اوچتو هڪڙي سنڌيءَ فلپ تي ترار جو وار ڪيو، سندس ڪاپار ڪپجي
ويو. سارنگ کي گولي لڳي، گهوڙي هڻڪار ڪري نرا
کنيا، سنب فلپ جي سيني ۾ لڳا. سارنگ ڦهڪو ڏيئي هيٺ
ڪريو، هن جي سڄي ٻانهن ۾ گولي لڳي هئي. ترار سندس
هٿ مان ڇڏائجي پري وڃي ڪري. سارنگ ترار کڻڻ لاءِ
ريڙهيون پائي اڳتي وڌيو. هڪڙي فرنگيءَ جهٽ ڏيئي
سندس ترار کنئين ۽ هن تي وار ڪيو. هن وار جهلڻ
لاءِ ٻئي هٿ اڳيان ڏنا، وار ٿيو، رت ريلا ڪري وهي
ڇڙيو. سارنگ دانهن ڪئي، وٽ کاڌا، لڇيو، ڦٿڪيو ۽
پوءِ بيهوش ٿي ويو.
شاه ڀٽائيءَڪِلڪ ڀڃي ڇڏي،جوسنڌ جنگ هارائي هئي.
شفق ٽڙي ۽ افق مان رت ٽمڻ لڳو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت جهڙو مياڻيءَ ۾
شهيدن جو خون!
صبح جي ٽڙيل شفق ۾، شڪارپور جي پاسي مان لگهندڙ شاهراه تي هڪڙي
مسافر، قافلي قلعي جي ڀرسان گهوڙو جهليو ۽ ڪنڌ
ورائي شهر ڏانهن نهارڻ لڳو. قافلي قلعي کان اڳتي
انبن ۽ کجين جا باغ هئا، باغن کان اڳڀرو پٺاڻن جو
ڳوٺ هو ۽ پريان کان هڪرو کوه نظر اچي رهيو هو.
مسافر کي ڏاڍي اُڃ لڳي هئي، هو ڪنهن ڏورانهين سفر
تان آيل ٿي ڏٺو. هن جي پڳ، ڪپڙا، ڏاڙهي مڇن ۽
پنبڻين جا وار ڌوڙ ۾ لٽيل هئا ۽ اکيون اوجاڳن جون
ماريل ڄڻ هو زمانن کان سفر ڪري رهيو هو ۽ هن کي هن
ڪشادي ڌرتيءَ تي ڪا ڇانوَ نه ملي هئي، جنهن ۾ ويهي
هو جهٽ پلڪ لاءِ ٿڪ پٽي. هن جو سنڌ سنڌ ٿڪ ۾ ڏکي
رهيو هو ۽ نڙيءَ ۾ اُڃ جا ڪنڊا ڇپي رهيا هئا. هن
ڳيت ڏيئي نڙي آلي ڪئي ۽ ڪرائيءَ ۾ جهليل گهوڙي جي
لغام کي موڙي، کوه جو رخ رکيائين. کوه تي هندو
عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. اوپري ماڻهوءَ کي ڏسي
هنن ململ جي پوتين جا گهونگهٽ ڪڍيا. مسافر گهوڙو
وڻ هيٺان جهليو ۽ گهوڙي تان لهي، کوه جي ويجهو اچي
هنن عورتن کان پاڻي گهريو. هڪڙي ننڍي نيٽي ڇوڪري،
پنهنجي پيلي گهاگهري کنئين ۽ مسافر کي پاڻي پيارڻ
لاءِ اڳتي وڌي. مسافر اکيون کڻي ڇوڪريءَ ڏانهن
نهاريو. چوڏهن پندرهن سالن جي وهي، ململ جي اڌ
گهونگهٽ مان نظر ايندڙ چهري جو رنگ، جهڙو سياري جي
اُس جو تڙڪو. نرڙ تي تلڪ، جهڙو وهاؤ تارو. اکيون
جهڙيون روشن دان، جن مان هو پنهنجي وڃايل وهيءَ کي
ڳولڻ لڳو،هن جون اکيون ڇوڪريءَ جي اکين ۾ کتل هيون
۽ هو انهن اکين ۾ ڦهليل وقت جي وسعتن ۾ گم ٿي ويو.
بي خياليءَ ۾ هن ٻڪ جهلڻ لاءِ آهستي آهستي هٿ اڳي
وڌايا. ڇوڪريءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. مسافر ڇوڪريءَ
جي اکين مان اکيون هٽائي، پنهنجي هٿن ڏانهن ڏٺو ۽
هن کي ياد پيو ته هن جا ته ٻئي هٿ وڍيل هئا.....
اُهي هٿ، جن سان هن ننڍپڻ ۾ تختيءَ تي ابتا سبتا
ليڪا ڪڍيا هئا ۽ هڪڙي روئندڙ ٻار جا لڙڪ اگهيا
هئا. جن هٿن سان هن ان سان ساڳي کوه تي سنڌوءَ کي
گهاگهري ڀري ڏني هئي ۽ سندس چوٽن ۾ چمپا جون
مالهائون ٻڌيون هيون، جن هٿن سان هن گيت لکيا هئا
۽ سنڌ جي ست لاءِ تلوار کنئين هئي. هن جا اهي ٻئي
هٿ مياڻيءَ ۾ وڍجي ويا هئا..... مسافر يڪدم پنهنجا
روٺا هٿ ڇڪي پويان لڪايا، ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريائين
۽ پوءِ يڪدم پٺتي موٽيو ۽ ڊوڙ پائي گهوڙي تي چڙهڻ
لڳو. هن رڪيب ۾ پير وڌو، روٺي ٻانهن ورائي، هني کي
جهليائين ۽ لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهيو. لغام کي
روٺي ٻانهن ۾ ڦاسائي، وٺي لغام کي سٽ ڏنائين.
گهوڙي هڻڪار ڪري نرا کنيا. هو ڪرندي ڪرندي بچيو ۽
پوءِ وٺي گهوڙي ڊوڙ پاتي. ڇوڪري حيران ٿي هن کي
ڏسندي رهي ۽ هو گهوڙو ڊوڙائيندو ڌوڙ جي غبار ۾ گم
ٿي ويو.
فلپ جهاز جي ڊيڪ تي اچي بيٺو ۽ اکيون مهٽي سامهون نهارڻ لڳو.
سامهون نيڻ نهار تائين سمنڊ پکڙيل هو. اٿاه ۽ بي
انت سمنڊ! ڦٿڪندڙ ۽ اُٻرندڙ سمنڊ! سمنڊ جون ويرون
زخمي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري،اجگر وانگر اُڀري،
رومڙ ڪري اچي جهاز سان ٿي ٽڪرايون ۽ جهازلهرن جي
لپاٽن سان لڏندو، لمندو، اڳتي وڌندو ٿي ويو.
هنرمند هٿن جي روشني سمنڊ جي سيني تي ٽمڪندي
ٽمڪندي اڳتي وڌندي ٿي ويئي. فلپ اکيون کڻي آسمان
ڏانهن نهاريو. آسمان نيرو ۽ روشن هو. هوا ۾ گهم
رچيل هئي ۽ گهميل هوا جي ڇهاءَ سان جسم کي خنڪيءَ
جو وڻندڙ احساس ٿي ٿيو. فلپ سگار دکايو ۽ سگار جو
اونهون سوٽو هڻي هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سگار جي
سوٽي سان هن کي عجيب سرور محسوس ٿيو ۽سمنڊ جو
آواز، ڄڻ سمنڊ ڪجهه جهونگاري رهيو هو. ڳائي رهيو
هو. فنا جو گيت. موت جو راڳ. موت. موت! فنا. فنا!
هر شيءِ فنا هئي. زندگيءَ جي ساري سونهن، خوشيون،
خواب، جذبن جي جهرمر، انساني ناتا ۽ رشتا....
سڀڪجهه فنا هو. وقت جي وير هر شيءِ کي ڳڙڪائيندي
ٿي وئي ۽ هر طرف عدم جي اوندهه هئي..... فلپ يڪدم
اکيون کولي ڇڏيون. آسمان نيرو هو، سمنڊ جي لهرن تي
اُس ٿي چمڪي ۽ هوائن ۾ گهم رچيل هئي. هن ڳچيءَ ۾
لڙڪندڙ دوربين اکين تي رکي ۽ سمنڊ جي پار نهارڻ
لڳو. پويان هن کي ڌرتيءَ تي ليڪ نظر آئي. نئين ملڪ
جي نئين ڌرتي. نئين ڌرتيءَ جا نوان سک ۽ نوان سور،
نوان رشتا ۽ نوان ناتا. هن اجنبي ڌرتيءَ جي هنج ۾
هن لاءِ الائجي ڪهڙا سک ۽ الائجي ڪهڙا سور هئا.
الائجي ڪهڙا ناتا جڙندا ۽ الائجي ڪهڙا ناتا
ٽٽندا.... انساني ناتا جڙندا ۽ ٽٽندا آهن پر ڪو ڪو
ناتو ڪڏهين نه ٽٽندو آهي، ڪڏهين درد بڻجي دل ۾
رهندو آهي ۽ ڪڏهين چاڪ بڻجي چڪندو آهي. هن به
زندگيءَ ۾ اهڙو ناتو ڳنڍيو هو، جيڪو بظاهر ته ٽٽي
چڪو هو پر جيڪو هينئر به چاڪ بڻجي هن جي سيني ۾
چڪي رهيو هو. هن جي سيني ۾ سور جي سٽ اُڀري، درد
جي لهر ڪَرُ کنيو، هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ هن جي
بند اکين جي اڳيان سائي سائي گاه سان ڍڪيل ميدان
پکڙجي ويا، گلن سان جهنجهيل چيريءَ جا وڻ هوا ۾
جهولڻ لڳا ۽ هن کي ڪئمبرج ياد پئي، ڪيم ندي ياد
پئي ۽ مارگريٽ ياد پئي. مارگريٽ! مارگريٽ.!
فلپ ۽ مارگريٽ ٻئي ڪئمبرج ۾ گڏ پڙهندا هئا. ٻئي يوناني ۽ لاطيني
ادب جا شاگرد هئا. ڪلاس پورو ٿيندو هو ته ٻئي ڪيم
نديءَ جي ڪناري تي اچي ويهندا هئا ۽ ڳالهيون ڪندا
هئا. انڌي هومر جا رزميه نظم. ٽراءِ جي جنگ.
يوليسس جوسفر. يوناني ديومالا جنهن جو هڪ هڪ ديوتا
۽ هڪ هڪ ديوي ڪنهن نه ڪنهن انساني جذبي ڪنهن خواب،
ڪنهن تصور ۽ ڪنهن آدرش جي تجسيم هئي. سوفو ڪلس ۽
يوريپائڊس جا ڊراما. ساري يورپي تهذيب جو پس منظر
يونان هو. سقراط، افلاطون، ۽ ارسطوءَ جو ديس، هڪ
نه هڪ ڏينهن هو ٻئي گڏجي يونان ويندا. ايٿنز جون
اهي گهٽيون گهمندا جتي سقراط ڏاهپ جا مباحثا ڪندو
هو. انهن ٿيٽرن جا کنڊر ڏسندا جن ۾ يوناني ڊراما
نويسن جا ڊراما ٿيندا.....
فلپ ڏاڍو شرميلو ۽ گهٽ ڳالهائڻو هو. پر مارگريٽ سان ڳالهائڻ
ويهندو هو ته سندس شرم جا سڀئي بند ڀڄي پوندا هئا
۽سندس ٻوٽيل شخصيت ٽڙي پوندي هئي. مارگريٽ سان ملڻ
کان اڳ هو ڪيترو نه اڪيلو ۽تنها هو، ننڍپڻ ۾ ئي
ماءُ مري وئي هيس. پڻس ٻي شادي ڪري جدا وڃي رهيو
هو ۽ هن جي ماسيءَ هن کي پالي وڏو ڪيو. ماسي هن کي
گهڻو ئي پيار ڏنو پر ته به هن کي پيار جي محروميءَ
جو شديد احساس هو ۽ محروميءَ جي ان احساس جي هيٺان
هن جي ساري شخصيت دٻجي وئي ۽ هو ايترو ته ڏکڻو ٿي
پيو، جو جيڪڏهين ڪو دوست يا ساٿي چرچو ڀوڳ ڪندو
هئس ته ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو هو. آهستي آهستي سڀني
دوستن ۽ ساٿين سان رشتا ناتا ٽوڙي پنهنجو پاڻ ۾
وڃي لڪو. صرف ڪتاب ئي هن جا دوست ۽ ساٿي هئا.
سياري جي راتين ۾ جڏهين ٻاهر برف ڪرندي هئي تڏهين
هو بخاري ۾ ٻرندڙ باه جي ڀر ۾ آرام ڪرسيءَ تي
آهلي، بت کي ڪنبل سان ڍڪي ناول پڙهندو هو. ناول
پڙهندي پڙهندي هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ناولن
جا ڪردار ڪتابن مان نڪري هن جي ڀر ۾ اچي ويٺا آهن
۽ بخاري ۾ جلندڙ باهه تي هٿ سيڪي هن کي پنهنجي
محبتن ۽ شڪستن جا داستان ٻڌائي رهيا آهن. انسان
ڪيترو نه دکي آهي. هن کي به پنهنجو ڏک آهي.
محروميون ۽ تنهائيون آهن. پنهنجا سور آهن. ڪنهن
سان پنهنجا سور سلي ۽ ڪنهن کي پنهنجي محرومين جا
داستان ٻڌائي...... ۽ پوءِ هن جي مارگريٽ سان
ملاقات ٿي ۽ ٻئي دوست ٿي ويا.
فلپ ۽ مارگريٽ ٻئي هڪٻئي کي دوست ۽ ذهني رفيق سمجهندا هئا. پر
هڪڙي ڏينهن اوچتو فلپ کي خبر پئي ته مارگريٽ سان
هن جو صرف دوستي ۽ ذهني رفاقت جو ناتو نه هو پر
نينهن جو ناتو هو ۽ مارگريٽ هن جي ان ناتي کان بي
خبر هئي. هو پاڻ به ان ناتي کان بيخبر هو ۽ هڪڙي
ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن جو اهو پيار پنهنجي سموري
شدت ۽سموري رعنائي سان هن تي ظاهر ٿيو.......
هڪڙي ڏينهن ڪلاس مان نڪري هو ٻئي ڪيم جي ڪناري تي اچي ويٺا. ان
ڏينهن ميرو ۽ گدلو آسمان اُجرو ۽ روشن هو. ساون
ساون ميدانن تي اُس ٿي چمڪي. بهار جي آمد آمد هئي.
برف ۾ سڪل وڻن جي ٽارين تي گل ۽ گونچ ڦٽا هئا ۽
هوائن ۾ بهار جي هٻڪار هئي. ان ڏينهن مارگريٽ هن
کي ٻڌايو هو ته هن جي رابرٽ سان شادي ٿي رهي هئي.
مارگريٽ جي شاديءَ جو ٻڌي اوچتو هن جي اندر ۾ وڍَ
پوڻ لڳا ۽ پهريون دفعو هن کي احساس ٿيو ته هن کي
مارگريٽ سان محبت هئي. ها، هن کي مارگريٽ سان محبت
هئي، تڏهن ته مارگريٽ جي شاديءَ جو ٻڌي هن جي اندر
۾ وڍ پوڻ لڳا هئا. وڻن مان گل ۽ گونچ ڇڻڻ لڳا هئا
۽برف ڪرڻ لڳي هئي. برف جو طوفان آيو هو هر شيءِ
برف جي سفيد ڪفن سان ڍڪجي وئي هئي شايد سڀڪجهه فنا
ٿي ويو هو. ڪائنات ڪفن پوش هئي ۽هو اڪيلو طوفان ۾
ڦاسي ويو هو. مارگريٽ! مارگريٽ مون کي تو سان محبت
آهي. تون منهنجي آهين. تون منهنجي صرف ذهني رفيق
نه آهين پر زندگيءَ جي رفيق آهين. تو کي ڪير به
مون کان جدا ڪري نٿو سگهي..... پر هن جو آواز
نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو ۽ هر طرف برف جي طوفان جو شور
هو. موت جا پڙاڏا هئا. سمنڊ جو آواز ڄڻ فنا جو گيت
هو. لهر لهر موت جو گيت ڳائي رهي هئي ۽ هو جهاز جي
ڊيڪ تي اڪيلو بيٺو هو ۽نئين ڌرتي هن کي سڏي رهي
هئي. نئين ڌرتيءَ جا نوان سور ۽ نوان سک هن کي سڏي
رهيا هئا.
رابرٽ مارگريٽ جو ڏورانهون مائٽ ۽ هندستان ۾ ميجر هو. هن
هندستان ۾ وڏا فوجي ڪارناما ڪيا هئا. مياڻي ۽ دُٻي
جي جنگين ۾ سرچارلس نيپيئر سان گڏ ڏاڍي بهادريءَ
سان وڙهيو هو ۽ سر چارلس نيپئر جي ڀاءُ وليم
نيپيئر پنهنجي ڪتاب ’فتحِ سنڌ‘ ۾ هن جي بهادريءَ
جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي ۽ فلپ کي محسوس ٿيو ته
مارگريٽ رابرٽ سان پيار نه ڪيو هو، پر هن جي
ڪارنامن سان پيار ڪيو هو. اوچتو هن جي اندر ۾ هڪڙو
جذبو جاڳي پيو. هو به رابرٽ وانگر زندگي ۾ وڏا
ڪارناما ڪندو. پنهنجي عظمت جو ڌاڪو ڄمائيندو ۽
پنهنجو پاڻ مڃائيندو. هن پڙهڻ شروع ڪيو. امتحانن ۾
پهريون نمبر ايندو ويو. سول سروس جو امتحان به
پهرين نمبر ۾ پاس ڪيائين ۽ هن کي هندستان جي سول
سروس لاءِ چونڊيو ويو. ڪجهه وقت ٽريننگ ورتائين ۽
پوءِ هندستان روانو ٿي ويو. هندستان ۾ ڪيترن ڏيهي
رياستن ۾ ريزيڊنٽ جي عهدي تي رهيو. پوءِ ڊپٽي
ڪمشنر ٿيو. گورنر جو سيڪريٽري ٿيو. هينئر هو حاڪم
هو. هن جو عهدو الادين وارو چراغ هو ۽ هن جا سڀ
زيردست الادين جي چراغ وارا ديو، جيڪي هن جي هر
خواهش پوري ڪندا هئا. هن جو عزم پورو ٿيو هو. هن
زندگيءَ ۾ وڏو مقام ماڻيو هو. پنهنجي عظمت جو ڌاڪو
ڄمايو هو. مارگريٽ جهڙيون ڪيئي حسين ڇوڪريون هن کي
پنهنجو بڻائڻ لاءِ آتيون هيون. پر ته به هن کي
سُڪون نه هو. هن جي شڪست جو زخم نه ڇٽو هو ۽ هو
رابرٽ بڻجي نه سگهيو هو. هن سڪون ماڻڻ لاءِ هندو
ويدانت ۽ اسلامي تصوف جو مطالعو ڪيو. ٻڌ ڌرم
پڙهيائين. مڙهين جا گهنڊ ٻڌائين. پرهه ڦٽيءَ مهل
مينارن مان ايندڙ آذان جا آواز ٻڌائين گرجائن ۾
صليب تي لڙڪيل يسوع مسيح جي اڳيان ڪنڌ جهڪايائين.
پر هن کي ڪٿي به سڪون نه مليو. آخر هو زندگيءَ ۾
ڇا ٿو چاهي؟ هن جي زندگيءَ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ شايد
ڪو به نه آهي. شيڪسپيئر سچ چيو هو ته، ’زندگي
ديواني جو خواب آهي.‘بيوقوف جي ٻڌايل ڪهاڻي آهي
جنهن ۾ اجائي گوڙ ۽ شور کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
هر هڪ ماڻهو دنيا جي اسٽيج تي اچي ٿو. آڪڙ ۽ ٽانءِ
ڏيکاري ٿو ۽ پوءِ پڙدي جي پٺيان هليو ٿو وڃي. هو
به زندگيءَ ۾ پنهنجو پارٽ ادا ڪري رهيوآهي. ٽانءِ
۽ آڪڙ ڏيکاري رهيو آهي. هن جو پارٽ پورو ٿيندو ۽
هو پڙدي جي پٺيان هليو ويندو ۽ پوءِ ڪو به هن کي
ياد نه ڪندو. روشني صرف اسٽيج تي آهي ۽ پڙدي جي
پٺيان عدم جي اوندهه، جنهن جو ڪو انت نه آهي، ڪو
ڪنارو نه آهي، ڪو ٿاه نه آهي. زندگي اڱڻ ۾ اُس جو
تڙڪو آهي ته پوءِ زندگيءَ ۾ ايترا ڏک ڇو آهن.
محروميون ۽شڪستون ڇو آهن....
انهيءَ وچ ۾ هن کي ترقي ملي ۽ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. چارج ڇڏي
بمبئي آيو. گورنر سان مليو ۽ ٻه چار ڏينهن بمبئيءَ
۾ رهيو. بمبئي ۾ هر سال انگريز فوجي ۽ سول آفيسرن
جي پارٽي ٿيندي هئي. هو بمبئيءَ ۾ ئي هو ته اها
پارٽي ٿي ۽ هو به ان پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيو. پارٽيءَ
۾ هر طرف شراب ۽ شباب هو. خوشبويون ۽ ٽهڪڙا هئا.
فوجي بئنڊ اولڊ والز وڄايو ۽جوڙا نچڻ لڳا. ڪيترين
ڇوڪرين هن کي نچڻ جي دعوت ڏني. هڪڙي ڇوڪريءَ سان
نچي موٽيو ته ڪنهن ڪلهي تي هٿ رکيس. هن ڪنڌ ڦيري
ڏٺو ته هن کان دانهن نڪري وئي. مارگريٽ! هن جي
سامهون مارگريٽ بيٺي مُرڪي رهي هئي. اولڊ والز جا
سر مرڪي رهيا هئا. خوشبويون مرڪي رهيون هيون ۽
گلاسن ۾ شراب مرڪي رهيو هو.
”تون هتي ڪيئن؟“
”جيئن تون هتي، تيئن مان هتي!“
”مان ته گهڻي وقت کان هندستان ۾ آهيان.“
”مون کي خبر هئي ته تون هتي آهين ۽ وڏو صاحب بهادر ٿي ويو
آهين.“
”رابرٽ ڪٿي آهي؟“
”هتي ئي آهي. هو سامهون ڪنڊ ۾ بيٺو آهي.“
هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. سامهون هڪڙي ڪنڊ ۾ رابرٽ هڪڙي ڇوڪريءَ سان
ڳالهائي رهيو هو. ڇوڪري جوان هئي، حسين هئي ۽
هروڀرو به ٿي مرڪي. رابرٽ جي ڳالهين تي ٽهڪڙا ٿي
ڏنائين. هن جي ٽهڪڙن جو آواز، ڄڻ گلاسن ۾ شراب
اوتجي رهيو هو، ڄڻ جام ٽڪرائجي رهيا هئا. فلپ ڪنڌ
ڦيري مارگريٽ ڏانهن نهاريو. مارگريٽ به مرڪي رهي
هئي. پر هن جي مرڪ ٿڪل ۽ وساڻيل هئي، ڄڻ هن جي مرڪ
جي گلاب تي لڙڪن جا ماڪ ڦڙا جرڪي رهيا هئا. فلپ کي
محسوس ٿيو ته وقت جي انڌي اجگر مارگريٽ جي حسن ۽
جوانيءَ کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو هو. هن جي نيڻن جا نيل
ڪنول ڪومائڻ لڳا هئا ۽ اکين جي هيٺان اڻ لکا گهنج
هئا، جيڪي مرڪ سان وڌيڪ نمايان ٿي ٿي پيا. هن
ڪيترن ماڻهن جي جوانيءَ جي جلائيندڙ اُس کي لهندو
ڏٺو هو. پر اڄ پهريون دفعو هن کي محسوس ٿيو ته وقت
ڏاڍو بي رحم هو ۽ زندگي ۽ زندگيءَ جو سارو حسن وقت
جي آڏو عاجز ۽ عارضي هو. ڪنهن شي کي دوام نه هو ۽
عدم جو اونداهو سمنڊ هستيءَ جي ساري مستيءَ کي
ٻوڙيندو ٿي ويو.
هو ٻئي ڳالهيون ڪندا، ننڍيون ننڍيون وکون کڻندا ٻاهر ورانڊي ۾
اچي بيٺا. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيل هو، لان
۾ سائي گاه جي چادر وڇايل هئي، ٻارن ۾ گل ٽڙيل
هئا. اندران سازن جا هلڪا آواز ٿي آيا. ڄڻ ڪيم ندي
آهستي وهي رهي هئي ۽ هو ٻئي ڪيم جي ڪناري تي ويٺا
هئا.
”تو کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن اسان ٻئي آخري دفعو ڪيم جي ڪناري
تي مليا هئاسين. تڏهين به ائين بهار جي آمد آمد
هئي، گل ٽڙيا هئا ۽ ائين ئي هوائن ۾ هٻڪار هئي.
تڏهن زندگي ڪيتري نه معصوم ۽ ڪيتري نه حسين هئي.
پوءِ مون هڪڙو ڪوڙو خواب ڏٺو ۽ ان ڪوڙي خواب جي
ڪوڙي حسن تي ڀنڀلجي مون غلط فيصلو ڪيو ۽ هينئر
ڀوڳيان ٿي. زندگيءَ جو حسن ۽ خوشيون ايتريون عارضي
ڇو آهن. زندگيءَ جي سڀني حسين خوابن جي تعبير
ايتري ڀوائتي ڇو ٿي ٿئي. فلپ، مون زندگيءَ ۾ ڏاڍا
ڏک ڏٺا آهن. مان ڏاڍي ڏکويل آهيان.“
”مان به ته ڏکويل آهيان. مون به ته زندگيءَ ۾ خواب ڏٺا هئا. پر
منهنجا سڀئي خواب ڪفن پوش آهن. منهنجي وڻن جا
سڀيئي گل ڇڻي ڪِري پيا آهن. برف جو طوفان آيو آهي
۽ مان ۽ منهنجا خواب ان طوفان ۾ ڦاسي ويا آهيون.“
هن چوڻ چاهيو پر چئي نه سگهيو.
”ڀت جي سهاري تي بيٺي آهيان، پر ائين ٿو لڳيم ته ڀت به سهارو نه
ڏيندي. زندگيءَ جا سڀئي سهارا ڪوڙا آهن. مون کي
سهارو ڏي فلپ، جو مان بي سهارا آهيان.“
فلپ اڳتي وڌي هن کي سهارو ڏنو، ۽ هن فلپ جي سيني تي ڪنڌ رکي
ڇڏيو. فلپ هن جي وارن کان جهلي هن جو منهن مٿي
ڪيو، مارگريٽ جون اکيون لڙڪن ڀنل هيون. فلپ جي دل
چيو ته هو مارگريٽ جا سڀئي لڙڪ پي وڃي. هن جا سڀئي
ڏک سور، زندگي جو سمورو زهر چوسي پي وڃي، آهستي
آهستي هن جو ڪنڌ جهڪڻ لڳو. چپ ڏڪڻ لڳا..... نه نه
..... نه مارگريٽ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳي. پر فلپ جا چپ هن
جي لڙڪ ڀنل اکين تي جهڪندا ويا. اوچتو مارگريٽ سٽ
ڏني ۽ فلپ جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائي ڊوڙندي اندر هلي
وئي ۽ هو اڪيلو رهجي ويو. هر طرف برف ئي برف هئي.
ڪائنات ڪفن پوش هئي. سازن جو آواز، ڄڻ ڪو موت جي
بستري تي چنگهي رهيو هو. ٽهڪڙا. ڄڻ زخمي پکي پَر
ڦڙڪائي رهيا هئا.
ٻئي ڏينهن هو سنڌ روانو ٿي ويو. هينئر هو ڊيڪ تي بيٺو هو.
چؤڌاري سمنڊ ٿي ڇليو ۽ جهاز سمنڊ جو سينو چيريندو،
ويري ويرن جي لپاٽن سان لڏندو لمندو، ڪناري ڏانهن
وڌندو ٿي ويو.
جهاز ڪناري کان گهڻو پري لنگر هنيون. ٻه ٻيڙيون جهاز سان اچي
لڳيون ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي فوجي سلام
ڪري هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هو ٻيڙيءَ ۾ اچي ويٺو ۽
ٻيڙي ڪناري ڏانهن هلڻ لڳي. ٻيڙي هلائڻ وارو سنڌي
هو. ڪارو رنگ. محنت ۾ ڪٻاٽيل بت. اونداهين ۾
ٽمڪندڙ فانوسن جيان ٽمڪندڙ اکيون. چهري مان
مظلوميت ۽ مفلسي ٿي جهلڪا ڏنا. ڄڻ وقت هن تي وڏا
وار ڪيا هئا ۽ هن وقت جا سڀئي وار سيني تي جهليا
هئا ۽ هار نه مڃي هئائين. اجنبي ديس جي ڌرتيءَ جو
اهو پهريون ماڻهو هو جيڪو هن ڏٺو ۽ هن کي ڏسڻ سان
هن اندازو لڳايو ته ان ديس جي ڌرتي ڏاڍي ڏکويل
آهي. سامهون منهوڙي وٽ ميرن جو قلعو هو جنهن مان
ميرن جي فوجي دستي سرجان ڪين جي آرماڙ تي گوليبازي
ڪئي هئي ۽ جواب ۾ سرجان ڪين جي آرماڙ ايتري ته
گوليبازي ڪئي هئي جو ڪراچيءَ جو سارو شهر
دونهانٽجي ويو هو. پر هينئر آسمان صاف هو. آسمان ۾
جهڙ جا اڇا ٽڪرا ٻيڙن جي سڙهن وانگر تري رهيا هئا،
سامونڊي پکي اُڏامي رهيا هئا. هوائن ۽ تازگيءَ ۾
گهم رچيل هئي.
ٻيڙي ڪناري سان لڳي. هو ٻيڙيءَ تان لٿو ته کيس توبن جي سلامي
ڏني وئي. پوءِ هو آڌر ڀاءُ لاءِ آيل فوجي ۽ سول
انگريز آفيسرن سان مليو ۽ بگيءَ تي چڙهي گورنر
هائوس روانو ٿيو. رستن تي سڃ لڳي پيئي هئي. نيپئر
بئرڪس، جيڪب لائينز، رتن تلاءُ، رام باغ، گرجائون،
بئڪريون ۽ انگريزي شراب خانا. بگي گورنر هائوس ۾
گهڙي. دروازي تي بنگالي ۽ مدراسي سپاهين پهرو ٿي
ڏنو. گورنر هائوس جي عمارت ڊگهي هئي جنهن کي ڪشادو
ورانڊو هو. عمارت جي سامهون وڏو گول ميدان هو جنهن
۾ ديوي ۽ ٿوهر کان سواءِ ڪو وڻ ٽڻ نه هو. هو وهنجي
سهنجي آرام ڪرسيءَ تي آهليو ۽ سگار جا سوٽا هڻڻ
لڳو.
شام جو هو نائونمل ۽ ديسي عملدارن سان مليو. نيپئر جي ايام ڪاري
۾ نائونمل ۽ نيپئر ۾ اختلاف ٿي پيا هئا. پوءِ
نيپئر جي بدلي ٿي ته نائونمل کي نجات ملي. هينئر
هن کي بمبئي سرڪار وٽان هدايتون مليون هيون ته
نائونمل سان عزت وارو ورتاءَ ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي
معاملن ۾ هن سان صلاح مشورو ورتو وڃي. نائونمل جي
صلاح سان نيپئر جيڪي به ديسي عملدار مقرر ڪيا هئا
سي سڀ هندو هئا. هن کي به اها ئي سکيا ڏني وئي هئي
ته هندستان ۾ جتي مسلمانن کان حڪومت کسي وڃي اُتي
هندن کي اُڀاريو وڃي ۽ جتي هندن يا سکن کان حڪومت
کسي وڃي اُتي مسلمانن کي اڀاريو وڃي. پنجاب ۾
مسلمان اڀري رهيا هئا ۽ سنڌ ۾ هندو اقتدار ۾ اچي
رهيا هئا.
ٻئي ڏينهن هو نائونمل سان ڪراچيءَ جو شهر گهمڻ لاءِ ويو. شهر
۾ ڏاڍي گندگي هئي. ڪچا ۽ ڳُتيل گهر، ڀتين تي ٿڦيل
ڇيڻا، مٽي ۽ گند جا ڍير. ڪني پاڻي جا دٻا. ڪنيون
ڪسيون، رول ڪتا، گدلا ۽ اگهاڙا ٻار، مکيون، مٽي،
مڇيءَ جي ڌپ. فلپ جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو حيدرآباد جي دوري تي روانو ٿيو.
حيدرآباد جو شهر ڪراچيءَ کان گهڻو وڏو ۽ سهڻو هو.
لاهيون ۽ چاڙهيون، منگهه، سنڌو درياه، ڦليلي جي
ڪناري تي باغ. ڪلهوڙن ۽ ميرن جا مقبرا. ٽڪريءَ تي
ميرن جو قلعو هو جنهن ۾ هينئر انگريزن جي فوجي
ڇانوڻي هئي. ان قلعي ۾ ئي هن هوشو شيديءَ جي قبر
ڏٺي جنهن سنڌ لاءِ ساه ڏنو هو جنهن جي بهادري ۽
دليريءَ جو نيپئر به اعتراف ڪيو هو ۽ هن جي لاش کي
توپن جي سلامي ڏيئي فوجي اعزاز سان قلعي ۾ دفن ڪيو
هو، پر هن کي پنهنجا ديس واسي وساري چڪا هئا ۽
سندس قبر تي ڪو گل چاڙهڻ وارو به نه هو. ان قلعي ۾
ئي نيپئر ٽالپر شهزادين ۽ راڻين جا ڳهه لاٿا هئا ۽
ميرن جي دانشور ميرزا خسرو بيگ کي چوکنڀو ڪري ٻڌو
هو.
شام جو هو مياڻي گهمڻ ويو. مياڻيءَ ۾ هو ان ڏيوريءَ جي سامهون
اچي بيٺو جيڪا فلپ جي هم وطنن جي لاشن تي تعمير ٿي
هئي. فلپ شهيدن جا نانءَ پڙهڻ لڳو. ميجر ٽيرڊل،
ميجر جئيڪسن، ڪئپٽن ميڊي، ڪئپٽن ٿيو، ڪئپٽن ڪوڪسن،
ليفٽيننٽ ورڊ، ليفٽيننٽ فلپ..... فلپ! اهو فلپ ڪير
هو. هن مياڻيءَ جي جنگ جي رپورٽن ۾ هڪڙي فلپ جو
نالو پڙهيو هو جيڪو شاعر هو. جنهن گيت لکيا هئا ۽
شاه لطيف جا بيت انگريزي ۾ ترجمو ڪيا هئا. هن جا
اهي گيت ۽ بيت ڪيڏانهن ويا. ڪنهن هن جي گيت لکندر
هٿن مان قلم ڦري تلوار ڏني ۽ هن کي لئبريري مان
اٿاري مياڻيءَ جي ميدان ۾ وٺي آيو. آسمان ۾ شفق
ٽڙي هئي ۽ شفق جو ڳاڙهو ڳاڙهو رنگ ڏيوريءَ تي پئجي
رهيو هو. فلپ کي ائين لڳو ڄڻ ڏيوريءَ جي پٿرن مان
فلپ ۽ سندس گيتن ۽ بيتن جو رت ٽمي رهيو هو. شايد
هن به محبت ڪئي هوندي. هن به محبت ۾ مات کاڌي
هوندي. هن جي وڻن جا به گل ڇڻيان هوندا ۽ هن جي
ڪائنات به ڪفن پوش ٿي هوندي. ڇا فلپ ائين ئي مرندا
رهندا ۽ هن جي گيتن ۽ بيتن مان رت ٽمندو رهندو؟ هن
ڪنڌ جهڪائي هيٺ نهاريو ۽ هن کي محسوس ٿيو ته
ڌرتيءَ تي رت جا داغ لڳل هئا. بي گناه ۽ بي هٿيار
سنڌين جي رت جا داغ، هن جي هم وطنن جي رت جا داغ!
فلپ جي گيتن ۽ بيتن جي رت جا داغ! انهن داغن ۾ ڪا
لولي ٿي لڇي ۽ ڪو سهاڳ ٿي سُڏڪيو. ڇا رت جا اهي
داغ ڌوئي نٿا سگهجن. شيڪسپيئر چيو هو ته زندگي بي
معنيٰ آهي. پر ڇا ان بي معنيٰ زندگيءَ کي معنيٰ
ڏيئي نٿي سگهجي. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته زندگيءَ
جو اهو مقصد نه آهي ته ايڪٽر وانگر هن دنيا جي
اسٽيج تي اچي، آڪڙ ۽ ٽانءِ ڏيکاري، پڙدي جي پٺيان
هليو وڃجي. پر اسٽيج تي اچي ڪو اهڙو نغمو، اهڙو
گيت ڳائجي جنهن جا سر سک ڏيئي سگهن. زندگيءَ جو
مقصد اهونه آهي ته مارگريٽ جي محبت ۾ هار کائي
هميشہ لاءِ ان محبت جو ماتم ڪندو رهجي. پر زندگيءَ
جو مقصد اهو آهي ته مارگريٽ جهڙي حسين ۽ ڏکويل
زندگيءَ جا ڏک ڏور ڪجن. انساني لاشن تي ڏيوريون
ٺاهڻ جي بدران، اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهجن، لئبريريون
۽ ليباريٽريون ٺاهجن....
فلپ جڏهن مياڻيءَ مان موٽيو ته هن کي ائين لڳو ڄڻ هو ٻيو جنم
وٺي موٽي رهيو هو. |