڙ ٻيڙين کي ڪناري لاتو هو. پر سندس زندگيءَ جي ٻيڙي وچ سير ۾ هئي ۽ دور تائين ڪو ڪنارو نظر نٿي آيو. پوڙهي پنهنجن پهڻن جهڙن هٿن ۾ ونجهه سنڀاليا ۽ ٻي ٻيڙيءَ مان ڪنهن کي سڏ ڪيو. ويرم ئي نه گذري ته هڪڙي نوجوان ڇوڪري ٻيڙيءَ ۾ ٽپي آئي. ٽپي سان هن جو جوڀن ڇلي پيو، ڄڻ ڪنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلايو. لهرن دائرا بڻايا ۽ لهرن کان مٿي ڪَرُ کڻي بيٺل ڪنول لڏيا لميا ۽ سانت ٿي ويا. ڇوڪريءَ جو رنگ مهراڻ جهڙو ميرانجهڙو هو. هن ٻه چوٽيون ڪيون هيون ۽ انهن کي پاڻ ۾ ائين ورائي ڇڏيو هئائين، جيئن ’دوست وراڪو دل تي.‘ ڇوڪريءَ سکان سنڀاليو، پوڙهي ونجهه هلايا، ٻيڙي وچ سير ڏانهن وڌڻ لڳي. وچ سير ۾ درياه ڏاڍو ويڪرو، تيز ۽ خوفناڪ ٿي لڳو. دور تائين اڇ ئي اڇ. سج ڏڪي، ٿڙڪي درياه ۾ ٽٻي هنئين ۽ شفق جا رنگ کڙي بيٺا. سکان هلائيندڙ ڇوڪريءَ جي پس منظر ۾ نظر ايندڙ رنگ، ڄڻ ان ڇوڪريءَ جي جسم مان ڦٽي رهيا هئا. ڇوڪريءَ رکي رکي هن ڏانهن ٿي نهاريو. هن ڏانهن ته سڀ نهاريندا هئا، هو انگريز هو ۽ مڪاني ماڻهن کان مختلف هو، ان ڪري جتان به لنگهندو هو، ماڻهو هن کي ڏسندا هئا. هو هر روز مهراڻ جي ڪپ تي اچي ويهندو هو ۽ هر روز عورتون، مڙد ۽ ٻار هن ڏانهن ائين نهاريندا هئا، ڄڻ پهريون دفعو کيس ڏسي رهيا آهن، پر هن ڇوڪريءَ جي نهار، ٻين ماڻهن جي نهار کان مختلف هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org