سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :20

 

هن سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ چيائين:

’زيبي، هينئر ساهرين گهر (جيل کي هو هميشہ ساهرو گهر سڏيندو هو) مان ٿي اچان ته پوءِ تو کي ۽ اميءَ کي شڪارپور وٺي هلندس ۽ سڪينه سان شادي ڪري، سڪينه کي هتي وٺي ايندس ۽ پنهنجو ننڍڙو گهر ٺاهيندس. آخر ڪا ته جاءِ هجي، جتي جهٽ پلڪ لاءِ پناه وٺي سگهان، ڪو ته هجي، جنهن جي پيار جي ڇانوَ ۾ آرام ڪري، تازه دم ٿي وري پنهنجي سفر جو آغاز ڪري سگهان. مون سڪينه سان ڏاڍي زيادتي ڪئي آهي. مان سڪينه جو ڏوهاري آهيان. جيڪو انسان ڪنهن هڪڙي انسان سان چڱائي ڪري نٿو سگهي، تنهن  مان سڀني انسانن سان چڱائي ڪرڻ جي اميد ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.“

هن سگريٽ جو ڪش ورتو ۽ سگريٽ جي دونهين ۾ هو مون کي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڌنڌلو، مبهم ۽ غير واضح خواب لڳو، اهڙو خواب جنهن جي ڪا تعبير نه هئي، اهڙو گيت، جيڪو سُرن ۾ سمائجي نٿي سگهيو. منهنجي ويجهو هوندي به هو مون کان ڪيترو نه دور هو. آخر اسان ٻنهي ۾ ڪهڙو رشتو ۽ ڪهڙو ناتو هو، جنهن ان دوريءَ جي باوجود اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو.  شايد زندگيءَ جا اهڙا رشتا ۽ ناتا به ٿيندا آهن، جن جو ڪو نانءُ نه هوندو آهي. اسين هميشہ ان بي نانءُ ناتي ۾ ڳنڍيل هونداسين.

مان يڪدم اٿيس ۽ هن لاءِ چانهن ٺاهي آيس. گرم گرم چانهن جا ڍڪ پي هن سگريٽ دکايو ۽ سندس چهري تي تازگي موٽي آئي. پوءِ ڏاڙهي ڪوڙي، وهنجي سهنجي عليءَ جا ڪپڙا پائي ماني کائڻ ويٺو ته ڪهڙو ته وڻندڙ ٿي لڳو. ماني کائي اڃا سگريٽ ٿي پيتائين ته ٻاهران سڏ ٿيس. هو اٿي ٻاهر ويو. چڱيءَ دير کان پوءِ موٽي آيو. اچڻ سان چيائين: ’زيبي، مون کي سنڌ جي هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃڻو آهي. هيڻن هارين صدين جي ڏاڍ خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ مون کي انهن سان شريڪ ٿيڻو آهي. اتان شايد سڌو جيل وڃان.‘ عليءَ کي چئجانءِ ته سڀاڻي هارين جي حق ۾ اخبار جو خاص نمبر ڪڍي ۽ سڀني ساٿين ۾ ورهائي. اڄ سڀني ساٿين سان ملي ۽ سڀاڻي سڀئي ساٿي هارين جي حمايت ۾ جلوس ڪڍن.‘ ۽ پوءِ هو موڪلائي هليو ويو ۽ وري نه موٽيو. پوليس جي لاٺي چارج سان سندس ساڄي هٿ جو مرو نڪري ويو. مغز ۾ ڪنداڪ لڳس ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيائون. هتي مزورن جي جلوس تي به لاٺي چارج ٿي. علي ڦٽجي پيو ۽ کيس جيل ۾ وڌائون. اخبار ضبط ٿي. پريس به سيل ٿي.

 

مان سارنگ سان ملڻ لاءِ گهڻو ئي ڦٿڪيس، پر ملي نه سگهيس. کيس سکر جيل ۾ رکيو هئائون ۽ ملاقات تي پابندي ئي. انهن ئي ڏينهن ۾ امان کي دل جو دورو پيو ۽ امان مون کي اڪيلو ڇڏي وئي. منهنجا هوش ئي خطا ٿي ويا. هن ڀريل تريل دنيا ۾ مان صفا اڪيلي هيس. ان اڪيلائيءَ ۾ جميل مون کي سهارو ڏنو. هن امان جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ کي وٺي اسان جي گهر ۾ اچي رهيو. مان احساساتي طرح وکريل هيس. مون کي خبر ئي ڪا نه پئي ته الائجي ڪيئن جميل منهنجو هٿَ هٿَ ۾ وٺي مون کي شاديءَ لاءِ چيو ۽ الائجي ڪيئن مون هاڪار ڪئي.

 

مون جڏهين پنهنجو پاڻ سنڀاليو ته مان جميل جعفري سي. ايس. پي جي زال هيس. علي جعفري معافي وٺي جيل مان ڇٽي آيو هو. هن اسان جو گهر پڳڙن تي ڏنو. پريس وڪيائين ۽ جميل جي مدد سان امپورٽ ايڪسپورٽ جي فرم کوليائين. سارنگ کي پنج سال ٽيپ آئي ۽ هن کي مچ جيل ۾ رکيائون. اُتي هن کي ڊبل نمونيا ٿي پئي. نمونيا مان ڇٽو ته سلهه ٿي پيس. هينئر ٻڌو آهي ته سلهه جي آخري اسٽيج ۾ آهي. موت جي ڪنڌيءَ تي آهي. موت!  ڪيڏو نه ڀوائتو لفظ! پر سارنگ ڪڏهين نه مرندو. چوندو هو: ’ٻج به ڪڏهين مرندو آهي؟ ٻج ته ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي، ڌرتي مان ڦٽي سلن جي صورت ۾ اُسرندو آهي. اسان به ٻج آهيون. اسان ڪڏهين به فنا نه ٿينداسين. اسان پنهنجي ساٿين جي جدوجهد ۾ سدائين زنده رهنداسين.‘

 

”هيلو زيبي،“ ڪنهن هن کي سڏ ڪيو. هوءَ ڀرڪ ڀري خيالن مان جاڳي پئي، اکيون کڻي نهاريائين سامهون عابده بيٺي هئي.

”هيلو عابده ڪهڙا حال آهن.“

”ڪهڙا ٿي حال پڇين. مڙسهين اندر نشيءَ سان فلرٽ پيو ڪري ۽ تون هتي ويٺي آهين. منهنجي صلاح مڃ. مڙس کي هٿ ڪر. نه ته پوءِ پڇتائيندينءَ“

عابده جي ڳالهه ٻڌي هن جي چپن تي تلخ مرڪ مڙي آئي. انسان ڪيترو نه اذيت پرست آهي. ڪيئن نه اذيت ڏي ٿو ۽ وٺي ٿو. عابده جي همدردي مان سندس خوشيءَ ليئا ٿي پاتا. هن جي همدرديءَ ۾ ڪيڏي نه اذيت لڪل هئي. ايتري ۾ عابده کي ڪنهن سڏ ڪيو ۽ هوءَ زيبيءَ کان معافي وٺي تکيون تکيون وکون کڻندي هلي وئي. مڙس جي فلرٽيشن جو ٻڌي هن کي صفا ڏک نه ٿيو. ائين ئي ٿيندو آهي، اها ئي انساني ناتن جي سچائي آهي.شاديءَ جي سمورين رنگينين ۽دلفريبين جي حياتي ڏاڍي ننڍڙي ٿيندي آهي. پيار پرڙا ڦڙڪائي اڏامي ويندو آهي ۽ ڌرين جي دل ۾ رڳو احساس ملڪيت وڃي بچندو آهي ۽ ڪنهن به ڌرتي جي بي وفائيءَ جو ٻُڌي ٻي ڌر جو پيار نه، پر احساس ملڪيت مجروح ٿيندو آهي. پر هن جو احساس ملڪيت مجروح نه ٿيو. رڳو سندس چپن تي مرڪ مڙي آئي، اهڙي مرڪ، جيڪا زندگيءَ جي ڪنهن سچائيءَ کي ڳولهي لهڻ سان چپن تي ايندي آهي ۽ جنهن مرڪ ۾ تجربي جي تلخي به شامل هوندي آهي.

هن ڳيت ڏيئي گلاس خالي ڪيو. جن ڪاتيءَ وانگر سندس اندر ڪپيندو ويو ۽ سندس اکيون ٻوٽجي ويون. هينئر ميري ميڪرز نئين سنڌي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي هئي. هن اکيون کوليون ته هر هڪ شيءَ شراب جي نشي ۾ چُور ٿي ٿيڙ کائڻ لڳي. ميري ميڪرز جي موسيقي، گل ٻوٽا، خوشيون، رنگينيون، روشنيون هر هڪ شيءَ ٿي ٿڙي ۽ ٿاٻڙي. اچو، نچو، پيئو ۽ جيئو. اهو به ته زندگي گذارڻ جو ڍنگ آهي. پوءِ هوءَ ڇو ٿي اڻ پورن خوابن ۽ هٿ نه آيل آدرشن جو ماتم ڪري. ڊيم اٽ! هوءَ ڪرسيءَ تان اُٿي ۽ جهوليندي، جهومندي، ٽهڪڙن ۽ سازن جي آواز ۾ گم ٿي ويئي.

 

 

 

چوڏهين آگسٽ تي سارنگ جيل مان ڇُٽو. ڄڻ مڙدو قبر مان نڪتو.

ساري بت تي هيڊ هاريل، اکيون اجهاميل، هڏا نڪتل. ڄڻ سندس جسم تان ڪنهن ماسُ ڪوري ڇڏيو هو. ڄڻ سندس رڳن مان ڪنهن سارو رت ۽ ست چوسي ڇڏيو هو ۽ رڳو هڏاؤن پڃرو بچيو هو. سارنگ پنهنجي ڳنڍڙي سنڀالي جيل مان نڪتو. جيل کان ٻاهر زندگي اڳ جيان روان دوان هئي. اُس ۾ ساڳي گرمي ۽ روشني هئي ۽ آسمان ۾ پکي ٿي اُڏاڻا. هن اکيون کڻي ڪنهن ڄاتل سڃاتل چهري کي ڳولهيو، پر هر طرف اجنبي ۽ اوپرا چهرا هئا. هن کي ڪو به وٺڻ نه آيو هو. مَچ مان هن کي ڪراچي جيل ۾ بدلي ڪري رکيو ويو هو ۽ ڪراچيءَ جي جيل مان هن ٻن چئن ساٿين کي خط لکيا هئا، پر ڪو به ساڻس ملڻ لاءِ نه آيو هو. رڳو هڪڙو ٻيڙيون ٻڌڻ وارو ساٿي ساڻس ملڻ لاءِ آيو هو. هن جي حالت کي ڏسي ڊڄي ويو هو ۽ هن پنهنجي ساٿيءَ جي ڊنل اکين ۾ پنهنجي موت جو منهن ڏٺو هو. ساٿيءَ هن کي سڀني ساٿين جو احوال ٻڌايو. علي ۽ زينب جي هن کي پهرين ئي خبر هئي. ساٿي ڏاڍو مايوس هو، پر هن جي دل ۾ اڃا اميد جو ڏيئو روشن هو. مان بيماريءَ مان ٺيڪ ٿيندس. وري وسايل شمعون ٻارينداسين. مايوسين جون اونداهيون راتيون اينديون آهن ۽ وهامي وينديون آهن، وري اميد جي باک ڦٽندي آهي. نوان ساٿي ساماڻا هئا، جن منزل ڏانهن وک وڌائي هئي. سارنگ ان ساٿيءَ کان عليءَ جي ائڊريس ورتي ۽ پوءِ موڪلائڻ مهل ساٿيءَ سان ڀاڪر پائي مليو ته ساٿي روئي ويٺو. ڪيترو نه پيار، ڪيترو نه خلوص ۽ ڪيتري نه سڪ هئي هن جي لڙڪن ۾.

سارنگ ڳنڍ ڪلهي تي رکي، کيسي مان عليءَ جي ائڊريس ڪڍيائين ۽ رڪشا تي چڙهي عليءَ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. رڪشا ۾ سندس هڏ هڏ ٿي ڏکيو. ڏس پتا پڇائيندو، هو عليءَ جي بنگلي جي سامهون لٿو. بنگلي جي ٻاهران ٽرڪ بيٺي هئي ۽مزورن قناتون ۽ ڪرسيون ٿي ڍويون، شايد رات ڪا فنڪشن ٿي هئي. هن رڪشا تان لهي ڪال بيل تي هٿ رکيو. پر الائجي ڇو سندس هٿ روڪجي ويو. هو ٿوري دير اتيئي ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ موٽي اچي رڪشا تي ويٺو ۽ اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو. اسٽيشن تي ٽڪيٽ وٺي هو ريل تي چڙهيو ته اچي بخار نڪتس ۽ کنگهه جو دورو پيس. سڀئي مسافر بيزار ٿيڻ لڳا، ساري واٽ بخار ۾ سڙڪندو، کنگهندو، رت اوڳاڇيندو هو شام جو شڪارپور پهتو. اسٽيشن کان ٻاهر ٽانگي وارن جون دانهون ٿي پيون، ’ڀوتار هيڏي، ڀوتار هيڏي.‘ ’هل لکي در، هل هاٿي در.‘ پريان ڪاڪو لڌو ٽانگو جهلي بيٺو هو. ڀڳل ٽانگو، ڇنل سَنج، ڏٻرو گهوڙو، ڪاڪو لڌو پاڻ به ڏٻرو ٿي ويو هو. اڇا وار، منهن ۾ گهنجَ، ميرا ڪپڙا، پيرين اگهاڙو. هو سڀني ٽانگي وارن کان پاڻ بچائيندو ڪاڪي لڌي جي سامهون اچي بيٺو. ڪاڪي لڌي صفا نه سڃاتس.

’ڀوتار انڌو ٿي. کامي ۾ هڻندءِ.‘

پٺيان هڪڙي ٽانگي واري رڙ ڪئي.

’هل ماءُ جا..... ڀوتار ڇا ڪندين هنن ماءُ.... هل ته وٺي هلانءِ، ڪاڏي هلندي.‘

ڪاڪو لڌو واقعي اکين کان ويهي ويو هو ۽ سارنگ کي صفا سڃاڻي نه سگهيو، سارنگ به الائي ڇو ساڻس سڃاڻپ نه ڪرائي ۽ ٽانگي تي چڙهي ويٺو. ٽانگو هليو. ڪاڪي لڌي رڳو ڌَپي تي ٽانگو ٿي هلايو، هينئر ٽانگو شڪارپور کان خانپور ويندڙ روڊ تي چڙهيو. پريان سائن سائن ٻنين جي وچ ۾ سارنگ جو ڳوٺ هو. سارنگ اکيون کڻي ڳوٺ ڏانهن نهاريو ۽ هن کي اهي گيت ياد پيا، جيڪي اڻ ڳاتا رهجي ويا، اهي ڪهاڻيون، جيڪي اڌوريون رهيون، اهي محبتون جن کي منزل نه ملي. اڄ اهي سڀئي اڻ ڳاتل گيت، اڌوريون ڪهاڻيون، بي منزل محبتون، پل، پهر، ڏينهن ۽ سال جلوس جي صورت ۾ پريان ڳوٺ کان ٿي آيا، سڀني جي ڪلهن تي يادن جا تعزيا هئا، هٿن ۾درد جا عَلم، سڀئي ماتم ڪندا ٿي آيا. اڳيان اڳيان ڏاند گاڏي هئي. ڏاند جُهلون جهلائيندا، ٽليون وڄائيندا ٿي آيا. سانوڻ اکين ۾ خواب سجائي، ڏاندن جون واڳون جهلي ويٺو هو. هن جي ڀرسان ننڍڙو ٻار ويٺو هو، جنهن جي مٿي تي ٽڪن جي ٽوپي پئي هئي. بوسڪيءَ جي قميص، راڻي ڇاپ ڪمرڪِ جي سٿڻ ۽ چيچاٽن وارو انگريزي بوٽ هو. ڏاند گاڏي ڦاٽڪ وٽ بيٺي، ريل زوزاٽ ڪندي لنگهي وئي، اها ريل ان ٻارڙي کي ڪهڙي منزل تي ڇڏي وئي هئي.

 

ٽانگو ڦاٽڪ ٽپي اڳتي وڌيو. ساڳيو قافلو قلعو. عمر واه، انبن ۽ ليمن جا واڻڪا باغ. انڌي کوهي.  سينواريل تلاءُ، پٺاڻن جو ڳوٺ، سُڪ پل. هاٿي در وٽ مامي جي گهر جي اڳيان ٽانگو بيٺو. ڪاڪي لڌي هينئر به سارنگ کي نه سڃاتو. سارنگ ڪاڪي لڌي کي ڀاڙو ڏيئي مامي جي گهر جي چانئٺ ٽپيو. ساري گهر ۾ ويراني ڇانيل هئي. مامي ڪڏهن جو مري وئي هئي، مامون ٻاهر ويل هو ۽ سڪينه اڪيلي بورچي خاني ۾ ويٺي هئي. سڪينه سارنگ کي ڏٺو ته ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي. سارنگ ٻئي ٻانهون ڊگهيري سڏ ڪيس، ’سڪينه!‘ هوءَ هٽڪي، هٻڪي ۽ پوءِ ڊوڙي اچي سارنگ کي سهارو ڏنائين. ان سهاري لاءِ ته هو ساري حياتي سڪندو رهيو هو. زندگيءَ کيس ان سهاري ماڻڻ جي فرصت ئي ڪانه ڏني هئي ۽ اڄ جڏهن هن کي فرصت ملي هئي ته زندگي پاڻ سڀ سهارا ٽوڙي، سڀ ناتا نهوڙي هن کان موڪلائڻ واري هئي.

سڪينه هن کي کٽ تي آڻي ليٽايو ته هن کي کنگهه جو دورو پيو. کنگهي کنگهي ساڻو ٿي پيو. رت اوڳاڇيائين ته ساه ۾ ساه پيس. هن هٿ وڌائي سڪينه جو هٿ هٿ ۾ جهليو ۽ سڪينه جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. هن کي اها چيڙاڪ ۽ چلولي ڳاڙهي ڳاڙهي ڳٽولي ۽ جهنڊولي سڪينه ياد پئي، جنهن سان هو سامهون نم جي وڻ هيٺان رانديون ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن هن اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريو ۽ سڪينه جو رنگ پگهريل سون جهڙو ٿي ويو ۽ سندس جهنڊولا وار چيلهه جيڏا چوٽا ٿي ويا هئا. سندس جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ ڦٽي آيا هئا. اڄ اهي گل گؤنچ ڪوماڻيل ٿي لڳا. سندس رنگ ڪاراٽجي ويو هو. چيلهه جيڏن چوٽن ۾ اڇا وار چانديءَ وانگر ٿي چمڪيا  ۽ سندس ٽڙيل گلاب جهڙي چهري تي هلڪا گهنج پئجي ويا هئا. وقت چوي مان بادشاه. پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن. سڪينه سارنگ جي حالت تي گونگا ڳوڙها ٿي ڳاڙيا. سارنگ هٿ وڌائي رئي جي پلاند سان سندس لڙڪ اگهيا ته سڪينه سڪ جي ڇهاءَ سان ڦسي پئي، اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.

”سڪينه  مون کي معاف ڪر. مون تو کي ڏاڍو انتظار ڪرايو. هاڻي مان موٽي آيو آهيان. هاڻي اسان شادي ڪنداسين. تون امان وارو کهنبو وڳو ۽ ڳهه پائي ڪنوار ٿيندين ۽ مان گهوٽ ٿي گهوڙي چڙهندس... هو ٻُڌ. شهنايون ۽ دهل پيا وڄن. سڪينه ڪنوار ٿي آهي. سارنگ گهوٽ ٿي گهوڙي چڙهيو آهي. بابا اڳيان اڳيان جهمريون وجهندو، نچندو ڳائيندو ٿو هلي. سڀئي بکيا ڏکيا، انگ اگهاڙا انسان ابا سان گڏ نچندا پيا هلن.  هنن جي ناچ ۾ شفق جون لامون ٿيون لڏن، ڪنواريون  ڪرَ ٿيون موڙين، سهاڳڻين جو سهاڳ ٿو ڦٽي. سڀني جي چپ تي مرڪ آهي، سڀني جي مٿن تي تاج آهن، سڀني کي زربفت جون قبائون پهريل آهن..... مان.... مان ڪڏهين نه مرندس، مان انهن بکين ڏکين ۽ انگ اگهاڙن جي ان ناچ ۾ سدا جيئرو رهندس. ها. سڪينه.... مان ڪڏهين نه....“ رت جي گرڙي هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي ۽ هن جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. تارا ڦوٽارجي ويس، سارو بت تنبوري جي تارن وانگر تاڻجي ويس. هن زور سان سڪينه جي هٿ کي جهليو. سندس نڙيءَ مان عجيب آواز ٿي نڪتا. ڄڻ سندس ساه بت مان ڇڏائجي لُڪيءَ ۾ اچي اٽڪيو هو. موت ۽ حياتيءَ جي جنگ جوٽيل هئي. موت حياتيءَ کي نڙگهٽ کان جهليو هو ۽ حياتيءَ ڦٿڪا ٿي ڏنا. آخر حياتيءَ هارايو. نڙيءَ مان رت جو گرڙو نڪتو ۽ سندس واڇن مان وهڻ لڳو. سارو بت ڍلو ٿي ويو ۽ ڪنڌ هڪ پاسي لڙڪي پيو. سڪينه دانهن ڪري هن جي لاش مٿان ڪري ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي.

 

ٻاهر چوڏهين آگسٽ جو جشن ملهايو ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org