سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :13

 

اوچتو سنڌ ۾ آزاديءَ جي باه ڀڙڪي پئي ۽ ساري سنڌ ان باه جي ڀاڪر ۾ اچي وئي. جانفروشن جو هڪڙو جٿو ساماڻو هو جنهن ڳولي ڳولي ٿي انگريزن کي ڪٺو. ان ٽولي جو اڳواڻ هڪڙو وڏو عالم هو. وڏو شعله بيان مقرر هو. ڪڻڪائون رنگ، ڀنڀي ڏاڙهي، ويڪرا پٺا، چيتي جهڙي چيلهه ۽ اکين ۾ اُلا. ساري بت تي ڪفن ويڙهيل هيس. منهن تي ڪفن جو جهنڊ ڪري، سرڪش گهوڙي تي چڙهي، سنڌ جي ٿرن ۽ برن، پهاڙن ۽ ماٿرين ۾ ٿي گهميو. اوچتو ئي اوچتو مدرسن ۾ اچي خطابين کي خطاب ٿي ڪيائين. جمعي نماز تي مسجد ۾ نروار ٿي، منبر تي بيهي اهڙو ته خطبو ٿي ڏنائين جو نمازين جا ٽولا ۽ خطابين جا جٿا هن سان ملي ٿي ويا. عالمن ڏانهن خط ٿي لکيائين. سندس لکڻيءَ ۾ اهڙو جادو هو جو جنهن به عالم هن جو خط ٿي پڙهيو، سو سندس داعي ٿي ٿي پيو. هن جي سڀني ساٿين کي ڪفن ويڙهيل هئا. سڀني جي منهن تي ڪفن جا جهنڊ هئا. سڀئي سرڪش گهوڙن تي سوار هئا. هنن جي ٽولي جو نالو ئي ڪفن پوشن جو ٽولو هو. راتاها هنيائون، انگريزن جي فوجي ڇانوڻين کي باهيون ڏنائون، فوجي ڪٽڪ ڪٺائون، انگريزي فوجن کي پهاڙي لنگهن ۾ ڦاسائي ڀڳڙن وانگر ڀڳائون. انگريزن جي ايوانن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. اخبارن ڪاڳر ڪارا ڪيا. انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيا. وڏي فوج بمبئيءَ مان سنڌ پهتي. انگريزن جي زرخريد جاگيردارن تي زور بار پيا. جان جيڪب ماڪڙ جيڏي فوج وٺي سنڌ ۾ ڪاهي پيو. مقابلا ٿيا، پنهنجن مخبريون ڪيون ۽ ڪفن پوش سنڌ تي ساه ڏيندا شهيد ٿيندا ويا. سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ئي ٻچڙن جي رت سان ريججي وئي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن ڪفن پوش جو اڳواڻ جهلجي پيو!گرجائن جا گهنڊ وڳا، پادرين ۽ راهبائين مصلوب يسوع مسيح جي اڳيان ڪنڌ جهڪايا. جام ڇلڪيا ۽ سمهيل سازن ساه کنيان. ڪفن پوشن کي گرفتار ڪري.

 

 ڪراچيءَ آندائون ۽کيس فلپ جي سامهون آڻي بيهاريائون. فلپ ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو. سامهون سارنگ بيٺو هو. ساڳيو ڪڻڪائون رنگ، ڀنڀي ڏاڙهي، ويڪرا پٺا، چيتي جهڙي چيلهه ۽ اکين ۾ اُلا. انهن اُلن جو اهاءُ هن سارنگ جي اکين ۾ ان وقت به ڏٺو هو، جڏهن هو پهريون دفعو هن سان مليو هو. اهي اُلا هن ٻروچ سردارن جي اکين ۾ به ڏٺا هئا. جن کي هن ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني هئي. اهي اُلا شيلي جي شاعري هئا. روسيو ۽ والٽيئر جا خواب هئا. فرانس جي انقلاب جو عڪس هئا ۽ انسان جي آزاديءَ جا اُمنگ هئا! ڪير آهي جيڪو انهن اُلن کي وسائي سگهي ۽ ڌرتيءَ تان روشنيءَ کي ختم ڪري سگهي.... سارنگ جي چپن تي مرڪ هئي ۽ هو فلپ جي اکين ۾ اکيون وجهي هن ڏانهن نهاري رهيو هو. ٻئي هڪ ٻئي جا دوست هئا. ٻنهي گڏجي سنڌيءَ جي صورتخطي ٺاهي هئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا هئائون. پر اڄ هڪڙو ڏوهاري هو ۽ هڪڙو منصف، پر ڪير ڏوهاري آهي ۽ ڪير منصف، تنهنجو فيصلو ڪير ڪري. ڪير ڪنهن وٽ فريادي ٿئي ۽ ڪنهن کان منصفي گهري. ٻنهي جي اکين ۾ سوال هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي، هڪ ٻئي کان، تاريخ کان ۽ زماني جي ضمير کان سوال پڇي رهيا هئا ۽ سندن سوالن جي جواب ۾ پريان سمنڊ گجي رهيو هو. آسمان ۾ پکي اُڏامي رهيا هئا ۽ افق وٽ شفق جي رت ورني ڳاڙهاڻ پيٽجي وئي هئي.

 

بمبئيءَ مان جج آيا. فلپ ۽ ججن گڏجي سارنگ تي ڪيس هلايو ۽ کيس موت جي سزا ڏنائون. فلپ پنهنجي هٿن سان سارنگ جي موت جي پرواني تي صحيح وڌي. انهن هٿن سان جن هٿن سان هن  مارگريٽ جي وارن جي منجهيل چڳ کي سنواريو هو. جن هٿن سان هن سنڌي جي صورتخطي ٺاهي هئي. جن هٿن سان هن مياڻيءَ ۾ وهايل بيگناه سنڌين جي رت جي داغن کي ڌوئڻ ٿي چاهيو. جن هٿن سان هن گيت  ۽ بيت لکيا هئا. اسڪول، اسپتالون ۽ بندرگاه به ته گيت ۽ بيت آهن. انهن ساڳين هٿن سان هن سارنگ جي موت جي پرواني تي صحيح پاتي.....

سارنگ کي شهر کان ٻاهر ميدان ۾ وٺي آيا. کيس چؤکنڀو ڪري توپ سان ٻڌائون. توپ جو ٺڪاءُ ٿيو. سارنگ جون ٻوٽيون ۽ هڏا هوا ۾ اُڏامندا، بولاٽيون کائيندا، سنڌ جي ڌرتي جي سيني تي ڪريا. توپ جو آواز ٻڌي فلپ ڪنن تي هٿ رکي ڇڏيا ۽ دور رتن تلاءَ کان ٿورو پرڀرو هڪڙي گهر جي اڱڻ ۾ هڪڙي هندو ڇوڪريءَ؛ جيڪا هينئر هڪڙي ٻار جي ماءُ ٿي وئي هئي، توپ جو آواز ٻڌي ڇرڪي کڻي پنهنجي ٻار کي سيني سان لاتو ۽ ٻارڙو ڊڄي روئڻ لڳو.

 

 

ريل اسٽيشن تي بيٺي ته گاڏي ۾ گوڙ مچي ويو. ڪن مسافرن سامان ٿي سهيڙيو، ڪن ٻار ٿي سنڀاليا ته ڪن وري ڪولين کي ٿي سڏ ڪيا. هر ڪنهن کي لهڻ جي تڪڙ هئي. جن مسافرن وٽ هلڪو سامان هو، سي اڳ ۾ ئي گاڏيءَ جي در وٽ اچي بيٺا هئا..... سارنگ به پنهنجو سامان سنڀاليو ۽ گاڏيءَ جي در وٽ بيٺل ماڻهن جي پٺيان اچي بيٺو. مسافر هڪ ٻئي کي ڇڙٻيون ڏيندا، ڌڪيندا، لتاڙيندا، اوراگهيندا هيٺ لٿا. سارنگ به ڌڪجندو، چيڀاٽبو هيٺ لٿو. پليٽ فارم تي رش لڳي پيئي هئي. سارنگ کي ٻه چار ڌڪا لڳا، هڪڙي مسافر جو بسترو سندس ڄنگهن ۾ وچڙيو ۽ هو ڪرندي ڪرندي بچيو. هڪڙي مسافر جي گوڏي ۾ سندس پيتيءَ جي ڪنڊ لڳي ۽ هو کيس گار ڏيندي ڏيندي ماٺ ٿي ويو. سارنگ پليٽ فارم تي پيل سامان تان ٿاٻڙندو، ماڻهن جي ڪلها گس کان پاڻ بچائيندو، پيهه کان ٻاهر نڪري آيو. سامهون چانهن جا ٻه اسٽال هئا. هڪڙو هندو چانهن جو اسٽال هو ۽ ٻيو مسلمان چانهن جو. اسٽيشن تي هندن ۽ مسلمانن لاءِ هر شيءِ الڳ هئي. هندو پاڻي، مسلمان پاڻي، هندو ماني، مسلمان ماني! ڊگهي مسافريءَ ۽ اڻپوريءَ ننڊ جي ڪري هن کي ٿَڪُ ٿي محسوس ٿيو.ٿَڪُ لاهڻ لاءِ چانهن پيئڻ جو ارادو ڪيائين. مسلمان چانهن جي اسٽال وٽ سامان هيٺ رکي هن چانهن جو آرڊر ڏنو ۽ سامهون اسٽال ۾ لڳل ميري ۽ ڀڳل آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسڻ لڳو. وڌيل ڏاڙهي، ڌوڙ ۾ لٽيل منهن، وکريل ۽ منجهيل وار، ميرا ڪپڙا، جهڙو ڀوت! آئيني جي ڀرسان چانهن جو اشتهار لڳل هو. هڪڙو ماڻهو تُرڪي ٽوپي، شيرواني ۽ چوڙيدار پائجامو پائي، گرم گرم چانهن جو ڪوپ هٿ ۾ جهلي، بالم بڻيو ويٺو هو. سندس چهري تي چانهن جهڙي گرما گرم ۽ تازگي ڏيندڙ اشتهاري مرڪ هئي. هن جي ڀَرُ ۾ چانهن جا فائدا لکيل هئا. چانهن مان هڪڙو فائدو اهو هو، ته ان مان ڪو نقصان نه هو.

چانهن جو اهو فائدو پڙهي هو مُرڪي ويٺو. ايتري ۾ اسٽال واري، پيشه ورانه ڦڙتيءَ سان چانهن جو ڪوپ آڻي هن جي اڳيان رکيو. هن گرم گرم چانهن جو ڍڪ ڀري سگريٽ دکايو. چانهن جي گرم گرم ڍڪ، سگريٽ جي ڪش ۽ ڪراچيءَ جي گهميل ۽ خشڪ سامونڊي هوائن جي ڇهاءُ سان هن کي تراوت محسوس ٿي. هن ڪنڌ ڦيري ريل ڏانهن ڏٺو، ريل وٽ اڃان مسافرن جو گوڙ لڳڪو پيو هو. ڪي ڀاڪر پائي مليا ته ڪي پنهنجو پاڻ کان بيزار هئا ۽ هروڀرو ڪولين کي ڇڙٻون ٿي ڏنائون. ڪي بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جي ڏوه ۾ جهليا هئا، ته ڪي وري ٽڪيٽ کان وڌيڪ سامان کڻڻ جي ڏوه جي تلافيءَ لاءِ ٽيٽين سان ’حساب ڪتاب‘ ڪري رهيا هئا. پريان هڪڙو گارڊ ٿي آيو، ڪارو ڪارو جهڙي انجڻ! اڇي ڊريس، اڇو ٽوپلو، ڊيل وانگر ٿي ٽليو ۽ چمنيءَ وانگر ٿي دونهون اوڳاڇيائين. گهورڙين جا هوڪا، پينن جون صدائون، ماڻهن جو چوٻول،هر طرف آواز ئي آواز هئا. سارنگ سوچيو:  ريلوي اسٽيشن به زندگيءَ جو عجيب استعارو آهي، ريلون اچن ٿيون، وڃن ٿيون. مسافر لهن ٿا، چڙهن ٿا، ڪي ملي ٿا وڇڙن ته ڪي وڇڙي ٿا ملن، ڪن کي نه ڪو آڌرڀاءُ ڪرڻ وارو آهي ۽ نه الوداع چوڻ وارو، ٿوريءَ دير لاءِ ريل بيهي ٿي ۽ هر طرف آواز ئي آواز، چوٻول، هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان، پوءِ سنگل ملي ٿو، ريل وڃي ٿي ۽ هر طرف چپ چپات ۽ ماٺ ڇانئجي ٿي وڃي!

 

هڪڙي ايئر ڪنڊيشن گاڏي مان هڪڙو انگريز صاحب بهادر پنهنجي پوڙهي ميم صاحب ۽ جواڻ جماڻ ڌيءَ سان لٿو هو. سندس آڌر ڀاءُ لاءِ آيل ماڻهن جو ميڙاڪو هو. سڀئي دست بسته اشاري جا منتظر بيٺا هئا. نوڪرن گاڏي مان سامان ٿي لاٿو. پوڙهي منڊم ڪتي کي ڪڇ ۾ جهلي، پيار ڪري رهي هئي ۽ سندس ڌيءَ ڪئميره اک تي رکي فوٽا ڪڍي رهي هئي سامهون هڪڙو ٻهراڙيءَ جو سنڌي جوان ٿي آيو. شهتير جهڙو قد، لوهي لڱ، شڪارپور جو ڀرت تي ڀريل ململ جو ڪڙتو، جنهن مان سندس لڱن ليئا ٿي پاتا، ريشمي اڳٺ، ويڪري ۽ وڏن پائنچي واري شلوار، چيچاٽن سان سيم جي جتي، هٿ ۾ سيم جي مُٺئي وارو بيد جو لڪڻ، ڪنهن تي فلڪ، ئي ڪا نه ٿي وڌائين. انگريز ڇوڪريءَ ڪئميره اک تي رکي ۽ يڪدم بٽڻ دٻائي سندس فوٽو ڪڍيائين. همراه ڪنڌ ڦيري ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو، مُڇن تي هٿ ڦيريائين ۽ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو.

 

پاسي کان هڪڙو ملنگ ٿي آيو، مٿو ڪوڙيل پر وارن جي چڳ ڇڏيل. ڳچيءَ ۾ ڪوڏين ۽ مڻن جون مالهاؤن ۽ قلندر جا ڳانا، ڪاري الفي پاتل، هٿن جي ڪراين ۽ پيرن جي مُرن ۾ لوهي ڪڙا، هڪ هٿ ۾ ڪشتو ۽ ٻئي ۾ قلندري ڏنڊو، جنهن جي مٺئي وٽ گهنگهرو ٻڌل هئا. هلڻ مهل هن جي پير جي ڪڙن ۽ ڏنڊي جي گهنگرن هڪ ئي تال سان ڇمڪو ٿي ڪيو. چرس ۾ اکيون اهڙيون ڳاڙهيون جهڙا ٽانڊا! اکيون کڻي انگريز ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريائين (ڇوري ته نه هئي ڄن سلفيءَ جو سوٽو هئي!) هن جي اگهاڙين ۽ جرڪندڙ ٽنگن ڏانهن نهاريائين ۽ جسم جي سموري قوت سان نعرو هنيائين، ”ڀيڄ قلندر......!“ سندس اکيون هن جيئري جاڳندي سلفيءَ جي سوٽي ۾ ٻوٽجي ويون. انگريز ڇوڪريءَ ڪئميره اک تي رکي ۽ هن جو فوٽو ڪڍيائين. سارنگ يڪدم منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهن جا تکا تکا چڪ ڀرڻ لڳو. چانهن جو ڪوپ خالي ڪري هن پئسا ڏنا ۽ سامان کڻائي ٻاهر چوچاڪي بگيءَ ۾ اچي ويٺو ۽ هڪڙي معمولي هوٽل ۾ اچي رهيو. ڏاڙهي لاهي، وهنجي سهنجي، ڪپڙا بدلائي پلنگ تي ليٽيو ۽ سگريٽ دکائي، سگريٽ جا هلڪا هلڪا سوٽا هڻڻ لڳو.

 

 

سارنگ ڪراچيءَ پڙهڻ لاءِ آيو هو. شڪارپور کان خانپور ويندڙ رستي جي ساڄي طرف، سائن سائن ٻنين جي وچ ۾ هن جو ننڍڙو ڳوٺ هو. ڳوٺ ۾ ڪنهن به وڏيري جي حويلي نه هئي، پر هارين نارين، ڪمين ڪاسبين جا هيڻا، نماڻا گهرڙا هئا. انهن گهرڙن جي وچ ۾ هڪڙي پَڪَ سري مسيت هئي، جيڪا ڳوٺاڻن چندو ڪري ٺهرائي هئي. مسيت ۾ ڀاڳ ناڙيءَ جو هڪڙو نوجوان مولوي اچي رهيو هو. شڪل جو موچارو ۽ ڏاڍونيڪ ماڻهو هو. ڳاڙهاڻ گاڏڙ اڇو رنگ، ڪاري ڪاري ڏارهي، ٻٽؤان وار. سڌي سينڌ، سارو ڏينهن قرآن جو دؤر ڪندو، نفل پڙهندو ۽ مسيت کي ٻهاري ڏيندو هو. آواز ۾ ڏاڍو سوز هيس. ٻانگ ڏيندو ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ سندس آواز مان درد جا گونچ پيا ڦٽن، دل کي عجيب روحاني غم وڪوڙي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن، اڪيلو ئي اڪيلو واهيءَ جي ڪپر تي، نم جي ڇانوَ هيٺان اچي ويهندو ۽ دور دور پيو نهاريندو، جتي نيڻ نهار تائين ساوڪ ئي ساوڪ هئي، جنهن تان نظرون ترڪنديون، افق کي ڇهنديون، جتي آسمان پنهنجي بلندين تان جهڪي ڌرتيءَ جي پيشاني چمندو نظر ايندو. ميرانجهي سانجهيءَ جي لڱن کي شفق جي ميندي لڳندي، ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج  ڪرڪندي، آکيري جي تلاش ۾ ڪو پکي اُڏامندو ۽ پريان شڪارپور کان ريل جي سيٽي ڪنهن وڇڙيل منزل جي صدا بڻجي گونجندي، هو ڪن تي هٿ رکندو ۽ جهيڻي آواز ۾ گيت جهونگاريندو:

 

ناڙي نه ڄلسون، ناڙي ڏاڍيان دا ڏيہ اي.

 

الائجي ناڙيءَ هن سان ڪهڙيون ڏاڍايون ڪيون هيون جيڪي درد جا گونچ بڻجي سندس آواز مان ڦٽي پونديون هيون. پکي  آکيرن ۾ موٽندا ۽ شفق جا رنگ جهڪا ٿيندا ته هو ساڳي درديلي آواز سان ٻانگ ڏيندو. ٻانگ جي ٻولن مان به سندس گيت وارا درد جا پڙلاءَ پيا ايندا.

 

هن ڳوٺ ۾ به سنڌ جي ٻين ڳوٺن جهڙا عام ڳوٺاڻا رهندا هئا. بکيا، ڏکيا، هيڻا، هيسيل ۽ صدين جا ستايل! پر جيڪي پوءِ به ڪافيون ڳائيندا آهن ۽ جهومريون وجهي جيئندا آهن.

هڪڙو ڪاڪو موجو خان هو. اڇو، ڳاڙهو، دُن تائين ڊگهي ڏاڙهي، مٿو ڪوڙيل، پيٽ آڦريل ساري بت تي وار، لک اُگهاڙا، کڙڪيدار اچي ڪمرڪ جي گوڏ، پيرن ۾ گيتلو، هٿ ۾ ڊگهي لٺ جنهن تي لوهي پٽ چڙهيل هوندا. اصل پٺاڻ هو، پر سنڌ جي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويو هو. فجر جي نماز پڙهي، پيرين پنڌ، لٺ کڙڪائيندو شڪارپور روانو ٿيندو ۽ ڪورٽ کلڻ کان اڳ ڪورٽ جو در اچي جهليندو، ڪنهن ڪيس ۾ ڪنهن کي شاهديءَ جي ضرورت پوندي ته جهٽ ڪوڙي شاهدي ڏيندو، وڪيل منجهائڻ جي ڪندس ته وڪيل کي منجهائي وجهندو. پوليس جي ڪوڙن مشير نامن تي آڱوٺا هڻندو ۽ پنهنجو روز ڪمائي، لٺ کڙڪائيندو ڳوٺ روانو ٿي ويندو.

 

لڌو خان به پٺاڻ هو. بگي وهائيندو هو. سندس بگيءَ جي ساري شڪارپور ۾ هاڪ هئي. مُشڪي گهوڙو، چانديءَ جي تارن سان مڙهيل سنجَ، گلٽي بگي، ٽنور ۽ ريشمي رومال ٻڌل غمچينان (چهبڪ) بگيءَ تي ويهي رينان جهلي گهنٽي وڄائيندو ته جهڙو لک ڪهاڙيءَ جو سردار! مڙس ڪرڙو ۽ ڦڏئي هو. پاسينگرن سان وڙهندي ويرم نه ڪندو. اهڙي تهڙي کي ته بگيءَ ۾ چڙهڻ ئي نه ڏيندو. جيڪو ڀاڙو ٻولائيندس تنهن سان نه هلندو. جي زور ڀريندس ته چوندو، ”هل. هل. ڀيڻيان تو جهڙا ته منهنجي گهوڙي کي کرکرا هڻندا آهن.“ هڪ يا ٻه سواريون اهڙيون ملي ويندس جو ساري ڏينهن جو خرچ نڪري ايندس. پوءِ وچ لکي در تي بگي آڻي بيهاريندو، دوستن يارن سان لمليٽ پيئندو، ڊاڙون هڻندو، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو ۽ رکي رکي گهوڙي کي ٺاپي هڻندو.

 

ڳوٺ ۾ ٻه واڻڪا هٽ هئا. هڪ لکي جو هو ۽ ٻيو پريمي جو. ٻئي شڪارپور ۾ رهندا هئا ۽ صبح جو سوير، ٺڪري شنان ڪري، شيون شگليون وٺي، گڏهن تي چڙهي، ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيندا. گهران گيهه ۾ تريل ڦلڪن جو کارو ڀرائي گڏه تي اڳيان رکندا، ساري واٽ ڪچهري به ڪندا ويندا ۽ رستي تي ڪتن ڏانهن ڦلڪا به اڇلائيندا ويندا. ٻئي نانڪ پنٿي هئا، پر درازن جي اهڙي دز چڙهي وئي هين جو سچل جي رسالي جو گرنٿ وانگر پاٺ ڪندا هئا. ظاهري طرح ته ٻئي هٽ واڻيان هئا ۽ ٻارن جون شيون شگليون وڪڻي گذران ڪندا هئا. پر اصل ۾ ٻئي ڳوٺ جي ’اسٽيٽ بئنڪ‘ هئا. ڳوٺاڻن کي پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت پوندي ته هنن وٽ ايندا. پهرين ته هو ناهڪار ڪندا، گهڻي منٿ ميڙ کان پوءِ قرض ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندا، زمين يا زيور گروي رکندا ۽ وياج اهڙو ڳاٽي ڀڳو وٺندا،جو قرضي ساري عمروياج ۾ ڳهي ڳهي مري وڃي.

 

سارنگ جو پيءُ سانوڻ ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. پنهنجو ٻني ٻارو به هيس ۽ ڄيٺامل  جي راهڪي به ڪندو هو. ڪنهن زماني ۾ هن جا وڏا پاڻ زميندار هئا. پر پوءِ وقت جي جانڊه اهڙو ته پيڙهي ڇڏين جو سانوڻ هڪڙي ڀلاوڻي ڄيٺا مل جي راهڪي ڪرڻ لڳو. هو هيو ته راهڪ پر ڏيک زميندارن واري ڏيندو هو. چڱي ڀلي ۾ ته اک ئي نه ٻڏندي هيس. سيٺ ڄيٺا مل به کانئس ڪؤ کائيندو هو. سارنگ ڄائو ته هن سوچيو ته ڪيئن به ڪري پٽ کي پڙهائيندس، کيس تپيدار يا صوبيدار بڻائيندس. پئسا گڏ ڪري وڏڙن جون ٻنيون موٽائيندس. وري اهي زمينداراڻا شانَ ۽ مانَ هوندا. ڄيٺا مل جهڙا ڀلاوڻا زميندار سندس گهوڙي جي واڳ جهليندا. سارنگ جو مامون احمد خان شڪارپور ۾ انگريزي ماستر هو. سارنگ پڙهڻ جهڙو ٿيو، ته سانوڻ سندس ٻانهن مامي جي هٿ ۾ ڏني چيائين: پٽ ڇڏي ٿو وڃانءِ، تيستائين وٺڻ نه ايندو مانس، جيستائين صوبيدار يا تپيدار نه ڪندينس.

سارنگ کي اهو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد هو، جڏهن پڻس کيس شڪارپور وٺي ويو هو. پڻس کيس وهنجاري سهنجاري، تيل ڦليل ڪري، اکين ۾ سرمو وجهي، بوسڪيءَ جي قميص ۽ راڻيءَ ڇاپ  ڪمرڪ جي شلوار ۽ چيچاٽن وارو انگريزي بوٽ پارايو هو ۽ سندس ڪپڙن جي ڳنڍ ٻڌي ڏاند ڍڪايا هئا ۽ بيل گاڏيءَ تي هو شڪارپور روانا ٿيا هئا. خانپور وارو رستو ٽپي جڏهن هو ريلوي ڦاٽڪ وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هو ۽ پوءِ ريل زوزاٽ ڪندي لنگهي. ريل کي ڏسي، پهرين ته هو هيسجي ويو، پوءِ حيران ٿيو ۽ پوءِ ڏاڍو خوش ٿيو. سوچيائين ته وڏو ٿي سدائين ريل ۾ سفر ڪندس.

ريلوائي ڦاٽڪ ٽپي اڳڀرو ٿيا ته ڪوئيٽا ويندڙ شاهي روڊ جي ساڄي طرف ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن جي دروازن وٽ سهڻيون شهزاديون زائفون، هار سينگار ڪري، ڪرسين تي ويٺيون، وڃڻا هڻي رهيون هيون. طبلي، سارنگي ۽ گهنگهرن جا آواز ٿي آيا. ماڻهن جا ميڙاڪا هئا. ريشمي گوڏيون، ململ جا چولا جن جا ٻيڙا کليل، ڪرائين ۾ رابيل جون ڪنديون ۽ ريشمي رومال ويڙهيل. هٿن ۾ وڃڻا جن تي ٽنؤر لڳل. هڪڙي زائفان ۽ مڙد پاڻ ۾ ڳالهايو، پوءِ زائفان ڪرسيءَ تان اُٿي ڪوٺيءَ ۾ وئي. مڙد به سندس پٺيان پٺيان ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ زائفان در بند ڪري ڇڏيو. هن پيءُ کان پڇيو.

”بابا، هي ڪير آهن.“

”تنهنجوڇا وڃي ڇورا.ڀيڻيان،هر ڳالهه ۾ ٽُبڪيو پيو آن.“

پڻس کيس ڪاوڙ ۾ ڇڙٻ ڏني. پيءُ هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ وس ويندي مٿس ڪاوڙ نه ڪندو هو. پر ان ڏينهن الائي ڇو پڻس هروڀرو کيس ڇڙٻ ڏني. پوءِ جڏهن هو وڏو ٿيو ۽ کيس خبر پئي ته اُهي زائفون ڪير آهن، تڏهن کيس پيءُ جي ڇڙٻ جو سبب سمجهه ۾ آيو.

ڪوئيٽا روڊ جي کاٻي پاسي قافلو قلعو هو جيڪو هينئر ويران هو. قلعي جون وڏيون وڏيون ڀتيون ڏسي هن سوچيو ته اهو پڪ ان راڪاس جو گهر هوندو، جنهن جا ناني اميدان هن کي قصا ٻڌائيندي هئي ۽ جيڪو هڪڙي شهزاديءَ کي کڻي ويو هو. پڪ اُها شهزادي ان ڪوٽ ۾ قيد هوندي. هن پيءُ کان پڇيو.

”ابا. هي گهر ڪنهن جو آ.“

”ابا. هي گهر نه، قافلو قلعو آ.“

”قافلو قلعو ڇا ٿيندو آ؟“

”ڪنهن زماني ۾ قنڌار کان قافلا اچي هتي ڊاٻو ڪندا هيا. ان ڪري هن کي قافلو قلعو سڏبو آ.“

قافلي قلعي کان اڳڀرو انبن ۽ کجين جا واڻڪا باغ هئا. پرڀرو هڪڙو ڦٽل انڌو کوه هو. ڊٺل  مڙهي هئي. مڙهيءَ جي ڀرسان تلاءُ هو، جنهن جي ڀرسان گهاٽن وڻن جا جهڳٽا هئا. پاسي کان پٺاڻن جو ڳوٺ هو. سُڪ پل ٽپي، جڏهن هاٿي در وٽ پهتا، ته هن پيءُ کان پڇيو:

”بابا، هتي هاٿي ڪاٿي آهن؟“

پڻس ٿڌو ساه کڻي چيو، ”ابا، هاٿين وارا زمانا ئي گذري ويا. ڪنهن زماني ۾ شڪارپور شهر جي چوڌاري وڏو ڪوٽ هو، جنهن کي اٺ دروازا ۽ هڪ دري هئي. هاٿي در وٽ، داؤد پوٽن شهزادن ۽ پٺاڻ سردارن جا هاٿي جهوليندا هئا.“

 

هاٿيءَ در وٽ مامي جو پراڻو ۽ حويليءَ نما گهر هو. وڏو اڱڻ، اڱڻ ۾ نِمُ جو گهاٽو وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ گهڙاونجيءَ تي دِلا رکيل هئا. دلن جي مٿان ٺڪر جا کُمرا، نِم جي ڇانوَ ۾ اهڙا ٺرندا، جهڙا ڳڙا.

سارنگ مامي ۽ ماميءَ کي پيرين پئي مليو. مامي جي ننڍڙي ڌيءَ سڪينه ڳاڙهي، ڳٽولي، ڀورا ۽ جهنڊولا وار، تارا ٽمڪائي ٽمڪائي هن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ ڊوڙ پائي ٻاهر وئي، پاڙي جا سمورا ٻار وٺي آئي ۽ سڀني کي پنهنجو پڦاٽ ڏيکارڻ لڳي.  پوءِ گُڏيون کڻي آئي. رانديڪا کڻي آئي. چوئٿ  واڻئي کان لوڻيون ۽ وڻ پڪيون کارڪان وٺي آڻي هن کي کارايائين. کيڏندي کيڏندي الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان ڪاوڙي، جهٽ هڻي هن کان گڏيون ۽ رانديڪا کسيائين، نرڙ ۾ سونڊ وجهي چوڻ لڳي:

” ماکي مونجون کارڪان موٽائي ڏي.“ سارنگ هڪو ٻڪو ٿي ويو.

چيائينس: ” ڀائي اچي ته کارڪان وٺي ٿو ڏيانءِ. پر هوءَ ضد ڪري بيٺي ته:

”ماکي اهي کارڪان ڏي، جيڪي مونجون کاڌيون ٿي.“

پوءِ روئڻ لڳي. مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳي، پڻس تڙي ڏنس، ته يڪدم ماٺ ٿي وئي. ٽپ ڏيئي  پٽ تان اُٿي ۽ هن ڏانهن ڪرڙين اکين سان نهاريندي ماءُ جي هنج ۾ وڃي ستي ۽ سڏڪندي سڏڪندي سمهي رهي.

 

مامو ماٺيڻو ۽ رعبدار هو. ڊگهو قد، سنهون بت. وڏيون پر تراشيل مڇون. اکين تي عينڪ، ننڍ پائنچي شلوار.  گوڏن تائين ڊگهي قميص. اونهاري جي گرمين ۾ به زين جو ڪوٽ پائيندو. مٿي تي ترڪي ٽوپي، پيرن ۾ پمپي، هٿ ۾ لڪڻ. گهر ۾ گهڙندو ته جيڪو جاتي سو تاتي. ڪنهن سان نه ڳالهائيندو. ماٺ ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هليو ويندو. مامي ماني آڻي اڳيان رکندس، ماٺ ڪري کائيندو ۽ مامي جهلي ڇڪندي. رکي رکي کنگهڪار ڪندو، ته اڱڻ ۾ نم جي ڇانوَ ۾ کيڏندڙ ٻار به ماٺ ٿي ويندا. جيستائين گهر ۾ هوندو، مامي ماٺ هوندي. هوڏانهن مامون در مان پير ٻاهر ڪڍندو ۽ هيڏانهن ماميءَ جي زبان  چالو ٿيندي، زبان ائين هلندس جهڙِ قئنچي. سڪينه ۾ ساهه هيس، صدقو صدقو پئي ويندس، پر سارنگ سان ڪانه پيس. سارو ڏينهن ڇڙٻون ڏيندس. هڪڙي ڏينهن ته چماٽ به وهائي ڪڍيائينس. ان ڏينهن هو ڏاڍو رنو ۽ پهريون دفعو کيس پنهنجي ماءُ ياد پئي، پيءُ ياد پيو، ڳوٺ جي ناني اُميدان، لڌو، عيدن، احمد، لکو ۽ پريمو ياد پيا. اهي سڀ ڌاريا هئا، پر هن کي ڪيترو نه ڀائيندا هئا، مامي پنهنجي هئي پوءِ به هن سان وڙهندي هئي. سوچيائين: بابو ايندو ته دانهن ڏيندومانس. بابو ماميءَ کي مار ڏيندو ۽ مون کي ڳوٺ وٺي هلندو. پڻس هڪ نه ٻئي ڏينهن شڪارپور ايندو هو. مامي ماميءَ لاءِ انَ جون ڳوڻيون، گيهه جا چاڏا، ڀاڄي يا ميوي جي وَٽ آڻيندو. سڪينه ۽ سارنگ  لاءِ ٽول ۽ رانديڪا آڻيندو شام جو ٻنهي کي گهمائڻ لاءِ لکي در وٺي ويندو. قلفيون ۽ فالودو کارائيندو،لمليٽ پياريندو، لڌي جي بگيءَ ۾ شاهي باغ گهمائيندو.رابيل جون ڪنڍيون ۽ تيجل واڻئي جا مٺا پان وٺي ڏيندو. ٺوڙها رپيا خرچي ڏيندو. پڻس جي اڳيان مامي هن تان گهور گهور پئي ويندي. پڻس گهران نڪرندو ته بُلٽ ئي ڦري ويندس. پوءِ ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه!ٻئي ڏينهن پڻس آيو، ته مامي جي مار ئي وسري ويس. ٽول۽ رانديڪا کڻي سڪينه سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو.

 

سانجهي ٿيندي، ڏيئو ٻرندو، پاڙي جا ٻار اڃان رانديون رونديون پيا ڪندا، پر سارنگ ۽ سڪينه ڪتاب کڻي پڙهڻ ويهندا. مامون چڪر چاڙي هڻي موٽندو ۽ هنن کي پڙهائڻ ويهندو. مامي جي محنت ۽ ڪوشش سان هو ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو ويو. سڪينه ته چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي ۽ قرآن پڄائي سَتُر ۾ ويٺي، پر سارنگ پڙهندو رهيو. فرسٽ ڊويزن ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. پڻس دستگير جي ديڳ چاڙهي. الف شاه شهيد تي ريشمي پڙ وڌائين، شهر جا سڀئي دهلاري ۽ باجائي گهرائي، پٽ کي موڙ ٻڌي، گهوڙي تي چاڙهي، پٽ جي سرگس ڪڍيائين. ڳوٺان ڪاڪو لڌو، عيدن، احمد، ڪاڪو موجو خان، پريمو، لکو سڀ اچي گڏ ٿيا. ڪن سندس گهوڙي جي واڳ جهلي، ته ڪي وري اڳيان اڳيان جهومريون وجهندا، ڳائيندا هليا. هن کي ان راڳ جا ٻول اڄ به ياد هئا:

جا وڃان بازار ۾ ته پيهڻ واريون پنج،

                        الا پيهڻ واريون پنج.

هڪ ته منهنجي سارنگ جي باقي ٻين کي بازو بند،

                        الا ٻين کي بازو بند.

اها لائي توڙ نڀائين، او دم ديدان دي آشنائي،

                        او دم ديدان دي آشنائي.

پوءِ سڀني ڦيري پائي، هڪ ئي تال تي هٿ هوا ۾ لهرائي تال ڏنو.

هي هو هي، او هي هو. هي هو هي، او هي هو.

سڀئي مٿس گهور گهور ٿي ٿيا. پائلين، ٻي آنن ۽ آنڪين جون مٺيون ڀري ٿي مٿان گهوريائونس.

پير وٽان ٿي، سر گس گهمائيندا هو گهر ڏانهن موٽي آيا. هو مامي ۽ ماميءَ سان پيرين پئي مليو. مامي جون اکيون لڙڪن ۾ آليون ٿي آيون. مامون ٻاهران ڪهڙو سخت هو، پر اندران ڪيڏو ڪُئنرو هو. ماميءَ جا پير ڇهيائين ته ماميءَ ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتس. ماميءَ جا ڏنل سڀ ڏک وسري ويس ۽ ماميءَ کي ائين ڳراٽڙي  پاتائين، ڄڻ وڇڙيل ماءُ سان ملي رهيو هجي. سڪينه شاغل ٿي، ساهيڙن جي سٿ ۾، دهلڙي گوڏي هيٺان رکي، سهرا ڳائي رهي هئي:

اکيون ادل جون ٻرن مشالان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org