سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :8

 

 

ٻئي ڏينهن هو سارنگ سان هتي آيو. سارنگ هن کي مهاڻن کان تازو پلو پچرائي کارايو. ان ڏينهن ان ڇوڪريءَ کي ڏٺائين، هوءَ چوري چوري هن کي ڏسي رهي هئي ۽ ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري رهي هئي. هاڻي هو هر روز درياه جي ڪناري تي اچي ويهندو هو. درياه ۾ ٻيڙيون پيون اينديون وينديون هيون. مهاڻا مڇيون ماريندا ۽ ڪڏهين ڪڏهن ڪافيون ڳائيندا هئا. هو وجهه وٺي چور نگاهن سان هن کي ڏسي وٺندو هو. هوءَ به لڪي لڪي هن ڏانهن نهاريندي هئي. اکين کي به ڪهڙيون نه عجب جهڙيون عادتون آهن، ڪٿي ته ٿيون نينهن لائين. ڇا هو ساري ڄمار ائين دور دور کان هن کي ڏسندو رهندو. سونهن جي رُڃَ پٺيان رلندو رهندو. اهي دوريون ۽ مجبوريون ڪڏهن ختم نه ٿينديون ۽ هو ڪڏهن پنهنجو پرين ماڻي نه سگهندو. پر ڇا ماڻڻ ئي محبت جي منزل آهي. هن مهاڻي ڇوڪريءَ جي هڪڙي چور نگاه، هڪڙي ماڻي ڀري مرڪ، محبت جي منزل نه آهي؟ هن سوچيو: هاڻي ته محبت جي معاملي ۾ به هو صفا سنڌي ٿيندو پيو وڃي.

 

سارنگ هن جو دوست هو. وچولو قد، چيڙهالو بدن، ڀنڀي ڏاڙهي. اڇي پڳ، وڏي گهيريدار شلوار، فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو. حافظ ته ازبر هئس، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. سندس ڪافيون ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائبيون هيون. هن کان به شايد ڪا مارگريٽ وڇڙي هئي. تڏهن ته اکين ۾ ايڏي اداسي هوندي هئس. هڪ ٻه دفعا ڳالهه کولي مانس، پر اندر نه اوريائين. هونئن سنڌي ڏاڍا دل جا کليل، هر ڳالهه منهن تي چئي ڏيندا، دل کولي ٽهڪ ڏيندا. پر اندر پيو سڙندن، ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندا. سارنگ به ڪڏهن مون سان سچي نه ڪئي. هڪڙي ڏينهن چيائين:

”مون کي پنهنجي ديس جي حسن شاعر بڻايو آهي ۽ ان حسن جي حفاظت لاءِ سپاهي بڻيو آهيان.“

سارنگ هن کي سنڌي سيکاري هئي ۽ هن جي مدد سان شاه لطيف جي چونڊ بيتن جو ترجمو ڪري رهيو هو. سارنگ هن کي پنهنجي ديس جي تهذيب، شاعري ۽ تاريخ جي باري ۾ جو ڪجهه ٻڌائيندو هو، سو هو لکندو ويندو هو. سارنگ هن کي سنڌي لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون به ٻڌايون هيون. انهن لوڪ گيتن ۽ ڪهاڻين ۾ سنڌين جو روح سنڌو وانگر ڇلي رهيو هو. هڪڙي مارئي هئي، جنهن جي ست ۽ لڄ کان بادشاه جي هَٺَ شڪست کاڌي. هڪڙو ڏياچ هو، جنهن فنڪار جي صدا تي سِر ڏنو. سارنگ سان گڏ هو ساري سنڌ گهميو. سيوهڻ ۾ لعل قلندر جي درگاه تي، هن هندو توڙي مسلمان عورتن کي، ميندي نچائيندي ۽ قلندر جا سهرا ڳائيندي ڏٺو ۽ جڏهن ڌمال وڳي، ته هن جي دل چيو هو ته پنهنجا ڪپڙا ڦاري نانگو ٿي، چمٽو وڄائي، مستون مست قلندر لعل، جهولؤن جهول؛ قلندر لعل؛ ڳائيندو ايترو نچي؛ ايترو نچي؛ جو ساڻو ٿي ڪري پوي.

درازن تي هندو ۽ مسلمان، هڪ ٻئي کي هٿ ٻڌي چئي رهيا هئا، ’حق موجود- سدا موجود‘ سڀ گيڙيون الفيون پائي نچي رهيا هئا. اتي هن هڪڙو وڏو زميندار ڏٺو. پيرين اگهاڙو الفي پاتل، چيلهه تائين وار وکريل، هڪ هٿ ۾ چپڙيون، ٻئي ۾ يڪتارو، اکيون ٻوٽي نچي ڳائي رهيو هو:

 

پاڻ پنهون آءٌ آهيان؛ ڀينر ڀلي نه آهيان.

سندس آواز جي ڇولين مذهبن جي ويڇن کي ميٽي ريٽي ڇڏيو هو. سڀ مذهب انهن ڇولين ۾ غرق ٿي ويا هئا. رڳو ”حق موجود هو ۽ سدا موجود“  هو.

هن اڌ اگهاڙا، پيٽ بکيا پورهيت به ڏٺا، جن کي پورهئي جي جانڊه الائي گهڻن صدين کان پيڙهيندي آئي هئي ۽ الائي گهڻن پيڙهين تائين ائين پيڙهيندي رهندي. پر سندن چپن تي ڪا شڪايت ڪانه هئي. زندگي جا سڀئي ڏک سور، حياتيءَ جا هاڃا، سڀ سائينءَ جي سوکڙي آهن. پرينءَ سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري. انهن بکين پورهيتن کي ڏسي هن کي ميرن جي درٻار ياد پئي. وڏي هال ۾ وڇايل ايراني غاليچا، فرانسي ساٽن جي زرتار سان مڙهيل گاديلا، هيرن جواهرن سان مڙهيل گول ٽوپيون، هيرن سان جڙيل خنجرن ۽ تلوارن جا مُٺيا. سونيون تلوارون ۽ خنجر. سون جا فانوس، وري هن کي فرانس جو ’والٽيئر‘ ۽ ’روسو‘ ياد پيا، جن عام انسان جي عظمت جا گيت ڳايا هئا ۽ سندن خيالن جي ڄر ساري يورپ کي ڄرڪائي ڇڏيو هو. فرانس ۾ خوني انقلاب آيو هو. پورهيتن ۽ ڪين جهڙن ڪڙمين ’بارسٽل جيل‘ ڀڳو ۽ بادشاه ۽ راڻيءَ کي قتل ڪيو هو. پر هتي تصوف جي برف جا تهه ڄميل هئا ۽ روسو ۽ والٽيئر جي خيالن جي ڄر هتي ڪانه پهتي هئي.

 

ٻهراڙين ۾ هن ٻهڙن واريون پاڻياريون ڏٺيون. هڪڙي ڦٽيون چونڊيندڙ ڇوڪريءَ کي ڏٺائين، ته ’ورڊ سورٿ‘جو نظم ’لابارو ڪندڙ اڪيلي نينگري‘ياد پيس. هر ڳوٺ ۾ درگاه هئي ۽ گهڻو ڪري هر درگاه تي ميلو لڳندو هو. ملاکڙو، ٻلهاڙو، ناچ کيج، راتين جون رهاڻيون، راڳ، سوسي، رلي، اجرڪ، ڇريل ڪپڙا، کنهبا ڪپڙا، انڊلٺ جا رنگ، گج جي ڪاون جا جهلڪا، ستارن جا ٽمڪا، رنگن، روشنين ۽ راڳن جي نگري ننڊاکڙي سنڌ!

 

هڪ ڀيري سارنگ هن کي پنهنجي هڪ زميندار دوست وٽ وٺي ويو. رات ٿي ته ساري ڳوٺ جا ماڻهو اچي مڙيا. رئيس ڀَٽ فقيرن کي گهرايو هو. ڀٽ فقير ٻن ٽولن ۾ ٿي ويٺا، هڪ ٽولي هڪ طرف ۽ ٻئي ٽولي ٻئي طرف. فانوس جي روشنيءَ ۾ اڇن پڳن ۽ ڀنڀي ڏاڙهين وارن ڀٽن دودي چنيسر جي ڳالهه کنئين. وچ ۾ ڀڀڙ ٿي ٻريو. اُلن جو عڪس فقيرن جي چهرن تي ٿي پيو. هڪڙي ٽوليءَ واتين ويڻين ڳالهه شروع ڪئي: چنيسر دودي کان ڪاوڙجي دهلي هليو ويو. الادين کي ٻاگهل ٻائيءَ جي ٻانهن آڇيائين. الادين فوج وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. هاڻي شاعر چوي ٿو. يڪدم ٻي ٽوليءَ دهل تي ڌڪ هنيا. ڌم، ڌم، ڌم، ڌم ۽ دهل جي ڌم ڌم تي گجندڙ آوازن ۾ ڳائڻ لڳا.

اَلادين به آيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن،
پوربي ۽ پڇمي، آهي انت نه اُمرائن،
ڪارا، ڪڪا، ڪابلي، ڪوهستاني به ڪڏن،
ڳاڙها ڏينڀو ڏونگري، جنئين چيلاٽا چهٽن،
ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن،
ادا نوَ لک ڏه ڇليون،وو اچي سنڌ وڪوڙي تن.

 دهل جو ڌمڪو بند ٿيو. هاڻي ان ساڳي ٽوليءَ واتين ويڻين ڳالهه شروع ڪئي: مڙسن جا سِر هميشہ ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي ويندا آهن. دودو به پنهنجي ننگ لاءِ سر جو سانگو لاهي، لشڪر سانباهي روانو ٿيو. اوچتو الادين کي آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙندا نظر آيا. چنيسر کان پڇيائين ته: تنهنجو هي ڪهڙو ديس آهي، جتي اڻ مندائتا ڪڪر پيا ڏسجن. چنيسر چيو:  اهي ڪڪر نه آهن، پر دودي جي لشڪر جي گهوڙن جي سُنبن سان اُڏايل ڌوڙ آهي. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا، جنگ شروع ٿي. هاڻي شاعر چوي ٿو. ٻيءَ ٽوليءَ دهل تي ڌڪ هنيا. ڌم ڌم ڌم.... ڌم ۽ گجندڙ آواز ۾ ڳائڻ لڳا:

 

ساڪڙ وانگي مينهن جي، اُت اچيو ڪان ڪرن،
مردن مٿان رڪ جون، ٿيون تاؤ تِراڙيون ڪن،
ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، سڀ للهنگ پيا ليٽن،
مرسي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو به اچن،
اداڙي، وڙهن ائين سومرا، جيئن ڳوڌا ڳاه وهن.

دهل جي ڌم ڌم،ڀٽن جو گجندڙ آواز.ڪائنات ٿي ڪنبي.

 فلپ مهل ڏسڻ لاءِ ستارن ڏانهن نهاريو. ستارن جو نور جهڪو ٿي رهيو هو ۽ اُفق وٽان هلڪو هلڪو سوجهرو ظاهر ٿي رهيو هو. هو درياه تان اٿيو ۽ ماڪ ڀنل گاه تي پير رکي ريزيڊينسي ڏانهن روانو ٿيو.

 

حيدرآباد جي سنڌوءَ جهڙين چانڊوڪين سارنگ کي موهي ڇڏيو.پهرين ڏينهن جڏهن هو حيدرآباد پهتو، ته حيدرآباد جي هوائن ڊوڙي اچي هن کي ڳراٽڙي پاتي. چانڊوڪيون ٿينديون هيون ته حيدرآباد جو حسن چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي سهنجي ائين ٽڙي پوندو هو، جيئن ڪنوار جو جوڀن سهاڳ رات کان پوءِ، پهرين غسل سان ٽڙي پوندو آهي. جاين مٿان منگهه ائين نظر ايندا هئا، ڄن وڇڙيل ونيون، ڪوٺن تي بيهي، اکين تي هٿ سان ڇانوَ ڪري، پنهنجي پرديس ويل گهوٽن جي راهه نهاري رهيون هجن. ٽڪريءَ تي حيدرآباد جو قلعو هو، قلعي جي دروازي جي اڳيان وڏو برج هو، جنهن تان ساري شهر تي نظر پوندي هئي. ساڄي طرف، قلعي جي ڀت جي هن ڀَرِ، سايون سايون ٻنيون هيون، جن جي ماڪ ڀنل ساوڪ تي، چانڊوڪيون ليٽي پونديون هيون، برج جي سامهون شاهي بازار هئي. الهندي طرف مير نصير خان ۽ مير محمد خان جا پڙ هئا، انهن جي ڀرسان جمعدار ڪوڙي ناريجي وارن جون جايون هيون. هيٺ اُتر طرف ڀائي خان لوهار ۽ مٿي چاڙهيءَ تي ٺاٺارن جا پاڙا هئا. مير محمد خان جي پڙ جي اُڀرندي پاسي، ديوان گدومل وارن جا گهر ۽ سراؤن هيون. جمن شاه جي پڙ ۾ زرگر، سونارا ۽ ميرن جا کٽي رهندا هئا. ان کان اڳتي خدا آبادي عاملن ۽ ڀائي بندن جا پاڙا هئا. اڄ جتي حيدرآباد جو شهر آباد هو، ڪڏهن ان ساڳي هنڌ ’نيرون جو ڪوٽ‘ اڏيل هو ۽ ان ڪوٽ ۾ گيڙو الفي پاتل ڀڪشو راجا تخت تي ويٺو هو. رستن تي راجا ڏاهر جي پٽ جئيسنه جا هاٿي جهولي رهيا هئا. ڪوٽ جي ٻاهران تلاءُ هو، جنهنجو پاڻي ’عاشق جي اکين کان وڌيڪ صاف ۽ جنهن جو چراگاه اَرم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ هو.‘ ان تلاءَ جي ڪناري تي عربن خيما کوڙيا. وڏن ’جبن وارا عرب عالم ۽ سياح سنڌي تاريخ، جاگرافي ۽ سفرناما لکڻ لڳا. منصوره جو قلعو تعمير ٿيو ۽ هن شهر جو اوج ختم ٿي ويو. پر وري ويران وستيون وسائيندڙ ۽ نوان شهر اڏائيندڙ غلام شاه ڪلهوڙي اچي هن اُجڙيل شهر کي آباد ڪيو. ٽڪريءَ تي قلعو تعمير ڪرايائين. ٽالپور ان قلعي جي حفاظت ڪرڻ لڳا. پر پوءِ انهن ساڳين ٽالپورن، ڪلهوڙن کي قلعي مان ڪڍي، پاڻ ان قلعي ۾ حاڪم ٿي ويٺا. تاريخ جي لڪ لڪوٽي!

 

سارنگ ميرن جي محافظ دستي ۾ شامل ٿيو. سپهه گريءَ جو فن سکيائين. عالم ۽ شاعر هو، سرڪار وٽ چڱو مان ٿيس ۽ ترت ئي نائب محافظ جي رتبي کي رسيو.

وقت وڏو ويڄ، پراڻا ڦٽ به ڇٽايو ڇڏي. پر سارنگ جا ڦٽ نه ڇٽا. جيئن ٿي وقت گذرندو ويو، تيئن ٿي ڦٽ تازا ٿيندا ويس. پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هٿ ڪاج ۾ دل يار ڏي. من جي مڻيي تي رڳو سنڌوءَ جو وِرد هئس. زندگيءَ جي مصروفيتن مان واندو ٿيندو هو ته گذريل گهڙيون هانوَ تي تري اينديون هئس. ماضيءَ جون اهي چند گهڙيون ئي هن جي زندگيءَ جي حاصلات هيون. پيار ۾ هار کاڌي هئائين. سڀ ڪجهه هارائي پيار جا چند پل جيتيا هئائين، ڪيڏي نه وڏي جيت! ڪي ته اهڙا انسان به آهن، جن جون جهوليون پيار جي پلن کان پالهيون آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ هو ڪيترو نه خوش نصيب هو جو زندگيءَ هن جي جهول ۾ پيار جي گهڙين جا گل وڌا هئا. پر انهن گلن ۾ ڪيڏا نه ڪنڊا هئا ۽ انهن ڪندن ۾ ڪيڏو نه درد هو. هو ڪافيون چئي پيو هانءُ هلڪو ڪندو هو. جڏهن به ڪافي چوندو هو ته مائي شيدياڻي اچي ڪافي ياد ڪري ويندي هئي ۽ پوءِ اها ڪافي اهڙي ته سُر ۾ ڳائيندي هئي، جو ٻڌڻ وارا سندس آواز جي لهرن ۾ لڙهي ويندا هئا. رنگ ڪارو هيس، پر آواز ڪيڏو نه روشن هيس. ڳائيندي هئي، ته ڄڻ اونده مان روشنيءَ جا ڪرڻا پيا ڦٽندا هئا. ڪا ڪا اونده به ڪيتري نه روشن ٿيندي آهي ۽ ڪا ڪا روشني ڪيتري نه تاريڪ.

 

هڪڙي ڏينهن مائي شيدياڻي آئي ۽ پوتيءَ مان موتئي جا گل ڇوڙي کيس ڏيندي چيائين: .سائين؛ اڄ تنهنجي ڪافي هڪڙي هنڌ ڳاتم. پڇيائون ڪنهن جي ڪافي آهي، تنهنجو نالو ٻڌايومانِ ته هي گل ڏنائون ته تو کي ڏيان.

 

موتيئي جا اڇا اڇا سرها سرها گل جهڙا پيار جا پل! هڪڙي ڏينهن سنڌو موتيئي جا گل آندا هئا ۽ چيو هئائين. ’ڀڳوان جي مورتيءَ  تي چاڙهڻ لاءِ آندا هيم، پر پوءِ سوچيم. منهنجو ڀڳوان ته تون آهين. توتي چاڙهڻ لاءِ کڻي آئي آهيان.‘ ۽ پوءِ ٻئي گوڏا کوڙي، پوتيءَ مان گل ڇوڙي هن جي پيرن ۾ هاريا هئائين، هن نوڙِي کيس ٻانهن کان جهلي اٿاريو ۽ يڪ ٽڪ سندس اکين ۾ نهارڻ لڳو هو. ڪيڏو نه پيار هو هن جي اکڙين ۾. پيار پنهنجون حدون ٽپي پوڄا ٿي ويو هو ۽ هن کي ديوتائن واري بلندين تي آڻي ويهاريو هو. سنڌو جي پيار هن کي ڪيترو نه مان ڏنو هو. هن جي دل چيو ته هو به سنڌو کي ايترو ئي مان ڏئي ۽ هن جي پيشانيءَ ۾ جيڪي سجدا تڙپي رهيا هئا، سي سڀ هن جي قدمن تي نڇاور ڪري. ٻئي هڪ ٻئي جا معبود هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي جا عابد. هن جهڪي پيرن مان گل کنيان ۽ سنڌو جي چوٽين ۾ لڳائيندي چيائين:’چري، هنن گلن جي جاءِ منهنجا پير نه، پر تنهنجا وار آهن.‘ سنڌوءَ جي ڪارن ڪارن وارن ۾ اڇا اڇا گل ائين نظر اچڻ لڳا، ڄڻ رات جي سينڌ ۾ ستارا. پر ستارا هڪ هڪ ٿي ٽٽندا اٿاه اونداهين ۾ گم ٿيندا ويا. اڄ مائي شيدياڻي هن وٽ ساڳيا موتئي جا گل آندا هئا.

”مائي، گل موٽايانءِ نٿو. باقي گل موڪلڻ وارن کي چئجانءِ، ته منهنجي باغ جا سڀئي گل ڪومائجي ويا آهن. رڳا ڪنڊا بچيا آهن، جيڪي منهنجي هانوَ ۾ لڳا آهن. مون وٽ اوهان جي گلن جي موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“

 

ٻئي ڏينهن مائي شيدياڻي وري گل کڻي آئي ۽ کيس ڏيندي چيائين: ”سائين، چون ٿا اسان کي موٽ ۾ ڪجهه نه گهرجي تو اسان جا گل قبولي اسان کي مان ڏنو آهي. اسان تنهنجا ٿورائتا َهيون.“

ان ڏينهن سارنگ گل سنگهيا، ته کيس گلن مان سنڌوءَ جي هانوَ واري هٻڪار آئي.

 

سارنگ کي حيدرآباد آئي ڇهه ست سال گذري ويا. ان وچ ۾ نه هو شڪارپور ويو ۽ نه ئي سنڌوءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائين. حيدرآباد ۾ هن جي فلپ سان دوستي ٿي. شهر کان پري ريزيڊينسي جي عمارت هئي، جنهن ۾ انگريز ريزيڊنٽ ’ڪرنل پوٽنجر‘ ۽ سندس عملو رهندو هو. انگريز ڪهڙا ڪهڙا نه بهانا بنائي سنڌ ۾ آيا هئا. پهريان دائمي دوستيءَ جا معاهدا ڪيائون. مير مراد علي جي علاج لاءِ ’ڊاڪٽر برنس‘ آيو، وري سندس ڀاءُ الگزينڊر برنس، رنجيت سنگهه کي سوکڙيون ڏيڻ جو بهانو ڪري، سنڌونديءَ جي پڙتال لاءِ ٻيڙا ڪاهي لنگهيو. سنڌونديءَ تي واپار ڪرڻ لاءِ ڪرنل پوٽنجر وڏي اٽالي سان آيو. سکن شڪارپور تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪيو، انگريزن وري ٻيو ٺاه ڪيو. ۽ انگريزي سفارت سنڌ ۾ رهڻ لڳي. فلپ به انگريز ريزيڊنٽ جي عملي ۾ هو. ڊگهو قد، بت جو نه ڀريل ۽ نه ئي وري سنهون. اڇو ۽ ڳاڙهو رنگ. هونئن ته سڀ يورپي اڇا ۽ ڳاڙها هوندا آهن، پر فلپ جي اڇاڻ ۽ ڳاڙهاڻ ڏاڍي وڻندڙ هئي. اکيون الائي ڇو اداس رهنديون هئس. هميشہ لڙڪن سان ڀنل، شايد هن کان به هن جي سنڌو وڇڙي هئي ۽ سندس اکيون سڄڻ ساريو پيون رئنديون هيون. نهٺو ۽ نماڻو. صفا جهڙو سنڌي. انگريز ته لڳندو ئي نه هو. فارسي سٺي ڄاڻندو هو، سنڌي سارنگ کان سکي هئائين، ٿورڙي ئي عرصي ۾ ايتري ته سنڌي سکي ويو هو جو هن جي مدد سان، شاه سائين جي بيتن جو ترجمو ڪري رهيو هو. ڳالهائڻ مهل سو هٻڪندو هو. چوندو هو، ”جيستائين سنڌي ٻوليءَ کي ماءُ جي ٿڃ سان نه پيجي، تيستائين پنهنجو اصل نه ڪندي.“سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي ڪتاب لکي رهيو هو. فلپ هن کي ولايت جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ’فرانس ولايت ۾ ٻه ڏاها ماڻهو پئدا ٿيا، جن عام ماڻهن جي عظمت جا عَلَم بلند ڪيا. ماڻهن ۾ باه پکيڙي ڇڏيائون. ماڻهن جيل ڀڳو، بادشاه ۽ راڻيءَ کي قتل ڪيائون....‘

فلپ جون ڳالهيون ٻڌي هو سوچيندو هو: دنيا ڪيتري نه وسيع آهي دنيا جي ڪن حصن ۾ نت نيون ايجادون ٿي رهيون آهن. نت نون خيالن جون شمعون روشن ٿيون آهن. پر سنڌ اڃا ستي پئي آهي ۽ تڪميل لاءِ تاريخ جي تاريڪين ۾ ڀٽڪي رهي آهي، نه اسان وٽ منظم ۽ تربيت يافته فوج آهي ۽ نه نوان هٿيار ۽ نه ئي مضبوط مرڪز. ميرن سنڌ تي قبضو ڪيو ته سنڌ کي جاگير سمجهي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. تاريخي معجزو اهو ته چار ڄڻا گڏجي پيا حڪومت ڪن. بظاهر ته چارئي پاڻ ۾ ٺهيل. پر اندر خالي، هر هڪ کي پنهنجي حق تلفيءَ جو احساس. آخر مير صوبيدار بغاوت ڪئي. ٻارهن تيرهن هزار جوان وٺي ميدان ۾ نڪتو. خدا ڪيو جو جهيڙو ٽري ويو، نه ته سنڌ جي حفاظت ڪندڙ تلوارون، سنڌ جي ٻچڙن جي رت ۾ ئي رڱجن ها.

 

فلپ هن کي پنهنجن شاعرن جي شعرن جا ترجما بڌائيندو هو. هڪڙو ڊراما نويس هو، نالو الائي ڇا هئس. وڏا وڏا ڊراما لکيائين. هڪڙي ڊرامي ۾ لکيو هئائين ته،’جنهن ماڻهوءَ تي موسيقي اثر نٿي ڪري، اهو ماڻهو فقط ٽن ڪمن لاءِ ڪارگر آهي. ڦرلٽ، راڄڊوهي ۽ ٺڳي.‘ شايد انگريزن تي به موسيقي اثر نه ڪندي آهي، تڏهن ته هو راڄڊوهي، ڦرلٽ ۽ ٺڳيءَ ۾ ڀڙ آهن. هڪڙو شاعر هو. جنهن چيو هو ته:

مان زندگيءَ جي ڪنڊن تي ڪريو آهيان ۽ رتوڇاڻ ٿي پيو آهيان. جي اڄ خزان آهي ته سڀان ضرور بهار ايندي.

هڪڙي شاعر ته اسان جي صوفي شاعر وانگر چيو هو:

سونهن سچ آهي ۽ سچ سونهن. حق موجود، سدا موجود. سونهن موجود، سدا موجود. ڇا سچل سائين هر هنڌ پئدا ٿيندو آهي. ڇا لنڊن ۾ درازا آهي، جتي ماڻهو گيڙيون الفيون پائي، يڪتارا وڄائي، نچندا ڳائيندا ۽ نعرا هڻڻدا آهن. سونهن موجود، سدا موجود. حق موجود، سدا موجود، پر نه، هنن وٽ درازا ۽ سچل سائين ٿي نٿا سگهن، جي هنن وٽ سچل ۽ درازا هجن ها ته پوءِ هو ائين سنگينون تاڻي اسان وٽ ڇو اچن ها. پر فلپ ته صفا درازي آهي. هڪڙي ڏينهن هو کيس شاه سائين جو بيت سمجهائي رهيو هو:

آکون،ڊاکون،سرکنڊ،شاخون،جت چوکا چندن ڪنور،
مَيي سي ئي ماڻيا جت نه ڀرن ڀنور،
ڪنواريون ۽ ڪنور، ڪاه ته پسون ڪاڪ جا

سارنگ هن کي هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ سمجهائي. فلپ اکيون ٻوٽيون ۽ چيائين: ”هاڻي وري اهو بيت پڙهي ٻڌاءِ.“ هن وري بيت پڙهيو. فلپ اکيون ٻوٽي خاموش ويٺو رهيو ۽ پوءِ اکيون کولي چيائين: ”مون دنيا جي وڏن وڏن شاعرن کي پڙهيو آهي، پر شاه لطيف وٽ سونهن جو جيڪو رچيل احساس آهي، سو مون ڪنهن به شاعر ۾ نه ڏٺو آهي. سندس بيت خوشبوئن، رنگن، ڪنوارن ۽ ڪنولن جون ڪائناتون آهن. ان بيت ٻڌڻ کان پوءِ مون اکيون کوليون ته مون کي ساري ڪائنات نئين سر تخليق ٿيندي نظر آئي، جنهن ۾ سونهن ئي سونهن آهي. خوشبو ئي خوشبو آهي ۽ جنهن ۾ اهڙا ڪنوارا ڪنول آهن، جن تي اڃا ڀنور نه ڀريا آهن.“

فلپ ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ دور خلائن ۾ نهاريندي چيائين، ”شاه لطيف کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي آهي، ته زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي. زندگيءَ جو رڳو هڪڙو مقصد آهي، ته انسان هن دنيا جي حسن ۾ واڌارو ڪري. پورهيت هٿ تاج محل بنائي ۽ نت نيون ايجادون ڪري، زندگيءَ جي حسن ۾ واڌارو ڪندا آهن ۽ شاعر هٿ اهڙا بيت لکي زندگيءَ کي حسن بخشيندا آهن.“

 

هڪڙي ڏينهن فلپ سان گڏ، سرڪاري ڪم سانگي هن کي شڪارپور وڃڻو پيو. شڪارپور، جنهن هن کي ڦٽ ڏنا هئا ۽ جنهن کان ڀڄي هن حيدرآباد ۾ پناه ورتي هئي. جيئن ٿي شڪارپور ويجهي ايندي وئي، تيئن ٿي هن جا چاڪ چڪندا ويا. اهو ساڳيو وڻ، جنهن سان هن گهوڙو ٻڌو هو. اهو ساڳيو کوه، جتي نيڻ نيزا بنجي هن جي هانوَ ۾ کتا هئا. ساڳيو مندر، ساڳيو تلاءُ، وڻن جو ساڳيو جهڳٽو. سڀ ڪجهه ساڳيو هو، پر سنڌو ڪانه هئي. وقت ڪيئن نه بدلجي ٿو وڃي. جيئريون جاڳنديون حقيقتون خواب بڻجي ٿيون وڃن. ازل کان وڇڙيل انسان وقت جي ور وڪڙن ۾ هڪ ٻئي کي ڳولهي ٿا لهن ۽ وري وڇڙي ٿا وڃن. سڀ ڪجهه بدلجي ٿو وڃي. پر ڪي ڪي شيون صفا نٿيون بدلجن. هو انهن وڻن جي جهڳٽي ۾ ويو، جتي سنڌو هڪ ئي ڇال سان ساري دنيا کي اورانگهي، هن جي سيني سان اچي لڳي هئي. اڄ انهن وڻن ۾ يادن جي ڀوتن بسيرو ڪيو هو.ڪيتري نه ويراني ۽ اڪيلائي. آهستي آهستي اڪيلائي جهونگارڻ لڳي.

 

 

’پکي آکيرن ۾ موٽندا آهن ۽ پرديسي پنهنجي ديس. تون به اڄ يا سڀان پنهنجي ڳوٺ هليو ويندين.‘

’هاڻي ته تنهنجي اکين ۾ منهنجا آکيرا آهن. تنهنجي ديس ۾ پکا اڏيا اٿم. ڪهل ڪري مڙيئي پرديسن جي پکن تان پير ڀري ويندي ڪر.‘

’تو اسان جا شاستر پڙهيا آهن؟‘

’اوهان جا شاستر رشين جا رچيل آهن. مون ته خود ڀڳوان جو رچيل شاستر پڙهيو آهي.‘

’اهو شاستر وري ڪهڙو آهي؟‘

’تون نه آهين.‘

دل سيني مان نڪري نڙيءَ ۾ اٽڪيس. لڙڪ ٽم ٽم ڪري ٽمڻ لڳس. موٽڻ مهل هو ان ساڳي هنڌان لنگهيو، جتان سنڌو پنهنجي ساهيڙين جي ساٿ ۾ مندر ويندي هجي. اڄ اهو دڳ ڪيترو نه ويران ٿي نظر آيو...

اوچتو هن کي رستي تي هڪڙي عورت نظر آئي. موتئي جي گلن جهڙي سفيد ساڙهي. چنڊ جهڙي پيشانيءَ تي تلڪ، ڪارا ڪارا وار. ’سنڌو.....!‘ هن جي روح ريہ ڪئي. ها هوءِ سنڌو هئي. هن جي تڪميل. جنهن کان جدا ٿي، هو ٽٽل ستاري جيان زندگيءَ جي تاريڪ خلائن ۾ گم ٿيندو ٿي ويو. اڄ اها سنڌو هن جي سامهون هئي. وقت هن سان هڪ نئين چال چليو هو ۽ هيترن سالن کان پوءِ هنن ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آڻي بيهاريو هو. سنڌو سان گڏ هن جو گهوٽ هو. سهڻو شهزادو. هڪڙو ٻار هن جي چيچ کان وٺي هلي رهيو هو ۽ ٻيو ٻار هن جي هنج ۾ هونگڙيون ڏيئي رهيو هو.... سارنگ بت بڻجي هن کي ڏسندو رهيو. هيءَ سنڌو اها نه هئي، جنهن هن کي ڀڳوان ڪري پوڄيو هو. اُها سنڌو اڌوري هئي ۽ تڪميل جي تمنا ۾ سارو لوڪ لتاڙي، هن جي سيني سان اچي لڳي هئي. پر هيءَ سنڌو تڪميل ۽ تخليق هئي. هن جي چال ۾ ڪيترو نه وقار هو، ۽ سندس چهري تي ڪيتري نه تقدس ڀريل گنڀيرتا هئي. سنڌو اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو. ساري ڏڪي ويئي، منهن تي هيڊ هارجي ويس. بيجان بوتي جيان ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسڻ لڳي. سندس هنج جو ٻار رنو، هن يڪدم ٻار کي سيني سان لاتو ۽ کيس لوڏا ڏيڻ لڳي. بي اختيار سارنگ جون اکيون سنڌوءَ جي پيرن ڏانهن کڄي ويون ۽ سندس پيرن کي ڇهي موٽي آيون.

 

تہ سيارو هو، هيل سيءَ به سيءَ هئا. ٽن ڏينهن کان آسمان تي ڪڪر مڙيا بيٺا هئا ۽ لڳاتار مينهن پئجي رهيو هو. سيءَ ۾ ڏڪندڙ جهوپڙيون مينهن جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، ڪچا گهر ڪري پيا، قلعي جو هڪڙو برج ڪري پيو. اوچتو خبر آئي ته انگريزي فوج، سنڌ کي لتاڙي، افغانستان وڃڻ لاءِ، درياه جي پرئين ڀر، جهرڪن وٽ تنبو کوڙيا آهن. انگريزن سنڌ سان معاهدو ڪيو هو، ته انگريزي فوج ۽ فوجي سامان سنڌ ۾ نه ايندو. پر اڄ انگريزي فوج جا پنجاه هزار سپاهي، ’سرجان ڪين‘ جي ڪمان هيٺ، سڀني معاهدن کي لتاڙي، سنڌ ۾ گهڙي آيا هئا. ساري سنڌ ۾ باه ٻري پئي هئي. سنڌ سمنڊ جيان ٿي ڇلي، آسمان ٿي گجيو. جنهن به مڙس پڳ جو ور ڏنو هو، سو سنڌ تي سر ڏيڻ لاءِ ماندو هو. مائرون پٽن کي مرڻ لاءِ دعائون ڪري رهيون هيون، ۽ ونيون گهوٽن جا گهاوَ ڏسڻ لاءِ مانديون هيون. ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا. ڪارا ڪُند هٿن ۾ اڙل وڇيرا هيٺ، تنهين سان ٿي ڏيٺ، موٽڻ جن مهڻو.... سترهن ارڙهن هزار مڙس، سنڌڙيءَ جو سڏ سڻي، ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ اچي مڙيا. دريا خان دولهه، محمود خان، مٺڻ خان، مخدوم بلال، سارنگ خان سمون، نرمل سوڍو ۽ هيبت خان ڄام. سڀ درياه جي اورينءَ ڀر، مرڻ مارڻ لاءِ ويٺا حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڪي ارڏا اڙٻنگ ته جهل ۾ ئي نه آيا ۽ راتو واه، درياه ٽپي، راتاهو ڏيئي، انگريزي فوج تي حملو ڪيائون. سانوڻيءَ جي درياه اٿل کاڌي هئي، هر طرف لس ليٽ هئي، پر قلعي جون اوچون ديوارون بند بڻجي بيٺيون هيون. انگريزي سفارت ميرن سان هڪ نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهچي وئي هئي. ان ڏينهن مائي شيدياڻي آئي. اڄ هن موتئي جا نه پر گلاب جا رت ورنا گل آندا هئا. گل سارنگ کي ڏيندي چيائين،

”سائين چون ٿا ته شل هنن گلن جهڙا گهاؤ لڳني.“

”مائي، چئجانِ ته هي ته هڪ سر آهي، پر جي ههڙا هزار سر هجن، ته سنڌ جي مٽيءَ جي مٽ نه ڪيان. سنڌ لاءِ مران، مري جيئان، جي مران ۽ مري وري جيئان ۽ جي مرندو ۽ مري جيئندو رهان.“

 

سنڌ سمنڊ وانگر اڇلي. ڇوليون ڇوه ۾ اڳتي وڌيون، پر پٿريلن ڪنارن سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويون. معاهدو ڪيو ويو ۽ انگريزي فوج سنڌ کي لتاڙيندي، چيڀاٽيندي، اڳتي وڌي وئي. ماڻهو ماٺ هئا، سنڌ سانت هئي.

وقت گذرندو ويو. آهستي آهستي زندگي معمول تي اچي وئي، گهڻا ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن مائي شيدياڻي آئي پر گل نه آندائين. سارنگ پڇيس:

”ڇو مائي، گل نه آندا اٿيئي؟“

”سائين، ڏنائون ئي ڪونه.“

”ڇو ڪونه ڏنائون؟“

”چيائون ته جيڪو پنهنجي ماءُ سان سچو نه آهي اهڙي ڪچي ماڻهوءَ سان ڪهڙو نينهن.“

”مائي، اسان ته سر ڏيڻ لاءِ آتا هئاسين، پر اسان جو ته موت به پرائي وس آهي. سرڪار معاهدو منظور ڪيو. اسين ڪيڏانهن وڃون.“

”سائين، مون اها ڳالهه سمجهائي مانِ ته چيائون سر صدقو ڪندڙ سرڪار کي ٿوروئي ڏسندا آهن.“

سارنگ جو ڪنڌ جهڪي ويو.

”سائين ڪا نئين ڪافي چئي اٿئي؟“

”مائي، هاڻي ڪهڙيون ڪافيون چئبيون. هاڻي ته سڀني ڪافين کي ڪفن ڏيئي دفن ڪري ڇڏيو اٿم.“

 

 

جڏهن انگريزي سفارت سنڌ سان نئون معاهدو ڪرڻ آئي هئي، تڏهن سارنگ کي حڪم مليو هو ته هو ٻين سردارن سان گڏ سفارت کي ريزيڊينسي جي قلعي تائين حفاظت سان وٺي اچي، جو ماڻهو مشتعل هئا ۽ سفارت جي ميمبرن کي جان جو خطرو هو. ان سفارت ۾ فلپ به هو. ان ڏينهن فلپ ڪيترو نه بدليل ٿي نظر آيو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو جيڪو هن نقاب پاتو هو، ان ڏينهن اهو نقاب هن لاهي ڇڏيو ۽ پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿيو هو. ڪيئن نه درٻار ۾ بحث ٿي ڪيائين. جنگ جا دڙڪا ٿي ڏنائين. پوءِ هو فوج سان گڏ شڪارپور ويو هو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيو، سڌو اچي سارنگ سان مليو.

 

”سارنگ، يوناني ديومالا جي هڪڙي ڪهاڻي آهي، ته جڏهين ديوتائن هيءَ دنيا ٺاهي، ته دنيا ۾ اوندهه انڌوڪار هو. پوءِ پراميٿيئس نالي هڪڙي ديوتا آسمانن مان باه چورائي آڻي انسانن کي ڏني، دنيا ۾ روشني پکڙجي وئي. ديوتائن کي ڏاڍا خار لڳا ۽ ديوتائن پراميٿيئس کي زنجيرن سان جبلن ۾ جڪڙي ڇڏيو. اڄ به هو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ ڳجهون سندس ماس پٽينديون آهن.اسين شاعر ۽ فنڪار به پراميٿيئس آهيون. اسان ديوتائن وٽان روشني ۽ سونهن چورائي آڻي انسانن کي ڏني آهي. ديوتائن اسان کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، ان کان قلم ڦري اسان کي سنگينون ڏيئي ڇڏيون آهن ۽ اسان جي ضمير جون ڳجهون اسان جو ماس پٽي رهيون آهن. اسان نفرت نه، پر رحم لائق آهيون.“

 

سارنگ هن کي ڪو جواب نه ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان ملندا هئا، پر ٻنهي محسوس ڪيو ته هنن جي وچ ۾ دوريون اچي ويون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org