سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :19

 

ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ’اڌو اڌ بٽئيءَ‘ جي تحريڪ هلي هئي. ٻه ٽي مٿي ڦريا ارڏا اڙٻنگ ساماڻا هئا، جيڪي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائيندا اَن جي ڍيرن تي وڃي بيهندا هئا ۽ پنهنجي هٿن سان هارين کي اڌ بٽئي وٺي ڏيندا هئا. هيڻان جاڳيا هئا ۽ ڏاڍن جا ڪوٽ ڪنبي ويا هئا. موهن انهن ساٿين سان ملندو هو. هڪڙو دفعو سارنگ کي به انهن سان ملايو هئائين. هينئر سارنگ ڳوٺن ۾ وڃي انهن ساٿين سان مليو. سندن ٽڙيل پکڙيل قوت کي گڏ ڪيائين ۽ ڳوٺن ۾ به دونهين دکڻ لڳي. سارنگ جو هڪڙو ساٿي سنڌي ماستر هو، نالو قاسم هوس. پنهنجي ڳوٺ ۾ هارين ۾ ڪم ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ اچي سارنگ سان ملندو هو. ساري ساري رات سارنگ سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ پوءِ ڪتاب ۽ پمفلٽ کڻي وڃي هارين کي پڙهي ٻڌائيندو هو. بالغن کي تعليم به ڏيندو هو. قاسم جون ڳالهيون  چڻگون هيون، جن نوجوان هارين جي دلين ۾ دونهين دکائي ڇڏي هئي. اها دونهين اندر ئي اندر دکندي  رهي ۽ هڪڙي ڏينهن هڪڙي معمولي واقعي سان ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿي پئي.

 

 

لابارا ٿيا هئا، پر اڃا بٽئي ڪا نه ٿي هئي ۽ اَن ديرن ۾ پيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ زميندار ڪنهن ڳالهه تان هڪڙي نوجوان هاري علوءَ کي گار ڏني. علوءَ تارا ڦوٽاري زميندار ڏانهن نهاريو ۽ چيائينس:

”رئيس، وات سنڀالي ڳالهاءِ، نه ته....“

رئيس جو هڪڙي ڪين جهڙي ڪڙميءَ کي تارا ڦوٽاري مهاڏو اٽڪائيندي ڏٺو ته باه ٿي ويو، ڀر ڪڍائي علوءَ کي لڪڻ وهائي ڪڍيائين. علوءَ سٽ ڏيئي رئيس کان لڪڻ کسيو ۽ لڪڻ کي ائين ڀڃي اڇلائي ڇڏيائين ڄڻ رئيس جي ڏاڍ کي ڀڃي اڇلايائين، رئيس جي ماڻهن جو علوءَ کي رئيس سان گستاخي  ڪندي ڏٺو ته اچي علوءَ کي لٺين سان ورتائون. هڻي ڊڙي وڌائونس. رئيس جو اڃان هنيانءُ نه ٺريو. ماڻهو موڪلي پوليس گهرايائين. پوليس چوريءَ  جي فرياد داخل ڪئي. علوءَ کي مرچ وڌائون ۽سندس پوڙهي پيءُ جي ڏاڙهي پٽيائون ۽ پوءِ ٻنهي کي آڻي لاڪپ ۾ وڌائون. ڳو‎ٺ جا پوڙها ته ماٺ هئا، پر جوانن جو رت ٿي ٽهڪيو. چون: مري وينداسين، پر ههڙو انڌير ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪورٽن جا ڪڙا کڙڪايائون، وڪيلن وٽ ويا، اخبارن ۾ ليک ڏنائون، پر ڪجهه ڪو نه وريو. تڏهن ڳوٺ جا سڀئي جوان ڪهاڙيون کڻي نڪري آيا ۽ اچي ديرن تي قبضو ڪيائون ته: تيسين بٽئي نه ڏينداسين، جيسين علو ۽ سندس پيءُ عزت سان جيل مان نه ڇٽي ايندا. قاسم ڪراچيءَ ماڻهو موڪلي سارنگ کي گهرايو.

 

سارنگ جڏهن ڳوٺ پهتو تڏهن سڀني ڏاڍي سڪ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. کيس گلن جون ڪنڍيون وڌائون. پوءِ هو هڪڙي هڪڙي هاريءَ سان مليو.  هڪڙو هڪڙو چهرو چنڊ هو، هڪ هڪ نانءُ  نغمو هو، سڀني جي اکين ۾ اميد ۽ عزم جي روشني هئي ۽ ان روشنيءَ ۾ هن آئيندي کي روشن ڏٺو. پوءِ سڀئي هن کي جلوس جي صورت ۾ وٺي نچندا ڳائيندا، جهومريون وجهندا اَن جي ديرن ڏانهن وڌيا. سڀني جون ٻانهون هڪ ئي لئي سان هوا ۾ ٿي لهرايون. ان ناچ ۾ شفق جون لامون ٿي لڏيون. انڊلٺ جي پينگهه ٿي جهولي. سندن گيتن ۾ ڪنوارين ڪر ٿي موڙيا، سهاڳڻين جو سهاڳ ٿي ڦٽو. اهو بکين، ڏکين، انگ اگهاڙن پورهيتن جو گيت هو. ان گيت ۾ سڀئي شامل هئا. هاري ناري،ڪڙمي ڪاسبي،زميندار ڪمدار، حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم سڀ ان گيت جي سُرن وانگر هڪ ٻئي سان ملي هڪ عظيم گيت ٿي ويا هئا. ان گيت ۾ پورهيتن جي پگهر جا موتي ٿي چمڪيا، شهيدن جي رت ڦڙن جا ياقوت  ٿي جرڪيا، سونن سنگن جي سرسراهٽ ٿي آئي. ڄڻ ڌرتي ۽ آسمان جون وسعتون، رنگ ۽ روشنيون ان گيت ۾ سمائجي ويون هيون. ڄڻ ڌرتيءَ تي ڪو ڏک نه هو، ڪو ڏاڍ نه هو. هر طرف خوشيون هيون روشنيون هيون، گيت ناچ ۽ کيج هئا.

 

هنن سارنگ کي اَنَ جي ديرن ڀرسان ويهاريو. کيس جوئر جي ماني، سرنهن جو ساڳ کارايائون ۽ پوءِ سارنگ اٿي بيهي تقرير ڪئي. هن جي پاسي کان، اَنُ ديرن ۾ پيو هو. سج جي روشنيءَ ۾ اَن جا داڻا ائين ٿي چمڪيا، ڄڻ کلڪار ٿي ڪيائون. هن جي سامهون هاري ويٺا هئا، ڪنا ڪوجها، ڪين جهڙا ڪمي ۽ ڪاسبي. اهي هن ڌرتيءَ جا دلارا هئا. هن آزاد ملڪ جا آزاد انسان. پر اڄ به هنن جي ڳچين ۾ غلاميءَ جا طوق هئا. هنن ئي سينن تي گهاؤ کائي، بادشاهن جا تخت ۽ تاج بچايا هئا.  هنن ئي قلعا، قبا، محل ۽ ماڙيون ٺاهيون هيون. پر هو پاڻ بي گهر هئا. هنن ئي بادشاهن جون زربخت جون قبائون اُڻيون هيون ۽ پاڻ انگ اگهاڙا هئا. هنن لاءِ ئي پاڪستان ٺهيو هو. هنن جي سلطانيءَ جا ئي شاعرن خواب ڏٺا هئا. هي سلطاني جمهور  جو دور هو ۽ انهن بکين، بي تاج بي گهر سلطانن جو هجوم، پورهي ۾ پاه ٿيل بيمار، پيلا، ڪارا ۽ ڪوجها چهرا کڻي هن ڏانهن نهاري رهيو هو.  سارنگ نظر ڦيرائي انهن سلطانن ڏانهن نهاريو ۽ هن کي ائين لڳو، ڄڻ سڀني جي مٿن تي تاج هئا. سڀني کي زربخت جون قبائون پهريل هيون ۽ سڀني جي هٿن مان پورهي ۽ هنر جي روشني ٿي ڦٽي، جنهن ساري  ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيو هو. سارنگ تقرير شروع ڪئي. اوچتو پوليس جون سيٽون وڳيون. پوليس هنن کي گهيري ۾ ورتو. صوبيدار پسٽول تاڻي هن کي ڪهاڙين اڇلائڻ  لاءِ چيو. سارنگ جي چوڻ تي سڀني ڪهاڙيون اڇلائون ۽ پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيائون. اوچتو  ئي مٿين لٺين جو وسڪارو ٿيو. ٻاڪر ڪٽو مچي ويو. سارنگ لٺ بچائڻ لاءِ ٻانهن اڳيان ڏني. سندس ٻانهن ڀڄي پئي. مغز ۾ ڪنداڪ لڳس ۽ هو بولاٽي کائي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو.

 

 

ميري ميڪرز انگريزي سازن تي سنڌي ڌن ٿي وڄائي. ميري ميڪرز جي سڀني ميمبرن جا وار وڏا، نوڪون ڪنن کان هيٺ تائين ڊگهيون، مڇون وڏيون ۽ چپن جي ڪنڊن وٽ چنگيزي انداز ۾ هيٺ جهڪيل هيون، سڀني کي بيل باٽم، ايليفنٽ باٽم ۽ وڏن ڪالرن واريون رنگ برنگي بشرٽون پيون هيون، جن ۾ بٽڻن جي بدران ڦندڻن وارا ريشمي سڳا ٻڌل هئا. ڳچين ۾ سوني زنجير جا لاڪيٽ ۽ ڪراين ۾ پوئنچيون، جن تي ڪلما اُڪريل هئا. گهڻو ڪري سڀني نوجوان ڇوڪرن جو ٿورڙي ڦير گهير سان اهو ساڳيو لباس هو. نوجوان ڇوڪرين کي بيل باٽم پاتل هئا. چيلهه ۾ چيلهڪيون ٻڌل هيون، جن سان سندن چيلهه وڌيڪ سنهي ۽ سندن مٿين ۽ هيٺين ڌڙن جا اُڀار وڌيڪ اُڀري آيا هئا ۽ سندن انگ جا ونگ صاف ظاهر بيٺا هئا. وچ تي سينڌ، ڪلهن تي لهرائيندڙ واسينگن جهڙا وار. بيگمات کي ڍاڪن تي ساڙيون ٻڌل هيون ۽ سندن هيٺين ڌڙ جا خط چيلهه وٽان ڪمان وانگر وري مٿڀرو وڃي، ويڪرا ٿي، بلائوزن ۾ لڪي ٿي ويا ۽ بلائوزن جي گولاين  مان سندن جوڀن جي گولاين ليئا ٿي پاتا. اڌ لڪل ۽ اڌ اگهاڙن انگن ونگن  محرابن ۽ قُبن کي ڏسي ساري تنتي سرشتي مان هلڪي هلڪي ڄر ٿي نڪتي، اکين کي سيڪُ ٿي آيو.

مڙدن کي سوٽ پهريل هئا ۽ سندن سارو جسم ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڍڪيل هو. سڀئي مهمان گلاس  هٿن ۾ جهلي، انگريزي سازن تي وڄندڙ سنڌي ڌن ٻڌي رهيا هئا.

’مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، او منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو.‘

سڀني مهمانن پر لوڏائي يا بت کي لهرائي سازن جو ساٿ ٿي ڏنو. پريان چنبيلي۽ رتن جوت جي ٻاري وٽ نوجوان ڇوڪريون بيٺيون هيون، جن چپٽيون وڄائي، بت کي ساز جي لهرن سان ٿي لهرايو. اوچتو انهن ڇوڪرين جي ميڙ مان هڪ ڇوڪري ٻاهر نڪتي ۽ وچ ۾ بيهي نچڻ لڳي. ميري ميڪرز  جي ميمبرن مان هڪڙو گٽار وارو نوجوان اڳتي وڌيو ۽ان ڇوڪريءَ  جي آمهون سامهون بيهي گٽار وڄائي، بوٽ جون کڙيون فرش سان هڻي نچڻ لڳو. ڇوڪريءَ  جو سارو بدن پاري وانگر ٿي ٿڙڪيو، سندس سنَڌ سنَڌ، انگ انگ، ڪنهن ازلي اڃ کان بيتاب ٿي ٿي ڦٿڪيو ۽ لڇيو. اهو جسم جي انڌي خواهشن جهڙو انڌو ناچ هو. ساز جي لئي سان جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت جو اگهاڙو اظهار هو. ڏسڻ وارا ساز  ۽ ناچ جي لئي تي مست ٿي تاڙيون وڄائي رهيا هئا. ٻن چئن نوجوانن بي خود ٿي هڪ ئي آواز سان چيٽ ڪئي Yeh…. ساز عروج تي پهچي يڪدم بند ٿي ويا. ڄڻ ڪنهن تنتن کي رٻڙ وانگر ڇڪي ڇڏي ڏنو. سڀيئي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ نوجوان ڇوڪري سهڪندي، کلندي ٽهڪڙا ڏيندي پريان چنبيلي ۽ رتن جوت جي ٻاري وٽ بيٺل ساهيڙين سان ملي. سڀئي هڪ زبان ٿي هن جي تعريف ڪرڻ لڳيون.

 

مسٽر صديقيءَ، مسز جعفريءَ جي ويجهو اچي چيو:

”مڃڻو پوندو ته سنڌي موسيقيءَ ۾ وڏو فورس آهي.“

”مون کي ته سنڌي راڳڻيءَ کي انگريزي سازن تي تيز لئي سان ٻڌي ائين لڳو، ڄڻ اوهان سنڌ جي ڳوٺ جي ڪنهن نياڻيءَ کي بڪني (انگي ۽ ڪڇو) پارائي بينچ تي بيهاريو آهي.“

”بٽ اٽ از ماڊرنٽي اِن آرٽ.“

”او يس، وئي آل سفر فرام ماڊرنٽي ڊزيز.“

 

مسٽر صديقيءَ پنهنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هن سان بحث ڪرڻ چاهيو، پر هوءَ سندس ڳالهه ٻڌڻ کان سواءِ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي اڳتي وڌي وئي. سامهون بيرو ٽري کڻي ٿي آيو. بيري هن جي اڳيان مؤدبانه انداز سان ٽري جهلي، هن خالي گلاس ٽري ۾ رکيو ۽ جن جو گلاس کڻي ان ۾ ليمي جون ٻه ڦاڪون، سوڍا ۽ برف ملائي، هوءَ اڳتي وڌي ۽ سڀني کان پاسيري ٿي، پريان ڪنڊ وٽ بيٺل اڪيلي، گلاب جي ڀر ۾ ڪرسي وجهي ويهي رهي. هر طرف اچ وڃ، هلڪا هلڪا آواز، هلڪا هلڪا ٽهڪڙا، خوشبويون، موسيقيءَ جا هلڪا، نرم ۽ مڌم سُرَ. مهمان گلاس هٿن ۾ جهلي ٽولن ۾ بيٺا هئا. هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ خالي هال ۾ اڪيلي ويٺي آهي ۽ هن جي اڳيان شهر جي سافسٽيڪيٽيڊ سوسائٽي پنهنجي طبقي جي وفادارين جو ڊرامو کيڏي رهي آهي. سڀئي اداڪار ميڪ اپ ۾ آهن.  سڀني کي ڪاسٽيومز پاتل آهن ۽ سڀئي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪري رهيا آهن. پس منظر ۾ لڳل سيٽ تي نهايت بدصورت ۽ ڀوائتيون تصويرون چٽيل آهن. ڪارخانن جون دونهون اوڳاڇيندڙ چمنيون، پورهئي ۾ پاه ٿيل پورهيتن جا هشام، بيمار، پيلا ۽ مرڻينگ چهرا کڻي، بسن جو انتظار ڪندڙ ڪلارڪن  جا هجوم، پريشان حال شاعر، اديب، فنڪار ۽ سياسي ڪارڪن. فوٽ پاٿن تي اَڪڙيل لاوارث لاش، اونداها گهر، اونداها خواب، اونداهيون حسرتون، تمنائون ۽ ارمان. نيونسائينز جي روشنيءَ ۾ ڪنهن کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. ٽهڪڙن ۽ سازن جي آوازن ۾ ڪنهن کي ڪو سُڏڪو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. سڀني کي جلادن وارا ٽوپ پاتل آهن. سڀني جي هٿن ۾ ڀالا آهن ۽ سڀئي پنهنجي پنهنجي شڪار جي چوڌاري هنبوڇيون ٿا هڻن. ليسن، واڻڪيون ملڪيتون، الاٽمينٽ ڪليم، بليڪ مارڪيٽ،رشوت، ڪامورا شاهي. سڀئي پنهنجي پارٽ سان وفادار آهن. هوءَ به پنهنجي خوابن ۽ آدرشن جا ويس وڳا لاهي، نوان ڪاسٽيومز پائي پنهنجو پارٽ ادا ڪري رهي آهي. اسٽيج جون روشنيون ۽ تماشائين  جون نظرون هن تي کتل آهن.  جي هن پنهنجو پارٽ چڱيءَ طرح ادا نه ڪيو ته سڀ تماشائي هن کي هونگ ڪندا. هوٽنگ جو ڊپ، پبلڪ اوپينئن جو ڊپ. پنهنجو پاڻ سان بي وفائي، خوابن ۽ آدرشن سان بي وفائي.

هن هٿ وڌائي گلاب جو گل پٽيو ۽ اونهون ساه کڻي گل سنگهيائين، هن کي محسوس ٿيو ڄڻ، هن جو سارو وجود گلاب جي هٻڪار سان واسجي ويو. گلاب جي اداس اداس خوشبوءِ هن جي دل کي وڌيڪ اُداس ڪري ڇڏيو. اداسي هن جي روح جو روڳ هئي، اداس مرڪ، اداس ٽهڪ، زندگيءَ جي رڳن مان اداسي ائين ٿي ٽمي، جيئن ڦٽ مان رت ٽمندو آهي. آخر هوءَ اداس ڇو هئي. هن وٽ ڪهڙي شيءِ جي ڪمي هئي.  زندگي هن تي مهربان هئي. هوءَ سي. ايس. پي جي زال هئي. سندس مڙس ڊي. سي هو بنگلا ڪارون، نوڪر چاڪر، شاهاڻو دٻدٻو، فنڪشنز، مينا بازار، ڪلچرل شوز، اوپننگ سيريمنز. زندگي ڪيتري نه مصروف هئي. هن کي ٻه ٻار هئا،جن کي ڪرسچئن آيا پاليندي هئي ۽ هن عمر ۾ ئي لس انگريزي ڳالهائيندا هئا. هن کي پيڪن جو به ڪو ڏک نه هو. سندس ماءُ جنت ۾ آرامي ٿي هئي. سندس ڀاءُ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ  جي فرم جو مالڪ هو. امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ بيورو جو نئون چيئرمن آيو هو، جيڪو هن جي مڙس جميل جعفريءَ جو دوست هو. هن جي ڀاءُ امپورٽ جو نئون ليسن وٺڻ لاءِ سندس مڙس جي معرفت چيئرمين جي پارٽي ڪئي هئي، شهر جي ساري سافسٽيڪيٽڊ  سوسائٽي گڏ ٿي هئي ۽ هوءَ اڪيلي گلاب جي ڀرسان ويهي، ان زينب کي ڳولي رهي هئي، جيڪا ان سوسائٽيءَ ۾ وڃائجي وئي هئي، جنهن پنهنجي رئي جي پلاند سان سارنگ جي سيني ۾ اجهامندڙ اميد ۽ عزم جي ڏيئي کي اوٽ ڏني هئي، جنهن پنهنجي وجود جو رشتو هن ڌرتيءَ سان ڳنڍيو هو ۽ جنهن هڪڙي خواب، هڪڙي آدرش جي پرورش ڪئي هئي ته هوءَ سارنگ سان گڏ ڪم ڪندي، زندگيءَ جي حسن ۾ واڌارو ڪندي، پيار ۽ محبت جون ڏياٽيون جلائيندي ۽ انهن ڏياٽين  جي ٽمڪي تي ڏکويلن جا قافلا پرهه جي واٽ سڃاڻي لنگهندا. پر هوءَ ته پاڻ واٽ وڃائي ويٺي ۽ سارنگ سالن کان جيل ۾ ٿي سڙيو؟ ٻڌو آهي سارنگ کي سلهه ٿي پيئي آهي. سلهه جي آخري اسٽيج ۾ آهي، موت جي ويجهو آهي. موت! ڪيڏو نه ڀوائتو لفظ ! ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي مري به جيئندا آهن،  پنهنجي خوابن ۾ پنهنجي آدرشن ۾، پنهنجي گيتن ۽ بيتن ۾ ۽ ڪيترا انسان آهن، جيڪي جيئري ئي مري ويندا آهن، جيئرا جاڳندا مڙدا هوندا آهن، سندن مکيل چکيل لاش اندر ئي اندر سڙندا ۽ ڳرندا آهن. هوءَ به جيئرو لاش هئي. هن پاڻ ئي پاڻ کي ماريو هو ۽ پاڻ ئي پنهنجي مئيت  تي ماتم ٿي ڪيائين. هن گلاس چپن تي رکيو ۽ ڳيت سان اڌ گلاس خالي ڪري ڇڏيائين.

(ياد جي وير چڙهي)  هڪ ڏينهن هن چيو هو: ’زيبي، پاڪستان منهنجو خواب هو، مون سمجهيو هو ته پاڪستان ٿيندو ته ڇوريون ڇرڻ سکنديون ۽ ڏکيون ڏِکَ ويهنديون. پر پاڪستان ته لٽ جو مال آهي، جنهن کي هرڪو ٿو لٽي. ڍونڍ آهي، جنهن کي هر ڪو ٿو ڳجهن وانگر پٽي. اِن لُٽ ۽ پَٽَ ۾ هر ڪنهن کي تڪڙ آهي ته اڄ جيترو ٿي سگهي، لُٽي وٺون. سڀاڻي وارو ملندو الائجي نه، ڇا ان پاڪستان لاءِ ئي مون خواب ڏٺا هئا. علي جعفر خواب ڏٺا هئا، هندستان جي ڪروڙين مسلمانن خواب ڏٺا هئا. هن ننڍڙي کنڊ جي مسلمانن سان ويساه گهاتي ٿي آهي. هنن کي پاڪستان جا ڪوڙا خواب ڏيکاري ساڻن دوکو ڪيو ويو آهي. سياستدانن جو پلٿي بازيون، ڪامورا شاهيءَ جا راڱان، سرمائيداريءَ جا جاوا، ڏاڍي جي ڏاڍائي ۽ هيڻي سان هاڃا! هي پاڪستان ته ڪوڙ جو ڪوٽ آهي، ٺڳيءَ جو ٺاه آهي. جيڪو ڪوڙ جي ان ڪوٽ ۽ ٺڳيءَ جي ٺاهه کي ڊاهي پورهيتن جي پاڪستان جا خواب ٿو ڏسي، تنهن کي غدار، وطن دشمن، غير ملڪي ايجنٽ سڏي جيلن ۾ وڌو ٿو وڃي، ان ڪري جو ٺڳيءَ جا ٺيڪيدار پورهيتن جي پاڪستان کان ڊڄن ٿا.

 

’زيبي، مان چوانءِ ٿو ته زمين جي جنهن ٽڪري تي بيٺي آهين، تنهن سان پنهنجي وجود جو ناتو جوڙ. اوهان مهاجرن سان سڀ کان وڏي ڏاڍائي اها ٿي آهي جو اوهان کان زمين کسي وئي آهي. اوهان جي پيرن هيٺان ڀوري ۽ کُهري ڌرتي ڪانهين ۽ اوهان هوا ۾ لڙڪيل آهيو، اهو ئي سبب آهي جو مهاجر ڌرتيءَ کان ڊڄي ٿو. تون ڪنهن مهاجر کي چئه ته سنڌي آهين، ته يڪدم چوندو ته نه مان پاڪستاني آهيان. مان پاڪستان ۾ سنڌي ٿيڻ نه، پر پاڪستاني ٿيڻ آيو هوس.  اهو ڌرتيءَ جو ڊپ آهي، ڌرتيءَ مان پئدا ٿيل ڪلچر جو ڊپ آهي. هن کي ڊپ آهي، ته جي هن ان ڌرتيءَ تي پير رکيو ته ان ڌرتيءَ جو ڪلچر کيس  ڳهي ويندو ۽ هن جي ڪلچر جو وجود ختم ٿي ويندو. ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ته پاڪستان آسمان تي ته ڪونهين. پاڪستان ته ڌرتيءَ جي ان ٽڪري جو نالو آهي، جتي مهاجر جو گهر آهي، جتي سندس ٻار اسڪول ۾ ٿو وڃي ۽ ڌرتيءَ جي ان ٽڪري جو نالو سنڌ آهي.

 

سارنگ جي معرفت ئي مون پنهنجي وجود جو رشتو هن ڌرتيءَ سان جوڙيو هو ۽ مون کي محسوس ٿيو هو ته مان ئي اها ٻاگهي آهيان، جنهن لاءِ دودي سِر ڏنو هو. مان ئي پرهه ڦٽي پرڀات جو، ڪاڪَ جو ڪنول چونڊيندڙ مومل آهيان. منهنجي ئي لوئيءَ جي لڄ کي شاه سائينءَ پنهنجي سر مارئيءَ ۾ ڳاتو. مون ئي نوڙت ۽ نياز سان سنڌ جي سلطان ڄام تماچي جو من موهيو. اڄ جو ڄام تماچي سارنگ هو ۽ مان سراپا نياز نوري هيس. هن جي هستي ڦهلجي منهنجي وجود تي ائين پکڙجي وئي هئي، جيئن ڌرتيءَ تي آسمان پکڙيل هوندو آهي ۽ منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ايترائي فاصلا هئا، جيترا ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ آهن. قربتن جون دوريون ۽ دورين جون قربتون!محبت جي اها به ڪهڙي نه عجيب صورت آهي. مون پنهنجي وجود جي سموري سچائي ۽ روح جي گهرائيءَ سان هن سان پيار ڪيو. دل جي ديول ۾ هن جي عبادت ڪئي. پر هن منهنجي پيار ۽ پوڄا جي موٽ نه ڏني، هن مون کي پنهنجي مقصد جي منزل جي همسفر کان وڌيڪ ڪجهه نه سمجهيو. ائين الائجي ڇو ٿو ٿئي، جو جنهن سان پيار ٿو ڪجي، سو پيار نٿو ڏي، ۽ جيڪو پيار ٿو ڏي، تنهن سان پيار ڪري نٿو سگهجي. مون سارنگ سان پيار ڪيو، پر سارنگ مون کي پيار نه ڏنو، جميل مون کي پيار ڏنو، پر مان هن سان پيار ڪري نه سگهيس.

 

جميل منهنجو ڏورانهون مائٽ هو ۽ اسان کان گهڻو پوءِ هندستان مان لڏي آيو هو. سمجهيو هئائين ته پاڪستان ويندس ته وڏي نوڪري ملندي، پاڪستان ۾ وڏي نوڪري ته ڪانه مليس، ڌڪا ٿاٻا کائي هڪڙي پرائيويٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو، جتي پنج سو رپين جي رسيد تي صحيح ڪري، اڍائي سو رپيا پگهار وٺندو هو. زندگيءَ جي مسلسل ناڪامين ۽ محرومين هن جي سڀاءُ ۾ ڪوڙاڻ ڀري ڇڏي هئي. ڳالهه ڳالهه تي ٽوڪزني، نفرت، طبيعت حد کان وڌيڪ حساس. سارنگ ۽ عليءَ سان بحث ڪندو ته ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو. سندس لفظ لفظ زهر ڀريو هوندو، آخر ڪاوڙجي هليو ويندو ٻه ٻه ڏينهن نه ملندو ۽ پوءِ محبوب مرڪ مرڪندو موٽي ايندو. پنهنجو پاڻ کي انتها پسند انقلابي چوندو هو. سارنگ سان صفا ڪانه پيس.سارنگ کي رجعت پسند سنڌي نيشنلسٽ سڏيندو هو. سارنگ هو به پڪو نيشنلسٽ. چوندو هو:

”ساري ڌرتي منهنجو ديس آهي، پر سنڌ سان ته منهنجي جند آهي. سنڌ سان وڏا ويل وهيا آهن. سنڌ هميشہ گل ڏنا آهن ۽ موٽ ۾ گاريون ۽ گوليون کاڌيون اٿن. بي گهرن کي اجهو ڏنو اٿن ۽ پاڻ انهن ئي جي هٿان بي گهر ٿيا آهن. سامراجيت قوم پرستيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ سنڌي قوم پرستي سنڌ ۾ قائم ٿيل غير سنڌين جي ثقافتي ۽ معاشي سامراجيت  جي پئداوار آهي. سنڌين جي ٽئڪسن سان ٺهيل بئراجن جون زمينون قومي ملڪيت آهن ۽ انهن تي سنڌين کان سواءِ سڀني پاڪستانين جو حق آهي. پر سنڌ جو شاه لطيف، پاڪستان جو قومي شاعر نه آهي. سنڌ جي ٻولي پاڪستان جي قومي ٻولي نه آهي ثقافتي سامراجي چون ٿا ته اسان سنڌين کي تهذيب سيکاري، معاشي سامراجي چون ٿا ته اسان سنڌين کي پوک جو هنر سيکاريو. جنهن قوم جو تهذيبي پس منظر هزارين سالن جي وسعتن تي پکڙيل آهي، جنهن سنڌوءَ جي ڪنارن تي آرين  ويد لکيا ۽ يوناني عرب عالمن تاريخ ۽ جاگرافي جا ڪتاب لکيا ۽ جنهن سنڌوءَ  جي ڪنارن تي تهذيب جون شمعون روشن ڪري، تاريڪ صدين کي روشن ڪرڻ واري قوم کي، پاڪستان کان پوءِ تهذيب سيکاري پئي وڃي.  جنهن سنڌ جي زرخيزيءَ جي تعريف ۾ ديوتائن گيت ڳاتا، ان زمين تي رهڻ وارن کي پاڪستان کان پوءِ پوک جو هنر  سيکاريو پيو وڃي.

 

سنڌي مسلمان هڪڙي تمام وڏي اليوئن مان ٻاهر آيو آهي. اهو اليوئن آهي پاڪستان جو اليوئن. مذهب جو اليوئن. پاڪستان کان اڳ سنڌي مسلمان هندن جي ڀيٽ ۾ معاشي طرح غير محفوظ هو. هن سمجهيو ته پاڪستان ٺهندو ته هن کي معاشي تحفظ ملندو. پاڪستان ٺهيو ته شهرن جون جايون، واپار، ڪارخانا، زمينون نوڪريون سڀ مهاجرن کي مليون. يعني سنڌ جو معاشي استحصال ته ساڳيو رهيو، رڳو استحصال ڪندڙ هٿ بدليا، نالا بدليا. پهرين هو ڄيٺامل هو، هينئر هو ڪريم الدين آهي ۽ سنڌي مسلمان ائين ئي پاڪستان کان اڳ واري حالت ۾ ڳوٺن ۾ رهي، شهرن ۾ رهندڙ استحصالي قوتن لاءِ اَن ۽ کاڌ خوراڪ مهيا ڪندو ٿو رهي. ٻيو ته ٺهيو، پر حُرن، جن آزاديءَ لاءِ پنهجون جانيون ۽ گهر گهاٽ قربان ڪيا، تن کي پاڪستان کان پوءِ ڇا مليو. مکي ٻيلو، جيڪو حرن جي جدوجهد جو مرڪز هو ۽ جتي حرن پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي هئي، پاڪستان کان پوءِ ان ٻيلي کي وڍي اتان جون زمينون انهن سابق فوجين کي ڏنيون ويون، جن انگريزن کي سلوٽ ڪري حرن تي گوليون هلايون هيون. هندن سنڌي مسلمان کي مسلمان سمجهي لٽيو ۽ غير سنڌي مسلمان هن کي سنڌي سمجهي لٽي رهيو آهي. هندن رڳو سنڌيءَ کي معاشي طرح لٽيو، پر غير سنڌي مسلمان هن کي ثقافتي طرح به لٽي رهيو آهي. هندن سنڌين جي ٻوليءَ ۾ گيت لکيا پر غير سنڌي مسلمان، سنڌيءَ کي پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻولي ڳالهائڻ جي ’ڏوه‘ ۾ گوليون هنيون. هندو شاه لطيف ۽ سچل جي رسالن جو گيتا وانگر پاٺ ڪندا هئا، پر غير سنڌي مسلمانن شاه ۽ سچل جي رسالن کي باهيون ڏنيون ۽ اڄ سنڌي مسلمانن کي خبر پئي آهي ته مذهب جو ناتو ماڻهوءَ کي ماڻهو سان نٿو ڳنڍي، پر ثقافت جو ناتو، ٻوليءَ جو ناتو ۽ معاشي ناتو، ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان ڳنڍي ٿو.

 

سارنگ جون ڳالهيون ٻڌي، جميل مڇرجي ويندو هو ۽ خار مان چوندو هو ته:

”تون انقلابي نه آهين، رجعت پسند قوم پرست آهين.“

جميل جي ڳالهه ٻڌي سارنگ مرڪڻ لڳندو هو. هڪ دفعي سارنگ جميل لاءِ چيو هو ته: ڪي نوجوان انقلاب کي پنهنجي محرومين جو انتقام سمجهي پنهنجو ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هنن لاءِ انقلاب دهشت پسندي ۽ رتوڇاڻ جو نالو آهي. اهي ئي نوجوان جڏهين محرومين مان نڪري زندگيءَ ۾ ڪو وڏو مقام ماڻيندا آهن، ته سڀ کان وڏي استحصالي قوت بڻجي ويندا آهن. اسان لاءِ انقلاب اهو پرين آهي، جيڪو نت سوجهرو آهي، نسورو پيار آهي، جنهن جي سونهن ڏسي، سورج شاخون جهڪيون ڪندو ۽ ڀونءِ بسم الله چوندي. چوندا آهن ته سيوهڻ ۾ اڃا جڏهن قلندر نه آيو هو، تڏهن هڪ فقير آيو، جنهن جو نالو بودلو بهار هو. هو سيوهڻ جون گهٽيون صاف ڪندو هو ۽ چوندو هو ته: منهنجو پرين هن واٽ تان ايندو، هن راهه تان لنگهندو. اسين به بودلا بهار آهيون ۽ رستا ٿا صاف ڪريون ته اسان جو پرين هن واٽ تان ايندو، هن راهه تان لنگهندو.

 

جميل لاءِ سارنگ سچ چيو هو. محرومين ۽ ناڪامين ئي جميل کي انقلابي بڻايو هو. پر ڪڏهن به هن عملي طرح، ڪنهن به ڪم ۾ حصو نه ورتو. هن زندگيءَ جي محرومين کان انتقام وٺڻ لاءِ زندگيءَ ۾ وڏو مقام ماڻڻ ٿي چاهيو. هن ڪوشش ڪري سي. ايس. پي جو امتحان پاس ڪيو ۽ سارنگ ڪڏهين جيل ۾ ٿي رهيو، ته ڪڏهن روپوش ٿي رهيو.

هڪڙي ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي سارنگ لاءِ سئيٽر اُڻي رهي هيس. ڏاڍو اداس ڏينهن هو، ريڊيو تي اداس گيت ٿي وڳو ۽ هوائن ۾ اداسي ٿي سر سرائي. امان ٻئي ڪمري ۾ ويٺي دؤر ڪري رهي هئي. ايتري ۾ سارنگ ڪمري ۾ گهڙي آيو. وڌيل ڏاڙهي، اڻڀا ۽ پريشان وار، اکين ۾ اوجاڳا، منهن تي پيلاڻ ۽ ٿڪل ٿڪل اداسي. تن ڏينهن ۾ هو روپوش هو. اچڻ سان آرام ڪرسيءَ ۾ آهلي پيو، چيائين:

’ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. اڃا ته قسمت ۾ ٿَڪ ئي ٿَڪ آهي. منزل الائجي ڪڏهين ملندي، پر اسين ته رڳا پيشرو آهيون. منزل ته اسان جا پيرا کڻي اچڻ وارن کي ملندي. تيسين اسين فنا ٿي چڪا هونداسين. پر اسين ڪڏهين فنا نه ٿينداسين، اسين پنهنجي پٺيان اچڻ وارن راهروئن جي مرڪ ۾ سدا زنده رهنداسين.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org