سارنگ مستيءَ ۾ جهومندو، ٿيڙ کائيندو، گهر ڏانهن روانو ٿيو. اڄ
هن جي چت ۾ ڇيريون ٿي ڇمڪيون ۽ هزارين مورتيون بدن
کي لهرائي، ٻانهن کي ورائي هن جي اڳيان ٿي نچيون.
ساهه سان هيٺ مٿي ٿيندڙ جوڀن ڄڻ سنڌوءَ جي موج. ڄڻ
سنڌين جي فوج! گهر اچي هن تيشي ۽ ڇيڻي کنئين ۽ پٿر
ڇلڻ ويٺو. هوري هوري پٿر مان هڪڙي مورتي ڪَرَ
موڙي جاڳي پئي ۽ هن جي سامهون نچڻ لڳي. سارنگ
ڊوڙندو ماڻڪ وٽ ويو ۽ هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي
مورتيءَ جي سامهون آڻي بيهاريائين. ماڻڪ اچرج ۾
پئجي مورتيءَ کي ڏسندو رهيو. هو ان مورتيءَ مان
ڇير جو ڇمڪو، ساهه جو سهڪو ۽ دل جو دهڪو ٻڌي رهيو
هو. ماڻڪ سارنگ جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائين:
”مان سچ چيو هو ته مان تنهنجي ڳالهين مان ڪنهن وڏي بت تراش جي
ڇيڻي ۽ تيشيءَ جا آواز ٻڌي رهيو آهيان. تون تمام
وڏو بت تراش آهين. تنهنجي شروعات منهنجي پڄاڻي
آهي.“
ڪجهه ڏينهن گذريا ته اوچتو ماڻڪ بيمار ٿي پيو. ويڄن گهڻو ئي
دارون درمل ڪيو، پر هن پنهنجي اڇن پنبڻين سان اهڙو
ته اکين کي ڍڪيو جو وري نه کوليائين.
اوچتو ڇير جو هلڪو ڇمڪو ٿيو، ڄڻ ڪنهن سياڻي جي سوچ ۾ سوجهرو
آيو، ڄڻ ڪنهن ڪويءَ جي دل ۾ ڪوتا ڪر موڙيا، ڄڻ
ڪنهن سنگتراش جي دل ۾ مورتي لٿي. جڏهن به هن جي دل
۾ ڪا نئين مورتي لهندي هئي ته هن جي ساري وجود ۾
ائين ئي ڇير جي هلڪي ڇمڪار ٿيندي هئي ۽ هو بيچين
ٿي ويندو هو. هن جي بيچيني ان عورت جي بيچينيءَ
جهڙي هوندي هئي، جنهن جي نئين نڪوري سپي، ٻوٽيل چپ
پٽي، مينهن ڦڙي جهٽي ان کي موتي بنائڻ لاءِ آتي
هوندي آهي. شايد ڪنهن گرڀ وتي عورت جي پهرين سورن
جي لئي به اها ئي هوندي...... هو تيشي ۽ ڇيڻي کڻڻ
لاءِ اٿيو ته سامهون در وٽ سنڌوءَ کي بيٺل
ڏٺائين..... ڇا اها واقعي سنڌو هئي يا هن جو سپنو
سنڌوءَ جو روپ اختيار ڪري هن جي سامهون بيٺو هو.
ڇير جو وري هلڪو ڇمڪو ٿيو ۽ ڇير جي آواز کان به
وڌيڪ مٺڙو آواز اُڀريو.
”بت تراش، مان ٻڌو آهي ته تو منهنجي اهڙي ته سهڻي مورتي ٺاهي
آهي جو ماڻهو ڏيساورن کان اها مورتي ڏسڻ ايندا
آهن. اڄ مان به اها مورتي ڏسڻ آئي آهيان.“
سارنگ هن کي ڪو جواب نه ڏنو، رڳو ماٺ ڪري هن کي ڏسندو رهيو.
”ائين اچرج وچان ڇو ٿو ڏسين؟“
” ڏسان ٿو ته تون سپنو آهين يا ساڀيان.“
”مان سپنو نه پر ساڀيان آهيان.“
”اهڙي ساڀيان جيڪا سپني کان وڌيڪ سندر آهي.“
”بت تراش، مان پنهنجي مورتي ڏسڻ آئي آهيان. ڇا تون مون کي
منهنجي مورتي ڏيکاريندين.“
سنڌو جي سوال جي جواب ۾ سارنگ مورتيءَ تان ڪپڙو لاٿو. سنڌوءَ
جون اکيون مورتيءَ ۾ کپي ويون.
.بت تراش، ڇا مان اهڙي سندر آهيان، جهڙي هيءَ مورتي سندر آهي.“
”سنڌو ديوي، تنهنجي سندرتا جا سوين روپ آهن. هيءَ مورتي ته
تنهنجي سونهن جو رڳو هڪڙو روپ آهي.“
”پر مون ته ڪڏهن به آرسيءَ ۾ پنهنجو ههڙو سندر روپ نه ڏٺو آهي.“
” ان ڪري جو تو ڪڏهن به منهنجي اکين سان پنهنجو پاڻ کي نه ڏٺو
آهي.“
”پوءِ چئبو ته سونهن مون ۾ ڪانهي پر تنهنجي اکين ۾ آهي.“
”آرسيون سڀ ڪوڙيون ٿينديون آهن. سچي آرسي صرف بت تراش جي دل
ٿيندي آهي، جنهن ۾ پوندڙ اولڙو پٿر ۾ پيهي سندر
روپ وٺندو آهي.“
”پر مان ته بت تراش جي دل جي آرسيءَ ۾ پنهنجي صورت ڏسي نه ٿي
سگهان.“
”تون هن مورتي ۾ پنهنجي صورت ڏسي سگهين ٿي، جو مورتين ۾ ئي بت
تراش جي دل ڌڙڪندي آهي.“
”مورتي چوي ٿي ته مان تو کان وڌيڪ سندر آهيان ۽ اها سندرتا مون
کي بت تراش جي هٿن ڏني آهي.“
”تون چئينس ته بت تراش جي هٿن کي اها سونهن مون ڏني آهي ۽ مان
توکان وڌيڪ سندر آهيان.
تو کي ڏسڻ کان اڳ به مان مورتيون ٺاهيندو هيس. ماڻڪ منهنجي
مورتين کي ڏسي منهن ڦيري ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري ته
منهنجي مورتي ڀڃي ڇڏيائين. مون کي پڪ ٿي وئي ته
مون ۾ ڏات ڪانهي، پر ان رات تو کي نچندو ڏٺم ته چت
۾ ڪيئي مورتيون چرڻ لڳيون ۽ گهر اچي تنهنجي هيءَ
مورتي ٺاهيم.
سنڌو ديوي، تنهنجي سونهن ئي منهنجي ڏات آهي، جنهن منهنجي
اونداهي اندر ۾ سوجهرو ڪيو آهي.“
سنڌو اکيون کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو. سارنگ ڪهڙو نه سهڻو هو،
جهڙو سندس اندر سهڻو هو، جهڙا سندس هٿ سهڻا هئا،
جهڙيون سندس ڳالهيون سهڻيون هيون اهڙو ئي هو پاڻ
سهڻو هو.
”سنڌو ديوي، مان تنهنجي سندرتا جي هر روپ کي هنن آڱرين سان
مورتي جي صورت ڏيندس ۽ تنهنجي سندرتا کي امر
بڻائيندس. ماڻهو تو کي ديوي ڪري پوڄيندا، سهاڳڻيون
تنهنجي مورتيءَ کي کير ۾ ڌوئي پيئنديون ته جيئن
هنن جي ڪُک مان به اهڙي ئي سندرتا جنم وٺي. هاري
تنهنجي مورتيءَ کي ٻنين ۾ رکندا ته جيئن سندن
ٻنيون به تنهنجي جوڀن جهڙيون جوڀنيڪ ٿين ۽ جڏهين
به سنڌو ڪروڌ ۾ اچي ٻوڏيون ڪندو ته ماڻهو تنهنجي
مورتي کي سنڌوءَ جي سير ۾ وجهندا ۽ سنڌو تنهنجي
سونهن ڏسي سانت ٿي ويندو.“
سارنگ ڳالهائي رهيو هو ۽ سنڌو يڪ ٽڪ هن کي ڏسي رهي هئي. هن جي
کليل پيشانيءَ تي وکريل وارن کي. هن جي انهن ڪارن
گهرين اکين کي جن ۾ سندس ئي صورت جرڪي رهي هئي.
انهن اکين ۾ ئي اها سندرتا هئي جنهن سان سارنگ هن
کي ڏٺو هو ۽ ان سندرتا کي پٿر ۾ اوتي هن کان به
وڌيڪ سندر مورتي گهڙي هئي ۽ هن کي امر بڻايو هو.
اڄ هوءَ مهاپوڄارڻ هئي، پر سڀاڻي هوءَ مها
پوڄاريءَ جي سڏ لاءِ سڪندي. ويري وقت هن کان ساري
سونهن۽ سارو جوڀن کسي وٺندو ۽ هوءَ مٽيءَ ۾ ملي
مٽي ٿي ويندي. ڪوبه هن کي ياد نه ڪندو. سڀڪجهه ختم
ٿي ويندو. پر هن مورتيءَ کي ڪير به ختم ڪري نه
سگهندو، ڪير به هن جي سندرتا کسي نه سگهندو. هن جي
سونهن، هن مورتيءَ جي روپ ۾، وقت ۽ موت کي به
جيتيو هو. ماڻهو هميشہ هن جي پوڄا ڪندا. هن بت
تراش هن کي ڪيڏو نه مانُ ڏنو هو. هن سارنگ جي اکين
۾ نهاريو. سارنگ جون اکيون هن جي اکين جي درين مان
هن جي دل ۾ لهنديون ٿي ويون.
”مان سنگتراش آهيان ۽ تون منهنجي ڏات آهين. تنهنجي ۽ منهنجي
ميلاپ مان ئي سونهن جنم وٺندي ۽ امر ٿيندي. هن
ڌرتي تي ڏاڍي بدصورتي آهي. بدصورتي ماڻهن جي روحن
۾ پيهي وئي آهي. اچ ته ماڻهن کي هڪ نئين سونهن ۽
نئين سندرتا سان آشنا ڪريون. ماڻهپي جي سونهن،
انساني ڀائپيءَ جي سندرتا، ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان
هڪ جهڙائيءَ جي سونهن! ماڻهن کي سونهن جا نوان
آدرش ڏيون ته جيئن هو هن ڌرتيءَ تان بدصورتي کي
مٽائي ڇڏين. پنهنجي روحن مان بدصورتي کي ڪوري
ڪڍن.“
سنڌوءَ سارنگ جي اکين ۾ نهاريو ۽ هن کي سارنگ جي اکين ۾ اهڙي
سونهن نظر آئي، جنهن سان ساري سنڌ ٿي جرڪي، ساري
ڌرتي ٿي جرڪي ۽ انسان جو آئيندو ٿي جرڪيو. اوچتو
گهنڊ وڳو، ناد وڄڻ لڳا ۽ سنڌو کي ياد آيو ته پوڄا
جو وقت ٿي ويو آهي. هن سارنگ کان موڪلايو ۽ پنهنجي
محل ڏانهن موٽي آئي.
آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. رکي رکي وِڄِ ٿي چمڪي ۽
اونداهيءَ جو سينو چيري ٿي ڇڏيائين. ڪڪر پاڏن
وانگر ٿي رنڀيا. سنڌو پنهنجي محل ۾ ويٺي هئي. هن
جي اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ هئي.ورَ ورَ ڪري سارنگ جي
صورت سندس دل تي تري ٿي آئي. کليل پيشاني تي وکريل
وار، ڪاريون گهريون اکيون جيڪي هن جي اکين جون
چائنٺون اورانگهي، هن جي دل جا دروازا کڙڪائي
رهيون هيون. هن جي دل جي مندر ۾ مها پوڄاريءَ جي
مورتي پئي هئي ۽ هوءَ گوڏا کوڙي، ڪنڌ نوائي، اکيون
بند ڪري، ٻانهون ٻڌي، مهاپوڄاريءَ جي مورتيءَ جي
پوڄا ڪري رهي هئي. پر سارنگ پنهنجي تيشي سان هن جي
دل جا دروزا کڙڪائي رهيو هو. اوچتو دروازن جا طاق
پٽجي ويا، مهاپوڄاريءَ جي مورتي اونڌي منهن اچي پٽ
تي ڪري. هن ڇرڪي سامهون نهاريو. سامهون سارنگ بيٺو
هو. هن جي چپن تي مُرڪ هئي ۽ هو آهستي آهستي هن
ڏانهن وڌي رهيو هو. ويجهو اچي سارنگ هن کي ٻانهن
کان جهليو ۽ آهستي آهستي وٺي آڻي ان دڪاڻيءَ تي
ويهاريو، جتي ٿوري دير اڳ مهاپوڄاريءَ جي مورتي
رکي هئي. پوءِ هو گوڏا کوڙي ڪنڌ جهڪائي، هٿ ٻڌي،
هن جي پوڄا ڪرڻ لڳو.
ڪڪرن ۾ گاج ٿي سنڌوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي، بت
کي چادر ويڙهي هوءَ وسندڙ مينهن ۾ سارنگ ڏانهن
رواني ٿي.
سارنگ پنهنجي گهر ۾ پٺيرو ويٺو مورتي گهڙي رهيوهو. پٿر مان
آهستي آهستي نقش اُڀري رهيا هئا. سنڌوءَ جي سندرتا
پٿر مان ائين اڀري رهي هئي، جيئن چنڊ اونداهي
اولهه مان ڪني ڪڍندو آهي. ڇير جو ڇمڪو ٻڌي سارنگ
پٺتي نهاريو. در جي چائنٺ وٽ سنڌو بيٺي هئي. مينهن
۾ هن جا ڪپڙا پسي هن جي بت کي چهٽي پيا هئا ۽ سندس
انگ انگ اڀري آيو هو. ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا.
وري آسمان ۾ گاج ٿي ۽ ٻئي ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيا.
سنڌو اڳتي وڌي ۽ چيائين:
”تو چيو هو نه، ته مان تنهنجي ڏات آهيان. تنهنجي ۽ منهنجي ميلاپ
سان سونهن جنم وٺندي ۽ امر ٿيندي. مان سونهن کي
جنم ڏيڻ ۽ امر بنائڻ لاءِ تو وٽ آئي آهيان.“
”مون کي پڪ هئي ته تون مون وٽ ايندينءَ ڇاڪاڻ ته اسين ٻئي هڪ
ٻئي جي پورائي آهيون.“
سارنگ هن کي سامهون ويهاريو ۽ هن جي جسم جي انگن ۽ ونگن کي پٿر
مان اڀارڻ لڳو.
هاڻي هر رات جو جڏهن شهر ۾ سانت ڇانئجي ويندي هئي تڏهن سنڌو لوڪ
کان لڪي سارنگ وٽ ايندي هئي ۽ سارنگ هن جون
مورتيون ٺاهيندو هو. سنڌو هن جون اهي آڱريون چمندي
هئي، جنهن مان روشني ڦٽندي هئي ۽ پٿر ۾ پيهي
سنڌوءَ جي مورتي ٿي ويندي هئي.
هڪڙي رات سنڌو سارنگ وٽان موٽي ۽ پنهنجي ڪمري جي چائنٺ مس ٽپي
ته سامهون ويٺل پوڄاريءَ تي نظر پيس. هن جو ساهه
ئي سڪي ويو. يڪدم گوڏا کوڙي، هٿ ٻڌي، ڪنڌ
نوايائين. وڏي پوڄاريءَ جو گجندڙ آواز گونجيو:
”سنڌو، تون مون کي دوکو ڏيئي سگهين ٿي، پر ديوتائن کي دوکو ڏيئي
نٿي سگهين. ديوتائن مون کي ٻڌايو آهي ته رات جو
اونداهيءَ ۾ تون ڪيڏانهن ويندي آهين. تنهنجو هي
هار سينگار ڪنهن لاءِ آهي ۽ تنهنجي انگ انگ کي،
جنهن کي صرف مهاپوڄاريءَ کي ڇهڻ جو حق آهي، ڪنهن
ڇهيو آهي.“
”سائين، مون ڪو پاپ نه ڪيو آهي.“
”پاپ ڇا َهي ۽ پڃ ڇا آهي، اهو مون کان ۽ ديوتائن کان سواءِ ڪو
به نٿو ڄاڻي. تو هڪڙي ڪينَ جهڙي بت تراش سان پيار
ڪري مهاپوڄاريءَ سان ويساه گهاتي ۽ مهاپوڄارڻ جي
رتبي جي گهٽتائي ڪئي آهي.“
سنڌوءَ پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مهاپوڄاريءَ جي اکين ۾
اکيون کپائيندي چيائين:
”سائين، جنهن کي اوهين ڪين جهڙو سنگتراش ٿا چئو تنهنجو
رتبوديوتائن کان به مٿاهون آهي. هن جون آڱريون
اهڙيون ڏياٽيون آهن، جن مان شڪتي ديوي روشني بڻجي
ڦٽندي آهي.“
”ديوتائن لاءِ اهڙا اکر اچاري تون ديوتائن جي ڪروڌ کي سڏي رهي
آهين. جي اڄ کان پوءِ تون هن وٽ وئينءَ ته مان هن
جي آڱرين جون ڏياٽيون اُجهائي ڇڏيندس، جو اها ئي
ديوتائن جي مرضي آهي.“
مهاپوڄاري هليو ويو ۽ سنڌوءَ کي ٻرندڙ ٽانڊن تي اڇلائي ويو.
ساري رات هوءَ ٽانڊن تي سڙندي ۽ پڄرندي رهي. ٻئي
ڏينهن جڏهن سارنگ وٽ وڃڻ جي ويل ٿي ته مهاپوڄاريءَ
جا اکر ڪوٽ جون ڀتيون بڻجي هن جي اڳيان اُڀا ٿي
بيٺا. پر هن ويل ٽرڻ نه ڏني ۽ سڀئي ڪوٽ ڪيرائي، سر
جو سانگو لاهي، سارنگ سان وڃي ملي.
مهاپوڄاريءَ سارنگ کي پاڻ وٽ سڏايو هو. سارنگ سوچيو ته الائجي
ڇو مهاپوڄاري هن کي سڏايو هو. شايد مهاپوڄاريءَ کي
هن ۽ سنڌوءَ جي پيار جي خبر پئجي وئي هئي. جي
مهاپوڄاريءَ کي هنن جي پيار جي خبر پئجي وڃي ها ته
هو ڪو وڏو قدم کڻي ها. سندن پيار تي پابندي وجهي
ها. سنڌوءَ کي هن وٽ اچڻ کان روڪي ها. پر ڪير آهي
جيڪو سدا وهندڙ مست الست سنڌوءَ کي وهڻ کان روڪي
سگهي. ڪير آهي جيڪو پيار ڪندڙ دل تي پابندي وجهي
سگهي. جي مهاپوڄاريءَ کي سندن پيار جي خبر پئجي به
وئي هئي ته ان جي هن کي ڪا پرواهه نه هئي. هن پيار
ڪيو هو ۽ پيار پاپ نه آهي. پر شايد مهاپوڄارڻ سان
پيار ڪرڻ پاپ آهي. سنڌو مهاپوڄارڻ نه هئي، پر هن
جي ڏات هئي ۽ ڏات سان پيار ڪرڻ ڏوه آهي ته پوءِ
دنيا جا سڀ سنگتراش ڏوهاري آهن، جن پنهنجي ڏات سان
پيار ڪري سونهن ۽ سوڀيا کي جنم ڏنو آهي. هو پنهنجي
ڏات لاءِ جيئندو ۽ ڏات لاءِ ئي مرندو......
هن پنهنجا وکريل وار سنواريا، ڇريل چادر بت کي ويڙهيائين ۽
مهاپوڄاريءَ جي محل ڏانهن روانو ٿيو.
گوڏو کوڙي، ڪنڌ نوائي، هٿ ٻڌي، هن مهاپوڄاريءَ کي پرڻام چيو.
مهاپوڄاريءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هن جو
جائزو ورتو ۽ گنڀير آواز ۾ چيائين:
”بت تراش، اسان کي ان ڳالهه تي مانُ آهي ته تو جهڙو سنگتراش
اسان جي شهر ۾ اچي رهيو آهي. تنهنجون مورتيون ڏسي
ديوتا ڏاڍا سرها ٿيا آهن.“
”اهو سڀ ديوتائن جو ئي ڏان آهي سائين.“
”پر بت تراش، ڌرتي ماءُ جي سيني تي وڏو پاپ ٿيو آهي ۽ ڌرتيءَ
ماءُ اسان تي ڏمر ڪيو آهي.“
سارنگ جهڪيل اکيون کڻي مهاپوڄاريءَ جي اکين ۾ نهاريو ۽ پڇيائين:
”ڪهڙو پاپ ٿيو آهي سائين.“
”انسان جي دل ايتري ته ننڍي آهي جو ان ۾ ڌرتي ماءُ جي سيني ۾
سانڍيل راز سمائجي نٿا سگهن. ڪڏهين ڪڏهين انسان
اهڙا ته پاپ ڪندو آهي جو سندس پاپن جي رازن کي
ڌرتي ماءُ به پنهنجي سيني ۾ سانڍي نه سگهندي آهي ۽
سندس دل ٻرندڙ جبل جي صورت ۾ ڦاٽي پوندي آهي. ان
ڪري انساني پاپن جو راز صرف ڌرتيءَ ماءُ ئي ڄاڻي
ٿي. مون کي رڳو ايتري ڄاڻ ڏني وئي آهي ته هن شهر
جي ڪن رهواسين وڏو پاپ ڪري ڌرتيءَ ماءُ کي رنجايو
آهي. هاڻي ڌرتي ماءُ اسان تي ڏمر ڪندي ۽ بت تراش.
تو کي شايد خبر ڪانهي ته جڏهين ڌرتي ماءُ ڏمر ڪندي
آهي تڏهين سايون ٻنيون سُڪي وينديون آهن، آتڻ
اُجڙي ويندا آهن، سنڌو اٿل کائيندو آهي ۽ گهرَ
لڙهي ويندا آهن ۽ شهر کنڊر ٿي ويندا آهن. ڌرتي
ماءُ جي ڏمر جي ڪري هي شهر ڇهه دفعا تباه ٿيو آهي.
هينئر اسين هن شهر کي تباه ٿيڻ نه ڏينداسين.“
مهاپوڄاري ماٺ ٿي ويو ۽ بيچينيءَ سان ڪمري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو.
”بت تراش، مون تو کي ان لاءِ سڏايو آهي جو تون وڏو بت تراش
آهين. تنهنجون مورتيون ديوتائن کي به پسند آهن.
تون ڌرتيءَ ماءُ جي اهڙِ سندر مورتي ٺاهه، جنهن کي
ڏسي هوءَ سرهي ٿئي. اسين سڀ شهرواسي مٿئين مهيني
جي چنڊ رات ان مورتيءَ جي پوڄا ڪنداسين ۽ ٻل ڏيئي
رت سان سندس سيني تان پاپ جو داغ ڌوئينداسين.“
”اوهان جو حڪم اکين تي سائين.“
”هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.“
سارنگ پهرن جا پهر ڌرتي ماءُ جي مورتي بابت سوچيندو رهيو. هن جي
اندر ۾ رڳو سنڌوءَ جي سونهن جي سهائي هئي. سنڌوءَ
جي سونهن جا سوين روپ هئا. پر هن جو ڪهڙو روپ
ڌرتيءَ جو روپ هو. اوچتو هن جي چت ۾ ڪاڪي سانوڻ جي
ڌيءَ سڀاڳيءَ جو روپ اُڀريو. هوءَ ٻار کي هنج ۾
ليٽائي کير پياري رهي هئي. سندس اُره مان ٿڃ جي
سير وهي ٻارڙي جي منهن تي پئي. ٻارڙي هونگڙي ڏني،
ڳٽڪيو ۽ پنهنجي پتڪڙن هٿن سان ماءُ جو اُره جهلي
کير پيئڻ لڳو. سارنگ جي ذهن ۾ به مورتيءَ هونگڙي
ڏني. هو ٽپ ڏئي اٿيو ۽ تيشي ۽ ڇيڻي کڻي مورتي ٺاهڻ
لڳو.
چانڊوڪي رات هئي. اڄ به سنڌوءَ جي ڪپر تي، وڏي ميدان ۾ ماڻهو
اچي مڙيا هئا. پر اڄ هنن جي منهن تي سرهائيءَ جي
بدران ڊپ ۽ هراس ڇانيل هو. ڌرتي ماءُ هنن کان
ڏمرجي وئي هئي ۽ هو کيس پرچائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
سارنگ بت تراش، سندس مورتي ٺاهي هئي ۽ هو ڌرتي
ماءُ جي مورتيءَ لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا
پر مهاپوڄاري اڃان ڪونه آيو هو ۽ سڀئي آسائتيون
اکيون کڻي سندس واٽ نهاري رهيا هئا. آخر جڏهن رات
ڀِني ته سَنک وڳو ۽ مهاپوڄاري، پوڄارڻ، پوڄارڻين ۽
داسين جي ٽولي سان ميدان ڏانهن اچڻ لڳو. اڳيان
اڳيان پالڪيءَ تي ڌرتي ماءُ جي مورتي رکيل هئي،
جنهن کي زرتان سان مڙهيل چادر سان ڍڪيو ويو هو.
پالڪيءَ جي پٺيان مهاپوڄاري ۽ سنڌو هئا ۽ هنن جي
پٺيان سارنگ ۽ ٻيا پوڄارا، پوڄارڻيون ۽ داسيون اچي
رهيون هيون. مورتيءَ کي وچ ميدان تي رکي ان جي
چوڌاري مشعلون ٻاريون ويون ۽ پوءِ مهاپوڄاري اڳتي
وڌيو ۽ مورتيءَ تان چادر لاٿائين. مهاپوڄاريءَ جون
اکيون مورتيءَ ۾ کپي ويون. هن جي سامهون سنڌو
پنهنجي سموري سونهن سان نروار ٿي بيٺي هئي. هن
سنڌوءَ جي سنڌ سنڌ جي سونهن کي اکين ۾ اوتيو هو.
پر سنڌوءَ جي سونهن جا اڃا ڪي اهڙا روپ هئا، جيڪي
هن جي اکين کان اوجهڙ رهيا هئا ۽ اڄ سنگتراش سارنگ
هن جي سونهن جي انهن روپن کي اگهاڙو ڪري هن جي
اکين اڳيان آندو هو. سنڌ جي ڌرتيءَ جهڙو ڀلارو
بدن، ڪڻڪ جهڙو سون ورنو رنگ، ڪنول جهڙين ڪومل ۽
ڪنوارين ڇاتين مان سيرون ڪري وهندڙ ٿڃ جهڙي ڌرتيءَ
جي اُره مان وهندڙ سنڌو! هن جي هنج ۾ ٻار هو، جيڪو
ٿڃ پيئڻ لاءِ واجهائي رهيو هو ۽ هن جي منهن تي
مامتا هئي.... سنڌوءَ جي سونهن ڏسي مهاپوڄاريءَ جو
ڪنڌ جهڪي ويو. ماڻهن به پنهنجا ڪنڌ جهڪايا. گهڻيءَ
دير تائين مهاپوڄاري ڪنڌ جهڪائي، آسماني اشلوڪ
ڀڻڪندو رهيو. پوءِ هن جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ماڻهن
ڏانهن منهن ڪري وڏي واڪي چوڻ لڳو:
”مهن شهر جا رهواسيو. توهان مان ڪن ماڻهن پاپ ڪري ماءُ کي
رنجايو آهي. پر ڌرتي ماءُ پنهنجي ههڙي سهڻي مورت
ڏسي ڏاڍي سرهي ٿي آهي. هاڻي توهان جون سايون ٻنيون
ڪڏهين نه سڪنديون، اوهان جا آتڻ ڪڏهن نه اُجڙندا ۽
سنڌو ڪڏهن به ڪروڌ نه ڪندو.“
ايترو چئي مهاپوڄاري ماٺ ٿي ويو. ماڻهن جا منهن خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ
لڳا ۽ سڀ ڌرتيءَ ماءُ جي وڏائي ڳائڻ لڳا ۽ سنگتراش
سارنگ جي ساراه ۾ نعرا هڻڻ لڳا، جنهن ڌرتيءَ ماءُ
جي ههڙي سهڻي مورتي ٺاهي رٺل ماءُ کي ريجهايو هو.
مهاپوڄاريءَ سارنگ ڏانهن نهاريو. سارنگ جون اکيون
سنڌوءَ ۾ کتل هيون. مهاپوڄاريءَ ڪنڌ ڦيري سنڌوءَ
ڏانهن نهاريو. سنڌوءَ سارنگ ڏانهن ٿي نهاريو ۽
سندس منهن مان سرهائيءَ ٻهه ٻهه ٿي ڪئي.
مهاپوڄاريءَ جي هنيانءَ ۾ ڄڻ وَڍَ پوڻ لڳا، ڪروڌ
جي ڪاريهر ڪَر کڻي ڦوڪار ڏني. هن يڪدم هٿ مٿي
کنيو. هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي ماٺ ڪرايائين ۽
وڏي واڪي چوڻ لڳو:
”پر ڌرتيءَ ماءُ جي پَلوَ تي اسان پاپ جو داغ لڳايو آهي. ان داغ
کي ٻَل ڏيئي، رت سان ڌوئڻو پوندو.“
”ڌرتي ماءُ جيڪو ٻل گهرندي، سو اسين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“
”اسين تيار آهيون.....“
”اسين تيار آهيون.....“
ماڻهن جي ميڙ مان آواز اچڻ لڳا. مهاپوڄاري ماٺ ڪري آواز ٻڌندو
رهيو ۽ پوءِ جڏهن ماڻهن ماٺ ڪئي ته هن چيو:
”ڌرتي ماءُ اوهان کان ڪو وڏو ٻَل نٿي گهري. هوءَ صرف....“ هن
پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ چوڌاري ڪنڌ ڦيري
ماڻهن جو جائزو وٺڻ لڳو. سڀ ماڻهو انتظار مان هن
ڏانهن نهاري رهيا هئا. مهاپوڄاري دانهن ڪئي:
”ڌرتي ماءُ اوهان کان اهي هٿ ٿي گهري، جن هٿن ڌرتي ماءُ جي ههڙي
سهڻي مورتي ٺاهي آهي ته جيئن اهي هٿ ههڙي سهڻي
مورتي وري ٻيهر ٺاهي نه سگهن.“
مهاپوڄاريءَ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهن کي ڄڻ کپر کائي ويو. اوچتو سنڌو
دانهن ڪندي، ميڙ مان ٻاهر نڪتي:
”اهو ڪوڙ آهي. نسورو ڪوڙ آهي. مهاپوڄاري ان ڪري سارنگ جا هٿ
وڍائڻ ٿو چاهي، جو مون انهن هٿن سان پيار ڪيو آهي.
مهن شهر جا رهواسيو، سارنگ جون آڱريون ڏيئاٽيون
آهن. جن مان شڪتي ديوي روشني ۽ سونهن بڻجي ڦٽندي
آهي. جي اهي ڏيئاٽيون اجهاڻيون ته پوءِ صديون
اونداهيون ٿي وينديون ۽ پوءِ سونهن ۽ روشني ڏيڻ
وارن جا هٿ هميشہ وڍايا ويندا.“
وڏي پوڄاري هٿ جي اشاري سان پريان بيٺل پوڄارن ۽ ٻانهن کي اشارو
ڏنو. هو اڳتي وڌيا ۽ سنڌوءَ کي کنڀي کڻي ويا. سنڌو
دانهون ڪندي رهي:
”سارنگ جا هٿ نه وڍيو. سارنگ جي آڱرين جون ڏيئاٽيون نه
وسايو......“
وڏي پوڄاريءَ گجندڙ آواز ۾ چيو:
”ڌرتي ماءُ جي مرضي پوري ڪئي وڃي.“
سارنگ کي مورتيءَ جي اڳيان آندو ويو. هن جا ٻئي هٿ مورتيءَ جي
اڳيان رکيل اَڏيءَ تي رکيا ويا. ڪهاڙو چمڪيو ۽ رت
اڏيءَ تان اڏامي مورتيءَ تي پيو. سارنگ دانهن ڪئي،
وَٽَ کاڌا، لڇيو، ڦٿڪيو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويو.
اوچتو گهوڙن جي هڻڪار ٿي، رڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڪانَ ڪَڙَ ڪَڙَ
ڪندا ڪُکن ۾ لڳا. هر طرف دانهون، رڙيون، موت ئي
موت! سايون ٻنيون سڙڻ لڳيون، رت ريلا ڪري وهي
ڇڙيو.
مهن شهر تي ڌارين حملو ڪيو هو.
تارا هڪ هڪ ٿي آسمان مان غائب ٿي ويا ۽ هر طرف صبح جو کير جهڙو
سوجهرو پکڙجي ويو. هر شيءِ ڄڻ کير ۾ وهنتل ٿي لڳي.
پاسي کان مهراڻ وهي رهيو هو. ڪناري سان ٻيڙيون
بيٺيون هيون ڪجهه ٻيڙيون سير ۾ ٿي تريون جن جا اڇا
اڇا سڙهه هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هئا. آسمان ۾ ڪنگن جي
قطار اڏامندي لنگهي. ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي جواڻ جماڻ
مهاڻي وار ڇنڊڻ لڳي ۽ هڪڙي مهاڻي ڪن تي هٿ رکي.
ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جا ٻول ڄڻ نيري اُنيري آسمان ۾
اڏامندڙ اڇن اڇن ڪنگن جي قطار!
درياه جي پرينءَ ڀر گهاٽا ٻيلا هئا. اورينءَ ڀر، درياه جي پاسي
واري لنگهه سان انبن، ليمن ۽ کجين جا باغ. ڌرتيءَ
تي جهنگلي وليون وڇايل هيون ۽ انهن ولين ۾ رنگا
رنگي گل، ماڪ سان منهن ڌوئي مرڪي رهيا هئا. وڻن جي
ٽارين تي پکين لاتيون ٿي لنيون. ڄڻ پکي به گيت
ڳائي صبح جي آمد جو آڌر ڀاءُ ڪري رهيا هئا. سامهون
روپاه ماڙيءَ جي شهر پناهه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. شهر پناه
کان نظر ايندڙ ماڙيون ۽ ماڙين جا منگهه. بوعليءَ
گهوڙو جهليو.گهوڙي تان لهي، گهوڙي جو لغام جهلي
پنڌ هلڻ لڳو. پاسي کان تڙ هو ۽ تڙ جي ڏاڪڻ تي گوڏي
پاڻيءَ ۾ هندو عورتون اڀرندڙ سج جي پوڄا لاءِ
بيٺيون هيون. پاسي کان ڍڳي گاڏيون رينگٽ ڪنديون
لنگهيون. گاڏرن بوعليءَ سلام ڪيو ۽ پوءِ سيني تي
هٿ رکي هن جي کيڪر ڪيائون:”ڀائو. ڀلي ڪري آئين.“
بوعليءَ کي سنڌي ڪا نه ايندي هئي. پر هو سنڌيءَ سان ايترو ته
مانوس ٿي ويو هو، جو هو سمجهي ويو ته گاڏر کيس
کيڪاري رهيا آهن. هو به مرڪي سيني تي هٿ رکي هنن
جي کيڪر جو جواب ڏنو ۽ اڳتي وڌيو. ٻه چار وکون
کنيائين ته ڪن تي سرندي جو آواز پيس. سرندي جو
آواز ڪيترو نه ڏکوئيندڙ هو ڄڻ هي نيرو نيرو آسمان،
لُڙاٽيل مهراڻ، مهراڻ تي ترندڙ سڙهه، وار ڇنڊيندڙ
ڇوڪري ۽ ڪنگن جي قطار، هر هڪ شيءِ مان ڏک ماڪ ڦڙن
جيان ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمي رهيو هو. سرندي جا سُر ٻڌي
بوعليءَ جي اکين آڏو عربستان جا نخلستان پکڙجي
ويا. اُٺن جا چڙا حدي خوانن جا گيت، کجين جا
نخلستان، بغداد جون راتيون، قهوه خانا ۽ رباب تي
رقص. بوعلي ماٺ ڪري بيهي رهيو ۽ سرندي جا سُرَ ٻڌڻ
لڳو. پوءِ هن وک وڌائي ۽ ان طرف هلڻ لڳو. جتان
سرندي جو آواز اچي رهيو هو. سامهون هڪڙي وڻ جي
هيٺان، ماڪ ڀنل ولين جي گلم تي هڪڙو ماڻهو ويٺو
سرندو وڄائي رهيو هو. هن جي بت تي اڇي چادر ويڙهيل
هئي. وار ڪلهن تائين ڊگها، رنگ اڇو، نڪ ڊگهو ۽
سنهون، اکيون چيرويون ۽ ڀرون گهاٽا ۽ اکين تي
وريل. بوعلي جي پيرن جو آواز ٻڌي هن اکيون مٿي
کنيون ۽ سامهون هڪڙي اجنبي کي ڏسي هن سرندو پاسيرو
ڪري رکيو ۽ عربيءَ ۾ چيائين:
”ادا، ڀلي ڪري آئين.“
هن جي واتان عربي ٻڌي بوعليءَ کي صفا حيرت نه ٿي. هن سنڌ ۾ وک
وک تي ڪيترا مسلمان عالم ۽ هندو پنڊت ڏٺا هئا، جن
عربي ۽ فارسي ڏاڍي فصاحت سان ٿي ڳالهائي. ڪو زمانو
هو جو سنڌ جا ڳنوار به عربي ڳالهائيندا هئا، تڏهن
سنڌ عربستان جو پرڳڻو هو. عربي سنڌ جي سرڪاري زبان
هئي سنڌي عربي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا.
هينئر به عالم عربي ۽ فارسي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس
ڪري رهيا هئا. هن کي ڏاڍي حيرت ٿي ته سنڌي پنهنجي
زبان جي بدران پراين زبانن تي فخر ڇو ڪري رهيا
هئا.
”ادا، منهنجي سرندي جا سُرَ ۽ منهنجي ديس جي سونهن تو کي آجيان
ٿا چون، منهنجو نالو سارنگ آهي. مان پاڻ برهمڻ
آهيان. منهنجي واتان عربي ٻڌي حيران ته ضرور ٿيو
هوندين ته مان هندو ٿي ڪري عربي ڪيئن ٿو ڳالهايان.
پر ادا، زبان جو ڪو مذهب نه ٿيندو آهي. زبان نه
هندو هوندي آهي ۽ نه مسلمان. زبان صرف زبان هوندي
آهي. انسان جي اندر جي اظهار جو ذريعو ۽ دنيا جي
سڀني انسانن جو اندر هڪ جهڙو اُجرو آهي.“
سارنگ هن کان گهوڙو ورتو. گهوڙي کي وڻ سان ٻڌي هن بت تي ويڙهيل
اجرڪ ڌرتيءَ تي وڇايو ۽ بوعليءَ کي اجرڪ تي
وهاريائين. ويهڻ مهل بوعليءَ جي چيلهه تي ٻڌل،
تلوار اٽڪڻ لڳي.
”ادا، هيءَ تلوار ڪنهن کي مارڻ لاءِ کنئي اٿيئي، تنهنجو دشمن
ڪير آهي. ڪنهن کان ٿو ڊڄين؟“
”ڊپ جي ڳالهه نه آهي. تلوار مڙد جو زيور آهي.“
”الائجي اهو وقت ڪڏهن ايندو، جڏهن ماڻهو تلوار کي نه پر سرندي
کي پنهنجو زيور سمجهندا. تلوار کڻڻ ڪا فخر جي
ڳالهه ته نه آهي. قران ۾ خدا ڪٿي به تلوار جو قسم
نه کنيو آهي، پر ان قلم جو قسم کنيو آهي، جيڪو سڌي
ليڪن ۾ اکر لکندو آهي. تنهنجي مذهب جي ته ابتدائي
’اقراءَ‘ سان ٿي آهي.“
عجيب ماڻهو آهي. هندو ٿي ڪري قرآن جون ڳالهيون ائين ٿو ڪري، ڄڻ
قرآن به هن جو مذهبي ڪتاب آهي.
”شايد عالم آهين ۽ علم جي تلاش ۾ هتي آيو آهين.“
”نه. مان عالم نه آهيان، پر سياحت لاءِ هت آيو آهيان.“
”سياحت به ته تلاش آهي. پر ڇا جي تلاش؟ هر ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن
جي تلاش آهي. پر ڪو نٿو ڄاڻي ته ڪير ڪنهن کي ٿو
ڳولهي. تون ته سومري سلطان جي سراءِ ۾ وڃي رهندين.
پر جي مون غريب کي عزت لائق سمجهين ته هڪڙو ويلو
مون وٽ هلي کاءُ.“
بوعلي سارنگ جي مهمانوازيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن جي ان جذبي
جو احترام ڪندي بنا ڪنهن هٻڪ جي کڻي هاڪار ڪيائين.
ٻئي ڄڻا اٿيا ۽ شهر ڏانهن روانا ٿيا.
هينئر سج ڪني ڪڍي هئي ۽ هر طرف اُس پکڙجي وئي هئي. نيرو آسمان،
ميرانجهڙو سنڌو، اڇا سڙهه، ساؤ پٽ. سنهري اُس،
رنگا رنگي گل. ڪهڙو نه سهڻو ديس آهي!‘ بوعلي
سوچيو.
روپاه جو شهر ڏاڍو سهڻو هو. ويڪرا رستا. رستن جي ٻنهي طرف
وڻراه. وڏا ۽ ڪشادا گهر. مسجدن جا گنبذ ۽ منارا.
مندرن جا ڪلسَ. سراؤن ۽ ڌرم شالاؤن. چانديءَ جا
پنڙا ۽ هسَ، عاج جون ٻانهيون، ڇريل ڪپڙا، گل جي
جتي پاتل مسلمان عورتون. ريشمي ڇريل پڙا، ڇريل
گگهريون، اڇن ۽ ڳاڙهن مڻين جا بولا پاتل هندو
عورتون، جن جو رنگ ڪوٺاري ۾ پگهريل سون وانگر ٿي
جرڪيو. وڏا وار، چاپئين ڏاڙهي، گهيريدار ۽ وڏ
پائچون شلوارون پاتل سنڌي مڙد، جن جون اکيون عقابي
هيون، پر جن جي چهرن تي ٻاجهه ٿي ٻهه ٻهه ڪئي.
مولوي، پنڊت، ڏيساورن مان آيل واپاري. هو هڪڙي
ڌرمشالا جي سامهون اچي بيٺا. ڌرمشاله جي هڪڙي حجري
۾ سارنگ رهندو هو.
سارنگ دروازو کوليو ۽ هو اندر داخل ٿيا. فرش تي پڙڇ وڇايل هو،
جنهن تي ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. سارنگ پڙڇ کي
ڇنڊي، رلي وڇائي بوعليءَ کي وهاريو ۽ پاڻ باهه
ٻاري ماني پچائڻ لڳو ۽ ٿوري دير ۾ ڪوسا ڪوسا ڦلڪا،
مکڻ جو چاڻو ۽ ڏڌ جي چؤنري آڻي هن جي اڳيان
رکيائين. بوعليءَ ماني کاڌي ته سارنگ حال احوال
ورتس.
بوعلي بغداد مان آيو هو. پڻس وڏو تاجر هو ۽ قافلن سان گڏ
ڏيساورن ۾ تجارت ڪرڻ ويندو هو. جڏهن موٽي ايندو هو
ته هن کي نون ملڪن جي نون ماڻهن جون نت نيون
ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
بوعليءَ جي دل ۾ نون ملڪن ڏسڻ ۽ نون ماڻهن سان ملڻ جو شوق جاڳي
پيو. پڻس جي مرضي هئي ته بوعلي تاجر ٿئي. پر
بوعليءَ جو رجحان علم ڏانهن هو. هن وڏن وڏن عالمن
کان علم پرايو.يونان جي فيلسوفن جا ڪتاب پڙهيائين.
بخارا جي ابن سينا، ايران جي فخر الدين رازي،
اندلس جي ابن رُشد ۽ ابن عربيءَ جو مطالعو ڪيائين.
شيعن ۽ اسماعيلي عالمن سان مناظرا ڪيائين. علم جي
سياحت ڪندو، هو يونان ۽ اندلس کان ٿيندو سنڌوءَ جي
ڪناري اچي پهتو. سنڌ حڪمت، ڏاهپ ۽ موسيقيءَ جو ديس
هئي. امام بخاريءَ لکيو هو ته: دنيا ۾ سڀ کان
پهرين جنهن ڌرتيءَ تي ڪتاب تصنيف ٿيا، سا سنڌ جي
ڌرتي آهي. پنڊت ماڻڪ سنڌي هو، جنهن کي هارون
الرشيد خاص طور سنڌ مان گهرائي پنهنجي دارالتراجم
۾ سنسڪرت ۽ سنڌي ڪتابن جي ترجمي تي مقرر ڪيو هو.
ماڻڪ جي پٽ صالح سنڌي، جنهن طب ۾ هارون جي درٻاري
طبيب جبرائيل بختشوع يونانيءَ کي کي مات ڏني.
بجيڪر، ڪلپ راءِ، باکر، ڏاهر، زنڪل، راجا، اريڪل،
اهي سڀ سنڌي عالم ۽ موسيقار هئا، جن سنڌ مان بغداد
۾ اچي نجوم، هيئت، طب، ادب، حساب، بت تراشي ۽
موسيقي تي ڪتاب لکيا. ابو ضلع المنصوريءَ عربي ۾
سنڌ جو قصيدو لکيو. ابوالعطاالسنڌي ۽ ڪشاجم، شاعرن
جا امام تسليم ڪيا ويا. ڪشاجم حلب جي ندي فويق
لاءِ چيو هو ته:
”اسان جو هي درياه عقيق جي ڳاڙهن گلن ۽ ساون سبزه زارن مان ائين
ٿو وهي، ڄڻ ته اڇن موتين جو هار آهي، جيڪو ڪڏهين
سنڌي تلوار وانگر چمڪاٽ ٿو ڏي، ته ڪڏهين مياڻ ۾
پيل تلوار وانگر جهڪو ٿو ٿي وڃي......“ جي ڪشاجم
سنڌ ۾ هجي ها ته شايد سنڌوءَ لاءِ اهڙو شعر چوي
ها. پر تاريخ جو وهڪرو هن کي عرب ۾ وهائي کڻي آيو
۽ عرب جي ڌرتي هن لاءِ سنڌ جي ڌرتي ٿي وئي ۽ فويق
ندي سنڌوندي ٿي وئي. هڪ ديس جي ڌرتيءَ مان انسان
جون پاڙون پٽجن ٿيون ته ڪيئن نه هو ٻئي ديس جي
ڌرتيءَ ۾ پنهنجون پاڙون ٿو لڳائي. ان ساڳي ڪشاجم
لاءِ هڪڙي شاعر چيو هو ته:
’ارمان آهي ان ماڻهوءَ جي بخت تي، جيڪو شراب جي پيالي، صابئي جي
مڪتوبات ۽ ڪشاجم جي غزلن جي ذائقي کان محروم آهي.‘
بايزيد بسطاميءَ جو استاد بوعلي به السندي هو. فقہ جاماهر
السندي هئا. تفسير جا ماهر به السندي هئا. السندي.
السندي. السندي! هر هنڌ سنڌي عالمن جو ذڪر هو جن
بغداد جي مدرسن ۾ علم جون شمعون روشن ڪيون ۽ جن
شمعن جي روشني بغداد مان اندلس پهتي ۽ مغرب جي
اونداهن ايوانن کي روشني ملي. ٻڙي ۽ ڏهائي عرب
سنڌين کان سکيا ۽ انگن کي هندسه سڏيائون. برهم گپت
جو ڪتاب ’برهمپت سڌانت‘ جو سنڌين عربيءَ ۾ ترجمو
ڪيو، جنهن عرب جي عملي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.
حساب ۽ هيئت جي هڪڙي عرب عالم بغدالله بن احمد
سرقسطي ان ڪتاب تي ڪجهه علمي اعتراض لکيا ته،
اندلس جي حساب دان ابن صاعد انهن اعتراضن جا جواب
لکيا. حساب جهڙي خشڪ موضوع ڏانهن به سنڌين جو رويو
شاعراڻو هو.
’مڌَ مکين جي ڪُلَ جو پنجون حصو اڏامي وڃي ڪدم جي گلن تي ويٺو.
ٽيون حصو سلندر جي گلن تي ۽ انهن ٻنهي جي تفاوت جو
ٽيون حصو ڪٽجاجي مکڙين تي. هڪڙي مڌ مک پٺتي رهجي
وئي ۽ اڪيلي هوا ۾ اُڏامندي رهي. اي سندر ناري
ٻڌاءِ ته ڪل گهڻيون مڌ مکيون هيون.....‘
’منهنجي پياري تنهنجي ڪنن ۾ جيڪي اٺ لعل، ڏهه زمرد ۽ سؤ موتي
آهن، تن کي مون هڪ جيتري قيمت تي خريد ڪيو. اها
قيمت اڌ سؤ کان گهٽ هئي. اي سندر ناري. مون کي هر
هڪ جي قيمت ٻڌاءِ.‘ |