سارنگ کي ننڍپڻ کان ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. ممتاز دمساز، امير
حمزو، الف ليليٰ، پوڪر داس جا ڇپايل جاسوسي ۽ ٻيا
قصا ڪهاڻيون پڙهندو هو ۽ پڙهي پڙهي دلئون پنهنجا
قصا ڪهاڻيون گهڙي سڪينه کي ٻڌائيندو هو. آهستي
آهستي هن سٺا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ڪهاڻيون به لکڻ
لڳو. پهرين بادشاهن ۽ شهزادن جون ڪهاڻيون لکيائين،
پوءِ جاسوسي ۽ پوءِ روماني ڪهاڻيون لکڻ لڳو. مئٽرڪ
پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، ته موهن سان ملاقات
ٿيس. موهن جو پيءُ مختيارڪار هو شڪارپور بدلي ٿيس
ته پٽ کي شڪارپور جي ڪاليج ۾ داخل ڪرايائين ۽ جلد
ئي سارنگ ۽ موهن دوست ٿي ويا. موهن پڙهڻ ۾ ڏاڍو
هوشيار هو. ڪاليج جي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب به
پڙهندو هو. شاعر به هو. سارنگ هن کي پنهنجون
ڪهاڻيون ٻڌائندو هو ۽ موهن کيس پنهنجا شعر
ٻڌائيندو هو. ٻنهي جو فن اڃان ڪچو ۽ ڦڪو هو پر
ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي فن جي باري ۾ ڏاڍيون خوش
فهميون هيون. ٻئي گڏجي ڪتاب پڙهندا هئا، بحث ڪندا
هئا. شام جو موهن پنهنجي پيءُ جي چؤچاڪي بگي
ٻڌرائيندو ۽ ٻئي گهمڻ لاءِ نڪرندا. لکي در کان
ٿيندا شاهي باغ جي اوريان وڏو مانڊو هو، جتي هانڊا
ٿيندا هئا ۽ آغا صوفيءَ جا ڊراما ’دورنگي دنيا عرف
ٽمبڪٽو‘ اسٽيج ٿيندا هئا. شاهي باغ مان ٿي لکي در
ايندا، قلفي يا فالودو کائيندا، گيهه جا ڀرڪڻا
پڪوڙا، يا گوشت جا ڪنڊا ۽ چاپان وٺي واپس موٽندا.
آهستي آهستي سارنگ موهن جي گهر جو ڀاتي ٿي ويو. موهن جي ماءُ
پنهنجو ٻچو سمجهندي هيس. سارنگ کي ڀيڻ ڪانه هئي،
سو موهن جي ڀيڻ رجنيءَ کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو هو.
موهن جو پيءُ به ڏاڍي سِڪَ ۽ عزت سان پيش ايندو
هوس.
انٽر پاس ڪيائون ته موهن جي پيءَ جي ڪراچيءَ بدلي ٿي ۽ موهن
شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو. ٻئي
هڪ ٻئي ڏانهن خط لکندا هئا. انهيءَ وچ ۾ سارنگ
بنگالي ادب جا ترجما پڙهيا. انگريزي، فرانسي ۽
روسي ادب پڙهيائين. روس جي انقلاب کان اڳ واري ادب
۾ هن کي ڏاڍي پنهنجائي محسوس ٿي. ساڳيا سنڌ وارا
ڏاڍي جا ڏهڪاءَ، هيڻي سان هاڃان، روسي ناولن ۽
افسانن جا ڪردار به جهڙا سنڌي. ساڳي احساسن جي
شدت، ڏاڍ ۽ ڏنڀ سهڻ جي بي پناه قوت. جذبن جي
سادگي، سچائي ۽ ساڳيا جيئڻ لاءِ جتن. چيخوف کان ته
ايترو متاثر ٿيو، جو سندس هڪ هڪ ڪهاڻي ڏهه ڏهه
دفعا پڙهيائين. هر دفعي هن جي ڪهاڻين ۾ نئون حسن
نظر آيس. موهن ۽ هو خطن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا
هئا. موهن شاعري ڇڏي ڏني هئي ۽ ’ليکڪ‘ مان ڦري
’پاٺڪ‘ ٿيو هو. ٻنهي جا خط علمي ۽ ادبي هوندا هئا.
موهن لکيس ته : سنڌيءَ جو هڪڙو نئون شاعر ساماڻو
آهي. نالو اٿس ماڻڪ. هن کي پڙهي پنهنجو رايو لکي
موڪل. سارنگ ماڻڪ کي پڙهيو، ڏاڍو وڻيس. موهن کي
پنهنجو رايو لکي موڪليائين.
دنيا جي ادب جي مطالعي هن جي تخليقي قوت کي اظهار جون نت نيون
راهون ڏيکاريون ۽ سندس ڏات کي ڏانءُ بخشيو. نيون
نيون ڪهاڻيون لکيائين. لکي لکي ڦاڙيائين. ڪنهن به
ڪهاڻيءَ مان مطمئن نٿي ٿيو. هڪڙي ڪهاڻي لکيائين.
ٿورو اطمينان ٿيس. ڪنهن رسالي ڏانهن موڪلڻ جو
ارادو ڪيائين، پر دل جهلي نه سگهيو. آخر هڪڙي
ڏينهن دل جهلي، ڪهاڻي رسالي ڏانهن ڏياري موڪليائين
۽ بي چينيءَ سان رسالي جو انتظار ڪرڻ لڳو. مهيني
کان پوءِ رسالو ڇپجي اسٽال تي آيو. ڌڙڪندڙ دل سان
رسالو خريد ڪيائين ۽ ورق ورائي فهرست ڏٺائين ته
پنهنجي نالي تي نظر پيس. خوشيءَ ۾ ٽڙي پيو، هوا ۾
اڏامڻ لڳو. دل چيس ته رستي تي لنگهندڙ ماڻهن کي
بيهاري کين ٻڌائي، ته ڏسو هن رسالي ۾ منهنجي ڪهاڻي
ڇپي آهي. اٺ ڏهه ڪاپيون خريد ڪري دوستن ۾
ورهايائين. هڪڙي ڪاپي موهن ڏي به موڪليائين. موهن
تعريفي خط لکيس، ته ڄڻ خوشين جو خزانو ملي ويس.
هڪڙي نئين جذبي ۽ ولولي سان ڪهاڻيون لکڻ لڳو.
سندس شروعاتي ڪهاڻين ۾ ٻين ليکڪن جو سڌو سنئون اثر
هو. پر پوءِ آهستي آهستي هن جي پنهنجي شخصيت سندس
ڪهاڻين ۾ ٽڙڻ لڳي. سندس اسٽائيل ڪا صورت ورتي ۽
سندس نالو ادبي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل ٿي ويو.
ڪتابن جي مطالعي هن جي مزاج ۾ سنجيدگي ۽ احساسن ۾ اعتدال آڻي
ڇڏيو. ادب ۽ شاعريءَ هن کي خواب ڏيئي ڇڏيا.
ڌنڌلا،مبهم ۽ غير واضح خواب! سندس روح تي عجيب
ننڊاکڙي اداسي ڇانئجي وئي ۽ ميڙ ۾ به پنهنجو پاڻ
کي اڪيلو اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. سندس روح کي ڪنهن
اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جي ڳولا رهڻ لڳي. جنهن
پرينءَ جا پڙلاءَ هن شاه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا
هئا. جنهن جو عڪس هن انڊلٺ جي رنگن ۾ ڏٺو هو ۽
جنهن جي بدن جي بوءِ هن کي هڪ هڪ گل مان آئي هئي.
پر هن جي ڪهڙي صورت هئي، ڪهڙو روپ هو، تنهن جي کيس
خبر نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ائين لڳندو هو، ڄڻ
سندس زندگي جي ويران واٽ تي ڪنهن پرينءَ جا پير
کڻندو وڌندو ٿو وڃي. وقت پنهنجي پيرن جا نشان
ڇڏيندو لنگهندو ٿي ويو. سارنگ هينئر بي- اي جي
آخري سال ۾ هو. سندس پيءُ سانوڻ خان ۽ مامون احمد
خان پوڙها ٿي ويا هئا. مامي ۾ اڄ به اهو ئي رعب
هو. اڄ به رکي رکي کنگهڪار ڪندو، ته هن عمر ۾ به
سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويندو. مامي ٿلهي ۽ بي ڊولي ٿي
وئي هئي. سارو ڏينهن نم جي ڇانوَ هيٺان کٽ وڇائي
ليٽي پئي هوندي، يا کونگهرا هڻندي يا آئيءَ وئيءَ
سان اوڙي پاڙي جون گلاؤن ڪندي. کٽ تي ليٽي ليٽي
ماڻهن جي آٽي وانگر آڦرجي وئي هئي. مامون گهر ۾
ايندو ته چنگهندي چنگهندي گوڏن تي هٿ ڏيندي اُٿندي
۽ لڏندي، لمندي ڇڪڙي وانگر جهاڪا کائيندي ماني کڻي
آڻي مامي جي سامهون رکندي. سڪينه جوان ٿي وئي هئي
۽ سارنگ کان پنهنجو پاڻ لڪائيندي وتندي هئي.
سارنگ ۽ سڪينه اڃا ننڍڙا ئي هئا، جو ٻنهي جو مڱڻو ٿي ويو هو. پر
ان جي سارنگ کي خبر نه هئي. هڪڙي ڏينهن سارنگ ڳوٺ
ويو، ته اتي پڻس شاديءَ جي ڳالهه چوريس ۽ کيس
سڪينه سان سندس مڱڻي جي ڳالهه ٻڌايائين. سارنگ کان
ڇرڪ نڪري ويو. هن ته سڪينه جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو
به نه هو ته هوءَ سندس زندگيءَ جي همسفر ٿيندي. هن
جي زندگيءَ جو همسفر ته ڪو اڻ ڏٺل، اڻ سونهون پرين
هو، جنهن جا پيرا کڻندو هو وڌندو ٿي ويو ۽ هو
پنهنجي اڻ ڏٺل ۽ اڻ سونهين پرينءَ جي پورن ۾ اهڙو
ته گم هو، جو هن ڪڏهن اکيون کڻي سڪينه ڏانهن
نهاريو به نه هو. ڳوٺ مان موٽيو ته پهريون دفعو
اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريائين. سارو ڏينهن ٽپا
۽ ٺينگ ڏيندڙ چيڙاڪ ۽ چلولي جهنڊولي ۽ ڳاڙهي ڳٽولي
سڪينه اوچتو ئي اوچتو باه جي اُلي وانگر ڀڙڪو ڏيئي
جوان ٿي وئي هئي. سندس جهنڊولا وار چيلهه جيڏا
چوٽا ٿي ويا هئا. سندس ڀورو رنگ پگهريل سون جهڙو
ٿي ويو هو ۽ سندس جسم تي جوانيءَ جا گل گونچ ڦٽي
پيا هئا. اڳ سارنگ سڪينه جي وجود کان ئي ڄڻ بي
خبر هوندو هو، پر هينئر بنهه بي خياليءَ ۾ هن جون
اکيون سڪينه ۾ کپي وينديون هيون ۽ هن جي نگاه جي
تپش ۾ سڪينه جي جوانيءَ جا گل گونچ شرم ٻوٽيءَ
وانگر ٻوٽجڻ لڳندا هئا، هوءَ پنهنجي ڍڪيل انگن کي
پئي ڍڪيندي هئي. سندس پيشانيءَ تي پگهر- ڦڙا جرڪڻ
لڳندا هئا، سارنگ جي سيني ۾ دهڪو مچي ويندو هو ۽
سندس نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳندا هئا.
سارنگ صبح جو ڪاليج ويندو، ته ڪمري جو سارو سامان ڇڙوڇڙ ۽ بي
ترتيب ڇڏي ويندو. پر ڪاليج مان موٽندو ته ڪمري جي
هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ترتيب ۽ سليقي سان
رکيل هوندي. ان ترتيب ۽ ان سليقي ۾ هن کي سڪينه جو
عڪس نظر ايندو. هن جا جذبا ۽ احساس به ائين ئي
ڇڙوڇڙ ۽ بي ترتيب هئا، شايد سڪينه سان شاديءَ کان
پوءِ هن جي جذبن ۽ احساسن ۾ ترتيب اچي وڃي. ڪڏهن
ڪڏهن هو سنڌي ڪتاب يا رسالا وٺي ايندو. سڪينه اهي
ڪتاب ۽ رسالا هن کان لڪي کڻي ويندي ۽ رات جو جڏهن
هرڪو سمهي رهندو، تڏهن هٿ بتيءَ جي وٽ مٿي ڪري،
ڪتاب ۽ رسالا پڙهندي. رکي رکي سندس چوڙين جو آواز
اُڀرندو ۽ سارنگ جا احساس آرس ڀڃي جاڳي پوندا ۽
سندس چوڌاري ڦهليل هيڪلائيءَ جي رڻ ۾ کٽڻهار کڙي
پوندا.
احساسن جي اک ٻوٽ ۽ خوابن جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ هن بي. اي پاس ڪئي ۽
ارادو ڪيائين ته ڪراچيءَ وڃي وڪالت پڙهان. پر پڻس
چيو ته شادي ڪري پوءِ ڪراچيءَ وڃ. گهٽ ۾ گهٽ نياڻي
ته منهن اگهاڙي ٿئي. پر مامهنس چيو ته: ڀل ڇوڪرو
وڪالت پڙهي اچي ڪٿي ٿانيڪو ٿئي، پوءِ آرام سان
شادي ڪري. ڌاريا ته ڪونه آهيون جو تڪڙ ڪريون. گهر
جي ڳالهه آهي. ڇوڪري هاڻي به پنهنجي آهي، ته سڀاڻي
به پنهنجي ئي گهر هوندي. سارنگ پيءُ کان اجازت
ورتي ۽ سامان ٻڌي وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪراچي روانو ٿي
ويو.
هينئر هو ڪراچيءَ ۾ هوٽل جي پلنگ تي ليٽي سگريٽ پي رهيو هو.
سگريٽ وسائي هو پلنگ تان اُٿيو. پيتيءَ مان
شڪارپور مان آندل مٺائيءَ جون پنڊيون ۽ کاريءَ مان
آچار جون برنيون ڪڍيائين ۽ موهن سان ملڻ لاءِ
روانو ٿي ويو.
موهن جو پيءُ هينئر ڊپٽي ٿي ويو هو ۽ عامل ڪالونيءَ ۾ پنهنجي
اباڻي گهر ۾ رهندو هو. هو پڇا ڪندو، ڏس پڇندو موهن
جي گهر اچي پهتو، موهن لان ۾ بيٺو مالهيءَ سان
ڳالهائي رهيو هو. سارنگ کي ڏٺائين ته ڊوڙي اچي هن
کي ڀاڪر پاتائين. اڄ ٻئي سالن کان پوءِ مليا هئا.
ٻن سالن جي عرصي ۾ ٻنهي ۾ ڦيرو اچي ويو هو. ٻه سال
اڳ ٻئي جسماني ۽ ذهني طور نوعمر هئا پنهنجي ڪچي ۽
ڦڪي فن کي فن جو شاهڪار سمجهندا هئا،پر هينئر هڪڙي
شاعري ڇڏي ڏني هئي ۽ ٻيو سٺو ۽ مشهور ڪهاڻي نويس
ٿي ويو هو. ٻنهي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا هئا، جن هنن ۾
ذهني پختگي آڻي ڇڏي هئي. موهن شڪايت واري لهجي ۾
چيو:
”يار، اطلاع به نه ڏنئه، ته اسٽيشن تي وٺڻ اچانءِ ها.“
”سوچيم ته بنا اطلاع اچي ملندوسانءِ، ته وڌيڪ خوشي ٿيندءِ.
انڪري بنا اطلاع جي هليو آيس.“
”ڀلا سامان ڪٿي اٿيئي.“
”سامان هوٽل ۾ ڇڏي آيو آن.“
سارنگ جي ڳالهه ٻڌي موهن جي خوشيءَ ۾ ٽڙيل چهرو ڪومائجي ويو ۽
سندس چهري تي ڏک ڀري ڪاوڙ اُڀري آئي. ڏکويل آواز ۾
چيائين:
”لڄ به نه آيئه جو گهر گهاٽ هوندي به هوٽل ۾ وڃين رهين. اميءَ
کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندين. هل ته پاڻهي ٿي امي هوٽل
۾ رهڻ جو مزو چکاوئي.“
موهن جي ماءُ هن سان ڏاڍي سڪ سان ملي. پر جڏهين موهن ٻڌايس ته
سارنگ هوٽل ۾ رهيو آهي ته ڪاوڙجي وئي. موهن چيو:
”امي پراؤ آهي. پراون کان ڪهڙا ڏک، ڪهڙا ڏوراپا.“
”پراؤ ڇو آهي. سارنگ ته منهنجو پٽ آهي.“
”پٽ هجئي هاته پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ نه اچي رهي ها.“
”چئين سچ ٿو.“ ۽ پوءِ وري ڏوراپن ۾ شروع ٿي وئي. سندس ڏوراپن ۾
ڪيڏي نه پنهنجائي، ڪيڏو نه پيار ۽ ڪيڏي نه سڪ هئي.
ٻن سالن ۾ هوءَ وڌيڪ پوڙهي ٿي وئي هئي. سنڌن جو
سور ٿي پيو هيس ۽ اُٿڻ ويهڻ مهل چنگهي ٿي. رجني
اوچتو ئي اوچتو جوان ٿي وئي هئي. سارنگ ڳالهائڻ
مهل ساڻس اکيون ملائي نٿي سگهيو. موهن جو پيءُ به
ڏاڍي سڪ سان ساڻس مليو. سارو وقت شڪارپور جون
ڳالهيون ڪندا رهيا. رات جي ماني به هن اُتيئي
کاڌي. پوءِ موهن ڪار ۾ هن کي هوٽل ۾ ڇڏڻ آيو.
هوٽل جي آرام ڪرسيءَ تي ويهي، موهن سگريٽ دُکايو ۽ سگريٽ جو ڪش
هڻندي سارنگ کان پڇيائين، ”تو کي ياد هوندو. هڪ خط
۾ مون توکان ماڻڪ شاعر جي باري ۾ پڇيو هو. ڇا سچ
پچ ماڻڪ جي شاعري توکي پسند آهي.“
”ماکي ته ڏاڍو پسند آ. مان سمجهان ٿو ته هو اسان جي نسل جو ڏاڍو
سٺو شاعر آ.“
”هن جي شاعريءَ ۾ توکي ڪهڙي خاص ڳالهه نظر آئي.“
”هن جي شاعريءَ ۾ ماکي پنهنجي دؤر جي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو.“
”ته پوءِ هڪڙي
Shoking News
ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وڃ، هن بندي گندي، ڪين جهڙي موهن
جو قلمي نالو ماڻڪ آهي.“
”ماڻڪ تون آن!“
”ها. ڇو؟ ويساه نٿو اچيئي ڇا؟“
”ويساه ته اچي ٿو، پر تو ماکان لڪايو ڇو؟“
”انڪري جو مون پنهنجي ڏات جي باري ۾ تنهنجو صحيح رايو ڄاڻڻ ٿي
چاهيو.“
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته جي ماکي خبر هجي ها ته ماڻڪ تون آن، ته
مان پنهنجو رايو ڏيڻ ۾ ادبي بدديانتيءَ کان ڪم
وٺان ها.“
”ادبي بدديانتيءَ جي ڳالهه نه آهي. انساني ناتن جي ڳالهه آهي.
دوستن جا اوڳُڻ به ڳڻ نظر ايندا آهن.“
سارنگ جواب ڏيڻ جي ڪئي ته هو اُٿي بيٺو ۽ هن ڏانهن هٿ وڌائيندي
چيائين:
”مون کي پنهنجي ڏات جي باري ۾ صحيح رايو گهربو هو، سو مون کي
ملي ويو. چڱو مان هلان ٿو، سڀاڻي سوير ايندس. گڏجي
ڪاليج هلنداسين. شام جو واندو ٿيجانءِ ته سنڌوءَ
سان ملائيندوسانءِ.“
”سنڌو وري ڪير آهي؟“
”آهي هڪڙي شريمتي. نالو ته ٻيو اٿس، پر مون هن جو نالو سنڌو
رکيو آهي. سنڌوءَ جي ساري سانوري سونهن، سندس سرير
۾ سمايل آهي. ڪلاڪار آهي. اداڪار آهي. آواز اهڙو
مٺو اٿس جهڙي ماکيءَ جي لار.“
”چئبو ته ڪنهن سنڌي ناول جي هيروئن آهي، جنهن ۾ رڳو خوبيون
هونديون آهن ۽ ڪا خامي نه هوندي آهي.“
”خامي اها اٿس، ته ڪانگريسي آهي. پر مان برين واشنگ ڪريانس ٿو،
اميد ته جلد ئي اسان جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويندي.“
ائين چئي موهن موڪلائي هليو ويو.
ٻئي ڏينهن سارنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. هاسٽل ۾ سامان رکيائين ۽ شام
جو موهن سان گڏ سنڌوءَ سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو.
موهن سنڌوءَ جي سونهن جي ايتري تعريف ڪئي هئي جو
سارنگ پنهنجي ذهن ۾ سنڌوءَ جي سونهن جو ڏاڍو
اُوچو تصور قائم ڪيو هو. پر جڏهين سنڌوءَ سان مليو
ته ڏاڍي مايوسي ٿيس. شڪل صورت جي لحاظ کان سنڌو
ڏاڍي رواجي ڇوڪري هئي. پورو پنو قد، پورا پنا روش،
ڪڻڪائون رنگ. باقي سندس اکيون ڏاڍيون وڻندڙ هيون.
وڏون، چيرويون ۽ ڦٽريون! وڏي سيٺ جي ڌيءَ هئي، پر
کاڌيءَ جي ساڙهي پاتل هيس. سنڌوءَ هن کي هٿ ٻڌي
کيڪاريو ۽ سندس ڪهاڻين جي ڏاڍي تعريف ڪيائين
چيائين:
”اسان جا ليکڪ ڪراچيءَ جي ڪافي هائوس ۾ ويهي هارين جون ڪهاڻيون
لکندا آهن. ان ڪري ئي هنن جي ڪهاڻين ۾ سچائي
ڪانهي. هو پنهنجي يُگ سان سچا نه آهن. مان ته هنن
کي ڪوڙ جا وڻجارا سڏيندي آهيان، جيڪي پنهنجو پاڻ
سان ڪُپت ٿا ڪن. اوهان جي ڪهاڻين ۾ مون کي سچ،
ڪڏهين سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي روپ ۾ نظر ايندي آهي،
ته ڪڏهين ٿڪل ٽٽل هاريءَ جي پيشانيءُ تي چمڪندڙ
پگهر جي روپ ۾.“
پنهنجي تعريف ٻڌي هو شرمائجي ويو ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش به ٿيو. پوءِ
ادب ۽ سياست تي ڳالهيون نڪتيون.
موهن ۽ سنڌو بحث ڪندا رهيا، هو ۽ رجني ماٺ ڪري ٻڌندا رهيا. وري
ٻوليءَ جي ڳالهه نڪتي. موهن چيو:
”هندو پيا سنڌيءَ کي شڌي ڪن ۽ سنڌيءَ ۾ هنديءَ جا اڻ وڻندڙ، ڪنن
تي بار ڪندڙ ۽ عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ
ٽنبين، ته مسلمان وري سنڌيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا
خوفناڪ لفظ وجهي پيا سنڌيءَ کي مسلمان ڪن ۽ شاه ۽
هاري ناريءَ جي سنڌي، جنهن مان سنڌ جي برن جي
بُوءِ ٿي اچي، تنهن کي ڪو ليکڪ ۽ شاعر ئي نٿو ملي،
جيڪو سندس سادگي ۽ سونهن کي ڳائي.“
”دادا، اوهان جي ۽ دادا سارنگ جي ٻولي ته سادي هوندي آهي،“
رجنيءَ چيو.
”مان ڪنهن هڪ شاعر يا ليکڪ جي ڳالهه نٿو ڪريان، مان ته عام رويي
جي ڳالهه ٿو ڪريان.“
”سٺو ۽ وڏو شاعر يا ليکڪ ته پنهنجي پوري نسل کي متاثر ڪندو آهي.
اوهان ۾ جان هوندي ته ٻيا شاعر ۽ ليکڪ اوهان جي
پوءِ واري ڪندا،“ سنڌوءَ چيو.
ٻوليءَ جي ڳالهين مان شڪارپور جي ٻوليءَ جي ڳالهه نڪتي.
”ڀائي، مون کي ته شڪارپور جي ٻولي وڻندي آهي. مٺي ۽ سادي،“
سنڌوءَ چيو.
”اڃان ته ڪنهن شڪارپوري عورت جي ٻولي نه ٻڌي اٿيئي. شڪارپوري
عورت ڳالهائيندي، ته ائين لڳندو ڄڻ سُرن جي ورکا
پئي ٿئي. شڪارپوري گار به سُر ۾ ڏيندو. ڪڏهين
شڪارپور جي گهورڙن جا هوڪا ته ٻڌ. اهڙي لانڍ ۽
اهڙي سر سان هوڪا ڏيندا، ڄڻ ڪو گيت پيا ڳائين.
اَسرُ ٿيندو ته سريلا آواز شروع ٿي ويندا. مُهن جي
دڙي واري ڏاند گاڏين جا چيچاٽ، اُٺن جا چڙا،
گهورڙن جا هوڪا.
ادل پوپ جليب، مٺي کارڪ، روهڙيءَ جا پوپ جليب،
ڄام ڦل، شاهي باغ جا ڄام ڦل.
ڦاروان، نيڻ ٺار ڦاروان، موذي مار ڦاروان.
قلفي. هانوَ ٺار قلفي، سدا بهار قلفي.
مٺڙا ٿاڌل، ڍولڻ ٿاڌل، سڄڻ پيئندو وڃ، جيئندو وڃ.
ڇولا دال ڊٻل. ڪوسا بِههَ، چٽڻي، چپ چٽڻي.
ٽانگي وارن جون هڪلون به لانڍ سان. گلٽي ٽانگا، چمڪندڙ سنجَ،
گهوڙن جو رنگ برنگي ڪلغيون، چهبڪ تي ٽنور ۽ ريشمي
رومال ٻڌل. گهنٽي وڄائيندا، هڪلون ڪندا، گهوڙي کي
دڙڪيءَ ۾ وٺيو پيا ايندا، ’ڀوتار پاسو ڪجانءِ.
لتاڙبين، چيڀاٽبين!‘
شام ٿيندي، ته ساري شڪارپور لکي در تي اچي پيٽبي. ململ جا چولا،
ريشمي گوڏيون، رابيل جون ڪنڍيون ۽ ريشمي رومال ٻڌي
پيا ٽلندا ۽ کلندا. آچر تي وري سنڌ واهه تي ميلو
لڳندو. بازاريون لڳي وينديون. هر شيءِ مسواڙ تي
ملندي. انگوڇا، ٽوال، تُنبا، ٽيوب، ديڳيون پيون
دمبيون ۽ ٿاڌليون پيون گهوٽبيون. ڪٿي راڳ پيو
ٿيندو، ڪٿي ڪپر سان ويٺل ماڻهو انب پيا چوسيندا،
ڪي پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا. ڪو ٽولو جهومريون هڻندو
ايندو.“
”ڀائي، پوءِ ته سارنگ کي چونداسين ته اسان کي شڪارپور ضرور
گهمائي،“ سنڌوءَ چيو.
”دادا، شڪارپور جي گرمي ۽ ٻوسٽ وسري ويئه.“
”مون کي ته شڪارپور جي گرميءَ ۾ به حسن نظر ايندو آهي. خاموش
صبحون، ڏينهن تپندو ته هرڪو گهرن ۾ وڃي لڪندو. در
دريون بند ڪري، فرش تي ڇڙڪاءُ ڪري آهستي آهستي
جهلي پيا ڇڪيندا. ٽپهريءَ جي ٻانگ ملندي. وٿاڻن
ڏانهن ورندڙ مال چڙا ۽ گهنڊ وڄائيندو موٽندو، ته
هر ڪو بند ڪمرن جا در کولي ٻاهر نڪرندو. پوءِ تڙ
ڦليل ڪري، ڇڙڪاءُ ڪري، موڙا وڇائي ويٺا ڪچهريون
ڪندا. حقي جو گڙگاٽ پيو هلندو. رکي رکي ڏکڻ کي به
سڏ ڪندا ۽ وڃڻا به هڻندا. مس مس ڏکڻ گهلندو، هير
لهندي ۽ هر ڪو گهرن ۾ وڃي آرامي ٿيندو.“
”دادا، شڪارپور جون زائفون.“ رجنيءَ چيو.
”شڪارپور جون هندو زائفون جهڙيون اپسراؤن. ريشمي پائجامان، ململ
جا ڪرتا، نڪ ۾ ڳاڙهن مڻين جا بولا، ڪنن ۾ سونيون
واليون، ململ جي پوتيءَ جا گهونگهٽ ڪريو پيون ڊيل
وانگر ٽلنديون. سندن هٿن ۽ پيرن جون تريون اهڙيون،
جهڙيون گلاب جون پنکڙيون. مون هڪڙي هندوءَ کان
پڇيو ته: اوهان جون زائفون اهڙيون سهڻيون ڇو آهن؟
چيائين: اسان جا وڏا وڻج واپار سانگي ڪوه قاف ويا
هئا ۽ اُتان پريون پرڻجي آيا. اسان انهن پريَن جي
اولاد آهيون.“
هو رات جو دير سان هاسٽل
۾ موٽي آيو. کٽ تي ليٽي سگريت دُکايائين ۽ سنڌوءَ
جي باري ۾ سوچڻ لڳو. سنڌو هن کي صفا متاثر نه
ڪيو. نه سندس شڪل صورت ۽ نه ئي سندس شخصيت! وڏ
گهراڻي ڇوڪري هئي. فيشن طور ڪانگريسي ٿي هئي ۽
کاڌيءَ جي ساڙهي پاتي هئائين، ادب ۽ آرٽ هن لاءِ
سندس شخصيت جي سينگار جو سامان هو. جنهن سماجي
طبقي سان هن جو تعلق هو، تنهن لاءِ ادب ۽ آرٽ ته
شهرت جو وسيلو هوندو آهي. هن جي سادگي سياسي
پارٽيءَ سان تعلق ۽ ڪلاڪاري شهرت جا وسيلا هئا،
هيءُ ڏونگر ته اُهي ڏوريندا آهن، جن جا اندر اڌ
هوندا آهن، جن جا پير پٽ جهڙا هوندا، سي هن واٽ تي
ڪيئن هلندا... وري هن کي سڪينه ياد پئي. شايد
لاشعوري طور هن سنڌوءَ ۽ سڪينه جو موازنو ڪرڻ ٿي
چاهيو. سڪينه سنڌوءَ کان گهڻي سهڻي هئي. چيلهه
جيڏا چوٽا، پگهريل سون جهڙو رنگ، جسم تي جوانيءَ
جا گل ۽ گونچ. وري هن کي پنهنجو ڌنڌلو، مبهم ۽ غير
واضح خواب ياد پيو. سندس روح تي عجيب ننڊا کڙي
اداسي ڇانئجي وئي ۽ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ
لڳو. هن جي روح کي ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ
جي ڳولا هئي، جنهن پرينءَ جا پڙلاءَ هن شاه
سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا هئا. جنهن جو عڪس هن
انڊلٺ جي رنگن ۾ ڏٺو هو ۽ جنهن جي بدن جي بوءِ هن
کي هڪ هڪ گل مان آئي هئي. پر هن جي ڪهڙي صورت هئي.
ڪهڙو روپ هو، تنهن جي کيس به خبر نه هئي. ان
پرينءَ جي پورن ۾ هن کي ننڊ کڻي وئي. |