سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :5

بوعليءَ جو قلم لکندي لکندي بيهي رهيو. سارنگ جا هٿ سُرندو وڄائيندي وڄائيندي رڪجي ويا. هڪڙي تيرٿ وٽان پڄارڻ ڪنڌ ڦيري روپاه ڏانهن نهاريو. آسمان ۾ رئي ٿي اڏاڻي. علاؤالدين ترم شيرين تاتاري جا گهوڙا رئي اڏائيندا، مينهن واءُ ڪندا، سنڌ جي سيني کي سُنبن سان گهائيندا، ڪاهيندا ٿي آيا.

 

جنگ جو نغارو وڳو هر جو ڦر تکو ڪندڙ هٿ ڪهاڙيون تکيون ڪرڻ لڳا. ڍڳي گاڏيءَ جون سرايون ۽ ٻيڙين جا ونجهه گهڙيندڙ هٿ ڪهاڙين جا ڳن گهڙڻ لڳا ۽ گهر آئي کي هٿ ٻڌي آجيان چوڻ وارا سنڌي تلوارون کڻي ميدان ۾ ٽپي پيا.

صلح جون ڪوششون ٿيون. ٻنهي طرفن کان سفارتون آيون ۽ ويون، پر جنگ جي باه ڀڙڪي پئي. سنڌي سر جو سانگو لاهي ميدان ۾ ٽپي پيا. سارنگ سرندو اڇلائي تلوار کنئين. بوعلي قلم اڇلائي تلوار ڏانهن وڌيو، پر هٽڪي بيهي رهيو. هو ڪنهن کي مارڻ لاءِ تلوار ٿو کڻي! هن جو دشمن ڪير آهي. هيءَ سنڌين ۽ تاتارين جي جنگ هئي ۽ هو عرب هو. هن جا سنڌي به دوست هئا، ته تاتاري به. هن جو ان جنگ سان ڇا. هو ته عالم هو، سياح هو ۽ هن جو ڪو دشمن نه هو. هو هتان ڪتاب کڻي بغداد هليو ويندو. پر هن جو بغداد ته سنڌ هئي. هن سنڌ سان درد جو رشتو ڳنڍيو هو ۽ هن جي وجود جو پيوند هن ديس جي ڌرتيءَ سان لڳو هو. هن جي وجود مان پاڙون ڦٽيون هيون ۽ هن ديس جي ڌرتيءَ ۾ پيهي ويون هيون. هيٺ. تمام هيٺ. محمد بن قاسم جي فتح جي به هن پار. هو ئي اهو ماڻڪ سنڌي هو، جنهن بغداد ۾ وڃي مهاڀارت جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هو ئي اهو عراقي عالم هو، جنهن اروڙ جي راجا جي دعوت تي قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ تفسير لکيو هو.

اوچتو هن کي ڪتب خاني ۾ روحن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. سڀني عالمن جا روح پنهنجي پنهنجي ڪتاب جي قبر مان نڪري آيا هئا ۽ هن جي سامهون بيٺا هئا. اوهين ڪير آهيو؟

مان پنڊت ڏاهر آهيان. مون بغداد وڃي عربيءَ ۾ طب جا ڪتاب لکيا.

مان ڪلپ راءِ السندي آهيان. مون ’برهمپت سڌانت‘  جوعربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ عرب جي علمي دنيا ۾ انقلاب آندو.

مان ابو العطا السندي آهيان. مون عربيءَ ۾ شاعري ڪئي.

مان ڪشاجم آهيان. مون سنڌوءَ جي بدران حلب جي ندي فويق جو قصيدو لکيو. مان عربيءَ جي غزل جي شاعرن جو امام آهيان.

مان بوعلي السندي آهيان. مون بايزيد بسطاميءَ کي تصوف جا راز سمجهايا.

اسان کي تاريخ جي اُٿل پٿل سنڌ مان عربستان وٺي وئي ۽ اسان پنهنجي وجود جو پيوند عربستان جي ڌرتيءَ  سان لڳايو.

تون ڪير آهين؟

مان سارنگ برهمڻ آهيان. مان سنهري وارن وارو آريو آهيان. مون پنهنجي رٿ جي ڦيٿن سان سنڌ جي سائن ٻنين کي لتاڙيو. منهنجا ڪانَ ڪڙڪڙ ڪندا سنڌين جي ڪکن ۾ لڳا، ۽ پوءِ مون سنڌ جي عظمت جا گيت ڳايا.

 

مان سنڌي آهيان. مان السندي آهيان. مان السندي آهيان. مان السندي آهيان. مان السندي آهيان.

 

مان به السندي آهيان. بوعليءَ دانهن ڪئي. سٽ ڏيئي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيائين ۽ ڊوڙندو اچي گهوڙي تي چڙهيو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو جنگ جي ميدان ۾ ڪاهي پيو.

 

پوءِ باه لڳي ۽ سنڌ سڙي. سارنگ ۽ بوعلي سڙيا. ڪتب خانا ۽ مدرسا سڙيا. سوسيون، کٿا ۽ کيس سڙيا. هاڻي ڪير سوسيون، کٿا ۽ کيس اُڻندو، ڪير گيت لکندو!؟

 

 

 

چٽ ڀڳي ته سارنگ شڪارپور جي تياري ڪئي.

سارو آڙهڙ سج باه وسائي وسائي هينئر ساڻو ٿي پيو هو. ڏينهن مڙيا هئا ۽ راتيون ٿڌيون ٿيون هيون. سارنگ جو ڳوٺ شڪارپور کان پنج ڪوه پري هو. شڪارپور اناج جي منڊي هئي، اَن لهندو هو ته پسگردائيءَ جي ڳوٺن مان اَن جون گاڏيون ۽ اُٺ ڀرجي شڪارپور ايندا هئا. هڪڙي ڏينهن سارنگ به گهوڙي تي سنج وڌا ۽ وڏي ڀاءُ کان موڪلائي، بيل گاڏين ۽ اُٺن جي قافلي سان آڌيءَ رات  جو شڪارپور روانو ٿيو. اونداهي، سانتيڪي ۽ ڀنل رات، بيل گاڏين جا چيچاٽ، اُٺن جي چڙن جا آواز. آسمان ۾ ٽمڪندڙ ٽيڙو ۽ ڪتيون، رات جا جهومرَ ۽ جهومڪ، پنڙا ۽ ڦليون! هڪڙي گاڏر ڪن تي هٿ رکي راڻو ڳائڻ شروع ڪيو.

 

آءٌ راڻا ره رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان.

گاڏر کان ڪو راڻو وڇڙيو هو ۽ هو مومل بڻجي پنهنجي راڻل کي ياد ڪري رهيو هو. هن جي آوا ۾ ڪيڏو نه درد هو! گاڏر جي درد، هن جي محروميءَ جي درد کي وڌائي ڇڏيو. هن جو ته ڪو راڻو نه هو، جنهن کي هو به مومل بڻجي پنهنجي راڻل کي ياد ڪري رهيو هو. هن جي آواز ۾ ڪيڏو نه درد هو! گاڏر جي درد هن جي محرومي جي درد کي وڌائي ڇڏيو. هن جو ته ڪو راڻو نه هو، جنهن کي به هو مومل بڻجي ياد ڪري. هن کان ڪا به مومل نه وڇڙي هئي، پوءِ مومل جي وڇوڙي جا ورلاپ ڇو هن جو هانءُ ڪوري رهيا هئا. اهو گاڏر ڪيترو نه خوش قسمت هو، جو هن کي زندگيءَ ۾ مومل جي محبت ملي هئي ۽ ڪنهن راڻي جي رهاڻ جون ريکاؤن سندس روح تي چٽيل هيون ۽ اڄ هو انهن ريکائن تان وقت جي دزَ هٽائي، مومل بڻجي، پنهنجي راڻي کي ياد ڪري رهيو هو.

 

آءُ راڻا ره رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان.

سارنگ فارسيءَ جو شاعر هو. هن پنهنجي محروميءَ جي درد کي فارسي غزلن ۾ اوتيو هو. پر اڄ هن کي محسوس ٿيو ته هو گونگو هو، هن جا جذبا گونگا هئا، هن جو درد گونگو هو. اڄ شاه جي ڪافيءَ ۾ هن جو درد ڳالهائي رهيو هو، هن جا جذبا ڳالهائي رهيا هئا. اڄ پهريون دفعو هن کي سنڌي شاعريءَ، مان پنهنجي غمن جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو. هن سوچيو: ڌاري ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري هن هيل تائين رڳو ڪوڙ ڪمايو هو. سنڌ جي برن ۾ ڪٿان آيا گلِ لاله ۽ مرد افگن محبوب. هتي ته رڳا پڪا ۽ پيرون آهن، سرَ ۽ سونهن آهي. سسئي آهي، جيڪا برن ۾ پنهنجي پنهونءَ جا پيرا پڇائيندي ٿي وتي. ڏهاڳ جي ماريل مومل، پنهنجي راڻي جي چانگي کي چندن چارڻ لاءِ چري آهي. فارسيءَ جي غزل واري بهار جي بدران هتي اونهاري جي باه، جهولا ۽ ٻوسٽ آهن. سارو ڏينهن سج باه پيو وسائيندو، رات ٿيندي ته گهُٽ ٻوسٽ، مڇر، ڪُتِ. مڇر مارڻ لاءِ دونهيون دکنديون، ماڻهو لڱي اگهاڙا، انگوڇا ٻڌي، وڃڻا هڻي، ڏکڻ هير کي پيا سڏڙا ڪندا:

آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مَنهنِ جي پيهي،

ڏکڻ آيو ڇير سان، گهوڙو ٻڌائين ٻير سان، ڳالهه ڪيائين ڀاءُ سان، ماني کاڌائين زال سان.

ساريون ۽ سَر پچندا، سَر جي ڪاني تي ڪڻڇي ويهندي، ڪانو ڀڄندو، تڏهن چٽ ڀڄندي ۽ پوءِ وڃي ٿڌڪار ٿيندي. پرائي ٻولي، پرائا جذبا، نسورو ڪوڙ!

گاڏر ڪافي پوري ڪئي، ٻئي گاڏر رڙ ڪيس.

”يار جوڙا ٿي وڃن.“ گاڏر وري ٻي ڪافي شروع ڪئي. ڪافيءَ کان اڳ ڏوهيڙو ڏنائين:

اکين کي آءٌ، جان ڪي جهلون پايان

لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، ساجن سوٺيائون

مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيون.

گاڏر جو آواز ڪاتيءَ وانگر هن جو اندر ڪپڻ لڳو، هانءُ ڀرجي آيس. زندگي هن کي ڪي خاص سور نه ڏنا هئا. زميندار جو پٽ هو،نوڪر،چاڪر،زندگيءَ جون سڀ سهولتون ميسر هئيس. هانءَ ۾ رڳو هڪڙو ڦٽ هئس، محروميءَ جو ڦٽ! جيڪو اڄ گاڏر جي آواز سان چيهون ڪري چڪي پيو هو. ننڍو ئي هو جو ماءُ مري ويس ۽ هو زندگيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو. هن کي پنهنجي ماءُ جو موت چٽيءَ طرح ياد هو. ماڻس گهڻي وقت کان بيمار هئي. هڪڙي ڏينهن هو مولويءَ وٽان پڙهي گهر آيو ته ماڻس کٽ تي بي سَتي سُتي پيئي هئي. ساري بت مان ساه نڪري نڙيءَ ۾ اچي اٽڪيو هيس، موت ۽ حياتيءَ جي جنگ جوٽيل هئي. ڀيڻس ماءُ جي پيرانديءَ کان ويٺي هئي ۽ ماءُ جي پيرن ۾ منهن وجهي روئي رهي هئي. هو رئندو رڙندو ڀيڻ جي ڀر م اچي ويٺو ۽ ماءُ جي پيلن ۽ ٿڌن پيرن کي چنبڙي، اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. ڀيڻس ٻانهن ورائي کيس ڳراٽڙي پاتي ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي.

”ڀائڙا، امڙ اسان کان رُسي ٿي وڃيئي. تون ڪو پرچائينس. من تنهنجو چيو مڃي.“

اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪڙو خيال آيو، هو ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ڊوڙندو مسيت ۾ وڃي قرآن ڪڇ ۾ کڻي، روئي روئي الله کي قرآن جا واسطا ڏيئي، ماءُ جي حياتيءَ لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. دعا گهري ٿڪو، ته هانءَ هلڪو ٿي پيس ۽ پڪ ٿيس ته الله سندس ٻاڏائڻ ٻڌو هوندو. هينئر گهر ويندو ته ماڻس کٽ تان اُٿي، کيس ڇاتيءَ سان لائي، پيشاني تي مِٺي ڏيندي. پر هو گهر پهتو ته گهر ۾ ماتم متل هو. ماڻس مري وئي هئي. هن جي ننڍي ذهن ۾ الله جو تصور ماءُ پيءُ جهڙو هو، جيڪو ماءُ کان وڌيڪ مامتا ڏيندو هو ۽ پيءُ کان وڌيڪ آفتن کان بچائيندو هو. پر ان ڏينهن کان هن کي الله کان ڊپ ٿيڻ لڳو.

گاڏر ڪافي پوري ڪئي. سارنگ مهل جاچڻ لاءِ ستارن ڏانهن نهاريو. اوڀر وٽ وهاؤ تارو چمڪي رهيو هو..... صبح جو سوجهرو ٿيو ته هو شڪارپور پهتو.

شڪارپور جي ڀرسان شاهي رستو هو، جيڪو شڪارپور کان شروع ٿي، سليمان، هالار جبلن جي قطار جي آسان لڪن ۽ بولان لڪ سان لنگهي، ’قنڌار‘ ۽ ’مروِ‘ کان ٿيندو ترڪستان ۾ ختم ٿيندو هو. ان رستي تي واپاري قافلا هلندا هئا. رستي جي ڪناري مان ’قافلو قلعو‘ هو، جنهن ۾ ’سمر قند‘ بخارا ۽ قنڌار کان قافلا اچي منزل ڪندا هئا. رات جو قلعي جو دروازو بند ڪيو ويندو هو ۽ صبح جو تيستائين دروازو نه کلندو هو، جيستائين هر ڪو پنهنجو پنهنجو سامان جاچي ڏسي، ته ڪٿي ڪجهه کٽل ته ڪونهي. اڄ به قنڌار کان قافلو آيو هو. ساري شهر جا واپاري اچي مڙيا هئا. قافلي قلعي کان اڳڀرو کجين ۽ انبن جا باغ هئا. باغن کان اڳتي پٺاڻن جون ڳوٺ هو. اتان جا پٺاڻ ڪي جاگيردار هئا ۽ ڪي تراڙيون اگهاڙيون ڪري سمر قند ۽ بخارا ويندڙ قافلن جي اڳيان محافظ ٿي هلندا هئا.

سارنگ پنهنجي ننڍڙي قافلي کان موڪلايو ۽ شهر جو رخ رکيائين. کوه وٽ اچي، هن گهوڙو جهليو، گهوڙو وڻ سان ٻڌي، هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ کوه ڏانهن وڌيو. کوه تي چار پنج هندو عورتون بيٺيون پتل جون گهاگهريون ڀري رهيون هيون. اوپري ماڻهوءَ کي ڏسي عورتون ململ جي پوتين جا گهونگهٽ ڪڍيا ۽ هترجي پرڀرو ٿي بيٺيون. سارنگ ڏول ڀري عورتن جون گهاگهريون ڀريون. آخري عورت جي گهاگهريءَ ۾ پاڻي وجهڻ لڳو ته غير ارادي طور اکيون کڻي اُن عورت ڏانهن ڏ‎ٺائين. پنڌرهن سورهن سالن جي وهي، ململ جو اڌ گهونگهٽ مان نظر ايندڙ رنگ، جهڙو سياري جي اُس جو تڙڪو. نرڙ تي تلڪ، جهڙو وهائو تارو، جنهن هڪ نئين صبح جي بشارت ٿي ڏني. ڪاريون ڪاريون اکيون، جن سان هوءَ يڪ ٽڪ هن کي ڏسي رهي هئي. تارن جون تراڙيون اهڙيون ته منهن واريون لڳس، جو هوش ئي خطا ٿي ويس. ڏول جو پاڻي گهاگهريءَ جي بدران پٽ تي هارجي ويو. عورتون گهاگهريون چيلهه تي رکي هلي ويون ۽ هو ماٺ ڪيو هنن کي ڏسندو رهيو. اڳڀرو وڃي هن ڪنڌ ڦيري سارنگ ڏانهن نهاريو. کيس پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي يڪدم ڪنڌ ڦيري ڇڏيائين. سارنگ جي سيني ۾ خوشيءَ جي لهر ڪَر کنيون ۽ مرڪ بڻجي سندس چپن تي وڇائجي وئي. هن هٿ منهن ڌوتو، ڪلهي تان اجرڪ لاهي، هٿ منهن اگهي، ڪپڙا ڇنڊي، گهوڙي کي لغام کان وٺي شهر روانو ٿيو.

سارنگ شڪارپور ۾ تعليم پرائڻ آيو هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ مسيت جي مولويءَ کان پرائي هئائين. مولويءَ اندر ۾ علم جي اهڙي اُڃ اٿاريس جو سک ڦٽي پيس. مولويءَ وٽ جيڪو به علم هو، سو سڀ کيس سيکاريائين ۽ پوءِ صلاح ڏنائينس ته شڪارپور جي مدرسي ۾ وڃي تعليم پرائي. جوان ٿيو هو، پڻس مري ويو هو، وڏو ڀاڻس زمينون سنڀاليندو ۽ راڄ ۽ سرڪار جي بکيڙن کي منهن ڏيندو هو. ڀاڻس جي مرضي هئي ته هو زمينداريءَ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿئي، پر هن جو اندر اهڙو ته علم سان اٽڪيو، جو هن کان زمينداريءَ جا سڀ ڪم وسري ويا. ڀاڻس سوچيو ته شادي ڪرايانس، ته ڪا جوابداري محسوس ڪري. پر هو شاديءَ کان صفا پڙ ڪڍي بيٺو. آخر اَن جي گاڏي ڏيئي شڪارپور ۾ جاءِ ورتائين ۽ ڀاءُ کان موڪلائي شڪارپور هليو آيو.

 

شڪارپور چڱو وڏو شهر هو. داؤد پوٽن هي شهر اڏايو هو. ترڪستان ويندڙ شاهي رستي تي هجڻ ڪري هن شهر جلد ئي ترقي ڪئي. هتي وڏا وڏا هندو واپاري رهندا هئا، جن جون ڪوٺيون ۽ گماشتا قنڌار، سمرقند ۽ بخارا ۾ هئا. احمد شاه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌڙيءَ تي ڏن مڙهي شڪارپور کي ”دولتِ دُرانيه“ سان شامل ڪري ڇڏيائين ۽ شڪارپور ۾ ڪابل کان گورنر مقرر ٿيڻ لڳا. پٺاڻن جا قبيلا شڪارپور ۾ اچي رهيا ۽ سنڌڙيءَ جو پاڻي پيتائون ته وري واپس موٽڻ جي نه ڪيائون. هڪڙي نئين گڏيل تهذيب جنم ورتو. وري مدد خان لٽ ڪئي. پر شڪارپور بچي وئي، سنڌ ۾ گهرو لڙايون ٿيون ته به شڪارپور ڪو لوڏو نه آيو. هاڻي تازو ميرن شڪارپور تي قبضو ڪيو هو. پر هوڏانهن رنجيتسنگهه شڪارپور شهزاديءَ کي هٿ ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو. سنڌ جي سياست ڪهڙو به کڻي رخ اختيار ڪري، پر شڪارپور جا ماڻهو واهن تي ميلا لڳائيندا، هر موسم ۾ هندن يا مسلمانن جو ڪو ڏڻ يا ميلو ٿيندو، هندو مسلمان ٻئي شريڪ ٿيندا هئا. ٿڌڙي، ترموري، لال لوئي، عيدون، ڏياري، شِوَ جا پلا مرندا ته ساٽياڻيون پهريان پلا کڻي اينديون. آرائين موسم جا پهريان گل ۽ ڀاڄين جي پهرين وٽ کڻي ايندا، مجال آهي جو ڪو کين موٽائي. اصل قيمت کان ٻيڻا ٽيڻا پيسا ڏيڻا پوندا. شهر جي چوڌاري گلن ڦلن جا باغ هئا. شام ٿيندي ته ماڻهو رابيل جون ڪَنڊيون پاڻي باغن ۾ گهمڻ ويندا. ناچ کيج ٿيندا. سمرقند ۽ بخارا کان ڪو قافلو ايندو ته ميلا لڳي ويندا. ڪڏهن انهن قافلن سان ڪو عالم به ايندو، عالم کي مدرسي ۾ سڏايو ويندو، پوءِ ته ذهن جا طاق ويندا پٽبا.

سارنگ شڪارپور ۾ اچڻ سان دلڙي کسائي ويٺو هو. پهرين ڏينهن کوه تي ديدن ڌاڙا هڻي سندس ننڊ کسي ورتي هئي. ننڊ ۽ جاڳ ۾ به پيو خواب ڏسندو هو، ململ جي گهونگهٽ مان تڪيندڙ تارا، سياري جي تڙڪي جهڙو رنگ. هڪڙي ڏينهن گهمڻ لاءِ نڪتو ته رستي تي هندو عورتن جا ٽولا ڏٺائين. ننڍيون نيٽيون، کلنديون ٽڙنديون ٿي ويون، اُنهن ۾ هوءَ به هئي. هٿ ۾ پتل جي ٿالهي هيس، جنهن ۾ اَٽي جا ڏيئا ۽ ڌوپ ٿي ٻريو. هن پنهنجيون ڪٽارين جهڙيون ڪهندڙ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو. هو اُتي ئي منڊجي بيهي رهيو. مندر جي در وٽ پهچي وري ڪنڌ ڦيري هن ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ مرڪي، چيلهه کي موڙو ڏيئي مندر ۾ هلي ويئي. هن جي مرڪ سارنگ جي سيني ۾ باک بڻجي ڦُٽي، سک ڦِٽي ويس. روز شام ٿيندي ته هو هن جو دڳ اچي جهليندو، ديدون ڌاڙا هڻنديون، مرڪ جي باک ڦٽندي پر وري اها وڇوڙي جي ويري رات!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org