سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :12

 

 

صبح جو نائونمل سان بگيءَ ۾ ويهي  هو ڪمشنر سان ملڻ لاءِ روانا ٿيا. ٻئي پهريون دفعو پنهنجي شهر مان نڪري ٻئي شهر ۾ آيا هئا. هر هڪ گهٽي ۽ هر هڪ موڙ کي ڏاڍي غور سان ٿي ڏٺائون ۽ دل ئي دل ۾ ڪراچيءَ جو ٺٽي سان موازنو ٿي ڪيائون. ڪراچيءَ جو شهر هنن کي صفا نه وڻيو. هاڻي ٺٽو! ٺٽي جا بندر ۽ بازارون. هتي ته رستن تي رڳي مڇيءَ جي ڌپ هئي.

پراڻي شهر مان نڪري، وارياسا ميدان لتاڙي هو صدر ۾ پهتا. صدر جا رستا ويڪرا ۽ وائکا هئا. پارسين، گوا جي ڪرستانن ۽ هندو واپارين جا گهر ۽ دُڪان، فوجي بئريڪون، فرنگين جون ڪليسائون جن تي صليب لڳل هئا. فرنگين جا شراب خانا، پوڙها پارسي گهرن جي اڳيان موڙن تي ويٺا پڻڪيون کائي رهيا هئا. رستن تي ڳاڙها ڳاڙها ٽامي ۽ شعله بدن فرنگي  عورتون ٿي لنگهيون....

پهرين هو ڪئپٽن پريڊي سان مليا. پريڊي هنن جو ڏاڍو عزت وارو آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ هو ڪمشنر سان ملڻ لاءِ گورنر هاؤس روانا ٿيا. نوڪر هنن کي وڏي هال ۾ آڻي ويهاريو، جنهن جي فرش تي ايراني غاليچا وڇايل هئا ۽ ڀتين تي انگريزي مصورن جون تصويرون ٽنگيل هيون. سامهون واريءَ ڀت تي انگلستان جي راڻي وڪٽوريا جي تصوير ٿي لڙڪي، ان جي هيٺان جرنل نيپئر جي تصوير ٽنگيل هئي.  وريل نڪ، عيار اکيون.

ٻيءَ ڀت تي مياڻيءَ جي جنگ جي تصوير ٽنگيل هئي. هڪڙو انگريز سنڌي سپاهيءَ جي سيني ۾ سنگين هڻي رهيو هو. سارنگ کي ائين لڳو ڄڻ اها سنگين هن جي سيني ۾ لڳي رهي هئي. هن يڪدم تصوير تان نظرون هٽايون ۽ ٻئي تصوير ڏانهن ڏسڻ لڳو. ان تصوير ۾ ڪجهه سنڌي سپاهي گهوڙن تي سوار هئا ۽ سندن هٿن ۾ تلوارون تاڻيل هيون. ڪاريون ڏاڙهيون، اڇا پٽڪا، وڏيون شلوارون، چهرن تي انتقام جي آڳ......

دروازن تي اجرڪ ۽ سوسيءَ جا پڙدا ٿي لڙڪيا، هالن جي جنڊيءَ جون ڪرسيون، گلدان، هندورو، پاسي واري ڀت تي سنڌين جون منهن ڀرڻ واريون بندوقون، تلوارون ۽ ڍالون سجايل هيون ۽ گهڙيال ٿي ٽڪ ٽڪ ڪئي. ايتري ۾ در کليو ۽ پڙدو هٽائي ڪمشنر صاحب اندر داخل ٿيو.  ڊگهو، سنهو، چپن تي مرڪ. هو يڪدم اُٿي بيٺا. نائونمل ته غاليچي وانگر ڪمشنر صاحب جي پيرن ۾ وڇائجي ويو. ڪمشنر صاحب هنن سان ڏاڍي عزت سان مليو. نائونمل تعارف ڪرايو. هي ماڻڪ آهي. هي سارنگ آهي ۽ هي اسان جو ڪمشنر صاحب بهادر، نيڪيءَ جو پتلو. ماڻهو ته نه آهي، ديوتا آهي.

”منهنجو نالو فلپ آهي.“ ڪمشنر صاحب نائونمل جي تعريفي پٽاڙ کي اڌ م ڪٽيندي پنهنجو نالو ٻڌايو. سارنگ هن ڏانهن نهاريو. فلپ جي چهري تي ڏاڍي نماڻائي ۽ نهٺائي هئي ۽ سندس اکين ۾ اُداسائي. شايد هن جي دل جي ٺٽي کي به ارغونن لٽيو هو. هن جا سامي به سنک وڄائي پنهجي واٽ وٺي ويا هئا ۽ سامين جي مڙهين هن کي ماريو هو.

فلپ به اکيون کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو. ڪڻڪائون رنگ، ڀنڀي ڏاڙهي، ويڪرا پٺا ۽ چيتي جهڙي چيلهه، گهيريدار شلوار، مٿي تي اڇي پڳ منهن ۾ عالمن واري نرمي ۽ سٻاجهائي، پر اکين ۾ عجيب روشني ۽ جلال. ڄڻ هن جي عالمانه شخصيت ۾ هڪڙي ٻي شخصيت به لڪل هئي. ارڏي ۽ اڙٻنگ! جنهن سندس اکين جي روشندانن مان ليئا ٿي پاتا.

ماڻڪ ۽ سارنگ سان ملي فلپ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ نائونمل جي نظر انتخاب جو داد ڏنائين. ڪمشنر صاحب بهادر جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي نائونمل مکڻ وانگر پگهري ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڪمشنر جا ٽي نائب رچرڊ برٽن، ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ايلس به اچي ويا. ٽيئي وڏا عالم هئا. برٽن شاعر هو عربي، فارسي، ۽ سنڌي ڏاڍي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو. اسٽئڪ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي فرهنگ تيار ڪري رهيو هو. ايلس هندي ۽ سنسڪرت جو وڏو ڄاڻون هو. هو وري سنڌيءَ جو گرامر تيار ڪري رهيو هو. هنن کي انهن ٽن عالمن سان ڪم ڪرڻو هو.

شام جو هو گهوڙن تي چڙهي سمنڊ ڏسڻ ويا. اٿاه، بيڪنار ۽ آزاد سمنڊ! سمنڊ کي ڏسي سارنگ کي شاه سائين جو سُر سامونڊي ياد پيو. هن جو وڻجارو به ته سڙه سانباهي اوهري ويو هو. جنهن بنان بندر ۽ بازارون ويران هئا.

شام جو هو دير سان واپس موٽيا.

سارنگ ۽ ماڻڪ، برٽن ۽ اسٽئڪ سان ملي ٻوليءَ تي ڪم شروع ڪيو. برٽن، سارنگ ۽ ماڻڪ جو رايو هو ته سنڌيءَ جي صورتخطي عربي هئڻ گهرجي. پر اسٽئڪ جو رايو هو ته سنڌيءَ جي صورتخطي ديوناگري هئڻ گهرجي وڏا بحث ٿيا ۽ ڪم هلندو رهيو.

 

سارنگ کي برٽن ڏاڍو متاثر ڪيو. هو سنڌ جي رهاڪن، سندن ريتن رسمن، مذهبن، سنڌوءَ جي ڇوڙن ۽ سنڌ ۾ قديم آبپاشيءَ جي نظام تي ڪتاب لکي رهيو هو. ساري سنڌ گهمندو هو. ويس مٽائي، ڪڏهن ڪشميري برهمڻ بڻجي ۽ ڪڏهن ايراني يا افغاني مولوي بڻجي هندن ۽ مسلمانن وٽ وڃي مهمان ٿيندو هو. سندن مذهبي ڏڻن ۾ شامل ٿيندو هو ۽ هنن جون ريتون رسمون ڏسندو هو. هڪ دفعي سيوهڻ ۾ هڪڙي رنڊيءَ جي ڪوٺيءَ تي ويو.الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان رنڊيءَ سان وڙهي پيو. رنڊيءَ گاريون ڏنس ته هو به ڏاڍي فصاحت سان کيس گاريون ڏيڻ لڳو. اسٽئڪ سارو ڏينهن پيو اکر گڏ ڪندو هو. هن اکر جي معنيٰ ڇا آهي. هن کي سنڌيءَ ۾ ڇا چوندا آهن. برٽن هنن کي پنهنجا شعر به ٻڌائيندو هو. برٽن جا شعر ٻڌي سارنگ سوچيندو هو ته انگريزي ٻولي ڪيتري نه شاهوڪار آهي. ڪيڏا شاعر، ڪيڏا فيلسوف، ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي صورتخطي به ڪانه هئي. سنڌين پنهنجي مادري ٻوليءَ کي ڇڏي ڌارين ٻولين ۾ ڪتاب لکيا هئا. رات جو هو فلپ سان ملڻ لاءِ گورنر هائوس ويندا هئا. گورنر هائوس جي مٿان هڪڙو ڪمرو هو جنهن ۾ ويهي هو فلپ سان ڳالهيون ڪندا هئا. فلپ جو پنهنجو رايو به هو ته سنڌيءَ جي صورتخطي عربي هئڻ گهرجي. روز بحث ٿيندا هئا. آخر سڀني پنهنجا رايا ڏنا ۽ ڪاغذ فيصلي لاءِ بمبئي موڪليا ويا.

انهن ئي ڏينهن ۾ ماڻڪ جي پيءُ جو مرتيو ٿي پيو. هو ٻئي ٺٽي موٽي آيا. ڪريا ڪرم مان واندا  ٿيا. ماڻڪ مس مس ڌڪ سهسايو. پر پيءُ جي اوچتي مرتئي جي ڪري ماڻڪ کي پيءُ جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ ٺٽي ۾ رهڻو پيو ۽ سارنگ اڪيلو ڪراچي موٽي آيو. ڀاڪر پائي موڪلايائون. ٻنهي جون اکيون لڙڪن  ۾ آليون ٿي ويون. هاڻي سارنگ  لاءِ ڪراچيءَ جا رستا  ٻسا هئا. هاڻي به هو شام جو گهوڙي تي چڙهي سمنڊ ڏانهن گهمڻ ويندو هو. پر اڪيلو اڪيلو ۽ ويڳاڻو!

 

ماڻڪ کان سواءِ سارنگ صفا ويڳاڻو ٿي پيو. پر پوءِ آهستي آهستي فلپ هن جو دوست ٿي ويو. فلپ حاڪم هو ۽ سارنگ محڪوم. پر دوستيءَ جي ناتي سڀئي ويڇا ختم ڪري ڇڏيا ۽ فلپ هن جو ماڻڪ جهڙو دوست ٿي ويو. سارنگ فلپ کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ته کيس خبر پئي ته حاڪم ۽ محڪوم جا ساڳيا سور آهن. ساڳيا ڏک ۽ ڏنڀ آهن. سڀيئي انگريز نيپئر نه آهن جنهن سنڌ کي رت ۾ وهنجاريو هو. پر انگريزن ۾ فلپ به آهي جنهن مياڻي ۽ دٻي جي ميدانن ۾ وهايل سنڌين جي رت جا داغ ڌوئڻ ٿي چاهيا. سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ ٿي چاهيائين. صورتخطي، بندرگاه، بئراجون، ريلوايون، بمبئي سرڪار سنڌ ۾ ڪي به سڌارا  ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. پر فلپ پنهنجو ذاتي اثر رسوخ هلائي ريلوائي ۽ بندرگاه تعمير ڪرائڻ جي اجازت گهري هئي. بندرگاه جي تعمير ٿي رهي هئي ۽ ڪوٽڙيءَ کان ڪراچيءَ تائين ريلوائي جو ڪم هلي رهيو هو. انگريز انجنيئر سنڌو درياه جي پڙتال ڪري رهيا هئا جو فلپ سنڌوءَ تي بئراج ٺهرائي آبپاشيءَ جي نظام کي سڌارڻ ٿي چاهيو. شهر کي سڌارڻ ۽ صفائي رکڻ لاءِ ميونسپالٽي قائم ٿي چڪي هئي جيڪا شهر ۾ ايندڙ مال تي محصول وٺندي هئي ۽محصول جي اها رقم شهر جي سڌاري، واڌاري ۽ صفائي تي خرچ ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن فلپ سنڌ جي بدحالي ۽ مفلسيءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيندو هو. برٽن هن کي سنڌ جي قديم آبپاشي  جي نظام تي هڪڙي مڪمل ۽ مفصل رپورٽ ڏني هئي جنهن ۾ لکيو هئائين ته: سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو جيڪو نظام قائم هو تنهن جهڙو سڌريل نظام ساري هندستان ۾ نه هو. يورپي سياحن پنهنجي سفرنامن ۾ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نمائندن پنهنجي رپورٽن ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ هنرن جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. اهي هنرمند ئي شايد ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ٺاهين ها ۽ نت نيون ڪلون ايجاد ڪن ها ۽ نون نون ملڪن ۾ مارڪيٽ ڳولڻ لاءِ پنهنجا سڙه سانباهين ها. پر تاريخ سنڌ کي ساه پٽڻ نه ڏنو. ڌارين  جا حملا، ديسي حاڪمن جي خانه جنگين جون باهيون جن ۾ ايٽ ۽ آڏاڻا سڙي ويا. هنرمندن تلوارون کنيون يا هر سنڀاليائون. آڏاڻن تي ڪپڙو اُڻيندڙ ڪوري معاشري ۾ ڪو وڏو مقام ماڻي نه سگهيا ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪرڻ وارن هٿن جي روشني اجهامي وئي. فلپ وري سنڌ جي هنرمندن جا هٿ روشن ڪرڻ ٿي چاهيا. واپار کي همٿائڻ ٿي چاهيائين. ڪراچيءَ ۾ هن ميلو لڳرايو هو. جنهن ۾ ايران، افغانستان، چين ۽  ٿٻيٽ جا واپاري آيا هئا.  هر طرف ٻيڙين جي سڙهن جهڙا اڇا اڇا تنبو لڳي ويا هئا، مال جي ڏي وٺ، خيالن جي ڏي وٺ. واپارين کي نوان مارڪيٽ ملي رهيا هئا.

سنڌيءَ جي صورتخطي جي باري ۾ بمبئي سرڪار وٽان فيصلو اچي ويو ۽ عربي صورتخطي منظور ٿي هئي. سارنگ سنڌي ۽ انگريز عالمن سان ملي سنڌيءَ جي الف ب ٺاهي. سنڌيءَ جي نئين صورتخطي ۾ ڪتاب لکيائين. تاريخ، جاگرافي، انگي حساب، ڪهاڻيون، ٻاراڻو قائدو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اسڪول کليا هئا جن ۾ سارنگ جا لکيل ڪتاب پڙهايا ٿي ويا. ماڻڪ خط لکيس ته ٺٽي ايندين ته اهي هٿ چمندوسانءِ جن سان سنڌيءَ جي صورتخطي ٺاهي اٿيئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا اٿيئي. هر روز رات جو هو فلپ سان ملڻ ويندو هو. ٻئي گڏجي ڪتاب لکندا هئا. فلپ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب سنڌي ۾ ترجما ڪرائڻ ٿي چاهيا. هو ڪيڏو نه خوش هو. ڄڻ سنڌيءَ جي صورتخطي نه ٺهي هئي، پر هن جي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي صورتخطي ٺهي هئي. هو ساري ساري رات جاڳي ، سارنگ کان انگريزي ڪتاب ترجما ڪرائيندو هو. پر اوچتو هندستان ۾ آزاديءَ جي جنگ ڇڙي پئي. انگريزن ان جنگ کي بغاوت ٿي سڏيو ۽ بمن ۽ بندوقن سان آزاديءَ جي متوالن جو خون ٿي وهايو. پر جيئن ٿي جانفروشن جي رت جا ڇنڊا ان باه تي پيا تيئن ٿي باه وڌيڪ ڀڙڪو ڏنو. سارو هندستان جلي رهيو هو ۽ اها باه سنڌ ۾ به ڀڙڪڻ واري هئي.

فلپ يڪدم قلم- ڪتاب اڇلايا ۽ فوجي ڪٽڪ وٺي سنڌ جي دوري تي نڪري پيو. جاگيردارن کي جاگيرون ضبط ڪرڻ جا دڙڪا ڏنائين. سردارن کان وفادارن جا حلف ورتائين. ديسي سپاهين کان هٿيار ڦري کين قيد ڪيائين. هر طرف ٺاپر ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ آزاديءَ جي باه ڀڙڪڻ کان اڳ ئي وسامي وئي. جيڪب آباد جي ٻن ٻروچ سردارن درياه خان جکراڻي ۽ دل مراد کوسي بغاوت ڪئي. پر بروقت ئي جهلجي پيا ۽ جان جيڪب کين گرفتار ڪري ڪراچي وٺي آيوپيرن ۾ پيڪڙا، هٿن ۾ هٿ ڪڙيون، اکين ۾ باه جا اُلا ۽ چپن تي مرڪ، ڄڻ هو جان جيڪب ۽ فلپ جي فوجي قوت تي مرڪي رهيا هئا.  سندن چهرا جهڙا آزاديءَ جي صبحن جا سورج، سندن ڳاٽ جهڙا روشني جا منارا. هي ڪهڙا دلاور هئا جيڪي موت تي ٿي مُرڪيا، جن کان سواءِ سوريون ويران هيون. سوريءَ هنن کي سڏيو هو ۽ هنن سوريءَ جو سڏ وراڻيو هو...

ٽربيونل قائم ٿيو ۽ هنن کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي. سزا جو فيصلو ٻڌي هنن جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي. هنن جي مرڪ پرهه جي پيشاني هئي جنهن سان اونداهيون صديون روشن ٿيڻيون هيون.  ڪير آهي جيڪو ڌرتيءَ تان روشنيءَ کي ختم ڪري سگهي. سج کي وسائي سگهي. رات جو ڪاري ڪاري هانءَ ۾ جرڪندڙ تارن کي ٽوڙي سگهي، اونداهين جي يلغار کان هراسيل فانوسن کي وسائي سگهي ۽ ڪاري پاڻي جي سزا جو فيصلو ٻڌي مرڪندڙ سنڌين جي چپن کان مرڪ کسي سگهي...

سج وڙاءُ  سامي ته پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا، پر سارنگ کي اها جُوءِ ڏيکاري ويا جتان لاهوتي لال ٿيا هئا. سارنگ جو سک ڦٽي ويو. اندر ۾ دونهين دکي پيس. ڪنهن شيءِ ۾ دل نٿي لڳس. اندر ۾ لوڇ ۽ آنڌ مانڌ.... شام جو هو گهوڙي تي چڙهيو ۽ دل وندرائڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن ورانو ٿيو. رستن تي رونق لڳي پئي هئي. پريڊي اسٽريٽ، ايلفسٽن اسٽريٽ. ايلفسٽن اسٽريٽ ۾ هندن، پارسين ۽ ڪرستانن جا نوان دڪان ۽ سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ جي آفيس کلي هئي. رستن تي انگريز منڊمون، منڊمن جهڙو لباس پائيندڙ پارسي عورتون، ڪارا مدراسي، بنگالي  سپاهي ۽ گوا جون ڪرستان عورتون گهمي رهيون هيون. پاسي کان هڪڙي بگي لنگهي جنهن ۾ پارسي جوڙو ويٺو هو. مڙد کي انگريزن وارو سون ڪوٽ پيو هو ۽ عورت کي منڊمن وارو اسڪرٽ. سامهون هڪڙو پادري ٿي آيو، جنهن کي عربن وارو وڏو جبو پيو هو ۽ جنهن جي اکين ۾ آسماني سلطنت جا خواب هئا. ان مقدس ڏينهن جا خواب جڏهن سنڌ جا سڀئي ڪارا ڪافر يسوع مسيح جي عظمت کي سڃاڻندا ۽ عيسائي ٿيندا. جن ڪارن ڪافرن يسوع مسيح جي عظمت کي سڃاتو هو ۽ عيسائي ٿيا هئا تن جا مڙد انگريزن جا خانسامان هئا، پوڙهيون عورتون انگريزن جي ٻارن جون آياؤن هيون ۽ نوجوان عورتون انگريزن جون سريتيون.....

 

ٻه ٽامي هڪڙي جواڻ جماڻ ڪرستان ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي، کلندا، ٽهڪڙا ڏيندا، شراب خاني ۾ گهڙي ويا. هڪڙي بيڪريءَ مان ٻه پارسي عورتون ڊبل روٽي وٺي رهيون هيون ۽ هڪڙي گرجا جي آڳر ۾، سائي سائي گاه تي، انگريزن جا ڳاڙها ڳٽول ٻار رانديون کيڏي رهيا هئا. انگريزن جا خاموش بنگلا. رتن تلاءُ، رام باغ، وڻ جي ٽاريءَ  تان ٻه طوطا اُڏاڻا ۽ ٽيئون ٽيئون ڪندا هڪ طرف هليا ويا. آسمان ۾ ابابيل ٿي اُڏاڻا، سج لهڻ وارو هو ۽ اُفق وٽ شفق جا رنگ اُڀري بيٺا. شام ۽ شفق ۾ سمنڊ ڏاڍو پراسرار ٿي لڳو. سمنڊ جون آزاد، بي ڊپيون لهرون، نچنديون،ڪڏنديون، آزاديءَ جا گيت ڳائينديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون. سمنڊ ڪيڏو وسيع هو. آسمان ڪيڏو نيرو هو ۽ آسمان جي وسعتن ۾ ڪيئن نه سامونڊي پکي ٿي اُڏاڻا!

هو دير تائين سمنڊ جي ڪناري تي ويٺو رهيو ۽ دور افق ڏانهن ۽ سمنڊ جي آزاد ۽ بي ڊپين لهرن ڏانهن ڏسندو رهيو. سمنڊ پنهنجي لوڇ ۾ لڇي رهيو هو ۽ سارنگ پنهنجي لوڇ ۾ ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي لوڇ کان بي خبر هئا.

 

رات جو جڏهن هو واپس وريو ته رستن تي فانوس ٻري پيا هئا ۽ رونق گهٽجي وئي هئي. هو خاموش رستن تان لنگهندو گهر ڏانهن روانو ٿيو. رات جي سانت ۾ پٿرائين رستي تي گهوڙن جي سنبن جو آواز ڪيڏو نه عجيب ٿي لڳو. هو رتن تلاءَ وٽ پهتو ته اوچتو هڪڙي دٻيل ۽ گهٽيل دانهن رات جي سانت جو سينو چيريندي هن جي ڪنن سان ٽڪرائي. هن يڪدم گهوڙو جهليو ۽ ڪَنَ سرلا ڪري ان طرف جو تعين ڪرڻ لڳو جتان دانهن آئي هئي. ايتري ۾ وري ٻي دانهن ٿي. هيءَ دانهن وڌيڪ گهٽيل ۽ ٻوساٽيل هئي. هن يڪدم گهوڙي جو لغام موڙيو. وڻن جي گهاٽي جهڳٽي وٽ پهتو ته هن کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هو ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. وڻن جون لامون هٽايائين ته عجيب ڏيک ڏسڻ ۾ آيس.هڪڙي شراب جي نشي ۾ مدهوش ٽاميءَ هندو ڇوڪريءَ ۾ هٿ وڌا هئا ۽ ڇوڪري پنهنجو ست بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي هئي. سارنگ کي ڄڻ وڄ ڇهي وئي. چيتي وانگر اُڇانگ ڏيئي وڃي ٽاميءَ کي ڳچيءَ کان جهليائين، ڇوڪري پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيٺي ۽ ڊنل ۽ هراسيل اکين سان هنن کي ڏسڻ لڳي. اوچتو ڇوڪريءَ کان چيٽ نڪري وئي، ٽاميءَ پستول ڪڍيو هو. پر سارنگ باز وانگر لامارو ڏيئي هن کي ٻانهن کان جهليو ۽ پوءِ ٺڪاءُ ٿيو. ڇوڪريءَ وري چيٽ ڪئي.رات جو هنيانءَ ڦاٽي پيو. بڪنگهم پيليس جا بنياد لڏي ويا ۽ ڪاري ۽ غلام ڌرتي پنهنجي آقا جو خون پيئڻ لڳي.

سارنگ سهڪندو سهڪندو اُٿيو ۽ ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريائين. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ڊپ ۽ دهشت هئي. ڪپڙا ڦاٽي ويا هئس ۽ مٿي تان گندي لهي وئي هيس. سارنگ آهستي آهستي وکون کڻندو ڇوڪريءَ جي ويجهو آيو ۽ هن جي لٿل گنديءَ سان سندس اگهاڙو بدن ڍڪيائين. ڇوڪريءَ نماڻا نيڻ کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو. ڪيڏي نه ٻاجهه، ڪيڏو نه رحم ۽ ڪيڏو نه پيار هو ڇوڪريءَ جي اکين ۾! هن ڪجهه چوڻ لاءِ چپ چوريا پر سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ۽ ٻه لڙڪ سندس نماڻن نيڻن مان وهي پيا. ڇوڪريءَ پوتيءَ سان پنهنجا گونگا ڳوڙها اگهيا ۽ بت کي چڱيءَ طرح پوتيءَ سان ويڙهي، هوءَ نوڙي ۽ سارنگ جي پيرن وٽان مٽي کڻي هن پنهنجي پيشانيءَ تي مٽيءَ جو تلڪ لڳايو ۽ پوءِ تکيون تکيون وکون کڻندي گهر ڏانهن وڃڻ لڳي. پر ٽاميءَ جي لاش وٽ اچي بيهي رهي. ڪنڌ جهڪائي ٽاميءَ جي لاش ڏانهن نهاريائين، ڪنڌ ورائي سارنگ ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ٽاميءَ جي لاش تي نوڙي ٽاميءَ جي رت ۾ آڱر ٻوڙيائين، پٺتي وري ۽ تکيون تکيون وکون کڻندي سارنگ جي سامهون اچي بيٺي ۽ سارنگ جي اکين ۾ اکيون کپائي هن ڏانهن ڏسڻ لڳي. هينئر هن جي اکين ۾ ٻاجهه، تشڪر ۽ ڊپ جي بدران عجيب شعاع هو. هن هٿ مٿي کنيو ۽ ٽاميءَ جي رت ۾ ٻڏل آڱر سان سارنگ جي پيشانيءَ تي تلڪ لڳايائين. هوءَ هڪدم واپس وري ۽ تکيون تکيون وکون کڻندي رات جي اونداهين ۾ گم ٿي وئي. سارنگ اُتي ئي بيٺو رهيو. هن جي پيشانيءَ تي ڳاڙهو ڳاڙهو تلڪ ٻري رهيو هو. ڄڻ سج آسمان مان لهي آيو هو ۽ هن جي پيشانيءَ ۾ جڙجي ويو هو ۽ ان سج جي روشنيءَ ۾ ساري سنڌ روشن ٿي وئي هئي....

اوچتو هن کي پريان کان گهوڙن جي سنبن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هن جي گهوڙي ڪنهن اڻ ڏٺل خطري کي محسوس ڪري هڻڪار ڪئي. سارنگ وٺي ڊوڙ پاتي. ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهيو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو رات جي اونداهين ۾ گم ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org