بوعليءَ ارادو ڪيو ته هو سنڌ ويندو. سنڌي سکندو. سنڌيءَ جي علمي
ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ڪندو. عربن جي دؤر حڪومت
جي علمي تاريخ لکندو. سنڌي عالمن جي عربي ۾ لکيل
ڪتابن جا قديم مسودا ڳوليندو. ديبل، نيرون ڪوٽ،
بهمن آباد، المنصوره ۽ اروڙ گهمندو ۽ پوءِ هو ابن
رشد جي اندلس ويندو. عبدالرحمان جو اشبيله ۽ قرطبه
ڏسندو.
هڪڙي ڏينهن هو جهاز تي چڙهيو ۽ سنڌ روانو ٿي ويو. لاهري بندر تي
لٿو. لاهري تمام وڏو بندر هو. بندر ۽ سمنڊ جي وچ ۾
هڪڙو ڳوٺ هو، جنهن کي سون مياڻي ٿي سڏيائون. بندر
تي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪارو
منڊل ۽ چين جا جهاز بيٺا هئا، جن تي واپار جو
سامان چاڙهيو ۽ لاٿو ٿي ويو. شهر ڏاڍو شاهوڪار هو.
شهرکي چؤڌاري شهر پناهه ڏنل هئي ۽ هر هڪ گهر جي
مٿان منگهه هئا.
سنڌو ڏٺائين ته دجله ياد پيس. تاتارين بغداد کي لٽيو: بغداد جا
ڪتب خانا ۽ مدرسا ساڙيائون. دجله ۾ پاڻيءَ جي
بدران انساني رت وهڻ لڳو. شايد سنڌ کي به ڪن
تاتارين لٽيو هوندو. سنڌ جا ڪتب خانا ۽ مدرسا سڙيا
هوندا ۽ سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ بدران رت وهيو هوندو.
دنيا جي هر هڪ درياه جو هڪ داستان آهي!
لاهري بندر کان هو ديبل بندر ويو. ديبل هينئر ڦٽي ويو هو. زلزلو
آيو هو ۽ ديبل ۾ ڏيڍ لک ماڻهو مئا هئا. جنهن شهر ۾
ڏيڍ لک ماڻهو رهندا هوندا سو شهر به ته ڪو شهر
هوندو! هينئر هر طرف کنڊر هئا. اجڙيل مسجدون ۽
مندر. اتان هو ڪلياڻ ڪوٽ ويو ۽ پوءِ ٺٽي ۽ نيرون
ڪوٽ کان ٿيندو روپاه ۾ آيو ۽ سارنگ سان سڃاڻپ ٿيس.
سارنگ نيرون جو رهڻ وارو هو. ڪڏهن نيرون جو شهر تمام وڏو شهر
هو. ٽڪريءَ تي ڪوٽ ٺهيل هو. ديبل مان ايندڙ قافلا
نيرون ۾ ڊاٻو ڪندا هئا. نيرون جي لاهين چاڙهين تي
ٻڌ ڀڪشو، هندو جوڳي ۽ وڏن جبن وارا عرب سياح،
تاريخ نويس ۽ جاگرافيدان گهمندا هئا. پوءِ منصوره
ٺهيو ۽ نيرون جي عظمت ختم ٿي وئي. پر هينئر به
درياه جي ڪنارن سان ۽ درياه جي ڦاٽن سان وڏا وڏا
ٻيلا هئا جن ۾ جوڳي ۽ ڀڪشو مڪتيءَ جي تلاش ۾
ڀتڪندا هئا گنجي ٽڪر تي ڪاليءَ جو مندر هو، جتي
نانگا ۽ سنياسي رهندا هئا. درياه تي ميلا لڳندا
هئا. درياه پنٿي هندو اچي گڏ ٿيندا هئا. بيل
گاڏيون، پالڪيون، ڇڪڙا، اٺن جا قافلا، جانجهه،
يڪتارا، چپڙيون، عورتون اٽي جا ڏيئا ٺاهي، سندور ۽
گل ڦل هڻي، چومکو ڏيئوٻاري ’بحرانو‘ ڏينديون
هيون. ساري رات درياه ۾ ٻيڙيون ترنديون هيون هر
هڪ ٻيڙيءَ مان سازن جا آواز پيا ايندا هئا.
سارنگ برهمڻ هو. هن کي به ٻين برهمڻن وانگر پنجويهن سالن تائين
برهمچاري ٿي گروءَ جي آشرم ۾ علم پرائڻو هو. تنهن
کان پوءِشادي ڪري گهر وسائڻو هو ۽ پنجاهه سالن جي
ڄمار ۾ گهر گهاٽ اولاد جي حوالي ڪري، ويس وڳا
لاهي، محل ماڙيون ڇڏي، جهوپڙيءَ ۾ رهي سنياس لاءِ
تيار ٿيڻو هو، ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جهنگ برَ
گهمي، مڪتي ماڻڻي هئي. سارنگ ننڍي ڄمار ۾ ئي جڻيو
پائي گروءَ جي آشرم ۾ داخل ٿيو. آشرم ۾ گروءَ کان
وديا ورتائين. پنڊت ماڻڪ کان موسيقيءَ جي سکيا
ورتائين ۽ سرندو وڄائڻ شروع ڪيائين. مسلمانن سان
بحث ڪرڻ لاءِ سنڌي پڙهيو. مسلمان مبلغن سان مناظرا
ڪيائين. پنهنجي ڌرم کي بچائڻ ۽ مسلمان ٿي ويل هندن
کي شڌي ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکيائين. پر خرقه پوش صوفي
هئا، جن جي گودڙيءَ ۾ الائجي ڪهڙا لعل هئا، جو
ماڻهن جا هشام هنن جي پٺيان هئا.
پڙهي پڙهي ٿڪجي پوندو هو ته سرندو وڄائڻ لڳندو هو. پر هن کي
پنهنجي سرندي جا سُرَ ساڻا ۽ ويڳاڻا لڳندا هئا. ڄڻ
هن جي سرندي جي سُرن کي ڪنهن جي تلاش هئي. ڄڻ هن
جي روح ۾ ڪا راڳڻي هئي جنهن جي اظهار کان سرندي
جون تندون عاجز هيون.
هڪڙي پورنماسيءَ جي رات سنڌوءَ جي ڪناري ميلو لڳو. هو به پنهنجن
ٻين وديارٿي ساٿين سان ميلي تي ويو. چنڊ هميشہ هن
کي اوجاڳا ڏنا هئا ۽ چانڊاڻ هن کان ننڊ کسي هئي.
ان رات به چنڊ هن کان ننڊ کسي ورتي ۽ هو سرندو کڻي
درياه جي ڪپر تي اچي ويٺو ۽ سرندو وڄائڻ لڳو.
چانڊاڻ، سانت، سنڌو ۽ سرندي جا سُر. اوچتو هن کي
تنهائي جو احساس ٿيو. ڄڻ هو برپٽ ۾ بيٺو هو ۽
چؤڌاري ويراني ۽ اڪيلائي هئي ۽ سرندي جا سر هن جي
تنهائي جو پڙلاءَ هئا. اوچتو تنهائي جهونگارڻ لڳي
۽ هن جي ڪن تي پازيب جي ڇم ڇم جو آواز پيو. هن
اکيون کوليون. سامهون سفيد شال اوڍي هڪڙي عورت
بيٺي هئي. ڊگهو قد، ماسيرو ۽ تراشيل بدن، وڏيون
ڏيون اکيون جن تي ڳورا ڳورا ڇپر ڇانوَ ڪيو بيٺا
هئا. ڊگهيون پنبڻيون. وريل ڀرون ۽ چنڊ جهڙو چهرو.
سفيد لباس ۾ هن جو چهرو ائين ٿي لڳو، ڄڻ چنڊ سفيد
بادل جي چادر اوڍي ڌرتيءَ تي لهي آيو هجي. ڄڻ
سنڌوءَ مان ڪا جَل پري نڪري آئي هجي. شايد هوءَ
سونهن ۽ ڌن جي ديوي لڪشمي هئي، جنهن لاءِ هن ڀڳوت
پران ۾ پڙهيو هو ته:
”هٿن ۾ ڪنول گلن جو اهو هار جهلي، جنهن تي مڌ مکيون ٿي اڏاڻيون،
لڪشميءَ پنهنجو مکڙو موڙيو. سندس چپن تي هلڪي
لڄاري مرڪ ڏاڍي سونهاري ٿي لڳي. ڳلن تي ڪنن جي
والين جي اولڙي ٿي جڳ مڳ ڪئي. هن جا ٻئي اُره هڪ
جيترا هئا ۽ سيندور جي ٻوري سان ڍڪيل هئا. هن جي
چيلهه ايتري ته سنهي هئي جو نظر ئي نٿي آئي. هن
جڏهن وک ٿي کنئي ته سندس پيرن جي پازيبن ڇن ڇن ٿي
ڪئي. هن جو سارو جسم ڪنهن سنهري ول وانگر هو.“
هن جي سونهن ۽ سوڀيا ته لڪشمي ديويءَ واري هئي، پر هوءَ پاڻ علم
۽ موسيقي جي ديوي سرسوتي هئي جيڪا هن جي اڻ پوري
علم ۽ اڻ پوري فن کي تڪميل ڏيڻ لاءِ هن وٽ آئي
هئي. هن جي سرندي جا سُرَ ان ديويءَ جي درشن لاءِ
ئي ويڳاڻا هئا. اها ديوي ئي هن جي روح جي راڳڻي
هئي، جنهن جي اظهار کان هن جي سرندي جون تندون
عاجز هيون، ۽ اڄ هن جي روح جي راڳڻي، هن جي سرندي
جا سر سرسوتي ديويءَ جي روپ ۾ هن جي سامهون بيٺا
هئا. هن سرندو پاسيرو ڪري رکيو ۽ هٿ ٻڌي سرسوتيءَ
جي اڳيان ڪنڌ نوايائين.
”ديوي، منهنجا سُرَ ڪوجها آهن ۽ منهنجي ڏات جون ڏياٽيون
اُجهاڻيل.منهنجي سرن کي سونهن ۽ منهنجي ڏات کي
روشني ڏي ديوي.“
سارنگ جي ڳالهه ٻڌي هوءَ مرڪڻ لڳي. هن جي مرڪ ڪيتري نه ڏک ڀري
هئي.
”جيڪا پاڻ روشنيءَ جي ڪرڻي لاءِ ڀٽڪندي ٿي وتي، تنهن کان روشني
ٿو گهرين.“
”علم روشني آهي. سنگيت سهائي آهي ۽ تون روشني ۽ سهائي جي ديوي
آهين.“
سارنگ جي ڳالهه ٻڌي هوءَ وري مرڪڻ لڳي ۽ وري هن جي مرڪ مان لڙڪ
ليئا پائڻ لڳا.
”خبر اٿئي ته مان ڪير آهيان؟“
”اها ديوي، جنهن جا ساهه سر آهن، ۽ جنهن جي اُرهن جو اُهاءُ علم
آهي.“
”تون ڪير آهين؟“
”تنهنجو ڳولاؤ، تنهنجو پوڄاري.“
”مون کي ڳولڻ ڏکيو نه آهي. مان نيرون ۾ رهندي آهيان ۽ نيرون جا
سڀئي ماڻهو مون کي سڃاڻين. ڪنهن کان به سنڌو
نچڻيءَ جو پڇندين ته منهنجي گهر جو ڏس ڏيندءِ.“
سنڌو نچڻي! ته ڇا هوءَ سرسوتي ديوي نه پر سنڌو نچڻي هئي. پاپڻ ۽
وئشيا! جنهن مرڪ سان ڪيترن ملوڪن کي ماريو هو.
جنهن ماڻي سان مرڪندڙ گهر ويران ڪيا هئا. جنهن جي
سونهن جي مَنڊ ۾ هن جو هڪڙو وديارٿي ساٿي ماڻڪ
منڊجي پيو هو، ۽ پوءِ گرو آشرم کي ڇڏي، انگ ڀڀوت
ڪري، گنجي ٽڪر تي ڪاليءَ جي مندر ۾ وڃي ويٺو هو.
پر نه، هوءَ سنڌو نچڻي ٿي نٿي سگهي. سونهن ڪڏهن به
پاپ ڪري نٿي سگهي. هوءَ سرسوتي ديوي هئي، جيڪا هن
جي ڪوجهن سرن کي سونهن ۽ هن جي ڏات جي اُجهاڻيل
ڏياٽين کي روشني ڏيڻ آئي هئي.
”هاڻي ته خبر پيئه، ته جنهن کي تو ديوي ٿي سڏيو، سا پاپڻ وئشيا
آهي.“
”سونهن پاپ ڪري نٿي سگهي. تون وئشيا ۽ پاپڻ ٿي نٿي سگهين.“
”يقين نٿو اچيئي، ته منهنجي گهر اچي اکين سان ڏسجانءِ ته مان
ڪير آهيان. مان تنهنجو انتظار ڪنديس.“
ائين چئي هوءَ پنهنجا پازيب ڇمڪائيندي هلي وئي ۽ سارنگ هن کي
ويندو ڏسندو رهيو. ان رات هن جهٽ پلڪ لاءِ به اک
نه ٻوٽي. ساري رات بت بڻجي سنڌوءَ کي وهندو ڏسندو
رهيو. سنڌو ساگر سان ملڻ لاءِ ڪيترو نه بيتاب هو.
هن جو ساگر ڪير هو؟ سنڌو! هن جو ساگر سنڌو هئي ۽
هن جي ساهه جو سنڌو پنهنجي ساگر سان ملڻ لاءِ
ڪيترو نه بيتاب هو. پر سنڌو ته وئشيا هئي، نچڻي
هئي ۽ هو آتم جاتي برهمڻ هو. وديارٿي هو. هن کي
پنهنجي وديا ۽ گيان تي وڏو مان هو. پر اڄ هن کي
پنهنجي اتم جاتي، پنهنجو گيان ۽ مانُ سنڌوءَ جي
سونهن آڏو تڇ ٿي لڳو. هن هڪڙي يوناني ڏاهي جو قول
پڙهيو هو، ته سونهن نيڪي آهي. جي سونهن نيڪي آهي
ته پوءِ سونهارو ماڻهو پاپي ڪيئن ٿي سگهي ٿو. سنڌو
وئشيا نه، پر سرسوتي ديوي هئي، جنهن رشين کان ويد
لکرايا. ڪاليداس کان شڪنتلا، هرش کان رتناولي ۽
والميڪ کان رامائڻ لکرائي. هن جو سرندو، هن جي
سرندي جا سر سنڌوءَ کي ئي ڳولي رهيا هئا. سنڌوءَ
جي لهر لهر ٿي سنڌو سنڌو چيو، پنَ پنَ مان سنڌوءَ
جا پڙلاءَ ٿي آيا. سنڌو! سنڌو!
ان رات کان پوءِ سارنگ جي اکين کان ننڊ رُسي وئي ۽ سرندي کان
سر. اندر ۾ باهه ڀڙڪي پيس، جنهن باهه ۾ سارو جنسار
پڄري رهيو هو. باهه جيڪا اگني ديوي هئي.
اي اگني، تنهنجا ٽي روپ آهن. هن ڌرتيءَ تي تون باهه ٿي ڀڙڪا ڏين
ٿي. وچ آسمان ۾ تون وڄَ بڻجي چمڪاٽ ڪرين ٿي ۽
مٿاهين آسمان ۾ تون سج بڻجي چمڪين ٿي....
اي اگني تنهنجو هڪڙو ٻيو روپ به آهي، سارنگ جي سيني ۾ تون محبت
جو مچ بڻجي ٻرين ٿي، جنهن مچَ ۾ ساري هستي پڄرڻ
لڳي ٿي، دل پڄري ٿي، اکيون پڄرن ٿيون، ساهه ۽
احساس پڄرن ٿا.
سارنگ به باهه جي اُلي وانگر ڀڙڪو ڏيئي اٿيو ۽ سنڌوءَ سان وڃي
مليو. سنڌو پنهنجي وارن سان هن جي پيرن تان مٽي
اگهي. ڪنول جي پنکڙن سان هن جي پيشاني تان پگهر
اگهيو. لوبان ۽ اگر ٻاريو. سنڌُ سنڌُ سينگاريو.
سارنگ مڌ پي سرندو ڇيڙيو ۽ هوءَ نچڻ لڳي. اڄ
ديوتائون سوم رس پي نئين سر ڪائنات جي تخليق ڪري
رهيا هئا، جنهن ڪائنات ۾ ڪو ڏک نه هو، ڪو پاپ نه
هو. ڪو پڃ نه هو، ڪا ذات پات نه هئي. جنهن ۾ صرف
سنڌو هئي، سرهاڻ هئي، چانڊاڻ هئي، مڌ هئي، سرندي
جا سر هئا، نيرو نيرو آسمان هو ۽ انڊلٺ جا رنگ ۽
ونگ هئا.
هاڻي روز سارنگ رات جو سنڌو وٽ ويندو هو. روز مڌ پي سرندو
وڄائيندو هو ۽ سنڌو نچندي هئي. ڪير نچڻي آهي ۽ ڪير
نچائڻ وارو؟ ڀرٿري هري چيو هو ته: هي دنيا رنگ
ڀومي
*
آهي ۽ اسين سڀ ويس ڌاريِ. ڏوهه
نه وئشيا جو آهي ۽ نه برهمڻ جو. پر ڏوهه ته ان
ليکڪ جو آهي جنهن زندگيءَ جو هي بي معنيٰ ناٽڪ
لکيو آهي ۽ جنهن ناٽڪ ۾ سارنگ اوچي جاتي واري
برهمڻ جو ۽ سنڌو وئشيا جي ويس ڌاري آهي. پر اوچي
جاتي وارا برهمڻ سارنگ جي ڳالهه سمجهي نه سگهيا.
ڳالهه ڦاٽ کاڌو ۽ ممڻ مچي پيو. تڏهين سارنگ کي خبر
پئي ته اگنيءَ جو هڪڙو ٻيو روپ به آهي ۽ اهو آهي
لوڪ!
سارنگ کي ماءُ پوتي لاهي پيرن ۾ رکي ۽ پيءُ پڳ، ته وئشيا سان
نينهن جو ناتو ڳنڍي ڌرم کي ڀرشٽ نه ڪر. پر هو سڀ
بند ڀڃي،لوڪ لتاڙي، سنڌو وٽ وڃي پهتو. پر سنڌو
ڪانه هئي. هن کي برهمڻ وديارٿيءَ سان پيار ڪرڻ جي
ڏوهه ۾ شهر نيڪالي ڏني وئي هئي ۽ هوءَ نيرون ڇڏي
الائجي ڪيڏانهن هلي وئي هئي.
سنڌو! سارنگ سڏ ڪيو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. سنڌو، سنڌو! ڌرتي ۽
آڪاس پڪاريو. سنڌو، سنڌو! ٿرن ۽ برن اونايون. هن
جا پير پٿون ٿيا. انگ ڀڀوت ٿيو.جٽاؤن وڌي ويس. پر
سنڌو نه ملي، شانتي نه ملي. سنڌو کي ڳوليندو
ڳوليندو هو پارينگر ۾ جين ڌرم جي مندرن ۾ وڃي
پهتو. سنڌو ڪٿي آهي، شانتي ڪٿي آهي. جينيءَ چيو:
سهڻا اعمال ئي سنڌو آهن، شانتي آهن، خدا آهن. تنهنجا گذريل
اعمال تنهنجي موجوده زندگيءَ جو بنياد آهن ۽
تنهنجي موجوده زندگيءَ جي اعمالن مان مستقبل وجود
۾ ايندو. گهڙي جيڪا موجود آهي، تنهن ۾ ڪيل عمل
آئيندي جي زندگيءَ جو تعين ڪندو، ان ڪري عمل ئي
خدا آهي، شانتي آهي، سنڌو آهي.
ٻڌ ڀڪشوءَ چيو:
عمل خواهشن مان جنم وٺي ٿو ۽ خواهش رغبت مان جنم وٺي آهي. رغبت
جي فنا خواهش جي فنا آهي. خواهش جي فنا عمل جي فنا
آهي، ۽ عمل جي فنا ڏک ۽ رنج جي فنا آهي.....
زندگيءَ جي پهرين حقيقت ڏک ۽ رنج آهي. زندگي جيڪا
هيتري پياري آهي، تنهن ۾ غم دوامي آهي، ۽ خوشي اهو
پکي، جيڪو جهٽ پَلڪ لاءِ وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي،
لات لنوين،اڏامي ٿو وڃي. پئدائش جي تڪليف. ننڍپڻ
جي بيوسي، جواني جي ديوانگيءَ جي مصيبت. عيال داري
۽ ٻڍائپ جا رنج ۽ آخرڪار موت جي آفت. اهي آهن
زندگيءَ جي ڪتاب جا ورق! سهڻو چهرو ۽ ڊگهو قد ڏاڍو
وڻندڙ آهي. نازڪ ۽ ڳاڙهن چپن جي چمي ڏاڍي مٺي آهي.
پر جڏهن اهو وڻندڙ چهرو ۽ ڊگهو قد، نازڪ ڳاڙها چپ
مِٽي ۽ ڪنئين جي خوراڪ ٿي ويندا آهن تڏهين دل کي
ڪيڏو نه صدمو رسندو آهي. هي ڌرتي ڏاڍي سهڻي آهي ۽
ڌرتيءَ جا نظارا ڏاڍا وڻندر آهن. پر ان ڌرتيءَ تي
رهڻ وارا هڪ ٻئي جي رت جا اُڃا آهن ۽ هنن باغن کي
بي گناهن جي رت جو ريج مليل آهي. جيتوڻيڪ آسمان
نيرو آهي، پر اُڃي جي سُڪل چپن وانگر فرياد ٿو
ڪري. سچ چوندا آهن ته نئون ڄاول ٻار جڏهين دنيا ۾
ايندو آهي ته رئندو آهي.....
حواس ۽ خواهشون آرزوئن جي آڳ جلائيندا آهن ۽ ان آڳ ۾ شهوت ۽
لالچ جا شعلا بلند ٿيندا آهن. تنهنجو ڏک ۽ رنج
تنهنجو پنهنجو پئدا ڪيل آهي. زندگي ۽ موت لاءِ تو
کي ڪير به مجبور نٿو ڪري. تنهنجي اعمالن مان ئي سڀ
ڪجهه ٿئي ٿو.“
مسلمان صوفيءَ پڇيس:
ڪهڙي سنڌو. ڪهڙو پرين؟ پرين ته تون پاڻ آهين ۽ پاڻ کي ئي
ڳوليندو ٿو وتين. پره پرينءَ جي پيشاني آهي. شفق
هن جي ڳلن جو اهاءُ. پرينءَ جو ساه سُرَ آهن.”ڪُن“
جا پڙلاءَ آهن. چوڌاري چڙا ٿا ٻرن. پنهنجو پاڻ ۾
پيهي روح ۾ ريهاڻ ڪر ته نانهن ۾ ناٿ ۽ لا ۾ الله
نظر ايندءِ .....
هن پنهنجي خواهشن جي آڳ اُجهائي. روح ۾ ريهاڻ ڪئي. نانهن ۾ ناٿ
ڳوليائين، پر هن کي شانتي نه ملي. جينيءَ چيو هو
ته اعمال ئي خدا آهن، شانتي آهن، سنڌو آهن. زندگي
اعمالن جو مجموعو آهي. زندگي ئي خدا آهي، زندگي ئي
سنڌو آهي، زندگي ئي شانتي آهي. هن سُرندو سنڀاليو
۽ زندگيءَ ۾ موٽي آيو. روپاه ۾ اچي سومري سلطان جي
ڪتب خاني جو سنڀاليندڙ ٿيو. ڪتاب لکيائين. سرندي
تي پنهنجا سُورَ ڳايائين ۽ تمام وڏو سنگيتڪار ٿي
ويو ۽ اڄ هن جي بوعليءَ سان ملاقات ٿي هئي.
سارنگ هن کي سومري سلطان جي درٻار ۾ وٺي ويو. تڏهين سومرو سلطان
شمس الدين راءِ ڀونگر سنڌ جو سلطان هو. سلطان جون
به ساڳيون سنڌين واريون عقابي اکيون هيون ۽ چهري
تي ٻاجهه ٿي ٻهه ٻهه ڪئي. جلال ۽ جمال جو حسين
امتزاج!
درٻار ۾ ئي شهزادي چنيسر ۽ دودي سان مليو. ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾
ڏاڍو پيار هو. ٻئي عالم، شاعر ۽ تلوار جا ڌڻي هئا.
دودي جهڙو جوڌو ته هند سنڌ ۾ نه هو. ترڻ، تير هڻڻ
۽ نيزي بازيءَ ۾ ڪو سندس ثاني نه هو. ڊگهو قد، رُڪ
جهڙو بدن، ڀنڀي ڏاڙهي، چيلهه تائين ڊگها وار ۽ ڪنن
۾ ڪيوٽيون. شاعرن عالمن پنڊت ۽ حڪيم سندس مصاحب
هئا. هو ڀاڳو ڀانَ سان به مليو جيڪو سومرن جي مهما
ڳائيندو هو. سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي
ملڻ شروع ٿي هئي ۽ پهريون دفعو سنڌي زبان جي
شاعرن، چارڻن ۽ ڀانن کي درٻار ۾ رتبا مليا هئا.
سومري سلطان هن جي وڏي عزت افزائي ڪئي. کيس مهمانيءَ ۾ سوني
سروپاءِ، مشڪي گهوڙو ۽ سوني هٿئي واري تلوار ڏني ۽
پنهنجو سارو ڪتب خانو هن جي حوالي ڪري کيس شاهي
مهمان خاني ۾ رهايائين. سارنگ هن کي ڪتب خاني ۾
وٺي ويو. ايڏو وڏو ڪتب خانو هن بغداد ۽ نيشاپور ۾
به نه ڏٺو هو. ڪتابن جي هڪڙي دنيا آباد هئي ۽
هينئر هن کي ان دنيا جي سياحت ڪرڻي هئي. هن ڪتابن
جي دنيا جي سياحت شروع ڪئي. ان دنيا ۾ هن کي گمنام
عرب عالم مليا جن سنڌي سکي هئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب
لکيا هئائون. اسماعيلي خرقه پوش داعي مليا جن سنڌي
۽ گجراتيءَ ۾ ڪتاب لکيا، اسلامي عقيدن کي مقامي
رنگ ڏيئي ديون ديوتائن جي تمثيلن سان پنهنجي عقيدن
جو پرچار ڪيو. ست گرنور، پير شمس، اسماعيل، پير
صدر الدين ٻارگر جا سنڌي گنان:
ڪيڙيون اڏائين گڏ ماڙيون، تين تي ڪيڙا رکائين چٽ
نيهي نيندءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مٽ
سڻ وڻجارا هويار! من هرئڙو ٿو جهولي.
انهن گنانن مان هن کي سنڌ جي مٽيءَ جي هٻڪار آئي. هن سوچيو ته
هو به سنڌي سکندو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکندو. پوءِ هو
سارنگ سان گڏ سنڌ جي سياحت تي نڪتو ۽ ماڻهن سان
مليو. عرب تهذيب ۽ سنڌي تهذيب جي ميلاپ سان هڪڙي
نئين تهذيب جنم ورتو هو. سنڌين جا هندن وانگر وڏا
وار، ڪنن ۾ والا، پير ڇهڻ، ڳالهائڻ مهل هٿ ٻڌڻ ۽
عربن وانگر سيني تي هٿ رکڻ. ساڳيا عربن وارا ڊگها
ڊگها حال احوال. وچ ۾ مچ ٻاريو ويندو هو، داستان
گو داستان ٻڌائيندا هئا ۽ ٻه ماڻهو داستادن جي
ڪيفيت ۽ مزاج جي اظهار لاءِ نڙ وڄائيندا هئا.
مسلمان جوڳي انگ ڀڀوت ڪري هندو جوڳين سان برن ۾
ڀٽڪندا هئا. ڇير پائي، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائي
نچندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جا ساڳيا پِيرَ هئا.
مزارن ۽ مقبرن مورتين جي جاءِ والاري هئي ۽ سيدن
برهمڻن جي. ساڳي عربستان وارا ميدان، کجين جا
جهنگ، اٺن جا قافلا، ۽ حدي خوانن جا گيت.
سنڌوءَ جي ڪري ساري سنڌ سبز پوش هئي. هن کي هڪڙي حديث ياد اچي
وئي ته : جنت مان چار درياه نڪرن ٿا. نيل، فرات،
جيحون ۽ سيحون(سنڌو).
هو سنڌ جا اڳوڻا عظيم شهر گهميو. بهمن آباد، جنهن کي ايران جي
بادشاهه بهمن اَردشير ٻَڌايو. المنصوره، جنهن جو
بنياد محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن محمد بن قاسم
وڌو. شهر مهراڻ جي ڪپ تي هو ۽ دمشق جي نموني تي
ٺهيل هو. شهر کي چار دروازا هئا. باب الحر، باب
طوران، باب سندان ۽ باب ملتان. هينئر منصوره ڦٽي
ويو هو ۽ هر طرف کنڊ هئا. پوءِ هو اروڙ ويو. اروڙ!
سنڌ جو بغداد! جنهن لاءِ علي ڪوفيءَ لکيو هو ته:
’قسمين قسمين ماڙين،چراگاهن، گلن، باغن، حوضن، نهرين، باغيچن ۽
گلڪارين سان سينگاريل هڪ وڏو شهر.‘
جتي ويهي ڏاهر اڌ هندوستان تي حڪومت ڪندو هو. درياه رخ مٽايو ۽
سنڌ جو هي بغداد اجڙي ويو. هينئر شهر پناهه ۾ ڏار
پئجي ويا هئا، پر اڃا اُتي انبن، ليمن ۽ نارنگين
جا باغ هئا. کجين جا جهنگ هئا ۽ مدرسا هئا. سامهون
درياه جو سڪل پيٽ هو، جنهن جي ڪناري تي عرب فوجن
خيما کوڙيا هئا. سامهون اهو ميدان هو، جتي سنڌين ۽
عربن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي. گهوڙن جون هڻڪارون،
هاٿين جون رڙيون، ماڻهن جون دانهون.
جنگ ۾ فتح ٿيندي آهي يا هار ۽ هر فتح يا هار تاريخ جو موڙ ٿيندي
آهي. تاريخ سنڌوءَ وانگر رخ مٽائيندي آهي. اروڙ
اجڙندو آهي ته المنصوره ٺهندو آهي. هن کي نه محمد
بن قاسم جي فتح جي خوشي هئي نه ڏاهر جي هار جو ڏک.
هن کي صرف ان ڳالهه جي خوشي هئي ته سنڌي عالمن
بغداد ۾ علم جون شمعون روشن ڪيون. يونان جي
فيلسوفيءَ جا پڙلاءَ سنڌ ۾ ٻڌڻ ۾ آيا ۽ سنڌ جي
ڏاهپ جا پڙلاءَ بغداد ۽ اندلس ۾ ٻڌڻ ۾ آيا. اروڙ
جي راجا جي دعوت تي هڪڙي عراقي عالم سنڌي زبان ۾
قرآن جو ترجمو ۽ تفسير لکيو. سنڌي پهرين ڌاري ٻولي
هئي. جنهن ۾ قران جو ترجمو ۽ تفسير لکيو ويو. سنڌي
عالمن مها ڀارت جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. خرقه پوش
عالم گودڙين ۾ ڪتاب لڪائي سنڌ ۾ آيا. عربن ڪاغذ
ٺاهڻ جو فن چين کان سکي سنڌين کي سيکاريو. علم جي
ڏي وٺ، خيالن جي ڏي وٺ، تهذيب جي ڏي وٺ. اها ئي
تاريخ هئي ۽ جڏهين سنڌ ان ذهني، تهذيبي ۽ تاريخي
انقلاب مان لنگهي رهي هئي، تڏهن سارو هندوستان ان
پراڻي پيچري تي هلي رهيو هو. تاريخ ڪجهه وٺي ٿي ته
ڏي به ٿي. سنڌ جي مڙهين مان پڙاڏا اچڻ لڳا.
’برهما ئي ذات حقيقي آهي. ان کان سواءِ جو ڪجهه به حواسن جي
معرفت نظر اچي ٿو سو سڀ مايا آهي، اوديا (جُهل)
آهي. انسان جي آتما ۽ برهم اصل ۾ هڪ آهن. آتما
مايا جي ڄار ۾ ڦاسي پنهنجي اصل کي وساري ويهندي
آهي. علم، عمل ۽ عشق سان مايا جا پردا چاڪ ٿي
ويندا آهن ۽ آتما پنهنجي اصل مصدر ڏانهن موٽي
ويندي آهي. اها ئي آتما جي مڪتي آهي.‘
هينئر سڪندريه جي خانقاهن، الڪندي، اخوان الصفا، فارابي ۽ ابن
سينا جي ڪتابن مان آواز اچڻ لڳا:
’ذاتِ احد آفتاب وانگر آهي، جنهن جون شعاعون هر هڪ شيءِ کي روشن
ڪن ٿيون. ذاتِ احد مان پهريون صدور عقلِ ڪل جو
ٿيو. عقلِ ڪل مان نفسِ ڪل صادر ٿيو، جيڪو سڀني
نفسن جو ماخذ آهي. سڀ کان هيٺ ماده آهي، جيڪو
تاريڪي آهي. جنهن تائين آفتاب حقيقي جون شعاعون نه
پهتيون آهن. انساني روح ماده جي تاريڪي ۽ جُهل ۾
اسير ٿي پنهنجي مصدرِ اول کان دور ٿي ويندو آهي ۽
ان ۾ ٻيهر جذب ٿيڻ جي آرزو هن کي هميشه بيچين
رکندي آهي. فڪر، مراقبي ۽ استغراق سان روح کي مادي
جي اسيريءَ مان نجات ڏياري سگهجي ٿي.‘
مڪتي، نجات، سڏ ۽ پڙاڏا!
بوعلي سنڌي سکيو ۽ سارنگ کان سرندو به سکيائين. پهرين اوندهه ۾
ٿي هٿوراڙيون ڏنائين، پر پوءِ آڱرين ۾ روشني اچي
ويس ۽ ان روشنيءَ ۾ هن ۾ سُرن کي سڃاڻڻ جي ساڃهه
اچي وئي. هاڻي هو لکڻ پڙهڻ مان واندو ٿيندو هو ته
دل وندرائڻ لاءِ سرندو وڄائڻ لڳندو هو. سرندي جا
سُرَ هن کي اداس ڪري ڇڏيندا هئا. جهنگ ۾ جڏهين مور
جو آواز ٻڌندو هو. شام جو آسمان ۾ سج کي لهندو،
شفق کي ٽڙندو ۽ ابابيلن کي اُڏامندو ڏسندو هو. صبح
جي هلڪي سوجهري ۾ سنڌوءَ ۾ سڙهن کي ڦڙڪندو ڏسندو
هو، تڏهين هن جي دل اداس ٿي ويندي هئي. هن جي دل
اُداس ڇو آهي. هن جي روح کي ڇا جي تلاش آهي. شايد
هن جو روح مادي جي تاريڪيءَ ۾ ڦاسي پنهنجي مصدرِ
اول کي ڳولي رهيو آهي. ان ذاتِ احد کي جيڪو آفتاب
وانگر روشن آهي ۽ جنهن جون شعاعون هر شيءَ کي روشن
ڪن ٿيون. جي ذاتِ احد آفتاب وانگر روشن آهي ته
پوءِ مادو تاريڪ ڇو آهي. مادو جيڪو سرندو آهي.
سارنگ آهي. سنڌو آهي ۽ سونهن آهي.
بوعلي روز صبح جو سارنگ سان گڏ سنڌوءَ جو سير ڪرڻ ويندو هو.
سارنگ سرندو وڄائيندو هو ۽ هو ماٺ ڪري ويهي ٻڌندو
هو. درياه جي تڙ تي هندو عورتون سج جي پوڄا ڪنديون
هيون. هو مسلمان هو ۽ هن جي سامي ذهن هڪ خدا کان
سواءِ ٻين سڀني خدائن جي نفي ڪئي هئي. پر هتي وک
وک تي ڪانه ڪا ديوي ۽ ڪو نه ڪو ديوتا هو، جنهن جي
هندو پوڄا ڪندا هئا. هن کي اهو ديوين ۽ ديوتائن
وارو مذهب ڏاڍو پراسرار لڳندو هو. هن هندومت تي
عربيءَ ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو. مندرن مان گهنڊن ۽
جهانجهن جا آواز ايندا هئا ته هو مسحور ٿي ويندو
آهي. هي ڪهڙو مذهب آهي، جنهن ۾ موسيقي عبادت آهي!
ڪيترا دفعا هن جي دل چيو ته هو مندرن ۾ وڃي هندن
جي پوڄا پاٺ جا طور طريقا ڏسي. پر هو مسلمان هو ۽
شايد هن کي ڀڳوان جي مندر جي چانئٺ ٽپڻ جي اجازت
نه هئي.
|